• موهيو جنهن کي ماروئڙن
جنهن وقت مون کيس ڏٺو، ان وقت هڪ مضطرب روح هيو جيڪو نئين ديري کان رتيديري، رتي کان لاڙڪاڻي، لاڙڪاڻي کان پير ڳوٺ تائين مسلسل ڊڪندو، ڊوڙندو ۽ ڀڄندو پئي وتيو. هڪ هنڌ ٽڪاءُ نه هيس. نه ٺام، ٺڪاڻو! رڳو ڀڄ ڀڄان. ڀڄندو به پئي ويو ته يارن سان رهائيندو به پئي ويو. دوست يار، گھر ٻار؛ مڙني سان منهن ڏيندي، لکندو به رهيو پئي ۽ صبح کان رات تائين سفر به ڪندو رهيو پئي.
جوڀن ۽ جواني، جن ادب دوستن سان صَرف ڪيائين، تن جي شخصيتن کان آخر تائين مرعوب رهيو. تن جا تذڪرا، واتين ويڻين ته ڪندو هيو پر قلم جي نوڪ سان به پنن تي اُڪيري ڇڏيائين. کين امر ڪرڻ سان گڏ، پاڻ کي به ڪتابن اندر سانڍي ويو.
آئين فقير جو ذڪر ھجي يا جمعي فقير جو، وفا ناٿن شاھيءَ سان ٿيل رھاڻ جو تذڪرو ھجي يا عبدالڪريم گدائيءَ سان ٿيل ملاقات جو مذاڪرو، ذوالفقار علي ڀٽي سان واسطيداريءَ وارتا ٻڌائڻي ھجي يا ذوالفقار راشديءَ سان ڪيل ڪچھرين بابت آگاھي ھجي، استاد بخاريءَ سان ھم پيشه رفاقت جو بيان ھجي يا نديم ملڪ سان ھج وارو انڪشاف ھجي. جيڪو به بيان ڪيائين، واھ جو ڪيائين.
دور انديش هئڻ سان گڏ، دير انديش ۽ پير کوڙي لکڻ وارو هيو. جنهن سان رکيائين، تنهن سان نڀايائين. ھر ليک ۾، ڪوشش اھا ڪيائين ته سنگتين جو ذڪر اچي وڃي. سنگت ۾ هٿ جوڙي هلڻ واري واٽ هيس. منهن تي ڦهڪائي چوڻ ۾، سچي هئڻ واري خوشي ۽ طراوت محسوس ڪندو هيو. بي ڊپو ۽ بي خوف و خطر رهيو.
گھڻو ڪجھ لکيائين. تنهن مان ڪجھ ظاهر ٿيو آهي ۽ اڃا ڪجھ ظاهر پڻ ٿيندو. مختلف رسالن اندر سنڌي ۽ اردو ليک، سندس نالي سان ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. اميد ته وقت سان اهي به يڪجاءِ ٿي ويندا.
انجنيئر عبدالوهاب سهتو
پروفيسرس ڪالوني، لاڙڪاڻو
۱۹ مارچ ۲۰۱۵ع