تاريخ ڪنھنکي بہ معاف نہ ڪندي
ھي ڪتاب قومپرست سياستدان عبدالحميد خان جتوئيءَ جي قومي اسيمبلي ۾ ڪيل تقريرن ۽ بيانن تي مشتمل آھي، عبدالحميد خان جتوئي ھڪ اصول پرست سياستدان ھيو، جيڪو اسيمبليءَ ۾ سنڌ جو آواز ھيو. ون يونٽ تحريڪ ھجي يا 1973ع جو آئين، اسيمبليءَ ۾ ھو سنڌي ماڻھن جي زبان بڻجي حق ۽ سچ جو آواز اٿاريندو ھيو. حق ۽ سچ جو اعلان سندس منشور رھيو. ھو سنڌ ۾ سيڪيولرزم جو وڏي ۾ وڏو حامي ۽ مبلغ رھيو آھي. جتوئي صاحب عدل ۽ انصاف جو بہ سرچشمو رھيو آھي.