عبدالحميد جتوئي

Author Name

سنڌ جي نامور سياستدان رئيس عبدالحميد جتوئيءَ جو جنم 1922ع ڌاري ٻيٽي جتوئيءَ ڳوٺ تعلقي ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. هيءُ اعليٰ پايي جو سياستدان ۽ قومپرست اڳواڻ ٿي گذريو آهي. هن جو سائين جي ايم سيد سان ڪافي واسطو هو، زميندار گهراڻي سان تعلق هئڻ سبب ننڍي لاءِ کان راڄ ڀاڳ جي سنڀال ۽ سياسي تربيت هيٺ رهيو، هن پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات 1940ع ڌاري مسلم ليگ ۾ شموليت سان ڪئي ۽ ان جي پليٽ فارم تان مسلمانن جي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ سرگرم رهيو. 1953ع ۾ هيءُ پهريون ڀيرو ٿيل ملڪي چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. جڏهن 14 آڪٽوبر 1954ع تي پاڪستان جي سڀني صوبن کي ملائي ون يونٽ جوڙيو ويو ته هي انهن چئن اسيمبلي ميمبرن مان هڪ هو، جن ون يونٽ جي خلاف ووٽ ڪيو هو، ان ڪري سندس شمار سنڌ جي محب وطن سياستدانن ۾ ٿيندو آهي. 1958ع کان 1969ع تائين ون يونٽ جي مخالفت ڪيائين ۽ ون يونٽ ختم ڪرائڻ لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيائين. هن ۽ سائين جي. ايم. سيد جي لڳاتار جدوجهد جي نتيجي ۾ ئي ون يونٽ ٽٽو ۽ صوبا پنهنجي اصلي صورت ۾ بحال ٿيا. رئيس عبدالمجيد جتوئي 1966ع ۾ پيپلز پارٽي جي بنياد وجهندڙن مان هڪ هو. 1970ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، جنهن دوران ذوالفقار علي ڀٽي سان اصولي اختلافن تي اڻبڻت ٿي پيس ۽ اسيمبليءَ اندر ذوالفقار علي ڀٽي تي سخت تنقيد ڪئي هئائين، جنهن جي پاداش ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت دوران جيل ۾ پڻ ويو. 1973ع ۾ هن شيخ مجيب الرحمان جي 6 نقاطي پروگرام جي اصولي حمايت ڪندي 1973ع واري آئين ۾مخالفن مان هو. هن پنهنجي ذاتي توڙي سياسي زندگيءَ ۾ اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي. هي شروع کان وٺي ڪالاباغ ڊيم جو سخت مخالف رهيو، 1988ع ۾ سائين جي. ايم. سيد سان گڏجي ’سنڌ قومي اتحاد‘ ٺاهڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيائين، ان جو پهريون چيئرمئن رهيو. جڏهن سائين جي. ايم. سيد سنڌ جي ڪيل سياسي دورو شروع ڪيو ته هي واحد سياستدان هو، جنهن سائين جي. ايم. سيد جي پنهنجي تڏي تي ڀرپور آجيان ڪئي. تر ۾ فيصلن جي حوالي سان سندس مصنف مزاجي مشهور هئي، سنڌ لاءِ ڪيل سياسي خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن، 1998ع ۾ پنهنجي پٽ سينيٽر اعجاز علي خان جتوئيءَ جي وفات کانپوءِ سياست ڇڏي گوشه نشيني اختيار ڪيائين، جنوري 2004ع ۾ حيدرآباد ۾ بڪين جي بيماريءَ سبب 82 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي عبدالحميد جتوئي جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


عبدالحميد جتوئي جا ڪتاب

تاريخ ڪنھنکي بہ معاف نہ ڪندي، ليکڪ : عبدالحميد جتوئي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
تاريخ ڪنھنکي بہ معاف نہ ڪندي
ليکڪ : عبدالحميد جتوئي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ