تنھنجا نيڻ غزل
ھن مجموعي ۾ تاجل بيوس جا سئو غزل شامل آھن. تاجل لکي ٿو ”ھن ڪتاب ۾ آيل منھنجا ھڪ سئو غزل ميويدار وڻن جي ڀر ۾ مينديءَ جي ٻوٽن، سنڌوءَ جي لھرن جي مقابلي ۾ مِينھَن ڦڙن ۽ لَڪيءَ جي چشمن اڳيان اڌ ڀريل ڪٽورن جي حيثيت ٿا رکن، پر پوءِ بہ وڻجارو بڻجي، مان پنھنجو ڪچو ڦڪو وکر ۽ ورجيسون پڙھندڙن کي آڇڻ جي آس رکان ٿو.