تاج بلوچ

Author Name

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر تاج بلوچ جو پورو نالو تاج محمد بُلو (جتوئي) آهي، جڏهن ته ادبي دنيا ۾ تاج بلوچ جي نالي سان مشهور آهي. هن ضلعي سکر جي تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ سردار محمد مراد خان بُلي ۾ 25 مئي 1940ع تي جنم ورتو. خزاني کاتي ۾ مختلف ضلعن ۾ ٽريزري آفيسر رهيو. تاج بلوچ جو شمار غزل ۽ نظم جي بهترين شاعرن ۾ ٿئي ٿو، سندس 6 ڪتاب ڇپيل آهن: (1) ’درد جو صحرا‘ (1970ع)، (2) ’خوشبو جو زهر‘ (1987ع)، (3) ’لفظن جو ماتم‘ (1994ع)، (4) ’دل جزيرو اداس موسمن جو‘ (2004ع) ، (5) چچريون چچريون خواب (2011ع)، (6) جديد ادب جو تجزيو (2014ع).

تاج بلوچ جي فن تي ٽماهي مهراڻ جي ’سوانح نمبر 1990ع‘ ۾ مولانا غلام محمد گرامي لکي ٿو ته، ”تاج بلوچ جي تخليق (شاعري) ۾ اهي سڀ معيار موجود آهن، جيڪي هڪ بهترين غزل گو شاعر لاءِ لازم ٿي سگهن ٿا. سندس انداز بيان ۾ شوخي، دليري، بيباڪي، پختگي ۽ برجستگي آهي. تاج فني نقطئه نگاهه کان جماليات ۽ خمريات جو شاعر آهي، سندس فن ۾ قديم ۽ جديد خيالات ۽ فن جي آميزش آهي. ننڍن بحرن ۾ سندس دل ۾ چڀندڙ بيتن ۾ عجيب جنبش آهي. “ تاج بلوچ سنڌ جي مشهور ادبي رسالي ماهوار ”سوجهري“ جو چيف ايڊيٽر آهي، جنهن جا 100 کان مٿي پرچا ڪڍي چڪو آهي.

کيس ڪيئي اوارڊ مليا جن مان 1970ع ۾ سندس شاعريءَ جي ڪتاب ”درد جو صحرا“ تي رائيٽرس گِلڊ پاران اوارڊ، 2014ع ۾ پاڪستان اڪيڊمي ادبيات پاران سندس ڪتاب ”جديد ادب جو تجزيو“ تي اوارڊ ۽ 2018ع ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس ”صدارتي اوارڊ“ شامل آھن.

تاج بلوچ 4 جون 2020ع تي رات جو ساڍي ڏھين وڳي دل بيھڻ سبب ڪراچيءَ جي ميمڻ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس تدفين ماڊل ڪالونيءَ جي قبرستان ۾ ڪئي وئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي تاج بلوچ جا ڪُل 37 ڪِتاب موجود آھن


تاج بلوچ جا ڪتاب

جديد ادب جو تجزيو، مصنف : تاج بلوچ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
جديد ادب جو تجزيو
مصنف : تاج بلوچ
ماهوار سوجهرو جنوري 2012، مُرتب : تاج بلوچ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ماهوار سوجهرو جنوري 2012
مُرتب : تاج بلوچ
ماهوار سوجهرو فيبروري 2012، مُرتب : تاج بلوچ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ماهوار سوجهرو فيبروري 2012
مُرتب : تاج بلوچ
ماهوار سوجهرو مارچ 2012، مُرتب : تاج بلوچ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ماهوار سوجهرو مارچ 2012
مُرتب : تاج بلوچ
ماهوار سوجهرو اپريل 2012، مُرتب : تاج بلوچ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ماهوار سوجهرو اپريل 2012
مُرتب : تاج بلوچ
ماهوار سوجهرو مئي 2012، مُرتب : تاج بلوچ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ماهوار سوجهرو مئي 2012
مُرتب : تاج بلوچ
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ