ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي
ڀوڄراڄ هوتچند ناگراڻيءَ (پروفيسر بي .ايڇ ناگراڻي) جو جنم پهرئين مئي 1903 تي حيدرآباد ۾ ٿيو .بي .اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. هي ڪوڙي مل چندن مل کلناڻيءَ کان پوءِ ٻيو اهم عالم هو، جنهن ”ساميءَ جا سلوڪ“ ٽن ڀاڱن ( 1955 ،1958ع ۽ 1960ع) ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا هئا. ان لاءِ هن ڪوڙي مل چندن مل وارو ڇاپو ، مولچند گيانيءَ وارو گرمکي ڇاپو ۽ ملڪ هيرا وارو گرمکي ڇاپو آڏو رکي ”ساميءَ جا سلوڪ “ترتيب ڏنا ۽ ساميءَ جي جيون ۽ سلوڪن تي تفصيلي موادلکيو ، سندس”سامي جا سلوڪ “سن ۾ محمد ابراهيم جويي ،ٻن ڀاڱن ۾ 1978ع ۾ سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي پاران( تفصيلي مهاڳ ۽ عبدالڪريم سنديلي جي سامي ڪوش سميت)ڇپائي پڌرا ڪيا .ان کان سواءِ بي .ايڇ ناگراڻيءَ جو هڪ ڪتاب ’برهمچريه ‘به ڇپيل آهي ،جيڪو پرنسپال ڌرمداس سان گڏ تصنيف ڪيائين.
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل