مختلف موضوع

ڏونگر سي ڏورينديون

نامياري قومپرست سياستدان، مفڪر، اديب ۽ ڏاھي سائين جي ايم سيد ۽ سندس نياڻي جيجي ڊاڪٽر درشھوار سيد جي وچ ۾ ٿيندڙ خط ۽ ڪتابت جو سھيڙيل ڪتاب ”ڏونگر سي ڏورينديون“ اوھان اڳيان پيش آھي. ڪتاب جي سھيڙ سيد ضياءَ شاھ ۽ سيد منير شاھ ڪئي آھي

  • 5.0/5.0
  • 21
  • 3
  • 3 سال اڳ
  • 0
Title Cover of book ڏونگر سي ڏورينديون
سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري قومپرست سياستدان، مفڪر، اديب ۽ ڏاھي سائين جي ايم سيد ۽ سندس نياڻي جيجي ڊاڪٽر درشھوار سيد جي وچ ۾ ٿيندڙ خط ۽ ڪتابت جو سھيڙيل ڪتاب ”ڏونگر سي ڏورينديون“ اوھان اڳيان پيش آھي. ڪتاب جي سھيڙ سيد ضياءَ شاھ ۽ سيد منير شاھ ڪئي آھي.

سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم ھڪ مسئلو رھيو آھي، پر سائين جي ايم سيد پنھنجي نياڻي درشھوار سيد کي اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن موڪليو ۽ شاھ لطيف تي پي ايڇ ڊي ڪرائي اھو بينظير پيغام ڏنو تہ اسان سنڌي پنھنجي نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏياريون. ھن ڪتاب ۾ شامل خط تاريخ آھن، جدوجھد آھن ۽ رھبري جو پيغام آھن. سائين جي ايم سيد ھڪ خط ۾ جيجي درشھوار کي لکي ٿو تہ ”تنھنجي تعليم جي ڪاميابي منھنجي زندگيءَ جي مشن جي سرانجامي جو واڌارو آھي.“ ٻئي ھنڌ لکي ٿو ”تنھنجي ٿيسز ڊگري وٺڻ واري ڪانہ ٿي گهرجي، توکي سنڌ جي پنج ھزار ورھين جي پيغام جي کوجنا ڪرڻي آھي.“

ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1998ع ۾ جي ايم سيد فائونڊيشن ڪراچي پاران ۽ ٻيو ڇاپو 2011ع ۾ ڪاڇو پبليڪيشن، ڪراچي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..

 

 

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

سنڌ سلامت پاران

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

5.0

(ڪُل 0 رائين آڌار)



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف جيجي درشھوار سيد
  • مصنف جيجي درشھوار سيد
  • ڇپيو ويو 2011
  • ڇپائيندڙ ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي، سنڌ
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 09/Apr/2021
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 3 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون