ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو

Author Name

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو عالم ۽ اديب ڊاڪٽر الھداد ولد محمد علي ٻوهيو. 8  آگسٽ، 1934ع تي تعلقي وارهہ، ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ پيچوها ۾ ڄائو . ايم اي ۽ بي ٽي ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو مشهور اديب ،نقاد ،دانشور ،تعليمدان ۽ ماهر لسانيات هو .تنقيد ۽ لسانيات جي ميدان ۾ مثالي خدمتن جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو .سندس شخصيت ۾ سنجيدگي ۽ وقار نمايان نظر ايندا هئا .تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن تي رهي ،آخر ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن جي عهدي تي پهتو .پنهنجي پوري ڄمار علم ادب جي واڌاري لاءِ وقف ڪيائين .”تحقيق “سندس پسنديده موضوع رهيو .1977ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتائين ،سندس گائيڊ ڊاڪٽر غلام علي الانا هو .پي ايڇ ڊي لاءِ سندس مقالي جو عنوان هو” سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج “هيءُ مقالو سنڌالاجيءَ طرفان سال 1987ع ۾ ڇپرايو ويو آهي .سنڌ ۾ سماجي لسانيات جي موضوع تي هي پهريون پي ايڇ ڊي هو .سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’تنقيدون ‘(1980ع )،’ادب جا فڪري محرڪ ‘(1984ع )۽ ’علم تحقيق ‘(1990ع )اهم آهن .جڏهن ته سندس اڪيچار مضمون ،مقالا ۽ ڪالم مشهور رسالن ٽه- ماهي ’مهراڻ ‘،’نئين زندگي ‘،’ساڃاهه ‘،’پارس ‘،’باک ‘۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهن .سندس تحريرن تي مشتمل هڪ ڪتاب” ٻوهيي جون تحريرون “سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آهي . سنڌي ٻوليءَ بابت سندس مقالن جو هڪ ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 2008ع ۾ ڇپيو ،جيڪو آزاد انور ڪانڌڙي ترتيب ڏنو .پاڻ 16 جولاءِ 1994ع تي ٽنڊي آدم جي هڪ تعليمي سيمينار ۾ خطاب ڪندي ،دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو جا ڪتاب

ادب جا فڪري محرڪ، مصنف : ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ادب جا فڪري محرڪ
مصنف : ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو
علم تحقيق، مصنف : ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
علم تحقيق
مصنف : ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو
سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج، مصنف : ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج
مصنف : ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ