ڀائي چين راءِ سامي

Author Name

سامي ٽالپور دور جو هڪ سنڌي شاعر ٿي گذريو آهي. ان جو اصل نالو "ڀائي چين راءِ بچومل" هيو. سندس جنم 1743ع ۾ شڪارپور، سنڌ ۾ ٿيو. سندس تخلص "سامي" هيو ۽ اُنهيءَ نالي سان مشهور ٿيو. هن ويديڪ ڏاهپ کي پنهنجي سنڌي شولوڪ ۾ بيت شڪل سان ملائي ڇڏيو. 
سامي جو اصل نالو ڀائي چين راءِ بچو مل لنڊ هو. ڀائي چين شڪارپور ۾ 1743ع ۾ ڄائو. هن جيڪا شاعري ڪئي ان کي "سامي جا سلوڪ" سڏيو وڃي ٿو.
سامي تخلص اختيار ڪرڻ جو سبب هي ٻُڌايو ويو آهي تہ هِن پنهنجي گرو (مُرشد، اُستاد) سوامي مينگهراج ٻانڀڻ جي نالي کي شرف ڏيڻ خاطر ايئن ڪيو،ڪٿي ڪٿي ٻانڀڻ کي به تخلص طور ڪم آندو اٿس. هو هندومت سان لاڳاپيل هيو ۽ هڪ شاعر هيو، سندس شعرن جي مجموعي جو نالو سامي جا سلوڪ آهي، ساميءَ جي وفات شڪارپور شهر ۾ سال 1850ع ۾ 107 سالن جي ڄمار ۾ ٿي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڀائي چين راءِ سامي جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


ڀائي چين راءِ سامي جا ڪتاب

ساميءَ جا سلوڪ، مصنف : ڀائي چين راءِ سامي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ساميءَ جا سلوڪ
مصنف : ڀائي چين راءِ سامي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ