ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي

Author Name

هند سنڌ جو ناميارو اديب ،ڪهاڻيڪار ،اخبار نويس ،ناٽڪ ڪار ،مضمون نگار ۽ اداڪار ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ضلعي نوشهري فيروز( تڏهن نوابشاهه )جي شهر ڪنڊياري ۾ هڪ زميندار ڪٽنب ۾ ،سيٺ ماڌو داس داني مل لالواڻيءَ جي گهر ،8 مارچ 1945ع تي جنم ورتو .سندس ابا ڏاڏا ٻني ٻارو ۽ وڻج واپار ڪندا هئا .ورهاڱي وقت ڄيٺو اڃـان ٻـن سـالـن جـو هـو ته سندس ڪٽنب سنڌ مان لڏپلاڻ ڪري پهرين پالي مارواڙ ،پوءِ انڊور ۽ 1950ع ۾ احمد آباد جي ننڍي وسندي ’ڪٻير نگر ‘۾ وڃي دائمي رهائش اختيار ڪئي.
ڄيٺي لالواڻيءَ جو والد سماج سڌارڪ ۽ خدمتگار هو .ڪٻير نگر جي سينٽرل پئنچائت جو مکي به ٿي رهيو .شاهه لطيف سان دلي محبت هئس ،ان ڪري وقت به وقت شاهه جا بيت جهونگاريندو رهندو هو .ڄيٺي لالواڻيءَ کي ’سنڌيت ‘سان پيار ،وڏن کان ورثي ۾ مليو .ڄيٺي لالواڻيءَ پرائمري تعليم ڪٻير نگر جي سنڌي مين اسڪول ۾ ورتي ؛مئٽرڪ 1963ع ۾ مهاتما گانڌي اسڪول مان ؛انٽر سائنس ايم .جي سائنس ڪاليج مان پاس ڪري ،1965ع ۾ طبي تعليم لاءِ بي .جي ،ميڊيڪل ڪاليج سول اسپتال ۾ داخلا ورتائين .ڄيٺي لالواڻي ايم .اي( سنڌي )ميسور يونيورسٽيءَ مان ۽ بي .ايڊ نامليا يونيورسٽيءَ مان ڪئي .ان سان گڏ هنديءَ ۾ ماسٽرس ڊگري ۽ لائبريري سائنس ۾ ڊپلوما ڪيائين .هن 1995ع ۾ ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيءَ جي رهنمائيءَ ۾ ،ممبئي يونيورسٽيءَ مان ’ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت ‘تحقيقي مقالو لکي پي .ايڇ .ڊي ڪئي .اسڪول ۾ شاگرد يونين جو اڳواڻ رهيو ،پنهنجي دوست رام رکياڻيءَ سان گڏ احمدآباد جي سنڌي شاگردن جي 1966ع ۾ انٽر ڪاليجئيٽ سنڌي ائسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري بڻيو .ائسوسيئيشن جي سالياني مئگزين ’لهر ‘جو ايڊيٽر به ٿيو. 
ڄيٺي لالواڻيءَ جو ادب سان لاڳاپو اسڪولي زندگيءَ دوران جڙيو ،سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ لاءِ آل انڊيا سطح جي سيمينارن ۾ شريڪ ٿيو .ان ماحول کيس ادب ۽ فن طرف راغب ڪيو .ننڍپڻ کان اسڪول جي مئگزين ’هنس ‘۾ سندس مضمون ڇپجڻ لڳا ،سنڌي ساهتيه( ادبي )سنگت ،سنڌي ساهتيه ڪلانڪيتن جي گڏجاڻين ۽ سنڌي ساهتيه سميلن ۾ شريڪ ٿيندو هو .
ڄيٺي لالواڻيءَ جون تخليقون ’هندواسي ‘۽ ’شانتي ‘مخزن ۾ شايع ٿيڻ لڳيون .بي .جي ڪاليج جي سالياني رسالي ’ڪليءَ ‘۾ هن جي پهرين هندي لکڻي شايع ٿي ،’ڪلي ‘نالي فلمي مخزن به ڪڍيائين .اسڪولي جيون کان وٺي آل انڊيا سطح جي ادبي سميلنن ۾ ڊيليگيٽ طور شريڪ ٿيندو ۽ احمدآباد جي هر ادبي ۽ سنڌيت جي سرگرميءَ ۾ سرگرم رهندو هو .گانڌيڌام سميلن ۾ سرگرم رهيو .الهاس نگر سميلن وقت سندس صدارت ۾ اکل ڀارت سنڌي نوجوانن جي بيٺڪ ٿي ،بعد ۾ کيس اکل ڀارت سنڌي ساهتيه سڀا جو ’يوٿ سيڪريٽري ‘مقرر ڪيو ويو ۽ هن احمدآباد ۾ پهريون ’اکل ڀارت سنڌي نوجوان سيمينار ‘سڏايو ،بعد ۾ هن اهڙا سيمينار ٻين شهرن ۾ به منعقد ڪرايا. 
ڄيٺي لالواڻي ادب جي هر صنف ،مضمون ،ڪهاڻي ،ناٽڪ ،جيون چريتر ،مني ڪهاڻين ،ٻاراڻي ادب ،تنقيد ۽ لوڪ ادب سان گڏ شاعريءَ تي به قلم کنيو ،پر ناٽڪ ۽ لوڪ ادب جي ميدان ۾ وڏو ڪم ڪيو اٿس .هن ’اسٽيج ‘مخزن شايع ڪئي ،جيڪا اڄ تائين ڪڍندو پيو اچي .ناٽڪ لکيائين ۽ اداڪاري ڪيائين ،ناٽڪ جي ترقيءَ ۽ تاريخ تي ڪتاب لکيائين. پريم پرڪاش سان گڏجي ’سنڌي ڊراما ورڪشاپ ‘جو بنياد وڌائين .هندي ۽ گجراتيءَ مان سنڌيءَ ۾ ناٽڪ ترجما ڪيائين .ان کانسواءِ ٻارن لاءِ ناٽڪ لکيائين ۽ اسٽيج گروپ قائم ڪري ٽريننگ ڪلاس به هلايائين .ٻارن لاءِ گجراتيءَ مان ناٽڪ ترجمو ڪيائين .سنڌي ڀڳت ۽ ناٽڪ کي جوڙڻ لاءِ ورڪشاپ ڪرايائين .بهترين هدايتڪار ۽ اداڪار جا انعام حاصل ڪيائين .احمد آباد جي ناٽڪ منڊلين ،سنڌو ڪلاڪار منڊل ،سنڌي ساهتيه ڪلا نڪتين ،سنڌي ڊراما ورڪشاپ ،ساگر آرٽ ٿيٽر ،رنگ ڪرم ٿيٽر ۽ رس ڪلا ٿيٽر سان به لاڳاپيل رهيو .سندس ريڊيائي ڊرامي ’حادثي ‘ڀارت سرڪار کان انعام کٽيو .هن جي ڪهاڻين جا ڪجهه مجموعا ڇپيل آهن ،هن گجرات سنڌي اڪادميءَ جي نائب صدر جي پد تي رهڻ دوران لوڪ ادب تي وڏو ڪم ڪيو .سنڌي ڪڇي لوڪ ادب سيمينار ،اکل ڀارت ڀڳت سيمينار ڪرايا .احمدآباد ۾ هڪ انوکو سيمينار ’آءُ ته چوريون چنگ ‘سڏايائين ،جنهن ۾ ڀڳت ،ڇيڄ ۽ لاڏن تي مقالا پڙهيا ويا ۽ عملي مظاهرو به ڪيو ويو .ڄيٺي جون تعليمي ميدان ۾ به وڏيون خدمتون آهن .تعليمي سيمينار ۽ ساڌو واسواڻي تعليمي ڪلاس شروع ڪرايا .گجرات سنڌي اڪيڊميءَ جي سهڪار سان اسڪولي ٻارن لاءِ ٽيچنگ ايڊس تيار ڪرڻ ،سنڌي گجراتي لغت تيار ڪرڻ ،ڊيڪن ڪاليج پوني پاران ٽيڪنيڪي لغت تيار ڪرڻ ،سنڌي سکيا ڪلاس هلائڻ ،سنڌي ڪمپيوٽر تيار ڪرڻ ،ريڊيو تان غير سنڌين کي سنڌي سيکارڻ ،درسـي ڪتاب تيار ڪرڻ ،نابين ٻارن لاءِ بريـل لپـيءَ ۾ شاهه لطيف جون ست ڪهاڻيون تيار ڪرائڻ ۾ سندس خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن.

ڄيٺو لالواڻي لٽرري اوارڊ ڪميٽي دهليءَ جو ميمبر ،گجرات ساهتيه اڪادميءَ جو 1986ع کان 1989ع تائين وائيس چيئرمئن ،سنڌي اڪادمي دهليءَ جو( جولاءِ 1999ع )سيڪريٽري ،سنڌي هندي سـاهـتـيـه اڪـادمـي گـجـرات جو 1996ع کان 1999ع تائين اسـسٽنٽ رجسٽرار ،نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج( NCPSL )،حڪومت هندجو 2002ع کان 2004ع تائين ڊائريڪٽر ،سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جو تعليمي چيئرمئن ،اکل ڀارت سنڌي ٻولي پرچار سڀا جو چيئرمئن وغيره رهيو آهي .
هن ڪيترا اوارڊ پڻ حاصل ڪيا آهن ،جن ۾ :’انفرميشن ۽ براڊڪاسٽنگ منسٽري حڪومت هند ‘،’ساهتيه اڪادمي دهلي ‘۽ ’سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ،حيدرآباد ‘جا اوارڊ شامل آهن.
ڄيٺي لالواڻيءَ جي ڇپيل ڪتابن جو ڪجهه تفصيل هن ريت آهي:

(1 )’ماضيءَ جا ڌنڌلا عڪس ‘(ڪهاڻيون :1976ع )،(2 )’ويچار ‘(ادبي مضمون :1976ع )،(3 )’فلم اسٽار ‘(فلم اسٽارن جا انٽرويو :1977ع )،(4 )’تنهنجا غم منهنجا آهن ‘(هڪ فصلا ناٽڪ :1980ع )،(5 )’ناٽڪ ۽ رنگ منچ ڪلا ‘(1981ع )،(6 )’پوسٽ مارٽم ‘(ڪهاڻيون :1982ع )،(7 )’ادبي سرهاڻ ‘(ادبي مضمون :1982ع،( 8 )’ماءُ ‘(صحت :1982ع )،(9 )’ڪٽنبي صحت ‘(1982ع )،(10 )’آڪاشي ياترا ‘(ٻاراڻو سائنس فڪشن :1982ع )،(11 )’ناٽڪ ڪلا جو وڪاس ‘(سنڌي اسٽيج ناٽڪ جي ترقي :1983ع )،(12 )’سنڌي ناٽيه درشن ‘(سنڌي ناٽڪ جي تاريخ :1984ع )،(13 )’اوڀاريون لهواريون ‘(ريڊيو ناٽڪ :1984ع )،(14 )’شـاديـرڪ تـعليـم- بـدنـي سـکـيـا ‘(ورزش :1984ع )،(15 )’ٻـنـيءَ جـو ســنـڌي لـوڪ ادب ‘(1992ع )،(16 )’سـنـڌي پـروليون ‘(لوڪ ادب :1995ع )،(17 )’ســنـڌي لـوڪ نـاٽـڪ ‘(1995ع )،(18 )’حادثو ‘(ريڊيو ناٽڪ :1996ع )،(19 )’سنڌي فوڪ لور ‘(1998ع )،(20 )’ادبي ويچار ‘(تحقيقي مضمون :1998ع )،(21 )’اسان جو ورثو ‘(لوڪ ادب:2001ع )،(22 )’ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت ‘(2002ع )،(23 )’سنڌي لوڪ رنگ ‘(لوڪ ادب :2004ع )،(24 )’ردي ‘(ڪهاڻيون 2006ع )،(25 )’آزاديءَ جو پروانو :شهيد هيمون ڪالاڻي ‘(2007ع )،(26 )’ڪتابي ڪيڙو ‘(ٻاراڻيون ڪهاڻيون :2008ع )،(27 )’سنڌي پال رنگ منچ ‘،(28 )’آخرين سنڌي ‘(هڪ فصلا ناٽڪ :2009ع )،(29 )’مور نه وسران سنڌ ‘(سنڌ جو سفرنامو :2010ع )،(30 )’ادبي غنچو ‘(مختلف سيمينارن ۾ پڙهيل مقالا :2010ع )،(31 )’وطن جي صدقي ‘(مضمون )،(32 )’ادبي سرهاڻ ‘(مضمون ).ڄيٺي لالواڻيءَ 6 ڪتاب گجراتيءَ ۾ ۽ 7 هنديءَ ۾ به لکيا آهن .اهڙيءَ طرح گجراتيءَ مان 10 سنڌيءَ ۾ ڪتاب ترجمو ڪيا اٿس.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي جا ڪتاب

لوڪ مضمون، مصنف : ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
لوڪ مضمون
مصنف : ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي
لاڏا : سنڌي لوگ گيتن جو گلدستو، سھيڙيندڙ : ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
لاڏا : سنڌي لوگ گيتن جو گلدستو
سھيڙيندڙ : ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ