امُلَهه اڻ توريا (شاهه جي رسالي جا لڌل بيت), ليکڪ : سيد غلام مصطفيٰ شاهه

امُلَهه اڻ توريا (شاهه جي رسالي جا لڌل بيت)

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : امُلَهه اڻ توريا (شاهه جي رسالي جا لڌل بيت)
ليکڪ : سيد غلام مصطفيٰ شاهه
ڪيٽيگري : لطيفيات
ڇپيندڙ : شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي، ڪراچي
شايع ٿيڻ جو سال : 1988
شامل ڪيو ويو : 2020-10-01
ڏِٺو ويو : 971 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 769 ڀيرا
ھن ڪتاب ۾ شامل بيت اڳ ڪنھن رسالن ۾ ناھن ڇپيا پر سنڌ ۽ ھند جي ماڻھن وٽ حفظ ٿيل آھن. شاهه عبد اللطيف ڪلچرل سوسائٽي جي صدر سيد غلام مصطفيٰ شاھه ۽ ڪجه ٻين دوستن ڪشالن ۽ مصيبتن سان ھي بيت گڏ ڪيا. شاھ صاحب لکي ٿو:
”ھن ڪم ۾اسان تقريباً ڇھ سال لڳايا، جنھن ۾ اسان جي ڪارڪنن کي ھندوستان ۽ ڪَڇ ۽ ڀِڄ ۽ راجستان ۾ وڃڻو پيو. پاڪستان ۾ ٿر ۽ لاڙ ۾ وڏين ڪوششن سان مواد حاصل ڪيو. جن دوستن اسان جي مدد ڪئي آھي، اُھي آھن فقير امداد علي سرائي، مولوي حاجي خميسو ميرپور بٺوري وارو ۽ فقير رمضان کور واھ وارو. جَت ۽ ناکئا صدين کان شاھ جا مداح ۽ مريد رھيا آھن. شاھ، جو رسالو لاڙي زبان ۾ آھي. جبل، ريگستان، ڪوھستان ۽ سمنڊ سڀ شاھ جي فِڪر جو مرڪز رھيا آھن. اسان ھڪ تمام وڏو مواد ھٿ ڪيو ھو، جنھن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ تصحيح لاءِ اسان محترم محمد ابراھيم جويو ۽ محترم ٻانھي خان کان ڪتاب کي تيار ڪرڻ ۾ مدد ورتي.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري لطيفيات مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ