لاڏا : سنڌي لوگ گيتن جو گلدستو
لوڪ گيت جيون جو سُر آھن. جيون کان موت تائين ڪيئي ڏڻ اچن ٿا جن ۾ گيت ۽ لاڏا شامل ھجن ٿا، ڇو تہ لاڏا سنڌي ثقافت جو اھم جُز آھن. لاڏا ھر خوشيءَ جي موقعي ٻار ڄمڻ، ڇٺي، طھر، شاديءَ يا ٻين خوشيءَ جي موقعن تي ڳايا وڃن ٿا. لاڏن جا جدا جدا قسم ٿين ٿا. لاڏا گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن ٻنھي طرفن ۾ ٿيندا آھن، ڇاڪاڻ تہ ساٺ سنئوڻ ٻنھي پاسي ٿيندا آھن.