• مُهاڳ
اوائلي دور ۾ صرف زباني تعليم جو رواج هو. جڏهن ٻوليون لکجڻ لڳيون ته پڙهجڻ به لڳيون ۽ پوءِ تعليم ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ، سيکارڻ وارو طريقو رائج ٿيو، جنهن جي ابتدا اها ساڳئين، يعني اڄ ڪلهه جي سائنسي دور ۾ به استاد پهرين شاگرد سان زباني طور مخاطب ٿيندو آهي ۽ ان کان پوءِ، مرحليوار مختلف طريقن سان تعليم وارو عمل جاري آهي.
ماڻهو ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان پرائي ٿو، پر عملي علم، عملي طور ڪرڻ سان وڌيڪ سکي ٿو. ان نسبت سان سکيا ۾ عملي طور ڪم ڪرڻ واري طريقي جي ته تمام گهڻي اهميت آهي ئي، پر مطالعي ۽ مشاهدي کي به بنيادي اهميت حاصل آهي. ان ڪري هر تعليمي اداري ۾، شاگردن لاءِ تعليمي دورن کي لازمي سمجهيو وڃي ٿو.
تعليمي دورن سان شاگردن جي گهڻ پاسائين تربيت ٿئي ٿي. ان ڪري جنهن جنهن شاگرد کي اهڙو موقعو نصيب ٿئي، ان کي ڀرپور نموني سان پرائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
تعليمي دورا، شاگرد پنهنجي ليکي پاڻ به ڪري سگهن ٿا، پر ادارن طرفان ٿيندڙ دورن جي پنهنجي اهميت آهي، جنهن ۾ تعليمي دورو ڪرائيندڙ استاد جي ذميواري ته وڌيل هوندي آهي، پر شاگردن لاءِ اهو استاد وڌيڪ بهتر ثابت ٿي سگهي ٿو، جيڪو پاڻ ته علم جي کاڻ هجي ئي هجي، پر هو صرف استاد نه، ساڳئي وقت شاگرد به هجي، شاگردن سان گڏ وقتي طور استاد، وقتي طور شاگرد، استاد کي ڪنهن مهل شاگردن جو هم ڪلاسي ۽ دوست ٿيڻ گهرجي، ته ڪنهن وقت استاد کي شاگرد جو مائٽ ٿي رهڻ گهرجي.
استاد وانگر شاگردن جون پنهنجون ذميواريون آهن، شاگرد اُهو پرائيندو آهي، جنهن وٽ سڀ کان وڌيڪ اوليت، اهو ڪجهه پرائڻ جي اهميت آهي، جنهن مقصد لاءِ هو تعليمي اداري ۾ داخلا وٺي ٿو.
پروفيسر محمد مٺل جسڪاڻي، جنهن کي سندس پڙهندڙ ۽ آئون به مٺل جسڪاڻي چوندو آهيان، ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. ورچي نه ويهڻ جهڙو هي شخص نه رڳو ڪلاس روم، تجربيگاهه، زرعي فصلن، ڀاڄين ۽ باغن ۾ سرگرم عمل هوندو آهي، پر سنڌي اخبارون هجن، اردو ۽ انگريزي اخبارون توڙي زرعي رسالا هجن، ريڊيو يا ٽي وي هجي، وقت به وقت، زرعي حوالي سان مٺل جسڪاڻي هوندو آهي، جيڪڏهن نه هوندو آهي، ته ياد رهي ٿو، ڇو ته سندس ضرورت محسوس ٿيندي آهي.
مٺل جسڪاڻي سندس شعبي جو پراڻو استاد ۽ زرعي محقق آهي. ڪيترن ئي بين الاقوامي معيار جي تحقيقي مقالن ۾ مکيه ۽ ساٿي ليکڪ آهي. ڪيترن ئي سالن کان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي انگريزي ۾ شايع ٿيندڙ تحقيقي جرنل ۾ اسسٽنٽ مينيجنگ ايڊيٽر جون ذميواريون سنڀاليندو پيو اچي. يونيورسٽي جي اشاعتي ڪمن ڪارن ۾ پڻ، گهڻو ڪري هڪ نه ته ڪا ٻيءَ ذميواري سندس ڪلهن تي هوندي آهي.
مٺل جسڪاڻي جا اڳ ۾ به مختلف ڪتاب ڇپيل آهن، جن مان ڪي مون ڏٺا آهن، هڪ اڌ مون وٽ آهي. هي لاڳيتو لکندڙ آهي. سندس لکڻين ۾ تمام سٺي معلومات آهي. سندس هي ڪتاب به نظر انداز ڪري، نه پڙهڻ جهڙو نه آهي. منهنجي نظر ۾ هي ڪتاب شاگردن ۽ استادن کي ته پڙهڻ ئي گهرجي، پر جيڪي گهر ويٺي، ڪتاب پڙهندي، ملڪ جا مختلف علائقا گهمڻ چاهين ٿا، جيڪي ملڪ جي مجموعي زرعي صورتحال کان واقفيت حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي به هي ڪتاب پڙهڻ گهرجي.
مٺل جسڪاڻي جو هي ڪتاب گهڻ مقصدي ڪتاب آهي، کيس اهڙو ڪتاب لکڻ تي کيس مبارڪ هجي.
ــ پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ميمڻ
وائيس چانسلر
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام