ڊاڪٽر غلام علي الانا

Author Name

ڊاڪٽر غلام علي الانا، 15 مارچ 1930ع تي، ڳوٺ تڙ خواجا، تعلقي جاتيءَ ۾ هڪ غريب هاريءَ الهڏني جي گهر ۾ ڄائو. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ڊاڪٽر ھو، جنهن ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جي موضوع تي علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهبريءَ ۾، سال 1971ع ۾ پي. يڇ. ڊيءَ لاءِ مقالو مڪمل ڪيو. سندس رهبريءَ ۾ ڪيترن محققن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي آهي. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ’تڙ خواجا‘ ۾ ورتي. ثانوي تعليم ميرپور بٺوري مڊل اسڪول ۾، ۽ پوءِ اي- وي اسڪول ٽنڊومحمد خان ۽ پوءِ اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان مئٽرڪ ڪيائين. بي.ا ي آنرس سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب ۾، 1953ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ايم. اي سنڌي علم و ادب 1955ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ڊاڪٽر الانا پاڪستان ۾ پهريون شخص آهي، جنهن علم لسانيات ۽ علم صوتيات ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ مان 1963ع ۾ ايم. اي ڪئي. ڊاڪٽر الانا پنهنجي سڄي زندگي درس ۽ تدريس لاءِ تعليمي ادارن ۾ گذاري ھئي. تعليمي ميدان ۾ الانا صاحب پنهنجي خدمت جو آغاز ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جو هڪ استاد جي حيثيت سان ڪئي . 1952ع ۾ اُتي استاد مقرر ٿيو، ۽ پوءِ اتان 1954ع ۾ پهرين گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽي ۽ پوءِ سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتي 26 جنوري 1958ع تائين رهيو، تنهن کانپوءِ ڊاڪٽر الانا صاحب کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار طور چونڊيو ويو. جتان ترقي ڪندو، 1976ع ۾ ساڳئي شعبي ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. ڊاڪٽر الانا صاحب جولاءِ 1963ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ پوءِ پروفيسر انچارج ٿي رهيو. 6 جنوري 1981ع کان 9 سيپٽمبر 1981ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فئڪلٽي جو ڊين ٿي رهيو. ڊاڪٽر الانا سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ مان سينئر پروفيسر جي حيثيت ۾ 14 مارچ 1990ع ۾ رٽائر ٿيو. 21 جون 1993ع کان وٺي 28 جولاءِ 1995ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر ٿي رهيو. جتان 25 جولاءِ 1995ع ۾ استعيفا ڏنائين. کيس سال 1996ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو پروفيسر ايمريٽس مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر الانا 9 آگسٽ 1983ع کان وٺي 4 سيپٽمبر 1989ع تائين علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ اسلام آباد جو وائيس چانسلر پڻ رهيو.22 جولاءِ 1998ع کان وٺي آگسٽ 2001ع تائين سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو چيئرمئن رهيو. سندس تصنيفن جو مختصر وچور هن ريت آهن: ”چور“ (1954ع،”لاش“(1954ع)، ”ناصر خسرو، ايراني“ (1961ع)، ”منتخب ديوان فاضل“ (1964ع)، ”سنڌي صورتخطي“ (1964ع)، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ (1966ع)، ”ادبي اوسر“، (1967ع)، ”سنڌي صوتيات“ (1967ع)، ”سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ“ (1971ع)،”علمي آئينو“ (1971ع)، ”سنڌي زبان جي بنيادي لغت“ (1973ع)، ”سنڌي زبان جي وڌايل بنيادي لغت“ (1973ع)، ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بُنياد“ (1974ع)، ”سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري“ (1974ع)، ”سنڌي پهريون ڪتاب“ (1974ع)، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ (1977ع)، ”سنڌ جي لساني جاگرافي“، (1979ع)، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، (1987ع)، ”زبان اور ثقافت“ (1987ع. ”سنڌي معلم“ (1991ع)، Introduction of Sindhi literature (1991), Papers on Sindhi Language & Linguistics (1999)، ”ثقافتي ورثو“ (1999ع)، ”سنڌي لنگئافون پئڪيج“ (2001ع)، ”استادن لاءِ هدايتون-2 جلد“، ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“(2007ع)، ”سنڌي صوتيات“، ”History of Sindhi Language and Literature at a Glance”“ جڏهن ته سندس ڪتاب ”سنڌيءَ جو عملي گرامر “ ڇپائي هيٺ آهي. ڊاڪٽر الانا ڪيترين ئي تنظيمن ۾ ميمبر طور پڻ ڪم ڪيو . هن دنيا جا اڪثر ملڪ گهميا ۽ بين الاقوامي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ مقالا پڙهيا . ڊاڪٽر الانا صاحب ڪيترائي قومي ۽ صوبائي اوارڊ حاصل ڪيا . برک عالم، ماهر لسانيات، ناليواري تعليم دان ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا 28 نومبر 2020ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڊاڪٽر غلام علي الانا جا ڪُل 13 ڪِتاب موجود آھن


ڊاڪٽر غلام علي الانا جا ڪتاب

سنڌي صورتخطي، ليکڪ : ڊاڪٽر غلام علي الانا

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌي صورتخطي
ليکڪ : ڊاڪٽر غلام علي الانا
سنڌي نثر جي تاريخ، ليکڪ : ڊاڪٽر غلام علي الانا

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌي نثر جي تاريخ
ليکڪ : ڊاڪٽر غلام علي الانا
سنڌي درسي ڪتاب (ڀاڱو پھريون)، ليکڪ : ڊاڪٽر غلام علي الانا

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌي درسي ڪتاب (ڀاڱو پھريون)
ليکڪ : ڊاڪٽر غلام علي الانا
سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر، مصنف : ڊاڪٽر غلام علي الانا

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر
مصنف : ڊاڪٽر غلام علي الانا
سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي، مصنف : ڊاڪٽر غلام علي الانا

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي
مصنف : ڊاڪٽر غلام علي الانا
سنڌي درسي ڪتاب (ڀاڱو ٻيو)، مصنف : ڊاڪٽر غلام علي الانا

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌي درسي ڪتاب (ڀاڱو ٻيو)
مصنف : ڊاڪٽر غلام علي الانا
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ