• مريءَ ۾ مچ ڪچهري
ڪوهه مريءَ ۾، گرميءَ وارن ڏينهن ۾ به حيدرآباد جي سياري جـهڙي ٿڌ هوندي آهي! ان ڪري سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ جا ماڻهو ته اڪثر ڪوهه مريءَ گُهمڻ کي ترجيح ڏيندا ئي آهن، پر جيئن ته ڪوهه مري حسين نظارن وارو علائقو به آهي، ۽ سياري ۾ برفباري به ٿئي ٿي، گُهمڻ لاءِ ويندڙن کي رهڻ ۽ کائڻ پيئڻ لاءِ هوٽلون به گهڻيون آهن، ان ڪري دنيا جي بيشمار ملڪن جا ماڻهو به، ڪوهه مريءَ ۾ فطري سُونهن سان گڏوگڏ برسات ۽ برف جو مزو وٺڻ ويندا آهن.
لکڻ پڙهڻ جي شوقينن ڪوهه مريءَ جا ڪيترا ئي احوال پڙهيا هوندا، جيڪي شاعريءَ جا شوقين آهن، انهن جيڪڏهن طالب المولى جي شاعري نه پڙهي آهي، ته پڙهن، ڪوهه مريءَ ۾ نظر ايندڙ نظارن کي، شاعريءَ جي گهاڙيٽي ۾ پڙهي، لطف وٺن. منهنجي خيال ۾ جيڪو پڙهندو، اهو هڪ دفعو ئي سهي، پر ڪوهه مريءَ وڃڻ لاءِ ضرور سنبرندو.
تازو، نومبر 2015ع جي پهرئين هفتي ۾، ڪوهه مريءَ ۾ برف پئي هئي، جڏهن ته برسات وسڻ ته اتي جو معمول آهي. گهڻو ڪري جُهڙ اُتي مُنهن ۾ ٽڪرائبو آهي ۽ دونهين جـهڙا ڪڪر، ماڻهوءَ کي پسائي اڳتي وڌي ويندا آهن. انهن خبرن ۽ اهڙن اطلاعن ۽ حيدرآباد ۾ سياري جي سيءَ جون دانهون ڪرڻ باوجود، نومبر 2015ع جي ٻئي هفتي ۾، آئون به وڃي ڪوهه مري نڪتس!
اهو ڪڙو سچ آهي، ته جنهن ڏينهن آئون مريءَ ۾ گهميس پئي، ان ڏينهن گهمندي ڦرندي، اسان کي وسندڙ مينهن پُسائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، ۽ اسان پُسڻ کان بچڻ جي ڪوشش ۾ هئاسين، ان ڪري ڀِڄڻ کان اڳ ڀَڄي پئي جان بچائي! ان جا اسان وٽ تصويري ثبوت به آهن.
ان ڏينهن گرميءَ جو درجو گهٽ ۾ گهٽ 3 ۽ 4 ڊگري سنيٽي گريڊ جي وچ ۾ رهيو، جنهن جو اتي، يعني مريءَ ۽ آسپاس جي رهواسين تي ڪو خاص اثر نه پئي پيو. ان حد تائين به ته مريءَ جي بازارن ۽ گهٽين ۾ گهمندڙ ڪجهه ڍڳيون ڏسي، مون کي حيرت ٿي، ته اسان کي لڳندڙ سيءُ شايد انهن کي نه پئي لڳو، تڏهن ته هو بي خوف گهميون پئي! نه ته، سيءُ اهڙو هو، جو منهنجي هٿن پيرن تي جوراب هئا، گنجيءَ مٿان بنا ٻانهن وارو سئيٽر، ان مٿان قميص، تنهن مٿان ٻانهن وارو سئيٽر، مٿي ۾ گرم ٽوپي ۽ آئون سڄو هڪ ٿلهي متاري، گرم شال (لوئي) ۾ ائين ويڙهيل هئس، جيئن ڪا پردو ڪندڙعورت ويڙهيل هوندي آهي. اڄ ڪلهه اهڙيون عورتون گهٽ هجڻ ڪري، جيڪڏهن ڪنهن پڙهندڙ جو مشاهدو محدود آهي، ته مٺل ڇا ٿو ڪري سگهي؟!
منهنجي حساب سان، توڙي مون سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جو جيڪو به ماڻهو، ان ڏينهن ڪوهه مريءَ ۾ هو، ان کي ڏاڍو سيءُ پئي لڳو. تنهن هوندي به اسان گهمندا ڦرندا، پاڻ بچائيندا، پهرين مال روڊ، اتان پوءِ ڪشمير پوائنٽ پهتاسين، جتي اسان هڪ خوبصورت، جديد طرز جو، ڪاٺ سان، کُنڀيءَ نِما ڇتريءَ جـهڙو ڇَپرو ڏٺو. ان هيٺ ويهڻ لاءِ ڪُرسيون رکيل هيون، جيڪي خالي پيل هجڻ باوجود، انهن جي وچ ۾ هڪ تغاريءَ ۾ ڪاٺيون پئي ٻريون.
هاڻي جيڪڏهن سيءُ هجي ۽ من اندر کي وڻندڙ منظر هجي، مچ ڪچهريءَ جهڙي سهوليت هجي، ۽ ڪچهريءَ جيترا گڏ به هجن، ته پوءِ ڪيئن ٿا ڀانيو، مچ ڪچهري مچندي يا نه؟!
پاڻ وٽ مچ ڪچهريون تمام گهڻي آڳاٽي زماني کان ۽ ڳوٺن ۾ رات جو ٿينديون آيون آهن. اڄ ڪلهه انهن مچ ڪچهرين جي ياد ۾، ميڊيا پاران مچ ڪچهرين واري روايت کي زندهه رکڻ جي ڪوشش ۾، ڪي ڪچهريون ڏينهن ڏٺي جو به ٿينديون آهن، جتي ميڊيا وارا، ڪي ڪم وارا ماڻهو آهن، ته اَنبن جون سِڪُون لاهيندڙ ابڙين جـهڙي ڪوشش ڪندي نظر ايندا آهي، نه ته...
اسان مريءَ ۾ مچ ڪچهري ڪئي. اها ڪچهري پاڻ وٽ ٿيندڙ سمورين، نين توڙي پراڻين ڪچهرين کان بلڪل مختلف هئي! ڇو ته هن ڪچهريءَ ۾ اسان ٻه، يعني هڪ آئون ۽ ٻيو ڊاڪٽر محمد ابراهيم خاصخيلي، پيشي جي لحاظ کان استاد هئاسين. اسان سان گڏ، اسان جا شاگرد هئا ۽ هڪ اسان سان مسٽر قائم خان ڪليري هو، جيڪو ليب اٽينڊنٽ آهي.
اسان استاد، جيڪي هونئن پنهنجي شاگردن کي سدائين استاد نظر آياسين، اهي اسان جي ٽوئر جي هر مرحلي ۾، استاد هجڻ پنهنجي جاءِ تي، پر اسان وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪئي، ته شاگردن سان دوستن وانگر، سندن ڪنهن ننڍي ڪنهن وڏي ڀاءُ يا ڪنهن به مٽ مائٽ ۽ عزيز وانگر هلون، منهنجي خيال ۾ اسان ان ۾ ڪامياب به وياسين، تنهن ڪري اسان جي ٽوئر دوران، هيءَ مچ ڪچهري نرالي ۽ يادگار به ٿي.
مريءَ ۾ گُهمندڙ اسان هونئن ته گهڻا هئاسين، پر جتي ۽ جنهن مهل مريءَ ۾ مچ ڪچهري ٿي، ان وقت اتي اسان ڪي ويهه پنجويهه گڏ هئاسين. مچ ڪچهري اهڙي مچي، جيڪا ڪو عرصو ياد رهندي. ان ڪچهريءَ ۾ ڪم جون ڳالهيون به هيون، کل ڀوڳ به ضرور هئي، پر روايتي مچ ڪچهريءَ وانگر ڏور، بيت، ڳجهارتون، ڪلام نه هو! ڇو نه هو؟ شايد ان ڪري، ته بنا رٿابنديءَ جي، اها مچ ڪچهريءَ اوچتي مچي پئي هئي، تنهن ڪري، نه ته اسان ۾ ڪي اهڙا به هئا، جيڪي هن ڪچهري کي اصلي رنگ ڏئي پئي سگهيا...
ياد رهي ته اسان ڪوهه مريءَ ۾ وڻن جو معائنو ڪري، انهن ۾ نقصانڪار جيتن ۽ بيمارين جو جائزو وٺڻ دوران، مريءَ ۾ مچ ڪچهري به ڪئي، نه ته شايد... شايد مريءَ ۾ مچ ڪچهري نه ڪري سگهجي ها.