سيد غلام مصطفيٰ شاهه

Author Name
سيد غلام مصطفيٰ شاھ پھرين اپريل 1918ع تي ڳوٺ قادر ڏنو، تعلقي ميرپور بٺورو، ضلعي ٺٽي ۾ غلام علي شاھ جي گھر ۾ جنم ورتو. هن پنھنجي تعليم سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي، مسلم يونيورسٽي علي ڳڙھ، ڪنگز ڪاليج انگلنڊ ۽ ايسٽر ڪاليج آڪسفورڊ مان حاصل ڪئي. پاڻ پيشي جي لحاظ کان سنڌ مسلم ڪاليج جي عھدي تي 14 سال پرنسپال، سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي عهدي تي 5 سال ڪم ڪيو.
سيد غلام مصطفيٰ شاھ 12 سالن تائين انٽر يونيورسٽي بورڊ پاڪستان جو ميمبر، 1988ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ۾ وفاقي وزير تعليم، شهيد ذوالفقار ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس ائنڊ ٽئڪنالاجي ڪراچيءَ جو وائيس چيئرمئن ۽ سيڪريٽري بورڊ آف گورنرز،سنڌ سرونٽس سوسائٽيءَ جو صدر ۽ شاھ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽيءَ جو چيئرمئن، سنڌ مدرسي بورڊ جو سموري ڄمار ميمبر، 10 سالن تائين بورڊ جو صدر ۽ پاڪستان اسڪائوٽس ائسوسيئيشن جو نئشنل ڪمشنر به رهيو.
سيد غلام مصطفيٰ شاھ 1973ع ۾ ”سنڌ ڪوار ٽرلي“ نالي سان ھڪ انگريزي تحقيقي رسالو پڌرو ڪيو، ان جو ايڊيٽر ۽ پبلشر طور ڪم ڪيائين.
ھن انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا. جن ۾ هڪ ڪتاب ”انڊس فيلڊس ائنڊ ڪرپشنس ان پاڪستان“نالي اڪيڊمي آف ليٽرس يونيورسٽي آف انگلينڊ لاءِ شريڪ ايڊيٽر طور مرتب ڪيائين.
سنڌ جو ھي ناليوارو تعليمدان، اديب 1999ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
سيد غلام مصطفيٰ شاھ جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.

1.انگريز هندستان ۾
2. انگريزن جو ورثو
3.هڪ پرنسپال جون يادون
4.سنڌ جا مسلمان
5.سنڌي سٻاجھڙا (محمد اسماعيل عرساڻي جي ڪتاب جي ترتيب)
6.بدنصيب ٿري (محمد اسماعيل عرساڻي جي ڪتاب جي ترتيب)
7.سير سفر (سفرنامو)
8.جاگرافي ضلعو لاڙڪاڻو
9.جاگرافي ضلعو خيرپور
10.عروج و زوال ۽ اميدن ڀريا بادل (مضمون)
11.استاد (مقالو)
12.شاھ لطيف جي ڪلام ۾ اسلامي قدر (لطيفيات)
13.سنڌي قائدو
14.سنڌ جو مستقبل ۽ سنڌ جا تعليمي مسئلا (مقالا)
15.انگريزي ـ سنڌي ڊڪشنري
16.معاشرو ۽ تعليم (مقالو)
17.تاريخ جا سبق
18.ڪتاب (مضمون)
19.Towards Understanding the Muslims of Sindh
20.Legacy of Britain
21.British in the sub Continent
22.A Principal's papers
23.Water Requirement of Riverian Area of Sindh
24.Indus Basin and kala bag Dam

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي سيد غلام مصطفيٰ شاهه جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


سيد غلام مصطفيٰ شاهه جا ڪتاب

سنڌي معاشرو ۽ سنڌ سڀاڻي، ليکڪ : سيد غلام مصطفيٰ شاهه

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌي معاشرو ۽ سنڌ سڀاڻي
ليکڪ : سيد غلام مصطفيٰ شاهه
امُلَهه اڻ توريا (شاهه جي رسالي جا لڌل بيت)، ليکڪ : سيد غلام مصطفيٰ شاهه

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
امُلَهه اڻ توريا (شاهه جي رسالي جا لڌل بيت)
ليکڪ : سيد غلام مصطفيٰ شاهه
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ