سنڌ جو قومپرست سياستدان، تاريخدان، اديب، عبدالواحد، آريسر 11 آڪٽوبر 1949ع تي، ڳوٺ انڙ آباد لڳ ھاسي سر ريلوي اسٽيشن، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو جادو آريسر ھو، جيڪو ھارپو ڪندو ھو. عبدالواحد آريسر عمرڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ صاڀي جي پرائمري اسڪول مان پنج درجا سنڌي پڙھيا، ان بعد مختلف مدرسن، جن ۾ ڀينڊي شريف جو مدرسو. مدرسہ ھاشميه سجاول، مولوي عبدالحي نوحاڻيءَ ڪنگوري (تعلقي ڊگھڙيءَ) واري جو مدرسو، مدرسه مفتاح العلوم حيدرآباد ۽ شاھ ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد شامل آھن. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي بہ سندس استاد رھيو آھي. آريسر صاحب اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان 1968ع ۾ مولوي عربيءَ جو امتحان پاس ڪيو. ھن کي ابتدا کان وٺي مطالعي ۽ لکڻ پڙھڻ جو شوق ھو. 1966ع ۾ ڪنگوري مدرسي ۾ پڙھڻ دوران ”ربيع الاول جا چار چنڊ“ عنوان سان پھريون مضمون لکيائين، جيڪو ھفتيوار ھمدرد، ميرپورخاص ۾ ڇپيو، سندس ٻيو اوائلي مضمون 1968ع ڌاري ماھوار ”بادل“ حيدرآباد ۾ لسانيات بابت ڇپيو، جيڪو ھن مخدوم غلام حيدر صديقيءَ طرفان ڊاڪٽر الانا جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد“ تي ڪيل تنقيد جي جواب طور لکيو.
آريسر صاحب ادبي، مذھبي ۽ سياسي ميدان ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، جي ايم سيد، مولانا عبيدالله سنڌيءَ ۽ مولانا حسين احمد مدنيءَ کان متاثر رھيو آھي، سندس پھريون ڪتاب، مولانا آزاد جي قولن تي مشتمل ”جواھر آزاد“ 1970ع ۾ اردو ۾ ڇپيو، 1972ع ۾ سنڌيءَ ۾ ماھوار ”پيغام“ جاري ڪيائين، حنفيه مسجد ڊومڻ واھ روڊ حيدرآباد ۾ خطيب رھيو. 1973ع ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ ممتاز علي ڀٽي جي دور ۾ سندس ڇپيل مضمون ”سنڌ جو ڏھيسر دھشتگردن جي حضور ۾ “ تي سرڪار سندس گرفتاريءَ جا وارنٽ ڪڍيا ۽ آريسر مسجد ڇڏي ڪل وقتي سياست ۾ شرڪت ڪئي. 1972ع ۾ جي . ايم. سيد طرفان حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل جيئي سنڌ محاذ جو بنيادي ميمبر ٿيو. 1977ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جي نئين سر جوڙجڪ وقت ان جو مرڪزي آرگنائيزر مقرر ٿيو. 1990ع تائين جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي آرگنائيزر ۽ 1992ع کان 1995ع تائين چيئرمئن رھيو. 1995ع ۾ جي. ايم. سيد جي وفات بعد نئين جڙيل جيئي سنڌ قومي محاذ جو 1995ع کان 1997ع تائين ھڪ سال آرگنائيزر ۽ ٻه سال چيئرمئن رھيو ۽ هن وقت جيئي سنڌ قومي محاذ جي هڪ حصي جو چيئرمئن آهي. سنڌ ۾ جي.ايم. سيد جي فڪر پکيڙڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رھيو آھي. سنڌ جي سياست ۾ عبدالواحد آريسر ۽ حفيظ قريشي مشھور مقرر مڃيا وڃن ٿا. آريسر صاحب جا ھيٺيان ڪتاب اھم آھن: ”پرھ جو پيغام“ (1975ع)، ”صدين جون صدائون“ (1975ع)، ”جي ايم سيد“ (1976ع)، ”سر ۾ سانجھي وير“ (1979ع)، ”ٽھڪي نڪتا ٽوھ“، ”قومي تحريڪ“، ”وريا واھرو“ (1981ع)، ”مٽيءَ ھاڻا ماڻھو“ فرانر فينن جي ڪتاب جو ترجمو (1983ع)، ”ترم ياترا“ (1985ع)، ”ٿي نه محبت مات“ (1986ع)، ”ماڙين ماريس ڪينڪي، ”مجيب ۽ ڀٽو“، ”چانڊوڪيون ۽ چيٽ“ (1987)، ”تقريرون“ (1989ع)، ”قومي تحريڪ“ ”قومي تحريڪ ۾ رڪاوٽون“، (1990ع)، ”اسان جيئن جيئي ڪو“ (1998ع)، ”روح جا ريلا“ (1999ع)، ”سر جي صدا سر ۾“ (2000ع) ۽ ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“: (مخدوم بلاول جي تحريڪ بابت: 2006) وغيره.
عبدالواحد آريسر قومي سياست ۾ وقت بہ وقت جيل ڪاٽيا، ھو پھريون ڀيرو 11 اپريل 1976ع تي جيل ۾ ويو، جتان سيپٽمبر 1977ع ۾ آزاد ٿيو، ٻيو ڀيرو آگسٽ 1979ع ۾ جيل ويو ۽ جولاءِ 1981ع ۾ آزاد ٿيو. ٽيون ڀيرو آڪٽوبر 1992ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ مارچ 1993ع ۾ آزاد ٿيو ۽ چوٿون دفعو 11 آگسٽ 1999ع تي ھڪ ھفتي لاءِ جيل ويو. ٿر جي ھن غريب پورھيت جي پٽ سياستدان، سياست ۾ پنھنجو وقار ۽ عزت بحال رکي . نوٽ : عبدالواحد آريسر 03 مئي 2015ع تي وفات ڪئي.
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي عبدالواحد آريسر جا ڪُل 22 ڪِتاب موجود آھن