راشد مورائي

Author Name

شاعر سيد راشد علي شاھ عرف ”راشد مورائي“ 5 مارچ 1944ع تي جوڻالوءِ تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ سعيد علي شاھ ”خادم “ جي گھر ۾ جنم ورتو. پاڻ ورنيڪيولر ٽيچرس ٽريننگ 66-1965ع ۾ ۽ ايس. وي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج سڪرنڊ مان 71-1970ع ۾ ڪيائين، جڏھن تہ ايـم. اي (ســنڌي ادب ۾) 1988ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ميرس مان ڪيائون. پيشي جي لحاظ کان پاڻ 8 نومبر 1962ع تي تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت ۾ ڀرتي ٿيو. 
راشد مورائي 1957ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي، جڏهن تہ 1966ع کان ڊائري لکڻ جي شروعات ڪيائين جيڪا زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين لکندو رھيو.
راشد مورائي شاعري ڪرڻ سان گڏوگڏ علمي،ادبي سرگرمين ۾ به وڏو سرگرم رھيو، پاڻ شهيد عبدالرزاق اڪيڊميءَ جو سيڪريٽري، العباس انجمن جوڻالوءِ جو جنرل سيڪريٽري، آئينه ادب موري جو نائب صدر، تعليمي ڪميٽي موري جو سيڪريٽري، اداره بهارِ ادب امام آباد جو نائب صدر، پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن سکر ڊويزن جو چيئرمئن، ضلعي نوشهري ۽ تعلقي موري جو صدر، پ. ٽ. الف جي مرڪزي آئين ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ موري شاخ جو ڪيترائي سال سيڪريٽري رهيو. راشد مورائي مشهور ”باک“ رسالي جو ٻانهن ٻيلي به رهيو، جڏھن تہ ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن جي ڪتابن جا مهاڳ ۽ مضمون به لکيائين، سندس جي ڪيل شاعري اڄ به ريڊيو، ٽي. ويءَ تان وقت بوقت نشر ٿيندي پئي رھي. 
راشد مورائيءَ کي علمي، ادبي خدمتن عيوض مارئي اڪيڊمي ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران قاضي عبدالحي قائل ايوارڊ، شاهه عبداللطيف آرٽ سرڪل طرفان ادبي ايوارڊ، سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن ضلعي نوشهري فيروز پاران ايوارڊ، بيورو آف ڪريڪيولم طرفان ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترا ايوارڊ ڏنا ويا. 
سنڌ جو ھي مزاحمتي شاعر 24 مارچ 2014ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. 

راشد مورائيءَ جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن. 

1.سنڌڙيءَ جو سوداءُ (شاعري)
2.ميـنديءَ سـندا کيـت (شـاعري) 
3.دل جـو شهـر (شــاعري) 
4.شعلا شعلا واءُ ۾ (شاعري) 
5.ديوان راشد (شاعري)
6.ڪافيون، گيت، غزل (شاعري) 
7.درد ۾ دلجوئي (شاعري)
8..پـاڻيءَ تي پهرو (ڪھاڻيون) 
9.راشد سان رهاڻ (انٽرويو)
10.خط خوشيءَ مان کول (خطن جو مجموعو)
11.جھڙي آيس جيئن (آتم ڪٿا) اڻڇپيل 
12.جيڪي ڏنائون (خطن جو مجموعو)
13.پيڙا جي پروڙ (ڪھاڻيون) 
14.موري تعلقي جا اديب ۽ شاعر (مقالا)
15.ڳاڙھي باک ڦٽي (شاعري)

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي راشد مورائي جا ڪُل 6 ڪِتاب موجود آھن


راشد مورائي جا ڪتاب

دل جو شهر، ليکڪ : راشد مورائي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
دل جو شهر
ليکڪ : راشد مورائي
شعلا شعلا واءَ ۾، ليکڪ : راشد مورائي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
شعلا شعلا واءَ ۾
ليکڪ : راشد مورائي
مينديءَ سندا کيت، مصنف : راشد مورائي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
مينديءَ سندا کيت
مصنف : راشد مورائي
ديوان راشد، مصنف : راشد مورائي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ديوان راشد
مصنف : راشد مورائي
درد ۾ دلجوئي، مصنف : راشد مورائي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
درد ۾ دلجوئي
مصنف : راشد مورائي
ڪافيون، گيت، غزل، مصنف : راشد مورائي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڪافيون، گيت، غزل
مصنف : راشد مورائي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ