سفرناما

سفر بخير

هن سفر نامي وسيلي مٺل، ملڪ جي گهڻن ئي ماڳن جو نه رڳو سير ڪرايو آهي، پر مختلف تعليمي ۽ کوجنائي ادارن جي سير وسيلي، هن معلومات جو به ونڊ ڪرايو آهي. عام طور اسان وٽ سفرنامن ۾ معلومات گهٽ، ذاتي تشهير وڌيڪ هوندي آهي، پر مـٺل به الطاف شيخ جي پوئواري ڪندي، سفرنامي کي ذاتي تشهير بدران، معلومات جو وسيلو بڻايو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2417
  • 818
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مٺل جسڪاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سفر بخير

• اڳياڙي

سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامي جو ذڪر نڪرندي ئي، ذهن تي پهريون نالو الطاف شيخ جو اچي ٿو. هن دنيا جا کوڙ ملڪ گهمي، سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامي جي صنف جا پير پختا ڪيا آهن. هن گهڻي ڀاڱي ڏورانهن ملڪن جا سفرناما لکيا آهن. ملڪي سطح تي به ٿيل سفر جا کوڙ سفرناما شايع ٿيل آهن، پر سنڌي ٻوليءَ ۾، ڪنهن تعليمي اداري جي شاگردن جي تعليمي سفر کي، ڪنهن استاد سفرنامي جو روپ ڏنو هجي، اهڙي ڪاوش گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نظر مان نه گذري آهي.
هيءُ ڪتاب ”سفر بخير“ سائين مٺل جسڪاڻيءَ جي ذهن جي منفرد تخليق آهي. مون سميت سنڌ جا گهڻا ماڻهو، مـٺل جسڪاڻيءَ کي هڪ زرعي ماهر ۽ استاد جي حيثيت سان سڃاڻين. پاڻ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ٽنڊو ڄام جي ٻوٽن جي بيمارين واري شعبي يعني پلانٽ پيٿالوجي سان واڳيل آهي. سندس بنيادي ذميواري ته سنڌ ۾ ٻوٽن جي بيمارين بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ آهي، پر لکڻ سندس ”خفت“ آهي. هن جڏهن ۽ جيڪو به لکيو آهي، منفرد انداز ۾ لکيو آهي. ڪتابن تي تبصرو هجي يا ڪنهن ڪتاب جو اڀياس، ڪنهن شخصيت جو خاڪو هجي، يا ڪنهن گڏجاڻيءَ جو احوال، شاعري هجي يا ڪهاڻي، سندس هر لکڻيءَ مان خفت نظر ايندو آهي. مان ته حيران ٿيندو آهيان، ته هو پڙهڻ پڙهائڻ جهڙي ڪل وقتي ڪم مان، هو لکڻ لاءِ وقت ڪڍي ڪيئن ٿو!؟ شايد اهو خفت ئي آهي، جنهن لاءِ وٽس چاهه به آهي ته وقت به.
منهنجي ساڻس واقفيت به سندس لکڻ واري خفت ڪرائي. عوامي آواز مئگزين وسيلي ساڻس سنگت ٿي. مٺل انهن ڪجهه ماڻهن ۾ شامل آهي، جن جي لکڻين جو مان هميشه اوسئيڙو ڪندو آهيان. هو فطرتي سائنس سان ۽ مان سماجي سائنس سان سلهاڙيل آهيان، پر تڏهن به اسان جي ڪيمسٽري تمام گهڻي ملي ٿي. هو جڏهن به لکندو آهي، ته وڏي ڪوشش جي باوجود، مان سندس تحرير سان ڪاسائيءَ واري ڪار نه ڪري سگهندو آهيان، جو هو ان جي گنجائش ئي نه ڇڏيندو آهي. باقي منهنجي غير حاضريءَ ۾، ڪڏهن ڪڏهن سندس تحرير سان ٻه هٿ ٿي ويندا آهن.
مان ذاتي طور ان راءِ جو آهيان، ته هڪ ايڊيٽر کي ڪنهن لکت کي ايڊٽ ڪرڻ جو مڪمل حق آهي، پر جيڪڏهن ڪو ايڊيٽر، اهو حق درزي يا ڪاسائيءَ وانگر استعمال ڪري ٿو، ته ان سان نه رڳو تخليقڪار، پر تخليق جو به روح رنجي ٿو.
مـٺل منهنجو دادلو ليکڪ آهي. جنهن جي لکڻيءَ کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ جي ڪڏهن به گنجائش نه هوندي آهي. هو ڪمپيوٽر جو ڀرپور استعمال ڪري ڄاڻي، تنهن ڪري ڪمپوزنگ کان ويندي ايڊيٽنگ ۽ پروف ريڊنگ وارا مرحلا به پاڻ خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏيندو آهي.
مـٺل جي شهر ۽ درسگاهه سان مون کي بيحد محبت آهي؛ جتي پنهنجي ماروٽن ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر ۽ سندس ننڍي ڀاءُ دوست عبدالله راڄپر وٽ، مان سندن شاگرديءَ واري د‍ؤر ۾ ڪيترائي ڀيرا، هاسٽل ۾ سندن مهمان ٿي رهيس. زرعي يونيورسٽيءَ جي ساوڪ ۽ ٽنڊي ڄام جي ٻاڪري ڪڙهائي اڄ به ياد اٿم.
هن سفر نامي وسيلي مٺل، ملڪ جي گهڻن ئي ماڳن جو نه رڳو سير ڪرايو آهي، پر مختلف تعليمي ۽ کوجنائي ادارن جي سير وسيلي، هن معلومات جو به ونڊ ڪرايو آهي. عام طور اسان وٽ سفرنامن ۾ معلومات گهٽ، ذاتي تشهير وڌيڪ هوندي آهي، پر مـٺل به الطاف شيخ جي پوئواري ڪندي، سفرنامي کي ذاتي تشهير بدران، معلومات جو وسيلو بڻايو آهي. سندس لکڻ جو انداز نرالو آهي. هو پڙهندڙن کي پاڻ سان گڏ، سير ڪرائڻ جو هنر ڄاڻي ٿو. سندس قلم جو اهو ڪمال آهي، ته هي سفرنامو پڙهندي، مان به ساڻس همسفر رهيو آهيان. سڄو سفرنامو پڙهي دل خوش ٿي. گهڻيون تڻيون ڳالهيون، جڳهيون ۽ ماڻهو مشاهدي ۾ رهيا آهن.
مان ذاتي طور مٺل جي سولي ۽ عام فهم ٻوليءَ جو مداح رهيو آهيان. کيس هروڀرو ڏکيا لفظ ڪتب آڻي، پڙهندڙن کي منجهائڻ نه اچي، هونئن به لکندڙ آڏو بنيادي مقصد معلومات رسائڻ هئڻ گهرجي، ان لاءِ ٻولي ۽ اسلوب اهم ضرور آهن، پر اجائي اها ڪوشش نه ڪجي، ته لکڻ اچي نه اچي، هِتان هُتان اوڌارا لفظ وٺي، پڙهندڙن کي لغت کڻڻ تي مجبور ڪجي. گهٽ ۾ گهٽ مـٺل ان مرض کان بچيل آهي.
هن، ملڪ جا ٻيا ماڳ گهمندي سنڌ کي نه وساريو آهي، جتي کيس ڪا چڱي ڳالهه نظر آئي آهي، ته هو ان جي تعريف سان گڏ سنڌ سان مشابهت به ڪري ٿو. هڪ هنڌ لکي ٿو:
”هڪ دروازي تي’اندر وڃڻ جو رستو‘ لکيل پڙهيم، ان بابت پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته ’اها جاءِ حاجت‘ آهي. جيتوڻيڪ مون کي ان جاءِ ۾ اندر داخل ٿيڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي، نه ئي اندر ويس، پر ان جو اتي هجڻ مون کي تمام گهڻو وڻيو. ڇو ته هڪ دفعي راڻي باغ حيدرآباد گهمندي، مون کي اهڙي جاءِ جي ضرورت پئي، ته مون سان اهڙي ٿي، جهڙي شايد ئي ڪنهن ٻئي سان ٿي هجي. راڻي باغ سان لڳو لڳ عيد گاهه جي ڀر ۾ ’حاجت وارين جاين‘ تي پهچندي به منهنجو بچاءُ ايترو ٿيو جو، رڳو ڪپڙا ئي خراب نه ٿيا“.
هن راڻي باغ جي حالت تي تبرو ڪندي، طنزيه انداز ۾ حقيقت بيان ڪئي آهي. ڪاش وس وارن کي ڪا ڪهل اچي. هو سفرنامي ۾ تفريح ڪندڙن کي سبق به ڏئي ٿو، ته ٺڳن کان ڪيئن پاڻ بچائجي. هونئن به سفر دوران پئسا مناسب طريقي سان استعمال هيٺ آڻجن، ته ان سان تفريح ۾ وڌيڪ لطف ايندو.
مٺل جو لکيل هي سفرنامو نه رڳو سنڌي ادب ۾ منفرد ليکيو ويندو، پر تعليمي سفر کي قلمبند ڪري، دستاويزي صورت ڏيڻ جي روايت جو باني پڻ سڏبو. مٺل جي قلم ۾ جيڪا سگهه آهي، هو ان کي اڳتي به سنڌ جي علم، ادب ۽ تحقيق جي لاءِ، اڳ کان اڳرو ٿي ڪتب آڻيندو. سائين کي هڪ گذارش آهي ته هو هن ڪتاب جو اِي- ايڊيشن به ترت پڌرو ڪري، جيئن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ ماڻهو سندس لکڻين مان لاڀ حاصل ڪري سگهن.

ــ ڊاڪٽر قاسم راڄپر
ڪراچي
سومر - 21 ڊسمبر 2015ع