سفرناما

سفر بخير

هن سفر نامي وسيلي مٺل، ملڪ جي گهڻن ئي ماڳن جو نه رڳو سير ڪرايو آهي، پر مختلف تعليمي ۽ کوجنائي ادارن جي سير وسيلي، هن معلومات جو به ونڊ ڪرايو آهي. عام طور اسان وٽ سفرنامن ۾ معلومات گهٽ، ذاتي تشهير وڌيڪ هوندي آهي، پر مـٺل به الطاف شيخ جي پوئواري ڪندي، سفرنامي کي ذاتي تشهير بدران، معلومات جو وسيلو بڻايو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2417
  • 818
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مٺل جسڪاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سفر بخير

• رهيس راولپنڊيءَ ۾، گهميس اسلام آباد !

اسلام آباد پهريون دفعو ڪڏهن ويس، ياد نه آهي! گهڻا دفعا ويو آهيان، اهو به ياد ڪونهي! هڪ دفعي جيئن ئي شام جو اسلام آباد پهتس، ته مون کي هڪ هوٽل ۾ وڃي ڇڏيائون! اتي رات گذاري، صبح سوير اسلام آباد کان ٿورو ٻاهر کڻي ويا، جتان شام جو واپس، اچي هوٽل ڇڏيائون! ٻئي ڏينهن صبح سوير وري به ساڳئين جاءِ تي کڻي ويا، ساڳئين هوٽل تي ورائي آيا! ٽئين ڏينهن به صبح سوير کڻي ويا، ۽ شام جو هوائي اڏي تي پهچايائون! اتان جـهاز کنيو، جنهن اچي ڪراچيءَ ۾ ڇڏيو...
هڪ دفعي ته سڄا سارا ڇهه مهينا اسلام آباد ۾ هئس! ان عرصي ۾ اسلام آباد ۽ ان جو آسپاس به گهميم، هڪ ٻه دفعو اسلام آباد مان ٽنڊو ڄام اچي، هڪ رات رهي، وري واپس اسلام آباد ويس!
هن دفعي سڄيون ساريون چار راتيون، هڪ اهڙي هوٽل ۾ رهيس، جيڪا اهڙي روڊ (رستي، شاهراهه) تي هئي، جنهن جي هوٽل واري پاسي وارو راولپنڊيءَ جو علائقو هو، ۽ ٻئي پاسي اسلام آباد هو. رات جو دير سان پهتو هئس، صبح سوير اٿي، اسلام آباد روانو ٿيس. پهرين پاڪستان جي فطري سونهن ۽ تاريخ واري ميوزيم ۾ مصنوعي پر وڻندڙ، عجب ۾ وجهندڙ، فطري سونهن وڃي ڏٺم، ۽ تاريخ بابت ڄاتم. اهو هو پاڪستان سائنس فائونڊيشن جو قائم ڪيل پاڪستان ميوزيم آف نيچرل هسٽري. ان ۾ ڪراچيءَ وٽان، سمنڊ ڪناري تان لڌل، وزندار شارڪ مڇيءَ جو ڍانچو به محفوظ ڪري رکيل آهي، ته ڊائنوسار کان پوءِ جي وڏي مخلوق، جنهن جا اهڃاڻ بلوچستان مان مليا، ان جو سائنسي تحقيق جي روشنيءَ ۾ ٺاهيل، هٿرادو وڏو مجسمو به آهي، ته تمام ڊگهي مانگر مڇ جو تاريخي ڍانچو (هڏائون پڃرو) پڻ موجود آهي. اهڙيون تمام گهڻيون شيون، جن ۾ مختلف قسم جا ٻوٽا، وڻ، پکي، جانور ۽ ٻيءَ جِيوَت سميت، مختلف قسم جا ڌاتو به رکيل آهن. وقت گهڻو هجي ها، ته هر هڪ بابت تفصيل نوٽ ڪجن ها، ۽ پڙهندڙن کي پڙهندي سڄو سارو ميوزيم گهمايان ها...
اهو ميوزيم، اسلام آباد ۾، گارڊن اوينيو واري علائقي ۾، لوڪ ورثه جي ويجهو هجڻ سبب، منهنجي ٻيءَ منزل لوڪ ورثي لاءِ مخصوص عمارت ۾ موجود لوڪ ورثو ڏسڻ، ۽ ان مان پرائڻ جو مقصد هو. اتي پهتس ته ٽڪٽ وٺي اندر داخل ٿيڻ واري دروازي جي ڀر ۾ هڪ ٽولو ويٺل هو، جنهن ۾ موجود ماڻهو، لباس جي نسبت سان پنجابي، سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ پئي لڳا، پر مون کي انهن ۾ ڪو هڪ به سنڌي، بلوچ يا پٺاڻ نه لڳو! اهي ڪي وڏا فنڪار هئا، وٽن ساز هئا، جنهن مهل سنڌي ماڻهن جو ڪو جٿو پئي آيو، ته هنن سنڌي راڳ پئي ڳايو، جيڪڏهن بلوچ پئي ڏٺائون ته بلوچي يا وري پٺاڻ ڏسي، پشتو راڳ پئي ڳايائون ۽ انعام به گُهري پئي ورتائون. کين ملندو انعام ڏسي، منهنجي ذهن ۾ آيو، ته انهن کي پگهار کان وڌيڪ ته انعام ۾ ڏوڪڙ ملي ويندا هوندا. ڪاش! اتي سڀني ٻولين جا ڳائيندڙ هجن، انهن کي پگهار به ملندو هجي، رٽائر ٿين ته پينشن به سندن حق هجي. جيڪڏهن ائين آهي يا ناهي، مون کي معلوم ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي!
لوڪ ورثي واري عمارت ۾، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي رهڻي ڪهڻيءَ جا منظر، پوشاڪ، پيشا وغيره ڏيکاري، انهن بابت ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. ايران ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن جي حوالي سان به ڳچ سارو مواد آهي. اطمينان سان ڏسڻ لاءِ، منهنجي خيال ۾، اتي به هڪ سڄو ڏينهن خرچ ڪجي.
لوڪ ورثي جي احاطي ۾ موجود سڀني شين ۽ ماڻهن تي نظر ڦيرائيندو، ٻاهر نڪتس ته شڪر پُڙيان واري ڊِٻ نما جبل جي سائي ستابي چوٽي گهميم، جنهن ۾ گلڪاري به ڏاڍي سٺي ٿيل آهي، ۽ قسم قسم جا وڻ، ملڪي ۽ پرڏيهي نمايان شخصيتن پاران پوکيل وڻ آهن، انهن وڻن تي پوکيندڙ جو تفصيل به موجود هو.
شڪر پُڙيان جي چوٽيءَ تان لهي هيٺ آيس، ته اتي نيشنل مانيومينٽ يا شايد مونامينٽ هو، سڀني ائين پئي پڙهيو ۽ اُچاريو. اتي هڪ عمارت ۾ ملڪ جي معروف، مشهور ۽ امتيازي شخصيتن جي ياد تازي ڪرائيندڙ سامان، ڏيک آهن. جڏهن ته ان جي ڀر ۾ هڪ اهڙي نموني اڏاوتي ڪم ڪيل آهي، جنهن لاءِ اتي جي ماڻهن پئي ٻڌايو، ته هوائي جـهاز مان سفر ڪندي، ان حصي کي ڏسبو، ته چنڊ ۽ تاري جو منظر محسوس ٿيندو.
هاڻ اتان ٿي، پوءِ فيصل مسجد پهتس، جتي به ماڻهن جي رش ائين ئي هئي، جيئن شڪر پُڙيان تي، جيئن ڪنهن وڏي درگاهه تي رش هوندي آهي. ماڻهن مسجد جي به ”زيارت“ پئي ڪئي. ڪن ڪن نفل پئي پڙهيا.
مسجد جا منظر ڏسي دامنِ ڪوهه روانو ٿيس. دامنِ ڪوهه جي پِڪنڪ پوائنٽ تي پهچندي پهچندي، رستي جي ورن وڪڙن ۾ ڀولڙا به ڏٺم، جيڪي جهنگلي ته هئا، پر سڌريل به هئا، نه ڊنا پئي نه وڙهيا پئي. جيڪي ماڻهو پنهنجين گاڏين ۾ هئا، انهن مان ڪي انهن ڀولڙن سان بيٺا به پئي. کين ڪجهه ڏنو به پئي. ڪن تصويرون ڪڍڻ لاءِ، انهن ڀولڙن سان حجتون به ڪيون پئي.
دامنِ ڪوهه جا دلربا منظر ڏسي، سيءَ سهسائي، هيٺ اسلام آباد جي جانورن واري باغ يعني زُو ايريا ۾ لهي آيس. اتي به گهمڻ لاءِ ٽڪيٽ هو. مون تازو لاهور جو زُو ڏٺو هو، ان ڪري ساڳيا جانور وري ڏسڻ بدران، ٻاهران چڪر هڻڻ کي ترجيح ڏنم. ان دوران ڪي اهڙا ماڻهو ملي پيا، جيڪي پڻ لاهور ۾ جانورن جو باغ گهمي آيا هئا. انهن هڪ ٻئي سان احوال پئي ڪيو. مون پنهنجي ڪنن سان ٻڌو، ته هن کان ته لاهور وارو زُو گهڻو ڀلو هو، جانور ۽ پکي به اتي ججها هئا. انهن مان هڪ چيو آئون ان ڪري ويس ته اسلام آباد ۾ ڪو اڃا وڌيڪ سٺو زُو هوندو، پر هتي ته اچڻ ئي اجايو لڳو!
صبح کان لڳاتار گهمندي ڦرندي، هاڻي سج لهي چڪو هو، ان ڪري اتان جناح سُپر مارڪيٽ جو رُخ ٿيو، پر مون سان گڏ گهمندڙ اڪثريت ايتري ٿڪي پئي، جو مجبور ٿي، اسان پنهنجي رهائش واري هوٽل ڏانهن رخ ڪيو.
ٻئي ڏينهن صبح سوير تياري ڪري، ايرڊ ايگريڪلچر يونيورسٽي راولپنڊي گهمڻ لاءِ نڪتاسين، پر ڪن اڻ ٽر مجبورين ۽ سببن جي ڪري، پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل (پي اي آر سي) جي ماتحت اداري، قومي زرعي تحقيقي مرڪز (اين اي آر سي) ڏانهن رُخ ڪيوسين، جتي زراعت سان لاڳاپيل مختلف شعبا گهمندي، انهن بابت ڄاڻندي، منجهند ٻارهين وڳي، اتان کان پوءِ ليڪ وِيُو ۽ راول ڊيم جا منظر ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين. ليڪ وِيُو ۾ داخلا في کان پوءِ، ان ۾ اندر ٻيا به اهڙا هنڌ هئا، جتي گهمڻ جي الڳ في هئي. معلوم ڪرڻ تي خبر پئي، ته ليڪ وِيُو جا سڀ حصا گهمندي، في ڀريندي، سڀني ٽڪيٽن تي اٽڪل پنج سئو رپيا لڳندا! مون وٽ پنج سئو رپين جي اهميت گهڻي هئي، ان ڪري ٽڪيٽ وارا هنڌ گهمڻ بدران ليڪ وِيُو ۽ اتان کان راول ڊيم جا منظر پري کان ڏسي، اکيون تازيون ڪري، امام بريءَ روانا ٿياسين.
امام بريءَ جي درگاهه کي ويجهو، جيئن ئي بس مان لٿاسين، ته واپس بس ۾ چڙهڻ تائين، سراسري هر ٽئين ماڻهو، مون کان پڇيو: ”ديڳ کپي؟“. منهنجي حالت اها هئي، ته مون درگاهه ڏانهن وڃڻ کان پهرين هوٽل ڳولي، جيڪا نظر نه آئي، ته 50 رپين ۾ برگر ورتم، هانءُ جهل ڪري درگاهه ڏانهن وريس ته... مون ٻڌو ضرور هو، پڪ به ٿي. پڇا ڪرڻ تي خبر پئي، ته هتي هر وقت، هڪ نه ته ڪو ٻيو لنگر (ڀت) پيو ورهائيندو آهي. منهنجي خيال ۾ ٻن يا شايد اڃا به ٽن ديڳن مان لنگر (ڀت)، مون به چکيو (کاڌو)، ته پيٽ ڀرجي ويو ۽ برگر جي 50 رپين، ڄڻ ته منهنجو پتو ئي ساڙي ڇڏيو.
امام بريءَ تان ورندي رات ٿي چڪي ۽ اچي جناح سپر مارڪيٽ ۾ پهتاسين. هن مارڪيٽ ۾ پراڻن ڪتابن جي سستي بازار جو ٻڌو هو. اها ڳوليندي، ڪتابن جي هڪ ٽماڙ ۽ وسيع دڪان ۾ وڃي نڪتس. گذريل نَو ڏينهن لاڳيتا، مختلف شهر لتاڙيندي، بازارون گهمندي، ٻين ته گهڻو ڪجهه ورتو هو، پر مون چاهيندي به اڃا ڪجهه نه ورتو هو. ان ڪري ڪِري ٽوڙيندي، ڪجهه ڪتاب ڳولي هٿ ۾ کنيم. رعايت جو آسرو هو، پر ٽڪي جي به رعايت نه ٿي، ۽ انهن ڪتابن جي رقم ڏئي، مُنهن خراب ڪري، اچي بس ۾ ويٺس. انهي بس کڻي اچي رهائش واري هوٽل وٽ لاٿو.
لاڳيتا ڏهه ڏينهن روز، صبح سوير اٿڻ، رات جو دير تائين جاڳڻ، ٿڌ کان پاڻ بچائيندي ڏهه ڏينهن ته گذري ويا، هاڻ يارهين ڏينهن تي صبح سوير راولپنڊيءَ جي صدر بازار ۽ اتان پوءِ وري راجا بازار روانو ٿيس، پر طبيعت اهڙي جو...
سوچيو هئم ته تحفا وٺي ورندس، تحفن لاءِ فرمائشون به ٿيون هيون. هر فرمائش دل ۾ لکيل هئي، هر فرمائش اڃا به ياد اٿم... تمام ٿورڙيون شيون، صرف ٻارڙا راضي ڪرڻ واريون وٺي، واپس هوٽل وري آيس، ان وچ ۾ ايرڊ ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ کي ڏسندو، اچي هوٽل پهتس. رات ٿي چڪي هئي. رات جو ڪچهري مچي وئي هئي، ان ڪري سڄي رات نه ستس. صبح جو چئين وڳي هوٽل ڇڏي راولپنڊي پهچڻو هو، ان ڪري وقت تي نڪري، وقت تي ريلوي اسٽيشن پهتس، جتان ريل گاڏي وقت تي رواني ٿي، پر صادق آباد وٽ انجڻ فيل ٿي پيس، ان ڪري رات جو ٻارهين کان صبح ٽين وڳي تائين اتي بيٺي رهي ۽ پوءِ نيٺ، دير سوير اچي منزل تي پهچايائين...