ستار پيرزادو

ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ مترجم ستار پيزادي جو پورو نالو عبدالستار ولد دوست علي پيرزادو آهي. سندس جنم 29 جنوري 1950ع تي ٻلھڙيجيءَ ڀرسان ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم 1962ع ۾ ڳوٺ اجي سڪول مان ورتي، مئٽرڪ 1968ع ۾ گورنمنٽ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ مان ڪيائين ۽ بي. اي 1978ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان ڪيائين.
ستار پيرزادي، ملازمت جو آغاز 1968ع ۾ لئب اسسٽنٽ طور ڪيو. ستار صحافت جو آغاز روزاني ’عوامي آواز‘ کان ڪيو، ان جي هفتيوار ادبي صفحي ’تخليق‘ جو اڍائي سالن تائين انچارج رهيو.
ستار پيرزادو، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچيءَ جي پليٽفارم تان هن وقت تائين 40 کن ڪتاب ڇپائي چڪو آهي. سندس طبعزاد ڪتابن ۾: (1) ’سيئي جوڀن ڏينھن‘ (ڪھاڻيون: 2008ع)، (2) ’سورن سانباهو‘ (شاعري : 2010ع) شامل آهن، جڏهن تہ ترجمو ٿيل ڪتابن ۾ ’پيغامبر‘ (ترجمو: 1985ع)، ’مون کي محبت آهي‘
(1996ع)، ’تيرهون سج‘ (1999ع)، ’سرمد شھيد‘ (2002ع)، ’آوارہ‘ (شيخ اياز جي ڪھاڻين جو اردو ترجمو: 2009ع)، ’شاهہ جي شرح‘ (يار محمد فقير: 1998ع) شامل آهن.
ستار پيرزادو 21 جنوري 2020ع تي ڪراچيءَ ۾ دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

  • جنم: 1950-01-29
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image
book image
book image
book image
book image
book image