تاريخ ريگستان, مصنف : رائچند هريجن

تاريخ ريگستان

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : تاريخ ريگستان
مصنف : رائچند هريجن
ڪيٽيگري : سنڌ شناسي
ڇپيندڙ : سنڌي ادبي بورڊ
شايع ٿيڻ جو سال : 2005
شامل ڪيو ويو : 2021-08-13
ڏِٺو ويو : 2 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 285 ڀيرا

هي ڪتاب ٿر جي مفصل تاريخ آهي. ڪتاب جو پهريون ڀاڱو سترهن بابن تي مشتمل آهي. باب پھرين ۾” ٿر ۽ پارڪر جو طبعي گهاٽ ۽ پراچين حالت“ بابت، باب ٻيو ٿرپارڪر جي راجپوتن بابت، باب ٽئين ۾ ٿر ۾ سومرن جي حڪومت، باب چوٿين ۾ ٿر ۾ سوڍن ۽ راٺوڙن جي حڪومت بابت، پنجين باب ۾ سومرن جي حڪومت جو اوائلي دور، باب ڇهين ۾ سومرن جي حڪومت جو پويون دور، باب ستين ۾ سوڍن جي حڪومت، باب اٺين ۾ پارڪر جي حڪومت، باب نائين ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت، باب ڏهين ۾ ٽالپرن جي حڪومت، باب يارهين ۾ انگريزن جي حڪومت، باب ٻارهين ۾ پاڪستان جي حڪومت، باب تيرهين ۾ ٿرپارڪر جا مکيہ ڳوٺ ۽ آدم شماري، باب چوڏهين ۾ ٿر ۾ رهندڙ قومون، باب پندرهين ۾ ٿرپارڪر جي معاشي حالت، باب سورهين ۾ ٿر جا رواج ۽ رسمون، باب سترهين ۾ ٿر جي تهذيب ۽ تمدن بابت مواد شامل آهي. آخر ۾ ضميمي طور”ٿر جو وسڪارو“ جي عنوان هيٺ ٿر ۾ پوندڙ برسات جو احوال ڏنل آهي. 

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري سنڌ شناسي مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ