جيجي درشھوار سيد

Author Name

ڊاڪٽر در شهوار سيد، سنڌ جي ان خاندان سان تعلق رکي ٿي جنهن جي علمي، عقلي ۽ قومي سوچ کان ڪو به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. هن سموري عمر سنڌ لاءِ وقف ڪئي. سندس ذات ۾ نه ڏيکاءُ هو نه پاڻ پڏائڻ نه وري جي ايم سيد جي ڌيءُ هجڻ تي ڪا وڏائي ڊاڪٽر صاحبه پاڻ انهن چند سنڌي خاتون عالمن مان هڪ هيون، جن علمي جدوجهد ڪئي جيجي در شهوار سيد ۱۹۴۰ ۾ سن جي سيد گهراڻي ۾ جنم ورتو. کيس سن ۾ ابتدائي تعليم ڏيارڻ کانپوءِ سندس علم حاصل ڪرڻ جي شوق کي ڏسي کيس ڪراچي موڪليو ويو، جتي هن سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچي مان بي اي ۱۹۶۷ع ۾ پاس ڪئي.
ڊاڪٽر درشهوار سيد، فلسفي ۾ ايم اي ڪراچي يونيورسٽي مان ۱۹۶۹ع ۾ ڪئي. فارسي سرٽيفڪيٽ ڪورس سنڌ يونيورسٽي مان ۱۹۷۲ع ۾ ڪيو. ان بعد وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ وئي، جتي هن ايم اي سائوٿ ايشين اسٽڊيز يونيورسٽي آف انگلينڊ مان ۱۹۷۷ع ۾ ڪئي. فيلڊ آف اسپيشلائيزيشن پي ايڇ ڊي “شاهه لطيف جي شاعري” تي يونيورسٽي آف ايڊنبرا مان ۱۹۸۴ع ۾ ڪئي.
ياد رهي ته جيجي درِ شهوار سيد پهرين سنڌي نياڻي هئي، جنهن شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي ڪئي، جيڪو هڪ تمام وڏو اعزاز آهي. تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ هتي اچي جيجي ۱۹۸۵ کان ۱۹۹۱ع تائين ليڪچرار ، اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدن تي فائز رهي. ان کانپوءِ ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاهه عبداللطيف چيئر جي ڊائريڪٽر به رهي.
سندس تصنيفن۾ عربي،اردو،فارسي،۽ انگريزي ترجمو ڪيل “شاهه جو رسالو”، “ڪشف الابيات”، “شاهه لطيف شاعري اور فڪر”، “شاهه لطيف جي موسيقي”، تحقيق جو طريق ڪار،شاهه لطيف ڪي ڪهانيان،وغيره شامل آهن. جيجيءَ جو شمار رڳو سنڌي ادب ۽ زبان جي نامور اديبن ۽ يونيورسٽي جي تعليمي ماهر ۾ ئي نٿو ٿئي پر هوءَ وڏي سماج سڌارڪ به هئي.
هن “آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن” ٺاهي جنهن جي پاڻ چيئر پرسن به رهي. ان دؤران جيجي ڪراچي جي ڳوٺن ۾ غريبن لاءِ فلاحي ادارا ٺاهيا ۽ نواب شاهه ضلعي ۾ ٻوڏ جي دوران متاثرن ۾ کاڌ خوراڪ جو سامان ۽ ٻيو سيڌو ورهايو ۽ مفت علاج جون ڪئمپون لڳرايون ۽ ٻيون به ڪافي سماجي خدمتون سر انجام ڏنيون.
ڊاڪٽر درشهوار سيد علمي لياقتن سان مالامال ۽ سماج سڌارڪ، انسان دوست، فڪر سان سلهاڙيل هئي، جنهن عورتن جي ڀلائي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. سن جي سيد گهراڻي جون سنڌ جي قومي شعوري ۽ علمي ادبي خدمتن کان وقت جو مفڪر انڪار نٿو ڪري سگهي. سائين جي ايم سيد جي فڪر فلسفي جي ڇانوَ ۽ تربيت هيٺ رهندي جيجي درشهوار سيد، شاهه لطيف جي شاعريءَ جي ڪيترن ئي رخن خاص ڪري تصوف تي ڪافي تحقيقي ڪم ڪري پنهنجي علمي گهراڻي جي نيڪ ناميءَ کي وڌايو. سن، جتان قومي ۽ علمي شعور ۽ سوجهري سنڌ جي غلام سماج کي آزاديءَ جي راهه ڏيکاري آهي. ڇاڪاڻ جو سماج پنهنجن پيرن تي تڏهن بيهي سگهندو جڏهن سماج ۾ علم ادب، قومي شعور، معاشي خوشحالي ۽ مهذپڻو پيدا ٿيندو. جيجي جون علمي خدمتون سنڌ واسين کان ڪڏهن به وسري نه سگهنديون.
سائين جي ايم سيد کانپوءِ جيجي ڏاڍي اُداس ۽ ويڳاڻي رهندي هئي ۽ آخر ۾ بيمار رهڻ لڳي نيٺ ۲۶ هين ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي لاڏاڻو ڪري وئي جيجي در شهوار جو وڇوڙو واقعي به سنڌ جي عاشقن لاءِ ايذائيندڙ آهي .

(مرجان سنڌو)

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي جيجي درشھوار سيد جا ڪُل 4 ڪِتاب موجود آھن


جيجي درشھوار سيد جا ڪتاب

ڏونگر سي ڏورينديون، مصنف : جيجي درشھوار سيد

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڏونگر سي ڏورينديون
مصنف : جيجي درشھوار سيد
شاھہ لطيف جي موسيقي، مُرتب : جيجي درشھوار سيد

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
شاھہ لطيف جي موسيقي
مُرتب : جيجي درشھوار سيد
شاھ جو رسالو (مرتب: درشھوار سيد) جلد پھريون، مُرتب : جيجي درشھوار سيد

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
شاھ جو رسالو (مرتب: درشھوار سيد) جلد پھريون
مُرتب : جيجي درشھوار سيد
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ