• ڪجهه هِتان ڪجهه هُتان
اڄ اوهان کي پنهنجون ٻه مختصر تحريرون پڙهائڻ بهتر پيو سمجهان. انهن ٻنهي تحريرن ۾، ڪجهه هِتان ڪجهه هُتان، ڪجهه زرعي ڪجهه غير زرعي ڳالهيون آهن. جيڪڏهن اوهان کي سمجهه ۾ اچن، وڻن، اهڙيون تحريرون پڙهڻ چاهيو، ته اوهان جي راءِ مون تائين پهچائجو، ته جيئن وري به خدمت ۾ حاضر ٿي سگهان.
ان دفعي ٿيو ائين...
هڪ دفعي، ٿيو هيئن ته مون کي ڪو ڪم نه هو، ائين ئي، آئون ٽنڊوڄام مان ٽنڊو الهه يار ڏانهن، رستي جي ٻنهي طرفن کان، فصلن جو معائنو ڪندو ويس. جڏهن قبو بس اسٽاپ تي پهتس، ته اتان کان بڪيرا شريف وارو رستو ورتم. ان رستي سان به، ٻنهي طرفن کان پوکيل فصل ڏسندو، وڃي ٽنڊو الهه يار، بڪيرا شريف روڊ تي پهتس.
مون کي ياد آهي ته اتان مون شيخ ڀرڪيو کان ڦري اچڻ جو به سوچيو هو، پر اوچتو ياد اچي ويو ليکڪ دوست نواز نظاماڻي، جيڪو انهن ڏينهن سول اسپتال ٽنڊو الهه يار کي سامهون واري هاءِ اسڪول ۾ استاد هو، ٽنڊو ڄام ۾ رهندو هو، شام جو اڪثر اسين ملندا هئاسين. نواز چوندو رهندو هو، ته ڪڏهن اسڪول به اچي نڪر، اهو جهان به ڏسي وڃ. تنهن ڪري آئون ڦري آيس نواز نظاماڻي وٽ، جتي سندس ساٿي استاد مليا، ڪچهري ٿي، چانهن پي نڪتاسين.
نواز وٽ رَسڻ کان اسڪول مان نِڪرڻ تائين، نواز اسڪول اچڻ جو سبب، ڪو ڪم ڪار، وري وري پڇندو رهيو، جڏهن پڪ ٿيس ته بنا ڪم جي نڪتل آهيان، تڏهن اسان جو گڏيل پروگرام ائين طئه ٿيو، ته ٽنڊو الهه يار مان نصر پور وياسين. ويندي ويندي، آئون رستي جي ٻنهي پاسي پوکيل فصل ڏسندو پئي ويس. ٻن ٽن هنڌن تي اسان بيٺاسين به. جروارن جي ڳوٺ کان ٿورو پهرين، هڪ زمين ۾ لٿاسين، ته هڪ همراهه ڪاوڙ واري انداز مان، اسان کان اسان جي سڃاڻپ پڇي، پوءِ خبر پئي ته ان زمين تي ڦڏو هلندڙ هو، تنهن ڪري اسان کي مخالف ڌر جو ساٿاري سمجهي، همراه پڇاڻو ڪيو هو!
بهرحال، نصرپور پهتاسين، اتي نواز نظاماڻي جو جيڪو ڪم هو، اهو ٿيو ته اسان نصرپور شهر کان نصرپور تاج پور ريلوي اسٽيشن واري رستي سان اچي ميرپور خاص روڊ تي چڙهياسين، اتان پوءِ ٽنڊو ڄام پهچي، پهرين نواز کي سندس گهر ڇڏيم، پوءِ آئون پنهنجي گهر ويس.
اهڙي طريقي سان آئون نڪرندو رهيو آهيان ۽ بنا معاوضي ڪمائيندو رهيو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ته آئون اڪيلو ئي نه، مون سان گڏ منهنجو هڪ نه ته ڪو ٻيو دوست به... بس! ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن، ان دفعي ٿيو ائين...
بچي ويو عنايت لغاري:
آئون ڪجهه ڏينهن کان پريشان هئس! پنهنجي منهن مٿي رليس، ڦريس، پر ڪم نه پئي ٿيو! ان ڪري جنهن جنهن ۾ هجت هئي، ان کي چيم، مهينا گذري ويا، ڪم نه ٿيو! پريشاني جي عالم ۾، آفيس کان گهر ايندي سوچيم، ٿوري دير آرام ڪري نڪربو، رلبو، ڦربو، ڪٿان نه ڪٿان ڪم ٿي ويندو...
مون ارادو ڪيو ٽنڊوڄام مان وڃبو قبو بس اسٽاپ، اتان نڪربو ڌڱاڻو بوزدار...
ڌڱاڻو بوزدار سنڌ جي پراڻن ڳوٺن مان هڪ آهي، جيڪو منهنجي سانڀر ۾ ئي وڌندو ويجهندو، هاڻ شهر نما ڳوٺ ٿي چڪو آهي. آئون ننڍپڻ کان ڌڱاڻو وڃڻ جو ارادو دل ۾ سانڍيو هلان! 1993ع ۾ بيمار ٿي پيو هئس، تڪليف کان وڌيڪ ڊاڪٽر جي ڏنل خوف پريشان ڪيو هو، پنهنجو حال ساريل هو، ان ڪري پاڻ کي شاگردن جي بلي ڪيو هئم، يعني آپريشن وسيلي مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ، تڏهوڪي لياقت ميڊيڪل ڪاليج، هاڻوڪي لياقت يونيورسٽي جي سرجيڪل وارڊ ۾ ڄام شورو وڃي داخل ٿيو هئس. اتي ساڳئي وارڊ ۾ هڪ لغاري به داخل هو، ان جا ججها آپريشن ٿيا هئا. منهنجو هڪ ننڍڙو، مائينر آپريشن ٿيو هو. مريض ڀلي ته ڪير به هجن، اسپتال ۾ واسطا وڌي ويندا آهن. مون دل ئي دل ۾ سوچيو هو، ته اسپتال مان نڪري، چاڪ چڱو ڀلو ٿي، اوچتو ڌڱاڻي وڃي نڪرندس، ان لغاري سان ڪچهري به ڪري ايندس، ته ڌڱاڻو به ڏسي ايندس، پر اهي ڏينهن هي ڏينهن، وڃي ڪو نه سگهيس. اڄ گهر ويٺي پئي ويچاريم، موبائيل هٿ ۾ کڻي، رکي پئي ڇڏيم، چاهيندي به ڳوٺ ڌڱاڻو بوزدار جي رهواسي ڪهاڻيڪار ۽ شاعر عنايت لغاري سان رابطو نه ڪيم، پر گهر ۾ موجود ڀاتين کي پنهنجو مسئلو ٻڌايم، جتان کڙڪ ملڻ سان اندازو ٿيو ته ڳوٺ ويندس، ڪم ٿي ويندو!
هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هئس، استادن اهڙي تربيت ڪئي، جو تڏهن کان اڃا تائين، ڪنهن ڏانهن ويندي هزارين سوال ڪر کڻندا آهن. مثال طور وڃان پر واندو هوندو يا نه! وڃان پر هن جي ڪم ڪار ۾ نه ئي سهي، هن جي معمول ۾ بگاڙ جو سبب ته بنبس وغيره وغيره جهڙا علم امڪان تي مبني بيشمار سوال اڀري پوندا آهن ۽ پوءِ ڪڏهن ڪنهن ڏانهن ويندي، اڌ مني پنڌ تان به وري ايندو رهيو آهيان! اڄ به ائين ئي ٿيو، ڳوٺ ۾ ڪم ٿيڻ جو آسرو مليو، ته آئون عنايت لغاري ڏانهن وڃڻ بدران، پنهنجي ڳوٺ هليو ويس، منهنجو ڪم ٿي ويو!
اڄ جيڪڏهن منهنجو ڪم نه ٿئي ها، ته ٻئي ڏينهن ڌڱاڻي وڃان ها، ڌڱاڻي وڃان ها ته عنايت لغاري نه بچي ها، پر مون کي ٻوٽن جي جنهن بيماري جي ڳولا هئي، اها منهنجي ڳوٺ جي ڀر ۾ پوکيل تورين جي فصل ۾ موجود هئي. منهنجي تجزئي مطابق 30 سيڪڙو ٻوٽا بيمار نڪتا! ان بيماري جي ڪري منهنجي ٻن شاگردن سميت آئون به گذريل ٽن چئن مهينن کان پريشان هئس، اسان جي پريشاني ختم ٿي، بچي ويو عنايت لغاري...