محمد علي پٺاڻ

ليکڪ ۽ شاعر محمد علي پٺاڻ ولد حبيب ﷲ پٺاڻ، 3 فيبروري 1962ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم غوثپور پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ورتي ۽ ميٽرڪ گورنمينٽ پائيلٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪئي. هن ايم. اي سنڌي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي، پاڻ سنڌيءَ جي ليڪچرر طور مقرر ٿيو ۽ اسسٽنٽ پروفيسر طور رٽائر ٿيو. هن ادبي زندگيءَ جو آغاز 1974ع کان ڪيو، شاعريءَ ۽ ڪھاڻين کان سواءِ ٻہ ناول ”واٽ وڃائي جن“ ۽ ”کاهيءَ جي وچ ۾“ لکيا اٿس.. هن 1990ع ۾ کان روزاني عوامي آواز ۾ ”پسي بازاريون“ عنوان سان ڪالم لکڻ شروع ڪيا ۽ ساڳئي نالي سان هن روزاني هلال پاڪستان ۽ روزاني عبرت ۾ بہ لکيا، جڏهن ته ڪاوش جي قيام کان وٺي وقت بہ وقت ان ۾ ڪالم لکندو رهيو آهي. هن ڪيترا ڊراما لکيا آهن، جن مان: ”اڇي رات ڪارو چنڊ“ ۽ ”انصاف“ ڊراما سيريز کان سواءِ 20 کن سولو پلي مختلف چئنلن تان ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن، جن ۾ هڪ ڊرامو ”وهڪرو“ نالي سان ڊائيلاگن کان سواءِ بہ شامل آهي. محمد علي پٺاڻ جي شـاعريءَ جا هيٺيان ڪتاب ڇپيا آهن: (1)“اکيـون آلا چـنـڊ” (1988ع)، “عاشورا آهن” (1995ع)، (2) “اگهيا اوجاڳا” (2000ع)، (3) “ڀڳو آرس اکين” (2001ع). محمد علي پٺاڻ مختلف رسالن جو ايڊيٽر بہ رهيو آهي، جن ۾ ”ڏات“ پبليڪيشن (1978ع)، ”مرڪ“ پبليڪيشن (1984ع)، ”نئين دنيا“ پبليڪيشن (1979ع) ۽ ماهوار ”ڪونج“ (1995ع) آهن. 

1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image
book image
book image
book image
book image
book image
book image