مٺل جسڪاڻي

Author Name

نالو: محمد مٺل جسڪاڻي / مٺل جسڪاڻي 
والد جو نالو: محمد عمر جسڪاڻي
ڄمڻ جو هنڌ: ڳوٺ ٽئونر خان جسڪاڻي، ديهه پساهڪي، لڳ ٽنڊوڄام، تعلقه ۽ ضلعه حيدرآباد
ڄمڻ جي تاريخ: 15 جنوري 1961ع

تعليم:
پرائمري: 1971ع، گورنمينٽ پرائمري اسڪول، زرعي ڪالوني ٽنڊوڄام
مئٽرڪ: سائنس، 1976ع، گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ٽنڊوڄام فارم
بي. ايس. سي. ايگريڪلچر آنرس (ٻوٽن جي بيمارين جو شعبو)، 1981ع، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام
ايم. ايس. سي. ايگريڪلچر آنرس (ٻوٽن جي بيمارين جو شعبو)، 1987ع، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام (ٿيسز جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ پهريون دفعو کنڀين جي هٿرادو پوک متعارف ڪرائي)

تربيت / ٽريننگس
30 مختلف علمي ۽ عملي تربيتي ڪورس ڪيا ۽ 100 کان وڌيڪ مختلف علمي ۽ عملي تربيتي ڪورسن ۾ تربيتڪار / سهوليتڪار طور ذميواريون نڀايون

ملازمت: 
ريسرچ آفيسر (1984 کان 1988ع)، کنڀين جو تحقيقي پروجيڪٽ، ٻوٽن جي بيمارين جو شعبو، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام
اسسٽنٽ پلانٽ پيٿالوجسٽ (1989 کان 1994ع)، سنڌ هارٽيڪلچر ريسرچ انسٽيٽيوٽ، ميرپورخاص
اسسٽنٽ ريسرچ آفيسر (1994 کان 1996ع)، پلانٽ پيٿالوجي سيڪشن، اي. آر. آءِ. ٽنڊوڄام
اسسٽنٽ پروفيسر (1996 کان 2021ع)، ٻوٽن جي بيمارين جو شعبو، فصلن جي بچاءُ واري فيڪلٽي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام

ڇپيل مواد:

لڳ ڀڳ 100 مختلف زرعي تحقيقي مقالا، Peer Reviewed Research Journals ۾ ڇپيل آهن. منهنجو انگريزي ٻولي ۾ ڇپيل ڪتاب:

A brief outline - The Fungi (Cultivation of Mushrooms)
دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رفرنس بوڪ طور استعمال ٿي رهيو آهي.

ٻن درجن کان وڌيڪ مختلف ڪتاب، ڪتابچا ۽ بروشر وغيره، جن مان تازو ڇپيل ”برسات ۽ ٻوڏ“ ڪهاڻين ۽ نظم ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب پڙهندڙن تائين پهتل آهي. ٻن ڪتابن ”سفر بخير“ ۽ ”زرعي سونهون“ کي تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي ۽ انهن ٻنهي ڪتابن تي انجمن ترقي پسند سنڌ چيپٽر پاران سال جو بهترين ڪتاب جو ايوارڊ به مليو آهي. ڊاڪٽر الاهي بخش ڀٽي سان ساٿي ليکڪ طور يعني اسان جي گڏيل ڪتاب ”جديد زرعي رهنما“ کي آبادگارن ۾ تمام گهڻي موٽ ملي. ان جي ٻئي ڇاپي آڻڻ لاءِ چيو ويندو آهي. ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان پاران ڇپرايل ٻن ڪتابن ”ماحول دوست پيداواري طريقا وونئڻ“ ۽ ” ماحول دوست پيداواري طريقا ڪڻڪ ۽ ڀاڄيون“ کي نه صرف ساراهيو ويو، پر انهن ڪتابن جو ٻيو ڇاپو ڇپرائڻ تي پڻ ويچاريو وڃي پيو. تازو ايل. ايڇ. ڊي. پي. پاران ڇپرايل ڪتاب ” وونئڻن جا نقصانڪار جيت، ڪينئان ۽ انھن تي جامح حڪمت عملي (آءِ پي ايم) تحت ضابطو آڻڻ“ ڇپرائيندڙن پاران ٽريننگ مينيوئل طور استعمال ڪيو ويو.
هزارن جي تعداد ۾ مختلف سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۽ رسالن ۾ زرعي مضمون، مقالا ۽ تحقيقي رپورٽس ڇپيل آهن. جڏهن ته سئو سوا سئو مختلف ريڊيو ۽ ٽي وي پروگرامس ۾ مهمان طور شرڪت، زرعي ماهر طور معلومات ڏني آهي.

ادب جي حوالي سان
نظم ۽ نثر جي ڪجهه ڪتابن ۾ مهاڳ، پيش لفظ، ٻه لفظ، راءِ طور مواد به لاڳاپيل مجموعن ۾ ڇپيل آهي ۽ ڪي ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن. مختلف ڪتابن تي تبصرا، مختلف شاعرن جي شاعري، يا شاعري جي ڪنهن اسم تي اڀياس به لکيل آهن. پروفائيل انٽرويوز ۽ شخصيتن تي خاڪا به ڳچ تعداد ۾ ڇپيل آهن. مختلف سماجي مسئلن ۽ تعليم جي حوالي سان ڳچ سارو لکيو اٿم، جيڪو پڻ وقت به وقت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي.
مختلف علمي، ادبي، سماجي پهلو اهم موضوع رهيا آهن.

اشاعتي سلسلن سان لاڳاپي جو تفصيل
اسسٽنٽ مينيجنگ ايڊيٽر، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پاران انگريزي ۾ شايع ٿيندڙ بين الاقوامي معيار جي ريسرچ جرنل Pak. Jr. Agri., Agril. Eng. Vet. Sc., جو 1998-2013 ۽ 2015 to 2020 تائين 
ايڊيٽر، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پاران شايع ٿيندر سارنگ شاگرد ميگزين جي سنڌي حصي جو 1997-2020 تائين 
پبليڪيشن ۽ ميڊيا ڪاميٽي جو ميمبر، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ڪيترن ئي موقعن جي نسبت سان 
معاون ايڊيٽر ۽ ايڊيٽر، زرعي تحقيق سنڌ پاران شايع ٿيندڙ ماهوار جديد زرعي کوجنا جو 1993 کان 96ع تائين 

ڇپيل ڪتابن جو تفصيل

1.                  سنڌ ۾ ٽماٽن جي پوک (1993) ڊاڪٽر الاھي بخش ايم. ڀٽي، سيد جاويد اقبال بخاري، لجپت راءِ جي. اکاڻي، اسلام الدين مجيداڻو ۽ محمد مٺل جسڪاڻي
2.                  سنڌ ۾ ساون گاهن جي پوک (1995) ايڊيٽر: احسان الله بلوچ ۽ محمد مٺل جسڪاڻي
3.                  جديد زرعي رھنما (1996) ڊاڪٽر الاھي بخش ايم. ڀٽي ۽ محمد مٺل جسڪاڻي
4.                  آبادگار 93: زرعي تحقيق سنڌ پاران متعارف ٿيل ڪڻڪ جي نئين جنس 1997 ايڊيٽر محمد مٺل جسڪاڻي
5.                  سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام 1998 محمد مٺل جسڪاڻي ۽ ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ ھڪ تعارف
6.                  Sindh Agriculture University, Tandojam. Brochure in English. 1998 Jiskani, M. M. and R. A. Memon
7.                  A brief outline - The Fungi 1999 Muhammad Mithal Jiskani (Cultivation of Mushrooms)
8.                  ڪڻڪ جي پوک (ٿوري لاڳت مان ججهي اپت حاصل ڪرڻ لاءِ صلاحون) 1999 محمد مٺل جسڪاڻي، قاضي سليمان ميمڻ، محمد عمر ملاح ۽ خادم حسين وڳڻ
9.                  فصلن جي پيداوار وڌائڻ جا بنيادي اصول 2000 محمد مٺل جسڪاڻي ۽ عبدالرحمان سومرو
10.                ڪڻڪ (وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ ھدايتون) 2000 محمد علي چانگ، شمس الدين تنيو ۽ محمد مٺل جسڪاڻي
11.                ڪڻڪ جي پيداوار وڌائڻ جي جامع حڪمت عملي 2000 بلند راءِ اوڏ، يار محمد مجيداڻه، علي نواز ڪلهوڙو، ,  شمس الدين تنيو ۽ محمد مٺل جسڪاڻي
12.                وونئڻن جي پوک: نئين حمت عملي 2001 نثار احمد ميمڻ، شمس الدين تنيو، حاجي خان پنو، محمد مٺل جسڪاڻي، رب ڏنو کهڙو، سيد خورشيد حسين شاهه، منير ڪانڌڙو، شمعداد خانزادو، عبدالستار ٻرڙو، ڪي ڪي کيماڻي، ايم. احمد، ڊي مل، اي آر سومرو، اي ڊبليو سومرو، اي جي پنهور، اي ايم ڪالرو ۽ ايس ايم ياسين.

(ٻه دفعا ڇپيو)
13.                کجي 2001 نور محمد بلوچ، حاجي اسلام الدين مجيداڻو ۽ محمد مٺل جسڪاڻي
14.                ڪڻڪ جي پيداواري حڪمت عملي 2002 سڳنومل نانڪاڻي، بلند راءِ اوڏ، محمد حسين خشڪ، شمس الدين تنيو، نثار احمد ميمڻ، حاجي خان پنو، محمد مٺل جسڪاڻي ۽ ايم. اي. آرائين
15.                Asian Ambrosia Beetle - a vector of Killer Mango Disease in Sindh (Suggestions for identification of both beetle and disease and their possible control). 2004 Khuhro, R. D., S. M. Nizamani, M. M. Jiskani and Q. D. Abbasi.
16.                Mango tree mortality in Sindh: causes, symptoms and control strategies through IPM. Leaflet 2005 Khuhro, R. D., S. M. Nizamani, M. M. Jiskani and Q. D. Abbasi
17.                فصلن ۽ باغن ۾ بيمارين لاءِ مربوط حڪمت عملي 2007 محمد مٺل جسڪاڻي ۽ محمد ابراھيم خاصخيلي
18.                ماحول دوست پيداواري طريقا 2009 محمد مٺل جسڪاڻي وونئڻ
19.                ماحول دوست پيداواري طريقا 2009 محمد مٺل جسڪاڻي ڪڻڪ ۽ ڀاڄيون
20.                ميون ۽ ڀاڄين لاءِ آءِ پي ڊي ايم 2009 محمد ابراھيم خاصخيلي، محمد مٺل جسڪاڻي ۽ امتياز احمد نظاماڻي
21.                انب جي پوک 2010 ڊاڪٽر عبدالستار ٻرڙو، محمد قاسم ميمڻ، سيد غلام شبير شاھ، ليمن ڪمار ۽ محمد مٺل جسڪاڻي
22.                سٺي ڪپهه پيدا ڪرڻ ڏانهن هڪ قدم 2013 ليکڪ: اشفاق احمد ناهيون
وونئڻن جي فصل جو خرچ رڪارڊ نظرثاني: محمد مٺل جسڪاڻي
23.                سٺي ڪپهه پيدا ڪرڻ ڏانهن هڪ قدم 2013 ليکڪ: اشفاق احمد ناهيون
جٽادار ڪپهه جي پيداواري ٽيڪنالاجي نظرثاني: محمد مٺل جسڪاڻي
24.                بصرن جي پوکي کي ڪيئن بهتر بڻائجي 2014 ليکڪ: غلام قادر مڱريو
آبادگارن لاءِ معلوماتي ڪتابچو نظرثاني: محمد مٺل جسڪاڻي
25.                سفر بخير 2016 مٺل جسڪاڻي
26.                زرعي سونھون (بنيادي زرعي ڄاڻ) 2018 محمد مٺل جسڪاڻي
27.                وونئڻن جا نقصانڪار جيت، ڪينئان ۽ انھن تي جامح حڪمت عملي (آءِ پي ايم) تحت ضابطو آڻڻ 2018 محمد مٺل جسڪاڻي
28.                ٻٻرن جي ھڙي: ڇو ۽ ڪيئن؟ 2018 محمد مٺل جسڪاڻي
29.                برسات ۽ ٻوڏ (ڪهاڻيون ۽ نظم ڪهاڻيون) 2020 مٺل جسڪاڻي

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي مٺل جسڪاڻي جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


مٺل جسڪاڻي جا ڪتاب

سفر بخير، ليکڪ : مٺل جسڪاڻي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سفر بخير
ليکڪ : مٺل جسڪاڻي
زرعي سونهون (بنيادي زرعي ڄاڻ)، ليکڪ : مٺل جسڪاڻي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
زرعي سونهون (بنيادي زرعي ڄاڻ)
ليکڪ : مٺل جسڪاڻي
چوٿين اَکِ، ليکڪ : مٺل جسڪاڻي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
چوٿين اَکِ
ليکڪ : مٺل جسڪاڻي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ