تاجل بيوس

Author Name

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، اديب، ۽ نقاد، تاجل بيوس جو اصل نالو تاج محمد ولد محمد جعفر سمو هو. هي 22 سيپٽمبر 1938ع تي ڳوٺ درگاهه پير حيات شاهه، تعلقي سوڀي ديري، ضلعي خيرپورميرس ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم نورپور ۽ ڀونڀٽ پور اسڪولن مان حاصل ڪيائين، جڏهن ته ثانوي تعليم گنبٽ هاءِ اسڪول مان ۽ گرئجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين. بعد ۾، ايم. اي (اقتصاديات)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ کان پوءِ جپان، ٿائيلئنڊ ۽ آمريڪا مان مختلف ڪورس ڪري آيو. تاجل بيوس 1960ع ۾ انگريزي استاد طور ملازمت جي شروعات ڪئي، بعد ۾ سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي ادارن/ڪمپنين ۾ انويسٽيگيٽر، ريسرچ آفيسر، اسسٽنٽ چيف، ڊپٽي چيف، چيف ۽ رجسٽرار جي عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنائين. مرڪزي حڪومت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري رهيو. ڪارپوريٽ لا اٿارٽيءَ ۾ رجسٽرار آف ڪمپنيز جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. ان بعد شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڪجهه عرصي لاءِ وائيس چانسلر جو صلاحڪار پڻ رهيو. تاجل بيوس ڪجهه عرصو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر به رهي چڪو آهي. تاجل بيوس شاعريءَ سان گڏوگڏ ڪهاڻيون، ڪالم ۽ مضمون به لکيا. سندس هفتيوار ڪالم ”عوامي آواز“ سميت مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا. شاعري (سنڌي/ اردو)، سفرنامن، آتم ڪٿا ۽ مختلف موضوعن تي سندس 44 ڪتاب لکيل آهن، جن مان ڪجهه اهم ڇپيل ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

(۱) جڏهن ڀونءِ بڻي (شاعري) ۱۹۸۲ع،
(۲) انبن جهليو ٻور (شاعري) ۱۹۸۳ع،
(۳) سرجيندڙ ساڻيهه جا (شاعري) ۱۹۸۵ع،
(۴) سنڌ منهنجي امان (شاعري) ۱۹۸۹ع،
(۵) ڪاڇي مٿان ڪونج (شاعري) ۱۹۹۰ع،
(۶) ڪنڌيءَ ڪونئر ترن (شاعري) ۱۹۹۱ع،
(۷) ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا (شاعري) ۱۹۹۲ع،
(۸) ڏور به اوڏا سپرين (هند جو سفرنامو) ۱۹۹۲ع،
(۹) سرخ گلابون ڪئ موسم مين (اردو شاعري) ۱۹۹۴ع،
(۱۰)صحرا ستر جن (شاعري) ۱۹۹۵ع،
(۱۱) تنهنجا نيڻ غزل (شاعري) ۱۹۹۶ع،
(۱۲) وڏا وڻ وڻڪار جا (شيخ اياز سان گڏ شاعري) ۱۹۹۷ع،
(۱۳) انداز بيان اور (اردو شاعري) ۱۹۹۷ع،
(۱۴) ڏوريان ڏوريان مَ لهان (شاعري: ۹ مجموعا گڏ) ۱۹۹۷ع،
(۱۵) آريجن کان الهاس نگر (هند ۽ سنڌ جي اديبن جا خط) ۱۹۹۷ع،
(۱۶) اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو! (هند جو سفرنامو)۲۰۰۲ع،
(۱۷) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو پهريون) ۲۰۰۳ع،
(۱۸) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو ٻيو) ۲۰۰۳ع،
(۱۹) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو ٽيون) ۲۰۰۳ع،
(۲۰) چپ انجيل جي حاشين جهڙا (شاعري) ۲۰۰۳ع،
(۲۱)جهڄان پسي جهوڪ (ڪهاڻيون) ۲۰۰۷ع،
(۲۲) سج چنڊ تارا ڪتيون (شخصيتن جا خاڪا) ۲۰۰۴ع،
(۲۳) سامي سودو پريم جو (ساميءَ جي بيتن جي واين ۾ تبديلي) ۲۰۰۳ع،
(۲۴) انگريزي شاعريءَ جي مختصر تاريخ ۲۰۰۴ع،
(۲۵) پکي ساڳي پار جا (شاعري) ۲۰۰۴ع،
(۲۶) سون سريکا چار سين (شخصيات) ۲۰۰۴ع،
(۲۷) گل ڇنو گرنار جو (ڪافيون) ۲۰۰۶ع،
(۲۸) تاجل بيوس جو رسالو (شاعري) ۲۰۰۶ع،
(۲۹) ملير جي مارئي (شهيد بينظير ڀٽو کي منظوم خراج) ۲۰۰۸ع

تاجل بيوس جي مشهور ڪلام ”سنڌ منهنجي امان، سُونهن تنهنجي مٿان، ڇا لکِي، ڇا لِکان“ سنڌ توڙي هند ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. هند ۾ ان کي ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي تراني ”آنڌيءَ ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي“ وانگر اهميت حاصل آهي. تاجل بيوس کي هند ۽ سنڌ ۾ ڪيترا مڃتا اوارڊ مليا.
سنڌ جي هن نامياري شاعر، دماغي نس ڦاٽڻ (برين هيمريج) سبب 13 ڊسمبر 2008ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه چوڪنڊي قبرستان، ڪراچيءَ ۾ آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي تاجل بيوس جا ڪُل 11 ڪِتاب موجود آھن


تاجل بيوس جا ڪتاب

انبن جھليو ٻور، ليکڪ : تاجل بيوس

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
انبن جھليو ٻور
ليکڪ : تاجل بيوس
چپ انجيل جي حاشين جهڙا، ليکڪ : تاجل بيوس

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
چپ انجيل جي حاشين جهڙا
ليکڪ : تاجل بيوس
سج چنڊ تارا ڪتيون، مصنف : تاجل بيوس

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سج چنڊ تارا ڪتيون
مصنف : تاجل بيوس
جهڄان پَسي جهوڪ، ليکڪ : تاجل بيوس

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
جهڄان پَسي جهوڪ
ليکڪ : تاجل بيوس
ڏور بہ اوڏا سپرين، مصنف : تاجل بيوس

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڏور بہ اوڏا سپرين
مصنف : تاجل بيوس
سنڌ منهنجي امان، مصنف : تاجل بيوس

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌ منهنجي امان
مصنف : تاجل بيوس
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ