سفرناما
سفر بخير
هن سفر نامي وسيلي مٺل، ملڪ جي گهڻن ئي ماڳن جو نه رڳو سير ڪرايو آهي، پر مختلف تعليمي ۽ کوجنائي ادارن جي سير وسيلي، هن معلومات جو به ونڊ ڪرايو آهي. عام طور اسان وٽ سفرنامن ۾ معلومات گهٽ، ذاتي تشهير وڌيڪ هوندي آهي، پر مـٺل به الطاف شيخ جي پوئواري ڪندي، سفرنامي کي ذاتي تشهير بدران، معلومات جو وسيلو بڻايو آهي.
- 5.0/5.0
- 2417
- 817
- 4 سال اڳ
- 0

سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (138) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”سفر بخير“ هڪ سفرنامو آهي، جنهن جو ليکڪ ”مٺل جسڪاڻي“ آهي. هي اهڙو سفرنامو آهي جنهن بابت فيسبوڪ تي چرچو رهيو، ان ڪتاب تي ڪيترن ئي ماڻهن راءِ ڏني، ڇو ته مٺل جسڪاڻي پاڻ به سدائين ڪتابن تي، ليکڪن تي ۽ لکڻين تي مسلسل لکندو رهيو آهي. سائين مٺل اسان جو دوست آهي، استاد آهي، شاعر آهي، ڪهاڻيڪار آهي، ڪالم نگار آهي، هو اسان جي رهنمائي ڪندو رهندو آهي.هي ڪتاب سليٽ اشاعتي شعبي ٽنڊو قيصر پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون سائين مٺل جسڪاڻيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. دوستن کي اها به ڄاڻ ڏيندو هلان ته ڇپيل ڪتاب ۾ اٺ صفحا رنگين تصويرن تي به مشتمل آهن. جيڪي هتي شامل ناهن ڪيا ويا.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
ڪتاب جي ليکڪ ڏانهن راءِ موڪلڻ يا رابطو ڪرڻ لاءِ اي ميل آهي:
mithaljiskani@yahoo.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ مٺل جسڪاڻي
- ڇپيو ويو 2016
- ڇپائيندڙ سليٽ اشاعتي شعبو
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 04/Jun/2016
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 817 ڀيرا