ڊاڪٽر روشن گولاڻي

Author Name

هندستان جي ناليواري سنڌي اديب ۽ محقق، ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ جو پورو نالو روشن لکميچند گولاڻي آهي. سندس جنم، 29 مئي 1972ع تي احمدآباد، گجرات (ڀارت) ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم مقامي طور، بي. اي اڪنامڪس ۾ گجرات يونيورسٽيءَ مان، ايم. اي سنڌيءَ ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ۽ پي. ايڇ. ڊي ‘ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي ساهتيه ۾ ڪٽنب ۽ سماج ۽ لوڪ ساهتيه تي ٿيل ڪم جو تنقيدي جائزو’ جي موضوع تي مهرشي ديانند سرسوتي وشو ودياليه يونيورسٽي اجمير مان حاصل ڪئي. روشن گولاڻيءَ کي لکڻ پڙهڻ سان چاهه ننڍپڻ کان ئي هو. هن وقت تائين سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا توڙي مضمون هند ۽ سنڌ جي مختلف ادبي رسالن توڙي تحقيقي جرنلن ۾ ڇپجي چڪا آهن. هي هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪوشان آهي. روشن گولاڻي هندستان ۾ سنڌي مشاعرا ڪرائڻ، سنڌي اديبن جا نالا روڊن تي ميونسپل ڪارپوريشن کان منظور ڪرائڻ، گجرات يونيورسٽيءَ ۾ ايم اي لاءِ اٺ ئي پرچا سنڌيءَ ۾ ڏيارڻ، درسي ڪتابن جي معيار کي بهتر ڪرڻ جهڙا ٻيا انيڪ ڪم ڪيا آهن. روشن گولاڻي گجرات يونيورسٽيءَ ۾ بورڊ آف اسٽڊيز سنڌيءَ جو چيئرمئن، سنڌي نوجوان منڊل جو جنرل سيڪريٽري، آل انڊيا سنڌي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جو ڪاروباري ميمبر، اکل ڀارت سنڌي ليکڪ منچ جو سيڪريٽري، رس ڪلا ٿيئٽر يونٽ جو سيڪريٽري، ڪبير نگر وارڊ جو ميونسپل ڪائونسلر ۽ ميونسپل ڪارپوريشن احمد آباد جي اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.
سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: ‘سنڌي ورثو’ (1994ع)، ‘رنگ برنگي پوپٽ’ (ٻاراڻي شاعري: 2006ع)، ‘رنگ برنگي گل’ (ٻارن لاءِ: 2007ع)، ‘مٺڙي مٺڙي لات’ (ٻارن لاءِ: 2008ع)، ‘روشن آواز’ (شاعري: 2011ع)، ‘روشن تارا’ (ٻارن لاءِ: 2012ع)، ‘ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي ساهتيه ۾ ڪٽنب ۽ سماج ۽ لوڪ ساهتيه تي ٿيل ڪم جو تنقيدي جائزو’ (پي ايڇ ڊي: 2014ع)، ‘سنگهه درشن’ (2014ع)، ‘ادبي تبصرا’ (2015ع)، ‘سنڌي ادبي اخبار نويسي’ (2015ع)، ‘روشن ٻاراڻا ٻول’ (ٻارن لاءِ: 2015ع)، ‘ٻال گلشن’ (ٻارن لاءِ: 2017ع) ۽ ‘ادبي تنقيد’ (2017ع) وغيره قابل ذڪر آهن. کيس خدمتن طور ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾ سندس چئن ڪتابن: ‘سنڌي ورثو ’ تي 1995ع ۾، ‘رنگ برنگي گل’ تي 2008ع ۾، ‘مٺڙي لات’ تي 2009ع ۾ ۽ ‘روشن آواز’ تي 2012ع ۾ ‘گجرات سنڌي ساهت اڪيڊمي، گجرات’ طرفان اوارڊ، ‘سنڌي ساهتيه اڪيڊمي گجرات راجيه’ طرفان ‘يووا گورو پروسڪار اوارڊ’ ۽ پنجاهه هزار روڪ، ‘سنگيت سمراٽ ماسٽر چندر اڪيڊمي’ طرفان ‘ماسٽر چندر اوارڊ’ (2011)، ‘ميونسپل ڪارپوريشن احمدآباد’ طرفان ‘ناگرڪ سنمان‘ اوارڊ (2013ع) قابل ذڪر آهن.
هي احمدآباد ۾ رهائش پذير آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڊاڪٽر روشن گولاڻي جا ڪُل 4 ڪِتاب موجود آھن


ڊاڪٽر روشن گولاڻي جا ڪتاب

پياس دل جي، ليکڪ : ڊاڪٽر روشن گولاڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
پياس دل جي
ليکڪ : ڊاڪٽر روشن گولاڻي
سنڌي ادب جا ٻھڪندڙ ستارا، ليکڪ : ڊاڪٽر روشن گولاڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌي ادب جا ٻھڪندڙ ستارا
ليکڪ : ڊاڪٽر روشن گولاڻي
ھيرو ٺڪر: ٻَھُو مُکي شخصيت، مُرتب : ڊاڪٽر روشن گولاڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ھيرو ٺڪر: ٻَھُو مُکي شخصيت
مُرتب : ڊاڪٽر روشن گولاڻي
ڪارريون ھاشيون، ليکڪ : ڊاڪٽر روشن گولاڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڪارريون ھاشيون
ليکڪ : ڊاڪٽر روشن گولاڻي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ