• ڪونهي ڪو سيءُ ڪوهه مريءَ ۾!
مون ڪچهريءَ جو رُخ بدلائڻ لاءِ غير معمولي انداز ۾ چيو هو: ”دُونهون ته دونهون! ڪيئن نه پاڻ ڏانهن ڊوڙندو اچي!“ مون سان گڏ ويٺلن مان هڪ جمالي صاحب کان سَٺو نه ٿيو، ان بنان حجاب، ڳوٺاڻي لهجي ۾، ڇڙٻ ڏيندي چيو؛ ”ڄٽ! اهو دُونهون نه جُهڙ اٿيئي، اجهو ٿو اچي پاڻ کي پُسائي“. ايتري ۾ اهو جُهڙ پنهنجي ڪاروائي ڪري، يعني اسان سڪلن کي آلو ڪري، روانو ٿيو ۽ مون حيرت مان ويٺلن سان مخاطب ٿيندي چيو: ”پاڻ سڀ هڪ جـهڙا، هڪ جيڏا، ڄٽ رڳو آئون ڪيئن ٿيس!؟“ ان تي کل ڀوڳ به ٿي، معذرت به ٿي، اسان رُلي پِني، ڌِڪا کائي موٽي آياسين.
ان کانپوءِ به وڃڻ ٿيو، سڀ احوال ٻيا به نه ڏيندا آهن، ان ڪري اڳوڻيون ڳالهيون آئون به لڪايان ٿو. اڳي گرميءَ جي مهينن ۾ مريءَ جو سيءُ سهي آيو هئس، هن دفعي، تازو گذري ويل نومبر 2015ع جي ٻئي هفتي جا ڪجهه ڏينهن مريءَ ۾ گذارڻا هئا، ان ڪري احوال ورتم ته خبر پئي، مريءَ ۾ تمام گهڻو سيءُ آهي، برف به پئي آهي...
سياري جي هر ساعت مون کي ڏکي لڳندي آهي، دليءَ طور آئون وڃڻ لاءِ راضي ڪو نه هئس، پر جن سان گڏ رهندو آهيان، جن سان گڏ گهڻو وقت گذري ٿو، انهن جي راءِ، مرضي، چاهت جي ڪري، ڪنهن سان اندر جو احوال نه ڪيم! ماٺ ميٺ ۾ نڪري پيس!
بهرحال، سيءَ سان لڪ لڪوٽيءَ لاءِ مڪمل خير خبر وٺي، نيٺ وڃي ڪوهه مريءَ پهتس. مريءَ ۾ پهچندي پهچندي، سج لهي چڪو هو، رهائش جو انتظام ڪندي، رات ٿي چڪي هئي، رات واري ماني کائي، واندو ٿيندي، آڌيءَ ٿي وئي هئي، ان دوران ڪم ڪار سبب ڪا خبر ئي نه پئي، ته ڪو ڪوهه مريءَ ۾ سيءُ آهي!
گذريل رات سمهڻ واري وقت تائين رات جو هڪ ٿي ويو هو. ان ڪري، مون صبح جو پنجين وڳي لاهور ۾ اک کولي هئي، اتان کان موٽر وي وسيلي راولپنڊي اسلام آباد ويندي، رستي ۾ کيوڙا لوڻ کاڻ به وڃڻ ٿيو هو، ان کان پوءِ وري ڪلر ڪهار ڍنڍ، تنهن کان پوءِ رستي ۾ ڪٿي بيهڻ بنا ڪوهه مري، جتي رهڻ وغيره جي انتظام ۽ ٻين ڪمن ۾ رات جو هڪ ٿيو، ته ٿڪ به ٿيو هو ۽ سمهي پيو هئس.
مريءَ ۾ پهرين رات گذارڻ کان پوءِ وارو پهريون ڏينهن، مريءَ گهمڻ جو هو. مون مري اڳ ۾ ئي ڏٺي هئي، مريءَ مان خريداري به ڪئي هئي، ان ڪري هن دفعي گهمڻ سان گڏ خريداريءَ جو سوچي، صبح ڏهين وڳي ڌاري روانو ٿيس.
گهمڻ وارن لاءِ ڪوهه مري تمام وسيع آهي، منهنجي نظر ۾ ڪوهه مري مال روڊ، ڪشمير پوائنٽ ۽ پنڊي پوائنٽ تائين محدود آهي. ان ڪري رهڻ واري جاءِ کان مال روڊ، اتان ڪشمير پوائنٽ ۽ پوءِ پنڊي پوائنٽ ڏسندي، اسان گهمڻ وارا پاڻ ۾ گهڻا ٿي وياسين! هلندي گهمندي برسات اسان کي پسائڻ جي ڪوشش جاري رکي، اسان برسات کان بچڻ جي جستجو ڪئي. نيٺ ڪشمير پوائنٽ تي، ڇٽيءَ نما اجهي هيٺ ويهي، تغاريءَ ۾ ٻرندڙ ڪاٺين تي هٿ به سيڪيا ۽ مون اڪثريت سان گڏ ڪافي، پر اسان سان شامل ڪن وري چانهن به پيتي.
ڪشمير پوائنٽ کان مال روڊ وڃي، اتان پنڊي پوائنٽ تي به وياسين. جتان موٽندي شام ٿي چڪي هئي. اسين سڀ ٿڪي به پيا هئاسين. ان ڪري رهڻ واري جاءِ تي وري آياسين، جتي ويٺي ويٺي ياد آيو، ته مون جيڪي شيون وٺڻ جو ارادو ڪيو هو، اهي ته نه، پر آئون ته ڪجهه به وٺي نه سگهيس!
مريءَ ۾ ٽي راتيون رهڻ باوجود، اتان آئون ڪجهه به خريد نه ڪري سگهيس! اڃا پيو اندر سڙي!
ٿلهي ليکي مريءَ جو احوال اهو ئي، پر مريءَ پهچڻ وقت، رات جو دير سان، صبح سوير، ڏينهن جو به وقفي وقفي سان، گهر ڀاتي ۽ ڪجهه دوست رابطي ۾ رهيا. آئون سڀنيءَ جو دادلو، ان ڪري سڀنيءَ جو پهريون سوال ساڳيو هو ته ”مريءَ ۾ سيءُ آهي يا...!؟“
مون سڀني کي ساڳيو جواب پئي ڏنو ته، ”ڪونهي ڪو سيءُ ڪوهه مريءَ ۾!“
منهنجي جواب مان ڪو به مطمئن نه پئي ٿيو، ان ڪري کين مطمئن ڪرڻ لاءِ ٻڌائڻو پئي پيو ته، ”پيرن ۾ جوراب پاتل آهن. گنجيءَ کان پوءِ بنا ٻانهن وارو سوئيٽر، ان مٿان قميص، تنهن مٿان ٻانهن وارو سوئيٽر، مٿي تي گرم ٽوپي، ٿلهي ٿنڀري شال به اوڍيل اٿم، ان ڪري اوهان اعتبار ڪريو يا نه، مون کي سيءُ نه پيو لڳي. هاڻي جڏهن مون کي سيءُ نه ٿو لڳي، ته پوءِ ڇو نه چوان ته، ”ڪونهي ڪو سيءُ ڪوهه مريءَ ۾!“
سنگت ساٿ جي آگاهيءَ لاءِ، ان ڏينهن عالمي اوطاق (فيس بوڪ) تي، مون ڪجهه تصويرون به پوسٽ ڪيون هيون ۽ اپ ڊيٽ ۾ لکيو هئم:
ڪوهه مريءَ ۾ سيءُ ڪونهي ڪو
اڃا مهينو آ نومبر جو
گهٽ ۾ گهٽ چار
وڌ ۾ وڌ چوڏهن آهي
سراسري درجو گرميءَ جو
سج ته ڄڻ اڀريو ئي نه آهي
جُهڙ ئي جُهڙ آهي
مزو مينهن جو
اسان ورتو آهي
سيءُ ته صفا نه آهي!