رحمت پيرزادو

رحمت پيرزادي جو پورو نالو رحمت اللہ پيرزادو آهي ۽ گيت جي نامياري شاعر مير محمد پيرزادي جو فرزند آهي. هن پهرين فيبروري 1978ع تي سڪرنڊ، ضلعي نوابشاهه (بينظيرآباد) ۾ جنم ورتو. تعليم ايم. ايس. سي (ايگريڪلچر انجنيئرنگ: 2008) ۽ ايم. اي (سنڌي: 2009) اٿس. هو واٽر مئنيجمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ واٽر مئنيجمينٽ آفيسر آهي. نوجوانن ۾ سٺو شاعر شمار ٿئي ٿو، جديد شاعريءَ بابت سندس ڪافي مقالا مهراڻ، امرتا ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. سندس شاعريءَ جا مجموعا ’ڪليسا جي دريءَ مان‘ (2005ع) ، ”ڪئنڊل لائيٽ“ (نثري نظم: 2008)، ”خمار گيت چاندني“ (شاعري : 2012ع)، اڪيلائيءَ جو ڪئنواس“ (نثري نظم: 2014ع) ڇپيل آهن.

1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image
book image