تخت گاھہ خدا آباد
خدآ آباد ڪلھوڙن جي دور ۾ سنڌ جو تخت گاھہ رھيو ھئو. ھن ڪتاب ۾ تخت خدا آباد کان موجودہ خدا آباد تائين جي معلومات، خدا آباد جي تاريخي مسجد، خدا آباد قلعي، ميان يار محمد ڪلھوڙي، ميان نور محمد ڪلھوڙي، خدا آباد ۾ ٿيل تصنيف ۽ تاليف جو جائزو، خدا وادي لپي، ڪلھوڙا دور حڪومت جو سياسي ۽ معاشي تجزيو پيش ڪيل آھي. ڪتاب ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ لکيل 22 مقالا ۽ مضمون شامل ڪيا ويا آھن.