رائچند هريجن
مشھور تاريخدان ۽ اديب رائچند هريجن راٺوڙ 8 نومبر 1912ع تي شھر چيلھار، ضلعي مٺيءَ ۾ جنم ورتو. سندس تعلق غريب گهراڻي سان هئڻ ۽ ٿر ۾ تعليم جي سوليت گهٽ هئڻ ڪري تعليم صرف سنڌي فائينل تائين حاصل ڪيائين. سنڌي فائنل کانپوءِ 1928ع ۾ ڳوٺ جي اسڪول ۾ پرائمري ماستر مقرر ٿيو. کيس شروع کان ئي لکڻ پڙهڻ سان ڏاڍو چاھ هو. ادب ۾ 1950ع کان لکڻ جي ابتدا ڪيائين ۽ مختلف موضوعن تي لکيائين ۽ سندس لکڻيون مختلف رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون. رائچند هريجن جي پھرين لوڪ ڪھاڻي ’ڀلان ڀليءَ جو ڇيھ‘ سنڌي ادبي بورڊ جي ٽہ ماهي مھراڻ رسالي ۾ ڇپي. رائچند، ورهاڱي کان اڳ جي سنڌي اخبارن سنسار سماچار، الوحيد، ميرپورخاص گزيٽ، اخبار تعليم، ملا اسڪول مخزن ۽ ورهاڱي کانپوءِ سنڌي رسالن ٽہ ماهي مھراڻ، سنڌ ڊائجسٽ ۽ نئين زندگيءَ ۾ ادبي ۽ تحقيقي مضمون لکيا. هن ٿري لوڪ گيتن جو سنڌي منظوم ترجمو ڪيو، جيڪو مختلف رسالن ۾ ڇپيو ۽ سندس ڪيترا مقالا مھراڻ رسالي ۾ ڇپيل آهن.
1955ع ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم ۽ سنڌي لغت اسڪيم شروع ٿي تہ پاڻ لوڪ ادب اسڪيم جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي مختلف شاعرن جا واقعاتي بيت، لوڪ ڪھاڻيون، ڪھاوتون، ڏوهيڙا ۽ ڳجهارتون وغيرہ لکي موڪليندو هو. تعلقي ڇاڇري جي لوڪ ادب اسيڪم جو ميمبر پڻ رهيو، جنھن دوران مختلف ڳوٺن ۾ وڃي اتي جي ماڻھن جي رهڻي ڪھڻيءَ، کاڌ خوراڪ، تاريخي ماڳ مڪان گهمي ۽ ماڻهن سان ڪچھريون ڪري احوال قلمبند ڪيائين.
رائچند جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ٿر جي تاريخ تي جامع ۽ مستند ڪتاب ’تاريخ ريگستان‘ آهي، جيڪو ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. هن اهو ڪتاب 12 سال ٿر جو چپو چپو مسلسل گهمي مواد گڏ ڪري لکيو. هن ڪتاب ۾ ٿر جو مڪمل احوال ڏنل آهي. رائچند جي هن ڪتاب جو پھريون ڀاڱو 1956ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو ۽ ٻيو ڀاڱو هن 1965ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ حوالي ڪيو، جيڪو سندس زندگيءَ ۾ تہ ڇپجي نہ سگهيو، ليڪن 1975ع ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو. هن پير پٿوري جي سوانح عمريءَ تي بہ هڪ ڪتاب لکيو، جيڪو 1955ع ۾ ڇپيو. رائچند هڪ مثالي استاد بہ هو. سندس پٽ ٽمامي مھراڻ جو اڳوڻو ايڊيٽر نفيس احمد شيخ بہ ناليوارو اديب آهي.
رائچند راٺوڙ، 31 مئي 1968ع تي وفات ڪئي.
- جنم: 1912-11-08
- ورسي: 1968-05-31
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل