نامياري سماجي ڪارڪن ۽ ليکڪ نظير احمد ڀنڊ 26 جولاءِ 1947ع تي بلاول خان ڀنڊ( لڳ خدا آباد )تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو .تعليم بي .اي ھيس.هو بنيادي طور آبادگار ھو.سٺو نثرنگار آهي، سندس ڪتاب ”تختگاهه خداآباد“( خدا آباد جي تاريخ بابت مضمونن جي ترتيب:2004ع )سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران ڇپيل آهي . ڪيترن ئي سماجي تنظيمن جو ميمبر رھيو.سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، خدا آباد جي باني ميمبرن مان ھيو ۽ سگا جو مرڪزي عهديدار ۽ تعليمي ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري پڻ رھيو. پاڻ 28 جنوري 2007ع تي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي نظير احمد ڀنڊ جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن