ڊاڪٽر بشير احمد شاد

Author Name

ناميارو شاعر ۽ نثرنگار، ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘، پهرين اپريل 1942ع تي، شڪارپور ۾ ڄائو. شروعاتي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪيائين. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان، سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ، 1970ع ڌاري بي. ايڊ جو امتحان پاس ڪيائين، جڏهن ته پنهنجي علمي لياقت وڌائڻ لاءِ، 1989ع ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. سندس مقالي جو عنوان ”مولانا ثناءُ الله ثنائيءَ جي شاعريءَ جو تنقيدي جائزو“ هو. ڊاڪٽر بشير احمد شاد، پنهنجي ملازمت جي ابتدا، گورنمينٽ ڪاليج سانگهڙ ۾، ليڪچرر جي حيثيت سان ڪئي. بعد ۾ سندس بدلي، ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ٿي، جتي هو ائسوسيئيٽ پروفيسر رهيو ۽ 2002ع ۾ رٽائر ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب لکڻ جي شروعات 1958ع ۾ اسڪول واري زماني کان ڪئي. هن وقت تائين، سندس سوين ادبي مقالا ۽ لاتعداد شعر مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چُڪا آهن، جڏهن ته سندس 13 ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن، جن مان هيٺيان قابل ذڪر آهن: ’امام شامل‘ (تاريخ) 1976ع، ’اوجاڳو اکڙين‘ (شاعري) 1986ع، ’پيهي منجهه پاتال‘ (لطيفيات) 1992ع، ’لاڙڪاڻو صدين کان‘ (ترتيب) 1995ع، ’ڀلارو ڀٽ ڌڻي‘ (1999ع)، ’اسلامي تاريخ جون نامور عورتون‘ (ترجمو) 1995ع، ’ڀٽ جو گهوٽ‘ (ترتيب) 1997ع، ’شاهه لطيف هر دور جو شاعر‘ (2008). سندس ادبي ۽ علمي خدمتن جي مڃتا طور کيس 1980ع ۾ شاهه لطيف اوارڊ، 1986ع ۾ شاهه لطيف اوارڊ (پبلڪ اسڪول سکر)، 1989ع ۾ شاهه لطيف اوارڊ (ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو)، 1997ع ۾ بيسٽ اسپيڪر اوارڊ (ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو)، 1999ع ۾ مولانا عبدالواحد سنڌي اوارڊ (نئين زندگي پبليڪيشن)، فيض بخشاپوري اوارڊ (فيض اڪيڊمي جيڪب آباد) ۽ 2000- 1999ع ۾ ميان شاهل محمد ڪلهوڙو اوارڊ (عباسي ڪلهوڙا تنظيم) ملي چُڪا آهن. ڪجهه وقت پاڻ سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي جو صدر ۽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي لاڙڪاڻي جو نائب صدر ۽ فنانس سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڊاڪٽر بشير احمد شاد جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


ڊاڪٽر بشير احمد شاد جا ڪتاب

سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون، ليکڪ : ڊاڪٽر بشير احمد شاد

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون
ليکڪ : ڊاڪٽر بشير احمد شاد
شاھ لطيف هر دور جو شاعر، ليکڪ : ڊاڪٽر بشير احمد شاد

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
شاھ لطيف هر دور جو شاعر
ليکڪ : ڊاڪٽر بشير احمد شاد
شاھہ عبداللطيف (تحقيقي مضمون)، سھيڙيندڙ : ڊاڪٽر بشير احمد شاد

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
شاھہ عبداللطيف (تحقيقي مضمون)
سھيڙيندڙ : ڊاڪٽر بشير احمد شاد
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ