• سفر ٻفر
سَفر، صَفر يا سِفر؟!
صفر، سال جي ٻارنهن مهينن مان هڪ مهيني جو نالو به آهي، ته صفر ڪيترن ئي ماڻهن جو پڻ نالو آهي. انگريزي ٻوليءَ جي لفظ سفر (Suffer) جي معنى متاثر ٿيڻ آهي، پر هتي ”متاثر ٿيڻ“ جو مطلب انگريزيءَ وارو لفظ امپريس (Impress)نه سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انگريزيءَ لفظ سفر جي ٻيءَ معنى شڪار ٿيڻ يا ائين کڻي چئجي ته تڪليف ۾ پوڻ آهي، جيڪو هتي وڌيڪ ٺهڪي ٿو، ڇو ته اوهان جو اندازو سورنهن آنا صحيح آهي، ته ڪنهن کي سفر نامو لکڻ اچي يا نه اچي، پر هو لکي ٿو. اهو ليکو (ليک) ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي، پر پاڻ سڀنيءَ کي پرُوڙ آهي، ته هر سفرنامو لکجي ٿو، پهرين ڪنهن اخبار ۽ پوءِ ڪتاب جي صورت ۾ به ڇپجي ٿو، تنهن کانپوءِ وري وري به اخبارن ۾ شايع ٿيندو رهي ٿو. ان ڪري جيڪو پڙهي ٿو، اهو به سفر ڪري ٿو، ۽ جيڪو نه ٿو پڙهي، سو به سفر ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح جيڪو لکي ٿو اهو به، ته جيڪو نه ٿو لکي، سو به سفر ڪري ٿو. آئون به ڪنهن خاص مخلوق مان نه آهيان، ان ڪري سفر لکڻ، ڇپائڻ ۽ پڙهائڻ چاهيان ٿو، ته جيئن ٻيا به سفر ڪن! جنهن کي سفر جي هيءَ ڪٿا سمجهه ۾ اچي، اهو مون کي ٻفر سمجهائي ۽ جيڪو مون جـهڙو موڳو مٽر هجي، اهو همٿ ڪري سَفر، صَفر، سِفر ۽ ٻفر، چئني لفظن جي معنى ڪنهن لغت ۾ ڳولي، ٻُڌائي ۽ سمجهائي، پر ياد رهي ته لغتون ٻن - ٽن قسمن جون آهن. پهرين، شروعاتي لغت، ڪنهن هڪڙي ڄڻي، اڪيلي سر مٿا ڪُٽ ڪري ترتيب ڏني، جنهن لاءِ اي ٽي شاهاڻيءَ واري انگلش ٽو سنڌي ڊڪشنري جو مثال وڌيڪ مناسب پيو سمجهان. ڇاڪاڻ ته اها ڊڪشنري ترتيب ڏيندي، شاهاڻي صاحب اڪيلي سر ڪوشش ڪئي هئي، ۽ گهڻو ڪري ٻيون ڊڪشنريون ان کان پوءِ ميدان ۾ لاٿيون ويون، جن مان اڪثر، پهرئين ڊڪشنريءَ کي شاهه ڪاريگريءَ سان ٿورو بدلائي، ٻيهر ٻين نالن سان ڇپرايو ويو. ٻيون لغتون اُهي، جيڪي ٻن، ٽن يا اڃا گهڻن گڏجي ترتيب ڏنيون ۽ ڇپجڻ وقت شامل سڀني نالن سان گڏ، ڪنهن هڪ اڌ جو نالو ياري باشي يا مٽي مائٽي نڀائي، يا خرچ جو حصو پتي وٺي، ان جو نئون نالو شامل ڪري ڇپرايون ويون. جنهن کانپوءِ، انهن مان جنهن جو به نالو ياري دوستي يا مٽي مائٽي نڀائيندي ڏنو ويو، ان سُس پُس وسيلي سڄي محنت پنهنجي نالي ڳڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ڪامياب به ويو! ۽ لغت جو جيڪو ٽيون قسم ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو، اهو گهڻو مختلف آهي. چوڻ وارا چون ٿا ۽ ڪن ڳجهه ڳوهه ۾ لکيو به آهي ته، لغت مختلف وسيلا ڪتب آڻيندي، گهڻن ڄڻن ترتيب ڏني، پر شايع صرف هڪ اهڙي شخص جي نالي سان ٿي، جنهن اها لغت ترتيب ڏيڻ دوران، صرف ۽ صرف جمعداري يا خبر نه آهي جُماداري ڪئي! يعني ”لٺيون جهلي ڀولڙو، کٽيو کائي ڪهيري!“، يا ”ڪم ڪري ڪارئُو، نالو ٿئي ڪمدار جو!“، يا وري ائين به کڻي چئجي ته ”ڪُڪُڙ ڪوريءَ جو، نانءُ وڏيري جو!“... پاڻ وٽ اهڙيون ڪيتريون ئي لغتون به ملنديون ۽ ڪتاب به ملندا، جيڪي لکيا گهڻن ڄڻن گڏجي ۽ ڇپيا وري ڪنهن به هڪ جي نالي سان!؟... يا ٻيءَ کان وڃبو ته ”نظرثاني“ يا وري ”مرتب“ طور، پر نالو ضرور ٽُنببو!؟...
مون جيڪو سفر ڪيو ۽ جنهن کي بنياد بنائي هيءُ سفرنامو لکي رهيو آهيان، اهو دراصل گهر کان گهر تائينءَ جو اهڙو احوال آهي، جيڪو اوريندي، گهڻيون ڳالهيون واقع به وسري وينديون، پر ڪيتريون ئي وارتائون ياد هجڻ باوجود به، نه ڪبيون، نه لکبيون، ته جيئن رهي سهي بچيل عزت باقي رهي!؟...
ها! سو عرض ته مون کي جيئن ئي خبر پئي ته پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل، وائيس چانسلر، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، منهنجي درخواست قبول ڪندي، اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ان ڪري هاڻي سفر تي اسهڻو آهي، خوب خيالي پُلاءُ پچايم ته نوان ڪپڙا وٺندس، سوٽ بوٽ وٺندس... پر ڪجهه به نه وٺي سگهيس. 6 جون 2011ع تي منجهند 12 وڳي فلائيٽ هئي، جنهن لاءِ ڏيڍ ڪلاڪ اڳ پهچڻ جون هدايتون هيون، ان ڪري صبح جو 5 وڳي، ساڳين آٿرن ۾ گهران نڪري پيس.
سوچيو هئم ته گهران ڪار ۾ نڪرندس، جيڪا سڌو جـهاز تي ڇڏيندي، پر ڪار حيدرآباد جي هڪ بس اڏي تي پهچي جواب ڏنو، ته ماٺ ڪري وڃي بس ۾ ويٺس. بس ۾ ئي ٿوري گهڻي گهر ۽ ٻارڙن جي پريشاني ٿي پئي، پر ڊگهڙيءَ جي هڪ اڻ ڏٺل (جڏهن هيءُ سفر نامو لکيو هئم، تڏهن اڻ ڏٺل هو، هاڻ روبرو ملاقاتون، ڪچهريون ٿيون به آهن، ۽ اميد ته سلسلو هلندو به رهندو)، موبائيل فون دوست، حاجي محمد اسماعيل لغاريءَ جي هن ايس ايم ايس آٿت ڏني، جنهن کي هي ٻه اکر پڙهڻ کان پوءِ خبر پوندي، ته سندس ان نياپي مهل آئون ڪٿي ۽ ڪهڙي ڪيفيت ۾ هئس! هن لکيو هو:
وه هي محفوظ رکي گا تيري گهر ڪو بلائون سي،
جو بارش مين شجر سي گهونسلا گرني نهين ديتا...
هڪ ٻئي مهربان، جنهن کي به خبر نه هئي ته آئون ڪٿي ۽ ڪهڙن ويچارن ۾ آهيان، ان ٽالسٽاءِ جو هيءُ قول موبائيل نياپي ۾ موڪليو: ”صرف اهي ماڻهو بي پناهه محبت ڪري سگهندا آهن، جيڪي سخت صدمي جو مزو ڄاڻندا هجن“.
هن سفر ۾ اسين ٻه ڄڻا (هڪ آئون ۽ ٻيو اشفاق ناهيون) گڏ هئاسين. اسان پاڻ ۾ ڳالهيون به پئي ڪيون، ته خبر نه آهي ڪهڙا ڪهڙا پُور به پئي پچاياسين... نيٺ بس اتي اچي لاٿو، جتان جـهاز پرڀرو هو. ٽيڪسي ڪار کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نه پئي سُجهيو، سو سستي ڀاڙي تي اهڙي ڪار نصيب ٿي، جنهن کي ڊرائيور به شايد منهن تي لوڻ ٻُرڪي پوءِ پئي هلايو، جنهن ڪري هن (ڊرائيور) مون کي ذرو به ڦڪائي محسوس نه ڪرائي. چالاڪ اهڙو هجي، جو اسان کي ڏسندي ئي سمجهي ويو، ته همراهن کي گس گام جي خبر نه آهي، ان ڪري پنهنجي واتان گهريل ڀاڙو وٺڻ باوجود ايترو پري وڃي لاٿائين، جو ڪلهي ۾ لٽڪندڙ ٿيلهي ٿڪائي وڌو، جنهن تي مون کي ان خوف اچي ورايو، ته شايد ٿيلهو ويهه ڪلو کان گهڻو ڳرو آهي، ان ڪري وڌيل بار جو ڀاڙو ڀرڻو پوندو... جڏهن وزن ٿيو، ته حيرت جي ڪا حد نه رهي، ٿيلهي ۾ هو ڇا، جو وزن هوندس! ٽي وڳا ڪپڙن جا، هڪ چپل، مُنهن ۽ موچڙو (جوتو) گهڙڻ ۽ پالش ڪرڻ جو سامان، ٽوٽل پنج ڪلو وزن....!؟ هاءِ ڙي جواني! ٻورين کي ٻانهن ڏئي کڻندو هئس... ڳچ پنڌ تائين، اڍائي مَڻِي ٻورِي اڪيلو به کڻي ويندو هئس... هاڻي ته مون کي به اعتبار نه ٿو اچي!
هوائي اڏي تي پهچڻ وقت ٿوري پريشاني به ٿي، ته هاڻ ڇا ٿيندو، پر منهنجي هن سفر جي سبب بنجندڙ محمد اسماعيل ڀٽي جو موبائيل نياپو مليو، يا ياد ناهي ته هن فون ڪري چيو هو ته: ”اوهان ڪو به فڪر نه ڪجو. هوائي اڏي تي ڊاڪٽر شاهينه فياض اوهان جو خيال ڪندي، کيس مون اوهان جو نمبر ڏئي ڇڏيو آهي“. ڊاڪٽر شاهينه ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ نيشنل نيماٽالاجيڪل ريسرچ سينٽر جي ڊائريڪٽر، دنيا جي مڃيل محقق ۽ نيماٽالاجيءَ ۾ تحقيق ڪندڙ ماتحت عملي ۽ شاگردن / شاگردياڻين لاءِ بهترين نگران ۽ سهوليتڪار آهي.
چوندا آهن ته ”انڌن وڃي ملتان ڏٺو“، اسان ته وري به سڄا سارا ٻه ڄڻا، چئن ثابت اکين سان هئاسين، ٻه چار اکر پيٽ ۾ هئا، ۽ سرڪاري، نيم سرڪاري ملازم به نه، پر ”صاحب“ (!؟) به هئاسين، سو ايترا سارا ڏَڍَ هجڻ ڪري، هوائي اڏي جا ڪم اڪلائيندا، اڳتي وڌندا پئي وياسين. ان وچ ۾ اوچتو ڊاڪٽر شاهينه جي فون آئي. حال احوال ٿيا ته حيران ٿي چيائين: ”اسماعيل ته مون کي اوهان جي اهڙي نموني پارت ڪئي هئي جو، ڄڻ ته مون کان سواءِ اوهان ٻاهر بيٺا هوندا!؟“...
آئون ٻئي دفعي پئي جـهاز ۾ چڙهيس ۽ جيڪو مون سان گڏ هو، اُهو پهريون ڀيرو جـهاز ۾ چڙهيو هو. اسان کي دريءَ واري سيٽ ملي. ان ڪري پهريون دفعو جـهاز ۾ چڙهڻ واري کي آٿت ڏيڻ لاءِ، دريءَ واري پاسي مون کي ويهڻو پيو. اڃا جـهاز بيٺو هو، سو ٿڌ ته بلڪل ئي نه، گُهٽ ۽ اُٻس گهڻي هئي. رکي رکي اُلٽيءَ جي ڌپ پئي آئي، جيڪا شايد اسان کان پهرين سفر ڪندڙ مسافرن مان ڪنهن ڪئي هوندي، پر جـهاز ۾ صفائيءَ جو عملو هجڻ باوجود صفائي نه ٿيڻ سبب، رکي رکي دل ڪچي ٿي رهي هئي. شاباس آهي منهنجي ان ٻچڙي کي، جنهن کي منع ڪندو رهندو آهيان ته مٺيون سوپاريون نه کائيندو ڪر، ان مون کي سؤنف سوپاري ڏئي ڇڏي هئي، ۽ مون به کيسي ۾ رکي ڇڏي هئي، اها واهه جو ڪم آئي! ذرو ذرو ڪري وات ۾ وجهندو ويس ۽ الٽيءَ کان بچاءُ ٿي ويو، پر منهنجي سڀنيءَ کان ننڍي دادلي ابرار نياپو ڪيو ته: ”بابا، اسان کي ته اوهان جي ڪمي پئي محسوس ٿئي، اوهان کي ڇا پيو محسوس ٿئي؟“ سندس نياپو پڙهي مون کي کل به آئي ۽ کيس جواب ۾ به لکيم ته: ”اڄ پهريون ڏينهن آهي، اوهان اهو سمجهو ته آئون معمول موجب آفيس ويو آهيان.“
هاڻي اوهان پاڻ سمجهو، جـهاز ۾ ويٺا هئاسين. مون پاڻ سان گڏ پهريون دفعو جـهاز ۾ چڙهندڙ کي آٿت به ڏني پئي ۽ ان جي رهنمائي به ڪئي پئي... ان دوران، مون هيڏانهن هوڏانهن اک به ڦيرائي پئي، هڪ ٻن ويجهن دوستن ۽ مائٽن کي جـهاز جي سواريءَ وارو رعب چاڙهڻ لاءِ ايس ايم ايس به ڪيم: ”نصيب اپنا اپنا. هن جـهاز جون ايئر هوسٽس ته ڏائڻيون پيون لڳن!؟ ننڍڙا ٻار به جـهاز ۾ آهن، تعداد ۾ خواتين مسافرن جي گهڻائي آهي“. هڪ دوست جواب ۾ لکيو: ”واهه! معنى ته جـهڙيون چِٻُون آهن!“ هن اهو به پڇي ورتو ته: ”اوهان کي جـهاز ۾ موبائيل استعمال ڪرڻ جي اجازت آهي ڇا؟“ ٻُڌايومانس ته: ”جـهاز اڏامڻ کان اڳ تائين ته استعمال ڪري سگهجي ٿو، پوءِ نه!“. ٻئي دوست لکيو: ”سٺو مال ٻاهر برآمد ٿئي ٿو“. مير اعظم ٽالپر جواب ڏنو:
سچ ڪهون تو جگ روٺي، جهوٽ بولون تو رام،
ڪبير بيچارا ڪيا ڪري، دونون ڪٺن ڪام!
(ڀڳت ڪبير)
جـهاز هلڻ - اڏامڻ ۾ پنج منٽ دير ڪئي ته هڪ پٺاڻ وڏي آواز ۾ چيو: ”ٽائيم هو گيا، جـهاز ڪيون نهين چلا رهي؟“. اهو ٻُڌي اسان جي جوڙي کلي پئي ۽ دل ۾ خيال آيو ته اسان جـهاز ۾ ويٺا آهيون يا نصرپور واري بس ۾...! چرچي طور ڪن دوستن ڏانهن نياپو لکي موڪليم، ته هڪ دوست جواب ڏنو: ”صبر ڪريو! پٺاڻ جو خيال ڪجو، متان ٽپ ڏئي، جـهاز مان“. جـهاز هلڻ - اڏامڻ جي ڪئي ته موبائيل بند ڪري ڇڏيم...
خيرن جو اسان پنهنجي منزل اسلام آباد اڏي تي وڃي پهتاسين. موبائيل کوليم ته نياپن مٿان نياپا به پهتا. هڪ دوست لکيو: ”اوهان به سٺن ٻارن وانگر فون بند ڪري ويٺا آهيو“. جڏهن ته ان ۾ جـهاز جي سمورن سوارن جي گڏيل ڀلائي هُئي. اها ٻيءَ ڳالهه آهي ته ڪي شوبازي ڪندي، جـهاز عملي کان لڪي، موبائيل استعمال ڪندي ڏسڻ ۾ آيا، پر انهن سان گڏ ويٺلن به کين منع نه ڪئي، ۽ نه ئي عملي کي ٻُڌايو! حبيب ميمڻ جي هدايتن، صلاحن ۽ دعائن توڙي ڀوڳن وارا نياپا، هتي ڪو نه ٿو لکان.
اسلام آباد اڏي تي ميزبان (اسماعيل ڀٽي) ۽ اياز لاکو اسان کي وٺڻ آيا هئا. جڏهن ته مون اياز کي سختيءَ سان منع به ڪئي هئي، ته اسان جو سڄو بندوبست آهي، تون نه اچجان! جيئن ئي اسين فارغ ٿينداسين، توسان رابطو ڪنداسين، پوءِ ڪچهري ڪري وٺبي. پوءِ به هو نه مُڙيو، گاڏيءَ سميت پهتو. ان ڪري ميزبان (اسماعيل ڀٽي) سان معذرت جو اظهار ڪري، الڳ اياز لاکي سان روانا ٿياسين. چانهن جي شديد ضرورت محسوس پئي ڪئي سين، سو فيصلو ٿيو ته شوڪت علي چانڊيو وٽ چانهن پيئبي! (شوڪت علي چانڊيو اهو ساڳيو شخص آهي، جيڪو ڪڏهن شوڪت چانڊيو، ڪڏهن شوڪت سرواڻ، ڪڏهن سرواڻ سنڌي نالي سان لکندو آهي، شاعر به آهي، صحافي به آهي، اسلام آباد ۾ نوڪري ڪري ٿو). اسان ان وٽ ئي ويٺا هئاسين، روزاني عبرت اخبار جي صفحي ”کيتي سر سيتي“ جي انچارج احسان بوزدار (هاڻ ان صفحي جو مرتب سائين حيات علي شاهه بخاري آهي) ايس ايم ايس ڪري موسم جو پڇيو، جواب ڏنومانس: ”جـهڙي ڌوڙ تهڙي ڇائي... عبرت جي اڳوڻي ڪارڪن ۽ ليکڪ شوڪت سرواڻ جي ٿڌي آفيس ۾ ويٺو آهيان، ان ڪري موسم ٺيڪ آهي“. ان تي سرواڻ کي سلام به پهچائڻا پيا، ته پهتل ڪجهه ايس ايم ايس ۽ انهن جا جواب به پڙهي ٻُڌائڻا پئجي ويا. گرمي ڏاڍي هئي. زبير نظاماڻيءَ جي ٻُڌايل موسمي اڳڪٿي، ته ”اسلام آباد جي موسم ڏاڍي پياري آهي، اڄ برسات ٿي سگهي ٿي“، روايتي طور ڪوڙي ثابت ٿي. جيترا به ڏينهن اتي هئاسين، هڪ به ڦُڙي نه پئي!
اسان پنهنجين مصروفيتن کان 20 ڪلاڪ اڳ پهچي ويا هئاسين. مارگلا پهاڙين جي پاڙ ۾، هڪ خوبصورت ۽ مڪمل ٿڌي هوٽل ۾ رهڻو ۽ ٻيءَ مصروفيت سان نڀائڻو هو. سج لٿي مهل پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر منظور حسين سومرو سان ملاقات ٿي، ته هن خير آفيت سان پهچڻ جي خبرچار وٺندي، ڀلوڙ ڀليڪار ڪئي. ساڻس گڏ عملدارن سان منهنجو تعارف انتهائي نرالي انداز ۾ ڪرايو. جنهن تي ٻين مون کي تعجب سان پئي ڏٺو، اسماعيل منهنجو شاگرد هجڻ تي خوش پئي ٿيو، ۽ مون دل ئي دل ۾ منهنجون لکڻيون ڇپيندڙن جا ٿورا پئي مڃيا. ان کانپوءِ، جيستائين متوقع ڪم ڪار شروع ٿئي، تيستائين اهڙا واندا هئاسين، جو هڪ دوست کي جواب ۾ لکيم ته: ”انتهائي بوريت. ڇو ته وڏي هوٽل، ججهي سيڪيورٽي، پبلڪ پليسز کان پري، مصنوعي نموني سان منهن ٺاهي هلندڙن جي وچ ۾، بس ايترو آهي ته ڪو ڪم ڪونهي، پر آرام مڪمل آهي“.
مون کي سچ ته پهرئين رات تمام گهڻي بوريت پئي ٿي، ان ڪري ٽي وي به ڏٺم پئي. اوچتو چينل جو نالو پڙهيم. سڀني ٻارن کي نياپو ڪيم ته: ”آئون عروج (منهنجي هڪ ڌيءَ جو نالو عروج آهي) ٽي وي ويٺو ڏسان، اوهان ڇا پيا ڪريو؟“ ان تي منهنجي وڏي نياڻي باقي ڀائرن ۽ ڀينرن جا نالا لکي نياپو ڪيو: ”ها ها ها...! بابا، ٻيا چينل به ڏسو، اسان سڀنيءَ جي نالن سان به چينل هوندا“. ابرار نياپو موڪليو ته: ”پلي اسٽيشن 3 سي ڊي سان گڏ آڻڻ نه وساريندا“. موڀي پُٽ اظهار نه نياپو موڪليو، نه ڪال ڪئي، سو ان کي ڏوراپو ڏنم ته جواب ۾ لکيائين: ”فون يا نياپو نه ڪرڻ جو مقصد هيءُ آهي ته اوهان ڊسٽرب نه ٿيو، ۽ ٽينشن نه وٺو. باقي سڀ گڏيا پيا آهيون، سڀ ٺيڪ آهيون. رهي منهنجي لاءِ سوکڙي، سو واپسيءَ ۾ گهر وارا پاڻهي ٻُڌائيندا.“ هن جو ضد هو ته سندس لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 12 ميگا پگزلس جي ڊجيٽل ڪيميرا وٺي اچان. جنهن لاءِ اتي وارن سان مشورو ڪيم ته هو ٽوڪ جي انداز ۾ مون تي کليا، ۽ وراڻيائون ته: ”اسلام آباد کان حيدرآباد ۽ ان کان ڪراچي وڌيڪ سستي پوي ٿي، سو هتان ڇو ٿو وٺين!؟“
منهنجي بوريت ۽ اتي ٿوري گهڻي ڏکيائيءَ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو، ته مون سائين حيات علي شاهه بخاريءَ کي هڪ ايس ايم ايس جي جواب ۾ لکيو: ”واٽر ۾ ٽُٻي هڻي وهنجڻ وارن کي سزا ڏيڻي هجي، ته ٻه ڏينهن هن هوٽل ۾ رهايوس!“ ڇاڪاڻ ته مون کي به، ٻيو ته ٺهيو پر وهنجڻ ۾ به ڏاڍي ڏکيائي پئي ٿي. هر ڏکيائيءَ کي منهن ڏيڻ ۾ منهنجي وڏي نياڻيءَ جي هن ايس ايم ايس منهنجي ڏاڍي مدد ڪئي:
”Educated people change themselves according to the situation, but experienced people change the situation according to them…!“.
اسلام آباد جو مجموعي ماحول بَه ظاهر پُر امن هو، پر خبر نه آهي ڇو، مون کي امر جليل جي لکڻي ياد اچي وئي! هڪ دوست کي چئي ڏنو هئم ته واڙيا پيا آهيون! ڇاڪاڻ ته ٽن ڏينهن ۾ 110 مقالا پڙهڻ لاءِ انتهائي ٽائيٽ شيڊيول (Tight schedule) ترتيب ڏنو ويو هو. ڪيڏانهن به لؤڻو هڻڻ جيتري گنجائش نه هئي!
اسان ”نيشنل سمپوزيم آن بايو ڊائورسٽي آف پاڪستان 2011ع“ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويا هئاسين. جيڪڏهن ڊاڪٽر منظور حسين سومرو سهڪار ۽ محمد اسماعيل ڀٽي همٿ نه ڪري ها، ته آئون نه وڃي سگهان ها. اتي پهچڻ تي خبر پئي ته ڪراچيءَ کي ڇڏي، اندرونِ سنڌ جي ٻين سمورين يونيورسٽين مان هڪ آئون ۽ هڪ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان شڪيل خاصخيلي شرڪت ڪري رهيا آهيون. شڪيل جون هٿ سان ٺاهيل ٻوٽن ۽ ڪجهه پکين جون تصويرون نمائش لاءِ رکيل هيون. اتي ٽوٽل 105 مقالا پڙهيا ويا، اڪثريت هڪ هڪ مقالو پڙهيو، چند ڄڻن ٻه ٻه ۽ صرف آئون اهڙو هئس، جنهن کي ٽي تحقيقي مقالا پڙهڻ جو موقعو مليو. جنهن ڪري هڪ صاحب عجيب قسم جي انداز ۾ چيو: ”واهه، ڀائي آپ ني تو سب سي زياده پيپر پڙهه ليئي!؟“. مون سڀ مقالا ٻُڌا هئا. اڪثر مقالا موضوع سان نڀائيندڙ، معنى خيز، ماضي، حال ۽ مستقبل لاءِ لاڀائتا هئا/آهن. اتي جيتوڻيڪ کير ٿر نيشنل پارڪ تي به هڪ مقالو هو. ڪجهه ڪينجهر جي حوالي سان به هئا. انڌي ٻُلهڻ تي به مقالو هو. ڪُميءَ جي اهميت تي به سٺو پيپر پڙهيو ويو، سانگهڙ لڳ چوٽياريون ڊيم ۾ سائي ڪائي (green algae) جي حوالي سان به تحقيقي مقالو هو، پر مون کي بهرحال ان تي تعجب ٿيو، ته ٿر يا ڪوهستان جي مور تي ڪو هڪ به مقالو نه هو!؟... سمپوزيم ۾ ذري گهٽ سڀني محققن کان سوال پڇندڙ، ڊاڪٽر محمد خان لغاري، ڊائريڪٽر، باٽانيڪل سائنسز ڊويزن، پي ايم اين ايڇ (ڊاڪٽر لغاري هاڻي ساڳئي هنڌ ڊائريڪٽر جنرل آهي)، شريڪ ٿيندڙن کي ڪڏهن به نه وسرندو. مون کي عبدالرحيم راڄپر، ڪيوريٽر جيالاجي، ارٿ سائنسز ڊويزن، جا حال احوال به ياد رهندا، جنهن شرڪاءَ کي ميوزيم گهمائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر گهڻو ڪري ٽائيٽ شيڊيول سبب، ميوزيم ڏسڻ جو موقعو شايد ئي ڪنهن کي ملي سگهيو هجي!؟...
هن سمپوزيم ۾ شايد آئون اڪيلو هئس، جنهن کي ٽي ئي ڏينهن، عام، سنڌي سلوار قميص پاتل هئي. جنهن ڪري، جيستائين مون پيپر نه پڙهيو، تيستائين مون کي لفٽ به گهٽ هئي. وارو ملڻ تي، مون پنهنجو ڪم ڪيو. آئون شرڪاءَ کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هئس. هنن مون کي ڪن ڏئي ٻُڌو هو، منهنجي لاءِ اهو ئي ڪافي هو... پهرئين ڏينهن مقالو پڙهي واندو ٿيس ته اتي موجود هڪ دوست هيءُ موبائيل نياپو موڪليو: ”هتي اوهان جون ڳوڙهيون ڳالهيون سمجهڻ وارا نه آهن.“ ٽي ڏينهن سمپوزيم هو، هر ڏينهن مون هڪ مقالو پڙهيو، پوءِ ته اڃا به رَوَيا تبديل ٿيا. ڪچهري، سائنسي بحث ۽ صلاح مصلحت ڪرڻ وارا وڌيا...
پهريون سڄو ڏينهن باقاعده مصروف ۽ دلچسپ به گذريو. هڪ محقق پنهنجو مقالو پڙهي رهيو هو، ته مون اتي شريڪ، هڪ دوست کان پُڇيو: ”ڪهڙي ٻوليءَ ۾ پيو ڳالهائي؟“ ۽ شايد حبيب کي موبائيل نياپو ڪري ٻُڌايم ته: ”ڊاڪٽر.... پشتو + عربيءَ ۾ انگريزي ڳالهائي رهيو آهي“. سچ به ته ڪو سينيئر ته ڪو جونيئر، ڪو اردو، ڪو پنجابي، ڪو سرائڪي ته ڪو سنڌيءَ ۾ انگريزي ڳالهائڻ وارو به هو... البت هر ڏينهن مصروف گذريو، چند دوستن ۽ گهرڀاتين کانسواءِ، اڪثريت سان ڪو خاص رابطو نه رهيو. پروگرام جي پهرئين ڏينهن، شام جو، هلندي پروگرام ۾، ابصار جو موبائيل نياپو موصول ٿيو ته: ”اَپو (منهنجي ننڍڙي ڌيءَ، آخري ٻار، فضا) اوهان کي ڏاڍو ياد پئي ڪري. اوهان جي ٽوپي هر هر کڻي ٿي ۽ ان سان ڳالهيون ٿي ڪري“. هن نياپي ڪجهه پريشان ڪيو، پر مون ڪنهن کي به محسوس ٿيڻ نه ڏنو ۽ وڏن ٻارن ڏي نياپو ڪيم، ته هن سان ڪچهري ڪريو، ٻاهر وٺي وڃوس، راند ڪرايوس، ڪا شيءِ وٺي ڏيوس...“
رات واري ماني اسلام آباد ڪلب ۾ هئي. مون کي پير ۾ ٿوري تڪليف پئي محسوس ٿي، ان ڪري ارادو ڪيم ته چپل پائي ويندس، پر ماحول جو اندازو نه هجڻ ڪري اسماعيل کان پڇيم. هن کِلي چيو: ”نه سائين!“
مانيءَ کان اڳ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان وڃي، تازو پاڪستان سائنس فائونڊيشن جوائن ڪندڙ پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو ۽ ٻين سان ملاقات ۽ ڪچهري ٿي. موٽياسين ته يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي ڪلاس فيلو، مون کي ’چانهن ۽ سگريٽ پيئڻ جو عادي بنائيندڙ سيف ٽالپر‘ جو پُٽ دانش سيف ۽ سندس دوست ملڻ آيا. هي ٻئي قائدِاعظم يونيورسٽيءَ جا شاگرد آهن (هاڻ شاگرد نه آهن). هِتان هُتان جي ٻين کوڙ خبرن سان گڏ، ججهي ڳالهه ٻولهه يونيورسٽين جي ماحول تي ئي ٿي. هنن ٻُڌايو ته رات دير تائين يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جون ذري گهٽ سڀ سهوليتون ميسر آهن....
ٻئي ڏينهن صبح جو، مون گهر جي ناشتي جـهڙو مزو وٺڻ جي ڪوشش ڪندي، لسيءَ سان پراٺو کاڌو. ٿورو فرق هو. هاءِ بلڊ پريشر سبب، گهر ۾ ته ڦڪي لسي مليو وڃي، پر هتي مٺي به هئي، لوڻ مليل به هئي، ڦڪي نه هئي! گُهريم ته کلي جواب ڏنائون: ”وه نهين مل سڪتي“!؟
سمپوزيم جو ٻيو سڄو ڏينهن به ڏاڍو مصروف گذريو. شام جو ٿڪي ٽُٽي ڪمري تي پهتاسين ته سيف ٽالپر اچي نڪتو، اياز لاکو به پهتو، پوءِ ته ڏاڍي ڀلي ڪچهري ٿي، سڄي ڏينهن جا ٿڪ لهي ويا. هيءَ اتي آخري رات هئي، پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي چيئرمين، ڊاڪٽر منظور حسين سومرو پاران رات واري ماني هئي. ان دوران، شاهه عبد اللطيف يونيورسٽي خيرپور مان آيل شڪيل خاصخيلي بِين وڄائي، ماحول کي خبر نه آهي ته غمگين يا وري خوشگوار بنائي ڇڏيو، پر اهو به طئه ٿيو ته آيل مهمانن مان، هر ٻولي ڳالهائيندڙ، پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾، ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٻُڌائي... پشتو، اردو، بروهڪي وارن ٻُڌايو.. مون کي ڀوڳ سُجهي آيو، سو پنهنجي سڀني ٻارن ۽ ڪجهه ويجهن دوستن کي موبائيل نياپو موڪليم ته مون تي ڍارو ڍريو آهي، ته آئون هتي سڀني کي سرائيڪيءَ ۾ ڪجهه ڳائي ٻُڌايان، سو اوهان ٻُڌايو ته ڇا ڳائجي؟ دوستن ۽ اولاد واهه جون صلاحون ڏنيون. هڪ پُٽ صلاح ڏيندي پنهنجو ڪم ڪيو! لکي موڪليائين ته سرائڪي ٽي وي چينل تي ڳايو ويندڙ مزاحيه گانو: ”ابا سائين ميڏي شادي ڪر، وڃان نه مين ڪوانرا مر...“ ڳائي ٻُڌايو! هڪ ٻئي لکيو: ”اي گهٽي ڪنهن دي پيو دي نهين، اي گهٽي ميڏي دلبر دي هي...“ احسان بوزدار لکيو: ”ڪتي ڪالي ويس ٻيٺا، روندا زاروزار هوسي، ڏاڍا بيقرار هوسي، اهوئي ميڏا يار هوسي، انهين ڪون سلام ڏيوين...“ منهنجي هڪ پُٽ کي لاڏ مان لالا چوندا آهيون، شايد ان ڪري هيءَ به صلاح ملي ته: ”آ ميڏا لالا، گهن ميڏي موڪل، مين تيڏي نال ڄُلدي هان...“ ڳايان.
آخري ڏينهن به ڏاڍو مصروف گذريو. شام جو سمپوزيم ختم ٿيو. هتان ارادو ڪري ويو هئس ته ٻه ٽي ڏينهن وڌيڪ ترسندس. گهمبو، ڦربو، سنگت ساٿ سان ملبو. گهر وارن لاءِ خريداري ڪبي.... پر... رات جو 12 وڳي جـهاز تي روانگيءَ جو پروگرام جُڙيو... آخري شام کان روانگيءَ تائين، سيف ٽالپر، خليل ابوپوٽو، اسماعيل ڀٽي ۽ اياز لاکو سان ڊگهي ڪچهري ٿي. ان دوران ٽالپر جي مهربانيءَ سان، پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل اسلام آباد جي تحقيقي فارم تي هلندڙ ڪجهه تجربن جو جائزو وٺڻ جو به موقعو مليو... سيف ٽالپر کي رات واري مانيءَ جو جواب نه ڏئي سگهيس. اها به واهه جي يادگار رهندي. ڇاڪاڻ ته اسان 09 ڄڻن گڏجي ماني کاڌي هئي. جنهن ۾ دانش سيف ته شريڪ نه ٿي سگهيو، پر لطيف سيف گڏ هو، ۽ پيءُ پُٽ گهٽ، ويجها دوست وڌيڪ محسوس ٿيا. سُٺي پيءُ هجڻ جي اهڙي ڪامياب ڪوشش هر ڪنهن کي ڪرڻ گهرجي. ان سان ماحول بهتر رهي ٿو، مسئلا ڪو نه ٿا ٿين.
ان کانپوءِ، سڄي رات سفر ۾ جاڳي گذاري. واپسيءَ ۾، ڪراچي هوائي اڏي تي جـهاز مان لهڻ وقت، مسافرن کي خبر نه آهي ڇو، لهڻ کان روڪيو ويو هو!؟ ان دوران ڪجهه ماڻهن زور زور سان ڳالهائي، ساڻن زيادتي ٿيڻ جو اظهار به ڪيو هو... شايد هو جـهاز ۾ ججهو سفر ڪندڙ هئا، کين اندازو به هو ته دير جو سبب ڇا ٿو ٿي سگهي!؟ تڏهن ئي ته هڪڙي چيو هو ته: ”يه سارا سيڙهي ڪي وجهه سي هو رها هي. پونا گهنٽا سيڙهي لگاني ۾ لگا ديتي هين! ڪسي بيچاري ڪو جلدي هو، ڪوئي مريض هو، تو جـهاز ۾ سفر ڪرني ڪا فائده ڪيا هُئا!؟“...
سڄي رات جي سفر ۽ اوجاڳي کانپوءِ، صبح سوير گهر پهتس. ٻارن لاءِ ڪو تحفو نه آڻي سگهڻ سبب، سڄو ڏينهن نٽائيندي، سمهي، اوجاڳو پورو ڪندي گذاريو... هونئن ته مون کي ڏاڍو مزو آيو، پر ٻار، ٻارن جي ماءُ ۽ انهن جـهڙا ٻيا سڀ، هٿين خالي موٽڻ تي ٻه ٽي ڏينهن ڏاڍا ناراض رهيا...