اڪيلائيءَ جو ڪئنواس
ھي ڪتاب نامياري شاعر رحمت پيرزادي جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. رحمت پيرزادي جي نثري نظمن ۾ سماجي، تھذيبي ۽ تاريخي حوالن جو تسلسل موجود آھي. انھن جي علامتن ۾ زمان ۽ مڪان، ماضي ۽ حال جا عڪس آھن. سندس اڪثر نظمن ۾ قديم ۽ جديد سماجي علم آھي. رحمت وٽ بيان جو ريشمي انداز آھي، اُن ۾ فڪر جي روشني بہ شامل آھي، جيڪا ھڪ تخليق کي ھر دور ۾ ساھُ کڻائيندي آھي.