ماڙين ماريس ڪينڪي
ھي جيل ڊائري آريسر صاحب 1980-81 ۾ ضياءَ شاھيءَ جي قيد ۾ تصنيف ڪئي. ”ماڙين ماريس ڪينڪي“ روزنامچي نما ڊائري نہ آھي. ”ماڙين ماريس ڪينڪي“ آريسر صاحب جي ادب، سياست، انساني نفسيات، سنڌي سماج، سنڌ، برصغير ۽ دنيا جي سياسي واقعن، ذاتي من پيڙائن، احساسن، قومي خيالن بابت گھري مشاھدي، مطالعي ۽ تجربن تي مشتمل تصنيف آھي، جيڪا سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ وڏو درجو حاصل ڪري سگهي ٿي.