• پنهنجي پاران
آئون جڏهن ٻُوٽن جي بيمارين واري شعبي ۾ بي ايس سي ايگريڪلچر آنرس آخري سال جو شاگرد هئس، تڏهن يونيورسٽيءَ مان آل پاڪستان اسٽڊي ٽُوئر جون تياريون شروع ٿيون، ته مون وٽ ايترا ڏوڪڙ نه هئا، جو پنهنجي هم ڪلاسين سان، شاگرد دؤر جو اهو يادگار ٽوئر ڪري سگهان ها! ان ڪري پنهنجي پاڻ کي اها آٿت ڏني هئم، ته تعليم پرائي، ڪو سٺو روزگار حاصل ڪري، اهي سڀ ماڳ مڪان پاڻ ئي گهمي وٺندس! پوءِ ائين ٿيو، ته ڪيتريون ئي جايون، شاگرد دؤر ۾ ته نه ڏسي سگهيس، پر هڪ نه ته ٻئي بهاني، گهڻا علائقا گهمي ورتم!
آئون 1996ع دوران سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پنهنجي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرر ٿيس، رٽائر به ان ئي عهدي تان ٿيندس! 1996ع کان 2014ع تائين، مون کي ڪڏهن به اهڙو موقعو نه مليو؛ پر 2015ع ۾ منهنجي شاگرد دؤر واري تعليمي ۽ تربيتي دؤري جي ساڳئي نالي سان، دؤري جون تياريون ٿيون؛ ۽ شاگردن سان گڏ، استاد جي حيثيت ۾ سندن لاءِ انتظام ڪرڻ جي ذميواري مون کي ملي. ٻوٽن جي بچاءَ واري شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خاصخيلي، جيڪو منهنجي پيارن شاگردن مان هڪ آهي؛ ان کي منهنجي مددگار طور مون سان گڏ هلڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. اها منهنجي خوش قسمتي آهي، نه ته شايد نه، پڪ سان آئون هن دفعي ئي نه، شايد نوڪريءَ جي پوري عرصي ۾، ڪڏهن به اهڙي دؤري تي نه نڪري سگهان ها.
توڙي جو آئون ڳچ عرصي کان مختلف موضوعن تي لکندو رهيو آهيان، هڪ دفعي اسلام آباد وڃڻ ٿيو هو، ان جي روشنيءَ ۾ ”سفر ٻفر“ عنوان سان، ”گهر کان گهر تائينءَ جون ڪجهه ڳالهيون!“ به لکيون هئم؛ جيڪي روزاني عوامي آواز ڪراچيءَ جي سنڊي ميگزين ۾ ڇپيون هيون، اهي به هن ڪتاب ۾ شامل آهن. ان کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا سفرناما لکيا اٿم، ان حد تائين به، ته هڪ دفعي ٽنڊوڄام کان صرف پنج ڪلوميٽر فاصلي تي ٽنڊوقيصر ويو هئس، اهو اٽڪل پنج ڪلوميٽر مفاصلو، آئون موٽر سائيڪل تي هجڻ باوجود، اٽڪل پنجن ڪلاڪن ۾ طئه ڪري سگهيو هئس! جڏهن ته موٽر سائيڪل ۾ ڪا خرابي به نه ٿي هئي، ۽ آئون به چاڪ چڱو ڀلو ۽ صحتمند هئس. ان حوالي سان به مون هڪ سفرنامو لکيو هو، اهو به هن ڪتاب ۾ شامل آهي. مون اڄ تائين جيڪو ڪجهه به لکيو آهي، ڪيڏانهن به ڇپجڻ لاءِ موڪليو اٿم، ته گهڻو ڪري اهو ڇپجي به ويو آهي. ان هوندي به، سچ ته هن سفر تي اُسهڻ کان سفر پورو ڪري اچڻ تائين، سفرنامو لکڻ لاءِ مون قطعي نه سوچيو هو.
هيءُ سفرنامو بنا ارادي، پاڻ مرادو لکجي ويو آهي! هيءُ سفرنامو دراصل، سڀ کان پهرين مون کان ”زراعت: سنڌ ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهر“ عنوان سان هڪ مضمون لکڻ جي صورت ۾ شروع ٿيو، جنهن کان پوءِ خبر ئي نه پئي، هڪ ٻئي پٺيان مضمون کان پوءِ مضمون لکجندا ويا، ۽ جيڪي مضمون گهٽ، سفرناما گهڻا هئا؛ ائين نيٺ اهي سڀ ليک، جيڪي مختلف عنوانن سان هن ڪتاب ۾ شامل آهن، اهي لکي ورتم ۽ هيءُ ڪتاب سهيڙي ورتم.
جيئن ته سفر دوران مون ڪي به نوٽ نه ورتا هئا، ۽ جيئن ته گهڻيون ڳالهيون چاهڻ جي باوجود به، نه ڪنهن سان ڪبيون آهن، ۽ نه ئي وري لکبيون آهن؛ ان ڪري جيتوڻيڪ هيءُ سفرنامو- جيترو ڪجهه هن ڪتاب ۾ آهي- شايد اڃا به لکان، ته گهڻو ڪري ايترو ئي مواد اڃا به لکي سگهجي ٿو، پر نه! منهنجي خيال ۾ مون جيترو به لکيو آهي، يعني جيترو ۽ جيڪو به مواد هن ڪتاب ۾ موجود آهي، اهو ئي ڪافي آهي.
هيءُ ڪتاب ٽن حصن تي مشتمل آهي. پهرئين حصي ۾ مون اکرن کان مدد وٺي، تازي سفر جو احوال اوريو آهي، ۽ ٻئي حصي ۾ ”سفر بخير: تصويرن جي مدد سان“ پيش ڪيو اٿم. هر تصوير جو پنهنجو پسمنظر آهي، ڪهاڻي آهي. ڪن تصويرن جي ٻولي، اسان جيڪي همسفر گڏ هئاسين، اهي عام پڙهندڙ کان وڌيڪ سمجهي ويندا، جڏهن ته ڪيترين ئي تصويرن جي ٻولي، منهنجا هم سفر ته نه سمجهي سگهندا، پر عام پڙهندڙ سولائيءَ سان سمجهي ويندا. جڏهن ته ٽئين حصي ۾ ٻه پراڻا سفرناما شامل آهن.
مون کي اميد آهي ته منهنجو هيءُ پورهيو قبول پوندو، ۽ جيڪي اڻ چٽيون ڳالهيون لکيل آهن، اهي منهنجا پڙهندڙ پاڻهي سمجهي وٺندا ۽ پنهنجو رايو ضرور ڏيندا. آئون هر مثبت راءِ قبول ڪندس.
ٿورا نه ٿورا:
آئون سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر، پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ميمڻ ۽ فصلن جي بچاءَ واري فيڪلٽيءَ جي ڊين، پروفيسر ڊاڪٽر مقصود انور رستماڻيءَ جو دل سان ٿورائتو آهيان، جن مون تي ۽ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خاصخيليءَ تي اعتماد ڪندي، اسان کي فيڪلٽيءَ ۾ موجود جيتن جي سائنس (Entomology)، ٻُوٽن جي بيمارين واري علم (Plant Pathology) ۽ ٻوٽن جي بچاءَ واري شعبي (Plant Protection) ۾ پڙهندڙ، چوٿين سال جي شاگردن کي، 07 کان 19 نومبر 2015ع تائين، آل پاڪستان اسٽڊي ٽُوئر جي سلسلي ۾، تعليمي ۽ تربيتي دورو ڪرائڻ جي ذميواري سونپي. ان دوري دوران مون تمام گهڻو پرايو آهي، جنهن جي شاهدي لاءِ هيءُ ڪتاب ئي ڪافي آهي.
آئون پاڪستان جي فطري تاريخ واري ميوزيم اسلام آباد جي ڊائريڪٽر جنرل، ڊاڪٽر محمد خان لغاري ۽ ايسوسيئيٽ ڪيوريٽر، ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڀٽي سميت، اداري جي انهن سمورن ڪارڪنن جو به ٿورائتو آهيان، جن اسان جي قافلي کي نه صرف ميوزيم جا سڀ حصا گهمايا، پر لاڳاپيل ڄاڻ به ڏيندا رهيا.
آئون اين اي آر سيءَ جي انتظاميا ۽ اتي موجود دوستن ۽ محققن سيف الله ٽالپر ۽ ڊاڪٽر محمد اسحاق مستوئيءَ جو به ٿورائتو آهيان، جن تعليمي ۽ تربيتي سير ۾ واجب سهڪار ڪيو. جڏهن ته ڊاڪٽر انجم منير (ڊائريڪٽر ڪراپ ڊزيز ريسرچ انسٽيٽيوٽ) ۽ ڊاڪٽر طاهره ياسمين (نيشنل آءِ پي ايم پروگرام ليڊر) جي به مهرباني، جن پنهنجي مصروف وقت مان ڪجهه گهڙيون اسان کي ڏنيون، آڌرڀاءُ ڪيو ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڀٽي ۽ اياز لاکو، هڪ سڄو ڏينهن اسان سان گڏ گذاري، ڪچهري ڪئي، سندن خاص وڙ ياد رهندا.
ٻوٽن جي بچاءَ واري شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ويجهي ساٿي استاد، ڊاڪٽر امتياز احمد نظاماڻيءَ جا ٿورا نه ٿورا، جيڪو هن دوري جي پسمنظر ۾ انتهائي اهم ڪردار رهيو. جڏهن ته زرعي انجنيئرنگ واري فيڪلٽيءَ جي ڊين، پروفيسر ڊاڪٽر محمد صفر ميرجت جي مهرباني، جيڪو سفر دوران، مختلف ڏينهن تي، مختلف وقتن تي، مون کي ياد ڪندو رهيو، مون سان فون تي ڪچهريون ڪندو رهيو ۽ حال احوال وٺندو رهيو. تعليمي سرگرمين جي حوالي سان وائيس چانسيلر جي سينيئر صلاحڪار، پروفيسر ڊاڪٽر محمد ابراهيم ڪيريو ۽ رجسٽرار، محترم حفيظ الله ميمڻ جو اتساهيندڙ سهڪار به آئون نه ٿو وساري سگهان. مختلف موقعن تي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس، محترم محمد علي سانگيءَ جو مثبت رَويو ساراهڻ به ضروري ٿو سمجهان.
لڳ ڀڳ ستر شاگرد مون سان گڏ هئا، هر شاگرد سان گذاريل سڀ لمحا ياد رهندا، پر قائم خان ڪليري، ليب اٽينڊنٽ به اسان سان هر پل گڏ هو، سندس خلوص جو آئون انڪاري نه ٿو ٿي سگهان.
روزاني عبرت حيدرآباد ۽ روزاني عوامي آواز ڪراچيءَ جي سٿ جو هميشه ساٿ رهيو آهي. سائين حيات علي شاهه بخاري ۽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر جي مهرباني مڃڻ لاءِ ٻه اکر لکڻ ان ڪري ضروري ٿو سمجهان، ڇو ته هن ڪتاب جا ڪجهه حصا هڪ، ته ڪجهه حصا ڪنهن ٻئي شايع ڪيا. ٻنهي اخبارن جي پڙهندڙن ۽ دوستن جي موٽ سبب آئون ايترو لکي ويس، جنهن جي نتيجي ۾ پڙهندڙن سان گڏوگڏ سفر ۾ شريڪ همسفرن جي گهڻائي، هي لکڻيون سهيڙي ڪتاب جي گهُر ڪرڻ لڳي.
پڙهندڙن جي پيار ۽ اتساهه سبب هيءُ ڪتاب وڌيڪ پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي رهيو آهي، ان ڪري آئون هر هڪ پڙهندڙ جو ٿورائتو آهيان. جيڪي دوست هيءُ ڪتاب پڙهي، پنهنجو قيمتي رايو ڏيندا، انهن جا ٿورا آئون اڳواٽ مڃي ٿو ڇڏيان.
ڪتاب جي مختلف مرحلن ۾ عبدالرسول عباسي جي مدد ۽ سندس تخليقي صلاحيت به مون سان گڏ گڏ رهي، ڊاڪٽر قاسم راڄپر جا به قرب، ڪتاب پڙهي، صورتخطي چڪاسي، پنهنجي راءِ لکي ڏيڻ ۽ ”سليٽ“ اشاعتي شعبي پاران ڪتاب پڌرو ڪرڻ تي آسي زميني جو به ٿورائتو آهيان. مير اعظم علي ٽالپر جا به وَڙُ، جيڪو سفر دوران رابطي ۾ رهيو ۽ ڪتاب جا پروف به پڙهيائين. جڏهن ته ڊاڪٽر محمد ابراهيم خاصخيلي، شروع کان آخر تائين، منهنجو ويجهو همسفر ۽ هر مرحلي تي مددگار، ٻانهن ٻيلي ۽ ڀرجهلو رهيو، ان جا ٿورا ڳڻائڻ لاءِ مون وٽ لفظ نه آهن.
مهرباني هر هڪ مهربان پڙهندڙ جي...
ــ مٺل جسڪاڻي