محبوب علي جوکيو

Author Name

نامور تعليمدان ۽ مشهور استاد محبوب علي جوکيو ولد ٻانهو خان جوکيو، پهرين جنوري 1933ع ۾ محراب پور، تعلقي ڪنڊياري ۾ ڄائو. 1949ع ۾ استاد مريد حسين خاصخيليءَ جي رهنمائيءَ ۾ سنڌي فائنل جي تياري ڪري نوشهري فيروز سينٽر مان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حاصل ڪيائين. مئٽرڪ ۽ بي. اي به سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين. ايم. اي (سنڌي) ۽ بي. ٽي تائين تعليم حاصل ڪري، 1950ع ڌاري درس ۽ تدريس سان وابسته ٿيو. 1964ع ۾ پڪا چانگ مڊل اسڪول جو هيڊماستر رهيو. ان کانسواءِ پڊعيدن، ڀنگوبهڻ، مٺياڻي ۽ سيال آباد اسڪولن جو هيڊماستر رهيو. محبوب علي جوکيو پڊعيدن، مٺياڻي، شهدادپور، ميرپورخاص ۽ ٻين هنڌن تي سپروائيزر ۽ ايس. ڊي. او تعليم رهيو. هو سانگهڙ جو ڊپٽي ڊي. اِي. او به رهيو.

محبوب علي جوکيو بهترين استاد هئڻ سان گڏ سٺو ليکڪ به هو، ڪيترا ڪتاب لکيائين. فقير فولاد شر جي صحبت ۾ تصوف ڏانهن لاڙو ٿيس، کيس چئن پٽن ۽ ڇهن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان الطاف حسين جوکيو ليکڪ ۽ سنڌيءَ جو ليڪچرار آهي، (ڏسو: الطاف جوکيو) اخلاق حسين جوکيو ’تعمير سنڌ‘ جو اڳوڻو ايڊيٽر ۽ جسقم اڳواڻ آهي ۽ اياز حسين جوکيو مصور آهي (ڏسو: جوکيو، اياز). سندس نياڻين ۾ بانو محبوب سٺي ڪهاڻيڪار آهي (ڏسو: بانو محبوب، جلد پهريون).

محبوب علي جوکيي جي تصنيفن ۾: (1) نهج البلاغه (امام حسين عه ڏانهن وصيت نامو)، (2) سچ جا سنيها، (3) وکر سو وهاءِ، (4) مثالي شاگرد، (5) استاد جو ادب، (6) منهنجا مضمون (سنڌي مضمون نگاري)، (7) مهراڻ سنڌي گرامر، (8) مهراڻ انگلش گرامر، (9) مهراڻ انگلش ڪمپوزيشن شامل آهن.

ان کانسواءِ سنڌ بابت معلومات: (1) ڇو، ڇا، ڪير ۽ ڪنهن، (2) دلچسپ معلومات، (3) اسلامي معلومات ڇپيل اٿس.

ٻاراڻي ادب جا سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) انڌن جو ديس، (2) سفيد باندر، (3) گڏهه ۽ موسيقي، (4) پيار جو ڪرشمو، (5) گل جي گلفتار، (6) دوستيءَ جي هام.

جڏهن ته ’سي آيتون آهين‘ (نهج البلاغه مان خطبا) ۽ ’حضرت ابوذر غفاري‘ ڪتاب اڻ ڇپيل اٿس. محبوب علي جوکيي درسي ڪتابن لاءِ ڪيترا مضمون لکيا آهن.

استاد محبوب علي جوکئي 1986ع ۾ دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪئي .


سنڌسلامت ڪتاب گهر تي محبوب علي جوکيو جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


محبوب علي جوکيو جا ڪتاب

وکر سو وھاءِ (ديوانِ عليءَ مان اقتباسات)، سنڌيڪار : محبوب علي جوکيو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
وکر سو وھاءِ (ديوانِ عليءَ مان اقتباسات)
سنڌيڪار : محبوب علي جوکيو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ