سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
  • 4.5/5.0
  • 917
  • 332
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

انتساب

پيار سان ڪيل قلمي پورھيو
منسوب ڪريان ٿي
پيارن والدين بزرگوار مرحوم رحيم بخش شيخ، مرحومہ نجمہ شيخ،
منھنجي پڦي مرحومہ سردار بيگم زوجہ احسان احمد بدوي مرحوم ۽ منھنجو ماما غلام قادر چنہ مرحوم و مغفور
جي نالي
جن جي محبت، پيار، ھمدردي ۽ مدد
وقتِ آخر تائين ياد رھندي
الله تعاليٰ کان دُعا آھي تہ کين ھميشہ
جنت الفردوس ۾ بُلند درجات عطا فرمائي (آمين)

[b]پروفيسر رشيدہ ڀٽي
[/b]

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڪڻي مان ڪيچ“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب پروفسر رشيدہ ڀٽيءَ جو لکيل آھي. شبنم گُل لکي ٿي:
”پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن. اها معلومات انتهائي سليس ۽ وڻندڙ ٻولي ۾ ڏني وئي آهي. يعني توهان ڪتاب هٿ ۾ کڻندا ته ختم ڪرڻ بنا نه رهي سگهندا. غذا، انساني جسم ۽ صحت جي باري ۾ ڏنل اها معلومات سادي ۽ اثرائتي طور تي بيان ٿيل آهي. صحت ۽ غذا جا هي موضوع خشڪ ٿين ٿا. عام ماڻهوءَ لاءِ ڪافي مشڪل به سمجهيا وڃن ٿا.“
ھي ڪتاب 2017ع ۾ ناري پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پروفيسر رشيدہ ڀٽي صاحبہ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

صحتمند غذا بهتر صحت جي ضامن: شبنم گل

صحتمند غذا هڪ اهڙو معلوماتي موضوع آهي، جنهن جي ڄاڻ هر ڪنهن وٽ هئڻ گهرجي. پر اسان جي معاشري ۾ صحت، غذا جي فائدي ۽ ميون يا ڀاڄين وسيلي علاج جي باري ۾ ڪابه ڄاڻ ڪانهي، ترقي يافته قومون ان باري ۾ مڪمل معلومات رکن ٿيون. روزمره جي گفتگو دوران اِن باري ۾ هڪٻئي کي ڄاڻ به ڏني وڃي ٿي. غذا جا مختلف محرڪ آهن. غذا جسم جي واڌ ويجهه ڪري ٿي، ذهن کي فعال رکڻ ۾ به صحتمند کاڌي جو وڏو حصو آهي. اُن کان علاوه غذا روحاني تحرڪ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. جيئن يوگي يا صوفي گهڻي ڀاڱي هلڪي غذا واپرائين ٿا. ڇو ته کاڌي ۽ خوراڪ جو مزاج ۽ ذهن تي گهرو اثر پوي ٿو. مزاج جو گهڻي ڀاڱي غذا سان ويجهو تعلق آهي. اڪثر کاڌا ڪاوڙ، بدمزگي ۽ بيچيني جو ڪارڻ بڻجن ٿا.
ان حوالي سان پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن.
گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن. اها معلومات انتهائي سليس ۽ وڻندڙ ٻولي ۾ ڏني وئي آهي. يعني توهان ڪتاب هٿ ۾ کڻندا ته ختم ڪرڻ بنا نه رهي سگهندا. غذا، انساني جسم ۽ صحت جي باري ۾ ڏنل اها معلومات سادي ۽ اثرائتي طور تي بيان ٿيل آهي. صحت ۽ غذا جا هي موضوع خشڪ ٿين ٿا. عام ماڻهوءَ لاءِ ڪافي مشڪل به سمجهيا وڃن ٿا.
پر هيءَ معلومات دلچسپ انداز ۾ بيان ڪئي وئي آهي. پڙهندڙ ڪٿي به يڪسانيت جو شڪار نه ٿو ٿئي. ۽ سندس دلچسپي اول کان آخر تائين برقرار رهي ٿي.
اسان وٽ عام ماڻهو گهڻو بيخبر آهي، هو پنهنجي جسم، کاڌن جي ڪيميائي اثر ۽ غذا جي گهربل ضرورتن کان واقف نه آهي. نه ئي بيمارين کي سمجهڻ ۽ حل ڪڍڻ جي ضرورت کي محسوس ڪيو وڃي ٿو. بيماري فقط ڊاڪٽر جي مڪمل ذميواري نه آهي بلڪه بيمار ماڻهوءَ کي پاڻ به جسماني تبديلين ۽ بيماريءَ جي باري ۾ آگاهه هئڻ گهرجي. دوا هر مسئلي جو حل نه آهي. بلڪه دوائون پنجاهه فيصد نقلي ٿين ٿيون. اڪثر مدي خارج دوائون وڪرو ٿيندي ڏٺيون ويون آهن. اُنڪري ترقي يافته ملڪن ۾ دوائن بدران غذا وسيلي علاج ڪيو وڃي ٿو.
جيستائين بيمارين جو تعلق آهي. وچڙندڙ بيمارين کان علاوه موروثي بيماريون ٿين ٿيون. اڪثر مدافعتي نظام ڪمزور هئڻ سبب جسم تي هر بيماري حملو ڪري ٿي. ڪن بيمارين جا نفسياتي محرڪ ٿين ٿا. بيماري جا اهڃاڻ ته محسوس ٿين ٿا پر ٽيسٽن ۾ ڪجهه به نه نڪرندو آهي. منفي سوچ انسان جي ذهن سان گڏ جسم تي اثر انداز ٿئي ٿي جنهن جي ڪري جسم جا جيوگهرڙا تباهه ٿين ٿا ۽ جسم بيمارين جو کاڄ بڻجي ٿو. صحتمند غذا جسم لاءِ پڪي بنياد جو ڪم ڏيئي ٿي.
سٺي غذا واپرائڻ سان ماڻهو بيمارين کان بچي سگهي ٿو. هن ڪتاب ۾ تفصيل سان مختلف ڀاڄين ۾ ميون ۽ جڙي ٻوٽين سان علاج جو ذڪر ملي ٿو. ٻين ٻولين ۾ غذا جي فائدي ۽ علاج تي ڪتاب ملن ٿا. پر سنڌي ۾ هيءُ اِن نوعيت جو واحد ڪتاب آهي. جيئن رشيده صبح جي نيرن لاءِ لکي ٿي. ”صبح جو تڪڙ ۾ هلڪي ڦلڪي نيرن ڪرڻ وارا ٻار اسڪول ۾، ڪلاس روم اندر سيٽن تي ويٺل تقريباً ننڊ اکڙا ۽ منجهيل نظر ايندا آهن.“ اها حقيقت آهي ته شاگردن لاءِ (سندن تعلق عمر جي ڪنهن به حصي سان هجي) صحتمند نيرن انتهائي ضروري آهي. اسان جي ٻارن جي سڄي ذهني ڪارڪردگيءَ جو مدار صحتمند غذا تي آهي. جڏهن ته والدين ۽ سندن استاد ٻارن کي سخت ذهني آزمائش ۾ مبتلا ڪري ڇڏين ٿا ته هو فقط مطالعو ڪندا نظر اچن. صحتمند غذا ۽ خوشگوار ماحول ٻار کي ميسر نه ٿو ملي ته هو علم جي ميدان ۾ پوئتي رهجي وڃي ٿو.
اسان وٽ عام ماڻهو سائنس جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان نابري واري ويهن ٿا. جڏهن ته انساني جسم جي معلومات جا سمورا رستا وڃي سائنس تي ختم ٿين ٿا. بيماريون به سٺي غذا جي کوٽ سببان وڌن ۽ ويجهن ٿيون. جديد کاڌا فاسٽ فوڊ، جنڪ فوڊ يا تريل غِذائون، جسم کي فائدي بدران نقصان ڏين ٿيون. اُن جي نسبت سادي ۽ خالص غذا انسان کي جياري ٿي. مثال کجور، انجير ۽ ناريل يا ماکي معجزاتي کاڌا آهن.
بورچي خاني ۾ ڪڏهن رڌ پچاءَ ڪندي اسان جا هٿ سڙي پوندا آهن. ترت ئي سڙيل جڳهه تي ماکيءَ جو ليپ ڏجي ۽ اڌ ڪلاڪ بعد ڌوئي ڇڏجي ته حيرت انگيز طور تي چمڙيءَ کي ڪوبه نقصان پهتل نظر نه ايندو. يا ناريل جو پاڻي پڻ بيمارين لاءِ فائديمند آهي. ناريل جو پاڻي پيئڻ يا ناريل کائڻ جسم جي مدافعتي نظام کي بهتر بڻائي ٿو. جسم جي سوڄ ۽ سور کان به نجات ملي ٿي. الرجي لاءِ به ناريل سٺي دوا آهي. ٻاهر ناريل جو کير ۽ پاڻي دستياب آهي. سري لنڪا ۾ ناريل جو پاڻي کاڌي ۾ استعمال ٿيندي ڏٺو. ناريل ۽ انناس کيAnti Inflammatory to food چيو وڃي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ هر ماڻهوءَ جي وٽامن ڊي گهٽ آهي. ان جو سبب ماحولياتي گدلاڻ، غذا ۾ ملاوٽ ۽ ذهني دٻاؤ آهي. سگريٽ نوشي جي ڪري به وٽامن ڊي گهٽ ٿي ويندي آهي. پر دوائن بدران جيڪڏهن غذا مان جسم ۾ وٽامن ڊي جي کوٽ کي پورو ڪجي ته وڌيڪ بهتر آهي. انڊو، مڇي يا کجور وٽامن ڊي جي گهربل مقدار جي گهرج کي پورو ڪن ٿا.
رشيده کارڪن لاءِ لکي ٿي، ”جديد تحقيق کان پوءِ اهو معلوم ٿيو آهي ته کارڪ اندر وٽامن ۽ معدنيات جا ڄڻ خزانا پوريل آهن.“
اها حقيقت آهي ته اسان روزمره جي استعمال ۾ ايندڙ غذا جي فائدي ۽ نقصان بابت آگاهه نه آهيون. هڪ پاسي غذا جسم جي واڌ ويجهه لاءِ ضروري آهي ته ٻي طرف ان جي گهڻائي جسم لاءِ نقصانڪار پڻ آهي. جسم ۾ وٽامن ڊي، ڪئلشيم يا پروٽين وڌي وڃن ته انهن جي گهڻائي صحت لاءِ نقصان جو سبب بڻجي ٿي. انڪري رشيده جو هي ڪتاب اڻڄاڻائيءَ جي اوندهه ۾ روشنيءَ جو رستو ثابت ٿيندو. مون ڪافي اڳي غذا، صحت ۽ ذهني صحت جي حوالي سان لکڻ شروع ڪيو. جنهن جو بنيادي مقصد عام ماڻهن کي صحت جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش هئي. جيئن هو پنهنجي زندگيءَ کي پاڻ بهتر بنائي سگهن. ڪوبه سؤ فيصد رهبري نه ٿو ڪري سگهي. طبيب گِهرائي ۾ وڃڻ پسند نه ڪندا آهن. نه ئي مريضن کي تفصيل سان بيماري بابت ڄاڻ ڏين ٿا نه ئي غذا جي باري ۾ کين معلومات فراهم ڪندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ عام ماڻهوءَ جو فرض ٿئي ٿو ته هو پنهنجي بيماري بابت پاڻ غور ڪري ۽ غذا کي بهتر بڻائي.
ڪتاب ۾ شامل هڪ مضمون رت جي بيماري ٿيليسميا تي آهي. هي اهم ۽ وقتائتو موضوع آهي. ميجر ٿيليسيما ته خطرناڪ آهي ئي پر مائنر ٿيليسميا به هڪ خاموش دشمن آهي، جيڪو وقت سان جسم ۾ رازداريءَ سان پلجندو رهي ٿو. جيڪو ذهني دٻاءُ، غير صحتمند غذا ۽ گهٽ ننڊ واري دشمنن سان ملي، هڪ ڏينهن جسم تي خطرناڪ حملو ڪري ٿو. بيمارين کي سهيڙڻ به هڪ هنر آهي. انهن خاموش بيمارين کي سمجهڻ ۽ انهن سان هلڻ جو ڏانءُ گهرجي ته پوءِ صحت ۽ غذا سان لاڳاپيل مضمون ۽ ڪتاب پڙهڻا پون ٿا. آٽو اميون ڊس آرڊر سان تعلق رکندڙ بيماريون اڪثر ڊاڪٽر به نه ٿا سمجهي سگهن.
جيئن Multiple sclerosis, Lupus, Grave's disease ۽ ٻيون ڪيتريون بيماريون آهن. جن جي نشاندهي گهٽ ٿي سگهندي آهي. جيڪي نسل در نسل منتقل ٿينديون رهنديون آهن. انهن سمورين بيمارين کي مناسب غذا سان بهتر بنائي سگهجي ٿو.
ڪتاب ۾ شامل هڪ مضمون عورتن ۾ رت جي گهٽتائي مُتعلق آهي، جيڪو معلومات جي حوالي سان جامع آهي، ان مضمون ۾ رشيده ڄاڻ ڏيندي لکي ٿي. ”رت ۾ موجود جيوَ-گهرڙا (Blood Cells) گڏجي هڪ اهڙو اوڄو يا عضوياتي وار نلين جهڙا ٻنڌڻا ٺاهين ٿا، جيڪي شريانين ۽ نسن جي سرشتي وسيلي سڄي جسم اندر متحرڪ رهن ٿا، ۽ آڪيسجن ۽ خوراڪ پهچائڻ جهڙو اهم ڪم سرانجام ڏين ٿا، جنهن ڪري جسماني واڌ ويجهه جو عمل، توڙي ڀڃ ڊاهه وارو عمل، خوش اسلوبيءَ سان وقت سر مڪمل ٿيندو رهي.“ اها حقيقت آهي ته رت جي جزن جي گهڻائي يا ڪمي. هيموگلوبن جو گهٽ يا وڌيل تناسب بيمارين جو سبب بڻجي ٿو.
هن ڪتاب ۾ ڪجهه جڙي ٻوٽيون ۽ ڀاڄين جو ذڪر شامل آهي، جيڪي رت کي هلڪو بڻائين ٿيون. جن کي استعمال ڪري دل جي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو. عورتن ۾ رت جي ڪمي جي شڪايت عام ٿئي ٿي. جنهن لاءِ ڪشمڪش، ڏاڙهون، بيٽ روٽ، صوف، انڊا، خشڪ ميوو ۽ چيري جو استعمال فائديمند آهي. انهن مان اڪثر شين جو ذڪر ڪتاب ۾ موجود آهي.
اڪثر ڪري تحقيق جو خشڪ انداز پڙهندڙ کي اڳتي وڌڻ نه ڏيندو آهي. خاص ڪري سائنس ۽ صحت جا موضوع هونئن به عام ماڻهو گهٽ پڙهندا آهن. پر هن ڪتاب ۾ سمورا مضمون دلچسپ انداز سان بيان ٿيل آهن. اُهي مضمون صحت ۽ سائنس جي باري ۾ منهنجي علم ۽ چاهه کي وڌائين ٿا.
مون سائنس جو مضمون ڇڏي آرٽس کنئي هئي، جڏهن ته مون کي ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هو. والد ڊاڪٽر هو انڪري مون به ڊاڪٽر ٿيڻ چاهيو هو. طب جو شعبو ننڍپڻ کان پسند هيم. والد گهر ۾ جيڪو به صحت ۽ سائنس متعلق ڪتاب يا ميگزين آڻيندو هو. اُهو ضرور پڙهندي هيس. ڇو ته اسپتالن ۾ اڪثر صحت سان لاڳاپيل مواد يا رسالا موڪليا ويندا آهن. ائين طِبّ جي شعبي سان واقفيت ۽ ويجهڙائي شروع کان رهي آهي. ڪجهه سال اڳي مون فطري علاج بابت ڪافي ڪتاب پڙهيا. ذهني ۽ طبعي صحت سان تعلق رکندڙ مواد پڙهي اندازو ٿيو ته اسان صحت ۽ صفائي جي موضوع کي چڱي طرح سمجهي نه سگهيا آهيون. چاهي رڌ پچاءُ جا طريقا هجن، فرج ۾ ڀاڄين يا کاڌي کي فريز ڪرڻ جو معاملو هجي. گرمين ۾ ڪهڙن کاڌن کي کائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. سياري ۾ ڪهڙي غذا يا مشروب استعمال ٿيڻ گهرجن. اسان کي ان باري ۾ گهٽ معلومات آهي.
اسان جو عام ماڻهو يا عورتون جيڪي رڌ پچاءُ ڪن ٿيون انهن کي انهن موضوعن باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اها حقيقت آهي ته صحت ۽ سائنس سان تعلق رکندڙ هي ڪتاب عام ماڻهوءَ جي ڄاڻ جي کوٽ کي يقيناً پورو ڪندو. جنهن وسيلي ماڻهن جو ڌيان غذا ڏانهن ضرور ويندو.
مون کي اميد آهي ته هي ڪتاب اسان جي عورتن جي وڌيڪ رهنمائي ڪندو. جيڪي نوڪري ڪرڻ سان گڏ گهر ۽ ٻار به سنڀالين ٿيون. ڇو ته ڄاڻ، انسان کي ڪيترن مسئلن ۽ مونجهارن کان ٻاهر نڪرڻ جو طريقو ٻڌائي ٿي جيئن ته هِيءُ موضوع منهنجي پسند ۽ ڏانءُ وٽان آهي، انڪري مون کي نه فقط خوشي ٿي ته هڪ منفرد ۽ وقتائتي موضوع تي ڪتاب ڇپجي رهيو آهي. بلڪه هڪ عورت ليکڪ وٽ سوچ جي وسُعت ۽ نئون انداز ڏسي يقين ٿو ٿئي ته: دورِ ”جديد عورتون روايتي موضوعن کان هٽي صحت ۽ سائنس جهڙن انوکن ۽ فائديمند موضوعن تي لکڻ لڳيون آهن.“


[b] شبنم گل
[/b] حسين آباد
2016-08-18

تاثر: پروفيسر ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو

پروفيسر رشيده ڀٽي هڪ جاکوڙي خاتون جيڪا هر دور ۽ عمر جي هر حصي ۾ خاموش رهڻ بجاءِ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿي. سندس ٽيون قلمي پورهيو اوهان جي هٿن ۾ آهي جن ۾ پهريون ڪتاب ”ميون ۽ ڀاڄين سان علاج“ ٻيو ”ڊڪشنري آف هيماٽالاجي“ آهي ۽ هي ٽيون ڪتاب آهي جيڪو سنڌ جي واحد پبلشرز خاتون نذير ناز جي قائم ”ناري پبليڪيشن“ جي زِير ِاِهتمام شايع ٿيو آهي ۽ هنن سٽن ذريعي جاکوڙي ۽ اڻ ٿڪ انسان نذير ناز لاءِ کوڙ ساريون مبارڪون ۽ دعائون جنهن جي ناري پبليڪيشن هاڻي سلور جوبلي ڪراس ڪري گولڊن جوبليءَ ڏانهن وکون وڌائي رهي آهي. رشيده ڀٽي جو هيءُ ڪتاب ليکڪه جي انهن آرٽيڪلس تي مبني آهي جيڪي هن مختلف رسالن ۾ ڇپرايا. هيءُ ڪتاب جو بظاهر ۾ هڪ ڪتاب پر درحقيقت ڪيئي ڪتاب آهي. ڄڻ ڪڻي ۾ ڪيچ آهي. هن ڪتاب اندر ڇهه ڀاڱا آهن. پهريون ڀاڱي ۾ ديني مضمون، ”اول الله عليم“ جي عنوان سان ڏنل آهن جڏهن ته ٻيون ڀاڱو ”غذا بطورِ شفا“ جي عنوان تي مشتمل مضمونن تي آهن. جنهن ۾ مختلف قسمن جي اناج، ميوات ۽ ڀاڄين جو ذڪر ڪيل آهي. جن جي استعمال سان هڪ طرف غذا ۽ غذائيت ملي ٿي ته ٻي طرف وري شفايابي حاصل ٿئي ٿي. جهڙوڪ: هنداڻو، ڏاڙهون، انب، آلو بخارا، صوف، ٽماٽا، ڪلونجي، ٿوم، ادرڪ، انجير ۽ ماکي وغيره. هن ڪتاب جو ٽيون حصو ”علم بدن“ جي انتهائي اهم موضوعن تي ڀرپور ڄاڻ ڏيندڙ مضمونن ۽ مقالن تي شامل آهي. جنهن ۾ مصنفه جي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري جو ”موضوع“ به سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري شامل ڪيو ويو آهي. اُن جي ڄاڻ پڙهندڙن لاءِ خاص طور تي ڀينرن لاءِ بيحد مفيد ۽ لاڀائتي ثابت ٿيندي. هن ڪتاب جو چوٿون ڀاڱو ”علم صحت“ جي باري ۾ ڄاڻ سان ڀرپور آهي. هن حصي ۾ ”تندرستي“ ۽ صفائيءَ جي بابت مختلف مضمون شامل آهن. جهڙوڪ ڏندن جي صفائي ۽ حفاظت، اکين جي حفاظت، پرهيز جي ذريعي صحت کي قائم رکڻ جي ڪوشش ۽ پنهنجي بدن سان گڏوگڏ ڪپڙن ۽ گهر جي صفائي وغيره جهڙا اهم ۽ ضروري مضمون شامل آهن. پنجون حصو متفرقات تي مشتمل آهي جنهن ۾ مختلف موضوعن کي شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي پڻ بي انتها مفيد معلومات ۽ ڄاڻ سان ڀريل آهن. آخري حصو ڇهون آهي، ”منهنجي دنيا“ تي مبني حال ۽ احوال جنهن ۾ ليکڪه پنهنجا تجربا ۽ پنهنجون يادگيريون پڙهندڙن سان شيئر ڪيون آهن.
جيئن ته ليکڪه جيئن ته ليکڪه فزيالاجيءَ جي پروفيسر آهي ان ڪري سندس لکڻ جو انداز به سائنسي آهي اميد ته هن ڪتاب مان عام پڙهندڙ شاگرد ضرور فيض پرائيندا.


[b] پروفيسر ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو
[/b]25آگسٽ 2016ع
ڄامشورو

پيغام: پروفيسر ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ تعليم ۽ تحقيق جي سلسلي ۾ جن استادن جون پنهنجي فيلڊ ۾ بيش بها خدمتون آهن، سي پنهنجي شعبي جي بيشڪ سڃاڻپ آهن. اسان جي محترمه پروفيسر رشيده ڀٽي صاحبه به پنهنجي شعبي فزيالاجيءَ جي سڃاڻپ آهي. سندس تدريسي خدمتن کان علاوه تحقيقي خدمتون پڻ ناقابلِ فراموش آهن. ريسرچ پيپر ۽ ڪتاب ته شايع ٿيل اٿس، پر سندس Lexicographer جي حيثيت ۾ هن ”هيماٽالاجيءَ جي ڊڪشنري“ (Dictionary of Haematology) ترتيب ڏيئي، نه رڳو پاڻي کي لغت نويس جي صف ۾ بيهاريو آهي، پر سنڌ جي هڪ لغت نويس عورت جي حيثيت ۾ پڻ پنهنجو پاڻ کي مڃايو آهي.
پروفيسر رشيده ڀٽي صاحبه پنهنجي تحقيقي ۽ علمي ڪمن ۾ بيحد چاهه رکندڙ آهي ۽ جنهن سنجيدگيءَ سان انهن کي سرانجام ڏيندي آهي. سو هن جي علمي ذوق جو واضع دليل آهي.
پروفيسر رشيده ڀٽي جو پنهنجي علمي ۽ تعليمي، تدريسي ۽ تحقيقي ڪم ڏانهن رويو ڏسي نه رڳو کيس دادِ تحسين ئي ڏيئي سگهجي ٿو، پر ان جذبي سان ريس به ڪري ٿي سگهجي. شال سندس ذوق ۽ جستجو جاري رهي ۽ اسين سندس لکڻين مان استفاده ڪندا رهون.
موجوده ڪتاب جيڪو گهڻي ڀاڱي سائنسي تحقيقي ڪم تي ۽ سائنس جي ”علم بدن ۽ علم صحت“ جي شعبي تي مشتمل آهي، اِن کي پڙهڻ کان پوءِ مِحسوس ٿئي ٿو ته: سندس لکڻي ۾ سائنسي نقطهء نظر به هڪ آکاڻي وانگر بيان ڪيل آهي، جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ اِهو اِحساس بلڪل ختم ٿي وڃي ٿو ته ڪو سائنس جو موضوع خشڪ موضوع آهي. اُميد ته آئينده به اِنهن موضوعن تي قلم آزمائي ڪندي رهندي.

دُعاگو

[b]پروفيسر ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو[/b]
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو

پنهنجي طرفان

شُڪر الحمد الله، مون جيئن سوچيو، الله تعاليٰ اِئين مدد فرمائي، الله تعاليٰ جا لک احِسان آهن، مان نه ڪا اديب آهيان نه دانشور، بس علم حاصل ڪيو ۽ پوءِ اُن علم کي ورهايو يعني ته يونيورسٽي آف سنڌ ۾ درس و تدرس سان وابسته رهيم. ”زندگي“ الله تعاليٰ جي طرفان عطا ڪيل بهترين نعمتن منجهان هڪ آهي. اُن ”زندگي“ جا بهترين ماهه و سال جيڪي چاليهه سالن تي مشتمل آهن، سي مون پڙهائڻ ۾ گذاريا ۽ اُن کان پهريان پنج سال کيڏندي ڪڏندي گذارڻ بعد پڙهڻ جو سِلسلو شروع ڪيو جيڪو تقريباً ٻاويهه سالن تي مشتمل آهي.
اِن دوران زندگيءَ ۾ بيشمار خوشگوار ۽ ناشگوار واقعات رونما ٿيندا رهيا، جن کي مون قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هِن قلمي پورهئي کي ڪتابي صورت ڏيڻ لاءِ جيڪو اُتساهه مون کي مليو سو آهي دراصل سائنسي موضوعن تي مضمون، جيڪي منهنجا ”سرتيون“ رسالي ۾ ڇپندا رهيا آهن. ”سائنسي مضمون“ لکڻ لاءِ مون کي آماده ڪرڻ ۽ اُتساهيندڙ شخصيت آهي ”ادي گلبدن مرزا“ جنهن مون کي بيحد اصرار ڪري همت ڏياري ته توهان پنهنجي سبجيڪٽ جي باري ۾ ڪجهه نه ڪجهه اسان کي سرتين لاءِ لکي ڏيو ته جيئن اسان جي ڀينرن کي خالص ادب، شعر و شاعري، ڪهاڻين ۽ افسانن کان علاوه به ڪجهه پڙهڻ لاءِ فراهم ڪري سگهجي، جيئن ته منهنجي سبجيڪٽ جو سِڌو سنئون تعلق جسماني جوڙجڪ، صحت، صفائي ۽ تندرستي سان آهي اِن ڪري سولي سِنڌي ۾ مضمون لکي ڏيڻ جو مون وعدو ڪيو ۽ ادي گلبدن اُنهن مضمونن کي شايع ڪري پنهنجو وعدو نڀاهيو. جيڪو سِلسلو اڃان تائين هلندڙ آهي. اِن ريت مون کي اِهو خيال آيو ته مان اُنهن سڀني مضمونن کي هنڌ جڳهه تي گڏي ڪتابي صورت ۾ آڻيان ته جيئن مڪمل معلومات هڪ هنڌ گڏ ٿي وڃي ۽ پڙهندڙن کي سهولت ٿي پوي ۽ پوءِ گڏوگڏ، پنهنجي مذهبي رجحان مطابق ڪجهه مضمون ديني تعليمات متعلق ۽ ڪجهه ”پنهنجي باري ۾ ڄاڻ“ ۽ يادن تي مشتمل مضمون به بعد ۾ ڪتاب اندر شامل ڪيا آهن.
مان ادي گلبدن مرزا جي اِحسان مند آهيان جنهن جي همت افزائي ۽ اُتساهيندڙ گفتگو جي بدلي ۾ هيءُ ڪتاب اوهان سڀني جي هٿن ۾ آهي. پڙهندڙن جي راءِ جو انتظار رهندو.


توهان جي خيرانديش

[b] رشيده دُختر رحيم بخش شيخ
[/b] ڄامشورو

حصو پهريون: اول الله عَليّم

---

قرآني آياتِ مُقدس جي روشني ۾ خَصِائصِ سيد المُرسَلين صلي االله عليه وسّلم

تعارف
هن مضمون ۾ انهن خصائصِ پاڪ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي آنحضرت صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن سان مخصوص آهن. هونئن ته فضائل ۽ معجزات ڪجهه اهڙا آهن، جيڪي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن ۽ باقي ٻين انبياءَ ڪرام عليه السلام جن ۾ مشترڪ آهن. پر اُهي خاص فضائل ۽ معجزات جيڪي صرف اسان جي پياري پيغمبر سان وابسته آهن، تن جو ذڪرِ خاص قرآني آيات جي روشنيءَ ۾ هيٺ ڏجي ٿو. انهن کي پاڻ سڳورن جا ”خصائص“ سڏجي ٿو. اهڙا خصائص بي انتها ۽ بي شمار آهن ۽ ڪنهن حد و حصي کان خارج آهن.
علامه جلال الدين سيّوطي رحمته الله عليه جن ويهه ورهين جي جُهدِ مسلسل کان پوءِ، تمام وڏي محنت سان اَحاديث و آثار وڪُتبِ تفسير و شرحِ حديث و فِقّه اُصول و تَصّوف ۾ حضور عليه الصَلواة والسّلام جي خصائصِ جو تتبع ڪيو آهي. علامه جلال الدين سيوطي رحمته الله عليه جي تصنيفن بالترتيب، خصائصِ اڪبريٰ ۽ انموزج اللبيب في خصائصِ ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ خصائصِ خاص جو تذڪرو ملي ٿو. جزاه الله عنا خيرالجزا. هي خصائصِ چئن قسمن جا آهن:
اول: اُهي واجبات جيڪي آنحضرت صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن سان مخصوص ۽ مُختص آهن. مثال طور نمازِ تهجد.
دوم: اُهي حڪم و احڪام جيڪي حضور صلعم جن تي حرام آهن، ٻين تي نه مثال طور تحريمِ زڪوات.
سوم: اُهي مباحات، جيڪي حضور عليه الصَلواة والسّلام جن سان مخصوص و مختص آهن. مثال طور: نماز بعد عَصَر.
چهارم: اُهي فضائل/ فضيلتون ۽ ڪرامتون جيڪي صرف اسان جي پياري پيغمبر، حضور انور بابر هو اُمي جن سان منسوب ۽ مخصوص آهن. هيٺ ڏنل مضمون ۾ اسين صرف (چهارم) چوٿين قسم منجهان بعض چيده چيده، خصائصِ جو ذڪر ڪنداسين.
۱. الله تعاليٰ آنحضرت صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کي سڀني نبين کان اڳ ۾ پيدا ڪيو ۽ سڀ کان آخر ۾ مبعوث فرمايو.
۲. عالمِ ارواح ۾ ئي پاڻ سڳورن کي نبوت سان سرفراز ڪيو ويو ۽ ان ئي عالمِ ۾ ٻين انبياءَ ڪرام عليٰ انبياءَ و عليهم الصَلواة والسّلام جن جي روحن مُبارڪن، پاڻ سڳورن جي روحِ انور مان مُستفيض ٿيا يعني فيض حاصل ڪيو.
۳. عالمِ رواح ۾ سمورن انبياءَ عليه السلام جي روحن کان الله تعاليٰ وعدو ورتو ته جيڪڏهن اُهي حضور انور صلعم جي زماني ۾ هجن ته مٿن ايمان آڻن ۽ مدد ڪن.
۴. يومِ الَست ۾ سڀ کان پهريان حضور عليه الصَلواة والسّلام جن قالو بليٰ چيو هو.
۵. حضرت آدم عليٰ نبينا و عليه الصَلواة والسّلام ۽ باقي سموري مخلوق حضور انور لاءِ ئي پيداڪيا ويا آهن.
٦. حضور صلعم جن جو اِسم مُبارڪ عَرشِ مُعّليٰ جي پاون، هر هڪ آسمان تي بهشت جي وڻن ۽ محلاتن ۽ حورن جي سينن تي ۽ فرشتن جي اکين جي درميان لکيو ويو آهي.
۷. اڳ ۾ لٿل آسماني صحيفن، تورات ۽ انجيل وغيره ۾ پاڻ سڳورن جي بشارت ڏنل آهي.
۸. حضور صلعم جن جو سينو مُبارڪ چار دفعه شق ڪيو ويو، يعني حالتِ رضاعت ۾، ڏهن سالن جي عمر مُبارڪ ۾، غارِ حرا ۾ ابتدائي وحي جي نازل ٿيڻ وقت ۽ شبِ معراج مهل.
۹. دِين ”اسلام“ جيڪو روز ازل کان موجود آهي تنهن کي پاڻ سڳورن تي ”مڪمل“ ڪيو ويو، جنهن جي ڪري ارشاد باري تعاليٰ آهي ته ”اڄ دين مڪمل ٿيو“ ۽ نتيجي ۾ اسان جي پياري پيغمبر کي نبيءَ آخر الّزمان جو لقب عطا ٿيو.
۱٠. نبيءَ آخرالّزمان ۽ رحمت الله العالمِين جو لقب سندن لاءِ مخصوص آهي.
۱۱. الله تعاليٰ جل شان هو کي پنهنجو محبوب ۽ اسان جو آقا حضرت محمد مصطفيٰ صلعم ڪيتري قدر پيارو ۽ عزيز هيو، هِيٺينِ آيات سڳورين مان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ حضور عليه الصَلّواة والسّلام جي هر عضوي (مُبارڪ) جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن مان رب تعاليٰ جي، پنهنجي محبوب لاءِ حد درجي جي اُنسيت ۽ محبت جو برملا اظهار ٿئي ٿو. مثال طور هيٺ ڏنل آيتن کي ڌيان سان ڏسو:
(الف) (i) قلبِ مُبارڪ متعلق (سوره الشعراءَ ع-11) ۾ فرمايل آهي ته:
نَزَلَ بِهِ الرُّوْحُ الْاَمِيْنُ ١٩٣؀ۙ
عَلٰي قَلْبِكَ لِتَكُوْنَ مِنَ الْمُنْذِرِيْنَ ١٩٤؀ۙ
ترجمو: ان کي امانت واري روح (جبرائيل) نازل ڪيو آهي، تنهنجي دل تي، ته تون ڊيڄاريندڙن مان ٿئين.
(ii) قلب مُبارڪ، متعلق سوره نَجّم ۾ فرمايل آهي ته:
مَا كَذَبَ الْفُؤَادُ مَا رَاٰى 11 ؀ (پ-27، سوره نَجّم-ع-1)
ترجمو: جيڪي ڏٺائين ان کي (سندس) دل ڪوڙو نه سمجهيو.
(ب)(i) زبان مُبارڪ متعلق:
وَمَا يَنْطِقُ عَنِ الْهَوٰى○ (پ-27، سوره الَنَجّم جي شروع ۾)
ترجمو: ۽ نڪي (پنهنجي نفس جي) خواهش سان ڳالهائي ٿو.
(ii) زبان مُبارڪ لاءِ هڪ ٻي هنڌ فرمايو ويو آهي ته:
فَاِنَّمَا يَسَّرْنٰهُ بِلِسَانِكَ لَعَلَّهُمْ يَتَذَكَّرُوْنَ 58؀ (الدُّخَان، ع-3، مَڪّي)
ترجمو: سو (اي پيغمبر!) اُن (قرآن) کي اسان تنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي آسان ڪيو آهي ته من اُهي ڌيان ڪن.
(ت) چشم مُبارڪ لاءِ ارشاد ٿئي ٿو ته:
مَا زَاغَ الْبَصَرُ وَمَا طَغٰى 17؀ (پ-27، سوره الَنَجّم-ع-1)
ترجمو: نه (سندس) اک ٽڙي ويئي ۽ نه حد کان لنگهي ويئي.
(ث) چهري مُبارڪ لاءِ فرمايل آهي ته:
قَدْ نَرٰى تَـقَلُّبَ وَجْهِكَ فِي السَّمَاۗءِ ۚ (سورة البقرة، ع 17)
ترجمو: بيشڪ اسين تنهنجي منهن جو آسمان ڏي ڦرڻ ڏسون ٿا.
هٿن مُبارڪ ۽ (ڳچي) ڪنڌ مُبارڪ لاءِ هيئن ٿو ارشاد ٿئي ته:
وَلَا تَجْعَلْ يَدَكَ مَغْلُوْلَةً اِلٰى عُنُقِكَ (سورة بني اسرائيل، ع-3)
ترجمو: ۽ پنهنجي هٿ کي (بخل جي ڪري)، پنهنجي ڳچيءَ سان نه ٻڌ (يعني هٿ خرچ کان نه روڪ) ۽ نه ان کي بلڪل کولي ڇڏ.
(ج) سِينو مُبارڪ ۽ پُٺي (پشت) مُبارڪ لاءِ قرآن شريف ۾ هِيٺينءَ ريت خاص طور ذِڪر فرمايو ويو آهي، رَبُ العَالمِينُ فرمائي ٿو:
(i)اَلَمْ نَشْرَحْ لَكَ صَدْرَكَ Ǻ۝ۙ
وَوَضَعْنَا عَنْكَ وِزْرَكَ Ą۝ۙ
الَّذِيْٓ اَنْقَضَ ظَهْرَكَ Ǽ۝ۙ (سوره اِلاَ نشرح شروع ۾)
ترجمو: اِي پيغمبر! ڇا اسان تو لاءِ تنهنجو سينو ڪشادو نه ڪيو ۽ اسان توتان اُهو بار لاٿو، جنهن تنهنجي پُٺ کي ڳرو ڪيو.
اَلله جَل شَان هَو، پاڻ سڳورن جي تعريف متعلق فرمائي ٿو:
(ii) وَرَفَعْنَا لَكَ ذِكْرَكَ Ć۝ۭ (سوره الانشرح-ع- 1 مڪي)
ترجمو: ۽ اسان تولاءِ تنهنجي تعريف بلند ڪئي.
(iii) اِنَّآ اَرْسَلْنٰكَ شَاهِدًا وَّمُبَشِّرًا وَّنَذِيْرًا Ď۝ۙ (پ-26، حٰم، سورة- الفتح، آيت-8، ع-1)
ترجمو: ته (اي! پيغمبر) اسان توکي حالتن کان واقف ڪرڻ وارو ۽ خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي.
۱٢. حضور صلعم جن جو (نالو مُبارڪ) اسم پاڪ (محمد) الله تعاليٰ جي اسم مُبارڪ ”محمود“ مان ”مشتق“ يعني ورتل آهي.
۱۳. حضور صلعم جن جي اسم مُبارڪن ۾ تقريبن ستر (70) نالا اهي ئي ساڳيا آهن، جيڪي الله تعاليٰ جا آهن.
۱۴. حضور اقدس صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو اسم مُبارڪ ”احمد“ آهي، پاڻ سڳورن کان پهريان جڏهن کان دنيا وجود ۾ آئي آهي، ڪنهن جو به نالو ”احمد“ نه هيو. ان ڪري ته هن ڳالهه ۾ ڪنهن کي شڪ و شبهي جي گنجائش نه رهي، ته جيڪو نالو پهرين اِلهامي ڪتابن ۾ آيل آهي، يعني جن جو ذڪر ٿيل آهي، سو اهو ئي ساڳيو ”احمد“ آهي.
۱۵. اسان مسلمانن تي واجب آهي ته اسان حضور صلعم جن تي درود ۽ سلام موڪليون. پهرين اُمتن تي واجب نه هيو ته پنهنجي پيغمبرن تي درود موڪلين.
۱٦. قرآن ڪريم ۽ ٻين اِلهامي ڪتابن ۾ الله تعاليٰ جي طرف کان سواءِ حضور اقدس صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي ٻي ڪنهن پيغمبر تي درود وارد نه ٿيو آهي.
۱۷. حضور اقدس صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو سايو نه ٺهندو هيو، ڇو ته پاڻ سڳورا نور ئي نور هئا.
۱۸. شبِ معراج جي موقعي تي حضور صلعم جن لاءِ براق بمع زين و لغام آيو.
۱۹. حضور انور شبِ معراج واري رات جسد خاڪي سان گڏ بحالت بيداري ۾ آسمانن تي مٿي تشريف وٺي ويا. پاڻ سڳورن پنهنجي پروردگار کي پنهنجين اکين مُبارڪ سان پاڻ پسيو ۽ هم ڪلام ٿيا. ان رات ئي بيتُ المقّدس ۾ نماز ادا ڪئي ۽ ٻين نبين سڳورن ۽ فرشتن جي امامت ڪرڻ فرمايائون. سبحان الله.
٢٠. حضور جن کي الله تعاليٰ جيڪو ڪتاب (قرآن مجيد) عطا ڪيو سو تحريف کان محفوظ آهي ۽ بلحاظه لفظ و معنيٰ مُعجزِ آهي.
٢۱. حضور انور کي زمين جي خزانن جون ڪنجيون عطا ڪيون ويون. چناچه پاڻ سڳورن جو ارشاد مُبارڪ آهي ته: انما انا قاسم والله يعطي، (يعني مان ته ورهائڻ وارن مان آهيان ۽ الله ڏيندو آهي). انهن خزانن مان جيڪو ڪجهه، ڪنهن کي ملي ٿو. اهو سندن ئي دستِ مُبارڪ ذريعي سان ملي ٿو. ڇو ته پاڻ سڳورا باري تعاليٰ جا خليفه مُطلق ۽ نائبِ ڪُل آهن، جيڪو ڪجهه چاهين ٿا بازن اِلاهي عطا فرمائين ٿا، ان ڪري (دعا) گهرڻ مهل ا ڳ ۾ پويان (درود شريف) پڙهڻ باعث قبوليت بڻيل آهي. (درود شريف) جي اهميت ۽ فضيلت هڪ الڳ موضوع آهي، جنهن جو بيان هتي مشڪل آهي.
٢٢. حضور عليه الصَلواة والسّلام سڄي جهان (اَنس و جنِ و مَلائڪِ) لاءِ پيغمبر بڻائي موڪليا ويا آهن.
٢۳. حضور انور سڄي جهان (ڪائنات) لاءِ رحمت بڻائي موڪليا ويا آهن، سندن لقب رَحمتُه العالمين عطا ڪيو ويو آهي. الله تعاليٰ پنهنجي پياري ۽ خاص پيغمبر ۽ سندن امت تي خاص مهربانيون فرمايون آهن.
٢۴. پاڻ سڳورن ۽ سندن (اُمتين) لاءِ (عنائم) جنگي مال حلال ڪيو ويو. پهرين اُمتن تي حلال نه هو، (ڪنهن تي به حلال نه هيو).
٢۵. پاڻ سڳورن ۽ سندن اُمتين لاءِ سڄي روءِ زمين سجده گاهه بڻائي وئي ۽ پاڪ ڪرڻ واري بڻائي وئي. ٻين اُمتن لاءِ پاڻيءَ کان سواءِ طهارت ممڪن نه هئي. حڪم آهي ته جتي نماز جو وقت اچي وڃي ۽ پاڻي ميسر نه هجي ته تيمم ڪري اتي ئي نماز پڙهي ڇڏڻ گهرجي، ٻين اُمتن لاءِ اها سهولت نه هئي.
٢٦. چنڊ جو ٽڪرا ٿيڻ، شجر و حجر جو سلام ڪرڻ ۽ رسالت جي گواهي ڏيڻ ۽ آڱرين منجهان چشمي وانگر پاڻيءَ جو جاري ٿيڻ، هي سڀ معجزه پاڻ سڳورن کي عطا ٿيا.
٢۷. حضور عليه الصلواة والسلام ”خاتم النبين“ آهن، کانئن پوءِ ڪوبه نبي نه اچڻو آهي. دراصل رَسُولُ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کان اڳ جي پيغمبرن ۽ سندن اُمتين کي ايتريون آسائشون ۽ سهولتون ميسّر نه هيون، جيتريون اُمتِ مُحمديءَ کي عطا ڪيل آهن. اسان جو نبي، نبيءِ آخر الزمان به بڻيو ته رَحمته العَالَمِين به سڏيو ويو. سندن تعليمات جي روشني ۾ دِينِ مُحمديءَ کي اِنتهائي آسان به بڻايو ويو. دراصل ”دِين اِسلامُ“ جيڪو اَزل کان موجود هيو (۽ اِنشاءَ الله تَعاليٰ اَبد تائين قائم رهندو) آهسته آهسته مختلف وقفن بعد مختلف پيغمبرن ۽ رسولن جي ذريعي ڦهلايو ويو. مختلف پيغمبرن ۽ رسولن جي تبليغ جي ڪري مختلف نالا ڏنا ويا، نه ته اصل ۾ اُهي سڀ دِينِ اِسلام جون مختلف ڪڙيون هيون، جيڪي پوءِ آخر ۾ اچي اسان جي پاڪ پيغمبر حضرت مُحمد مُصطفيٰ، اَحمد مُجتبيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم تي دِين اِسلام جي نالي سان مڪمل ٿيون ۽ سندن تي اِيمان آڻيندڙن کي مُسلمان سڏيو ويو ۽ ”ملتِ اِسلاميه“ کي ”مسلمان“ جو لقب عطا ڪيو ويو. اهو ته اَسان اُمتين تي اَلله ۽ سندس رسولِ ڪريم جن جو اِحسان آهي ته اسين سندس اُمتي آهيون. (شُڪر اَلحَمدُ اللهِ)
حُضور عَليهِ الصَلواة وَالسّلام جن خَاتَمُ النَبين آهن، پاڻ سڳورن کان پوءِ ٻيو ڪوبه نبي نه ايندو.
٢۸. حضور صلعم جن جي شريعت، اڳين (سابقه) نبين جي شريعتن جي ناسخ آهي ۽ قيامت تائين قائم رهندي.
٢۹. حضور پاڪ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو شان مُبارڪ ڏسو، کين الله تعاليٰ ڪِنايه سان، خطاب فرمايو آهي، جڏهن ته باقي سمورن اڳ ۾ آيل نبين ۽ رَسولن کي اُنهن جي نالن سان خِطاب ڪيو ويو آهي. مثال طور جيئن هيٺ ڏنل قرآني آيات جي روشني ۾ اسان اِهو بخوبي اندازو لڳائي سگهون ٿا ته ”رَبُ العَالَمِين“ کي پنهنجو ”رَحمتُه العَالَمين“ ڪيڏو نه پيارو ۽ عزيز هيو جو سڄو قرآن ڪريم ان ڳالهه جو کليو کلايو مظهر آهي. هيٺين آيتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪيئن نه ٻين نبين کي سندن نالن مُبارڪ سان خطاب ڪيو ويو.
(الف) وَقُلْنَا يٰٓاٰدَمُ اسْكُنْ اَنْتَ وَزَوْجُكَ الْجَنَّةَ وَكُلَامِنْهَا رَغَدًا حَيْثُ شِـئْتُمَـا ۠ وَلَا تَـقْرَبَا ھٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكُوْنَا مِنَ الظّٰلِمِيْنَ 35؀ (پ-1ع- 4 آيت-35)
ترجمو: ۽ اسان چيو ته اي آدم! تون ۽ تنهنجي زال جنت ۾ رهو ۽ ان مان جتان اوهان کي وڻي اتان مزي سان کائو ۽ هن وڻ کي ويجها نه ٿيو نه ته ظالمن مان ٿيندؤ.
(ب)
ترجمو: ۽ آدم پنهنجي پاليندڙ جي نافرماني ڪئي پوءِ گمراهه ٿيو.
(ت) قِيْلَ يٰنُوْحُ اهْبِطْ بِسَلٰمٍ مِّنَّا وَبَرَكٰتٍ عَلَيْكَ وَعَلٰٓي اُمَمٍ مِّمَّنْ مَّعَكَ ۭ (پ-12،سورة-هُود، ع- 4)
ترجمو: چيو ويو ته اِي نوح! اسان جي طرفان سلامتيءَ سان ۽ برڪتن سان لهي وڃ جي (برڪتون) توتي آهن ۽ انهن جماعتن تي به جيڪي توسان گڏ آهن.
(ث) وَنَادٰي نُوْحٌ رَّبَّهٗ فَقَالَ رَبِّ اِنَّ ابْنِيْ مِنْ اَهْلِيْ وَاِنَّ وَعْدَكَ الْحَقُّ وَاَنْتَ اَحْكَمُ الْحٰكِمِيْنَ 45؀ (پ-12، سورة-هُود، ع- 4)
ترجمو: ۽ نوح پنهنجي پاليندڙ کي سڏيو پوءِ چيائين ته اي منهنجا پاليندڙ! منهنجو پٽ منهنجي گهر وارن مان آهي ۽ بيشڪ تنهنجو وعدو سچو آهي ۽ تون سڀني حاڪمن کان وڏو حاڪم آهين.
(ج) ٰٓـــاِبْرٰهِيْمُ اَعْرِضْ عَنْ ھٰذَا ۚ (پ-12، سورة-هُود، ع- 7، آيت 76)
ترجمو: اي ابراهيم! هن خيال کان مڙي وڃ.
(د) اِنَّ اِبْرٰهِيْمَ لَحَلِيْمٌ اَوَّاهٌ مُّنِيْبٌ 75؀ (پ-12، سورة-هُود، ع- 7)
ترجمو: بيشڪ ابراهيم بردبار ۽ نرم دل، رجوع ٿيڻ وارو آهي.
(ذ) وَاِذْ يَرْفَعُ اِبْرٰھـٖـمُ الْقَوَاعِدَ مِنَ الْبَيْتِ وَاِسْمٰعِيْلُ ۭ رَبَّنَا تَقَبَّلْ مِنَّا ۭ اِنَّكَ اَنْتَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ ١٢٧؁ (پ-1، سورة-بقره، ع- 15)
ترجمو: ۽ اها ڳالهه (تڏهن ٿي) جڏهن ابراهيم ۽ اسماعيل بيت الله جا بنياد مٿي کڻندا هئا، (هي دعا گهرندي ته) اي اسان جا پاليندڙ اسان کان قبول ڪر! بيشڪ توئي ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهين.
(ر)وَنَادٰي نُوْحُۨ ابْنَهٗ وَكَانَ فِيْ مَعْزِلٍ يّٰبُنَيَّ ارْكَبْ مَّعَنَا وَلَا تَكُنْ مَّعَ الْكٰفِرِيْنَ 42؀ (پ-12، سورة-هُود، آيت 24، ع- 4)
ترجمو: ۽ نوح پنهنجي پُٽ کي سڏيو ۽ اهو هڪ ڪناري ۾ هو ته اي منهنجا پٽڙا! اسان سان گڏ سوار ٿي ۽ ڪافرن سان گڏ نه ٿي.
(ز) قَالَ يٰنُوْحُ اِنَّهٗ لَيْسَ مِنْ اَهْلِكَ ۚ (پ-12، سورة-هُود، ع- 4، آيت-64)
ترجمو: الله تعاليٰ فرمايو ته اي نوح! پڪ اهو تنهنجي گهر وارن مان نه آهي.
(س)قَالَ يٰمُوْسٰٓي اِنِّى اصْطَفَيْتُكَ عَلَي النَّاسِ بِرِسٰلٰتِيْ وَبِكَلَامِيْ ڮ (پ-9، سورة-الاعراف، ع- 17)
ترجمو: الله فرمايو ته اي موسيٰ! مون توکي پنهنجي پيغامن سان ۽ پنهنجي ڪلام سان ماڻهن کان پسند ڪيو آهي.
(ش) فَوَكَزَهٗ مُوْسٰى فَقَضٰى عَلَيْهِ ڭ قَالَ هٰذَا مِنْ عَمَلِ الشَّيْطٰنِ ۭ اِنَّهٗ عَدُوٌّ مُّضِلٌّ مُّبِيْنٌ 15؀ (پ-20، سورة-القصص، ع-2)
ترجمو: پوءِ موسيٰ ان کي هڪ مُڪَ هنئين ۽ ان کي ماري وڌائين، چيائين ته هيءُ شيطان جي ڪم مان آهي.
(ص) ٰدَاوٗدُ اِنَّا جَعَلْنٰكَ خَلِيْفَةً فِي الْاَرْضِ فَاحْكُمْ بَيْنَ النَّاسِ بِالْحَقِّ وَلَا تَتَّبِعِ الْهَوٰى فَيُضِلَّكَ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ ۭ (پ-23، سورة-ص، ع- 2)
ترجمو: ۽ دائود کي هي به چيوسون ته اي دائود عليه السّلام بيشڪ اسان توکي زمين ۾ نائب مقرر ڪيو پوءِ تون ماڻهن ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ خواهش جي پٺيان نه هل نه ته (خواهش توکي الله جي رستي کان گمراهه ڪندي).
(ض)وَوَهَبْنَا لِدَاوٗدَ سُلَيْمٰنَ ۭ نِعْمَ الْعَبْدُ ۭ اِنَّهٗٓ اَوَّابٌ 30؀ۭ (پ-23، سورة-ص، ع- 3)
ترجمو: ۽ اسان دائود کي سليمان عليه السّلام بخشي ڏنو. اهو چڱو ٻانهو هيو، بيشڪ اهو رجوع ڪندڙ هو.
(ط) ٰزَكَرِيَّآ اِنَّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمِۨ اسْمُهٗ يَحْــيٰى ۙ لَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ مِنْ قَبْلُ سَمِيًّا Ċ۝ (پ-16، سورة-مريم، ع- 1)
ترجمو: (الله فرمايو ته) اي ذڪريا! اسين توکي هڪ ڇوڪري جي خوشخبري ٻڌايون ٿا، جنهن جو نالو يحييٰ آهي، هن کان اڳ ان نالي وارو اسان پيدا نه ڪيو آهي.
(ظ) كُلَّمَا دَخَلَ عَلَيْهَا زَكَرِيَّا الْمِحْرَابَ ۙ وَجَدَ عِنْدَھَا رِزْقًا ۚ (پ-3،4، سورة-آل عمران، ع- 4)
ترجمو: جڏهن ڪڏهن وٽس حجري ۾ ذڪريا ايندو هو ته ان وٽ ڪونه ڪو (طعام) کاڌو لهندو هو.
(ع) قَالَ يٰمَرْيَـمُ اَنّٰى لَكِ ھٰذَا ۭ قَالَتْ ھُوَ مِنْ عِنْدِ اللّٰهِ ۭۚ (پ-3،4، تلڪ الُرسل، سورة-آل عمران، آيت- 37، ع- 4)
ترجمو: هڪ وقت چيائين ته اي! مريم! هيءُ تو وٽ ڪٿان آيو آهي؟ چوڻ لڳي ته اهو الله وٽان آيو آهي.
(غ) يَحْـيٰى خُذِ الْكِتٰبَ بِقُوَّةٍ ۭ ۚ (پ-16، سورة- مريم، ع- 4)
ترجمو: اي يحييٰ! ڪتاب کي سوگهو وٺ!
(ڪ)وَزَكَرِيَّآ اِذْ نَادٰي رَبَّهٗ رَبِّ لَا تَذَرْنِيْ فَرْدًا وَّاَنْتَ خَيْرُ الْوٰرِثِيْنَ 89؀ښ (پ-17، سورة- الانبياءَ، ع-6)
ترجمو: ۽ ذڪريا کي (ياد ڪر) جڏهن ان پنهنجي پاليندڙ کي سڏيو ته اي منهنجا پاليندڙ مون کي اڪيلو نه ڇڏ ۽ تون سڀني وارثن کان چڱو وارث آهين.
30. مگر اسان جي آقاءِ نامدار بابي هو واميءَ کي الله تعاليٰ هيٺين ريت خطاب فرمائي ٿو:
(الف) ياَيُّهَا الْمُدَّثِّرُ Ǻ۝ۙ (پ-29، سورة- مدثرجي شروع ۾)
ترجمو: اِي (نبوت جي لباس ۾) ويڙهجڻ وارا.
(ب)ياَيُّهَا الْمُزَّمِّلُ Ǻ۝ۙ (پ-29، سورة- مزمل جي شروع ۾)
ترجمو: اي وڏو بار کڻندڙ (پيغمبر صلعم)
(ت)يٰٓاَيُّھَا الرَّسُوْلُ بَلِّــغْ مَآ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ (پ-6، سورة- مائده، ع- 10)
ترجمو: اي رسول! جيڪي تنهنجي پاليندڙ جي طرفان توڏي لاٿو ويو آهي سو پهچاءِ.
(ث)ياَيُّھَا النَّبِيُّ حَرِّضِ الْمُؤْمِنِيْنَ عَلَي الْقِتَالِ ۭ (پ-10، سورة- الدقال، ع- 8)
ترجمو: اِي نبي صلعم! ايمان وارن کي جنگ جو شوق ڏيار!
(ج)يٰٓاَيُّھَا النَّبِيُّ حَسْبُكَ اللّٰهُ وَمَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 64؀ۧ (پ-10، سورة- الدقال، ع- 8)
ترجمو: اِي نبي صلعم الله تو لاءِ ڪافي آهي ۽ انهن اِيمان وارن لاءِ به جن تنهنجي تابعداري ڪئي.
31. الله تعاليٰ جتي به نالي مُبارڪ جي تصريح فرمائي آهي، اُتي رسالت يا بي ڪا وصف ڪئي اٿس. مثال طور هيٺين قرآني آيتن مان اهو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
(الف) وَمَا مُحَمَّدٌ اِلَّا رَسُوْلٌ ۚ (پ-4، سورة- آل عمران، ع-15)
ترجمو: ۽ مُحَمد رسول ئي آهي.
(ب)مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللّٰهِ ۭ (پ-26، سورة- الفتح، ع- 4، مدني)
ترجمو: مُحَمدِ (صلي الله عليھ وآلھ وسلم) الله جو رسول آهي.
(ت)مَا كَانَ مُحَـمَّـدٌ اَبَآ اَحَدٍ مِّنْ رِّجَالِكُمْ وَلٰكِنْ رَّسُوْلَ اللّٰهِ وَخَاتَمَ النَّـبِيّٖنَ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِــيْمًا 40؀ۧ (پ-22، سورة- احزاب، ع- 5)
ترجمو: محمد اوهان مردن/ مڙسن مان ڪنهن هڪ جو پيءُ نه آهي، (پوءِ زيد جو پيءُ ڪيئن ٿيندو)، پر الله جو رسول ۽ سڀني نبين کان پڇاڙيءَ ۾ اچڻ وارو آهي ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي.
(ث)وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَاٰمَنُوْا بِمَا نُزِّلَ عَلٰي مُحَمَّدٍ وَّهُوَ الْحَقُّ مِنْ رَّبِّهِمْ ۙكَفَّرَ عَنْهُمْ سَـيِّاٰتِهِمْ وَاَصْلَحَ بَالَهُمْ Ą۝ (پ-26، سورة- محمد، ع- 1)
ترجمو: ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ ان کي مڃيو جو محمد صلعم تي نازل ڪيو ويو آهي ۽ اهو ئي سندن پاليندڙ جي طرفان سچ آهي، تن جون بڇڙايون انهن تان ميٽي ڇڏيون اٿس ۽ سندن حالت سڌاري اٿس.
(ج)اِنَّ اَوْلَى النَّاسِ بِاِبْرٰهِيْمَ لَلَّذِيْنَ اتَّبَعُوْهُ وَھٰذَا النَّبِىُّ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۭوَاللّٰهُ وَلِيُّ الْمُؤْمِنِيْنَ 68؀ (پ-3،4، سورة- آل عمران)
ترجمو: بيشڪ ماڻهن مان ابراهيم کي زياده ويجها اُهي آهن، جن سندس تابعداري ڪئي ۽ هيءُ نبي ۽ ايمان وارا، الله، ايمان وارن جو دوست آهي.
32. حضور صلعم جن کي نالي مُبارڪ سان مخاطب ٿيڻ کان الله تعاليٰ منع فرمايو آهي، حالانڪه ٻيون اُمتون پنهنجي نبين کي نالي سان خطاب ڪنديون هيون. ڏسو هيٺ ڏنل آيتن مان صاف واضع آهي.
(الف)قَالُوْا يٰمُوْسَى اجْعَلْ لَّنَآ اِلٰـهًا كَمَا لَهُمْ اٰلِهَةٌ (پ-9، سورة الاعراف، ع- 16)
ترجمو: چيائون ته اي موسيٰ! جيئن انهن کي معبود آهن، تيئن اسان لاءِ ڪو معبود ٺاهه، موسيٰ چيو ته بيشڪ اوهين جاهل قوم آهيو.
(ب)اِذْ قَالَ الْحَوَارِيُّوْنَ يٰعِيْسَى ابْنَ مَرْيَمَ هَلْ يَسْتَطِيْعُ رَبُّكَ اَنْ يُّنَزِّلَ عَلَيْنَا مَاۗىِٕدَةً مِّنَ السَّمَاۗءِ ۭ (پ-7، سورة-مائده، ع- 15)
ترجمو: (ياد ڪر) جڏهن حوارين چيو ته اي عيسيٰ پٽ مريم جا تنهنجو پالڻهار اسان تي آسمان کان ڪو (طعام جو) خونچو لاهي سگهندو ڇا؟
(ت)قَالُوْا يٰهُوْدُ مَا جِئْتَنَا بِبَيِّنَةٍ وَّمَا نَحْنُ بِتَارِكِيْٓ اٰلِهَتِنَا عَنْ قَوْلِكَ وَمَا نَحْنُ لَكَ بِمُؤْمِنِيْنَ 53؀ (پ-12، سورة-هُود، ع- 4)
ترجمو: انهن چيو ته اي هود! تو اسان وٽ ظاهر ثابتي نه آندي آهي ۽ اسين تنهنجي چوڻ تي پنهنجن ٺاڪرن (معبودن) کي ڇڏڻ وارا نه آهيون ۽ نه اسين توکي مڃڻ وارا آهيون.
(ث)لَا تَجْعَلُوْا دُعَاۗءَ الرَّسُوْلِ بَيْنَكُمْ كَدُعَاۗءِ بَعْضِكُمْ بَعْضًا ۭ (پ-18، سورة-نور، ع- 9)
ترجمو: اي مسلمانو! اوهين پاڻ ۾ رسول جي سڏڻ کي ائين نه سمجهو جيئن هڪ ٻي کي سڏيو ٿا.
33. سڀ کان وڏي اهم ڳالهه هيءَ آهي ته حضور صلعم جن جو اِسم مُبارڪ، الله تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪتاب ۾ پاڻ سان گڏ گڏ ذڪر ۾ آندو آهي. مثال طور، هيٺين آيتن کي ملاحضه فرمايو:
(الف)يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَطِيْعُوا اللّٰهَ وَاَطِيْعُوا الرَّسُوْلَ وَاُولِي الْاَمْرِ مِنْكُمْ (پ-5، سورة-النساء، ع- 8)
ترجمو: اي ايمان وارؤ! الله جو حڪم مڃو ۽ رسول جو ۽ جيڪي اوهان مان حاڪم هجن تن جو حڪم مڃيو.
(ب)ياَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَطِيْعُوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ وَلَا تَوَلَّوْا عَنْهُ وَاَنْتُمْ تَسْمَعُوْنَ 20۝ښ (پ-9، سورة-انفال، ع- 3)
ترجمو: اي ايمان وارؤ! الله ۽ سندس رسول جي فرمانبداري ڪريو ۽ ان کان نه ڦرو، هوڏانهن اوهين قرآن ٻڌو ٿا.
(ت)بَرَاۗءَةٌ مِّنَ اللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖٓ اِلَى الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ Ǻ۝ۭ (پ-10، سورة-توبه شروع ۾)
ترجمو: الله ۽ سندس رسول جي انهن مشرڪن کان بيزاري آهي، جن سان اوهان معاهدو ڪيو آهي.
(ث)ياَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اسْتَجِيْبُوْا لِلّٰهِ وَلِلرَّسُوْلِ اِذَا دَعَاكُمْ لِمَا يُحْيِيْكُمْ ۚ (پ-19، سورة-انفال، ع- 3)
ترجمو: اي ايمان وارؤ! الله ۽ رسول جو حڪم قبول ڪريو جڏهن اوهان کي ان ڪم ڏي سڏي جنهن ۾ اوهان جي زندگي آهي.
(ج)اِنَّ الَّذِيْنَ يُؤْذُوْنَ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ لَعَنَهُمُ اللّٰهُ فِي الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةِ وَاَعَدَّ لَهُمْ عَذَابًا مُّهِيْنًا 57 (پ-22، سورة-احزاب، ع- 7)
ترجمو: بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس رسول کي اِيذائين ٿا تن تي الله دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ڪئي آهي ۽ انهن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس.
(د)قُلِ الْاَنْفَالُ لِلّٰهِ وَالرَّسُوْلِ ۚ (پ-9، سورة-انفال شروع ۾)
ترجمو: چؤ ته غنيمت جا مال الله ۽ رسول جا آهن.
(ذ)وَمَنْ يُّشَاقِقِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ فَاِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 13۝ (پ-9، سورة-انفال، ع- 2)
ترجمو: ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪندو ته بيشڪ الله جي سزا سخت آهي.
34. بيشڪ الله تعاليٰ حضور صلعم جن جو ذڪر مُبارڪ بلند و بالا ڪيو آهي، چناچه آذان ۽ خُطبي ۽ تَشهّد ۾ الله تعاليٰ جي ذڪر سان گڏ پاڻ سڳورن جو به ذڪر موجود آهي.
جيئن ته آنحضرت صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن الله تعاليٰ جا حبيب آهن ته مٿن مهربانين جا به بي اَنت مينهن وسايل آهن، جيڪو ڪجهه ٻين نبين سڳورن رب تعاليٰ کان عرض ڪري گهريو، سو سڀ ڪجهه اسان جي حبيبِ خدا کي بنا گهرڻ جي عطا ڪيو ويو آهي، اهو قرآني آيتن جي پسمنظر ۾ اسان ڏسي سگهون ٿا. مثال طور:
(الف) حضرت ابراهيم عليه السلام خدا تعاليٰ کان سوال ڪيو:
(i)وَلَا تُخْزِنِيْ يَوْمَ يُبْعَثُوْنَ 87؀ۙ (پ-19، سورة-الشعراء، ع- 5)
ترجمو: ۽ رُسوا نه ڪر مون کي جنهن ڏينهن جيئرا ٿي اُٿون.
(ii)يَوْمَ لَا يُخْزِي اللّٰهُ النَّبِيَّ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا مَعَهٗ ۚ (پ-28، سورة-التحريم، ع- 2)
ترجمو: جنهن ڏينهن الله رُسوا نه ڪندو نبيءَ کي ۽ اُنهن کي جن ايمان آندو آهي ان سان گڏ.
توهان ڏٺو ته هتي سوال کان اڳ ۾ بشارت ڏني وئي آهي.
(ب) حضرت ابراهيم عليه السّلام هيٺين دعا گهرن ٿا:
(i)وَّاجْنُبْنِيْ وَبَنِيَّ اَنْ نَّعْبُدَ الْاَصْنَامَ 35؀ (پ-13، سورة-ابراهيم، ع- 6 مڪي)ۭ
ترجمو: مون کي ۽ منهنجي پٽن کي بتن جي عبادت کان بچاءِ.
حضور سرور انبياءِ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي حق ۾ بنا گهرڻ جي خدا فرمائي ٿو.
(ii)اِنَّمَا يُرِيْدُ اللّٰهُ لِيُذْهِبَ عَنْكُمُ الرِّجْسَ اَهْلَ الْبَيْتِ وَيُطَهِّرَكُمْ تَطْهِيْرًا 33؀ۚ (پ-22، سورة-احزاب، ع- 4)
ترجمو: الله اهو ئي چاهي ٿو ته پري ڪري توکان خراب (گنديون) ڳالهيون. اي گهر وارؤ ۽ صاف سٿرو ڪري، توکي صاف سٿرو.
اها مهرباني تمام گهڻي مٿاهين آهي، بنسبت حضرت ابراهيم خليل الله جي حق ۾ جيڪو فرمايو ويو، ڇو ته دعاءِ خليل ته فقط عبادت اضام جي نفيءَ لاءِ هئي ۽ هيءَ دعا هر گناهه ۽ نقص لاءِ آهي، هوءَ دعا ته صرف پٽن جي حق ۾ خاص هئي، پر هيءَ دعا عام آهي ۽ هر هڪ ان ۾ شامل آهي.
(ت) ٻي جڳهه تي حضرت خليل الله عليه السّلام جن هنئين فرمائين ٿا ته:
وَاجْعَلْنِيْ مِنْ وَّرَثَةِ جَنَّةِ النَّعِيْمِ 85؀ۙ (پ-19، سورة-الشعراء، ع- 5)
ترجمو: ۽ مون کي جنت نعيم جي وارثن منجهان ڪر.
35. حضور عليه الصَلواة والسّلام جن جي حق ۾ بن مانگي/ بِنا گهرڻ جي الله تعاليٰ فرمائي ٿو:
(الف) اِنَّآ اَعْطَيْنٰكَ الْكَوْثَرَ Ǻ۝ۭ (پ-30، سورة-الکوثر شروع ۾)
ترجمو: (اي پيغمبر) بيشڪ اسان توکي ڪوثر عطا ڪيو آهي.
(ب) وَلَسَوْفَ يُعْطِيْكَ رَبُّكَ فَتَرْضٰى Ĉ۝ۭ (پ-30، سورة-ضحيٰ، ع- 1)
ترجمو: ۽ توکي ضرور تنهنجو پاليندڙ (فتحيابي) ڏيندو پوءِ تون خوش ٿي ويندين.
حضرت ابراهيم خليل الله عليه السّلام جن هن ريت دعا گهرن ٿا.
(ت) وَاجْعَلْ لِّيْ لِسَانَ صِدْقٍ فِي الْاٰخِرِيْنَ 84؀ۙ (پ-19، سورة-الشعراء، ع- 5)
ترجمو: ۽ پوين ۾ منهنجي چڱي يادگيري (قائم) ڪر. يعني آئنده اُمتن ۾ قيامت تائين منهنجو ذڪرِ جميل قائم رک.
حضور سرور انبياءِ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کي بنا گهرڻ جي ان کان وڌيڪ عطا ڪيو ويو، چناچه سوره اَلمَ نَشّرح ۾ وارد آهي ته:
(ث) وَرَفَعْنَا لَكَ ذِكْرَكَ Ć۝ۭ (پ-30، سورة-الانشراح، ع- 1)
ترجمو: ۽ اسان تنهنجو نالو بلند ڪيو. يعني تنهنجي ساراهه تولاءِ مٿاهين ڪئي سون.
لهذا حضور صلعم جن عرش کان وٺي فرش تائين مشهور آهن ۽ نماز و خطبه و آذان ۾ الله تعاليٰ جي نالي مُبارڪ سان گڏ سندن نالو مُبارڪ مذڪور آهي ۽ عرش تي، قصورِ بهشت تي، حورن جي سينن تي، بهشت جي وڻن جي پنن تي ۽ فرشتن جي اکين ۽ ابرؤتي سندن اِسم مُبارڪ لکيل آهي ۽ کانئن پهريان جيترا به نبي سڳورا ٿي گذريا آهن، سي سڀ پاڻ سڳورن جا ثنا خوان رهيا آهن ۽ قيامت ڏينهن ثنا خواه هوندا.
(ج) حضرت موسيٰ عليه السّلام جن هنئن دعا گهرن ٿا:
قَالَ رَبِّ اشْرَحْ لِيْ صَدْرِيْ 25؀ۙ (پ-16، سورة-طه، ع- 2)
ترجمو: موسيٰ چيو ته اي منهنجا پاليندڙ مون لاءِ منهنجو سينو ڪشادو ڪر. يعني اي پروردگار! منهنجو سينو منهنجي لاءِ روشن ڪر.
(د) حضور صلعم جن لاءِ بنا گهرڻ جي ارشاد باري تعاليٰ ٿئي ٿو:
اَلَمْ نَشْرَحْ لَكَ صَدْرَكَ Ǻ۝ۙ (پ-30، سورة-الانشراح شروع ۾)
ترجمو: (اي پيغمبر) ڇا اسان تنهنجي واسطي تنهنجو سينو روشن نه ڪيو؟ يعني (اي پيغمبر) تنهنجو سينو تولاءِ ڪشادو نه ڪيو اٿون ڇا؟
(ذ) حضرت موسيٰ عليه السّلام الله تعاليٰ کان پاڪ ڪتاب جو سوال ڪيو. الله تعاليٰ ٽيهه راتين جو وعدو ڪيو، پوءِ ڏهه راتيون اڃا وڌيڪ ڪيون ويون. بعد ازان ڪتاب توريت عطا ڪئي وئي. مگر حضور سرورِ ڪونين صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن تي بغير ڪنهن سابقه وعدي جي نزولِ قرآن مجيد شروع ٿيو. چناچه باري تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو:
ترجمو: ۽ توکي اميد (توقع) نه هئي ته توتي هيءُ ڪتاب لاٿو ويندو، پر فضل ٿيو تنهنجي رب جي طرف کان، پر تنهنجي پاليندڙ جي مهرباني سان لاٿو ويو.
(ر) الله تعاليٰ حضرت محمد مصطفيٰ احمد مجتبيٰ جي رسالت جو قسم کاڌو آهي، چناچه قرآن ڪريم ۾ وارد آهي:
يٰسۗ Ǻ۝ۚ
وَالْقُرْاٰنِ الْحَكِيْمِ Ą۝ۙ
اِنَّكَ لَمِنَ الْمُرْسَلِيْنَ Ǽ۝ۙ (پ-23،22 سورة-يٰس شروع ۾)
ترجمو: اي پيغمبر! هن حڪمت واري قرآن جو قسم آهي يعني ته قسم آهي قرآن محڪم جو تحقيق تون البته پيغمبرن منجهان آهين.
(ز) الله تعاليٰ حضور صلعم جن جي زندگيءَ جو سندن شهر ۽ سندن زماني جو قسم کنيو آهي.
لَعَمْرُكَ اِنَّهُمْ لَفِيْ سَكْرَتِهِمْ يَعْمَهُوْنَ 72؀ (پ-14، سورة-الحجر، ع- 5)
ترجمو: (اي پيغمبر) تنهنجي زندگيءَ جو قسم! اها (قوم لوط) البته پنهنجي مستيءَ ۾ سرگردان آهي.
الله تعاليٰ ڪنهن ٻي پيغمبر جي زندگيءَ جو قسم نه کاڌو.
(س) لَآ اُقْسِمُ بِهٰذَا الْبَلَدِ Ǻ۝ۙ
وَاَنْتَ حِـۢلٌّ بِهٰذَا الْبَلَدِ Ą۝ (پ-30، سورة-البد)
ترجمو: هن شهر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو، ۽ تون هن شهر ۾ (ته) رهندڙ آهين.
(ش) وَالْعَصْرِ Ǻ۝ۙ
اِنَّ الْاِنْسَانَ لَفِيْ خُسْرٍ Ą۝ۙ (پ-30، سورة-العصر، ع- 1)
ترجمو: زماني جو قسم آهي بيشڪ انسان وڏي نقصان ۾ آهي. يعني ته پوياڙيءَ جو قسم آهي ته بيشڪ ماڻهو گهاٽي ۾ آهي.
٣٦. حضور صلعم جن کي قيامت جي ڏينهن مقام محمود عطا ٿيندو، جنهن مان مراد بقول مشهور مقامِ شفاعت آهي.
٣٧. حضور انور جن کي حوضِ ڪوثر عطا ٿيندو.
٣٨. پاڻ سڳورن کي وسيلهءِ عطا هوندو، جنهن جو جنت ۾ اعليٰ درجو آهي.
٣٩. حضور عليه الصلواة والسّلام (اُمت سميت) سڀني کان پهريان پُل صراط تان گذرندا.
٤٠. قيامت جي ڏينهن حضور صلعم جن جي اُمت سڀني پيغمبرن جي اُمت کان وڌيڪ هوندي ڪُل اهلِ بهشت جي ٻن حصن تي مشتمل سندن اُمت هوندي. ڇو ته الله کي وڻندڙ دِين اِسلام آهي، جنهن جي تصديق پڻ قرآني آيت سڳوريءَ سان ٿئي ٿي. قرآن ڪريم ۾ ارشاد ٿيل آهي ته:
اِنَّ الدِّيْنَ عِنْدَ اللّٰهِ الْاِسْلَامُ (پ-4،3، سورة- آل عمران، ع- 1)
ترجمو: بيشڪ وڻندڙ دِين الله وٽ اِسلامُ آهي.
٤١. جنت ۾ سواءِ حضور عليه الصلواة والسّلام جي ڪتاب (قرآن ڪريم) جي ڪوئي ٻيو ڪتاب نه پڙهيو ويندو ۽ سواءِ حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي زبان جي ٻي ڪنهن زبان ۾ گفتگو نه ٿيندي. (سُبحَاَن اللهِ)
* * *

قرآني حوالاجات

11. (الف) (i) پ-19-وقال الذين، سوره- الشعرآءَ، آيت-193-194،ع-11،مڪي.
(ii) پ-27-قال فما خطبوڪم، سوره- النجم، آيت-11،ع-1،مڪي.
(ب) پ-27-قال فما خطبوڪم، سوره- النجم، آيت-1،ع-11،مڪي شروع ۾.
(ت) پ-25-اليه يرد، سوره- الدخان، آيت-58،ع-3،مڪي.
(ث) پ-27-قال فما خطبوڪم، سوره- النجم، آيت-17،ع-1،مڪي.
(ج)(i) پ-1-الم، سوره- البقره، آيت-13،ع-17،مڪي.
(ii) پ-11------، سوره- بني اسرائيل، آيت-----،ع-3،مڪي.
د (i) پ-30-عم، سوره- الانشراح، آيت-3،2،1،ع-1،مڪي.
(ii)پ-30-عم، سوره- الانشراح، آيت-4،ع-1،مڪي.
(iii)پ-26-حم، سوره- الفتح، آيت-8،ع-1،مدني.
29. (الف) پ-1-الم، سوره- البقره، آيت-25،ع-4،مڪي.
(ب) پ-16-قالم الم، سوره-طه، آيت-0121ع-4، مڪي
(ت) پ-12-ومامن دآبته، سوره- هود، آيت-18،ع-11،مڪي.
(ث) پ-12-ومامن دآبته، سوره- هود، آيت-45،ع-4،مڪي.
(ج) پ-12-ومامن دآبته، سوره- هود، آيت-76،ع-7،مڪي.
(د) پ-12-ومامن دآبته، سوره- هود، آيت-75،ع-7،مڪي.
(ذ) پ-1-الم، سوره- البقره، آيت-127،ع-15،مدني.
(ر) پ-12-ومامن دآبته، سوره- هود، آيت-42،ع-4،مڪي.
(ز) پ-12-ومامن دآبته، سوره- هود، آيت-46،ع-4،مڪي.
(س) پ-9-قال الملا، سوره- الاعراف، آيت-144،ع-17،مڪي.
(ش) پ-20-امن خلق، سوره- القصص، آيت-15،ع-2،مڪي.
(ص) پ-23-ومالي، سوره- ص، آيت-26،ع-2،مڪي.
(ض) پ-23-ومالي، سوره- ص، آيت-30،ع-3،مڪي.
(ط) پ-16-قال الم، سوره- مريم، آيت-7،ع-1،مڪي.
(ظ) پ-4،3-تلڪ الرسل، سوره- آل عمران، آيت-7،ع-1،مڪي.
(ع) پ-4،3-تلڪ الرسل، سوره- آل عمران، آيت-37،ع-4،مڪي.
(غ) پ-16-قال الم، سوره- مريم، آيت-12،ع-1،مڪي.
(ڪ) پ-17-افترب للناس، سوره-الانبياءَ، آيت-89،ع-6،مڪي.
30. (الف) پ-29-تبرڪ الذين، سوره- المدثر، آيت-1،ع-6،مڪي.
(ب) پ-29-تبرڪ الذين، سوره- المزمل، آيت-1،ع-1،مڪي.
(ت) پ-6-لايحب الله، سوره- المائده، آيت-67،ع-10،مدني.
(ث) پ-10-واعلموا، سوره- الانفال، آيت-65،ع-8،مدني.
(ج) پ-10-واعلموا، سوره- الانفال، آيت-64،ع-8،مدني.
31. (الف) پ-4-لن تنالوا، سوره- آل عمران، آيت-144،ع-15،مڪي.
(ب) پ-26-حم، سوره- الفتح، آيت-29،ع-4،مدني.
(ت) پ-22-ومن يقنت، سوره- الاحزاب، آيت-40،ع-5،مدني.
(ث) پ-26-حم، سوره- محمدصه، آيت-2،ع-1،مدني.
(ج) پ-4،3-تلڪ الرسل، سوره- آل عمران، آيت- ،ع- ،مڪي.
32. (الف) پ-9-قال الملا، سوره- الاعراف، آيت-138،ع-16،مڪي.
(ب) پ-7-واذاسموا، سوره- المائده، آيت-112،ع-15،مڪي.
(ت) پ-12-ومامن دآبته، سوره- هود، آيت-53،ع-4،مڪي.
(ث) پ-18-قدافلح، سوره- النور، آيت-23،ع-9،مدني.
33. (الف) پ-5-والمحصنت، سوره- النساءِ، آيت-59،ع-8،مدني.
(ب) پ-9-قال الملا، سوره- الانفال، آيت-20،ع-3،مدني.
(ت) پ-10-واعلموا، سوره- التوبه، آيت-1،ع-1،مدني.
(ث) پ-9-قال الملا، سوره- الانفال، آيت-24،ع-3،مدني.
(ج) پ-22-ومن يقنت، سوره- الاحزاب، آيت-57،ع-7،مدني.
(د) پ-9-قال الملا، سوره- الانفال، آيت-1،ع-1،مدني.
(ذ) پ-9-قال الملا، سوره- الانفال، آيت-13،ع-2،مدني.
34. (الف) پ-19-وقال الذين، سوره- الشعراءِ، آيت-87،ع-5،مڪي.
(i) پ-28-قدسمع الله، سوره- التحريم، آيت-33،ع-4،مڪي.
(ب)(ii) پ-13-وما ابري، سوره- ابراهيم، آيت-35،ع-6،مڪي.
(iii) پ-22-ومن يقنت، سوره- الاحزاب، آيت-33،ع-4،مڪي.
(ت) پ-19-وقال الذين، سوره- الشعراءَ، آيت-75،ع-5،مڪي.
35. (الف) پ-30-عم، سوره- الڪوثر، آيت-1،ع-1،مڪي.
(ب) پ-30-عم، سوره- الضحيٰ، آيت-5،ع-1،مڪي.
(ت) پ-19-وقال الذين، سوره- الشعراءَ، آيت-84،ع-5،مڪي.
(ث) پ-30-عم، سوره- الانشرح، آيت-4،ع-1،مڪي.
(ج) پ-16-قال الم اقل، سوره- طه، آيت-25،ع-2،مڪي.
(د) پ-30-عم، سوره- الانشرح، آيت-1،ع-1،مڪي.
(ذ) پ-20-امن خلق، سوره- القصص، آيت-86،ع-9،مڪي.
(ر) پ-23،22-ومن يقنت ۽ ومالي، سوره- يس، آيت-3،2،1،ع-1،مڪي.
(س) پ-14-ربما، سوره- الحجره، آيت-72،ع-5،مڪي.
(ش) پ-30-عم، سوره- البلد، آيت-2،ع-1،مڪي.
(ص) پ-30-عم، سوره- العصر، آيت-2،ع-1،مڪي.
40. پ-4،3-تلڪ الرسل، سوره- آل عمران، آيت-،ع-1،مڪي.
41. سيرت رسول عربي از علامه نور بخش صاحب توڪلي.
* * *

حضرت بيبي خُديجةَ الڪُبّريٰرَضهِ بنتِ خويلد (پهرين مسلمان خاتون)

اُم المّؤمنين سّيده خديجة الڪُبريٰ رضي الله تعاليٰ عنها، بنتِ خويلد بن اسد بن عبدالعُزيٰ بن قصي، سندن شجره نسب ٽئين يا پنجين پُشت ۾ سردارِ دو عالم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي نسب مُبارڪ سان وڃي ملي ٿو. بيبي صاحبهرضه جن جي ولادت سنه 15 قبلِ محمد ۾ ٿي هئي. حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي بعثت کان اڳ ۾ ئي ”طاهره“ جي لقب سان مشهور هيون. Daugther of khulaid and Fatima was born in Mecca in 555 was a pirus and worthy lady "Tahireh"سندن والد پنهنجي زماني ۾ پنهنجي قبيلي ۾ وڏيءَ عزت وارو ماڻهو هو ۽ مڪي مُعظّم ۾ رهندو هو. (سندن نالو مُبارڪ سيده خديجهرضه، ۽ لقب ”طاهره“ آهي. والد جو نالو خويلد بن اسد ۽ والده جو نالو فاطمه بنت زائره هو.) دولت، آسودگي، چڱو اخلاق، حُسن ۽ ٻين سڀني ڳڻڻ ڪري بيبي صاحبه رضه جن جي عزت ناموس ۽ مشهوري چؤطرف هئي.
سندن پهرين شادي اَبو هاله بن زراه تميمي سان ٿيل هئي، جنهن مان ٻه پٽ هند ۽ هاله نالي پيدا ٿيا. سي ٻئي صحابي آهن. حضرت هند جي روايت سان آنحضرت صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو حليو مُبارڪ بيان ٿيل آهي. ابو هاله جي وفات کان پوءِ ٻي شادي عتيق بن عائد بن عبدالله بن محمد بن مخزوم سان ٿي، جنهن منجهان هڪ ڌيءَ پيدا ٿين. جنهن جو نالو به هِند رکيو ويو هو. هيءَ مُشرف با اسلام ٿي ۽ پنهنجي سؤٽ حيفي بن اُسيه بن عائد مخزوميءَ سان شادي ٿين. هِن جي اولاد کي حضرت بيبي خديجهرضه جي تعلق/ نسبت سان ”بنو طاهره“ سڏيو ويندو آهي. عتيق جي وفات کان پوءِ سنه 26 محمدي ۾ جڏهن سندن عمر مُبارڪ چاليهه ورهيه (40) هئي، ته حضرت محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي نڪاح ۾ آيون. ان وقت بيبي خديجة الڪبريٰرضه جي عمر مُبارڪ چاليهه سال هئي ۽ پاڻ سڳورا 25 سالن جا هئا. ٻئي پاسي بيبي صاحبه بيواه ۽ حضرت محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن ڪنوارا هئا.
سندن پاڪدامنيءَ جي ڪري ماڻهو کين ”طاهره“ جي لقب سان سڏيندا هئا، آنحضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو سمورو اولاد سواءِ سيد ابراهيم رضي الله تعاليٰ عنھ جي(سندن والده جو نالو ماريه قبطيه هو، اٺين هجريءَ ۾ پيدا ٿيو ۽ ڏهين هجريءَ ۾ وفات ڪئي) بيبي صاحبهرضه جن جي بطن مُبارڪ مان ٿيو. سندن اولاد ۾ چار پٽ نالي سيد قاسم رضه، سيد طيب رضه، سيد طاهر رضه، سيد عبدالله رضه پيدا ٿيا، جيڪي ننڍپڻ ۾ ئي فوت ٿي ويا، ۽ چار نياڻيون، سيّده زينب رضه، سيّده رقيه الزهرا رضه، سيّده فاطمة الزهرا رضه ۽ سيّده اُمِ ڪلثوم رضه پيدا ٿيون، جن تمام بلند مقام ماڻيو، پر سڀني ڀينرن منجهان وڌيڪ بلند درجات بيبي فاطمة الزهرا رضه جن جي نصيب ۾ آيا ۽ جنت جي عورتن جي سرداري حاصل ٿين. جيئن ته حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن 12 سالن جي عمر ۾ تجارت دوران سفر ۾ پنهنجي چاچي حضرت ابو طالب جي رفاقت ۾ ڪاميابيون ماڻيون، ته واپسيءَ تي حضرت بيبي خديجة الڪبريٰ رضه جن مال ڏيئي کين تجارت لاءِ شام جي سفر جي دعوت ڏني. بيبي صاحبه رضه مالدار خاتون هئي ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي متعلق ”صِديق“ ۽ ”اَمين“ جي لقبن جي به ڄاڻ هُين، ۽ تجارت مان به سُٺو نفعو ڪمائي واپس وريا، ته کين پنهنجي مال سان گڏ تجارت جي ترغيب ڏني ۽ پيغام موڪليائين ته جيڪو معاوضو ٻين کي ڏيندي آهيان، توهان کي مضاعف ڏيندم. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم دعوت قبول فرمائي. اُن سفر ۾ بيبي صاحبه رضه جن جو غلام ميَسّره پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم سان سندن خدمت لاءِ ساڻن گڏ رهيو. سفر دوران جڏهن بازار بصريٰ ۾ سندن ملاقات هڪ راهب سان ٿي، جنهن غلام ميسره کي سڀ حقيقتون ٻڌايون، جن جو عام ماڻهو يقين نه پي ڪري سگهيو. سفر دوران ڪيترائي عجيب و غريب واقعا به پيش آيا، جن جي متعلق تفصيل غلام ميسره پنهنجي مالڪه، خديجة الڪبريٰ رضه کي ٻڌايا. الله تعاليٰ تجارت ۾ گهڻو نفعو بخشيو ”گڏوگڏ اهڙين حقيقتن تان پردو کنيو، جيڪي غلام ميسره اچي ٻڌايون. حضرت بيبي خديجة الڪبريٰ رضه جي دورانديش نظر جيڪو ڏٺو ۽ ٻڌو ته مٿس اها ڳالهه واضع ٿي وئي، ته بيشڪ پاڻ سڳورا صلي الله عليھ وآلھ وسلم سڄي مخلوق لاءِ موڪليل الله تعاليٰ جا خاص ٻانها آهن. انهن سڀني ڳالهين کي ذهن ۾ رکندي تقريباً ٽن مهينن بعد لعيليٰ بن منيه جي ڀيڻ جي ذريعي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم ڏانهن نڪاح جو پيغام موڪليو، جيڪو پاڻ سڳورن پنهنجن چاچن جي معرفت قبول ڪرڻ فرمايو. سندن چاچي حضرت ابو طالب نڪاح پڙهايو ۽ پنج سو درهم حق مهر مقرر ٿيو. هيءَ آنحضرت صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي پهرين شادي هئي. بيبي صاحبه رضه جن جي حياتيءَ ۾ پاڻ سڳورن صه ٻيو نڪاح نه ڪيائون. باقي بيبي صاحبه رضه جي انتقال کان پوءِ چند شاديون ڪيائون.
حضرت خديجة الڪبريٰ رضي الله تعاليٰ عنها (25) سالن تائين رحمت اللعَالمين صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي رفاقت ۾ گذارڻ بعد سنه 51 محمدي ۾ (65) پنجهٺ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. انا الله واِنا اِليه راجعون. سندن تدفين مڪي مڪرم ۾ ٿي. بيبي صاحبه رضه دينِ اِسلام جي سرگرم خاتون، پاڻ سڳورن صه جن جي غمگسار ۽ خدمتگار ساٿياڻي هئي. بيبي صاحبه رضه جي مثالي ازدواجي زندگيءَ جا اثرات رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي دل تي تمام گهرا نقش ٿيل هئا. پاڻ سڳورا صلي الله عليھ وآلھ وسلم اڪثر بيبي صاحبه جو ذڪر تمام سهڻن لفظن ۾ ڪندا هئا.
بِيبي خُديجة الڪُبريٰ رَضيّ الله تعاليٰ عَنها اُها پهرين عظيم خاتون هئي، جنهن سڀ کان پهرين اِسلام قبول ڪيو. يعني پهرين خاتون جنهن اسلام قبوليو، يا وري ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي، ته سڀ کان پهرين مردن توڙي عورتن ٻنهي منجهان اول نمبر تي بشرِ انساني جنهن رسالت ماب صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي پيغام تي لبيڪ چئي، ”تصديق ۽ تائيد“ فرمائي.
عورت جي راءِ ۽ مشوري جي قُدر ۽ اهميت جو ٻيو ڪهڙو ثبوت کپي، جو الله جي آخري رسول صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي رسالت جي تَصّديق جو اَوليّن شرف به عورت جي حصي ۾ آيو. هن شرف ملڻ سان اُم المؤمنين حضرت خديجة الڪبريٰ رضي الله تعاليٰ عنها جي، سڀني روحاني نياڻين جو ڳاٽ فخر سان اوچو ٿي ويو آهي. اهو هڪ عورت جو ئي اعزاز آهي، جنهن رسالت جي تصديق ۽ اسلام جي قبوليت ذريعي سڄي انسانيت تي فوقيت ۽ سبقت حاصل ڪري ورتي آهي. بيبي خديجة الڪبريٰ رضه الله تعاليٰ عنها ان اڪيلي عورت جي ئي شاهدي هئي، ته محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم، الله جو سچو رسول آهي. تڏهن کان اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اهو سوال نه ورجايو ته هڪ عورت جي شاهدي اڌ هجڻ جي صورت ۾ ساقط الاعتبار آهي، يا وري هڪ عورت جي راءِ ۽ مشوري کي انڪري قبول نه ڪيو وڃي، ته هوءَ ڪمزور، ضعيف ۽ ناتوان يا وري گهٽ عقل ۽ گهٽ عمل واري هوندي آهي. حضرت خديجة رضي الله تعاليٰ عنها جن جي باري ۾ هن قسم جي سوچ هڪ مسلمان کي ڪفر جي ويجهو ڪري سگهي ٿي. مسلم دُنيا جي عالم ۽ بزرگ پاڻ ۾ اِن نقطي تي يڪراءِ آهن، ته سڀ کان پهرين حضرت خديجة رضه، پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم تي ايمان آندو. الزهري رحه، قتاديٰ رحه، موسيٰ بن عقبه رحه بن اسحٰق الواقدي رحه ۽ سعيد رحه بن يحييٰ ۽ ٻين ڪيترن وڏن عالمن سڳورن متفقه طور تي ان حقيقت کي تسليم ڪيو آهي، ته جڏهن وحي نازل ٿي، ته پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم گهر وارن کي فرمايو، ته مون کي ڪمبل ويڙهايو ۽ جڏهن ڪجهه سامت ۾ آيا ۽ سڄي ڪيفيت بيبي صاحبه رضه جن کي ٻڌايائون، ته هڪدم بيبي خديجة الڪبريٰ صاحبه رضه فرمايو. خدا جو قسم! توهان صلي الله عليھ وآلھ وسلم رحم ڪريو ٿا، بيڪسن، يتيمن ۽ فقيرن جا مددگار آهيو، مهمان نواز آهيو ۽ هر ڏک ۽ رنج ۽ غم ۾ حق جا علمبردار آهيو ۽ حق جي حمايت ڪريو ٿا. ائين چئي بيبي صاحبه رضه جن رسالت جي تصديق ڪئي. ”سيده خديجه رضه جي تصديق ڪا معمولي تصديق نه هئي، پاڻ هڪ سمجهدار ۽ معزز ترين خاتون هئي. سندن فهم و فراست، ۽ دانائي، سندن ڪردار جي پاڪيزگي مڃيل هئي. 15 سالن جي عرصي کان وٺي حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي شريڪ حيات هئڻ جو کين شرف حاصل هو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي ڪردار ۽ اخلاق کان بخوبي واقف هئي، انڪري سندن تصديق ۽ شاهدي هر معترض ماڻهوءَ جي وات کي هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏيو.
حضرت بِيبي خديجة الڪبريٰ رضه جنهن جي بزرگي ۽ شرف هڪ مڃيل حقيقت آهي. رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن، سندن خدمتن جو اعتراف ڪندي. کين خراج تحسين پيش ڪندا هئا، ۽ فرمائيندا هئا، ته خديجه رضه اُن مهل منهنجي تصديق ڪري مون تي ايمان آندو، جڏهن ٻين ماڻهن منهنجي تڪذيب ڪئي. حضرت جبرئيل عليه السّلام به حضرت خديجه رضه جن لاءِ الله تعاليٰ جو سلام کڻي ايندو هو. اهو به الله تعاليٰ جي طرفان عورت لاءِ هڪ اعزاز آهي ۽ عورت جي عظمت جو اعتراف به آهي.
صُلح حُديبيه جي موقعي تي حضرت اُمِ سلميٰ رضه جي راءِ هجي، يا حضرت خديجه رضه جي تصديق - رسالت جو واقعو، حضرت حفصه رضه جو مشوره هُجي يا وري ٻين صحابياڻين جا رايا. مطلب ته هر موقعي ۽ مهل تي، دينِ اسلام جي ابتدائي دؤر کان وٺي، بيبين سڳورين جو بي انتها اهم رول رهيو آهي. دِين جو مسئلو هجي يا ميدانِ جنگ، گهر اندر توڙي ٻاهر، هر لحاظ کان بيبين سڳورين پنهنجو پاڻ موکيو آهي. مطلب ته تصديقِ نبوت کان وٺي قرآن شريف کي طِباعت تائين سنڀالي رکڻ جهڙيون اَهم ذميواريون بيبين ئي سرانجام ڏنيون آهن.
”رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن تي سڀ کان پهريان ايمان آڻڻ واري هڪ ”عورت“، يعني بيبي خُديجه رضه زوجهِ مُطَهره هُيون. ۽ حَقَ جي حِمايت ۾ سڀ کان پهرين بي جگريءَ سان شهيد ٿيندڙ عورت، جنهن جو نالو حضرت بيبي سُميه رضه بِنت خباط هو. قرآن حڪيم کي جڏهن سرڪاري طور تي هڪ ”مُصحف“ ۾ گڏ ڪيو ويو، ته اهو پڻ هڪ ”عورت“ اُم المؤمنين حضرت حفصه رضه بنت عمر رضه جي تحويل ۾ ڏنو ويو. هيءَ امانت وٽن عهد صديقيءَ کان وٺي، دؤر عثمانيءَ تائين محفوظ رهي. ۽ پوءِ ان ساڳي مُصحف تي اعتماد ڪندي، اُن جا نقل تيار ڪرائي، سڀني شهرن ۾ موڪليا ويا.
بيبي خُديجة الڪبّريٰ رضيّ الله تعاليٰ عنها جن جي شخصيت همگير شخصيت هئي. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم سندن حياتي ۾ ٻي شادي نه ڪئي، اِهو سندن عظمت، پاڪائي ۽ خوش اخلاقيءَ جو هڪ اهڙو زنده مثال هو، جيڪو ٻين ازواج مطهرات جي حصي ۾ نه آيو. بيبي صاحبه رضه پنهنجي مال و دولت ۽ عقل و فهم سان نه صرف رسول مقبول صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي مدد فرمائي، پر اسلام جي پڻ خدمت ڪئي.
بيشڪ اسان عورتن تي الله تعاليٰ ۽ سندس رسول حضرت محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جا احسان آهن، جن اسان کي دين ۽ دُنيا جي ڀلائي عطا ڪئي ۽ عمل ڪرڻ ۽ نصيحت حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪ ڪتاب ”قرآن مجيد“ سان روشناس ڪرايو. رب تعاليٰ کان دُعا آهي، ته شل! اسان سڀني ڀينرن تي رحم فرمائي ۽ صراط المستقيم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي.
* * *

روزي جي اهميت

رمضان المُبارڪ جي مهيني جون بيشمار ۽ بي حساب فضيلتون آهن، هن ڀلاري مهيني کي الله تعاليٰ پنهنجو مهينو سڏيو آهي. هن مهيني کي غمخواري، همدرديءَ صبر، رحمت ۽ مغفرت وارو مهينو سمجهيو وڃي ٿو. هن مُبارڪ مهيني ۾ الله تعاليٰ پنهنجي پياري محبوب حضرت مُحمّد مصطفيٰ، احمد مجتبيٰ صلي الله عليه و آله وسلم جن تي آخري آسماني ڪتاب ”قرآن شريف“ نازل فرمايو. اهڙو پاڪ ڪتاب، جيڪو نه صرف مذهبي نقطن سان مالا مال آهي. پر ان جي ”نزول“، دنيا وارن کي حق و باطل جو فرق ڪرڻ سيکاريو ۽ دنيا کي امن و سلامتي ۽ آزاديءَ ۽ جمهوريت جو پيغام ڏنو. قرآني تعليم تي عمل ڪري، انسان ديني ۽ دنياوي حاصلات ماڻي ٿو ۽ رب تعاليٰ جي آڏو سرخرو ٿئي ٿو، پوءِ اسان مسلمان ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ ايمان ۽ مسرت و شادابي جو ٻيو ڪهڙو ڏينهن ٿي سگهي ٿو، جيڪو رمضان مهيني کان علاوه هوندو. رمضان المُبارڪ جي فضيلت ۽ عظمت ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ٿيندي جو هن مهيني ۾ قرآن مجيد نازل ٿيو ۽ رب تعاليٰ هن مهيني کي پنهنجو مهينو سڏيو.
هن ئي مهيني ۾ ”عبادت صوم“، کي الله تعاليٰ پنهنجن بندن تي فرض بڻايو، جنهن ۾ آسمان ۽ جنت جا دروازا کوليا وڃن ٿا. هر نيڪيءَ جي عيوض ڏهوڻو ثواب ملي ٿو. روزيدار جو هلڻ چلڻ، اُٿڻ ويهڻ ۽ کائڻ پيئڻ سبب ڪجهه ”عبادت“ ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ هيءُ ئي اهو بابرڪت مهينو آهي. جنهن منجهه هڪ رات اهڙي ته فضيلت ۽ بزرگيءَ واري اچي ٿي. جنهن ۾ عبادت ڪرڻ هڪ هزار مهينن جي عبادت کان بهتر ۽ افضل ليکي وڃي ٿي! سبحان الله.
جيئن ته هن مَاهِه مُبارڪ ۾ روزيدار، پرهيزگار بڻجي ويندو آهي. سندس جسم ۽ روح پاڪ و صاف ٿي وڃي ٿو. منجهانئس برا خيال پري ٿي وڃن ٿا ۽ نفساني خواهش تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو. نه صرف اِهو پر اُن سان گڏوگڏ زِبان، دِل ۽ اَکيون هَٿَ پِير. مطلب ته سمورا حواس، نيت ۽ اخلاق سڀني ۾ پرهيزگاريءَ جو عنصر حاوي ٿي وڃي ٿو. سڄو مهينو روزيدار عبادت ۾ گذاري ٿو ته سندس اخلاقي تربيت به ٿيندي رهي ٿي، ۽ پنهنجي خاندان ۽ مٽن مائٽن جي مدد ۽ همدردي جي ترغيب به ملندي رهي ٿي. جنهن جي ڪري مجموعي طور تي معاشري تي مثبت اثر ٿين ٿا. هاڻي ٻڌايو ۽ توهان پاڻ فيصلو ڪريو ته ڪهڙو مسلمان هوندو جيڪو خدا جي هن مهيني کان پاسو ڪري يعني ”روزو“ نه رکي ۽ پاڻ کي هن ڀلاري مهيني جي رحمتن ۽ نعمتن سان مالا مال نه ڪري. ”رمضان“ لفظ ”رمض“ منجهان نڪتل آهي. يعني ته هيءُ مهينو گناهن کي ساڙي ٿو ڇڏي ۽ روزيدار پاڪيزگيءَ جي بلندين تي پهچي ٿو! سبحان الله
لفظ ”صوم“ جي لغوي معنيٰ آهي. امساڪ يعني روڪڻ، روڪي وٺڻ، مطلب اهو آهي ته ”روزو“ هڪ اهڙيءَ عبادت جو نالو آهي. جيڪو هڪ مسلمان جي فطرت ۽ حدود الله تي قائم رهڻ ۽ روزيدار کي احڪام الاهي جو مُطيع ۽ فرمانبردار بڻجڻ تي مجبور ڪري ٿو ۽ انسان کي پنهنجي جسم ۽ روح ٻنهي تي پورو پورو ضبط ۽ قابو ۾ رکڻ سيکاري ٿو ۽ اِهائي اصل ۾ ”روزي“ جي حقيقت آهي. جيڪڏهن ان حقيقت کي نظر ۾ رکي روزو رکبو ته اُهو ”عبادت“ ۾ شمار ٿيندو. ورنه جيڪڏهن صرف رسمي طور تي ڏيکارڻ لاءِ روزو رکيو ويندو ته اُن منجهان ڪو فائدو حاصل نه ٿيندو نه دنياوي ۽ دِينوي.
”روزي“ جي اصطلاحي معنيٰ آهي، سج اُڀرڻ کان وٺي سج لهڻ تائين کائڻ پيئڻ ۽ جنسي خواهشن کي ترڪ ڪرڻ، اِها ته ”روزي“ جي ظاهري معنيٰ آهي. هاڻي اچو باطني معنيٰ ۽ مفهوم ڏانهن روزي جو ”باطن“ اهو آهي ته روزيدار پنهنجو پاڻ کي الله تعاليٰ جي نافرمانيءَ کان ۽ ”گناهن“ کان روڪي ۽ رب جي حضور عبادت ۾ مشغول رهي ۽ پنهنجا ڪيل ڏوهه بخشرائي ۽ آئنده لاءِ نيڪ راهه تي هلڻ جي دعا گهري. محض رسمي طور تي روزو رکي ظاهري طور برن ڪمن کي ڇڏي ڏيڻ سان به مقصد نٿو ملي. پر حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجو پاڻ کي پرهيزگار بڻائجي ۽ پنهنجي اندر روحاني پاڪيزگي پيدا ڪجي. ”روزا“ هجرت جي ٻئي سال يعني مديني طيبه ۾ مسلمانن تي فرض ڪيا ويا.

[b]روزي جي فرضيت ۽ ابتدا جي متعلق:
[/b]الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ فرمايو آهي ته: ”اي! ايمان وارو! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن، جهڙيءَ طرح توهان کان اڳ ماڻهن تي فرض ڪيا ويا هئا، ان لاءِ ته توهان مُتقي ۽ پرهيزگار بڻجي وڃو.“ يعني ته روزا نه صرف مسلمانن تي فرض ڪيا ويا آهن، پر اُن کان اڳين اُمتن تي به فرض هئا روزو يعني ”صوم“ جي عبادت حضرت آدم عليه السّلام کان وٺي هر نبيءَ ۽ هر اُمت تي فرض هئي ۽ ڪابه اُمت اهڙي نه گذري آهي جنهن تي ”روزا“ فرض نه ڪيا ويا هجن هاڻي اسان کي ڏسڻو هيءُ آهي ته آخر روزي جو فلسفو آهي ڇا؟ بظاهر جيڪڏهن ڏسجي ته روزي رکڻ سان ڀلا الله تعاليٰ جو ڪهڙو مقصد ٿي سگهي ٿو. نعوذ بالله الله تعاليٰ کي ڪهڙو فائدو آهي؟ پر ان جو جواب خود الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ هن طرح ڏنو آهي ته:
ترجمو: (يعني، توهان تي جيڪي روزا فرض ڪيا ويا آهن، تن جي غرض ۽ اهميت هيءَ آهي ته توهان متقي بڻجي وڃو) يعني ته بلڪل واضع طور اِهو فرمايو ويو آهي ته اُهي روزا صرف توهان جي نيڪ، پرهيزگار ۽ متقي بڻجڻ لاءِ فرض ڪيا ويا آهن، جيئن توهان نفس تي ڪنٽرول ڪرڻ سکو ۽ ان جي معرفت مُتقّي ۽ پرهيزگار بڻجي وڃو، رب تعاليٰ جا شڪر گذار ۽ نيڪ ٻانها بڻجي. رب کان نيڪيون طلب ڪري سگهو ۽ انعام ۾ بي شمار ثواب حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ جنت جا حقدار بڻجي وڃو. روزي رکڻ سان نفس اَماره جي قوت گهٽجي وڃي ٿي ۽ سڀ عضوا سست ٿي وڃن ٿا. گناهه جي خواهش گهٽجي وڃي ٿي. ان سلسلي ۾ بعض بزرگن فرمايو آهي ته جڏهن نفس کي بکيو رکجي ٿو ته سمورا عضوا به بکيا ٿي ويندا آهن، پوءِ نه اک ڪنهن خوبصورت منظر جي متلاشي رهندي آهي. نه وري ڪن ڪجهه ٻڌڻ جو سوچيندا آهن، نه زبان کي ڪلام سان رغبت ٿيندي آهي. ها البته روحانيت ترقي ڪندي آهي، ان جي برعڪس جڏهن پيٽ ڀريل هجي ٿو ته سڀ خواهشون به جاڳي پون ٿيون. روزي رکڻ ڪري فضول ڳالهائڻ فضول ڏسڻ، فضول ٻڌڻ، فضول عمل ڪرڻ جهڙين ڳالهين کان روزيدار ”امن“ ۾ رهي ٿو. ان طرح دل به پاڪ و صاف رهي ٿي ۽ عبادت الاهي ۾ لطف ۽ مزو به ملي ٿو. نيڪ ڪمن ڏانهن رغبت وڌي ٿي ۽ گناهن کان نفرت محسوس ٿئي ٿي. ان کي ئي دراصل تقويٰ ۽ پرهيزگاري سڏجي ٿو ۽ روزي جي فرضيت ۽ اصلي غَرضَ ۽ اهميت به اهائي آهي، ان کان علاوه حُڪمِ خدا جي تعميل ٿئي ٿي ۽ حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن جي اُسوه حُسنه تي عمل پيرا به ٿجي ٿو. سڄي سال ۾، ان ئي بابرڪت هڪ، مهيني اندر روحاني ۽ جسماني زڪوات ادا ٿي وڃي ٿي. اهو ئي روزي جو فلسفو آهي ۽ اهائي اَهميت آهي ته هڪ طرف الله تعاليٰ جل شانه پنهنجن بندن تي روزي جي صورت ۾ سخت ۽ مشڪل فرض عائد ڪيو آهي ته ٻئي طرف پنهنجي رحمتن جا دروازا کولي ڇڏيا آهن.
حضرت عباده رضه جن کان روايت آهي ته هڪ دفعو حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن رمضان المُبارڪ جي مهيني اچڻ کان اڳ فرمايو ته:
رمضان شريف جو مهينو اچي ويو آهي. جيڪو تمام گهڻين برڪتن وارو مهينو آهي. الله تعاليٰ هن مهيني ۾ انسانن ڏانهن متوجه ٿئي ٿو ۽ پنهنجي رحمت خاص نازل فرمائي ٿو. خطائون معاف ڪري ٿو ۽ دعائن کي قبول ڪري ٿو.
بدنصيب آهي اهو شخص جيڪو هن مهيني ۾ به الله جي رحمتن کان محروم رهجي وڃي، ِٻي جڳهه تي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جو قول مُبارڪ آهي ته رمضان المُبارڪ جي هر رات ۽ هر ڏينهن جهنم جا قيدي ڇڏيا وڃن ٿا ۽ هر مسلمان لاءِ هر رات ۽ هر ڏينهن ۾ هڪ ”دعا“ ضرور قبول ٿئي ٿي. ارشاد نبوي ۾ آهي ته: ٽن ماڻهن جي ”دعا“ رد نه ٿيندي آهي، هڪ ”روزيدار“ جي ”افطار“ جي وقت ٻيو ”عادل بادشاهه“ جي دعا ۽ ٽيون ”مظلوم“ جي دعا.
حضرت عائشه رضه جن کان روايت آهي ته جڏهن رمضان شريف جو مهينو ايندو هو ته پاڻ سڳورن جو رنگ بدلجي ويندو هو. نماز جي وقت ۾ اضافو ٿي ويندو هو ۽ ”دعا“ ۾ تمام گهڻي عاجزي فرمائيندا هئا ۽ خوفِ خدا غالب ٿي ويندو هُين. الله تعاليٰ جل شانه رمضان مهيني ۾ عرشِ برين کي کڻڻ وارن ملائڪن کي حڪم ڏيئي ڇڏيندا آهن ته پنهنجي پنهنجي عبادتن کي ڇڏي ڏيو ۽ صرف روزيدارن جي دعائن تي آمين چوندا ڪريو، اهڙين ٻين ڪيترين ئي روايتن منجهان رمضان جي ”دعا“ جو خصوصيت سان قبول پوڻ جو پتو ملندو رهيو آهي. حضرت عباده رضه جن کان روايت آهي ته حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو مسلمانو! رمضان جو مهينو توهان وٽ اچي ويو، جيڪو بابرڪت آهي. هن ۾ الله تعاليٰ رحمت سان توهان ڏانهن متوجه ٿئي ٿو ۽ مهربانيون ڪري ٿو. گناهه بخشي ٿو ۽ دعائون قبول فرمائي ٿو ۽ فرشتن سان تعريف ڪري ٿو ته ڏسو منهنجا بندا بک ۽ اُڃ جي تڪليف سهي ۽ پنهنجون ٻيون ضرورتون ڇڏي منهنجي عبادت ۾ مصروف آهن، نيڪي ۽ ڀلائي جي تمنا ڪري رهيا آهن. آخر ۾ دعا آهي ته رب العالمين اسان سڀني کي رمضان مهيني جي برڪتن جي صدقي نيڪ هدايت نصيب ڪري ۽ صراط المستقيم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
* * *

ڪتاب جي اهميت

”ڪتاب“ جو لفظ هڪ پڙهيل لکيل انسان جي زندگيءَ ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ڪتاب هڪ بهترين ۽ خاموش ”دوست“ آهي. انسان هي نڪتا ذهن ۾ رکي گهڻو ڪجهه پرائي سگهي ٿو.
* * *

[b]ڪتاب[/b]
ڪ ڪفر کان روڪي ٿو.
ت تحقيق ڪرڻ سيکاري ٿو.
ا اورچائيءَ جي راهه تي هلائي ٿو.
ب برائي کان روڪي ٿو.
* *
[b]علم روشنيءَ جو مينار
[/b]
علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان ”مرد“ توڙي ”عورت“ لاءِ فرض قرار ڏنل آهي. حديث مُبارڪ ۾ آيل آهي ته ”علم حاصل ڪرڻ لاءِ چين ملڪ وڃڻو پوي ته به وڃو.“ حاصل مطلب هيءُ آهي ته علم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيتري به محنت ۽ جاکوڙ ڪرڻي پوي، ته ضرور ڪريو ۽ هر وقت علم جي جستجو ۾ محو رهو. علم حاصل ڪرڻ لاءِ نه ته عمر جو ڪو تعين ٿيل آهي نه ڪو جنس يعني مرد/عورت جو ڪو فرق آهي. ”پينگهي کان قبر“، تائين عِلم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل رهڻ گهرجي، ڇو ته حديث مُبارڪ ۾ آيل آهي ته جنهن علم حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ گذاريو. تنهن ڄڻ جهاد ڪيو. علم اهڙو خزانو آهي، جنهن کي ڪو چور چورائي نٿو سگهي، بلڪه، توهان جو اهڙو خزانو آهي، جنهن کي جيترو ورهائيندا. اوتروئي اضافو ٿيندو رهندو. علم ورهائيندڙ کي استاد جو مانائتو ۽ شانائتو خطاب مليل آهي. اُستاد جنهن جي پيشي کي پيغمبري درجو عطا ٿيل آهي. اهڙي مقدس پيشي سان وابسته انسانن جو فرض آهي ته اهي مڪمل ديانتداريءَ سان پنهنجا فرض ادا ڪن ۽ ڪنهن به لوڀ ۽ لالچ جو شڪار ٿي پنهنجي پيغمبري پيشي جي نفي نه ڪن. ڇو ته حديث شريف ۾ آيل آهي ته هڪ جاهل کي ته ان جي جهالت يعني، اڻ ڄاڻائي جي بنياد تي ڪجهه معافي متان ملي به وڃي، پر هڪ عالم ۽ فاضل يعني ”علم“ جي روشني رکندڙ انسان جي غلطين کي ڪڏهن به معاف نه ڪيو ويندو، ڇو ته الله تعاليٰ عالم الغيب آهي، هو ڄاڻي ٿو ته ڪير اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪوتاهي ڪري پيو ۽ ڪير ڄاڻندي به اڻ ڄاڻ بڻيل رهي ٿو. الله تعاليٰ کان دعا آهي ته الله سائين سڀني کي صراط المستقيم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين ثم آمين)

[b]علم[/b]

ع عقل عطا ڪري ٿو.
ل لالچ کان باز رکي ٿو.
م محنت ۽ همدرديءَ جو درس ڏي ٿو.

1. علم هڪ اهڙي لٺ آهي، جيڪا بي سهارن لاءِ سهارو ثابت ٿيندي آهي.
2. علم اهڙي تلوار آهي، جنهن جي تيزي، تلوار کان به وڌيڪ آهي.
3. علم اهڙو موتي آهي، جنهن جي روشني ڪڏهن به نه گهٽبي آهي.
4. علم ۾ اهڙي جلاوت آهي، جنهن تي سڀ لذت قربان ڪري سگهجي ٿي.
5. علم اهڙي ڍال آهي جيڪا جهالت جي خلاف حفاظت جو ڪم ڏئي ٿي.
6. علم اها دولت آهي جنهن کي ڪير به چوري نٿو ڪري سگهي.

[b]دوست هڪ نعمت آهي
[/b]
دوست جي معنيٰ آهي همدرد هڪ اهڙو انسان جيڪو ٻي جي فطرت جي مطابق هم آهنگ ٿي، سچائيءَ سان هم خيال ٿي گذاري. اڄ جي نفسانفسي دور ۾ سچي ساٿيءَ جو ملڻ ناممڪن آهي. پر جيڪڏهن ملي وڃي ته سمجهو ته ان کان وڏي ڪا ٻي نعمت ڪانهي.

[b]دوست[/b]
د ڏک سک جو ساٿي.
و وفا ڪرڻ وارو.
س ساٿ ڏيڻ وارو ۽ ساٿ نڀائڻ وارو.
ت تڪليف ۾ ڪم اچڻ وارو.

[b]زندگي[/b]

زندگي، الله تعاليٰ جل شانه جي طرفان عطا ڪيل نعمت آهي. بقول علامه اقبال رحه ته ”زندگي، بي بندگي، شرمندگي“. حاصل مطلب ته زندگي رب تعاليٰ ان لاءِ عطا نه ڪئي آهي. ته صرف اجاين ڳالهين ۽ کيل تماشن ۾ گذاري ڇڏجي، پر ان عطا ڪيل زندگيءَ جي پويان هڪ وڏو فلسفو سمايل آهي. ان نعمت جي شڪراني طور انسان کي هميشه نِياز ۽ نوڙت سان گڏ رب تعاليٰ جو شڪر ڪرڻ گهرجي. نه ته آخر ۾ شرمندگي پلئه پوندي.
* *

[b]زندگي[/b]

ز زنده دلي سان زندگي گذاريو.
ن نصيحتن کي ياد ڪريو.
د دوستن جي مدد ڪريو.
گ گندين عادتن کان بچندا رهو.
ي هميشه پنهنجي ماضيءَ کي ياد رکو.
”زندگي آمد برائي بندگي، زندگي بي بندگي شرمندگي“

(علامه اقبال رحه)
* *

هر سُٺو ڪم عبادت آهي

پيارا ٻارو! اڄ مان توهان کي لفظ ”عبادت“ جي معنيٰ ۽ مفهوم ٻڌائيندس.
توهان پنهنجي گهر ۾ پنهنجن والدين ۽ ٻين گهر جي ڀاتين کي ”عبادت“ ڪندي ضرور ڏٺو هوندو. هاڻي توهان به ضرور سوچيندا هوندا ته آخر عبادت ڇا آهي؟
”عبادت“ لفظ جي معنيٰ ”اسلام“ ۾ تمام گهڻي وسيع آهي. اِسلام ۾ عبادت صرف چند رسمن جي ادا ڪرڻ جو نالو قطعي نه آهي. پر انسان جي هر سٺي ڪم کي اِسلام ”عبادت“ ۾ شامل ڪري ٿو.
اسلام ۾ نماز، روزا، حج ۽ زڪواة سان گڏوگڏ هر اُهو ڪم به ”عبادت“ ۾ شامل آهي، جيڪو الله تعاليٰ ۽ اُن جي پيغمبر رَسول الله صَليّ الله عليھ وآلھ وَسّلم جن جي ٻڌايل ۽ هدايت ڪيل اُصولن ۽ طريقي مطابق هوندو آهي. جيڪڏهن توهان تعليم حاصل ڪري رهيا آهيو ۽ اُن جو مقصد نيڪي ڦهلائڻ، ڀلائي ڪرڻ، خدا جي مخلوق جي خدمت ڪرڻ آهي ته پوءِ اها به ”عبادت“ ۾ شامل آهي. جيڪڏهن توهان تجارت ڪريو ٿا ۽ ان ۾ بي ايماني ۽ دوکي بازي شامل نه آهي، ۽ مناسب منافعو وٺو ٿا ته اهو عمل ۽ ڪم به ”عبادت“ ۾ شامل آهي. جيڪڏهن توهان نوڪري پيشه آهيو ۽ ديانت سان ڪم ڪريو ٿا ته اهو به ”عبادت“ ۾ شمار ٿئي ٿو. پنهنجي ڀاءُ، ڀيڻ، ڪنهن دوست، ساٿي سان مسڪرائي ملو ٿا ۽ سلام ۾ گوءِ کڻو ٿا ۽ همدردي سان پيش اچو ٿا ته اهو عمل به ”عبادت“ ۾ شامل آهي. هاڻي توهان جيڪڏهن ڪنهن انسان يا جانور تي رحم ڪريو ٿا ته اها به ”عبادت“ آهي. ڪنهن رستي ڀليل کي رستو ڏيکاريو ٿا ۽ رهنمائي ڪريو ٿا، ڪنهن نابين کي روڊ پار ڪرايو ٿا، ته اهو سڀ عبادت ۾ شامل آهي، ايتري قدر جو جيڪڏهن توهان سچي نيت ۽ دل جي شوق سان سياست ۾ حصو وٺو ۽ ماڻهن جي عام ڀلائي جي ڪمن ۾ ڀرپور نيڪ نيتي سان حصو وٺو ٿا، ۽ مشڪلاتون آسان بڻايو ٿا ته ان کي به عبادت جو درجو مليل آهي. توهان پنهنجي ماءُ، پيءُ جي خدمت ۽ استاد جي عزت ڪريو ته اُها پڻ اُتم درجي جي ”عبادت“ ۾ شامل آهي. مطلب ته هر اُهو ڪم جيڪو الله تعاليٰ جي مقرر ڪيل حدن اندر ڪيو وڃي ٿو، ته ان کي عبادت جو درجو مليل آهي ۽ اها عبادت آهي.
عبادت بهترين ڪم آهي، عبادت ڪرڻ وارو عبادت گذار تمام عزت و احترام جي نظرن سان ڏٺو ويندو آهي.
هاڻي توهان ان ڳالهه تي غور ڪريو ته آخر عبادت جو مطلب ڇا آهي؟ مقصد ڪهڙو آهي؟ ۽ فائدو ڪهڙو آهي؟ عبادت دراصل ان ڳالهه جي اقرار ۽ اظهار جو نالو آهي ته جنهن ربّ تعاليٰ جي عبادت ڪئي وڃي ٿي، اهو ”معبود“ آهي. جيڪو عبادت ڪري ٿو. اهو ”عبد“ آهي.
”عبد“ جي معنيٰ ”ٻانهو“ آهي. جيڪو انسان عبادت ڪري ٿو اهو ظاهر ڪري ٿو ته مان ٻانهو ۽ غلام آهيان، ۽ جنهن جي عبادت ڪريان پيو اهو مالڪ آهي، خالق آهي، آقا آهي، ان جو حڪم مڃڻ منهنجو فرض آهي. ان جي اطاعت ۾ منهنجي ڀلائي آهي. معبود جيڪي هدايتون ڏنيون آهن. انهن تي عمل ڪرڻ ۾ ئي منهنجي بهتري ۽ ڀلائي لڪيل آهي ۽ مان برائين کان بچي سگهان ٿو ۽ مون کي نجات ملي سگهي ٿي. الله تعاليٰ انسان کي پيدا ئي ان لاءِ ڪيو آهي ته هو پنهنجي پيدا ڪندڙ جي عبادت ڪري ڇو ته عبادت ڪرڻ وارا ئي سٺا ٻانها ۽ سُٺا انسان هوندا آهن. عبادت ڪرڻ سان الله تعاليٰ کي ڪو به فائدو نه ٿو رسي، پر خود عبادت ڪندڙ کي ئي فائدو پهچي ٿو.
عبادت جو مطلب ۽ مقصد آهي ته انسان ۽ الله تعاليٰ جو پاڻ ۾ تعلق ڳنڍيل ۽ مضبوط رهي. غلام يعني ٻانهي ۽ آقا يعني ربّ جو رشتو پائيدار رهي.
جڏهن انسان کي اها ڳالهه هر وقت ياد رهندي ته هو خود آقا نه پر پنهنجي آقا جو غلام آهي ته ”الله ۽ ٻانهي“ جي وچ ۾ اهڙو ته مضبوط روحاني رشتو قائم ٿيندو جو هو هر وقت پنهنجي مالڪ جي حڪمن جي پيروي پابنديءَ سان ڪندو ۽ ان طرح سان ان پابنديءَ جي طفيل اُن جو هر ڪم آسان ۽ هر عمل صحيح ٿيندو رهندو. ڪوڙ، ڌوڪو، ظلم، ناانصافي ۽ بي ايماني نه ڪندو، بلڪه سچائي، سڪون، همدردي، انصاف ۽ ديانت داري جو زمانو روان دوان رهندو ۽ نيڪيءَ جو بول بالا رهندو. اُهوئي عبادت جو اصل مقصد آهي. اِسلام دِين فِطرت يعني ته فِطري دِينُ آهي. اسلام جي هر حڪم ۽ هر هدايت ۾ اها گنجائش رکي وئي آهي ته جيئن آسانيءَ سان انهن اصولن تي عمل ڪري سگهجي.
اِسلام ۾ عبادت جو مفهوم به اهوئي آهي ته جيڪو ڪم الله تعاليٰ جي مرضي ۽ ان جي مقرر ڪيل حد اندر هوندو ته اهو به عبادت ۾ شامل آهي.
علم حاصل ڪرڻ، تجارت ڪرڻ، سياست ۾ حصو وٺڻ ٻار پالڻ، ماءُ ۽ پيءُ جي خدمت ڪرڻ، اهي سڀ ڪم جيڪڏهن الله تعاليٰ جي ڏسيل طريقن مطابق سرانجام ڏبا ته اُهي به ”عين عبادت“ ۾ شامل هوندا.
* * *

حصو ٻيون: غذا بطور شِفا

---

حضرت محمد مصطفيٰ صلي االله عليھ وآلھ وسلم جن جي حديث مُبارڪن جي روشنيءَ ۾ اناج مِيون ۽ ڀاڄين جي اِهميت ۽ طِبّي فائده

نباتات ۽ ڀاڄيون الله تعاليٰ پنهنجن بندن لاءِ نه صرف پيٽ ڀرڻ لاءِ اُپايون آهن، پر اُهي سڀ اسان لاءِ بي شمار غذائي اَهميت جون حامل پڻ آهن. انهن منجهه نه صرف بي شمار غِذائي جزا موجود آهن، پر سڀني منجهه ڪا نه ڪا شفائي رمز پڻ رکيل آهي. اسان هن مضمون ۾ ڪجهه عام واهپي وارين شين/غذائي جنسن جو جائزو وٺنداسين، ۽ ڏسنداسين ته منجهن موجود جزن جي ڪهڙي ۽ ڪيتري اهميت آهي. هر جزو پنهنجي غذائي حقيقت (Nutritional Facts) سان موجود آهي ۽ هر جزو پنهنجي پنهنجي صلاحيتن ۽ ڪئلوريز مطابق دوائي/ شفائي فائدا پڻ رکي ٿو. الله تعاليٰ جتي پنهنجن بندن تي مهربان ٿي ڪري من و سلويٰ، مختلف اناج اُپايا ۽ سرسبز وڻ ٽڻ، ميون سان ٽمٽار ڪيا، گڏوگڏ زمين منجهان ڀاڄيون پيدا ڪيون، پاڻيءَ اندر رهندڙ مڇي ۽ خشڪيءَ تي رهندڙ ڪجهه حلال جانور پيدا ڪيا اُتي انسان کي اشرف المخلوقات بڻائي ڪجهه پکي ۽ ڪجهه جانور مطيع ڪري ڏنا ته جيئن آسانيءَ سان شڪار ڪري سگهجي ۽ الله جو نالو وٺي ذبح ڪري اِستعمال ڪجي ۽ پنهنجي ”صحت“ کي برقرار رکي سگهجي. مٿي بيان ڪيل پکي، جانور، مڇي ۽ ڀاڄيون، بيشمار نباتات ۽ ميوات وغيره جي سڀني منجهه ڪونه ڪو اِهڙو ته غذائي اهميت جو حامل جزو موجود آهي جو جيڪڏهن روز مره جي زندگيءَ ۾ مستقل طور تي اسان بيخبري ۾ اُن جو استعمال گهٽ ڪريون يا وري بلڪل نه ڪريون ته پوءِ ڪنهن نه ڪنهن قسم جي ڪميءَ باعث جسم ۾ اندروني معاملات نارمل رهي نه سگهندا ۽ انساني ”صحت“ متاثر ٿيڻ شروع ٿي ويندي، جنهن جي ڪري جسماني طور انسان ڪمزور يا وري ڪنهن تڪليف ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿو. اِن صورتحال کان بچڻ لاءِ الله تعاليٰ حڪم فرمايو ته مون توهان کي دنيا ۾ جيڪي به نعمتون عطا ڪيون آهن تن سڀني منجهان ضرور فيضياب ٿيو ڇو ته هر شيءَ منجهه ڪونه ڪو نهايت ئي اهم ”جزو“ ”شفائي خصوصيت“ ((Medical Benefits سميت موجود آهي.
الله تعاليٰ جي رسول، حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي ارشادات ۽ احاديث جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن جائزو وٺبو ته خبر پوندي ته اهڙيون بي شمار ”احاديث“ مُبارڪ ۽ ارشادات موجود آهن، جن کي بعد ۾ ٻين معتبر ۽ اعليٰ هستين پڻ وري وري ورجايو آهي ۽ استعمال جي لاءِ تاڪيد فرمايو آهي.
هِن مضمون ۾ اسين اِهڙين ڪجهه غذائي جنهن جو ذڪر ڪنداسي، جن کي هڪ طرف ته احاديثِ نبوي جي تحت اهميت حاصل آهي ته وري ٻي طرف هِن جديد سائنسي دور ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪندي اِهڙين غذائي اجناس جي، سائنٽيفڪ انداز ۾ پڻ کوجنا ڪندي، ريسرچ ذريعي، انٽرنيشنل پيمانو مقرر ڪيو ويو آهي. هر اِنسان جي جسماني ضروريات مطابق اُن جي صحت کي مدِنظر رکندي، مختلف وٽامنس ۽ ٻين غذائي جزن جو، ڪئلوريز ۾ اِستعمال ئي فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.

ٿوم Garlic

حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنه جن بيان فرمائين ٿا ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: ”ٿوم“ کائو ۽ اُن سان ”علاج“ ڪريو، هن ۾ ستر (70) بيمارين کان ”شفا“ موجود آهي. (الديلمي) هاڻي اچو ته اسان ڏسون ته ان ڳالهه کي اڄ جي دور ۾ موجود سائنسي نقطهء نگاه کان ڪيئن ٿو ڏٺو وڃي. سائنسي تحقيقات ۽ کوجنائن جي نتيجي ۾ اڄ اُن ڳالهه جي باقاعده تصديق ٿي چڪي آهي ته جن اَهم جُزن ۽ شفائي خصوصيتن جي نشاندهي اِبتدائي دور کان ڪئي وئي آهي، اُهي باقاعده سائنسي نقطهء نظر کان به مڪمل طور تي طِبّي خصوصيات سان مالا مال آهن. اُنهن منجهه موجود ”جُزن“ جي ڪيميائي تجزئي بعد اهو به معلوم ڪيو ويو آهي ته: ”بيماريءَ“ واري ڪيفيت ۾ ڪنهن ”جزي“ جو ڪيترو استعمال ڪجي ته فائدو حاصل ٿيندو ۽ ڪيتري وقت تائين ڪجي ته جيئن ڪو نقصان نه ٿي پوي. ڇو ته هر علاج لاءِ جيڪا ”دوا“ استعمال ڪبي آهي، تنهن جو هڪ مقرر ”وزن“ ۽ ٽائيم هوندو آهي نه ته اها ساڳي ”دوا“ جيڪا فائدو ڏيندي آهي، سا، ”غلط استعمال“ جي ڪري نقصانده پڻ ثابت ٿي سگهي ٿي. اهو ساڳيو ئي اُصول هتي نباتات، ميوات، حيوانات، ۽ ڀاڄين وغيره جي استعمال سان پڻ لاڳو ٿئي ٿو. جيڪڏهن بغير مناسب ”علم“، ”عقل“ ۽ رهنمائي، جي پاڻ مرادو بغير ڪنهن جي صلاح مصلحت جي، ڪجهه کائڻ شروع ڪبو ۽ اهو نه سوچبو ته ڪڏهن، ڪيئن، ڪيترو کائجي ۽ وري ڪڏهن ڪڏهن کائجي ۽ ڪيترو عرصو کائجي ته تمام گهڻو نقصان به ٿي سگهي ٿو. هينئر اسان هيٺ ”ٿوم“ جي غذائي حقيقت ۽ اهميت جو ذڪر پهريان ڪنداسين.
گهڻن ئي ڪتابن ۾ ”ٿوم“ جي باري ۾ لکيو ويو آهي. ڪجهه جڳهن تي هن کي پيار وچان اسٽنڪنگ روز (گلاب) (Stinking Rose) به لکيو ويو آهي، ڇو ته ”ٿوم“ ۾ بيشمار مرضن کي شفا بخشيندڙ خصوصيات موجود آهن. جن کي ٿراپيٽڪ بينيفٽس Therapeutic Benefits)) به چئي سگهجي ٿو.
خاص الخاص خوشبو (Characteristically Pungent Odor) سان گڏ ٿوم ”صحت“ کي وڌائيندڙ ۽ هٿي ڏيندڙ (Health Promoting Effects) يعني هيٺن ”جزن“ سان مالا مال آهي. ”ٿوم“، ميئگنيز ((Manganese جزي ۾ تمام گهڻي خود ڪفيل آهي. ان سان گڏوگڏ وٽامن بي ڇهه (Vitamin B6) جو به بي مثال ذخيرو (Source) موجود اٿس. ان سان گڏوگڏ وٽامن ”سي“ Vitamin C ۽ سيلنينم Selenium به موجود اٿس.
هڪ ڪوپ (136g) ٿوم ۾ هيٺينءَ ريت باقي جزا ڪئلوريز فراهم ڪن ٿا.
ٿائمن زيرو ڏهائي ٽي ملي گرام 0.3mg Thiamin
پائريڊوڪسن هڪ ڏهائي ست ملي گرام 1.7mg Pyridoxin
وٽامن سي ٻائيتاليهه ڏهائي چار ملي گرام 42.4mg Vit.C
فوليٽ چار ڏهائي هڪ ملي گرام 4.1mg Folate
ڪئلشيم ٻه سؤ ڇائيتاليهه ملي گرام 246mg Calcium
پوٽاشيم پنج سؤ پنجيتاليهه ملي گرام 545mg Potassium
فاسفورس ٻه سؤ اٺ ملي گرام 208mg Phosphorus
ٽامو زيرو ڏهائي چار ملي گرام 0.4mg Copper
جست هڪ ڏهائي ڇهه ملي گرام 1.6mg Zinc
مئگنيز ٻه ڏهائي ٽي ملي گرام 2.3mg Manganese
سيلينم اڻويهين ڏهائي ٽي ملي گرام 19.3mg Selenium
هاڻي اچو ته ڏسون ٿوم جا طِبّي فائده ڪهڙا آهن:

[b]ٿوم جا طِبّي فائده: (Medical Benifits)
[/b]گردشِ خون، يعني دورانِ خون کي روان دوان رکڻ لاءِ بهترين ذريعو سمجهيو ويندڙ ”ٿوم“ جا بيشمار طِبّي فائده موجود آهن. ڪيترن ئي تحقيقي مقالن ۾ اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته روزمره جي زندگيءَ ۾ باقائده ٿوم جي استعمال سان خون جي دٻاءُ يعني بلڊپريشر (Blood Pressure) کي گهٽائي سگهجي ٿو. ساڳي وقت پليٽيليٽس کي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ کان پڻ ٿوم رڪاوٽ بڻجي ٿي ائين ڪرڻ سان رت ۾ (دڳ) يعني Clot نه ٺهندو. (Garlic Decreases Platelet Aggregation) ساڳي وقت رت ۾ موجود سِيرم ٽراءِ گيلسرائيڊس (Serum Triglycerides) گهٽائڻ سان گڏوگڏ لوڊينسٽي لائپو پروٽين ڪوليسٽرول ليول ((LDL Cholesterol Levels پڻ گهٽجن ٿا ۽ هاءِ ڊينسٽي لائپو پروٽين ڪوليسٽرول ليول (HDL Cholesterol Levels) وڌن ٿا ۽ گڏوگڏ فائبرينولائيسز (fibrinolysis) به وڌي ٿي. هنن مثبت ردِ عمل ذريعي، ٿوم پنهنجا فائده ڏيکارڻ شروع ڪري ٿي. مثال طور آرٿرو اِسڪيليروسز، (Arthro- Sclerosis) يعني ته رت جي نالين جي سُڪڙجڻ جو عمل، رڪجيو وڃي ۽ رت جون ناليون پنهنجي نارمل شڪل و صورت کي گهڻي دير تائين قائم رکڻ جي سگهه ۽ صلاحيت حاصل ڪري وٺن ٿيون. ان سان گڏوگڏ، رت ۾ وڌندڙ کنڊ ((Sugar جي، مقدار کي پڻ ڪنٽرول ڪري، دل جي بيمارين يعني (Heart Diseases) کي روڪڻ ۾ مدد ڪري ٿي ۽ دل جي دوري ۽ اسٽروڪ ((Heart attack and stroke کي روڪڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿئي ٿي.
نومبر مهيني جي 2004ع سال ۾ هڪ تحقيقي مقالو نالي ”پريونيٽو ميڊسن“ شايع ٿيو، جنهن ۾ اهو پڌرو ڪيو ويو ته ٿوم ((Garlic، ڪورونري آرٽري ڪئليسفيڪيشن (Coronary artery calcification) کي روڪڻ ۾ بي انتها مدد ڪري ٿي ۽ مجموعي طور تي دل جي مڙني تڪليفن ۽ بيمارين کان بچائي رکي ٿي. کاڌن پچائڻ دوران هونئن ته ٿوم جو استعمال هر گهر ۾ عام جام ٿيندو رهي ٿو. پر هڪ اسٽنڊرڊ مقدار ۾ ٿوم جو استعمال ڪرڻ سان اسان بي شمار اِهڙين تڪليفن کان بچي سگهون ٿا. جن کي اسان پوءِ منهن ڏيڻ جي لائق نٿا رهي سگهون. ان ڪري پنهنجي ارگرد ۾ موجود خوبصورت نظر ايندڙ سفيد رنگ جي هن ننڍڙي ”گل“ نما، ”ٿوم“ کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. (Anti inflammatory activity of Garlic in osteoarthritis and rheumatoid arthritis).

[b]هڏن کي سوزش کان بچائڻ ۾ ٿوم جو ڪردار
[/b]ٿوم ۾ هڪ طرف دل کي تازگي بخشڻ ۽ دل جي بيمارين کي ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت حاصل آهي ته وري ٻي طرف هن جو ڪم جسم جي هڏن گُڏن کي تازگي بخشڻ ۽ جسماني هڏائين پڃري جو خيال رکڻ آهي. آسٽيوآرٿرائيٽس ۽ ريوميٽوئڊ آرٿرائيٽس نالي ٻه بيماريون عام طور تي خواتين ۾ وڌيڪ ۽ مردن ۾ ڪجهه گهٽ نظر اينديون آهن. پهرين بيماري آسٽيوآرٿرائيٽس خاص طور تي خواتين ۾ ماهواري بند ٿي وڃڻ بعد ظاهر ٿيڻ شروع ٿيندي آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن خاص خيال نه رکيو وڃي ته آهستي آهستي وڌي بيماريءَ جو روپ ڌاري سگهي ٿي جڏهن ته ريوميٽوئڊ آرٿرائيٽس وري آهي ئي وڏيءَ عمر ۾ هڏن جي بيماريءَ جو نالو، جيڪا پڻ مردن ۾ ڪجهه گهٽ جڏهن ته خواتين منجهه سرس نظر ايندي آهي. موروثي طور به هيءَ بيماري هڪ نسل کان ٻي نسل ڏانهن پڻ منتقل ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته ڪجهه ماڻهن منجهه ٻين بيمارين جي باعث پڻ ٿي سگهي ٿي.
”ٿوم“ ۾ الله تعاليٰ قدرتي طور تي اهڙي ته خاصيت ۽ خاص قسم جا ”جزا“ محفوظ رکيا آهن جو ان جي استعمال سان انسان هنن خطرناڪ بيمارين کان آسانيءَ سان پنهنجو بچاءَ ڪري سگهي ٿو. ڪنهن به طريقي سان پيدا ٿيندڙ سوزش جيڪا ”هڏن“ اندر ڪمزوري پيدا ڪري ۽ ”سور“ ۽ تڪليف جو احساس ڏياري تنهن کان بخوبي اسان پنهنجو پاڻ کي بچائي سگهون ٿا. ”ٿوم“ ۾ اهڙا ته ڪيميائي مرڪب Chemical Compounds)) موجود آهن، جيڪي لائپوآڪسيجينز ۽ سائيڪلو آڪسيجنينز Lypoxygenase and cycloxygenase)) کي ٺهڻ کان روڪين ٿا. (دراصل هي ٻن انيزائم (Enzymes) جا نالا آهن. جيڪي سوزش پيدا ڪندڙ پروسٽا گلينڊنس ۽ ٿرومبوئڪسزينس Prostaglandins and thrumboxanes)) پيدا ڪندا آهن. ان طرح هن عمل سان سوزش Inflammation)) کي ڪافي حد تائين روڪي سگهجي ٿو. هي سوزش مخالف مرڪب ((Anti-inflammatory Compounds وٽامن سي (Vitamin C) سان گڏجي، ”ٿوم“ کي تمام گهڻو فائديمند بڻائين ٿا. خاص طور تي تمام سخت دم جي تڪليف يعني (Asthma) کي روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا ۽ ساڳي وقت آسيٽوآرٿرائيٽس ۽ رئيوميٽوئڊ آرٿرائيٽس جي تڪليف دوران سور ۽ سوزش کي گهٽائڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿين ٿا.

[b]ٿوم جي اينٽي بئڪٽريل ۽ اينٽي وائرل ايڪٽوٽي:
[/b](Anti-Bacterial and Anti-Viral activity)
ٿوم ۾ قدرتي طور تي (بئڪٽريا ۽ وائرس) کي پيدا ٿيڻ کان روڪيندڙ ”جوهر“ يعني ”جزا“ موجود آهن. آليسن ((Allison نالي سلفر جو مرڪب ((Sulfur Compound ٿوم کي خاص قسم جي بوءِ ((Smell بخشيندڙ مرڪب آهي. (Garlic’s characteristic odor) اهو هن خاص قسم جي بوءِ يعني ((Odor جو ئي ڪمال آهي، جنهن جي هئڻ/ هجڻ سان ٿوم جي Juice)) يعني رس وسيلي بيڪٽريا ۽ وائرس ختم ٿي وڃن ٿا. هيءُ مرڪب جسم اندر پيدا ٿيندڙ خطرناڪ قسم جي بئڪٽيريا ۽ وائرس وغيره کي وٽامن سي (Vitamin C)، سان گڏجي ڪري ماري ختم ڪري ڇڏي ٿو. هڪ تحقيقي مقالي مطابق جيڪو (2003ع ۾ نيوٽريشن جرنل ۾ شايع ٿيو آهي) ٻڌايو ويو آهي ته ٿوم جي رس يعني جوس Garlic Juice)) ۾ رب تعاليٰ اهڙيءَ ته طاقت رکي آهي جو تمام جلد ۽ تڪڙي انداز ۾ فوري طور تي جراثيم ۽ ٻين ڪيڙن وغيره کي ختم ڪري سگهي ٿي. يعني ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته ٿوم جي رس ”جراثيم ڪش“ تاثير رکي ٿي.

[b]ذيابطيس جي بيماري ۽ ٿوم: (Diabetes -Mellitus)
[/b]ٿوم، ذيابطيس جي مريضن ۾ تباه ٿيندڙ خلين کي بچائڻ ۾ تمام وڏو اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. خاص طور تي جڏهن شگرليول ((Sugar -Level وڌي وڃڻ ڪري ريٽيننوپيٿي، نيفروپيٽي ۽ نيورو پيٿي Retinopathy, Nephropathy and Neuropathy))پيدا ٿي پوندي آهي ته پوءِ هڪ خاص قسم جي غير متوازن صورتحال جي ڪري خلين اندر ڀڃ ڊاهه واري ڪيفيت وڌي ويندي آهي. ٿوم مختلف مرضن سان گڏ ذيابطيس جي مرضن لاءِ پڻ فائديمند ثابت ٿي آهي.
* * *

ميٿي Fenugreek

حضرت قاسم بن عبدالرحمٰنؓ جن کان روايت آهي ته اسان جي پياري نبي رسول صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته توهان ميٿي جو استعمال روزمره جي ڀاڄين ۽ ٻوڙ سان گڏي ضرور ڪريو ۽ ان منجهان شِفا حاصل ڪندا رهو. وڌيڪ فرمايائون ته جيڪڏهن منهنجي اُمت مِيٿيءَ جي شفائي فائدن جي ڄاڻ ۽ علم کان واقف ٿي وٺي ته سندن حق ۾ وڌيڪ بهتر ٿيندو ۽ پوءِ شايد ماڻهو ميٿيءَ کي سون جي قيمت برابر به خريد ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندا.
ميٿي جي غذائي حقيقت ۽ فائدا: (Nutritional Facts)
ميٿي جنهن کي انگريزي ۾ (Fenugreek) سڏيو وڃي ٿو، سو اوائلي دور کان پوکيو ويندڙ ٻوٽو آهي. هن ٻوٽي جي موجودگيءَ جو حوالو مصر ملڪ جي تمام پراڻي دور جي رڪارڊ ۾ نظر ٿو. مصر جي مقبرن جي مشهور حوالاجات ۾ پڻ هن ٻوٽي جي پوکي ۽ پيدائش جو رڪارڊ مليو آهي. ٻي صدي قبل مسيح ۾ هن ٻوٽي جي پوکي، ڍڳن کي (Oxen) کي استعمال ڪرائي ويندي هُئي هِئي. اڄ به جهنگ جهر ۾ ٻين گاهن ۽ ٻوٽن سان گڏ، مال چاريندڙ پنهنجي مال کي استعمال ڪرائين ٿا.
مثال طور: روزمره جي ٻوڙ ۾ هڪ خاص غذائي جزي طور استعمال ڪئي ويندي آهي. چانهه وارو چمچو تقريباً (12g) ٻارنهن گرام هرٻو اسان کي هيٺينءَ ريت ڪئلوريز فراهم ڪري سگهي ٿو.
ٽوٽل ڪئلوريز ڇٽيهه (36) Total Calories

وٽامن اي ڇهه ڏهائي ڇهه ملي گرام 6.6 mg Vitamin A
وٽامن سي ڏهائي ٽي ملي گرام 0.3 mg Vitamin C
ٿائيمن ڏهائي 2 ملي گرام 0.2 mg Thimin
فوليٽ اوڻيهه ڏهائي چار ملي گرام 19.4 mg Folate
ميٿيءَ جا طِبّي فائدا:(Medical Benifit)
مِيٿيءَ جو استعمال ڪوليسٽرول ۽ رت ۾ کنڊ جي ليول کي ڪنٽرول ڪري ٿو. (Methi Lowers Cholesterol and Blood Sugar levels) ميٿي جي ٻجن (Seeds) ۾ اهڙي قسم جون ڪيميائي رطوبتون موجود آهن، جيڪي کاڌي کي نڙيءَ کان آنڊي ۽ معدي ڏانهن وڃڻ دوران واري وقت کي آهستي ڪري ڇڏن ٿيون يعني ته کاڌو نڙيءَ کان آنڊي تائين پهچڻ ۾ گهڻو وقت لڳايو ڇڏي.
(Chemicals that slow down the time that food take to go through the intestinal tract).
ان جو نتيجو اهو نڪري ٿو جو، کاڌن منجهان کنڊ آهستي آهستي جذب ٿئي ٿي ۽ ان ڪري رت ۾ کنڊ جو مقدار جلدي ۾ تڪڙو نٿو وڌي ۽ نه ئي وري مقدار گهٽ وڌ ٿئي ٿو.
هن ۾ اهڙا جزا پڻ موجود آهن جيڪي اينزائم (Enzymes) جا عمل رد عمل ڪنٽرول ڪن ٿا، جيڪي پڻ جيري (Liver) منجهان ذخيرو ٿيل کنڊ کي متحرڪ ڪري رت ۾ شامل ڪرڻ جا مجاز هوندا آهن. ان طرح سان پڻ رت ۾ کنڊ جو مقدار گهٽجي وڃي ٿو. انسان ذات تي ٿيل ڪيترين ئي تحقيقات ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته ميٿي، ڪوليسٽرول ليول ۽ کنڊ جي مقدار کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ بهترين معاون ثابت ٿيو آهي.
ميٿيءَ جو ٻيو اهم ڪم آهي، آنڊي کي ”قبض“ کان بچائڻ يعني ته (Laxative) مِيٿيءَ جي ٻجن ۾ ميوسيلج (Mucilage) نالي مادو وڏي مقدار ۾ موجود هوندو آهي. توڙي جو ميٿي پاڻيءَ ۾ جذب نه ٿيندي آهي پر ميوسيليج (Mucilage) نالي مادو، گهاٽو ۽ ليسدار مرڪب پيدا ڪندو آهي ۽ اهو جڏهن آنڊي منجهه اندر ٻين پاڻياٺ (Liquids) سان ملندو آهي ته ٻج ڦوڪجي پوندو آهي ۽ پوءِ ترڪڻو ٿي پوندو آهي. جيڪو مادو نتيجي طور پيدا ٿيندو آهي سو جسم اندر جذب نه ٿيندو آهي، پر جسم منجهان خارج ٿيندو ۽ پاڻ سان آنڊي جي مشڪن. منجهه پيدا ٿيندڙ لهرن کي به وڌائيندو آهي. انهن ٻنهي عملن جي ڪري آنڊي منجهان غذا جو اخراج جلدي ۽ آسانيءَ سان ٿي ويندو آهي، ان ڪري ميٿي کي مائلڊلڪزيٽو (Mild Laxative) پڻ سڏيو وڃي ٿو.
ميٿيءَ جو ٽيون اهم ڪم آهي وڏي آنڊي کي ڪينسر کان بچائڻ، ڪجهه تحقيقات دوران اهو ڏٺو ويو آهي ته ميٿيءَ منجهه ڪينسر کان بچاءُ جون خاصيتون موجود آهن. يعني ته (Chemo preventive Properties) ڪيمو پريوينٽو پراپرٽيز موجود آهن.
* * *

ڪلونجي Black -cumin

حضرت ابوهريره رضه جن فرمائين ٿا ته مون هڪ دفعي رسولِ خدا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کان ٻڌو ته (ڪارن داڻن) يعني ڪاري ڪلونجي(Black -Cumin) ۾ هر بيماري کان شفا موجود آهي سواءِ ”موت“ جي (صحيح بخاري مسلم ابن ماجه) ابن شهاب بيان فرمائين ٿا ته (سياه ڪارن داڻن مان مراد ڪلونجي آهي) ڪلونجي جي ڪيميائي ترڪيب تمام گهڻن ڳتيل جزن تي مشتمل آهي. هن جي ٻج ۾ سوين بيشمار ڪيميائي جزا موجود آهن.(Essential Fatty Acid) گڏوگڏ هن ۾ ضروري سڻڀ جزا به موجود آهن. هن جي ٻجن جو تيل تمام گهڻو فائدو پهچائيندڙ ٿئي ٿو. ۽ طبي نقطهء نگاهه کان بي شمار تڪليفن ۾ فائدو ڏيندڙ آهي. جيڪي عام ٻج ڪافي حد تائين تکي جاذبيت رکندڙ ٿين ٿا ۽ ڪيترين ئي کاڌن ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا.(Seeds are a bit spicy and are often used whole in cooking) ڪلونجي جي ٻج منجهان اسان کي تمام ضروري وٽامن ۽ معدنيات حاصل ٿين ٿا. هڪ سو گرام داڻا ڪلونجي اسان کي پنج سو ايڪٽيهه (531) ڪئلوريز فراهم ڪن ٿا ۽ اُن ۾ هيٺيان جزا موجود هوندا آهن.
چارٽ
پروٽين ويهه ڏهائي اٺ ملي گرام 20.8 mg protein
ٿائمين هڪ ڏهائي پنج ملي گرام 1.5mg Thiamin
رائبوفليون زيرو ڏهائي هڪ ملي گرام 0.1mg Riboflavin
پائريڊوڪسن زيرو ڏهائي پنج ملي گرام 0.5mg Pyridoxine
نياسن پنج ڏهائي ست ملي گرام 5.7mg Niacin
فوليٽ زيرو ڏهائي ايڪهٺ ملي گرام 0.061mg Foliate
ڪئلشيم هڪ سؤ پنجاسي ملي گرام 185mg Calcium
ٽامو هڪ ڏهائي اٺ ملي گرام 1.8mg Iron copper
لوهه آئرن ڏهه ڏهائي پنج ملي گرام 10.5mg Iron
جست ڇهه ملي گرام 6mg Zinc
فاسفورس پنج سؤ ڇويهه ڏهائي پنج ملي گرام 526.5mg Phosphorus
ڪلونجي جا تمام گهڻا فائدا آهن. طِبيّ طور تي منجهس ڪيترائي شِفائي جزا آهن، جيڪي عام تڪليفن ۽ ڪيترين ئي خاص بيمارين ۾ شفايابي بخشين ٿا. منجهن جيوڙن (بئڪٽيريا) کي ختم ڪرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. ٻه سو (200) کان وڌيڪ تحقيقي مقالن منجهان ثابت ڪيو ويو آهي ته ڪلونجي جا ٻجَ ۽ تِيلُ جراثيم ڪش اثر رکندڙ بي اِنتها فائده بخشيندڙ ڪارا داڻا آهن جيڪي ننڍي آنڊي ۾ موجود ڪيترن ئي ڪيڙن کي مارڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن ٿا.(Rectification of intestinal worms) اُردن ۽ آمريڪا ۾ ڪجهه تجربن دوران ڏٺو ويو ته هن تِيل ۾ ڪينسر جهڙي موذي مرض کي به دفاع ڪرڻ ۽ ختم ڪرڻ جي صلاحيت پڻ موجود آهي. (Invitro Studies) ڪلونجي جي تيل منجهه بيشمار طِبّي فائده موجود آهن. ڪيترين ئي حساس دوائن جي ردِ عمل جي صورت ۾ ڪلونجي جو تيل قوتِ مدافعت وڌائي. نقصان کان بچائي وٺي ٿو.( Multi-drug resistant strains of staph- aurous) خاص طور تي انسان اندر جڏهن بدقسمتيءَ سان سندس ئي قوتِ مدافعتي سرشتو سندس لاءِ دشمن ٿي پوي ۽ جيوگهرڙن کي کائي ناس ڪندو وڃي ته اهڙي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ تمام ڏکيو ۽ گهڻي ڀاڱي لاحاصل ڪوشش هوندي آهي. پر الله تعاليٰ هن ڪلونجي ۾ اهڙي ته قدرتي شفا رکي آهي جو ٻين سڀني جي مقابلي ۾ وڌ ۾ وڌ اثر انداز ٿي ڪري ڪنهن حد تائين اهڙي سنگين صورتحال تي ڪنٽرول حاصل ڪري وٺي ٿي. ڏکڻ ڪيرولينا جي هڪ ليبارٽري نالي هِلٽن هيڊ آئرلينڊ ۾ هڪ تجرباتي مشاهدي ۾ معلوم ڪيو ويو ته ڪاري داڻي واري ڪلونجي ۾ اهڙي خاصيت آهي. جنهن جي ڪري رت ۾ رطوبت نالي(interleukins) جي پيدا وار وڌي وڃي ٿي. جنهن ڪري مجموعي طور تي اڇن جزن تي به سٺو اثر پوي ٿو. ۽ سفيد جزن(White blood cells) جي ڪارڪردگي وڌي وڃي ٿي. ان ڪري مجموعي طور تي اهو چيو وڃي ٿو ته ڪاري داڻي، ”ڪلونجي“ جي سڄي خوبصورتي ان ۾ لڪل آهي ته هي داڻا اندروني طور تي مختلف جزن جي ڪارڪردگيءَ کي بحال ڪري اندروني ڪيفيت کي ڪنٽرول ڪري، نارمل ڪن ٿا. جنهن جي ڪري جيوگهرڙا جيڪي ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿين ٿا، سي وري نارمل ڪم ڪرڻ شروع ڪن ٿا. ڪلونجي جا داڻا دم جي بيماري(Asthma) ۽ کنگهه واري ڪيفيت ۾ پڻ هڪ طاقتور دوا وانگر اثر انداز ٿين ٿا. تحقيق دوران اهو ڏٺو ويو آهي ته ڪلونجي ۾ اهڙي قسم جا جزا موجود آهن. جيڪي قوتِ مدافعتي سرشتي(Immune system) کي اُڀارڻ(Boost up) ۾ مدد ڪن ٿا ۽ وڏي کنگهه ۽ دمي جي بيماريءَ ۾ بي انتها موثر ثابت ٿين ٿا. خاص طور انهن تڪليفن ۾ جيڪڏهن ڪلونجي کي ماکيءَ ۽ ٿوم ۾ ملائي استعمال ڪيو وڃي ته هوند باقاعده هڪ طاقتور دوا(Tonic) وانگر اثر ڏيکاري سگهي ٿي. هيءُ ساڳيو نسخو سردين ۾ عام ٿڌ ۽ زڪام واري ڪيفيت کي ته آسانيءَ سان ڪنٽرول ڪري ٿو. ڇو ته اهڙا ماڻهون جيڪي سمجهن ته سندن جسم اندر ڪو انفيڪشن آهي يا وري پنهنجي جسم جي اندر قوت مدافعت کي وڌائڻ چاهين ته پوءِ انهن لاءِ ڪلونجي، ماکيءَ ۽ ٿوم سان گڏ استعمال ڪرڻ هڪ بهترين پُر اثر دوا وارو اثر ڏيکاري سگهي ٿي.
جتي ڪلونجي سرديءَ جي اثر کي گهٽائڻ ۽ قوتِ مدافعت وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي آهي. ساڳي وقت کاڌي جي تيزابيت کي پڻ دُور ڪرڻ ۾ مدد ڏي ٿي. مختلف تحقيقي مشاهدن دوران اهو ڏٺو ويو آهي ته گهڻي مُرغن ۽ سڻڀي خوراڪ اِستعمال ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن معدي ۾ تيزابيت ۽ آنڊي منجهان گئس پيدا ٿيڻ شروع ٿي وڃي ته اهڙي صورتحال ۾ ڪلونجي جو استعمال نهايت ئي فائديمند ثابت ٿيو آهي. مُستند تحقيقي رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪلونجيءَ جو استعمال هيٺين تڪليفن کي دور ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيو آهي.
1. کاڌ خوراڪ واري نالي ۾ پيدا ٿيندڙ مختلف تڪليفون يعني(Digestive) مسئلا.
2. ڪلونجي هڪ پيشاب آور دوا(Diuretic) طور به استعمال ڪري سگهجي ٿي.
3. اهڙيون خواتين جن کي ماهواري جو ڪو مسئلو هجي ته ڪلونجي جي استعمال سان رڪاوٽ کي دور ڪري وري نئين سر ماهواري کي مهيني وار بنائڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿي آهي. ڪلونجي جا مجموعي طور ايترا ته حيرت انگيز دوائي اثر آهن جو لڳندو آهي ته واقعي بي انتها شفا بخيشيندڙ اُهي ڪارا داڻا اِنسان جي زندگيءَ تي گِهرا اثر مُرتب ڪري ٿي. هيٺ ڏنل خاصيتن کي پڙهڻ بعد معلوم ٿيندو ته ڪلونجي ڪيڏي نه اهم آهي:
1.معدي جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ، تيزابيت کي دور ڪرڻ ۽ گڏوگڏ آنڊي، اندر پيدا ٿيندڙ گئس کي خارج ڪرڻ
2. پيشاب آور (Diuretic)
3. ماهواريءَ ۾ پيدا ٿيل رڪاوٽ دور ڪرڻ ۽ نارمل ڪرڻ (Promotes and regulates menstruation)
4. ماءُ جو کير وڌائڻ (Increase the production of milk)
5. جسم تي سوڄ يا ڦوڪڻا ٿي پون ته انهن کي ختم ڪرڻ (A respolrtent dissolves boils and swellings)
6. ڪيميائي رطوبت اِيڊرينل(Adrenal) کي وڌائڻ ۽ طاقت وڌائڻ ۾ پڻ مددگار ٿئي ٿي. هڪ طاقتور شربت(Tonic) وانگر جسماني ڪيفيتن کي پڻ بحال رکڻ سان گڏوگڏ جسم منجهان ڪيترن(Vormiful Worm) کي خارج ڪرڻ ۾ خاص طور تي مدد ڪري ٿي.

* * *

ادرڪ Ginger

[b]بطور هڪ ديسي ٽانڪ
[/b]ادرڪ کي عربي زبان ۾ ”زنجبيل“ سڏيو ويندو آهي. ادرڪ عام طور تي ٻن طرح سان استعمال ٿئي ٿي. پهريون ٻوڙ ۽ ڀاڄيءَ وغيره ۾ ۽ ٻيو ”دوا“ طور. ادرڪ دراصل ٻوٽي جي جڙ/ يعني پاڙ (Root) هوندي آهي. ادرڪ کي انگريزي ۾ اسان (Ginger) جنجر سڏيندا آهيون. ادرڪ تازي به استعمال ڪئي ويندي آهي. جيڪا اڪثر ڪري ٻوڙ ڀاڄيءَ ۾ تازي مصالحي طور استعمال ڪجي ٿي. جڏهن ته ٻي پاسي خشڪ يعني سڪل ادرڪ جنهن کي ”سُنڍ“ ڪري سڏيو ويندو آهي. سا وري گهڻو ڪري ”دوا“ ۽ غذا طور استعمال ٿئي ٿي. ٻئي قسم بازار ۾ آسانيءَ سان ملي ويندا آهن. سورهين صدي عيسوي سن ۾ هن جي پوکائي آمريڪا ۾ ڪئي وئي، اسپين جا فاتح هن کي مشرق الهند مان اوڏانهن کڻي ويا ۽ هاڻي سڄي دنيا ۾ پوکي وڃي ٿي. هند و پاڪ ۾ گرم مرطوب علائقن ۾ موسم کان اڳ، ٻاهر تجارتي مقصدن لاءِ وڏي پيماني تي پوکي ويندي آهي. حڪيمن درجه بندي ڪندي، ادرڪ کي مزاج جي بنياد تي ٽئين درجي ۾ ”گرم“ ۽ پهرين درجي ۾ ”خشڪ“ تسليم ڪيو آهي. اسان وٽ عام طور تي خواتين ادرڪ کي ڪتري ٻوڙ ڀاڄيءَ ۾ استعمال ڪنديون آهن، جنهن ڪري ٻوڙ ۾ لذت اچي ويندي آهي. ان کانسواءِ ٻي طرف وري کٽاڻ وغيره ۾ به استعمال ڪئي ويندي آهي. ادرڪ ۾ هيٺين قسمن جا ڪيميائي جزا موجود هوندا آهن. جيئن ته تيل، کونئر نشاستو، ريشو، اِسيٽڪ ائسڊ ۽ گندرف وغيره. (Oil, Gum, Starch, Fiber, Acetic-acid and Phosphorus)
دوا جي طور تي ادرڪ ڪيترين ئي تڪليفن ۾ فائدو رسائيندڙ ثابت ٿي آهي. مثال طور هاضمي جي سرشتي کي تيز ڪري، غذا جي جذب ڪرڻ واري عمل کي وڌائڻ ۽ تيز ڪرڻ، گئس کي خارج ڪرڻ، آنڊي جي چرپر کي صحيح ڪرڻ، معدي جي عمل کي ٺيڪ ڪرڻ، دير هضم ۽ بادي غذائي شين کي هضم ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ وغيره بلغمي مزاج جي ماڻهن لاءِ پڻ ادرڪ بيحد مفيد ثابت ٿي آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي بلغم جي مستقل شڪايت رهندي ايندي هجي ته اهو ماڻهو تازي ادرڪ جي رس جا ٻه ننڍڙا چمچا، ماکيءَ منجهه ملائي استعمال ڪري ته کنگهه کي تڪڙو آرام اچي ويندو. گلي ۽ سيني جو بلغم بلڪل صاف ٿي ويندو. ادرڪ جو استعمال سرديءَ جي احساس کي گهٽائي، حرارت جو احساس ڏياريندو آهي. تازي ادرڪ جي رس، بدهضمي، ڇڪ، گئس، مروڙ، ۽ اُلٽين ۾ بيحد فائدو رسائيندڙ آهي ۽ گڏوگڏ پيشاب آور به آهي. جيڪڏهن تازي ادرڪ جي رس ۽ ليمي جي رس ٻنهي کي ملائي استعمال ڪيو وڃي ته قوتِ هاضمو وڌي ويندو آهي. ٻي طرف وري ادرڪ ۽ ليمي جي رس ۾ هم وزن ڪارو لوڻ ملايو وڃي ۽ ٻه ٽائيم ٻن پهرن ۽ شام جو رات واري مانيءَ کان اڳ استعمال ڪيو وڃي ته اهڙي ڪيفيت جنهن ۾ بار بار بک لڳنديءَ آهي، ان تي ڪنٽرول حاصل ڪري وٺبو، اهڙي مرض کي حڪيم پنهنجي زبان ۾ جوع البقر (هر هر بک لڳڻ) وارو مرض سڏيندا آهن. وري ٻي طرف جيڪڏهن بک نه لڳندي هجي ته پوءِ وري ادرڪ جا ننڍڙا ننڍڙا ٽڪرا ڪري، مٿان لوڻ ٻرڪي کائڻ سان بک جي اشتها وڌي ويندي آهي، کاڌو جلد هضم ٿيندو آهي ۽ گئس به خارج ٿيندي آهي. ادرڪ جو استعمال الٽين کي روڪڻ ۽ دل خراب ٿيڻ يعني مونجهه (Nausea) وغيره کي ختم ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿئي ٿو.
ادرڪ جو تيل سَنڌن جي سور ۾ مفيد ثابت ٿيو آهي. ادرڪ جو تيل جيڪڏهن سَنڌن جي سور ۾ تڪليف واري جاءِ تي مهٽيو وڃي ۽ چڱي نموني مالش ڪئي وڃي ته تمام گهڻو فائدو ملندو. ادرڪ ۾ ٿوم وانگر رت کي پٽڙي ڪرڻ جي به صلاحيت موجود آهي ۽ ڪوليسٽرول کي پڻ گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. رت، جڏهن نالين ۾ ڄمي ٿو ۽ شريانين کي ٿلهو ڪري ٿو، ۽ جڏهن خون جو دٻاءُ وڌي وڃي ته بلڊپريشر به وڌي وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ پڻ ادرڪ جو استعمال فائدو رسائي ٿو ۽ رت کي ڇڊو ڪري ٿو ۽ عضون کي طاقت بخشي ٿو. طِبّ جي دنيا ۾ طبيّب هن جو مشهور مرڪب جوارش زنجبيل ۽ معجون صدين کان سردين ۾ سرديءَ کان بچڻ لاءِ استعمال ڪرائيندا رهيا آهن. ۽ گڏوگڏ پيٽ جي بدهضمي، ۽ بلغمي صورتحال کي پڻ فائدو رسي ٿو.
* * *

مُنقّه Raisins

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته حضرت تمّيم الداريؓ جن رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن جي خدمت ۾ مُنقّه، (Raisins) جنهن کي اسان عام لفظن ۾ سُڪل ڊاک Dehydrated Grapes)) سڏي سگهون ٿا، پيش ڪيا. حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن پنهنجن هٿن مُبارڪن ۾ اُن تحفي کي کڻي ارشاد فرمايو ته: ”هن کي کائو“. ڇو ته هي بهترين کاڌو آهي. (يعني ته تمام بهترين غذا آهي.) هي ٿڪاوٽ/ٿڪ کي ختم ڪن ٿا ۽ جسماني عضون کي مضبوط ڪن ٿا. فرحت بخش آهن ۽ ڪاوڙ کي ٿڌو ڪن ٿا. چهري جي خوبصورتي کي وڌائين ٿا، ۽ گڏوگڏ چهري جي رنگت کي صاف ڪري اهڙو ته رنگ صاف ڪن ٿا جو چهري جو رنگ صاف ٿي ٻهڪي پوي ٿو. گڏوگڏ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه جيڪڏهن بلغمي صورتحال رهندڙ آهي ته پڻ ان کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. (ابونعيم)
هاڻي اسين هت هن خشڪ ٿيل ڊاک يعني (منقّه) جون ڪجهه غذائي حقيقتون سائنسي تناظر ۾ پيش ڪنداسين:
جيئن ته اسان کي اهو بخوبي علم آهي ته الله تعاليٰ ڪجهه ڀاڄيون ۽ ميوا اهڙا اُپايا آهن. جن کي تازو به استعمال ڪجي ٿو ته وري ٻي طرف سڪائي يعني خشڪ ڪري به استعمال ڪري سگهجي ٿو. جيئن ته ڀاڄين ۾ مثال طور پالڪ، سائو مرچ، ٻيون به ڪيتريون ئي لاتعداد شيون ته وري ميون ۾ به ساڳيءَ ريت تازا ميوا به کائجن ٿا ۽ ساڳيون شيون وري خشڪ ڪري به رکجن ٿيون جن کي خشڪ ميوو سڏجي ٿو. انگور Grapes)) به اهڙو تازو ميوو آهي جن کي جڏهن خشڪ ڪيو وڃي ٿو ته ان کي پوءِ منقهّ سڏجي ٿو. انگريزي ۾ انهن کي ((Raisins سڏجي ٿو. انگورن کي سِڌو سنئون سج جي روشنيءَ ۾ سڪائجي توڙي جو ٻي ڪنهن هٿرادو طريقي سان خشڪ ڪجي، ٻنهي صورتن ۾ سندس خاصيتون ساڳيون ئي برقرار رهن ٿيون. ننڍڙي گول دائري جي شڪل و صورت جا انگور عام طور ننڍڙن چٽن وارن بلورن وانگر به نظر ايندا آهن، جن جي شڪل ڪڏهن ڪڏهن گول بجاءِ بيضي جهڙي به هوندي آهي. مطلب ته ڪڏهن بلڪل گول ۽ بعض وقت بيضيءَ جي صورت يا وري ڊگهائي ۾ اُڀا ۽ ويڪرا نظر ايندا آهن. اِهي Pebbles)) وانگر نظر ايندڙ خشڪ انگور پنهنجي ٻاهريان واري کل جي اندر گودي جي حفاظت ڪندا آهن ۽ کائڻ مهل اهو گودو(Chewy Flash) ، تمام نرم ۽ سٺو هوندو آهي. ٻاهرين کل (Membrane) جيڪا تازي انگور ۾ تازي ۽ جاذب نظر هوندي آهي، سا خشڪ ٿيڻ بعد پنهنجي خوبصورتي وڃائي ويهندي آهي ۽ ساڳي کل هاڻي لڙڪيل ۽ ”جُهري دار“ (Wrinkled) نظر ايندي آهي. فرق بلڪل ائين جيئن هڪ نوجوان ۽ پوڙهي ماڻهوءَ جي جسم جي ٻاهرين چمڙي نظر ايندي آهي. تازن انگورن جي رنگ ۾ جيئن ته سائو، هلڪو سائو زردي مائل واڱڻائي ۽ ڪڏهن ڪڏهن تيز سائي سان گڏ ٿورو تيز واڱڻائي شامل هوندو آهي. ساڳي ريت انگور سڪائڻ بعد به ٿورو مختلف رنگ اختيار ڪري وٺندا آهن. عام طور تي تيز ناسي رنگ (Deep Brown) ۽ اڪثر ڪري ڪجهه واڱڻائي ڏيک ڏيندڙ هر سُڪل (خشڪ ٿيل) انگور جيڪي (منقّه) ڪري سڏجن ٿا. ڏسڻ ۾ تمام وڻندڙ ۽ بيحد صحت بخش ٿين ٿا. خشڪ ٿيل انگورن هڪ چوٿائي ڪوپ يعني ته اڌ ڪپ ۾ (36.25g) منقّه اسان کي هيٺينءَ ترتيب سان ڪئلوريز فراهم ڪري سگهن ٿا.
ٽوٽل ڪئلوريز/هڪ سؤ اٺ ڏهائي پنجهتر ڪئلوريز(Calories 108.75) جي ترتيب چارٽ ذريعي هيٺ ڏجي ٿي.
ڪئلوريز هڪ سو اٺ ڏهائي پنجهتر ملي گرام 108.75 mg Calories
ڪئلشيم سترنهن ڏهائي ڇاهتر ملي گرام 17.76mg Calcium
وٽامن اِي ڏهائي اٺٽيهه انٽرنيشنل يونٽ 0.38 mg Vitamin E
آئرن (لوه) ڏهائي پنجهتر ملي گرام 0.75 mg Iron
زنڪ (جست) ڏهائي ڏهه ملي گرام 0.10 mg Zinc
بورون هڪ ڏهائي اٺهتر ملي گرام 1.78 mg Boron
ٿائمِن ڏهائي ٻڙي ڇهه ملي گرام 0.06mg Thiamin
رائيبوفليون ڏهائي ٻڙي ٽي ملي گرام 0.03 mg Riboflavin
مئگنيشيم يارنهن ڏهائي ڇهانوي ملي گرام 11.96 mg Magnesium
پوٽاشيم ٻه سو ٻاهتر ڏهائي ڇوويهه ملي گرام 272.24 mg Potassium
سيلينيم ڏهائي پنجويهه مائڪرو گرام 0.25mcg Selenium
مٿي ڏنل ڪئلوريز جي چارٽ مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ انگور جيترو تازو فائديمند آهي، ان کان وڌيڪ خشڪ ٿيل حالت ۾ پڻ نهايت اهم آهي. هن جو ڪيترين ئي عام بيمارين ۾ نه صرف گهريلو ٽوٽڪن جي لحاظ کان پر سائنسي نقطهءِ نظر کان پڻ جديد ۽ اُهم رول آهي. طِبّ نبوي کان وٺي ميڊيڪل سائنس جي ترقيءَ ۽ تحقيق جي روشنيءَ ۾ پڻ ڪيترين ئي بيمارين ۾ شفا بخش دوا طور اِستعمال ڪري سگهجي ٿو. خشڪ ٿيل انگور (منقّه) ((Raisins هڏن جي صحت کي قائم دائم رکڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا.
بورون نالي معدنيات (Boron) هڏن جي صحت ۽ سلامتيءَ لا بي انتها مفيد ثابت ٿيا آهن. خاص طور تي خواتين ۾ جڏهن آسٽيوپورو سز ((Osteoporosis يعني ته جڏهن بدن جا هڏا نرم ٿيڻ شروع ٿيندا آهن. جنهن کي Bone Softening)) به سڏجي ٿو. بورون هڪ اهڙو ته معدنيات ((Trace Mineral آهي، جيڪو وٽامن ڊي (D) ۽ اِيسٽروجن (Estrogen) کي متحرڪ ڪري هڏن جي صحت کي برقرار رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. اهڙي صورتحال جنهن ۾ خواتين جي ماهواري بند ٿيڻ کان پوءِ ڪيتريون ئي طبعي تبديليون شروع ٿي وينديون آهن. ۽ اُهي صرف ”عمر“ جي وڌڻ سان واسطو نه رکنديون آهن، پر جسم اندر پڻ ڪجهه ڪيميائي تبديليون رونما ٿينديون آهن. جن ۾ خاص طور تي ڪيميائي رطوبتون (Hormones) جو وڏو عمل دخل هوندو آهي. ڪجهه خاص ڪيميائي رطوبتون گهٽ انداز ۾ پيدا ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڏن جي نشوونما پڻ گهٽجي ويندي آهي ۽ ڊگها هڏا خاص طور تي ٽنگن، ٻانهن ۽ گوڏن سميت جيڪي به آهن سي متاثر ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن منجهن اندر موجود گودو (Bone-Morrow) پڻ پنهنجي پيداواري صلاحيت کان محروم ٿيندو ويندو آهي. جنهن جي ڪري نوان رت جزا پڻ متاثر ٿيڻ جو خدشو وڌي ويندو آهي. اهڙي صورتحال کي اسان سائنسي لفظن ۾ هڏن جو نرم ٿيڻ ۽ ڀُرڻ چئي سگهون ٿا. Softening of bone)) تحقيقي تجربن ۽ مشاهدن مان معلوم ٿيو آهي ته اهڙي صورتحال جن ۾ خواتين ماهواري بند ٿيڻ کان پوءِ واري صورتحال يعني (Post-menopausal -situation) کي منهن ڏيئي رهيون هونديون آهن، انهن منجهه معدني بورون Boron Mineral)) اوسِٽوپوروسسز ((Osteoporosis کي دفاعي انداز ۾ سهارو ڏيندا آهن ۽ ايسٽروجن ((Estrogen وارين صلاحيتن کي برقرار رکندي مثبت طريقي سان ڄڻ ته ايسٽروجن ٿراپي (Estrogen Therapy) وانگر خواتين جي اندروني ڪيميائي تبديلين تي ڪنٽرول ڪري وٺندا آهن. بورون معدنيات خواتين لاءِ ڄڻ ته هڪ طِبّي نسخي تي مشتمل ٽانڪ ((Tonic جو ڪم سر انجام ڏيندا آهن. جيڪي قدرتي طور تي الله تعاليٰ پنهنجي ڪرم ۽ فضل سان اسان لاءِ تازي انگور ۽ پوءِ سڪل خشڪ ٿيل مُنقه جي صورت ۾ عطا ڪيا آهن.

[b]اينٽي آڪسيڊنٽ پروٽيڪشن فرام فينولس:
[/b](Antioxidant Protection from Phenols)
هن خاص ميوي ۾ موجود هيءَ ٻي خاصيت آهي. هن خاص قسم جي مرڪب فينول Phenol جي موجودگيءَ سببان، (جسم جي اندر، جيڪڏهن بدقسمتيءَ سان ڪڏهن خلين منجهه آڪسيجن سان ڪو اهڙو معاملو جيڪو ڪنهن ڪيميائي ردِ عمل جي صورت ۾ پيدا ٿي پوي.تنهن جي بچاءُ ۾ خاص دفاع ڪرڻ جي اهليت پيدا ڪرڻ). (انساني گهرڙن) خلين جي ڀڃ ڊاهه کي مؤثر طريقي سان روڪي سگهجي ٿو. الله تعاليٰ ڪيتريون ئي ڀاڄيون ۽ ميوا پيدا ڪيا آهن، جن ۾ قدرتي طور تي فينول ((Phenol ڀرپور انداز ۾ موجود آهي، جيئن مثال طور پريونس ۽ ايپريڪوٽس ((Prunes and Apricots، پر پوءِ منقهّ اُنهن سڀني کان وڌيڪ سرسي حاصل ڪري ورتي آهي. ۽ پهرين نمبر تي آهي. اينٽي آڪيسڊنٽ (Anti Oxidant Activity) کي روڪڻ لاءِ فينول بيحد ضروري هوندا آهن. فينول مرڪب اندر ٻيا مرڪب جهڙوڪ (هائيڊروآڪيسنامڪس (ڪاٽيرڪ ۽ قواٽيرڪ اِئسڊ) پروسائيناڊنس، ۽ فليون ols-3) جسماني جيوگهرڙن (خلين) جي حفاظت ڪن ٿا ۽ ڪنهن به اهڙي صورتحال جنهن ۾ آڪيسجن جي ڪميءَ سان جيوگهرڙن جي نشوونما ۽ ڪم ۾ رخنو پوڻ جو انديشو وڌي وڃي ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ جي طور تي ڪنهن مددگار جي ضرورت پوڻ وقت (فينول) ڀرپور انداز سان دفاع ڪن ٿا ۽ دفاعي صلاحيتن جي ڪري جسماني خلين جي ڀڃ ڊاهه جو عمل رڪجي وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح هيءُ مرڪب يعني فينول Phenol هڪ اينٽي آڪسيڊنٽ طور تي اُڀري اچي ٿو ۽ ڀرپور انداز ۾ جسماني خلين جي حفاظت ڪري ٿو.
These phenols including hydroxyl cinnamons (Cataract and coterie acids), prosyanodynes, and flovan-3-ols, provides antioxidant protaction to the human body cells.
هڪ طرف الله تعاليٰ (سڪل) خشڪ/انگورن کي معدني بورون سان مالا مال ڪيو آ ته ٻي طرف وري فينول مرڪب سان ٽمٽار ڪري ڇڏيو آ، جيڪي انساني صحت لاءِ بي انتها لازمي قرار ڏنا ويا آهن. خشڪ منقهّ جتي انساني جسم جي هڏن ۽ ڀُرڪندڙ هڏن، Bone and Cartilage)) لاءِ بي حد مفيد ثابت ٿيا آهن، ساڳي وقت انساني جسم جي اهم عضوي وات ۽ ان منجهه موجود ڏندن ۽ مهارن لاءِ پڻ مفيد آهن. توڙي جو منقهّ بي حد، مٺا ۽ چمڪندڙ (Sweet and Sticky) هوندا آهن، پر ان جي باوجود اُهي وات ۾ ڪنهن به قسم جي ڏندن جي بيماري نٿا ڦهلائين، پر برعڪس ان جي پاڻ وڌيڪ ڏندن ۽ وات کي صاف رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا آهن ۽ وات جي ”صحت ۽ صفائي“ (Oral Health and Hygine) ۾ وڌيڪ حصو وٺن ٿا. هنن ۾ موجود لينولڪ ائسڊ Lanolic acid) (وات جي اندر مُهارن ۾ بئڪٽريا کي ماري ناس ڪري ٿي. اهي بئڪٽريا جي مارجي نه وڃن ته هوند اڳتي هلي ڪيترين ئي وات جي بيمارين جو سبب بڻجي سگهن ٿا. هنن بئڪٽريا جي ڪري مهارن جي وچ ۾ خال (Cavities) بڻجڻ شروع ٿي وينديون آهن.
The acid is highly effective in drilling the Bactria that cause, cavities (Straptocaucusmatins and periodontal dental disease) pro phyromouas gingival.
ان سان گڏوگڏ منقهّ ۾ جيڪي کنڊ جا قسم موجود آهن، سي آهن فرڪٽوز (Fructose) ۽ گلوڪوز Glucose)) جيڪي ڪڏهن به خال Cavities)) نٿا پيدا ڪن، جڏهن ته سڪروز Sucrose)) وڏي پيماني تي وات جي اندر ڏندن ۽ مهارن لاءِ بيماري جي علامت ثابت ٿين ٿا. ۽ وات جي صحت ((Oral Health کي نقصان پهچائڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ ڪيتريون ئي وات جون بيماريون Oral Disease)) ڦهلائڻ ۾ مددگار ٿين ٿا.
* * *

جَوَ Barley

حضرت بيبي عائشهؓ جن کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن جي اهلِ خانه (گهر ڀاتين) منجهان جيڪڏهن ڪو بيمار ٿي پوندو هيو ته حڪم ٿيندو هيو ته مريض لاءِ جوَ جو ٻاٽ (دليو) (Barley)، تيار ڪيو وڃي پوءِ فرمائيندا هئا ته جوَ بيمار جي دل تان غم جو غبار هٽائين ٿا ۽ اُن جي ڪمزوريءَ کي اِئين ختم ڪن ٿا، جيئن ڪو پنهنجي چهري کي پاڻيءَ سان ڌوئي مٽيءَ ۽ غلاظت کي صاف ڪري لاهي ڇڏيندو آهي. جوَ جي غذائي اهميت هيٺ ڏنل چارٽ منجهان حاصل ڪري سگهجي ٿي.

هڪ ڪپ جوَ تقريباً (157gm)، ٽوٽل ڪئلوريز 193 فراهم ڪري سگهي ٿو. منجهس ڪيترائي وٽامنس ۽ معدنيات موجود آهن.

Total Calories from one cap (157g) of barley Provides:
ڪئلوريز هڪ سؤ ٽيانوي 193 Calories
فوليٽ پنجويهه ڏهائي هڪ ملي گرام 2 5.1mg Float
ڪئلشيم سترهن ڏهائي ٽي ملي گرام 17.3 mg Calcium
آئرن (لوهه) ٻه ڏهائي هڪ ملي گرام 2.1 mg Iron
ٽامو زيرو ڏهائي ٻه ملي گرام 0.2 mg Copper
غذائي فائبر ڇهه ڏهائي زيرو ملي گرام 6.0 gm Dietary Fiber
سيلينيم تيرهين ڏهائي پنج ملي گرام 13.5mg Selenium
پائريڊوڪسن زيرو ڏهائي ٻه ملي گرام 0.2 mg Pyridoxine
مئگنيز زيرو ڏهائي چار ملي گرام 0.4mg Manganese
فاسفورس چوراسي ڏهائي اٺ ملي گرام 84.8 mg Phosphorus
جوَ (Barley)هڪ عجيب و غريب ۽ مختلف قسم جي اهميت جو حامل اهڙو اناج آهي جنهن جي خوشبو مڱ ڦلي (بوهي مڱ) جهڙي ۽ منجهس موجود (Glutein) گلوٽين پروٽين جي ڪري ليسدار ۽ وات ۾ چپڪندڙ (Chewy)، بلڪل ائين جيئن کائڻ کان پوءِ پاسٽا جو ذائقو ۽ اسٽائل لڳندو آهي. جوَ قدرتي طور تي مالٽوز کنڊ (Maltose Sugar) سان ڀرپور آهن. مالٽ (Malt) کنڊ مٺين شين ۽ کاڌن کي وڌيڪ مٺي ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي ۽ ساڳي وقت جڏهن هن جو خمير ٺهندو آهي ته پوءِ بنيادي جزي طور، مشروبات (Beverages) ۾ به استعمال ڪبو آهي.
جَوَ، آنڊي جي حفاظت ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪوليسٽرول ليول کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏين ٿا. هڪ طرف هي کاڌي جو بهترين حصو فائبر(Fiber) جي صورت ۾ ڏيئي ڪري ٺوس غذا فراهم ڪن ٿا ۽ ٻي طرف گڏوگڏ اخراجي سرشتي جي مدد ڪندي(Transit time of fecal matter) وقت سر خارج ٿيڻ ۾ مدد ڪن ٿا. جَوَ جسم جي ڪوليسٽرول ليول کي پڻ گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. گڏوگڏ آنڊي جي ڪينسر ۽ موڪن کي روڪين ٿا.(Colon cancer and hemorrhoids) جَوَ جا ريشيدار غذائي جزا(Dietary Fiber)، وڏي آنڊي اندر پروپائيونڪ ائسڊ(Propionic acids) پيدا ڪندڙ، ”ماحول دوست“ بئڪٽيريا لاءِ خوراڪ مهيا ڪن ٿا. اُهي بئڪٽيريا انساني آنڊي جي صحت لاءِ تمام ڪار آمد هوندا آهن. ڇو ته اُهي بئڪٽيريا وري اينزائم نالي(H M G-COA reducatse) کي روڪڻ ۾ مدد ڪندا آهن. ڇو ته هيءُ انيزائم وري جيري منجهان ڪوليسٽرول کي پيدا ڪندو آهي. ان ڪري انهن ماحول دوست(Friendly) بئڪٽيريا جو هجڻ به هڪ طرح لازمي آهي. ان طرح جوَ(Barley) جي مدد سان ماحول دوست بئڪٽيريا کي وڌائي پروپائيونڪ ائسڊ جي موجودگي يقيني بنائڻ کان پوءِ ريڊڪٽيز(Reductase) اينزائم کي پيدا ٿيڻ کان روڪي ٿو ۽ موٽ ۾ وري ڪوليسٽرول جنهن کي جيرو تيار ڪري ها. سو عمل رڪجي وڃي ٿو. جوَ هڪ طرف ٺوس غذا(Fiber) جي صورت ۾ کاڌو فراهم ڪن ٿا ته ٻي طرف هن منجهان اسان کي تمام ضروري وٽامنس ملن ٿيون. وٽامن بي(Vitamin B) مان اسان کي تمام ضروري مُرڪب نِياسن(Niacin) ملندو آهي. جيڪو دل جي دوري سان گڏوگڏ دل جي اندروني ساخت ۽ رت جي نالين جي سرشتي جي اندروني ساخت يعني ته ڪارڊيو ويسڪيولر(Cardiovascular system) سرشتي کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ ۾ مدد ڏي ٿو. مجموعي طور تي جوَ اسان کي آرٿرواسڪيلروسز(Arthrosclerosis) کان بچائين ٿا. آرٿيرواسڪيلروسيز جي معنيٰ آهي، (رت جي نالين جو سرشتو ۽ ان سان گڏ دل جي اندروني ساخت). ان کان علاوه جوَ اسان کي صبح جي نيرن لاءِ بهترين غذا طور ساٿ ڏيندڙ ثابت ٿي سگهن ٿا. ڇو ته تمام آساني سان جلدي ۾ تيار ٿين ٿا. اهڙا ماڻهو جيڪي ذيابيطس ٽائيپ ٽو(Diebetics type-2) کان متاثر ٿيل هوندا آهن تن لاءِ به هي جوَ بهترين ناشتو فراهم ڪن ٿا. بئليٽس ولا(Beltsville) جي هڪ زرعي ليبارٽريءَ ۾ ريسرچ سروس دوران غذا(Diet) ۽ انساني پرفارمنس(Human-performance) تي تحقيق دوران اهو مشاهدو ڪيو ويو ته جوَ، گلوڪوز ۽ انسيولن(Glucose and Insulin) جي اثرات کي تمام گهڻي انداز ۾ گهٽ ڪن ٿا، جڏهن ته ساڳي وقت ”مڪئي“(Oats) ۾ اها خاصيت تمام گهٽ آهي. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ممڪن آهي. ڇو ته جوَ اندر جيڪو فائبر(Fiber) آهي سو حل پذير(Soluble) آهي. هڪ طرف جوَ ذيابطيس کي ڪنٽرول ڪن ٿا ته ٻي طرف وري پتي جي پٿري ٺهڻ(Galstones) کي به روڪڻ ۾ ڀرپور حصو وٺن ٿا. آمريڪا ۾ هڪ ريسرچ دوران اهو ڏٺو ويو ته اهي ماڻهون جيڪي جوَ(Barley) ۽ جوَ فائبر(Barley Fiber) استعمال ڪري رهيا هئا تن منجهه 13% پتي جي پٿري گهٽجي وڃڻ جو امڪان نظر آيو. جرنل آف گيسٽرو اينيٽرولاجي(Journal of Gastroenterology) سال 2004ع جي جولاءِ واري شماري ۾ ان ريسرچ جا پٿري نه ٺهڻ جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا ۽ ٻڌايو ويو ته جوَ جو استعمال پِتي جي پٿري روڪڻ لاءِ نهايت موزون آهي ۽ پٿري روڪڻ جا(13%) تيرنهن سيڪڙو امڪانات گهٽجي وڃن ٿا. اهڙي غذا ۽ کاڌا واپرايا وڃن. جن جو فائبر(Fiber) حل پذير نه هجي ته پوءِ اهڙيءَ صورتحال ۾ جوَ(Barley) پِتي جي پٿري کان بچائي سگهن ٿا.
منهنجا پسنديده جملا:

* ڇا واقعي ائين ٿيندو آهي؟
* زبان جا تيز ۽ جلد ڪاوڙ (غصي) ۾ اچڻ وارا ماڻهو عموماً بي ضرر ۽ دل جا صاف سٿرا هوندا آهن.
جيڪي ظاهر طور ”غصو“ ڏيکاري پنهنجي (من) دل کي هلڪو ڦلڪو ڪري وٺندا آهن، ليڪن پنهنجي مخالف کي ٻيو ڪوبه نقصان نه پهچائيندا آهن. جڏهن ته مٺي زبان ۽ جذبات کي هڪ زهريلي مسڪراهٽ سان اندر ۾ لڪائي، دل ۾ دشمنيءَ جو جذبو رکڻ وارا ڏاڍا خطرناڪ زهريلي نانگ وانگر هوندا آهن، جيڪي پٺيان لڪي حملو ڪري مخالف کي هيٺ پاتال ۾ ڪيرائي وجهندا آهن.
* اعتبار ۽ اعتماد ورهين ۾ جڙندو آهي، لمحن ۾ ڀرندو آهي، ۽ سڄي عمر سندس مرمت ۾ لڳي ويندي آهي.
* غم کائو ۽ غصي (ڪاوڙ) کي پي ڇڏيو.
* ٻار ٻالڪپڻو، ڇڏي جڏهن بلوغت ڏانهن وڌندا آهن ته ان عمر جي ٻارن جو ذهن آئيني مثل هوندو آهي، جنهن ۾ والدين جي روين جو عڪس اُڀري سندن ناپخته ذهن تي نقش ٿي ويندو آهي. اڳتي هلي هو والدين جي نقشِ قدم تي هلڻ لڳندا آهن.
*

سُرڪو Vingar

سُرڪو جيڪو عام طور تي ”سلاد“ ۾ ڪتب آڻبو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڀاڄين ۽ ٻوڙ ۾ به استعمال ٿيندو آهي. سُرڪو نشاستي کي خمير بڻائي حاصل ڪيو ويندو آهي.(Vinegar is produced by fermentation of starch) سُرڪي جا بي انتها فائده آهن نه صرف سلاد ۽ کاڌن ۾ پر آچار/ کٽاڻ ٺاهڻ ۾ به نهايت اَهم جزي طور استعمال ٿيندو آهي. سُرڪي جي متعلق رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو فرمان آهي. جنهن گهر ۾ سُرڪو هوندو اتي غربت نه ايندي ۽ اهو گهر غريب نه هوندو. هڪ دفعي حضرت اُمِ سَعد رضّه جن، حضرت بيبي عائشه رضه جن وٽ موجود هيون. ۽ حضرت عائشه رضه جن وٽ رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن تشريف فرما ٿيا هئا. پاڻ فرمايائون ته، توهان وٽ ڪجهه کائڻ لاءِ آهي ته بيبي جن جواب ۾ فرمايو ته هائو اسان وٽ ماني، کارڪون ۽ سرڪو آهي. پاڻ فرمايائون ته سُرڪو بهترين ٻوڙ آهي. اي الله تون هن ۾ برڪت وجهه ڇو ته مون کان اڳ وارن نبين جو به هيءُ ٻوڙ پسنديده هيو. (ابنِ ماجه) ثابت ٿيو ته سرڪو بيمثال ۽ بيشمار خاصتين جو حامل آهي. هڪ ڪوپ (238gram) سُرڪي ۾ هيٺان جزا مخصوص ڪئلوريز ۾ موجود هوندا آهن.
سُرڪي جي هڪ ڪوپ (238 گرام) وزن منجهان هيٺين ڏنل چارٽ مطابق اسان کي ڪئلوريز حاصل ٿي سگهن ٿيون.


ڪئلوريز ٻائيتاليهه ڏهائي اٺ ملي گرام 42.8 mg Calories
ڪئلشيم چوڏهين ڏهائي ٽي ملي گرام 14.3 mg Calcium
سوڊيم چار ڏهائي اٺ ملي گرام 4.8 mg Sodium
ٽامو زيرو ڏهائي ڇهانوي ملي گرام 0.96 mg Copper
مئگنيشيم ٻه ڏهائي چار ملي گرام 2.4 mg Magnesium
فاسفورس نو ڏهائي پنج ملي گرام 9.5 mg Phosphorus
پوٽيشيم چار ڏهائي اٺ ملي گرام 4.8 mg Potassium
سيلينيم هڪ ڏهائي ٻه ملي گرام 1.2 mg Selenium
هاڻي اچو ته اسين ڏسون ته سُرڪي منجهه اِهڙا ڪهڙا جزا موجود هوندا آهن جو ان کي ايڏي اهميت حاصل آهي

[b]سُرڪي جا طِبّي فائده
[/b]سُرڪو دل جي بيمارين ۽ ”ٿڪاوٽ“(Heart disease and fatigue) کي دور ڪرڻ ۾ بهترين معاون ثابت ٿيو آهي. سُرڪو استعمال ڪرڻ سان ٻن ڪلاڪن جي اندر ٿڪاوٽ ختم ٿي وڃي ٿي. هي خاص قسم جي خاصيت سُرڪي ۾ موجود سٽرڪ ائسڊ جي ڪري آهي جيڪا رت جي ڪارڪردگي وڌائي ٿي ته جيئن آڪسيجن وڌيڪ ڀرپور انداز ۾ جذب ڪري سگهي. دل جي بيماري ۾ مبتلا ماڻهو، سُرڪي ۾ موجود سِٽرڪ ائسڊ(Citric Acid) جي فوري طور تي استعمال سان، تمام گهڻو فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ ذهني دٻاءُ(Stress) جيڪو هو محسوس ڪندو آهي. ان تي تڪڙو ڪنٽرول حاصل ڪري وٺندو آهي، ڇو ته ڪوبه انسان جيڪو دل جي بيماري ۾ مبتلا هوندو آهي. ان جي رت ۾ آڪسيجن جي ڪمي ضرور موجود هوندي آهي. ان ڪري ان ماڻهوءَ جي رت ۾ ليڪٽڪ(Lactic) ۽ پائروايسيمڪ اِئسڊ(Pyroacemic acid) جمع ٿي وڃن ٿيون. جن جي ڪري رت جو رنگ ڪاراڻ مائل ٿي ويندو آهي. (Due to lack of oxygen, blood become black and viscous) ۽ گڏوگڏ رت جي گهاٽائي پڻ وڌي ويندي آهي ان جي نتيجي ۾ انسان ”ٿڪاوٽ“ محسوس ڪرڻ لڳندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو دل جي بيماري ۾ ورتل ماڻهون ٻين عام ماڻهن کان وڌيڪ جلدي ٿڪجي پوندو آهي. ان صورتحال ۾ جيڪڏهن ماڻهون جلدي ۾ سٽرڪ ائسڊ جو استعمال ڪندو ته سندس رت ۾ شامل ليڪٽڪ ۽ ٻيون پائروايسيمڪ ائسڊ وغيره ختم ٿيڻ شروع ٿي وينديون ۽ ان طرح رت ۾ آڪسيجن جذب ڪرڻ جي صلاحيت وڌي وڃڻ ڪري. انسان آرام محسوس ڪرڻ لڳندو. اهو ئي سبب آهي جو دل جي تڪليفن ۽ بيمارين کي ختم ڪرڻ لاءِ سُرڪي جو استعمال تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيو آهي. سُرڪو جتي دل جي تڪليفن کي گهٽائڻ جو باعث بڻجي ٿو. ته ساڳي وقت جسم اندر تيزابيت کي به دور ڪري ٿو. جڏهن جسم جو اندريون ماحول ۽ رطوبتون پنهنجي نارمل طريقي سان يعني بفرسسٽم نارمل(Ph 7.4) هوندو آهي ته جسم جو دفاعي سرشتو بهتر انداز ۾ ڪم ڪندو آهي، بخار واري ڪيفيت توڙي جو ڦٽ کي ڇٽائڻ واري طاقت، ٻنهي لحاظ کان جسم جي قوت مدافعت نارمل رهندي آهي. اهو سڀ ڪمال سُرڪي جو آهي. جنهن جي ڪري رت جو بفرسسٽم نارمل(Ph 7.4) قائم دائم رهي ٿو ۽ جسم بخار جي ڪيفيت کان بچيل رهي ٿو. هوند جيڪر انساني جسم منجهان ٿڪاوٽ ڪڏهن به ختم نه ٿي سگهي. جيڪا روزانو ڪنهن نه ڪنهن ذهني دٻاءُ جي نتيجي ۾ پيدا ٿي پوندي آهي، جيڪڏهن جسم جي اندر موجود رطوبتون پنهنجي بفرسسٽم کي نارمل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي پون. تيزابيت جڏهن وڌي ويندي آهي ته انسان پاڻ کي بيمار سمجهندو آهي اهڙي ڪيفيت کي بحال رکڻ ۾ سٽرڪ ائسڊ(Citric acid) يعني سرڪي جو اهم ڪردار رهندو آيو آهي. سُرڪو گهڻي ڀاڱي بئڪٽيريا ۽ فنگس،(Bacteria and fungs) کي ختم ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيو آهي. سُرڪي منجهه اهڙا جزا موجود آهن جيڪي آساني سان جيوڙن کي ختم ڪري هميشه لاءِ ماري ڇڏن ٿا. خاص طور تي جڏهن رانديگر راندين ۾ مصروف هوندا آهن تڏهن مٽيءَ منجهان بي شمار جيوڙا پيرن تي چنبڙي ڪري ڦٽ ۽ ڦرڙا پيدا ڪري وجهندا آهن. پيرن کي سُرڪو مليل پاڻيءَ ۾ ڏينهن ۾ هڪ دفعو پسائڻ سان جسم جي چمڙي جي ذريعي جسم اندر چمڙي جو بفرسسٽم(Ph Level) نارمل ٿي ويندو آهي ۽ موٽ ۾ پيرن تي ڪوبه جيوڙو اثر انداز نه ٿي سگهندو آهي. سُرڪي جو استعمال ڳڍڙين(Calf and leg cramps) کي پڻ روڪڻ ۾ مدد ڪري ٿو. جڏهن جسم اندر پوٽاشيم ليول(Potassium level) جي گهٽتائي ڪري اڪثر و بيشتر ڳڍڙيون پونديون آهن ته ان صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ پڻ هڪ چمچو سُرڪي جو جيڪڏهن سڌو سنئون(Oraly) پيتو وڃي ته فوري طور تي مشڪن اندر پيدا ٿيندڙ(Muscle cramps) رُڪجي سگهن ٿا.
* * *

انجير Figs

حضرت ابو دالدر داءِ رضه جن کان روايت آهي ته هڪ مجلس ۾ رسول الله صلعم جن فرمايو ته هي جيڪي توهان انجير ڏسو ٿا، سي تمام گهڻي اهميت وارا آهن ۽ جيڪڏهن ڪوئي چوي ته جنت مان زمين تي ڪو ميوو اچي سگهي ٿو ته پوءِ يقيناً هيءُ اهو ساڳيو ”ميوو“ آهي. هي انجير بلاشبه جنت جو ميوو آهي، هن ميوي جو استعمال ڪريو ڇو ته هيءُ بواسير کي ختم ڪري ڇڏن ٿا ۽ سنڌن جي سور يعني (هڏن جي سور) (جنهن کي اردو ۾ گهٽيا کان درد) سڏجي ٿو ۾ پڻ مفيد آهن. (ابوبوڪر الجوزي).

[b]انجير کائو ۽ صحت برقرار رکو
[/b]
حديث مُبارڪ ۾ بيان ٿيل آهي ته هڪ دفعي پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ هڪ وڏو ٿالهه انجيرن جو ڀري پيش ڪيو ويو. جنهن کي ڏسي پاڻ سڳورن اصحاب جن کي ارشاد فرمايو ته توهان سڀ اهي انجير کائو، پيٽ ڀري کائو. وڌيڪ فرمايائون ته جيڪڏهن ڪو پڇي ته ڇا ڪو ميوو جنت منجهان زمين تي اچي سگهي ٿو ته بلاشبه انجير جنت جو ميوو آهي. هيءُ ”ميوو“ بواسير کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ سنڌن جو سور پڻ گهٽائڻ ۾ فائدو ڏي ٿو. انجير کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن جو ذڪر نه صرف قرآن پاڪ ۾ آيو آهي بلڪه الله تعاليٰ هن جو قسم به کنيو آهي ۽ مذڪوره سورة جو نالو به هن ميوي جي نالي تي آهي. هن ميوي ۾ پروٽين (لحميات)، سوڊيم، پوٽيشم، مئگنيشم، آئرن، ٽامو، فاسفورس، گندرف ۽ ڪلورين جي موجودگي انساني صحت لاءِ بي انتها فائديمند آهي. حڪيم ڪيترين ئي صدين کان وٺي، هن ميوي کي دائمي قبض، جسم جي سور ۽ بواسير، وغيره لاءِ استعمال ڪندا پيا اچن. ”انجير“ ميوي جي خاصيت آهي ته هن ۾ ريشو بلڪل به نه ٿيندو آهي. ان ڪري هيءُ جلدي هضم ٿي ويندو آهي ۽ معدي ۽ آنڊي تي بار نه وجهندو آهي انڪري آنڊي جو ڪم ڪار بلڪل درست انداز ۾ ٿيندو رهندو آهي. جنهن ڪري مجموعي طور تي نظام هضم جو سرشتو بهتر نموني هلندو رهي سگهي ٿو.

[b]انجير جي غِذائي اهميت ۽ خاصيت (Nutritional Facts)
[/b]انجير کي انگريزي ۾ فِگس (Figs) سڏجي ٿو. بناوت ۾ هي تمام ديده زيب ۽ کائڻ ۾ مٺو، نرم ۽ ملائم، چٻاڙڻ ۾ آسان ۽ ساهه کي ذائيقيدار خوشبو ڏيندڙ انجير اندر ايترا ته ننڍڙا ۽ نرم ٻج موجود هوندا آهن، جو کائڻ دوران بيحد لذت ۽ فرحت بخش آواز سان گڏوگڏ اهڙو ته مترنم آواز پيدا ٿيندو آهي، جو دل چوندي آهي ته اڃان به وڌيڪ انجير کائيندو وڃجي. تازا انجير اُس ۾ به سڪائبا آهن ۽ تجارتي بنيادن تي مصنوعي طريقن سان خشڪ ڪري رکيا ويندا آهن. جن کي سڄو سال استعمال ڪري سگهجي ٿو.
هڪ سو اڻونجهاه گرام (149g) يعني هڪ ڪوپ انجير اندر اسان کي ڪل ٽوٽل ٽي سو ايڪهتر (371) ڪئلوريز ملن ٿا، جن جو وچور هيٺينءَ ريت آهي:
Total Calories 149gm
وٽامن اَي چوڏهن ڏهائي نو 14.9U Vitamin A
وٽامن اِي زيرو ڏهائي پنج ملي گرام 0.5mg Vitamin E
وٽامن ڪي ٽيويهه ڏهائي ٻه ملي گرام 23.2mg Vitamin K
فوليٽ تيرهي ڏهائي چار ملي گرام 13.4mg Foliate
ڪئلشيم ٻه سؤ ايڪيتاليهه ملي گرام 241mg Calcium
پوٽاشيم هڪ هزار تيرهن ملي گرام 1013mg Potassium
مئگنيز زيرو ڏهائي اٺ ملي گرام 0.8mg Magnesium
فولاد ٽي ڏهائي زيرو ملي گرام 3.0mg Iron
فاسفورس نوانوي ڏهائي اٺ ملي گرام 99.8mg Phosphorus
جست زيرو ڏهائي اٺ ملي گرام 0.8mg Zinc
سيلينيم زيرو ڏهائي نو 0.9mcg Selenium
مٿي ڏنل چارٽ منجهان اهو سمجهڻ بلڪل به مشڪل نه آهي نه انجير جهڙي خوبصورت ميوي اندر الله تعاليٰ ڪيترا نه اهم جزا شامل ڪري رکيا آهن. جن جو سڌي توڙي اڻ سڌي طور انساني صحت تي مڪمل ۽ بهترين اثر ثابت ٿيو آهي. انجير رت جي دوري کي نارمل رکڻ سان گڏوگڏ رت جي پريشر (Blood Pressure) کي پڻ ڪنٽرول ڪن ٿا ۽ پريشر وڌي وڃڻ واري صورتحال کي منجهن موجود پوٽاشيم معدنيات رت جي پريشر وڌڻ کان روڪي نارمل ليول تي آڻڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي. هڪ مطالعاتي ورڪشاپ جنهن کي ڊائيٽري ايپروچيز ٽو اسٽاپ هائپرٽنشن (Dietary approaches to stop hyper-tension) جو نالو ڏنو ويو. تنهن ۾ ٻه گروپ ٺاهيا ويا. هڪ اهو گروپ جن کي صرف ڀاڄي ۽ ميوو بشمول انجير کارايا ويا ۽ ٻيو گروپ جن جي غذا ۾ ڀاڄيون ۽ ميوو گهٽ ۽ سڻڀ واري غذا وڌيڪ شامل هئي اٺ هفتن بعد جيڪي نتيجا اخذ ڪيا ويا تن ۾ واضع فرق نظر آيو جنهن گروپ ميوو ۽ ڀاڄيون واپرايون انهن ماڻهن جو بلڊپريشر (Blood Pressure) مڪمل طور تي ڪنٽرول ۾ نظر آيو. سراسري طور تي (5.5) سيسٽولڪ (Systolic) ۽ دوري کي ڪنٽرول ۾ رکڻ سان گڏوگڏ وزن کي گهٽائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. وزن کي گهٽائڻ جو هيءُ هڪ اهڙو ته سٺو ۽ مٺو انداز آهي. جنهن کي واپرائڻ سان انسان پنهنجي وزن کي تمام آرام سان ڪنٽرول ۾ رکي سگهي ٿو. ڇو ته انجير کي کائڻ سان اسان کي هڪ بهترين غذائي فائبر مهيا ٿئي ٿو. جيڪو سڌيءَ طرح وزن کي وڌائڻ بنا خوراڪ منجهان ضروري ۽ اهم غذائي جزا آسانيءَ سان مهيا ڪري ٿو.
* * *

ماکي Honey

ماکيءَ جي مک منجهان حاصل ٿيندڙ ماکي صحت لاءِ نهايت ئي ضروري سمجهي ويندي رهي آهي. زمانهءِ قديم کان ماکيءَ جي افاديت لکي ۽ پڙهي ويندي رهي آهي.
هڪ هنڌ حضرت ابوهُريره رضه جن کان روايت آهي ته حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: اي انسانو توهان لاءِ ماکي ڄڻ ته هڪ آسماني تحفو آهي، جيڪو شخص هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ ٽي چمچا صبح جو ماکي چٽيندو ته هن کي ان مهيني ۾ ڪابه وڏي بيماري نه ٿيندي. (ابن ماجه) حضرت عبدالله بن مسعود رضه جن کان روايت آهي ته حضور صلعم جن فرمايو: اي انسانو توهان لاءِ شفا جا ٻه مظهر آهن، قرآن شريف ۽ ماکي (ابن ماجه). سبحان الله

[b]ماکيءَ جي غذائي اهميت: (Nutritional Facts)
[/b]ماکي صحت جي لاءِ ڄڻ ضمانت آهي، آرام سان هضم ٿيندڙ ۽ قدرتي طاقت (Energy rich fuel) سان ڀرپور ٿئي ٿي. هن ۾ ڪاربوهائيڊٽس (نشاستو) پروٽين، ليپڊس (Lipids)، متحرڪ ڪندڙ جُزا اينزائم (Enzymes) ۽ وٽامنس (Vitamin)، ڀرپور انداز ۾ موجود آهن، هڪ ڀريل چانهه وارو چمچو ماکيءَ جو اسان کي هيٺين ريت ڪئلوريز فراهم ڪري ٿو. (One Tea spoon full of honey Provides).

ڪئلوريز ٽي سَوَ چار 304 Calories(T)
وٽامن سي زيرو ڏهائي پنج ملي گرام 0.5mg Vitamin C
فوليٽ ٻه ڏهائي زيرو ملي گرام 2.0mg Foliate
نياسين زيرو ڏهائي هڪ ملي گرام 0.1mg Niacin
ڪئلشيم ڇهه ڏهائي زيرو ملي گرام 6.0mg Calcium
فولاد (آئرن) زيرو ڏهائي چار ملي گرام 0.4mg Iron
مئگنيشيم ٻه ڏهائي زيرو ملي گرام 2.0mg Magnesium
فاسفورس چار ڏهائي زيرو ملي گرام 4.0mg Phosphorus
فلورائيڊ ست ڏهائي زيرو ملي گرام 7.0mg Fluoride
جست زيرو ڏهائي ٻه ملي گرام 0.2mg Zinc

[b]ماکيءَ جي طِبّي نُقطئه نظر کان اهميت ۽ افاديت
[/b]
ماکي جنهن کي اُردوءَ ۾ ”شهد“، عربيءَ ۾ ”نحل“، پنجابيءَ ۾ ”شهت“ ۽ انگريزيءَ ۾ (Honey) سڏيو وڃي ٿو، تنهن جي اهميت ۽ افاديت طِبّي نُقطئهِ نظر کان تمام اهم آهي. ماکيءَ جو ذڪر قرآن شريف ۾ موجود آهي ۽ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن پڻ ڪيترن ئي موقعن تي بيشمار فائدا ٻڌايا آهن. ڪيترين ئي حديثن مُبارڪن ۾ ماکيءَ جي مک ۽ ماکيءَ جو احوال ملي ٿو. جهڙيءَ طرح ماکيءَ جي مکِ گڏيل ”ڀائيچاري“ ۽ ”حڪمت عملي“ جو بي مثال نمونو پيش ڪري ٿي ۽ محنت ۽ همت جو لازوال نمونو پيش ڪري ٿي، ساڳيءَ ريت سندس محنتن جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ ”ماکي“ پڻ ”بي شمار“ فائدن ڏيڻ ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي. اسان سڀني کي خبر آهي ته ماکيءَ جي مک ”ماکي“ ٺاهڻ دوران يعني پنهنجي ماناري کي جوڙڻ دوران ڪيتري نه جفاڪشيءَ کان ڪم وٺي ٿي ۽ پوءِ آخر ۾ اُن ”ماناري“ ۾ گڏ ٿيندڙ ”ماکي“ ڪيئن نه مخلوقِ خدا لاءِ ڪارائتو ڪم ڏئي ٿي. اِها مک هڪ طرف محنت، همت ۽ جفاڪشيءَ جو سبق ڏئي ٿي ته ٻئي طرف بني نوع انسان لاءِ بيحد مفيد ۽ ڪارآمد ”محلول نما“ ماکي پيدا ڪري ڏئي ٿي. ان ماکيءَ جهڙو ڪو به نعم البدل پيدا نه ٿي سگهيو آهي.
”ماکي“ مزاج جي لحاظ کان ”گرم“ ٿيندي آهي. انڪري گهڻي ڀاڱي سياري جي مند ۾ استعمال ڪبي آهي، پر جيڪڏهن اسان طِبيّ نُقطئه نظر کان اڀياس ڪنداسين ته اسان کي خبر پوندي ته ”ماکيءَ“ جو استعمال ڪيڏو نه مؤثر ۽ افاديت (ڪارآمد ۽ فائده بخش) وارو آهي. قرآن مجيد ۾ ماکيءَ جو ذڪر سورة ”نحل“ ۽ سورة ”تحريم“ ۾ موجود آهي. سورة ”نحل“ ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته ”هن ۾ ماڻهن لاءِ شفا آهي.“ جيڪڏهن ماکيءَ جي ”جزن“ جو جائزو ورتو وڃي ته خبر پوندي ته هن ۾ پاڻي، گلوڪوز، ميون جي رس (پاڻياٺ/عرق) ۽ روغني جزن سان گڏ رنگدار مادو مليل هوندو آهي، ۽ تمام ٿوري مقدار ۾ حياتين ”ب“ يعني (Vitamin B) ڪمپليڪس (Complex)، جا قسم پڻ موجود هوندا آهن. معدنيات منجهان هن ۾ ايلومينيم، چن جا مرڪب، ڪلورين، ٽامو، لوهه (فولاد)، ميگنيشيم، مئگنيز، فاسفورس، پوٽاشيم، سوڊيم ۽ گندرف پڻ موجود هوندا آهن. هيءَ يعني ”ماکي“، دل و دماغ، معدي ۽ جگر کي بي انتها قوت بخشيندڙ شيءِ آهي. ماکي رت اندر ڳاڙهن جزن يعني (Red Cells) ۾ پڻ اضافو ڪري ٿي. اصلي خالص ماکيءَ ۾ قدرت اها خاصيت رکي آهي ته اُن منجهه جراثيم (germs) اندر بلڪل به داخل نٿا ٿي سگهن ۽ جيڪڏهن ڪوشش ڪندا ته پاڻمرادو ختم ٿي ويندا. خوردبيني مشاهدي جي دوران ان ڳالهه جي تحقيق ڪئي وئي آهي ته خالص ماکيءَ سان 48 ڪلاڪن اندر ٽائيفائيڊ جراثيم کي ختم ڪري سگهجي ٿو، بشرطيڪ اهو لازمي آهي ته ماکي اصلي ۽ خالص هجي. ان تحقيق جي تصديق به ڪئي وئي آهي ته ماکي نوَن ۽ پراڻن زخمن کي ختم ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڏيندي آهي. سوڄ ۽ ورم کي پڻ زائل ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي آهي. عهدِ قديم کان وٺي عهدِ جديد تائين سڀني سائنسدانن ماکي جي ”شفائي“ اثرات کي مڃيو (تسليم) ڪيو آهي. نزلي ۽ زڪام واري صورت ۾ ماکيءَ جا ٻه چمچا، اڌ ليمي جي رس سان گرم پاڻيءَ ۾ يا وري چانهه جي پتي (قهوه) واري پاڻيءَ ۾ ملائي پيئڻ سان فوري طور تي آرام اچي ويندو آهي. اعصابي ٿڪ ٿئي ته ان ۾ به جيڪڏهن نيم گرم پاڻيءَ ۾ ٻه چمچا ماکي ملائي پيئبو ته فوري طور تي آرام اچي ويندو ۽ ٿڪاوٽ دور ٿي ويندي ۽ قوت بحال ٿي ويندي آهي. اڄ ڪلهه ڪيتريون ئي بيماريون جگر جي خرابي ڪري پيدا ٿي رهيون آهن. جيڪڏهن پنهنجي روزاني غذا (خوراڪ) ۾ ماکيءَ کي شامل ڪيو وڃي ته هوند ڪيترين ئي بيمارين کان بچاءَ ممڪن ٿي سگهي ٿو. ماکي ”گردن“ جي تڪليف ۾ به باعثِ شفا ثابت ٿي سگهي ٿي. دراصل ماکي ”دوا“ به آهي ۽ ”غذا“ به آهي. هن سان ساهه جي تنگي دُور ٿئي ٿي ۽ بلغم کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ پڻ مدد ڏئي ٿي. حافظي کي قوت بخشي ٿي ۽ تيز ڪري ٿي. کنگهه، فالج، لقوه، اکين جي مختلف مرضن، ڪن جي تڪليف وغيره ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. معدي جي تڪليف هجي، توڙي زخم هجي، خون جي خرابي هجي يا وري پيٽ ۾ ڪيڙا هجن، يرقان هجي، يا تريءَ ۾ سوڄ هجي، دماغي مرض هجي، يا وري هڏن جي تڪليف هجي، مونجهه ۽ اوڪارا محسوس ٿين، هر تڪليف ۾ ماکيءَ جي استعمال کي مفيد ۽ ڪارائتو سمجهيو وڃي ٿو.
سياري جي موسم هجي يا وري گرميءَ جي، ماکي هر موسم ۾ يڪسان مفيد آهي. سياري ۾ گرم مشروبات سان گڏي استعمال ڪجي ۽ وري گرمين جي مند ۾ پاڻيءَ يا کير وغيره سان گڏي استعمال ڪرڻ گهرجي.

[b]طِبّي فائده
[/b]ماکي جنهن کي اُردو ۾ ”شهد“ ۽ انگريزي ۾ (Honey) سڏيو وڃي ٿو. ان ۾ الله تعاليٰ اهڙيون ته خاص قسم جون خاصيتون رکيون آهن، جن جو ڪوبه ٻيو مثال نٿو ملي سگهي. ماکي هر قسم جي ڦٽ ڦرڙي کي سڪائڻ جو اثر رکي ٿي. ماکي اينٽي بئڪٽريل به آهي ته ساڳي وقت اينٽي فنگل به آهي. (Anti Bacterial and anti fungal) هن جون خاصيتون بيشمار آهن، نج ماکيءَ جو استعمال بئڪٽريا جي وڌڻ ويجهڻ واري عمل کي روڪي رکي ٿو. مثال طور اسٽيفائلوڪوڪس ايورئيس (Staphy lococous -aureus) ۽ ڪجهه نڙيءَ جا جيوڙا (Pathogens) ۽ ڪجهه فنگس (Fungus) مثال طور ڪئنڊيڊا آلبيڪنس (Candida albicans) وغيره. پيشاب واري ناليءَ جي انفيڪشن ۾ بعض دفعه روايتي اينٽي بائيوٽڪ (ضدِحيات) دوائن جي ابتڙ 50% سيڪڙو گهاٽائي واري ماکيءَ بهتر نتيجا ڏيکاريا آهن، 40% سيڪڙو گهاٽائي سان ماکي نڙيءَ جي بئڪٽيريا کي ختم ڪري دست ۽ پيچس کي روڪي سگهي ٿي. مثال طور: سيلمونيا جيوڙو (Selemonia)، شنگيلا (Shangela)، اينٽروپيٿوجينڪ اِي. ڪولاءِ (Entropothgenic, E.coli) ۽ وائيريو ڪالرا Virio cholara)) کي ختم ڪرڻ ۾ بيحد مددگار ثابت ٿئي ٿي. ماکيءَ جي بهترين ۽ خاص خاصيت آهي ته ڦٽ ڇٽائڻ (Wound healing) ۽ اينٽي انفلاميٽري يعني سوزش ۽ سوڄ کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ٿيڻ. ماکي قدرتي طور تي شفائي خاصيتن سان ڀرپور گهاٽي ۽ ليسدار هڪ اهڙي پاڻياٺ آهي جنهن ۾ اهڙا ته ڪيميائي جزا شامل آهن جيڪي ڪنهن به سوڄ ۽ سوزش ۾ جڪڙيل گهرڙي (Cell) ۽ تاندوري (Tissues) منجهان پاڻي جي ماليڪيول کي ائين جزب ڪري وٺي ٿي جو هڪدم سوڄيل ۽ تڪليف ۾ ورتل تاندورا وري نارمل طور ڪم ڪرڻ شروع ڪرڻ جي اهل ٿي وڃن ٿا. ماکي سڙيل چمڙي ۽ زخمن جي لاءِ پڻ بهترين مرهم ثابت ٿي آهي. خدانه خواسته ڪو جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي چونهباري چاڪو يا ڪپ سان ڪو وڍ/ ڪٽ لڳي وڃي يا وري نوڪيلي اوزار سان چمڙي ڪٽجي پوي. توڙي جو چمڙي جو السر ٿي پوي (Decubitus ulcer)، هر مسئلي کي منهن ڏيندڙ ماکي، قدرت جي طرفان هڪ اعليٰ درجي جي شفا بخشيندڙ دوا طور عطيو مليل آهي، جنهن کي استعمال ڪري انسان بيحد فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. ماکي مرڪب آهي، گلوڪوز ۽ فرڪٽوز (ٻن کنڊ جي قسمن جو) ۽ اهائي خاصيت آهي ماکيءَ جي، جو ماکي آرام سان پاڻيءَ جا جزا زخم واري جڳهه تان جذب ڪري، تاندرون کي خشڪ ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. ماکيءَ منجهه موجود گلوڪوز ۽ فرڪٽوز، زخم جو پاڻي سڪائي خشڪ ڪرڻ سان گڏوگڏ، بئڪٽريا ۽ فنجاء (Fungi) قسم جي جيوڙن کي پڻ ختم ڪري ڇڏن ٿا. (جيئن ته اسان کي خبر آهي ته ننڍڙا جيوڙا (جراثيم) پوسل، يعني آلاڻ (Moist) واري هنڌ تي پيدا ٿيندا آهن. ان ڪري مائڪرو آرگينزم، يعني نظر نه ايندڙ جيوڙن (Micro- organisms) کي پيدا ٿيڻ يعني وڌڻ ويجهڻ ۾ ئي خشڪي ذريعي پيدا ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ختم ڪري ڇڏڻ بهتر آهي. ٻي ڪيميائي خاصيت جيڪا ماکي اندر موجود آهي سا آهي جراثيم ڪش دوا طور استعمال يعني اينٽي سيپيٽڪ (Anti septie) هاڻي اچو ته ڏسون ته ”ماکي بطور دوا“ ڪيئن استعمال ٿئي ٿي. خالص ماکي جيڪا سڌي نئين ماناري منجهان حاصل ڪئي وڃي ٿي. تنهن ۾ گلوڪوز آڪيڊز نالي اينزائم جي موجود هجڻ ڪري ماکي جي خاصيت بدلجي وڃي ٿي ۽ اها جراثيم ڪش (Anti septie) طور پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿي ڇو ته زخم ۾ موجود پاڻي جي ذرن سان ملي ڪري گلوڪوز آڪسائيڊ، هائيڊروجن پروآڪسائيڊ (Hydrogen pro oxide) جوڙي وٺي ٿو. اها هائيڊروجن پر آڪسائيڊ هلڪي وچولي درجي واري جراثيم ڪش ملم (مرهم) (Anti septie) طور استعمال ٿئي ٿي. ماکي هڪ طرف ته ”مرهم“ طور استعمال ڪئي وڃي ٿي ته ٻي طرف وري ماکيءَ اندر اينٽي آڪيسڊنٽ (Anti Oxidants) ۽ فليونوئڊس (Flavonoids) به موجود آهن، جيڪي وري بئڪٽريل ايجنٽ طور پڻ Anti Bacterial agents استعمال ٿين ٿا. نڙيءَ جي خارش، کنگهه ۽ نڙيءَ منجهه پيدا ٿيندڙ رطوبتون جن جي ڪري هر وقت کنگهه پيدا ٿئي، تنهن کي پڻ ماکيءَ جي استعمال سان نڙيءَ اندر پيدا ٿيندڙ رطوبتن جي ڪري هر وقت کنگهڻ سان گڏ گهاٽي ٿڪ پيدا ٿي پوندي آهي. اهڙيءَ صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ پڻ ماکيءَ جو استعمال بهترين ثابت ٿيو آهي. ان ڪري اهڙي خصوصيت کي (Anti Tissue and Expector properties) سڏيو وڃي ٿو.

[b]ماکيءَ جي مک جي ماناري ۾ موجود حيران ڪن نظام
[/b]هِن منظم دُنيا کي سائنسدانن موجوده دور ۾ ڪافي حد تائين تسخير ڪري ورتو آهي. ماهرين جي چوڻ مطابق ماکيءَ جي مکين جي ماناري ۾ مکين جو هڪ گروه نالي هيٽر بيز (Heater Bees) ماناري جي مرڪزي حصي کي متوازن رکي ٿو. هيءُ گروه ماناري ۾ موجود پيدائشي حالت ۾ نشونما وٺندڙ جسم جي درجهء حرارت کي باقاعده ڪنٽرول ڪري نگهباني ڪري ٿو. ۽ پنهنجي ڪالوني جي ضرورت ۽ حساب مطابق مختلف گروه ۽ ڪم سرانجام ڏيندڙ ٻين مکين جي پڻ نشونما کي ممڪن بڻائي ۽ آساني پيدا ڪري ٿو، ماکي اسان لاءِ هڪ مڪمل ”غذا“ ۽ شفا بخشيندڙ قدرتي دوا آهي. جيڪا هر موسم ۾ يڪسان طور استعمال ڪري سگهجي ٿي. هاڻي اسان جيڪڏهن صرف ”ماکي“ کي ڏسون ته ماکي ڪا نئين پيدا ٿيل شيء نه آهي پر زمانهءِ قديميءَ کان وٺي موجود رهي آهي ان جي فائدن کان به هر عام و خاص باخبر آهي پر جيڪا افاديت هينئر سائنسي تحقيق کان پوءِ وڌي آهي سا بنهه مختلف آهي.

* * *

هنداڻو Water-melon

حضرت عبدالله ابن عباس رضه کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن مان رسول الله صلي الله عليه جن سان گڏ هيم پاڻ فرمايائون ته الله تعاليٰ هر اپايل اناج ميون۽ ڀاڄين ۾ ڪونه ڪو نهايت ئي اهم جزو موجود رکيو آهي. هنداڻو (Water-melon) پڻ انهن منجهان هڪ نهايت ئي اهم کاڌو ۽ ساڳي وقت مشروب پڻ آهي. بطور مشروب جي هي پيشاب آور ثابت ٿيو آهي. مثاني کي صاف ڪرڻ سان گڏوگڏ پيٽ کي به صاف ڪري ٿو. چيلهه منجهان غير ضروري پاڻيءَ کي خارج ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. مردن ۾ قوت باهه وڌائي ٿو، چهري تي تازگي آڻي ٿو ۽ جسم منجهان ٿڌ جي اثر کي ختم ڪري ٿو. غذائي اهميت جي حامل هڪ ڪوپ هنداڻي ۾ جنهن جو وزن 154 گرام آهي. ان ۾ هيٺين ريت وٽامن ۽ معدنيات ملن ٿا.
Total Calories 46.2

وٽامن اي اٺ هزار ست سؤ ايڪهٺ (انٽرنيشنل يونٽ) 876IU Vitamin A
وٽامن سي ٻارنهن ڏهائي پنج ملي گرام 12.5mg Vitamin C
ٿائمين زيرو ڏهائي ٻارنهن ملي گرام 0.12mg Thiamin
پائريڊوڪسن زيرو ڏهائي ٻاويهه ملي گرام 0.22mg Pyridoxine
ڪئلشيم ڏهه ڏهائي اٺ ملي گرام 10.8mg Calcium
پوٽاشيم هڪ سؤ ٻاهتر ملي گرام 173mg Potassium
مئگنيشم پندرنهن ڏهائي چار ملي گرام 15.4mg Magnesium
جست زيرو ڏهائي ٻه ملي گرام 0.2mg Zinc
ڪاپر(ٽامو) زيرو ڏهائي هڪ ملي گرام 0.1mg Copper
سيلينيم زيرو ڏهائي ڇهه ملي گرام 0.6mg Selenium
فلورائيڊ ٻه ڏهائي ٽي ملي گرام 2.3mg Fluoride
هنداڻي کي عُرفِ عام ۾ ڇانهين به سڏبو آهي. انگريزيءَ ۾ هن کي واٽر ميلون (Water -Melon) سڏجي ٿو ۽ اهو ڪجهه غلط به نه آهي، ڇو ته 92% پاڻيءَ جي موجودگي جي ڪري، هيءُ ميوو کائڻ ۾ تمام رسيلو ۽ نرم محسوس ٿيندو آهي. ٻاهرين سخت ۽ ٿلهي کل قدرت شايد رکي ان لاءِ آهي ته جيئن ٿوري گهڻي ڌڪ لڳڻ سان منجهائنس رسيلو گودو خشڪ نه ٿي وڃي. پاڻياٺ جا جزا پڻ اندروني گودي کي آلو يعني تر (Wait) رکڻ ۾ مدد ڪن ٿا. هن ميوي کي کائڻ سان اُڃ ختم ٿي وڃي ٿي. نرم ۽ ملائم ميوو کائڻ ۾ تمام مزيدار توانائي سان ڀرپور ٿئي ٿو. منجهنس ڪيترين ئي تڪليفن ۽ بيمارين کي رفع دفع ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، خاص طور وٽامن سي (C) ۽ وٽامن اي (A) تمام گهڻي مقدار ۾ موجود هجن ٿا. بيٽا ڪيروٽين ((Beta- carotene (اينٽي آڪسيڊنٽ Antioxidant) جي هڪ خاص مقدار جي موجودگيءَ جي ڪري پيدا ٿيندڙ فري ريڊيڪلس (Free Radicals) جي اثر کي رائل ڪري جيوگهرڙي جي اندروني ماحول کي ٻاهرين ماحول سان يڪسان ڪرڻ (Neutralize) ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪن ٿا. وٽامن سي ۽ بيٽا ڪيروٽين. ساهه جي ناليءَ ۾ پيدا ٿيندڙ رڪاوٽ کي پڻ هٽائڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي ۽ گڏوگڏ دم جي مرض ۾ وقوع پذير ٿيندڙ ڳِڍڙيون جيڪي ساهه جي نالي ۾ (Airway Spasm) پيدا ٿين ٿيون تن کي بروقت گهٽائڻ ۾ مدد ملي ٿي. ساڳي وقت هڏن جي مختلف بيمارين ۽ تڪليفن کي گهٽائڻ ۾ مدد ملي ٿي.
(Alleviate some of the symptoms of osteoarthritis and rheumatoid arthrities) هنداڻي ۾ ڪينسر کان بچاءُ لاءِ پڻ اهم جزا موجود آهن. هن ۾ ڪيميائي مرڪب ڪيروٽينوئڊ ۽ لائيڪوپين تمام گهڻي ۽ گهاٽي مقدار ۾ ملن ٿا. لائيڪوپين مرڪب تي تمام گهڻو تحقيقي ڪم ٿيو آهي. هن ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ ۽ ڪينسر کان بچاءُ جون بيشمار خاصيتون موجود آهن. جن جو انساني صحت تي تمام سٺو اثر پوي ٿو. جسم جي مختلف عضون مثال طور: مثاني، ڦڦڙ، ڇاتي ۽ زناني عضون ۽ آنڊن جي ڪينسر کي روڪڻ ۾ بيحد مددگار جزا پنهنجي خاصيتن جي ڪري اهميت جا حامل آهن. وڏيءَ عمر وارن ماڻهن منجهه عمر وڌڻ جي ڪرڻ اکين جي روشني گهٽجڻ وارو عمل شروع ٿي ويندو آهي. جنهن کي اسين ايج رليٽڊ ميڪيولر ڊيجينريشن (ARMD) سڏيندا آهيون. (Age-releted macular degenerataion) عام طور تي اهو هڪ عام سبب هوندو آهي جيڪو اکين جي روشني گهٽجڻ جو سبب بڻبو آهي.
* * *

کارڪون Dates

کارڪون جن کي اردو زبان ۾ کجور ۽ انگريزي ۾ ڊيٽس (Dates) سڏيو ويندو آهي، سي بهترين غذا فراهم ڪن ٿيون. ”کارڪ“ کائڻ ”سنت“ پڻ سڏجي ٿي. اهو ان ڪري جو حضرت مُحمّد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن کارڪ تمام گهڻي انداز (جهجهي) ۾ واپرائيندا هئا. هر وقت کارڪ وٽن موجود رهندي هئي. ”کارڪ“ جي اهميت ان مان لڳائي سگهجي ٿي ته اسان کي تمام گهڻين روايتن منجهان اهو ثابت ٿيو آهي ته ڪيئن نه پاڻ سڳورن کارڪ نوش فرمائي آهي ۽ عام ماڻهن کي به کائڻ جي لاءِ تاڪيد فرمايو آهي. حضرت عبدالله ابن عباس رضه جن کان روايت آهي ته حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آهي ته صبح جو نيراني کارڪون کائو. ائين ڪرڻ سان پيٽ ۾ موجود ڪيڙا مري وڃن ٿا (مستند فردوس). حضرت عائشه رضه جن بيان فرمائين ٿيون ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن فرما يو آهي هن عظيم کارڪ ”عجوه“ ۾ هر بيماري کان شفا ملي ٿي. جيڪڏهن توهان نيراني کائيندا ته سمجهو ته هر زهر جو ترياق ملي ويندو (مسلم).

[b]کارڪ جا غذائي جزا هن ريت آهن (Nutritional facts):
[/b]سڄي ڏينهن جي ضرورت پوري ڪرڻ جيتري طاقت رکندڙ (Energy)، کارڪ، توهان اَسُر ويل سحري ۾ کائو يا وري شام جو افطار وقت کائو. سڄي ڏينهن ۾ وڃايل طاقت توهان آرام سان حاصل ڪري سگهو ٿا. (24) چوويهه ڪئلوريز رکندڙ هڪ کارڪ ۾ موجود غذائي فائبر (Fiber) ۽ نشاستو (Charbohydrates) ڀرپور انداز ۾ موجود آهي. گڏوگڏ هڪ ڪيلي (Banana) جيتري پوٽاشيم (Potassium) پڻ موجود آهي، تنهن هوندي به کارڪ سڻڀ (Fat) ڪوليسٽرول (Colesterol) ۽ (سوڊيم) لوڻ (Sodium) کان خالي آهي (Yet they are virtually fat, cholesterol and sodiun free) هڪ سو گرام کارڪون، اسان کي ٻه سو اٺيتاليهه ڪئلوريز فراهم ڪن ٿيون، جن جو وچور هيٺين ريت آهي:
100 grams of dates provides
ڪئلوريز ٻه سؤ اٺيتاليهه 248 Calories
رائبوفليون زيرو ڏهائي هڪ سؤ ملي گرام 0.100mg Riboflavin
نياسن ٻه ڏهائي ٻه سؤ ملي گرام 2.200mg Niacin
فوليٽ تيرهين ملي گرام 13mg Foliate
وٽامن اي پنجاهه انٽرنيشنل يونٽ 50lu Vit.A
ڪئلشيم ٻٽيهه ملي گرام 32mg Calcium
آئرن هڪ ڏهائي پندرنهن ملي گرام 1.15mg Iron
مئگنيشم پنجٽيهه ملي گرام 35mg Magnesium
فاسفورس چاليهه ملي گرام 40mg Phosphorus
پوٽاشيم ڇهه سؤ ٻاونجاهه ملي گرام 652mg Potassium
جست زيرو ڏهائي اڻٽيهه ملي گرام 0.29mg Zinc
ٽامو زيرو ڏهائي ٻه سؤ اٺاسي ملي گرام 0.288mg Copper

[b]کارڪ جا طِبّي فائده (Medical Benefits)
[/b]جديد تحقيق کان پوءِ اهو معلوم ٿيو آهي ته کارڪ اندر وٽامن ۽ معدنيات جا ڄڻ ته خزانا پوريل آهن. زمانهءِ قديم کان زمانهءِ جديد تائين، کارڪ هر ڪنهن جي مرغوب غذا رهندي آئي آهي، ۽ يقيناً منجهس موجود وٽامنس ۽ معدنيات جا خزانا ڄڻ ته هميشه کان عام و خاص کي معلوم هئا. سائنسي تحقيق دوران ته صرف هر جزي کي ڄڻ نالو ڏئي ان جي اهميت کي ڪئلوريز ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي، باقي موجود ته سڀ ڪجهه ڪائنات ۾ پهرين کان هيو. تحقيقي اهميت ان ڪري به وڌيڪ اهم آهي جو ڪنهن تڪليف جي معلوم ٿيڻ کان پوءِ خاص غذائي جزا جيڪي جنهن خاص تڪليف کي دور ڪري سگهن ٿا سي ئي استعمال ڪري، تڪليف کي جلدي دوري ڪري سگهجي ٿو. شروعاتي دور کان هر شيءَ ۽ هر جنس لاءِ ڪانه ڪا فائدي جي ڳالهه منسوب رهندي آئي آهي پر جيئن ته سائنسي طور تي اهي سڀ ڳالهيون تحقيقي مرحلن منجهان گذري نه آيون هيون، ان ڪري پڙهيل لکيل ماڻهو اعتبار گهٽ ڪري پيو، پر هينئر جديد سائنسي بنيادن تي ٿيل تحقيق دوران جيڪي به غذائي جزا ڳولي هٿ ڪيا ويا آهن تن جي غذائي اهميت سان گڏوگڏ غذائي طاقت کي به ڪئلوريز ۾ ماپيو ويو آهي ۽ هاڻي آساني سان اِنٽرنيشنل ليول جي ماپ طور جي نظام تحت، نسخو ٻڌايو ۽ استعمال ڪيو ٿو وڃي، ائين ڪرڻ سان وقت به بچي ٿو ۽ فائدو به وڌيڪ حاصل ٿئي ٿو.
کارڪ اندر قدرتي طور تي وٽامنس ۽ معدنيات جا ڄڻ ته خزانا لڪيل آهن انسان جي بدن اندر جڏهن لوڻياٺ ۽ معدنيات گهٽجڻ لڳندا آهن ته آهستي آهستي رت ناليون متاثر ٿيڻ شروع ٿينديون آهن ۽ رت نالين (Blood vessels) جي صحت جڏهن خراب ٿيڻ شروع ٿيندي آهي ته پوءِ ناليون سوڙهيون ٿي پونديون آهن ۽ پوءِ دل جي ڌڙڪڻ وڌي ويندي آهي دل جي ڌڙڪڻ (Heart Rate) وڌي وڃڻ جي ڪري دل جو ڪم (Function of Heart) متاثر ٿيڻ لڳندو آهي ۽ دل پنهنجو ڪم نارمل انداز ۾ ڪرڻ کان لاچارگي ڏيکاريندي آهي اهڙي صورتحال ڪري وري نئين صحت ڏانهن موٽائڻ لاءِ کارڪن جو استعمال بيحد موثر ٿيو آهي کارڪون جيئن ته ڪئلشيم سان ڀرپور آهن ان ڪري هڏن کي طاقت بخشين ٿيون.
جڏهن بدن ۾ ڪئلشيم جي گهٽتائي پيدا ٿيڻ شروع ٿيندي آهي ته ٻارن ۾ رِڪٽس (Rickets) جي تڪليف نظر ايندي آهي ۽ وڏن (Adults) ۾ وري هڏا نوڪدار ۽ ڪمزور ٿيڻ شروع ٿيندا آهن (Brittle and weak). حمل دوران ماءُ لاءِ پڻ کارڪ جو استعمال نهايت ئي مفيد آهي. ان ڳالهه جو ذڪر قرآن شريف جي سورة المَريم ۾ بيان ڪيل آهي ته الله تعاليٰ ڪيئن نه حمل جي آخري لمحن ۾ بيبي مريم لاءِ کارڪن جو تحفو فراهم ڪيو. جنهن وقت بيبي مريم تمام گهڻي تڪليف محسوس ڪري رهي هئي. ٻار جي پيدائش واري آخري لمحن ۾ کارڪن جي استعمال جي اهميت کي الله تعاليٰ فضيلت بخشي ۽ هميشه لاءِ ”بافضيلت“ غذا بڻائي ڇڏيو. اسان جي پياري پيغمبر حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي مرغوب غذا کارڪ هئي ۽ رمضان جي مهيني ۾ روزي جي افطار ڪرڻ وقت پهرين وات ۾ ”کارڪ“ وجهڻ کي پڻ باعث رحمت بڻايو ويو ”سبحان الله“ هڪڙي تحقيقي مقالي ۾ کارڪن جي سائنسي افاديت متعلق بيان ڪيو آهي ته ”کارڪ“ اندر ڪجهه اهڙيون رطوبتون موجود آهن جيڪي (Stimulants) اِسٽيميولنٽس طور ڪم سرانجام ڏين ٿيون ۽ حمل واري آخري مهيني دوران مُشڪن (Muscle of uterus) کي طاقت ڏين ٿيون ۽ ٻار جي پيدائش واري مرحلي کي ڏاڍو آسان بڻائين ٿيون.
“Dates continue certain stimulants which strengthen the muscles of uterus in last few months of pregnancy”
انهن رطوبتن جي موجودگي ٻار جي پيدائش واري مرحلي کي ۽ ماءُ لاءِ ٻار ڊليور ڪرڻ واري ڪوششن کي آسان بڻائي ٿي.(This would then assist in the dilation of the uterus at the time of delivery) کارڪون کائڻ، کير پيارڻ واري ماءُ هجي، يا وري ڪا خاتون حيض جي بندش وارن ايامن منجهان گذري رهي هجي سڀني لاءِ يڪسان فائديمند آهن. کارڪن کي زيرِ استعمال رکڻ سان مردن ۾ پراسٽيٽ غدود (Prostate Gland) جي ڪينسر واري صورتحال کي تي آسانيءَ سان ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ هڪڙي سائنسي تحقيقي دوران چوڏهن هزار (14000) مردن جي طرزِ زندگي ۽ ڪينسر متعلق معلومات ورتي وئي. ڇهن سالن جي مسلسل جدوجهد کان پوءِ سائنسي بنيادن تي جمع ڪيل معلومات جو سائنسي تجزيو ڪڍيو ويو ۽ ان معلومات جو ذڪر آگسٽ 1989ع ۾ هڪ سائنسي جرنل نالي ڪينسر ۾ صفحي نمبر 604-598 ۾ پيش ڪيو ويو ۽ اهو ٻڌايو ويو ته کارڪن جي استعمال ڪرائڻ سان ڪينسر جي وڌندڙ اثرات کي ڪافي حد تائين (Reverse) ۾ آڻي ڪنٽرول حاصل ڪيو ويو.
* * *

ڏاڙهون Pomegranate

ڏاڙهون هڪ اهڙي ميوي جو نالو آهي جيڪو نه صرف ڏسڻ ۾ خوبصورت آهي پر کائڻ ۾ پڻ لذيذ ۽ بيحد ذائقيدار آهي حضرت علي رضه الله تعاليٰ عنه جن بيان فرمائين ٿا ته هڪ ڀيري حضرت رسولِ خدا صلعم جن ارشاد فرمايو: ته ڏاڙهون کائو ته ان جي اندرين ڇلڪي (سنهي کل) سميت کائو، ڇو ته هيءُ ڏاڙهون اُن ڇلڪي سميت معدي (Stomach) کي نئين زندگي بخشي ٿو يعني ته حيات نوبخشي ٿو (ابن القيم) علماء ڪرام جو خيال آهي ڇلڪي مان مراد اندرين تمام سنهي کل آهي ڏاڙهون بهترين غذائي جزن سان ڀرپور ميوو آهي هن ۾ ڪيترائي اهڙا ڪيميائي جزا آهن جيڪي ڀرپور اينٽي آڪيسڊنٽ طور ڪم سرانجام ڏين ٿا. مثال طور ڏاڙهون ۾ ڪيميائي جزو پولي فينولس (Polyphenols) تمام گهڻي مقدار ۾ موجود آهي، جيڪو اينٽي آڪيسڊنٽ طور ڪم ڪري ٿو. ان ڪري هيءَ ميوو غذائيت سان ڀرپور آهي. ڏاڙهون ۾ سوڊيم (Sodium) ۽ رائبوفليون (Riboflavin) سان گڏوگڏ ٿايئمن (Thiamine)، وٽامن سي (Vitamin C) ڪئلشيم (Calcium) ۽ فاسفورس (Phosphorus) ڀرپور انداز ۾ موجود آهي. هڪ سو گرام (100g) ڏاڙهون (Pomegranate) ۾ هيٺين ريت ڪئلوريز موجود آهن.
ڪئلوريز اسي 80 Calories
وٽامن سي نو ڏهائي اوڻيتاليهه گرام 9.39g Vitamin C
ٿائمن زيرو ڏهائي پنج ملي گرام 0.05mg Thiamin
فوليٽ نو ڏهائي چوويهه مائڪرو گرام 9.24mcg Foliate
ڪئلشيم پنج ملي گرام 5mg Calcium
پوٽاشيم ٻه سؤ سٺ ملي گرام 260mg Potassium
فولاد زيرو ڏهائي ڇاهيتاليهه ملي گرام 0.46mg Iron
مئگنيشيم پنج ڏهائي زيرو ملي گرام 5.0mg Magnesium
فاسفورس ٻارنهن ڏهائي زيرو ملي گرام 12.0mg Phosphorus
جست زيرو ڏهائي ارڙهن ملي گرام 0.18mg Zinc
ٽامو زيرو ڏهائي هڪ سؤ اٺ ملي گرام 0.108mg Copper
سيلينيم زيرو ڏهائي نو ملي گرام 0.9mg Selenium
طِبّي نقطهء نظر سان هن ميوي جا ڪيميائي جزا طاقتور اينٽي آڪسيڊنٽ طور ڪم ڪن ٿا. ڏاڙهون (Pomegranate is a powerful anti- oxidant) فولڪ ائسڊ (Folic) جو بهترين ذريعو آهي ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ جو هڪ طاقتور ذريعو پڻ آهي. ڏاڙهون منجهه پولي فينول (Poly Phenol) تمام گهڻي مقدار ۾ موجود آهن. ڪجهه تحقيقي جرنلس ۾ (Peer-reviewed resesrch publications) ان ڳالهه کي باقاعده طور تي تسليم ڪيو ويو آهي ته انهن پولي فينولس مان گهڻي قدر هائڊروليسبل ٽيننس هائڊرو ليسيبل ٽيننس (Hydro- losable-tannins) ۽ خاص طور تي پيوني ڪيلئگنس (Punicalagins) آهن، جيڪي خاص طور تي اينٽي آڪسيڊنٽ طور ڪم سر انجام ڏين ٿا ۽ اهي ان ڳالهه جا پابند هوندا آهن ته پيدا ٿيل فري ريڊيڪلس (Free Radicals) جا توڙ بڻجن. (Anti oxidant responsible for the free radcals scavenging ability of pomegranate) هي اينٽي آڪسيڊنٽ، فري ريڊيڪلس يعني (تڪليف پهچائيندڙ ماليڪيولس) جي خلاف ڄڻ ته محافظ طور ڪم ڪن ٿا ۽ انساني صحت لاءِ مفيد بڻجن ٿا. اهي تڪليف پهچائيندڙ ماليڪيولس (Harmful molecules)، (Free Radicals) جن جي ڪري انساني صحت متاثر ٿئي ٿي. تن تي ڪنٽرول ڪري، انسان دل جي بيمارين، وقت کان اڳ پوڙهائپ جو اچڻ ۽ ڪينسر جهڙي موذي مرض کان بچڻ ۾ مدد ڪن ٿا، ان ڪري ڏاڙهون کي اسان بچاءُ طور تي هڪ بهترين ٽانڪ طور تسليم ڪري سگهون ٿا.
* * *

ڄمون Jawa -Plum

عام طور تي ڄمون جي نالي سان ڄاتل سڃاتل ميوي کي ٻين به گهڻن ئي نالن سان سڏيو وڃي ٿو. جمبول، جاوا پليوم، ڪارا پليوم، جميولان وغيره. ڄمن کي نباتاتي سائنس ۾ (Camino Syzygim) Jawa -Plum ڪري سڏجي ٿو، هن جي ظاهري شڪل ۽ صورت گولائي نما اُڀي ((Oblong ۽ رنگ واڱڻائي ڪارو مائل ٿئي ٿو. ڄمن جو وڻ تقريبا ٻن کان ٽن ميٽرن جو ڊگهو ٿئي ٿو. پاڪستان، هندوستان، ۽ انڊونيشيا ۾ عام جام نظر ايندو آهي. مارچ ۽ اپريل مهيني ۾ گل جهليندو آهي ۽ مئي کان جولاءِ مهينن ۾ فروٽ (ميوو) ڏيندو آهي.، هن جو ٻج پوکڻ بعد چئن کان ستن سالن اندر هيءَ وڻ ميوو ڏيڻ جي قابل ٿي ويندو آهي. اُپٽيل بلور (Ovoid) وانگر ڏيک ڏيندڙ هيءُ ميوو پنهنجي عمر مطابق رنگ به بدلائيندو رهي ٿو. شروعات ۾ سائو (Green) نظر ايندڙ. پڪل صورت (Mature) ٿيڻ تائين گلابي (Pink) ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ پوءِ اڳتي هلي جڏهن پوري طرح رسجي تيار (Ripe)، ٿي ويندو آهي ته اُن وقت ڪارو واڱڻائي مائل،(black Crimson) نظر ايندو آهي، هيءُ ميوو ذائقي ۾ تُرش (bitter) يعني کٽو پر مٺاڻ سان ڀريل هوندو آهي. جيڪڏهن توهان ڄمون کي چڪ هڻي کائيندا ته توهان کي کٽو مٺو هڪ وڻندڙ ۽ لذيذ ذئقيدار/ ميوو محسوس ٿيندو. جيڪڏهن ڪيميائي تجزيو ڪبو ته معلوم ٿيندو ته هن جي کٽاڻ مائل مٺاڻ جو دارومدار منجهس اندر موجود ڪجهه تيزابي مرڪبات جي ڪري آهي. هن ۾ مالي ائسڊ (Mali- acid) گالئڪ ائسڊ (Gallic- acid) ٽينننس (Tannins) ۽ آڪسالڪ ائسڊ (oxalic- acid) موجود هوندا آهن. هنن تيزابي مُرڪبات جي ڪري ميوو کائڻ ۾ ترشي مائل کٽو مٺو ذائقو ڏيندو آهي. گودي (Pulp) اندر هنن تيزابي مُرڪبات جي موجودگيءَ ۾ حياتياتي ماليڪيولر (Bio-molecular) هن ميوي کي اعليٰ درجي جي دوا جو درجو ڏيارين ٿا. رت ۾ مٺاڻ جي موجودگي کي گهٽائڻ ۾ صفِ اول جا مددگار ثابت ٿين ٿا. انڪري هن ميوي کي اينٽي ڊائبيٽڪ (Anti-diabetic) ۽ اينٽي آڪيسڊنٽ ڪري سڏجي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح هيءُ ميوو ٻين ڪيترين ئي پراڻين بيمارين ۽ تڪليفن کي پڻ دور ڪري ٿو. مثال طور پيٽ جي تڪليفن، هڏن جي تڪليفن (Arthritis)، دل جي تڪليفن ۽ هاءِ بلڊ پريشر وغيره ۾ به لاجواب ۽ حيرت انگيز طور تي اثرانداز ٿئي ٿو. هيءُ هڪ اهڙو قدرت طرفان عطا ٿيل ميوو آهي. جنهن وڻ جو هر هڪ حصو بي انتها ناياب ۽ مختلف بيمارين لاءِ ڪم ايندڙ ثابت ٿيو آهي. اسين هن وڻ جي هر هڪ حصي منجهان ملندڙ فائدن جو ذڪر ڪنداسين
(1) هن وڻ جو ٿُڙ(Bark) اينيميا (Anaemia) جي علاج لاءِ موثر ۽ مفيد ثابت ٿيو آهي.
(2) هن وڻ جي پنن (Leaves) جو عرق، ڏندن منجهان وهندڙ رت جنهن کي عام طرح جنجيوائٽس(Jinjivitis) به سڏبو آهي، کي روڪڻ ۽ زخم ڀرجڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. پنن جو عرق حيرت انگيز طور تي رت کي روڪڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
هنن پنن جو عرق، عام بخار، دستن ۽ آنڊي منجهه موجود ڳڙٻڙ کي پڻ فائدو ڏئي ٿو.
(3) هن ميوي جو ٻج (Seeds) پراڻي دستن جي بيمارين (Dysentery) کي ختم ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن ٻجن جو پائوڊر ٺاهي استعمال ڪجي ته ڪيترين ئي بيمارين جهڙوڪ، ذيابطيس (Diabetes) وڌيل بلڊپريشر (High Blood pressure)۽ وڌيل ڪوليسٽرول ليول کي آرام سان ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.
(4) رنگين مادو مثال طور انيٽو سايانن ۽ فليو نوئڊس وغيره تمام گهڻي مهارت سان شريانين ۾ رت کي ڄمڻ کان روڪين ٿا ۽ ڪيترين ئي دل جي بيمارين کي روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا.
هي رنگين مرڪب پنهنجيءَ ساخت (هئيت) ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ(Anti-oxidents) يعني ته پنهنجي اندر اهڙي طاقت ۽ قوت رکن ٿا جيڪي ڪنهن به آفت جي ظاهر ٿيڻ وقت مرتب ٿين ٿا. اُنهن کي آسانيءِ سان روڪڻ ۾ مددگار ٿين ٿا ۽ رت کي ڄمڻ ۽ شريانن اندر ڳوڙهن ٺاهڻ واري عمل کي ختم ڪري، خلين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ ۾ معاون ۽ مدد گار ثابت ٿين ٿا. جنهن ڪري دل جي بيماري کي آسانيءَ سان ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.
(5) هنن جو شربت (Juice) اينٽي انفلاميٽري، يعني ته اندروني سوڄ ۽ سوزش کي گهٽائيندڙ، جوش ۽ گرميءَ کي ٿڌو ڪندڙ، ثابت ٿئي ٿو. هڏن جي تڪليف ۽ سَنڌن جي سور وغيره ۾ پڻ اينٽي آرٿرائٽڪ ۽ بخار جي ڪيفيت کي گهٽائڻ ۾ پڻ مددگار ۽ سهڪاري ثابت ٿئي ٿو. ساڳي وقت ڄمونءَ جي اندروني ڳر (Flesh)، دم جي مريضن لاءِ پڻ بي انتها مفيد ثابت ٿئي ٿي.
(6) ڄمون (Jamun) جي ٻج (Seed) جي پائوڊر ۽ اندروني ڳر(Pulp) گهرڙن جي نظام کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ پتي جي گهرڙن (Pancreas) جي نظام کي پڻ درست رکڻ ۾ مدد گار ثابت ٿئي ٿو. پتي (Pancreas) جي اندر موجود، گهرڙا جن کي اَلفا (alfa)، بيٽا (Beta) ۽ ڊيلٽا (Delta) ڪري سڏجي ٿو تن منجهان حاصل ٿيندڙ ڪيميائي مرڪبات جن کي انسيولن سڏجي ٿو، تن کي پڻ ڪنٽرول ڪري نارمل مقدار ۾ رکڻ ۾ پڻ مددگار ٿين ٿا، حقيقت ۾ ڏسجي ته ڄمون هڪ اهڙو قدرتي ميوو آهي جيڪو انسان جي جسم اندر موجود مختلف ڪيميائي مرڪبات جي اصليت ۽ توازن کي نارمل حالت ۾ برقرار رکڻ جو ڪم بخوبي سرانجام ڏيئي ٿو. دراصل انسان جي صحت جو دارومدار ئي اندورني ڪيميائي مرڪبات جي جزن جو توازن ۾ هجڻ تي آهي، جيڪڏهن خدانخواسته ڪيميائي مُرڪبات پنهنجو توازن نارمل نٿا رکي سگهن ته پوءِ انساني جسم مختلف تڪليفن جو شڪار ٿي پوي ٿو. انڪري ضروري آهي ته روزاني زندگيءَ ۾ کاڌي سان گڏوگڏ ميون جو استعمال به ضرور ڪرڻ گهرجي. عام طور تي هڪ سئو (100) گرام ڄمون (Jamun)منجهان اسان کي هيٺين ريت غذائي جزا ملي سگهن ٿا:

Nutritional facts

آئرن زيرو ڏهائي اوڻيهه ملي گرام mg0.19 Iron
سوڊيم چوڏهن ملي گرام mg14 Sodium
پوٽاشيم اوڻاسي ملي گرام mg79 Potossium
ڪئلشيم اوڻهين ملي گرام mg 19 Calcium
وٽامن بي سڪس زيرو ڏهائي ٽي سؤ اٺهٽيهه ملي گرام mg 0.0338 B-6
نياسن زيرو ڏهائي ڇويهه ملي گرام mg 0.26 Niacin
وٽامن سي هڪ ڏهائي پنج ملي گرام mg1.5 Vitamin C
پاڻي ٽياسي ڏهائي تيرهين ملي گرام mg 83.13 Water
سڻڀ زيرو ڏهائي ٻٽيهه ملي گرام mg 0.32 Fat
پروٽين زيرو ڏهائي ٻاهتر ملي گرام mg 0.72 Protein
ڪاربو هائيڊريٽ پندرهن ڏهائي هڪ ملي گرام mg 15.1 Carbohydrate
انرجي (طاقت) سٺ ڪلو ڪئلوريز 60 kcal Energy
تازي ميوي کائڻ سان گڏوگڏ اسين ڄمن منجهان ڄمون جيم جيلي(Jam Jelly)به ٺاهي سگهون ٿا. جيلي ٺاهڻ جو طريقو هيٺين ريت آهي:
گهربل شيون:
(1) 25 داڻا ڄمون صاف پاڻيءَ سان ڌوتل
(2) 250 گرام کنڊ
(3) چوٿائي ڪوپ ¼ ، صوف ڪٽيل ننڍڙا ٽڪرا.
(4) 1/2 ، اڌ چانهه وارو چمچو لائيم جوس
(5) هڪ چپٽي جيترا پيٺل سونف

ٺاهڻ جي ترڪيب


(1) اسٽين ليس اسٽيل جي ديڳڙي (Pan) منجهه ڄمون ۽ کنڊ وجهي هلڪيءَ باهه تي رکو.
(2) آهستي آهستي چمچي سان ملائيندا رهو. جيستائين ڄمون ۽ کنڊ پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي وڃن ته پوءِ ڪٽيل ٽڪرا صوف جا وجهو.
(3) ٿوري دير لاءِ ڍڪي هلڪيءَ باهه تي ڪاڙهيو، جيستائين منجهس پيل سڀ شيون پاڻ ۾ نرم ٿي ملي وڃن.
(4) آهستي آهستي ٻج ڪڍي وٺو ۽ لائيم جوس (Lime juice) ملايو، تيستائين ڪاڙهيو، جيستائين اندر پيل سڀ شيون پاڻ ۾ ملي ملائم ٿي ٿلهو تهه ٺاهي وٺن. يعني ته سڀ شيون هڪ ٿي وڃن ۽ جيليءَ وانگر نظر اچڻ لڳن، پوءِ ڪُٽيل هڪ چپٽي ڀري- سونف وجهو ۽ آهستي آهستي ملائيندا رهو، جيستائين اندر پيل شيون ٺوس جيليءَ جهڙي صورت اختيار ڪري وٺن. هلڪي باهه تي تقريباً پندرنهن (15) منٽن تائين، آهستي آهستي چمچي سان ملائيندا رهو، جيستائين جيليءَ جهڙي صورت اختيار ڪري وٺي.
(7) جلدي چلهه تان ديڳڙي لاهي، سڌو سنئون شيشي جي برني (Sterlized Jar) ۾ اوتي وٺو ۽ آخر ۾ مُنهن تائين نه ڀريو. پر مُنهن وٽان چوٿون حصو خالي ڇڏيو. چوڌاري بٽر پيپر (Butter -paper) ٻه ڦيرا ڍڪڻ تي ڏيئي پوءِ ڍڪ (Lid) سان برنيءَ کي بند ڪريو ڍڪ تڪڙ ۾ جلدي بند ڪري وٺو، جيئن آميزو ٿڌو نه ٿئي ۽ گرم ئي هجي. توهان لاءِ ڄمون جيلي تيار آهي.
* * *

”انب“ميون جو بادشاهه Mango

قديم آڳاٽي زماني کان انب جي باري ۾ معلومات ملندي رهي آهي. هن کي سنسڪرت ٻوليءَ ۾ آمرا (Amra) سڏيو ويو آهي. ۽ مهاڀارت ۾ 4000 سال اڳ پوکيو ويندو هيو. مغليه دورِ سلطنت ۾ آئينِ اڪبري (1605-1556) ۾ هن جو تذڪرو ملي ٿو. حزيان تسانگ (Hsiian-Tsang) (645-632) سڀ کان پهريان جنهن انڊيا ڏانهن سفر ڪيو، تنهن انب جي پاسي ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو. انب جي موجودگي سائوٿ ايسٽ ايشيا (South East Aisia) جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ملي ٿي. انب جي ڪاشتڪاري فلپائن، انڊونيشيا، جاوا، ٿائلينڊ، برما، ملائيشيا ۽ سريلنڪا ۾ عام جام ٿئي ٿي، سائوٿ ايسٽ ايشيا جي ملڪن کان علاوه سورهين صدي عيسوي ۾ انب جي ڪاشتڪاري ايسٽ (East) کان پوءِ (West) جي ملڪن ۾ به شروع ڪئي وئي. خاص طور تي ويسٽ آفريڪا ۽ برازيل وغيره. مئڪسيڪو ۾ انب اڻويهين (19th Centary) ۾ پوکيو ويو. عيسوي سن 1833ع ۾ فلوريڊا جهڙن ملڪن ۾ پڻ انب دسيتاب هئا. انب جي مختلف قسمن ۾ تيزيءَ سان واڌارو ايندو رهيو آهي ۽ گذريل چار هزار (4000 years) سالن کان وٺي انسان ذات هن بهترين ۽ خوش ذائقيدار ميوي جي قِسمن ۾ اوريجنل لذت سان گڏوگڏ تيزي سان واڌارو آندو آهي. هن بهترين ميوي کي سڀني ميون جو بادشاهه سڏيو ويندو آهي. اصلي (Original) انب جا ٻه قسم اڄ به انڊيا ۾ موجود آهن. هڪ جو نالو آهي (Mangifera Indica) مينگيفرا انڊيڪا ۽ ٻيو قسم آهي. منيگيفيرا انڊيڪا سلويٽيڪا (Mangifera Sylvatica Indica) هن انب جي ٻاهرين کل تمام سنهڙي ٿئي ٿي ۽ گودو ٿورو تُرشي مائِل ۽ ڊگهين ڊگهين سنهين سنهين تندن وانگر ٿئي ٿو.
هن ميوي جو واهپو/ استعمال ڀاڄيءَ واري طريقي سان ڪرڻ جو انداز اسان کي سورهين صدي عيسوي ۾ نظر اچڻ شروع ٿيو. جڏهن هن خوبصورت مٺي ميوي جو استعمال انب ٿيڻ کان اڳ واري صورت کان اڳ، يعني ”ڪچي انبڙي“ طور استعمال ٿيڻ لڳو ۽ ڪچيون انبڙيون نه صرف ننڍڙي ڇوڪرين جي مرغوب (غذا) بڻي، پر پوءِ آهستي آهستي ”کٽائي“ طور پڻ (آچار) کٽاڻ جي طور تي استعمال ٿيڻ لڳو.
هن ميوي کي الله تعاليٰ نه صرف ذائقو بخشيو آهي، پر بهترين ”غذائيت“ سان پڻ ڀرپور آهي. هن ۾ تمام گهٽ مقدار ۾ فائبر ۽ تمام گهڻي انداز ۾ ”گودو“ گڏوگڏ بهترين ”مِٺاڻ“ وارو ذائقو موجود آهي. جيڪو انساني صحت جي بهترين اصولن پٽاندر آهي.
(The fruit have little fiber, more flesh and sweet in taste)
انب ذائقيدار ميوو هجڻ سان گڏوگڏ ڪيترين ئي بيمارين جو پڻ علاج آهي، انب نه صرف ايشين (Aisians) جو وڻندڙ ميوو آهي. پر آمريڪا، ڏکڻ آمريڪا ۽ دنيا جي ٻين مختلف ملڪن ۾ پڻ پسند ڪيو وڃي ٿو. عرب ملڪن ۾ پڻ ٻين ملڪن کان انب گهرايا وڃن ٿا. جن ۾ پاڪستان، اِنڊيا، سوڍان، ۽ چلي وغيره شامل آهن. پاڪستاني ”چوسو“ انب عربن ۾ ايترو ته پسند ڪيو وڃي ٿو جو ان جي مقابلي ۾ انڊيا جو ”الفانسو“ انب به کين نٿو وڻي.
”انب“ ميوي ۾ وٽامنز، منرلز ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ ڀرپور انداز ۾ موجود آهن. وٽامن اِي (E)، وٽامن (C) وٽامن (A) اهڙا اينٽي آڪسيڊنٽ آهن جيڪي اسان کي ڪينسر جهڙي موذي مرض کان بچڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿا. ۽ پڻ دل جي ڪيترين ئي بيمارين ۽ شگر وغيره کي روڪڻ ۾ پڻ ڀرپور مددگار ثابت ٿين ٿا. انب خوشبو وارو ۽ تمام گهڻو ذائقي وارو مٺو ميوو آهي. پڪل رسيلي انب جي هڪ سو گرام گودي (ڳرُ) يعني ته (Flesh) منجهه بيٽاڪيروٽين (وٽامن E) جو مقدار تقريباً (ug1990) هوندو آهي. ٻين ميون جي مقابلي ۾ هن ميوي ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ تمام گهڻي مقدار ۾ موجود آهن. جيڪڏهن انبن جي موسم ۾ انب کي چڱي مقدار ۾ استعمال ڪيو وڃي ته هوند جگر ۾ چڱي خاصي مقدار جمع ٿي سگهي ٿي ۽ سڄي سال جي ضرورت کي پورو ڪري سگهي ٿي.
انب جا طِبّي فائده
انب کي اسان جوسي اِسٽون (Juicy Stone) به سڏيون ٿا، هڪ سو (100 gram) گرام انب اسان کي سٺ کن (60 cal) ڪئلوريز ڏي ٿو. جن جو وچور هيٺينءَ ريت آهي.
Percent daily value is based on a 2000 Calories diet. Your daily values may be highers or comes depending on your Calories needs
ٽوٽل سڻڀ Total Fat 0.4g

هڪ سو گرام انب ۾ وٽامن سي جو مقدار 16 ملي گرام هوندو آهي. Saturated fat 0.1g % Daily Values
Poly un Saturated fat 0.1g %
Mono un Saturated fat 0.1g %
Cholesterol 0 mg %
Sodium 1 mg %
Potassium 168 mg 4%
Total charbohydrades 15g 5%
Dietary fiber 1.6 g 6%
Sugar 14 g %
Protein 0.8 g 1%
Vitamin A 21%, Vitamin C 60%
Vitamin D 0%
Vitamin B- 65%
Vitamin B- 0%
Calcium 1% Iron 1%
Magnese 2%
وٽامن (E) ۽ (C) ٻئي اينٽي آڪسيڊنٽ آهن جيڪي جسم ۾ فري ريڊيڪلس جي مُضرِ اثرات کي زائل/ختم ڪري ڇڏن ٿا. ان ڪري ڪجهه مخصوص قسم جي ڪينسر جي مرض جو خطرو گهٽجي وڃي ٿو.

آلو بخاري جا فائدا

”آلوبخارا“ گرمين جي موسم ۾ ملندڙ بهترين ميوو آهي. اهو جيتري قدر لذيذ ۽ مزيدار آهي، اوتروئي بيشمار فائدن جو حامل پڻ آهي.
آلو بخارو گهڻي قدر ڪاغذي ليمي جي سائيز جو ٿيندو آهي. سندس رنگ ڪارسرو ڳاڙهو ۽ ذائقي ۾ کٽو مٺو هوندو آهي. هيءُ ميوو تمام قديمي وقت کان استعمال ۾ رهندو آيو آهي. يوناني حڪيمن به آلو بخاري جو ذڪر ”ڪوميليا“ جي نالي سان ڪيو آهي. جيڪو يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي.
جيڪڏهن آلو بخاري جو ڪيميائي تجزيو ڪبو ته اسان کي هيٺيان عنصر ملندا:
پروٽين، سڻڀ، کنڊ، (نشاستو) مختلف معدنيات مثلاً ڪئلشيم، ۽ فاسفورس وغيره.
”ميوي“ جي طور اسين تازو آلو بخارو وڏي شوق سان استعمال ڪندا رهندا آهيون. خشڪ آلو بخارا وري رڌ پچاءَ ۾ استعمال ٿيندا آهن. ڇو ته ان جي استعمال سان کاڌن جي لذت ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. چٽڻيءَ طور به استعمال ڪبو آهي.خشڪ آلوبخاري کي شڪربالو ڪري سڏبو آهي اردو ۾ خوباني ڪري سڏجي ٿو.
ڀينرون مٿي ذڪر ڪيل استعمال جو تعلق ته ”نارمل صحت“ سان هو. هاڻي هيٺ اسين ڪجهه ذڪر ڪنداسين، بيمارين جي دوران ته ڪيئن نه آلوبخارو فائديمند ثابت ٿئي ٿو.
خشڪ آلوبخاري کي وات ۾ رکڻ (چوسڻ) سان اُلٽي نه ٿيندي (يعني دل ڪچي ٿيڻ جي صورت ۾)، مثال طور (ڳورهاري عورت) لاءِ بيحت مفيد ثابت ٿيندو ائين ڪرڻ سان غذائيت به ملندي.
شديد لُڪ لڳڻ وارن ڏينهن ۾ جڏهن سخت اُڃ لڳندي هجي ته آلوبخاري کي چوسڻ سان تمام گهڻو فائدو رسندو. شديد قسم جي اُلٽي واري ڪيفيت ٿي پوي يا ائين دل ڪچي ٿيندي هجي، يا وري قبضي جي شڪايت ٿي پوي، سڀني ڪيفيتن تي يڪسان طور حاوي ٿيندڙ هيٺيون آسان نسخو استعمال ڪري ڏسو.
هڪ گرم ڪوپ پاڻيءَ جو کڻو ۽ ان ۾ 5 کان 10 داڻا آلوبخارا وجهي ٽي ڪلاڪ کن پسائي رکو، پوءِ هٿن سان مهٽي ڇاڻي ڇڻيل پاڻي مريض کي پياريو. (ضرورت مطابق ڏينهن ۾ ٻه دفعا به استعمال ڪري سگهجي ٿو.)
تيز بخار جي ڪري، جيڪڏهن وات جو ذائقو ڪڙو ٿي ويو هجي، ته پوءِ اهو مٿيون ساڳيو نسخو استعمال ڪرڻ گهرجي.
خاص طور تي هاءِ بلڊ پريشر، الٽي، بدهضمي، بک جو نه لڳڻ، شديد مٿي جو سور، وغيره واري ڪيفيت لاءِ هيٺيون ڏنل نسخو آزمائڻ شرط آهي:
آلوبخارا پنج عدد ، کڻي رات جو سادي پاڻيءَ ۾ پسائي رکو ۽ صبح جو اُٿي، هٿن سان مهٽي، ڇاڻي پي ڇڏيو. جيڪڏهن سردين جي موسم هجي ته هلڪو گرم ڪري وٺو.
جيري جي ڪمزوري ۽ ڪامڻ لاءِ بيحد مفيد نسخو آهي. جن ماڻهن کي نزلو، زڪام ۽ سيني جي سور جي شڪايت هجي ته ان کي استعمال نه ڪن. آلو بخاري جو شربت به بازار ۾ دستياب هوندو آهي. ان جو استعمال به فائديمند آهي.
* * *

ڏاڙهون جو استعمال ۽ ڏند

ڏاڙهون هونئن ته ميوي طور سڃاتو وڃي ٿو روزمره جي زندگيءَ ۾ هڪ بهترين ميوي طور استعمال ٿيندڙ ڏاڙهون جو گل بهترين غذائيت فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ڏندن جي سور، مُهارن جي سوزش ۽ رت اچڻ واري ڪيفيت کي به رفع دفع ڪرڻ ۾ پڻ معاون ۽ مددگار ثابت ٿيو آهي.
ڏاڙهون سان اسان ڏندن جي مختلف بيمارين ۽ تڪليفن جو پڻ علاج ڪري سگهون ٿا. ڏاڙهون جا گل ڪنهن ڇانوَ واري جڳهه تي سڪائي، تمام سنها ڪري پيهي وٺو. صبح ۽ شام ان پائوڊر کي ڏندن صاف ڪرڻ لاءِ استعمال ڪريو بلڪل ائين جيئن توهان ڪنهن بازاري منجن جو استعمال ڪندا آهيو. تمام ٿوري عرصي ۾ توهان کي فرق محسوس ٿيندو ۽ مهارن منجهان ايندڙ رت ۽ سُور ختم ٿي ويندو، ۽ لڏندڙ ڏند پڻ مضبوط ٿي ويندا. ۽ کائڻ پيئڻ ۾ ڪابه تڪليف محسوس نه ٿيندي. ان کان علاوه ڏندن کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ مسواڪ ڪرڻ به بيحد لازمي آهي. روزانه باقاعدگي سان مسواڪ ڪرڻ سان ڏندن جي مختلف بيمارين منجهان نجات ملي ٿي، سور ختم ٿي وڃي ٿو ۽ ڏند صاف سٿرا ٿي وڃن ٿا. مسواڪ صحت لاءِ هڪ بهترين عمل پڻ آهي.
* *

گُل گوبي ۽ اُن جون غِذائي حقيقتون Cauli -flower, and its nutritional facts

ڪيولي فلاور يعني گُل گوبيءَ کي هِن سال يعني 2013ع ۾ اِسٽار ڀاڄيءَ جو خطاب ڏنو ويو آهي ۽ تقريباً سڄيءَ دُنيا ۾ هِن جو تذڪرو هلي پيو ۽ روزمره جي کاڌي جي لسٽ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. انٽرنيٽ جي ويب سائيٽ اِيپي (ڪروسيفيرس ڊاٽ ڪام تي هِن ڪروسيفيرس (api curiferons Veggie) ڀاڄيءَ کي هِن سال جي هاٽ ويجيٽيل "Hot Vegetable" قرار ڏنو پيو وڃي. هِن ڀاڄيءَ جا ننڍڙا ننڍڙا ٽڪر روسٽ ڪري به کاڌا وڃن ٿا ته وري سوپ ٺاهي پِيتا به وڃن ٿا ۽ ساڳي وقت اِسٽيڪ فارم Steak form ۾ به اِستعمال ٿين ٿا. هلندڙ سال ۾ گُل گوبي نه صرف کائڻ ۾ ذائقيدار قرار ڏني وئي آهي پر ساڳي وقت طِبّي محققين به پنهنجن علمي تحقيقات جي نتيجن ۾ پڌرائي ڪئي آهي ته گوبي جو گُل توانائي ۽ غذائيت سان ڀرپور ۽ ساڳي وقت طِبّي طور تي پڻ ڪيترائي مفيد جُزا شامل اٿس، مثال طور فائيٽو، نيوٽرنس، (Phyto-nutrients) نباتاتي غذائي جزا، جنهن ۾ اِن ڊول ٿري ڪاربينول ۽ سلفورانفين، (Indol-3-carbinol and sulforanphane) پڻ طِبّي محققين Medical Researchers لاءِ ڪشش جو سبب بڻيا آهن.
گُل گوبي هڪ طرف ته گهٽ ۾ گهٽ ڪئلوريز جو حامل آهي ته وري ٻي طرف فائبر (Fibre) سان ڀرپور صحتمند ۽ مڪمل غِذا فراهم ڪندڙ کاڌو آهي، جيڪو وڌيل وزن کي ڪنٽرول به ڪري ٿو ته وري ٻئي طرف وڌيل وزن کي گهٽائڻ ۾ پڻ مدد ڪري ٿو. ساڳي وقت ٽين خوبي اِها اٿس جو ماڻهوءَ جي وزن کي نارمل رکڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. اِن طرح گوبي هر لحاظ کان فائديمند ثابت ٿي آهي ۽ جيڪي به بيماريون خاص ڪري ٿولهه/ وڌيل وزن جي ڪري پيدا ٿين ٿيون تن کي باقاعده ڪنٽرول ۾ آڻڻ ٿي. مثال طور ٿولهه جي ڪري دل سان لاڳاپيل ڪيترين ئي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي ويندو آهي، ۽ بلڊپريشر وڌڻ ڪري ٻيون ڪيتريون ئي دِل سان واسطو رکندڙ بيماريون اچي منهن ڪڍنديون آهن، پر گوبيءَ جي اِستعمال سان اسان اُنهن تي تمام بهترين نموني ڪنٽرول حاصل ڪري سگهون ٿا، ڇو ته هڪ طرف هيءَ غذا ڪوليسٽرول کان پاڪ و صاف آهي ته ٻي طرف وري سڻڀ بنهه ٿورو اٿس اِنهن مٿين خوبين کان علاوه منجهس ٻيون به ڪيتريون ئي اضافي خوبيون موجود آهن جيڪي هيٺ تفصيل سان بيان ڪجن ٿيون.
فوليٽ (Folate) فوليٽ، وِٽامن خاص طور تي ڳورهاري عورت لاءِ بي انتها ضروري طور تي تجويز ڪئي ويندي آهي، ڇو ته هيءَ وِٽامن حمل واري عورت جي صحت لاءِ بي انتها ضروري ۽ ڄمڻ واري ٻار منجهه پيدا ٿيندڙ نقص تي پڻ ڪنٽرول حاصل ڪري وٺندي آهي.
(This vitamin falote prevents the birth -defects)
آئرن (Iron)، جيڪو گل گوبيءَ منجهه فراواني سان موجود آهي، جسم اندر رت ۾ ڳاڙهن جزن وڌائڻ سان گڏوگڏ هيموگُلوبن جي ليول پڻ وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. ساڳي وقت اِهڙا ماڻهو جيڪي رت جي ڪميءَ جا شڪار يعني ته (Anaemic) اينيمِڪ هوندا آهن، تن کي به گوبي کائڻ جي ترغيب ڏني ويندي آهي. اِهو ياد رکڻ گهرجي ته روزمره جي کاڌي خاص طور تي ڏينهن جي ماني يعني (Lunch) تي وري بند گوبيءَ کي سلاد ۾ گُل گوبيءَ جو شامل رکڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي.
گُل گوبي ۾ ٻي وٽامن جيڪا وافر انداز ۾ موجود آهي، تنهن جو نالو آهي، مئگنيز (Manganese) هيءَ وِٽامن بنيادي طور تي (Co-factor) ڪوفيڪٽر طور تي هڪ خاص قسم جي اِينٽي آڪيسڊنٽ (Antioxidaut) اينزائم (Enzyme) نالي (Superoxide dismutase) سپر آڪسائيڊ ڊسميوٽيز سان گڏجي آڪيسيڊيٽو اِسٽريس (Oxidative Stress) ۽ فِري ريڊيڪلس (Free redicals) کان بچاءُ ڪرائي ٿي، جيڪي ڪينسر جهڙي موذي مرض جو باعث بڻجن ٿا. يعني سولي سڌي ٻوليءَ ۾ اسين اِئين چوڻ ۾ بلڪل حق بجانب آهيون ته گُل گوبي (Cauliflower) ڪينسر کان بچاءُ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ڇو ته منجهس قدرت اِهڙا ته وِٽامنس عطا ڪيا اٿس جيڪي اِنساني صحت کي برقرار رکڻ ۽ مختلف قسمن جي بيماري ۽ اُن جي علامتن کي ختم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ٿا.
ٽين نمبر تي نياسن (Niacin)، پنٿوٿينڪ اِئسڊ، (Panthothenic acid) ۽ رائبو فليوِن Riboflavin ۽ ٿائيمن (Thiamin)جو ذڪر اچي ٿو. هي سڀ ڪيميڪل ڪمپائونڊس (Chamical Compounds) وِٽامنس جو مقدار نارمل يعني بلينس (Balace) ۾ رکڻ مددگار ثابت ٿين ٿا ۽ ٻي طرف ميٽابولزم (Motabolism) يعني غذائي جزن جي جوڙجڪ ۽ ڀڃ ڊاهه واري عمل کي پڻ ڪنٽرول رکڻ ۾ مدد ڪن ٿا، جنهن جي ڪري دِل جي بيمارين جو انديشو پڻ گهٽجي وڃي ٿو ۽ اِنساني جسم تي جيڪو ذهني يا اندروني دٻاءُ پوي ٿو تنهن کي گهٽائڻ ۾ پڻ مدد ڪن ٿا ۽ رت اندر ڳاڙهن جزن جي واڌ ويجهه ۾ پڻ اضافي جو باعث بڻجن ٿا.
وِٽامن سي ۾ (Vitamin C) پڻ ڪينسر جي مرض لاءِ خاص قسم جا اِينٽي آڪيسڊنٽ (anti-oxidant) موجود آهن. گڏوگڏ خلين ۽، اوڄن (Cells and tissues) جي ساخت وغيره لاءِ پڻ هيءَ وِٽامن خاص طور تي استعمال ٿئي ٿي. مطلب ته گوبيءَ ۾ وِٽامن سي (Vitamin C) پڻ ڀرپور انداز ۾ موجود آهي، جيڪا جسم جي گهرڙن، خلين، اوڄن ۽ ڪوليجن (Collagen) جي نشوونما ۾ حصو وٺي ٿي ۽ مدد ڪري ٿي.
وِٽامن ڪي (Vitamin K) جي موجودگي پڻ اندروني پراڻي سوزش، (Chronic inflammation) کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿي، ورنه هوند سور، هڏن جو ڀُرڻ ۽ ڪمزور ٿيڻ ۽ رفع حاجت جون تڪليفون وڌي سگهن ٿيون.
اِن قسم جي تڪليفن کي منهن ڏيڻ لاءِ هيءَ وِٽامن ڀرپرو انداز ۾ جسماني دفاع ڪري ٿي. هِن وِٽامن وانگر اوميگا ٿري (Omega 3 fatty acids) فِيٽي ائسڊس پڻ ساڳي نموني مددگار ٿين ٿيون.
مطلب اِهو آهي ته الله تعاليٰ هِن ڪائنات ۾ جيڪو ڪجهه اناج، ميوات، ڀاڄيون، زمين تي، يا زيرِ زمين اُپايون آهن، تن سڀني ۾ ڪانه ڪا شفا لڪل آهي. اِنسان کي هِر غذا واپرائڻ کپي پر جيڪڏهن پنهنجي علمي آڌار تي ماڻهو سوچي سمجهي روزمره جي زندگيءَ ۾ هر شيءَ کي شامل رکندو ته هوند هر بيماريءَ کان بچيل رهندو. ڇو ته قدرت واري فطري طور تي هر غِذا ۾ ڪانه ڪا ”شفا“ ضرور رکي آهي.
مٿين موضوع جي حوالي سان اڄ اسان ”گُل گوبي“ (Cauliflower) جي باري ۾ ڪجهه مفيد معلومات فراهم ڪئي آهي، اِنشاءَ الله تعاليٰ ايندڙ مضمون ۾ وري ڪنهن ٻي مفيد معلومات سان گڏ هونداسي.
هاڻي اسان ڀينرن لاءِ هڪ چارٽ ذريعي معلومات فراهم ڪيون پيا ته جيڪڏهن اسان هڪ ڪوپ، هڪ سو ملي ليٽر، (100.ml) 1 cup گُل گوبي اِستعمال ڪنداسي ته اسان کي هيٺين ريت ڪئلوريز حاصل ٿينديون. هڪ ڪوپ ۾ ڪل 25 ڪئلوريز مِلن ٿيون. جڏهن ته سڻڀ منجهان ٽي ڪلو ڪئلوريز (3 K cal) حاصل ٿين ٿيون.

Nutritioanl facts Cauliflower, raw Amounts Nutrients
غذائي جزا مقدار Nutrients % RDA
ڪاربو هائيڊريٽس چار ڏهائي ستانوي گرام 4.97g %4 Charbohydrates
غذائي فائبر ٻه ڏهائي زيرو گرام 2.0g %5 Dietary Fiber
پروٽين هڪ ڏهائي ٻيانوي گرام 1.92g %4 Protien
وِٽامنس Vitamins
فوليٽ ستونجهاهه ملي گرام 57mg %14 Folates
نياس زيرو ڏهائي پنج سؤ ست ملي گرام 0.707mg %3 Niacin
پينٿوٿينڪ اِئسڊ زيرو ڏهائي ڇهه سؤ ستهٺ ملي گرام 0.667mg %13 Panthothenic
رائبوفلِيون زيرو ڏهائي سٺ ملي گرام 0.60mg %45 Riboflavin
ٿائمين زيرو ڏهائي پنجاهه ملي گرام 0.50mg %4 Thymine
وِٽامن سي اٺيتاليهه ڏهائي ٻه ملي گرام 48.2mg %80 Vitamin C
منرلس Minerls
آئرن زيرو ڏهائي ٻائيتاليهه ملي گرام 0.42mg %5 Iron
مئگينز زيرو ڏهائي هڪ سؤ پنجونجهاهه ملي گرام 0.155mg %70 Mangce
* **

صُوف ۽ اُن جي غِذائيت

”صوف“ بهترين ميوي ۾ شمار ٿئي ٿو، غذائيت سان ڀرپرو صوف جيڪڏهن صبح جو نيرانو کائجي ته هوند سڄو ڏينهن توانائي مُيسّر رهندي. سٺي قسم جو صوف روزانو ضروري طور تي هڪڙو کائڻ کپي. هڪ انگريزي ۾ مشهور چوڻي آهي ته ”روزانو هڪ صوف کائو ۽ پاڻ کي ڊاڪٽرن کان پري رکو.“ (Apple a day, keeps the doctor away) صوف جي ”غذائيت“ جي باري ۾ هڪ سائنسي جرنل نالي (BMI) برٽش ميڊيڪل جرنل جيڪو تمام مشهورو معروف پڻ آهي اُن ۾ هڪ تحقيق کي ڊسمبر 2013ع جي شماري ۾ شايع ڪيو ويو آهي. اِن کوجنا ۾ سائنسدان ايڊم ۽ اُن جي ٻين ساٿين، رت ۾ ڪوليسٽرول (چرٻي) کي گهٽائڻ لاءِ ”دوائن“ ۽ ”صوف“ جي افاديت کي چيڪ ڪيو، جڏهن ٻنهي جي فائدن کي ڀيٽيو ويو ته اِهو ثابت ٿيو ته جيڪڏهن روزانو هڪ صوف کائبو ته رت ۾ ڪوليسٽرول جو مقدار گهٽبو، نتيجي ۾ دل جو دورو ۽ ٻيو تڪليفون گهٽجي وينديون، جنهن سان ماڻهوءَ جا جسماني ٻيا به ڪيترائي مسئلا گهٽجي ويندا.
اِن تحقيق ۾ 50 سالن کان وڏي عُمر جا ماڻهو شامل ڪيا ويا. جن منجهان ڪجهه کي دوائون ڏنيون ويون ۽ ڪجهه کي 100 گرام وزن جو هڪ صوف روزانو کائڻ لاءِ ڏنو ويو. تحقيق ۾ اِهو ثابت ٿيو ته 150 سؤ سال چوڻي سچ آهي. يعني ته جن ماڻهن صوف کاڌو اُنهن کي دل جو دورو نه ٿيو يا وري گهٽ ٿيو ۽ اُهي اچانڪ دل جي دوري کان محفوظ رهيا، جڏهن ته جن دوائون واپرايون، تن منجهه دِل جي دوري جي شرح وڌيل رهي. ڇو ته ڪوليسٽرول گهٽائڻ واريون دورائون ماڻهوءَ جي مُشڪن (Muscels) کي ڪمزور ڪنديون آهن. برطانيه ۾ دل جي دوري ۽ ٻين بيمارين کي گهٽائڻ لاءِ هر 50 سالن کان وڌيڪ عمر وارن کي، ڪوليسٽرول گهٽائڻ واريون دوائون کائڻ لاءِ ڏنيون وڃن ٿيون. مٿين تحقيق 150 سال پراڻي چوڻي جي افاديت کي چيڪ ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي. جنهن سان عام ماڻهو جو فائدو ٿيندو. پر افسوس ته اسان جي ملڪ ۾ اِهڙي تحقيق جي فائدن تي عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ تمام ڏکيو آهي. حالانڪه دوائن واپرائڻ جي ڪري ماڻهن ۾ مشڪن جي ڪمزوري، مُشڪن جو ڀُرڻ، ٽٽڻ ۽ مِٺن پيشابن جهڙيون تڪليفون پيدا ٿي پون ٿيون.
* **

Aspirin ايسپرين جو نعم البدل،”ٽماٽو“

ٽماٽو هر عام و خاص جي مرغوب غذا رهندو آيو آهي. ٽماٽو ڀاڄيءَ طور به استعمال ٿئي ٿو ته وري سلاد جو به اهم جزو سمجهيو ويندو آهي. ڪچي سائي سلاد جي پليٽ جو سينگار ڄڻ ته ڳاڙهي رنگ جو ٽماٽو ئي هوندو آهي. گول ڪٽي رکجي يا وري سڄي ٽماٽي کي ڪنهن ڊزائين ۾ ڪٽي ٺاهي رکجي، مطلب ته ٽماٽي جي پنهنجي هڪ خاص اهميت، خاصيت ۽ جاذبيت آهي جنهن جي ڪري اهو جنهن به روپ ۽ رنگ ۾ استعمال ڪجي، ان جي افاديت اوتروئي ساڳي اهم ترين رهي ٿي. ٽماٽي جي بظاهر نظر ايندڙ رنگ نه صرف ڏسڻ ۾ سهڻو ۽ سٺو لڳندو آهي، پر درحقيقت خاصيت جي لحاظ کان به ٽماٽو بي انتها مفيد آهي. غذائي اهميت جي حامِل ٽماٽي کي نه رڳو کاڌن ۾ ذائقي وڌائڻ لاءِ استعمال ڪجي ٿو، پر هينئر تازي تحقيق جي پيش نظر اهو ثابت ٿيو آهي ته ٽماٽي جو استعمال روزمره جي زندگيءَ ۾ جتي مثبت اثر وجهي صحت کي برقرار رکي ٿو، اُتي اُن جي ٻ جن (Seeds) ۾ ربّ تعاليٰ اهڙي ته شفا رکي آهي جو اِهي ٻج اِسپرين جو نعم البدل ثابت ٿيا آهن. هنن ٻجن ۾ اهڙا ته جزا ڳولي لڌا ويا آهن. جيڪي اِسپرين جهڙو ساڳيو ڪم سرانجام ڏيئي سگهن ٿا. ان ڪري ماهرن اها راءِ ڏني آهي ته دل جي بيمارين کان بچاءُ لاءِ ٽماٽي جو ٻجن سوڌو استعمال بي انتها مفيد ثابت ٿي سگهي ٿو. ان ڪري ٽماٽي کي ”دل جو دوست“ سڏيو وڃي ٿو.
ڪچو ٽماٽو، ڀاڄين ۾ رڌڻ کان وڌيڪ ڪارائتو آهي. انڪري ڪوشش ڪري وڌ کان وڌ سلاد ۾ ٽماٽي جو استعمال جاري رکڻ گهرجي.

[b]ٽماٽو، اُن جي طِبّي اهميت ۽ افاديت
[/b]ٽماٽو ڪينسر ۽ هڏين جي ڪمزوريءَ کان بچاءَ جو هڪ مؤثر ذريعو آهي. ڀاڄين منجهه ٽماٽي کي اهم ۽ منفرد حيثيت حاصل آهي. ٽماٽو جهڙو ته ڏسڻ ۾ خوبصورت ۽ دلڪش آهي، اوترو ئي طبي لحاظ کان به تمام اهم حيثيت جو حامل آهي. طبي ماهرن جو خيال آهي ته ٽماٽو ڪيچپ کائڻ سان ڇاتين جي ڪينسر ۽ هڏين جي ڪمزور ٿيڻ واري عمل ۾ ڪمي ٿي سگهي ٿي. ان جو سبب ٽماٽي ۾ موجود مادو جنهن جو نالو آهي لائيڪوپين (Lycopene)، اِهڙو ڪيميائي مرڪب جنهن جي ڪري ٽماٽو ڳاڙهو پڻ نظر اچي ٿو. گذريل ڪافي سالن کان هلندڙ تحقيق دوران اها خبر پئي آهي ته جيڪي شيون ٽماٽي منجهان ٺاهيون وڃن ٿيون، جن منجهه ”لائيڪوپين“ موجود آهي، اُن جي واپرائڻ سان مردن منجهه پتي جي ڪينسر ۽ مثاني جي ڪينسر (سرطان) کان بچڻ (محفوظ) رهڻ جي شرح وڌي وڃي ٿي.
گذريل ۽ موجوده تحقيقي مطالعي جي بنياد تي اِهو چئي سگهجي ٿو ته ٽماٽي ۾ موجود لائيڪوپين مادو، مردن ۽ عورتن، ٻنهي لاءِ فائديمند آهي.
ڪئناڊا ۾ هلندڙ تحقيق دوران معلوم ٿيو آهي ته پنهنجي روزاني غذا ۾ ٽماٽي کي وڌ ۾ وڌ شامل ڪري، توهان پنهنجي جسم جي هڏين کي ڪمزور ٿيڻ کان بچائي سگهو ٿا. هن تحقيق دوران ٻن قسمن جي خلين (Cells) تي لائيڪوپين (Lycopene) جي اثر جو جائزو ورتو ويو. هڪڙي قسم جا خليا آهي هئا، جيڪي هڏن جي مضبوطي کي قائم رکڻ لاءِ هوندا آهن، جن سان هڏا سخت يعني (ٺوس) (Solid) حالت ۾ رهي سگهندا آهن، ۽ ٻيا خليا آهي هئا، جيڪي اِن ٺوس پن کي گهٽائيندا آهن. هڏن جي ڪمزور ٿيڻ واري عمل دوران ظاهر آهي ته ٻئي قسم جا خليا وڌيڪ سرگرم ٿي ويندا آهن ۽ اُنهن جو عمل دخل وڌي ويندو آهي. مٿين تحقيق مان معلوم ٿيو ته ”لائيڪوپين“، ان قسم جي خلين جي ڪارڪردگيءَ کي ڪنٽرول رکي ٿي ۽ هڏين کي ڪمزور ٿيڻ کان بچائي ٿي. هڏن جي ڪمزوريءَ کي ”خاموش بيماري“ سڏيو ويندو آهي، ڇو ته جيستائين هن بيماريءَ جو صحيح انداز سان پتو لڳائجي، تستائين هيءَ بيماري ڪافي حد تائين وڌي چڪي هوندي آهي. عام طور تي ان کي ”پوڙهائپ“ جي بيماري ڪري سڏيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ حقيقت اها آهي ته هڏن جو (ٺوس پن) يعني هڏن اندر موجود گودو جنهن کي ”مکُ“ به سڏيو وڃي ٿو، سو 35 سالن جي عمر تائين پنهنجي انتها تي پهچڻ کان پوءِ آهستي آهستي گهٽجڻ شروع ٿي ويندو آهي. انڪري جيڪڏهن ان عمر دوران هڏن جي (ٺوس پن) کي قائم ۽ ساڳي حالت ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪجي ته جيئن هڏن ۾ تڪڙي ڪمزوري نه ٿئي، ان لاءِ ٽماٽي جو استعمال هڪ بهترين غذا سان گڏ ”دوا“ مثل به ڪم ڪندو.
اڄ ڪالهه ڪئناڊا جا سائنسدان ان ڪم ۾ مشغول آهن ته جيڪڏهن ٽماٽي جي (ستَ) منجهان گوريون (Tablets) ٺاهيون وڃن ته هوند جيڪر، هڏن جي ڪمزوري وارن انسانن تي ڪهڙو اثر پوندو، يعني ته مريضن ۾ ڪهڙو فرق ايندو. هن مهل تائين سائنسدان ان نتيجي تي پهتا آهن ته جيڪڏهن روزانو ٽماٽي جو اٺ آئونس (عرق/جوس)، پيتو وڃي ته جسم ۾ ”لائيڪوپين“ جو مقدار مناسب سطح تي رهندو، جيڪو ”هڏن“ کي فائدو رسائيندو رهندو.
اها هڪ عجيب ڳالهه آهي ته اسان جو جسم تازي ”ٽماٽي“ منجهان ايتري سٺي مقدار ۾ ”لائيڪوپين“ نٿو حاصل ڪري سگهي، جيترو وري ڪيچپ / ساس وغيره منجهان حاصل ٿئي ٿو، يعني جذب ڪري سگهي ٿو. مطلب هيءُ آهي ته تازي ٽماٽي جي بنسبت يعني پروسيسڊ ٿيل ٽماٽي منجهان ”لائيڪوپين“ وڌيڪ حاصل ٿئي ٿي، جيڪا انساني جسم جي ضرورتن کي مڪمل ڪري ٿي.
ڪجهه عرصو پهرين ”مثاني جي ڪينسر“ متعلق ٿيل تحقيق دوران خبر پئي ته جيڪڏهن ٽماٽي جو ڪيچپ / ساس، هفتي ۾ ٻه دفعا اِستعمال ڪجي ته مردن منجهه مثاني جي ڪينسر جو خطرو هڪ حصو گهٽجي سگهي ٿو.
آمريڪا جي هڪ غذائي ماهر جي مطابق بيشڪ ٽماٽو ڪيچپ ”لائيڪوپين“ حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو آهي.
هن جي تياريءَ جو عمل ڪجهه اهڙي نموني ٿيندو آهي جو ”ٽماٽي“ منجهان، وڌ کان وڌ ”لائيڪوپين“ جذب ڪري وٺندو آهي. توڙي جو صوف، هنداڻو ۽ گلابي رنگ جا چڪوترا پڻ ”لائيڪوپين“ ۾ ڀرپور آهن، پر ”ٽماٽو“ بهترين ذريعو آهي ڇو ته ٽماٽو هڪ عام جام ملندڙ ڀاڄيءَ طور استعمال ٿئي ٿو. ان ڪري آخر ۾ عرض آهي ته روزاني جي کاڌن ۾ ٽماٽي سان گڏوگڏ ڪيچپ جو استعمال به مناسب مقدار ۾ رکڻ گهرجي.
* * *

ڪُڪڙِ جو انڊو (بيضو)

الله تعاليٰ انسانن لاءِ بي شمار ۽ بي مثل مختلف انواع جا کاڌا، ”خوراڪ“ لاءِ عطا ڪيا آهن. جن ۾ لاتعداد نباتات ۽ ڪجهه قسم حيوانات جن ۾ ڪجهه زمين تي رهندڙ ۽ ڪجهه پکي، هوا ۾ اڏرندڙ ته ڪي وري پاڻيءَ منجهه رهندڙ هر ڪنهن جي پنهنجي اهميت افاديت آهي. اسان روزمره جي زندگيءَ ۾ مختلف کاڌا استعمال ڪندا رهون ٿا، جن ۾ ڪُڪڙ جو بيدو به شامل آهي. دراصل هڪ سڄو بيضو کائڻ سان به هڪ مڪمل غذا بخش ڪئلوري ملي ٿي.
ماهرين جي راءِ مطابق بيضو انساني صحت لاءِ بي انتها فائديمند آهي. هڪ بيضي ۾ وٽامن ڊي (D)، بي (B-12) ۽ سيلينيم (Selenium) تمام گهڻي مقدار ۾ موجود هوندا آهن. هڪ انڊي ۾ 18 ڪئلوريز موجود هوندا آهن. غذائي ماهرين جي مطابق روزانو، هر انسان کي هڪ انڊو (بيضو) ضرور کائڻ گهرجي. ڇو ته هن منجهان تمام بهترين غذائيت حاصل ٿي سگهي ٿي. انڊو صحت جو ضامن ۽ ٿولهه (موٽاپي) کي ڪنٽرول ڪري ٿو. ”انڊو ۽ مرغي“ هڪ مڪمل کاڌو، جيڪو اسان کي هڪ ”پکي“ مُهيا ڪري ٿو. سو انسان ذات لاءِ اڄ ڪلهه جي مصروف زماني ۾ ”نيرن لاءِ بهترين ”غذا“ طور استعمال ٿئي ٿو. هڪ انڊو، ڪيلو ۽ کير جو گلاس ٻارن ۽ وڏن لاءِ مڪمل غذا آهي.
* * *

وِٽامِنس (حياتين) (Vitamins) وٽامن اِي (E) ۽ صحتمند زندگي

عام طور تي ”وٽامنز“ کي ”حياتين“ ڪري به سڏيو ويندو آهي. انساني غذا ۾ حياتين جو شامل هجڻ ائين ضروري آهي، جيئن انساني زندگيءَ لاءِ هوا، باهه، پاڻي ۽ خوراڪ جو هجڻ لازمي آهي. انسان جي صحت ئي دراصل سندس زندگيءَ جي ضامن هوندي آهي. جيڪڏهن ”صحت“ برقرار هوندي ته انسان زندگي کي ڀرپور انداز ۾ گذاريندو. اڄ اسين ”حياتين“ يعني (Vitamins) وٽامنز جو ذڪر ڪنداسين ته اهي خوراڪ سان گڏوگڏ ڪهڙي نموني پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿيون ۽ ڪهڙي طريقي سان انسان جي صحت تي اثرانداز ٿين ٿيون.
حياتين (وٽامنز) ڪيترن ئي قسمن جا ٿين ٿا، جن منجهان ڪجهه انتهائي ضروري سمجهيون وڃن ٿيون. جيئن وٽامن اَي (A)، بي (B)، بي ڪامپليڪس (B Complex)، سي (C)، ڊي (D)، اي (E) ۽ ٻيا به ڪيترائي قسم آهن. هر قسم جي وٽامن جو الڳ الڳ ڪم آهي. اڄ اسين هتي وٽامن (E) اِي جي باري ۾ ڪجهه حقيقتون بيان ڪنداسين ۽ ڏسنداسين ته هيءَ وٽامن ڪهڙي نموني انساني صحت جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري ٿي. ڪيميائي طريقي سان پرکينداسين ته خبر پوندي ته هي وٽامن هڪ اڪيلو مرڪب (Compound) نه آهي، پر هڪ (Family)، اٺن مختلف اينٽي آڪسيڊنٽ (Antioxidants) ۽ چئن ميمبرن تي مشتمل، ٻن گروپن ۾ يعني ٽوڪو فيرولس (Tocopherols) ۽ ٽوڪو ٽيرينولس (Tocotrienols) تي مشتمل آهي. هنن کي عام طور تي الفا (Alpha)، بيٽا (Beta)، گاما (Gama)، ۽ ڊيلٽا (Delta) ٽوڪو فيورلس يا ٽوڪو ٽيرينولس ڪري سڏيو وڃي ٿو.
الفا ٽوڪوفيرول (Alphatocopherol) دراصل خاص ڪم ڪندڙ ميمبر جي طور تي سڃاتو ويندو آهي. جيڪو پنهنجي فيملي ۾ اهم جزو سمجهيو وڃي ٿو ۽ هيءُ ئي اهم جزو دراصل بيمارين خلاف ويڙهه ۾ حصو وٺندو آهي ۽ ويڙهاڪ (فائيٽر) جي طور تي ڪم ڪندو آهي. روزمره جي زندگيءَ ۾ جتي مختلف وٽامن، مختلف طريقن سان صحت تي اثرانداز ٿين ٿيون، اتي وٽامن (E) اِي به پنهنجن بي شمار فائدن سببان اسان جي صحت لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي. وٽامن اي (E) جا فائدا هيٺينءَ ريت آهن:
1. هيءَ وٽامن انساني خلئي/ جيوگهرڙي (Cell) ۽ انهن جي (Walls) کي پاڻ سان ڳنڍي رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.
2. دل جو دورو مختلف سببن ۽ مختلف قسمن جو ٿيندو آهي، سو هيءَ وٽامن جيڪڏهن پنهنجي پوري پني مقدار ۾ هوندي ته بچاءُ لاءِ اڳتي وڌي ويڙهه ڪندي آهي. مثال طور مايوڪارڊيئل انفارڪشن (Myocardial- Infarction)، اينجائنا (Angina) ۽ ڪورونري اسپيزم (Coronary- Spasm) وغيره ۾ پنهنجو ڪم ڦڙتيءَ سان سرانجام ڏيندي آهي ۽ گڏوگڏ رت ۾ موجود ڪوليسٽرول کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ لپڊ پروفائيل (Lipid- Profile) کي نارمل رکڻ لاءِ جتن ڪندي رهندي آهي.
3. رت منجهه موجود ڪوليسٽرول ليول (Cholesterol- Level) کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪندي آهي.
4. ٽوڪوٽيرينولس (Tochotrienols)، ڪينسر (Cancer) جي خلين کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ ۾ وڏي مدد ڪن ٿا ۽ ڪينسر جي خلين جي واڌ کي روڪي، ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. خاص طور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا ۽ ساڳي وقت چمڙيءَ جي ڪينسر ۾ به بچاءُ ڪن ٿا.
5. رعيشي جي بيماري (الزاهمر) (Alzheimer’s disease) دوران دماغي ساخت ۽ سرشتي کي درست رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. ان بيماري جي ڪري دماغي خليا سُسي غير فعال بڻجي ويندا آهن. وٽامن اِي (E) جي ڀرپور موجودگي ڪافي حد تائين خلين کي تباهه ٿيڻ کان بچائي وٺندي آهي ۽ بيماريءَ جي وڌڻ جي شرح کي به ڪافي حد تائين ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي.
6. ڪيترين ئي سيڪنڊري ڊزيزز (Secondary diseases) کي پڻ ڪنٽرول ڪرڻ ۾ وٽامن اِي (E) معاون ۽ مددگار ثابت ٿين ٿا. مثال طور دماغ جو گهٽ ڪم ڪرڻ، گردن، ريٽينا ۽ اک جو موتيو پاڻي وغيره يا وري شگر واري مريض جو پير وغيره (شوگر واري مريض لاءِ جڏهن مسئلو پيدا ڪري وجهي) ان صورتحال کي پڻ وٽامن اِي (E) بهتر طريقي سان ڪنٽرول ڪري ٿي ۽ بيماري يا اهڙي ڪا صورتحال پيدا ٿي پوڻ تي فوري طور تي ان وٽامن جي مداخلت جي ڪري، اها بيماري تڪڙو نٿي وڌي ۽ جيڪڏهن بروقت سنڀالي وٺجي ته پڻ وڌيڪ بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.
7. وٽامن اِي (E) جي مقرر مقدار هجڻ سان انساني جسم ۾ قوت مدافعت نارمل رهي ٿي ۽ ڪيترن ئي اهم مسئلن جي ظاهر ٿيڻ دوران پڻ مددگار ثابت ٿئي ٿي. مثال طور ڪنهن انساني جسم ۾ جڏهن ٻيو ڪو عضوو لڳايو وڃي (يعني پيوندڪاري ڪئي وڃي) ته اهو جسم اندر تڪڙو قبول ٿي وڃي ٿو ۽ ڪوبه امڪاني رد عمل نٿو ٿئي. ساڳيءَ ريت جڏهن آپريشن ڪيو وڃي ٿو ته ٽانڪا وغيره لڳائڻا پوندا آهن، تن کي پڻ جلدي ڇٽڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ ڦٽ جلدي ڇٽي وڃن ٿا، يعني ته هيلنگ پراسيس (Healing Process) جلدي ٿئي ٿو.
8. جيئن ته اڳ ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته وٽامن اِي (E) قوت برداشت سرشتن کي (Immune System) مضبوط ڪري ٿي ان ڪري عام ڏينهن ۾ روزمره جي زندگيءَ ۾ جيڪي تڪليفون ٿين ٿيون تن تي پڻ مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري سگهجي ٿو. مثال طور نزلو (Flue)، ٿڌ جو لڳڻ (Cold)، کنگهه ٿيڻ (Cough)، عام بخار (Fever) وغيره واري صورتحال ۾ هن وٽامن جي موجودگيءَ کي يقيني بنائڻ ۽ وڌائڻ سان اسان پنهنجي قوت مدافعت واري سرشتي کي بهتر بڻائي، بهترين طريقي سان ڪنٽرول ڪري سگهون ٿا، ڇو ته قوت مدافعي سرشتو طاقت وارو هجڻ ڪري سڌو سنئون اثرانداز ٿي بيماري جي وائرس کي ويڙهه دوران ئي ماري ختم ڪري ڇڏي ٿو ۽ وڌيڪ ڳنڀير صورتحال کان بچي سگهجي ٿو.
وٽامن اِي (E) کي اڪثر ڪري جواني قائم رکڻ واري وٽامن به ڪري سڏجي ٿو. اڪثر ڪري هن کي جيو گهرڙن جو ڦوهارو جيڪو جواني واري تازگي کي برقرار رکي سگهي (Youth Cellular Fountain of fountain) ڪري سڏيو وڃي ٿو. هن وٽامن جي مسلسل استعمال جي ڪري، انساني چمڙيءَ جي زندگي ۽ خوبصورتي برقرار رهي ٿي. چمڙي نرم ملائم، چمڪندڙ ۽ تازي نظر ايندي آهي. جيئن ته وٽامن اِي (E) سڻڀ ۾ جذب ٿيندڙ آهي، ان ڪري کاڌا جن ۾ اها وٽامن موجود آهي سي وري هاءِ ڪيلوريز وارا، (Rich in Calories) ٿين ٿا. ان ڪري خوراڪ جا ماهر (Nutritionists) ان خيال جا آهن ته جيڪڏهن توهان کي ڪنهن سبب ڪري وٽامن اِي (E) اضافي وٺڻ جي ضرورت پوي ته پوءِ ضرور وٺو ۽ اهو نه سوچيو ته توهان جو وزن وڌي ويندو ڇو ته ڪجهه مرحلن تي وٽامن اِي (E) جو هجڻ بي انتها لازمي ٿيو پوي. پر کاڌي منجهان وٽامن اِي (E) کي حاصل ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي، جيڪڏهن توهان لاءِ وزن جو وڌي وڃڻ هروڀرو ڪو مسئلو نٿو پيدا ڪري. روزانو وٽامن اِي (E) جا 30 انٽرنيشنل يونٽ (International Units 30) جيڪي تقريبن 20 ملي گرام (20 Milligrams) الفاٽوڪوفيرول (Alphatocopherol) جي برابر ٿين ٿا. حاصل ڪرڻ يعني غذا ۾ شامل ڪرڻ نهايت ئي لازمي آهن. روزمره جي زندگيءَ ۾ جتي جيئڻ لاءِ کاڌ خوراڪ جي ضرورت آهي، اتي پنهنجي صحت کي تندرست ۽ برقرار رکڻ لاءِ حياتين يعني وٽامنز جو استعمال (پنهنجي کاڌ خوراڪ ۽ ميون ڀاڄين منجهان حاصل ڪرڻ) به تمام ضروري آهي.
وٽامن ”اِي“ يعني ته حياتين ”د“ جي باري ۾ تازي تحقيق منجهان ثابت ٿيو آهي، هيءَ وٽامن نه صرف هڏين جي مضبوطي لاءِ ضروري آهي پر ان سان گڏوگڏ بلڊپريشر، شگر ۽ ٻين ڪيترين ئي دل جي بيمارين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ به بي انتها مفيد آهي ۽ مفيد رول ادا ڪري ٿي.
وٽامن ”اِي“، اسان کي کير، ڏهي، ۽ پنير منجهان حاصل ٿيندي آهي هڪ بالغ انسان لاءِ روزانو اٽڪل چار سَوَ ”400“ يونٽ گهربل هوندا آهن، اها پڻ هڪ حيرت ۾ وجهندڙ خبر آهي نه وٽامن ”اِي“ اسان ”اُس“ منجهان به حاصل ڪري سگهون ٿا ۽ اهو هڪ بهترين ذريعو پڻ آهي.
* * *

حصو ٽيون: علمِ بدن

---

رت ۽ اُن جون اِرتِقائي منزلون

Blood from Evolutionary point of View


[b]رت ۽ اُن جي وصف:
[/b]Blood and its defination

رت هڪ انتهائي اهم جزو/عضوو آهي ان جي مختصر تشريح هن ريت آهي:
(Blood is a Circulating Connective Tissue organ)
خداوندِ قُدوس هن ڪائنات جي تخليق ڪئي آهي. هن سڄي دنيا کي رونق بخشڻ لاءِ انسان، حيوان ۽ ٻوٽا پيدا ڪيا آهن. الله تعاليٰ انسان کي عَقلِ سَليم عطا ڪيو ۽ ٻين جانورن کان وڌيڪ معتبر بڻايو. اِنسان جنهن کي اشرف المخلوقات جو لقب مليل آهي، تنهن پوءِ ڪائنات جي تسّخير ڪرڻ شروع ڪئي. اِبتدائي دور ۾ وسيلن جي قلت هجڻ ڪري انسان کي دِقت/ ڏکيائي ٿي، پر هن پنهنجي لڪل ذهانت کي جڏهن چڱيءَ طرح استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ته مٿس هر راز ظاهر ٿيندو ويو ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اِرتقائي منزلون طئي ڪندو وڃي چنڊ تي پهتو. انسان هر شيءَ ۾ ترقي ڪئي ۽ مشين ايجاد ڪرڻ کان پوءِ سندس روزمره جا ڪم آسان ٿيڻ لڳا ته اُن دور کي انسان سائنسي دور جو نالو ڏنو ۽ مختلف معلومات حاصل ڪرڻ کان پوءِ مختلف شعبا قائم ڪيا. اُنهن شعبن منجهان علم حياتي هڪ انتهائي اهم شعبو آهي. جنهن جي مطالعي کان پوءِ انسان ان نتيجي تي پهتو ته زندگيءَ جي ابتدا ڪيئن ٿي؟(Stndy of biology)
* * *

جِيوَگهرڙو

بنيادي طور تي انسان، حيوان ۽ ٻوٽا هڪ ساڳي ايڪي تي مشتمل آهن.

جنهن کي اسين زندگيءَ جو بنيادي ايڪو يا يونٽ (Basic unit of life) سڏيون ٿا ۽ ان ايڪي يا يونٽ جو نالو آهي جيوگهرڙو (Cell). بنيادي طور هن مضمون ۾ اسان کي ٻُڌائڻو هيءُ آهي ته رت اصل ۾ ڇا آهي، ڇا جي ٺهيل آهي ۽ ڇو ضروري آهي؟ پر اُنهن سڀني سوالن جي جوابن ڏيڻ کان اڳ اهو به انتهائي ضروري آهي ته اسين اهو ڄاڻون ته اصل ۾ رت جي ابتدا ڪيئن ٿي ۽ اِها ڪيئن ٺهي ۽ ڪهڙين ضرورتن جي تحت وجود ۾ آئي، ڇو ته جيڪڏهن غور ڪبو ته اسان کي خبر پوندي ته هڪ جيوگهرڙي وارو جاندار به جڏهن پنهنجي زندگي ڀرپور انداز سان گذاري سگهي ٿو ته پوءِ ڪهڙي ضرورت تحت رت وجود ۾ آئي. اهو هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب آهي: ”رت جي اصليت“. ابتدائي دور جي جانورن ۾ رت ڪهڙي شڪل ۾ موجود هئي ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪيئن ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندي موجوده شڪل اختيار ڪيائين؟ ان اِرتقا کان اڳ يعني ته ابتدائي دور جي هڪ جيوگهرڙي واري جانور مثال طور اميبا (Amoeba) ۾ ڪنهن قسم جي رت وغيره نه هئي، ڇو ته اهو جاندار ننڍڙو ۽ محدود زندگي گذاري رهيو هو، پر جيئن سائنس ترقي ڪئي، علم حياتيات جي ماهرن اونهو مطالعو ڪيو ته نتيجي طور بي انتها مفيد معلومات حاصل ٿي جنهن جي معرفت اسان کي (Theory of Evolution) جو تَصّور مليو. جنهن جو تَتُ هيءُ آهي ته زندگي هڪ جيوگهرڙي مان وڌي ۽ ويجهي پوءِ اهڙي نموني منزلون طئي ڪندي آخرڪار بي انتها ۽ بي حساب جيوگهرڙن تي وڃي دنگ ڪيو. هن سفر دوران جيوگهرڙن جو نه صرف پنهنجو پاڻ ۾ ڳانڍاپو پيدا ٿيو، پر منجهن ڪيتريون مشڪلاتون پڻ وجود ۾ آيون ۽ انهن مشڪلاتن کي آسان بنائڻ جي لاءِ ڪجهه رطوبتون وجود ۾ آيون، جن جو بنيادي مقصد هو اندرين عضون کي تر (Wet) رکڻ ۽ خوراڪ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائڻ، آخر ۾ ڀڃ ڊاهه جي دوران پيدا ٿيل غلاظتن کان جسم کي پاڪ و صاف ڪرڻ وغيره. ان رطوبت جو نالو هر مرحلي دوران مختلف رهيو، جنهن آخرڪار رت جو نالو اختيار ڪيو. هيٺ ڏنل چارٽ پڙهڻ کان پوءِ واضع ٿيندو ته رت پنهنجي موجوده شڪل ڪيئن اختيار ڪئي ۽ ڪيئن اهو نالو حاصل ڪيو.
[b]هائڊرولمف-هيمولمف-لمف-رت
[/b]Hydro lymph  Haemo lymph LymphBlood
Chart

Hydro- lymph  Haemo- lymph
Nematodes Ecto- parasites Crustacians Arthropoda, Mullsca
Blood  Lymph
Mammales, Inverte brates and Vertebrates

[b] هائيڊرولمف
[/b](Hydro lymph)
هڪ گهرڙي واري جاندار ۾ هيءَ رطوبت مختلف انداز سان مختلف ڪم سرانجام ڏيندي رهي آهي. جيئن ته اسان ڄاڻون ٿا ته هڪ جيوگهرڙي وارو جانور به مڪمل ۽ ڀرپور زندگي گذاري ٿو. سو زندگيءَ جا آثار قائم رکڻ لاءِ هيءَ رطوبت بي انتها مددگار ثابت ٿئي ٿي. مثال طور نيميٽوڊس (Nematodes)، ايڪٽوپيرا سائيٽس (Ectoparasite) ۽ روٽيفرس (Rotifers)، هن رطوبت جي طُفيل (مرهونِ منت) پنهنجي زندگي گهارين ٿا. هيءَ رطوبت اڇي پاڻيٺ (White Fluid) آهي ۽ هن ۾ رنگدار مادو نه ٿو ٿئي، (Color Pigmentation is absent) جيڪا ساهه کڻڻ واري سرشتي لاءِ ضروري آهي. پاڻيءَ جهڙي رطوبت جو بنيادي ڪم کاڌو ٽشوز (Tissues) تائين پهچائڻ ۽ وري واپسيءَ ۾ غير ضروري مادو جسم مان خارج ڪرڻ آهي.

[b]هيمولمف[/b]
هيءَ رطوبت به پاڻياٺ جهڙي شڪل جي هوندي آهي. هيءَ آرٿروپوڊا Arthopoda ۽ مُلسڪا (Mulusca) ۾ موجود ٿئي ٿي. هيءَ رطوبت هائڊرولمف جي مقابلي ۾ وڌيڪ گهاٽي (Viscous) ٿئي ٿي. هن رطوبت ۾ پروٽين موجود آهي، جيڪا آڪسيجن ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي اوڄ ٽشوز (Tissues) تائين پهچائي ٿي ۽ گڏوگڏ کاڌو پهچائڻ ۽ غير ضروري مادي کي خارج ڪرڻ جو ڪم سرانجام ڏئي ٿي. هن پروٽين جي موجودگيءَ جي ڪري ساهه کڻڻ وارو سرشتو (Respiratory System) به موجود آهي.

[b]لمف[/b]
(Lymph)
Lymph: A colour less fliud containing white blood cells, which baths the tissues and drains through the lymphatic system in to the blood stream. A clear liquid like blood without the red blood cells that nourishes the tissues and carries off wastes.
هيءَ رطوبت بنا رنگ جي آهي، پر هن رطوبت ۽ مٿي بيان ڪيل ٻين رطوبتن ۾ اهو خاص فرق آهي ته هيءَ رطوبت لمف نالين جي ذريعي وهي ٿي، جن کي لمف ويسلز (Lymph Vessels) سڏجي ٿو ۽ سڄي نظام کي لمفيٽڪ سسٽم (Lymphatic System) چئبو آهي. لمف بناوت جي لحاظ کان ذري گهٽ رت جي پلازما (Plasma) سان ملندڙ جلندڙ رطوبت آهي. مثال طور لمف ۾ پروٽين، لمفوسائيٽ (Lymphocytes)، گرينيولوسائيٽس (Granulocytes) وغيره موجود آهن پر گهٽ تعداد ۾ آهن. جڏهن ته رت ۾ ڳاڙها جزا موجود آهن، جيڪي لمف ۾ غير موجود آهن. اهڙي ريت هن اهم ڳاڙهي جزي (R.B.C)کانسواءِ باقي رت ۽ لمف جي بناوت تقريبن ساڳي آهي، اهم ڪم جيڪو لمف جي ذمي آهي سو آهي غذائيت جو هڪ اوڄ (ٽشوء) کان ٻئي اوڄ (ٽشوء) تائين پهچائڻ.

رت (Blood)

رت In Vertebrates (بنا ڪرنگهي واري جانور) ۽ Vertebrates (ڪرنگهي واري جانور) ٻنهي ۾ موجود ٿئي ٿو. سواءِ (Amphioxus) ۽ (Cephalopodes) نالي جانورن جي قسم ۾ جن ۾ رت موجود نه هوندو آهي.
مٿئين تذڪري مان اسين واقف ٿياسين ته اصل ۾ رت ڇا آهي؟ ڪهڙيءَ ريت اِرتقائي منزلون طئي ڪري موجوده صورت اختيار ڪيائين ۽ سندس ذمي ڪهڙا اهم ڪم آهن؟ مختصر ائين چئي سگهجي ٿو ته رت انتهائي لازمي پاڻياٺ آهي، جنهن جي ذمي زنده جاندارن ۾ هيٺيان اَهم ڪم آهن:
1. آڪيسجن ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي اوڄن Tissues تائين رسائڻ ۽ واپس خارج ڪرڻ.
2. کاڌو پهچائڻ (هر جِيوَ گهرڙي تائين)
3. غير ضروري مادي جو اخراج
4. ڪيميائي رابطو/ رطوبتن جو رابطو.
5. جسم جي اندرين حصن ۾ پاڻيءَ جي مقدار کي متوازن رکڻ.
6. گرمي (Heat) کي هر هڪ اوڄ (Tissue) تائين رسائڻ جو ڪم
7. بيماري واري حالت دوران جراثيم سان مقابلو ڪرڻ.
8. جسم جي درجهء حرارت (Temperature) کي ڪنٽرول ڪرڻ وغيره.
اهي انتهائي لازمي ۽ ضروري ڪم رت جي ذريعي ئي پورا ٿين ٿا. رت جي ڪنهن به قسم جي گهٽ وڌائي جي ڪري جسم جا سڀ سرشتا سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح متاثر ٿيندا آهن.
مٿئين تفصيل ڄاڻڻ کان پوءِ اهو ضروري آهي ته اسين رت جي باري ۾ مختصر ۽ جامع طور تي تفصيلي معلومات حاصل ڪيون. پر اُن کان اڳ لمف جي متعلق معلومات حاصل ڪرڻ ضروري آهي، ڇو ته ساڳي وقت لمف پڻ اهو ساڳيو ڪم سر انجام ڏئي ٿي ته پوءِ اچو ته اسين پهرين لمف جو ذڪر ڪيون.

[b]رت جون خاصيتون:
[/b]1. رت پڻ هڪ Tissue جو نالو آهي، جيڪو بذات خود بي رنگ آهي پر منجهس موجود رنگدار مادي هيموگلوبن (Haemoglobin) جي مرهون منتِ سندس رنگ ڳاڙهو نظر ايندو آهي.
2. انساني رت جي خاصيت آهي ته منجهائنس قلم (Crystal) ٺهي سگهن ٿا جن کي عُرفِ عام ۾ (Haemin Crystals) سڏيو وڃي ٿو. اِها هڪ خاص قسم جي خاصيت آهي، جنهن جي بنياد تي، ”اِنسان ۽ حيوان جي رت“ ۾ فرق بيان ڪري سگهجي ٿو.
3. ٽوٽل رت هڪ تندرست جسم اندر تقريبن ڇهه 6.0 ليٽر، يا ڏيڍ گئلن موجود هوندو آهي. عام طور تي مردن ۾ عورتن کان وڌيڪ رت هوندو آهي.
4. ماڻهو جو سڄو رت، هڪ ليٽر آڪسيجن جذب ڪري سگهي ٿي. جيڪو مقدار، مالٽي جيتري ايراضي ۾ ماپي ويندو.
5. رت ۾ ٽن قسمن جا جزا هوندا آهن ڳاڙها (R.B.S) ۽ اڇا (W.B.C) جزا ۽ پليٽيليٽس Platelets)) يا ٿرومبوسائٽس Thromobocytes.
6. رت 4 سينٽي گريڊ تي پنهنجي اصلي ساڳيءَ حالت ۾ ٽن هفتن يعني 21 ڏينهن تائين برقرار رهي سگهي ٿي.
7. رت ۾ ڳاڙهو جزو بظاهر بنا نيوڪليئس هوندو آهي. جڏهن ته نيوڪليئر ميٽريل موجود هوندو اٿس.
* * *

لمف ۽ لمفي ناليون (Lymph & Lymph Vessels)

[b]لمفي ناليون
[/b](Lymph Vessels)
لمفي ڄار چمڙيءَ جي هيٺيان عمدي قسم جي نالين جي صورت ۾ هوندو آهي. هي سڄي جسم جي مشڪن ۽ آنڊي جي ڀتين ۽ ٻين ڪيترن ئي عضون ۽ جسماني پورن ۾ هونديون آهن. آنڊي جي ڀتين وارين نالين کي ليڪٽرل (Lactrals) سڏيو ويندو آهي. هن ۾ هاضمي دوران کير جهڙي سڻڀي پاڻياٺ هوندي آهي، جيڪا آنڊي منجهان جذب ڪئي ويندي آهي. سڄي جسم ۾ لمفي ناليون اها پاڻياٺ ڏينديون ۽ وٺنديون رهنديون آهن جيڪا وار نالين جي ڀتين مان ڇڻندي اوڄن جي وِٿين ۾ گڏ ٿينديون رهنديون آهي. اهڙيءَ طرح پلازما، اوڄن جي پاڻياٺ ۽ لمف کي بنا ورڇ جي گڏي جسم جي هڪ وڏي پاڻياٺ مشڪن، چمڙي، آنڊي جي ڀتين ۽ ٻين عضون جون لمفي ناليون ملي هڪ وڏي نالي ٺاهنديون آهن. جيڪا پنهنجي پاڻياٺ ساڄي لمفي ناليءَ (ٿوريسڪ ڊڪٽ Thoracic Duet) ۾ اچي وجهندي آهي. ساڄي لمفي نالي جيڪا گهڻي ننڍڙي هوندي آهي. مٿي ڳچيءَ جي ساڄي پاسي، ساڄي ٻانهن ۽ ڇاتيءَ جي ساڄي حصي جي پاڻياٺ ساڄي بدن ۾ وهائيندي آهي. جڏهن ته جسم جي باقي سڀني حصن منجهانSub-Clavain vein ٿوريسڪ ڊڪٽ Thoracic Duct وسيلي آندي ويندي آهي. پوءِ جي ڪا پاڻياٺ گردش ذريعي وار نالين وسيلي لمفي نالين ۾ پهچي ويندي آهي ته اها به هڪ نه ٻي ناليءَ وسيلي ائين رت ڏانهن واپس موڪليندي آهي.
* * *

[b]لمفي ڳنڍيون
[/b]Lymph Nodes

لمفي ڳنڍيون هڪ قسم جا غدود هوندا آهن. جيڪي لمفي نالين جي رستي ۾ هوندا آهن، لمفي پاڻياٺ اوڄن Tissues کان وٺي رت ۾ واپس ورڻ تائين پوءِ چاهي اها ٻانهن، ٽنگن، پيٽ ۽ مٿي کان لنگهندي هجي اها هنن ڳوڙهين منجهان ضرور ٿيندي ويندي آهي. هي ڳنڍيون هڪ قسم جي ڇاڻيءَ جو ڪم ڏينديون آهن ان ڪري جيڪڏهن ڪو بيڪٽريا (Bacteria) وغيره لمفي وهڪري ۾ داخل ٿي ويندو آهي ته سڌو سنئون رت ۾ پوڻ بجاءِ هنن ڳوڙهين ۾ ڦاسي پوندو آهي ۽ نيڪال ٿي ويندو آهن. جسم جي مٿئين حصي ۾ لمفي ڳنڍيون ٺونٺ جي هيٺين پاسي، ڪڇن ۾، ڪنن جي پٺيان ۽ ڳچيءَ جي ٻنهي پاسن کان هونديون آهن.
چڏن ۾ اهڙيون لمفي ڳنڍيون ڳوڙهيون سخت ۽ گولڙن جي صورت ۾ محسوس ڪري سگهبيون آهن. انهن وسيلي ٽنگن ۽ چڏن واري لمف وهندي رهندي آهي، جڏهن پير ڦٽجي پوندو آهي ته اُهي ڳنڍيون سُڄي بيمار ٿي پونديون آهن ڇو ته پير واري ڦٽ کان بيڪٽيريا ۽ ٻيو زهريلو مادو انهن تائين پهچي ويندو آهي، ٻي پاسي کان جڏهن هٿ يا پير ڦٽجي پوندو آهي ته ٺونٺ يا ڪڇ واريون لمفي ڳنڍيون به ساڳي نموني سان اثر انداز ٿي سگهنديون آهن، کوپڙيءَ جي کل، ڪن ۽ نڙي زخمي ٿيڻ ڪري ڳچيءَ يا ڪن جي پاسن واريون پويون ڳوڙهيون (ڳنڍيون) به سڄي پونديون آهن ڇو ته اُهي به لمف نالين جي رستي وهنديون آهن. ڳوڙهين جا ذرڙا بيڪٽيريا کي ناس ڪري ڇڏيندا آهن، لِمفي ڳوڙهيون تريءَ، آنڊي جي ڀتين، ڪَلين ۽ ٻين عضون جا گهرڙا بناوت جي لحاظ کان هڪ جهڙا هوندا آهن ۽ اهڙن ڪارخانن وارو ڪم ڏيندا آهن. جيڪي ليمفوسائيٽس ((Lymphocytes پيدا ڪندا رهن ٿا.

رت جو تعارف

هيماٽالوجي (تعارفي نوٽ)
Introduction Haematology

رت جي اڀياس کي هيماٽالاجي (Haematology) يعني رت جو علم، ڄاڻ Study of Blood چيو وڃي ٿو. رت (Blood) ٻن خاص حصن تي مشتمل آهي: (1). پلازما (Plasma)، جيڪو ڦڪو زرد يعني هلڪو هيڊي رنگ جو ٿئي ٿو ۽ (2). رت جا جزا، جن ۾ ڳاڙها جزا (Red Blood Cell) اڇا جزا (White Blood Cells) ۽ ٿرومبوسائيٽس Thromobocytes يا پليٽيلٽس (Platelets) موجود هوندا آهن، جن کي (Formed Elements) سڏيو ويندو آهي، هيٺ ڏنل تصوير ۾ اُهي سمورا جزا چڱي طرح نظر اچي رهيا آهن. تصوير:
رت (Blood) جسم ۾ هڪ اهڙو واحد اوڄ (Tissue) آهي، جيڪو سڄي جسم ۾ چرپر ڪندو ۽ مخصوص نالين وسيلي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ وهندو رهي ٿو. اِها مخصوص خصوصيت صرف رت کي حاصل آهي. رت ۾ موجود پاڻياٺ، پلازما ۽ رت جا جزا، سڀئي مسلسل دل، شريانين، نسن ۽ سنهي ڄار نلين منجهان چڪر لڳائيندا رهن ٿا ۽ هڪ تسلسل قائم رکندا اچن ٿا. رت جو اهو وهڪرو ئي زندگيءَ جي علامت آهي. جيستائين اهو وهڪرو وهندو رهي ٿو ته ساهه به کڄندو رهي ٿو ۽ ساهه کڻڻ جيئن ته زنده جاندار لاءِ بيشڪ ضروري آهي، ان ڪري ٻين لفظن ۾ رت کي ئي زنده رهڻ ۽ زندگيءَ جي علامت سڏيو ويندو آهي. رت کي مقدس حيثيت پڻ حاصل آهي.
خداوند تعاليٰ رت کي وَهائڻ کان منع فرمايو آهي، اهو ئي سبب آهي جو خون ڪرڻ حرام ڪيو ويو آهي، ”رت، زندگيءَ جي علامت“ طور استعمال ٿئي ٿو. رت جو جسم ۾ گهٽجي وڃڻ دراصل رت جي بيمارين سان لاڳاپيل سبب هوندو آهي. هتي اسين رت جي خرابين ۽ بيمارين متعلق ڪجهه بيان ڪنداسين. اسان سڀني کي خبر آهي ته رت جا ڳاڙها جزا آڪسيجن کڻي هر هڪ جَيوِگهرڙي ۽ اوڄ تائين پهچائين ٿا ۽ وري موٽ ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي ٻاهر خارج ڪندا رهن ٿا. اهو هر هڪ ساهواري جاندار سان لاڳاپيل هڪ اهڙو ڪيميائي عمل آهي جنهن جو تعلق سڌو سنئون زندگيءَ سان منسلڪ آهي. هڪڙي سيڪنڊ لاءِ به جيڪڏهن آڪسيجن گهٽجي وڃي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وڌي وڃي ته موت واقع ٿي سگهي ٿو. رت ۾ موجود اڇا جزا پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اهي جسم ۾ داخل ٿيندڙ موتمار ننڍڙن جاندارن ۽ ساهوارن کي ماري ناس ڪن ٿا ۽ جسم جي قُوتِ مَدافعت يعني مدافعتي نظام کي وڌائين ٿا ۽ پڻ برقرار رکڻ ۾ اهم حصو وٺن ٿا. پلازما، اينٽي باڊيز ۽ کاڌي جا جزا کڻي جيوگهرڙن ۽ اوڄ تائين پهچائي ٿو ۽ موٽ ۾ غير اهم مادو واپس کڻي جسم منجهان خارج ڪري ڇڏي ٿو ۽ رت ڄمائيندڙ فيڪٽر جيڪو پڻ پلازما ۾ موجود هوندو آهي، سو پليٽيلٽس سان گڏجي رت کي دڳ يعني ڄمڻ کان روڪيندو رهندو آهي، اهوئي سبب آهي جو رت قدرتي طور تي مسلسل وهندي رهي ٿي سندس وهڻ ۾ ئي رب تعاليٰ جي رمز رکيل آهي، مسلسل وهڪرو ئي زندگيءَ جي علامت آهي. پليٽيلٽس جو ڪم آهي، رت کي وهائڻ ۾ مدد ڪرڻ يعني continue ڪرڻ ۽ ڄمڻ يعني دڳ ٺهڻ کان روڪڻ ته وري پلازما ۾ موجود آهن اِهڙا ڪيميائي مرڪب جيڪي رت کي ڄمڻ ”وهائڻ“ يعني ”Clot“ ٺهڻ کان روڪين ٿا ٻين لفظن ۾ اُنهن کي اِينٽي ڪوگولينٽ (Anti cougulant) سڏجي ٿو. رت جون بنيادي طور تي خرابيءَ ڪري پيدا ٿيندڙ بيماريون Primary Hematological Diseases تمام گهٽ ڏسڻ ۾ اينديون آهن پر رت جون بنيادي طور تي اهڙيون بيماريون جيڪي ٻين بيمارين جي ڪري پيدا ٿين ٿيون، سي عام طور تي گهڻي تعداد ۾ ڏسڻ اينديون آهن. (Secondary to other diseases) رت جي اِڀياس منجهان هن هلندڙ صديءَ جي دوران ٽن خاص قسمن جون رت جون بيماريون، ارتقائي منزل طئي ڪري منظرِ عام تي آنديون ويون آهن جن ۾ پهرين نمبر تي آهي، (1) رت ۾ موجود جزن جي شڪل و صورت ۽ مطب/ڪلينڪ ۾ ٿيندڙ (مريض ۽ ڊاڪٽر جي ڳالهه ٻولهه) ۽ ليبارٽري ۾ ٿيندڙ رت جي چڪاس کان پوءِ ڪا حتمي راءِ قائم ڪرڻ. اهو سڀ ڪجهه تقريبن 1900ع عيسويءَ صديءَ ۾ تڏهن ممڪن ٿي سگهيو جڏهن خوردبيني (Microscope) وجود ۾ آئي. اهو اڀياس رت ۾ موجود خلين جي شڪل و صورت ۽ ڪمن جي باري ۾ ڪيو ويو.
2. رت جو دڳ/ ڄمڻ (Clot) به پنهنجي ارتقائي منزل 1935ع ۾ طئي ڪئي، ڇو ته ان لاءِ به ليبارٽري۾ ٽيسٽ وغيره ۽ رت جي وهڻ (Bleeding) ۽ دڳ/ ڄمڻ (Clot) جي باري ۾ به خاص علم جي ضرورت هئي.The study of bloodeells shope size function
3. رت جي بئنڪ (Blood Bank):
With study of clotting factors, clotting time, bleeding time etc
پنهنجي ارتقائي منزل ٻيءَ عالمگير جنگ ۾ طئي ڪئي. خاص طور تي ريفريجريٽر جي ايجاد رت جي بئنڪ قائم ڪرڻ ۾ هٿي ڏني، جنهن جي وسيلي رت جمع ڪرڻ جو طريقو ايجاد ڪيو ويو. رت جي بئنڪ ٻن قسمن جا ڪم سرانجام ڏئي ٿي. پهريون ته مريض جي رت جي گروپ جي چڪاس ڪرڻ، رت جو گروپ معلوم ڪرڻ، ۽ ٻيو رت علاج طور مهيا ڪري ڏيڻ ۽ رت کي جسم اندر منتقل ڪرڻ يعني بلڊ ٽرانسفيوثزن (Blood Transfusion) واري خدمت پيش ڪرڻ. رت اندر موجود بيمارين ۽ گهٽ وڌ ٿيندڙ ٻين علامتن کي نظر ۾ رکڻ ۽ انهن جو تدارڪ ڪرڻ، مثال طور رت ڄمائيندڙ فيڪٽر (Factor) پلازما ۾ موجود پروٽين، رت جا ڳاڙها جزا، اڇا جزا ۽ پليٽيليٽس وغيره. اِها سموري معلومات اسين رت جي بئنڪ منجهان حاصل ڪري سگهون ٿا. جتي رت جو نمونو ڏيئي ڪري، اسين مريض جي جان بچائي سگهون ٿا ته ٻئي طرف تازو توانو انسان پنهنجي رت جو عطيو ڏيئي ڪري ٻي انسان جي قيمتي جان بچائي سگهي ٿو، ايڪسيڊنٽ جي صورت ۾ ياد رکو ته ”رت“ هڪ اهڙو ”عطيو“ آهي جنهن جو ڪوبه ”نعم البدل“ نه آهي. موجوده دور جي جديد ٽيڪنالاجيءَ جي باوجود رت ليبارٽري ۾ نٿي ٺاهي سگهجي. رت رڳن ۾ ڊوڙندي رهي ٿي ته دل به ڌڙڪندي رهي ٿي، جي رت جي چرپر بند ٿي وئي، ته دل به ڌڙڪن ڇڏي ڏيندي نتيجي ۾ جسماني چرپر ۾ به ماٺار اچي ويندي.
* * *


سٺيون ڳالهيون

1. جنهن شخص جو ظاهر ۽ باطن ساڳيو نه آهي، اهو ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي باوجود به خوش نه ٿيندو آهي.
2. جنهن شخص کي سچ ڳالهائڻ جي عادت نه هوندي آهي، اهو سچ ٻڌي به نه سگهندو آهي.
3. فتح انهن جي ٿيندي آهي، جن کي پنهنجي فتح جو يقين هوندو آهي.
4. علم هڪ اهڙي لٺ آهي، جيڪا بي سهارن لاءِ سهارو ثابت ٿيندي آهي.
5. علم اهڙي تلوار آهي، جنهن جي تيزي، تلوار کان به وڌيڪ آهي.
6. علم اهڙو موتي آهي، جنهن جي روشني ڪڏهن به نه گهٽبي آهي.
7. علم ۾ اهڙي جلاوت آهي، جنهن تي سڀ لذت قربان ڪري سگهجي ٿي.
8. علم اهڙي ڍال آهي جيڪو جهالت جي خلافت حفاظت جو ڪم ڏئي ٿي.
9. علم اها دولت آهي جنهن کي ڪير به چوري نٿو ڪري سگهي.

رت جي بناوت ۽ پيدا ٿيڻ Blood Composition & Formation

هڪ بالغ انسان ۾ رت تقريبن ڇهه 6 ليٽر يا وري 7.5% سندس جسماني وزن جي برابر هوندو آهي. تقريبن 45% رت ۾ خليا (Formed Elements) جيئن ته ڳاڙها جزا (Erythrocytes)، اڇا جزا (Leukocytes) ۽ پليٽيلٽس (Platelets) هوندا آهن. باقي بچيل55% رت، پاڻياٺ تي مشتمل آهي، جنهن کي پلازما (Plasma) سڏيو وڃي ٿو. تقريبن% 90 پلازما پاڻي تي مشتمل آهي. باقي بچيل0% 1۾ پروٽين، البيومن (Albumin) ۽ فائبرينوجن (Fibrinogen) ڪاربو هائيڊريٽس، وٽامن، ڪيميائي مرڪب، اينزائم (Enzyme)، لپد (Lipid) ۽ لوڻ (Salt) هوندا آهن.
* * *

[b] هيموپوئيٽڪ سسٽم
[/b]Haemopoitic System

هيموپوئيٽڪ سسٽم ((Haemopoitic System ٺهيل آهي وهندڙ رت (Circulating Blood)، هڏن جي مک، (Bone marrow) تري، (Spleen)، ٿائمس (Thymus) ۽ لِمف نوڊ (Lymph Nodes) جو جنهن کي اضافي سهارو ملي ٿو. وري ريٽيڪيولو اينڊو ٿيليل سسٽم جو (R.E.T.S) (Reticul- Endo Thelial System) جيڪو وري غير ضروري ٻاهرين مادن کي جسم اندر داخل ٿيڻ مهل هڪدم ماري ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. اُهي خليا رت جي سائينوسِسز (Blood Sinuses) ۽ جسم جي ٻين ڪيترن عضون ۾ موجود هوندا آهن. لفظ هيموپوئسز جي معنيٰ آهي، ”رت جو پيدا ٿيڻ“. رت جا جزا مختلف مرحلن منجهان گذرن ٿا، بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن هڪ انسان آهستي آهستي ننڍپڻ جا مرحلا طئي ڪندو اچي پوءِ بالغ ٿيندو آهي، بلڪل اهڙيءَ طرح رت جا جزا به پهريان ننڍپڻ جا مرحلا، طئي ڪرڻ بعد آهستي آهستي مرحليوار بالغ ٿين ٿا. هڪ صحتمند بالغ انسان جي رت ۾ نارمل طريقي سان صرف بالغ جزن کي هجڻ کپي، جڏهن ته رت ۾ نابالغ جزا يا وري نارمل شڪل صورت کان هٽيل جزا ڪنهن به بيماريءَ جي نشاندهي ڪندا رهندا آهن. (Immature and abnormal cells) اهڙي قسم جا نابالغ جزا ڪيترين ئي بيمارين ۾ رت اندر نظر ايندا آهن. اِن ڪري اِهو ضروري آهي ته پڙهندڙ شاگرد توڙي عام ماڻهو کي نارمل جزن جي شڪل و صورت کان چڱيءَ ريت واقفيت هجي. هيٺ ڏنل تصوير ۾ نارمل جزا نظر اچي رهيا آهن. جڏهن نارمل ((Normal Shape جي باري ۾ معلومات هوندي ته پوءِ ايبنارمل (Shape Abnormal) کي به سڃاڻي سگهبو.
انساني ٻچي ۾ رت جي پيدا ٿيڻ وارو مرحلو مرداڻي ۽ عورتاڻي جزن جي ملڻ جي تقريبن ٻي هفتي ۾ شروع ٿي وڃي ٿو.
In human –beings, embryo, Haematopoiesis begins within two weeks following conception.
شروع ۾ بنيادي خليا ((Stem cells رت جي/ٻيٽ ۾ (In blood island) ٻچي جي زردي واري حصي ۾ پيدا ۽ جمع ٿيڻ شروع ٿين ٿا.
تنهن بعد رت جي جزن جا مختلف وڌڻ ۽ ويجهڻ وارا In Yolk sac of Embryo مرحلا، مختلف جڳهن تي عمل ۾ ايندا رهن ٿا. مثال طور جگر (Liver)، تري (Spleen)، ٿائمس (Thymus)، لِمفِ نوڊس (Lymph Nodes) ۽ هڏن جو مِک گودو (Bone-marrow) وغيره. انساني پيدائش وقت ۽ باقي سڄي زندگي During Whole Life رت جي جزن جي پيدائش جو مرحلو صرف هڏن جي مِک ۾ وڃي بچندو آهي. هڏن جي مِک ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، زرد ۽ ڳاڙهو مِک (Red bone-marrow & yellow bone-marrow) اهو مِک ويڪرن هڏن ۾ جيڪي پڻ مغز ۾ هوندا آهن. پاسراٽين ۾ ڪلهن جي هڏن ۾ ڊگهن هڏن ۽ ڪرنگهي جي مُهرن ۾ موجود هوندو آهي. هڪ بالغ انسان ۾ هڏن جو مِک وزن ۾ تقريبن جسم اندر موجود وڏي ۾ وڏي عضون يعني جگر ۽ مغز جي برابر هوندو آهي. مجموعي طور تي هڏن جي مِک جو وزن تقريبن 120 گرام هوندو آهي. رت ۽ رت جي جزن جي پيدائش جي نظام کي مختلف ڪيميائي مرڪبات ڪنٽرول ڪري ويٺا آهن، جنهن جي ڪري رت جي ڀڃ ڊاهه واري عمل ۾ ضايع ٿيندڙ جزا وري ٻيهر تعداد ۾ پهرين جيترا ٿي وڃن ٿا. اهڙي نظام کي فيڊبيڪ (Feed-back) نظام سڏيو وڃي ٿو، ڪيميائي مرڪب Hormones)) ڪري جزا ايترا پيدا ٿين ٿا، جيترا ضرورت ۾ هوندا آهن، نه ته جيڪر رت جا جزا، ائين اڻڳڻيا پيدا ٿي پون جو هوند جيڪر رت جي نالين ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍجي ملي پون. رت جي جزن جو تعداد يعني ڳڻپ کي هڪ مخصوص مقدار ۾ قائم رکڻ لاءِ مخصوص مرڪب موجود هوندا آهن. جنهن کي ((Haemopietin هيموپوئٽين سڏيو وڃي ٿو. هر هڪ جزي ڳاڙهي، اڇي ۽ پليٽيلٽس لاءِ الڳ الڳ مرڪب آهن، جيئن ته ايٿروپوئيٽن Erythropoietin، ليڪوپوئيٽن Leukopoietin ۽ ٿرموبوپوئيٽن Thrombopoietin، جيڪي پنهنجي جزن کي پيدائش واري مرحلي دوران مدد به ڪن ٿا ۽ وري پيدائش واري عمل کي ڪنٽرول به ڪن ٿا. هيموپوئيٽن گردن منجهان پيدا ٿئي ٿي ۽ هڏن جي مِک واري ڪم کي تيز ڪري ٿي هيموپوئيٽس تڏهن تڪڙو پيدا ٿيندي آهي، جڏهن رت ۾ آڪسيجن جي گهٽتائي ٿي ويندي آهي. تڏهن جلدي جلدي گردا ڪيميائي مرڪب هيموپوئيٽن ٺاهڻ شروع ڪندا آهن.
* * *

رت جا ڳاڙها جزا Erythrocytes

رت جي ڳاڙهن جزن کي ريڊ بلڊ سيلس (Red Blood Cells) به سڏيو ويندو آهي.
رت جي ڳاڙهن جزن جي پيدائش ۽ ختم ٿيڻ واري صورتحال کي اسين تصوير منجهان چٽيءَ ريت ڏسي سگهون ٿا.
عام طور تي نارمل طرح سان پنج ڏينهن درڪار هوندا آهن ڳاڙها جزا پنهنجي پيدائش واري هنڌ تان پيدا ٿي، پوءِ مرحليوار مختلف مرحلا طئي ڪندي اچي بالغ ٿين ۽ رت جي وهڪري ۾ شامل ٿي وڃن. پنهنجي اصلي جڳهه تي پيدائش کان وٺي مختلف شڪل و صورت اختيار ڪندي جڏهن ڳاڙها جزا بالغ ٿين ٿا، تڏهن رت جي وهڪري ۾ اُهي ڪل 120 ڏينهن گردش ۾ رهن ٿا ۽ پنهنجي زندگي ڀرپور نموني گذارڻ کان پوءِ وري آهستي آهستي ختم ٿي وڃن ٿا. حقيقت ۾ تِريءُ (Spleen) کي عرفِ عام ۾ ڳاڙهن جزن لاءِ قبرستان ((Grave Yard به سڏيو ويندو آهي. تريءَ منجهه وڏي عمر وارا ڳاڙها جزا ڇاڻجي الڳ ٿي ويندا آهن، جن کي وري ريٽيڪيولو اينڊو ٿيليل سسٽم جا جزا ماري ختم ڪري ڇڏيندا آهن. اِن دوران ڪجهه ڳاڙها جزا جگر ڏانهن به هليا ويندا آهن، جتي وري الڳ ڀڃ ڊاهه جو سسٽم ٿيندو آهي. هيموگلوبن، هتي جگر ۾ اچي وري بليوريوبن ۾ بدلجي ويندي آهي. اِها بليوريوين پوءِ وري جسم منجهان خارج ٿيڻ شروع ٿيندي آهي ۽ بائل سالٽ Bile Saltجيڪي پتي ) Pancreas) منجهان پيدا ٿيندا آهن تن سان وڃي ملندي آهي بائل سالٽ وري پنهنجي نالين وسيلي جنهن کي بائل ڊڪٽ ((Bile duct سڏجي ٿو، ننڍي آنڊي جي حصي، نالي ڊيوڊينيم (Duodenum) ۾ وڃي کلي ٿي، جتان وري فاسد خراب مادي سان گڏجي جسم کان ٻاهر نڪري وڃي ٿي. بئڪٽيريا جيڪي آنڊي منجهه موجود هوندا آهن. سي وري بيلوريوين کي يوروبليوجن ۾ منتقل ڪندا آهن. يوروبليوجن آنڊي منجهان جذب ٿي پوءِ جسم منجهان پيشاب سان گڏ خارج ٿي ويندو آهي. مرحليوار پيدا ٿيڻ دوران هڏن جي مِکُ ۾ اريٿرو بلاسٽ (Erythroblast) منجهان نيوڪلاءِ (Neuclei) پاسيرو ٿيڻ شروع ٿيندو آهي ۽ رت جو ڳاڙهو جزو پوءِ باءِ ڪانڪيو (Biconcave) يعني اُپٽيل بلور جهڙي شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي. ان ڪري رت جي ڳاڙهن جزن کي اصلي خليو نٿو سڏيو وڃي ڇو ته اُهي جزا جڏهن مڪمل طور تي بالغ ٿي وڃن ٿا ته منجهن نيوڪلئس غير موجود هوندو آهي پر ائين به ناهي ته ڪو نيوڪليئر مٽيريل بلڪل ختم ٿي وڃي ٿو. پر اهو صرف هيموگلوبن جي جاءِ والارڻ ڪري پاسيرو ٿي ويندو آهي نه ته باقي سمورو مٽيريل ((Material موجود هوندو آهي. اِها اُپٽيل صورت به هڪ خاص مقصد تحت رب تعاليٰ جوڙي آهي، ان ڪري ته جيئن آڪسيجن ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ لاءِ مٿانهين سطح گهڻي کان گهڻي مَيسّر اچي سگهي.
* * *

رت ۽ رت جي ڪمي/گهٽتائي

جيئن ته هيءُ مضمون تحقيقي مقالي تان ترجمو ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. ان ڪري عام ماڻهن/ڀينرن جي سمجهڻ خاطر سڀ کان پهريان ڪجهه پس منظر ۽ پِيش منظر، رت جي باري ۾ ٻڌائڻ نهايت ضروري ٿي سمجهان.
What is Blood?
Blood is a connective tissue, which continuously runs within blood vessels through out the body.

[b]رت ڇا آهي؟
[/b]رت اُن جاندار پاڻياٺ، (جيڪا نه صرف پاڻي پرتاڃي پيٽي تي مشتمل آهي) جو نالو آهي، جيڪا مسلسل پنهنجين مخصوص نالين وسيلي، خاص وهڪري ۽ دٻاءُ سان جسم جي سمورن جيوگهرڙن تائين پهچندي رهي ٿي.
رت عطيهءَ خداوندي آهي. هن ترقي يافته سائنسي دور ۾ جتي سائنسدان ڪلوننگ جهڙي عمل تائين رسائي حاصل ڪري چڪا آهن، اتي جيڪڏهن نه ٺاهي سگهيا آهن ته صرف ”رت“. جيڪا جاندار اندر ڊوڙندي رهي ٿي، پر ٻاهر ليبارٽري ۾ ٺاهڻ ناممڪن آهي. تاريخي نقطهء نظر کان رت کي مقدس ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو رهيو آهي. زمانهء قديم کان رت کي زندگيءَ سان لاڳاپيل ڏيکاريو ويو آهي. رت زندگي (Blood is Life) آهي، جو قول اڄ تائين برقرار آهي. ڇو ته زنده انسان توڙي حيوان جيڪڏهن رت جو ڪجهه مقدار ضايع ڪري وجهي ته پوءِ اُن جي ردِ عمل طور موت واقع ٿي سگهي ٿو. سائنسي تحقيقات يعني مسلسل کوجنائن جي نتيجي ۾ جتي بيشمار دوائون، مختلف بيمارين لاءِ ايجاد ٿي چڪيون آهن، پر پوءِ جيڪڏهن خدانخواسته رت جي ڪميءَ واري بيماري ٿي پوي ته اُن جو علاج ڪنهن به دوا سان ممڪن ئي ڪونهي يا ته کاڌي ميوي يا ڀاڄين منجهان خوراڪ حاصل ڪري، رت پيداوار کي وڌائي سگهجي ٿو، ٻي صورت ۾ ڪنهن به ايمرجنسي واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ رت هڪ صحتمند جسم منجهان ٻي. ضرورتمند جسم ۾ منتقل ڪري جان بچائي سگهجي ٿي. اِن عمل کي رت جي منتقلي يعني بلڊ ٽرانسفيوثرن(Blood Transfusion) سڏجي ٿو.
ان ڪري رت کي جان بچائيندڙ دوا يعني Life Saving Drug)) به ڪري سمجهيو وڃي ٿو. رت جي وصف بيان ڪندي ”ڊاڪٽر آر ايل بجلاڻي“ پنهنجي ڪتاب ميڊيڪل فزيالاجي ۾ هيٺينءَ ريت اظهارِ خيال فرمائي ٿو: رت هڪ اِهڙو منجهائيندڙ تاڃي پيٽو اوڄ تي مشتمل پاڻياٺ آهي، جنهن جو تقريباً اڌ کان ڪجهه ٿورو حصو گهٽ پاڻياٺ پلازما ۽ باقي اڌ حصو جيو گهرڙن (Cells) تي مشتمل آهي. رت جي مڪمل وصف هيٺين ريت بيان ڪري سگهجي ٿي
”رت هڪ گردش ڪندڙ تندائون اوڄو آهي، جيڪو رت - نالين وسيلي سڄي جسم ۾ گردش ڪري سگهي ٿو.“
رت ۾ موجود جِيو-گهَرڙا(Blood Cells) گڏجي هڪ اِهڙو اوڄو يا عضوياتي وارنلين جهڙا ٻنڌڻا ٺاهين ٿا، جيڪي شريانين ۽ نسن جي سرشتي وسيلي سڄي جسم اندر متحرڪ رهن ٿا ۽ آڪسيجن ۽ خوراڪ پهچائڻ جهڙو اهم ڪم سرانجام ڏين ٿا، جنهنڪري جسماني واڌ ويجهه جو عمل توڙي ڀڃ ڊاهه وارو عمل، خوش اسلوبيءَ سان وقت سر مڪمل ٿيندو رهي ٿو. رت (Blood) هڪ بظاهر نظر نه ايندڙ اِهڙو عضوو آهي، جنهن منجهه موجود خلين (Cells) جيو-گهرڙن کي پنهنجي الڳ الڳ جاءِ پيدائش ۽ بناوت (Anatomical Structures) ۽ پنهنجا الڳ الڳ ڪم، (Functions) سونپيل آهن. رت پيدا ڪندڙ اوڄ جو نالو آهي، هيموپوئيٽڪ ٽشو (Haemopoietic Tissue) ۽ خاص عضوو آهي (بون ميرو) (Bone-marrow) گودو، هڏن ۾ موجود گودو ٻن قسمن ۾ ورهايل آهي. ڳاڙهو گودو ۽ پيلو مائل گودو، ڳاڙهي رنگ واري گودي منجهان ٽن قسمن جا رت جا جزا يعني (خليا) جيوگهرڙا پيدا ٿين ٿا. سندن پيدائش ۽ مرڻ مستقل طور تي ظهور پذير ٿيندو رهي ٿو. رت جا خليا ٻين عام خلين کان انوکا آهن، جو منجهن پاڻ منجهان هڪ کان ٻه نه ٿي سگهندا اهن. پر پنهنجي جاءِ پيدائش تان هڪ پابند طريقي سان مستقل طور پيدا ٿي ڪري جسماني رت واري وهڪري ۾ شامل ٿيندا رهن ٿا ۽ پنهنجي حياتي جا مخصوص ڏينهن پورا ڪرڻ بعد ختم ٿي وڃن ٿا. ٽنهي قسم جي جيوگهرڙن جا حياتيءَ ڏينهن به مختلف آهن. وڌ ۾ وڌ حياتي ڳاڙهي جزي جي 120 ڏينهن ٿيندي آهي. جنهن بعد ڀڃ ڊاهه جي عمل مان گذرندي هِيم (Heam) يعني آئرن ته وري به جسم جي اندروني مخصوص اوڄ ۾ جمع ٿي ويندي آهي ۽ ٻيهر استعمال ٿي ويندي آهي. باقي ناڪاره حصو جسم منجهان خارج ٿي ويندو آهي. رت ۾ موجود خلين کي هيٺينءَ ريت ورهائي سگهجي ٿو.
1. رت جا ڳاڙها جزا Red blood cells or erythrocytes
2. رت جا اڇا جزا White blood cells or leukocytes
3. پليٽيليٽس(Platelets) يعني رت کي اندر کان ٻاهر وهڻ کان روڪيندڙ جزا جن کي ٻين لفظن ۾ ٿرومبوسائيٽس به Thrombocytes)) سڏيو وڃي ٿو.
رت جي ڪمي، رت سڪي وڃڻ يا رت گهٽتائي کي اسان عام طور تي اينيميا (Anaemia) سڏيندا آهيون. رت جاندارن منجهه ڪهڙا ڪهڙا ڪم سرانجام ڏئي ٿي. ۽ سندس گهٽتائي ڪري ڪهڙا ٻيا جسماني ڪم متاثر ٿين ٿا. ان سڀني جي تفصيلي ڄاڻ ۾ وڃڻ کان اڳ رت جي پنهنجي باري ۾ ٻڌائيندي هلان ته رت آهي ڇا؟ ڪهڙا ڪهڙا جزا موجود آهن ۽ اهي سڀ ڪم ڪيئن سرانجام ڏيئي رهيا آهن. رت جي ڳاڙهن جزن ۾ (Red blood cells) جي اندر هڪ خاص قسم جي پروٽين جنهن کي هيموگلوبن (Haemoglobin) سڏجي ٿو. سا هڪ خاص انداز، ترتيب، شڪل ۽ مقدار ۾ موجود هوندي آهي جنهن جي اتفاقي طور تي شڪل شبيهه مختلف ٿيڻ جي صورت ۾ توڙي مقدار جي گهٽ وڌ ٿيڻ تي تمام پيچيده قسم جا مسئلا پيدا ٿي پوندا آهن.
رت مجموعي طور تي ٽن قسمن جا ڪم سرانجام ڏئي ٿي.
1. جسم جي هر هڪ حصي تائين خوراڪ ۽ آڪسيجن پهچائڻ.
2. جسم جي درجه حرارت تي ڪنٽرول ڪرڻ.
3. ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي جسم منجهان خارج ڪرڻ ۽ جسم کي ٻاهرين حملا آور جاندارن کان بچائڻ ۽ ماري ختم ڪرڻ ۽ قوت مدافعت کي برقرار رکڻ رت منجهه ڳاڙهن جزن جو ڪم خاص طور تي آڪسيجن ۽ خوراڪ پهچائڻ وارو آهي. ڳاڙهو جزو اٽڪل 7.2 مائيڪرو ميٽر ڊگهو ٿئي ٿو. سندس شڪل اُپٽيل بلور جهڙي اٿس.
پر رت جي نالين ۾ وهڪري دوران گولائي واري صورت پڻ اختيار ڪري وٺن ٿا. جن کي اِسفيرڪل (Sphenical) ڪري ڪوٺجي ٿو. هي جزو شروعاتي دور ۾ نيوڪلس (Nucleus) سميت هوندو آهي. پر پوءِ آهستي آهستي نيوڪليئر مٽيريل گم ٿي پاسيرو ٿيندو ويندو آهي. ۽ ان جي جاءِ هيموگلوبين وٺڻ شروع ڪندي آهي. هيموگلوبن هڪ خاص ۽ اهم ترين پروٽين آهي جيڪا هيم يعني آئرن (فولاد) ۽ گلوبن يعني پروٽين جو مرڪب ٿيندو آهي. اَصل ۾ اهم ترين ڪم هيءَ ئي پروٽين سرانجام ڏيندي رهي ٿي. اِهو هِن طرح سان ته هيموگلوبن، آڪسجن جي ماليڪيول سان گڏجي آڪسي هيموگلوبن، (Oxy haemoglobin) ٺاهيندي آهي ۽ پوءِ سڄي جسم اندر هر هڪ (Cell) خلئي تائين خوراڪ ۽ آڪيسجن پهچندي رهندي آهي. ان ڪري ئي آئرن يعني فولاد لازمي قرار ڏنو ويو آهي، فولاد نه صرف رت لاءِ لازمي آهي پر ساڳي وقت، هيموگلوبن ٺهڻ، نارمل طرح سان سراسري طور تي هر وقت نارمل مقدار ۾ هجڻ لاءِ پڻ رت جي ڳاڙهي جزي جي پيداوار لاءِ اَهم تَرين آهي ٻي طرف وري ساهه کڻڻ واري اينزائم (Enzyme)، سائيٽوڪرو (Cytochrome) پڻ لازمي جز آهي. جسم جي ايپيٽيليل ٽِشو (Epithelial Tissue) يعني اوڄ جي نشوونما لاءِ پڻ لازمي جُز آهي.
تقريباً چئن کان پنج گرام فولاد سراسري طور تي بالغ ماڻهو ۾ موجود هوندو آهي. اُن پنج گرام فولاد جي ورڇ جسم اندر ڪجهه هيٺينءَ طريقي سان ٿيل آهي. %15 هيموگلوبن ۾ %65 جيرو، تِري ۽ هڏن جو ڳاڙهو گودو (مِکُ) يعني ته (Liver, spleeu, Red bone marrow) ۾ ۽ %20 ريٽيڪيولو اينڊو ٿيليئل خليا (R.E.T.C)، (Reticulo Eudothelial Cells) ۾ موجود هوندو آهي. فولاد جسم جي (اوڄ) ٽِشوز (Tissues) ۾ هڪ خاص قسم جي ڪيميائي مرڪب فيريٽن جي شڪل ۾ جمع رهندو آهي.
آئرن فولاد جسم جي ٽشوز ۾ هڪ خاص ڪيميائي مرڪب فيرٽين جي شڪل ۾ جمع رهندو آهي. فولاد کاڌي منجهان خوراڪ بڻجي ننڍي آنڊي منجهان جذب ٿي پوءِ رت ۾ منتقل ٿي ويندو آهي. جتان وري ڳاڙهي گودي ڏانهن وڃي پوءِ وري هيموگلوبن ٺاهڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. جتان پوءِ وري رت جي ڳاڙهن جزن جو حصو بڻجي رت جي وهڪري ۾ شامل ٿي ويندو آهي. جتي پنهنجي حياتي جا 120 ڏينهن مڪمل ڪرڻ بعد ڀڃ ڊاهه جي عمل مان گذرندي. غير ضروري مادو خارج ڪري ڇڏيندو آهي. ۽ وري اهم مادو يعني آئرن هڪ دفعو وري ٻيهر استعمال ٿيڻ لاءِ جمع ٿي ويندو آهي. هڪ عام سراسري وزن واري بالغ مرد ماڻهو لاءِ تقريباً 0.5 to 1.0mg آئرن روزانو نهايت ئي ضروري آهي. جڏهن ته هڪ جوان جماڻ عورت جنهن کي باقائده ماهواري ايندي هجي ان لاءِ ۽ جيڪا عورت ماءُ بڻجڻ کان پوءِ ٻار کي کير پياريندي هجي. تنهن لاءِ تقريبن اهو تعداد ٻيڻ ۽ ٽيڻ تي فراهم ڪرڻ بي انتها لازمي آهي. باقي نابالغ ڇوڪري ۽ اها عورت جنهن جي ماهواري بند ٿي چڪي هجي ته ان لاءِ مرد کان وڌيڪ آئرن (فولاد) واپرائڻ ضروري ڪونهي. جسم اندر فولاد کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ خوراڪ منجهه ڪاپر جو هئڻ به نهايت هئي لازمي آهي. ان سان گڏوگڏ مئگنيز (Meganese) ۽ ڪوبالٽ (Cobalt) پڻ ضروري آهي جيئن ته ننڍڙا ٻار پنهنجي غذا (ماءُ جي کير) منجهان حاصل ڪندا آهن اهڙي ريت تقريباً ڇهه مهينن تائين کير پيئندڙ ٻار ماءُ کان مسلسل فولاد حاصل ڪندو رهي ٿو. ان ڪري وري ٻي طرف ماءُ اندر فولاد جي ڪمي ٿيندي رهي ٿي. اهڙي ماءُ لاءِ روزانه 10 کان 16 ملي گرام فولاد روزانو کاڌي منجهه هجڻ ڏاڍو ضروري آهي. هيموگلوبن جو مقدار سراسري طور تي مردن ۾ 14 کان 18 گرام هڪ ڊيسي ليٽر منجهه ۽ عورتن ۾ 12 کان 16 گرام ڊيسي ليٽر منجهه هوندو آهي. عام طور تي جيڪڏهن تقريباً% 40 سيڪڙو رت ضائع ٿي وڃي ته پوءِ اُن کي هنگامي بنيادن تي ٻي رت فراهم ڪرڻ لازمي ٿيو وڃي. جنهن کي بلڊٽرنسفيوشن(Blood Transfusion) سڏجي ٿو. ان طريقي سان هڪ عورت جي زندگي کي بچائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
رت ۾ موجود اڇا جزا جن کي عرفِ عام ۾ W.B.C به لکيو ۽ پڙهيو ويندو آهي. تن جو سائنٽيفڪ نالو ليڪوسائيٽس (Leukocytes) آهي. هي جيوگهرڙا جسم ۾ چوڪيدار وارو ڪم سرانجام ڏيندا آهن اڇي جزي جي ساخت، ڳاڙهي جزي کان بنهه مختلف آهي. بظاهر ڏسڻ ۾ گول پر اندروني طور تي 5 قسمن ۾ ورهايل آهن. منجهه نيوڪليس نه صرف موجود هوندو آهي. پر مختلف حصن ۾ ورهايل پڻ هوندو آهي. ۽ گڏوگڏ مختلف قسمن جو داڻيدار مادو موجود آهي. ته وري ڪن ۾ نيوڪليس تمام وڏو بوڪيءَ جي شڪل وانگر ۽ داڻيدار مادو غائب هوندا آهن. مٿي بيان ڪيل خصوصيات جي بنياد تي اڇا جزا مختلف قسمن ۾ ورهايل آهن. ۽ پنهنجا پنهنجا ڪم سرانجام ڏيئي رهيا آهن. هاڻي اچو ته ٽين قسم جي جزن جو جائزو وٺون ته رت کي هر صورت ۾ وهندڙ حالت ۾ رکڻ ۽ ڪنهن به رُخني ۽ خلل کان بچائڻ ۾ ٿرموبوسائيٽس (Thrombocytes) پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. انهن جو نارمل تعداد رت اندر تقريباً ٻن کان اڍائي لک هڪ ملي ليٽر ٿئي ٿو. انهن جيوگهرڙن ۾ موجود ڪيميائي مادو رت کي دڳجڻ يعني ڳوڙهي بڻجڻ کان روڪيندو رهي ٿو. نه ته جيڪر صورتحال گنڀير ٿي وڃي ها. اهو قدرت هڪ اهڙو نظامِ حيات پيدا ڪيو آهي. جنهن منجهه هر هڪ عضوو ۽ ان جو حصو پنهنجي پنهنجي مرڪز ۾ رهندي مختلف اهم ڪم سرانجام ڏيندا رهن ٿا. سرتيون هاڻي اچو ته اسين جائزو وٺون ته رت جيڪا ايڏا کوڙ سارا ڪم سرانجام ڏيندي رهي ٿي. تنهن جي گهٽ وڌ ٿيڻ سان ڪهڙا ڪهڙا نقصان رسن ٿا. اڄ جي هن مضمون ۾ اسين رت جي ڪميءَ يعني گهٽتائي جي باعث پيدا ٿيل صورتحال کي ”ڪيئن منهن ڏجي؟“ جي باري ۾ تفصيلي جائزو وٺنداسين. انگريزيءَ جي لفظ ”Anaemia“ جو جيڪڏهن لفظي ترجمو ڪنداسين ته مطلب بيهندو ”رت جو نه هجڻ“، جنهن کي عام طور ”رت جو سڪي وڃڻ“ به سڏيو ويندو آهي. حقيقت ۾ ڏسجي ته اِهڙي صورتحال جاندارن ۾ ڪڏهن به پيدا نه ٿي سگهي ٿي، ڇو ته رت سان زندگي ۽ ساهه جو اچڻ وڃڻ لاڳاپيل آهي، سو باقي مختلف سببن ڪري رت گهٽ وڌ ٿيندي رهندي آهي، جنهن لاءِ لفظ اِنيميا استعمال ڪجي ٿو. خاص طور تي کاڌي جي ڪميءَ باعث پيدا ٿيندڙ صورتحال کي خوراڪ جي گهٽتائيءَ واري اينيما يعني (NDA) (Nutritional Deficiency Anaemia) سڏجي ٿو. روز مره جي زندگيءَ ۾ مجموعي طور تي اسين جيڪو کاڌو کائون ٿا، تنهن ۾ موجود مختلف جزا اسان جي زندگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. رت جي پيداوار ۾ اهم سمجهيو ويندڙ فولاد (Iron) جيتوڻيڪ تمام گهٽ مقدار ۾ گهربل هوندو آهي، پر اُن جو هجڻ بي انتها ضروري سمجهيو وڃي ٿو، ڇو ته اُن کان سواءِ رت ۾ موجود رت جا ڳاڙها جزا ۽ هيمو گلوبن (Haemoglobin) پروٽين، مقرر مقدار کان گهٽجي ويندا آهن. فولادي ڪميءَ (Deficiency of Iron)دراصل جسم جي اندر موجود فولاد (جيڪو جمع ٿيل هوندو آهي)، ان کي وقت بي وقت ضرورت کان وڌيڪ استعمال ڪرڻ جي ڪري پيدا ٿئي ٿي. فولاد جيڪو هڏن جي مِکُ (Bone Marrow) ۾ موجود هجي ٿو، تنهن کي جڏهن وڌيڪ استعمال ڪجي ٿو ته فولاد جي ڪميءَ پيدا ٿئي ٿي. کاڌي ۾ جيڪڏهن (آئرن) فولاد جو مقدار گهٽجي ته پوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. مثال طور وڏي عمر جا ماڻهو جيڪڏهن پاڻ کي چانهه ۽ بسڪوٽ تي رکندا يا وري ننڍڙا ٻار جيڪڏهن صرف کير تي پلجن، يا وري کاڌو گهٽ واپرائيندڙ ماڻهو، ان ڪميءَ جو جلد شڪار ٿي ويندا آهن. عام طور تي متوازن غذا منجهان فولاد جو گهربل ضروري (نارمل) مقدار (جيڪو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ملي گرام (1m.g) آهي آرام سان حاصل ڪري سگهجي ٿو. اسان متوازن غذا جي تشريح هيٺين ريت ڪري سگهون ٿا. روز مره کاڌي ۾ گوشت (ٻڪري ۽ ڍڳو وغيره)، انڊا (بيضا)، ميوو ۽ سايون ڀاڄيون تمام آسانيءَ سان اسان حاصل ڪري سگهون ٿا. حامله خواتين (Pregnat women) ضروري مقدار جيڪو صرف هڪ ئي ملي گرام مقرر ٿيل آهي تنهن کي آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهجي ٿو. جيڪو روزانو چار ملي گرام (4m.g) ضروري سمجهيو ويندو آهي، ڇو ته پيٽ اندر پلجندڙ ٻار (Fetus) تقريباً هڪ ملي گرام فولاد ماءُ جي فولاد واري حصي منجهان حاصل ڪندو آهي. انڪري باربار حامله ٿيڻ واري صورتحال دوران به ماءُ خاص طور جنهن جي خوراڪ اڳ ۾ ئي متوازن نه هجي، ته پوءِ وڌيڪ متاثر ٿي سگهي ٿي. عام طور تي خواتين منجهه، فولاد جي ڪميءَ جي باعث پيدا ٿيندڙ اينميا جا هيٺيان سبب هوندا آهن:
1. رت جو دير تائين گهڻي مقدار ۾ ضايع ٿي وڃڻ (گهڻو ڪري ماهواريءَ دوران).
2. نظامِ هضم يعني هاضمي جي سرشتي ۾ پيدا ٿيندڙ خرابيءَ جي باعث رت جو ضايع ٿيڻ، مثال طور معدي جو السر، وڏي آنڊي جو ڪينسر، آنڊي ۾ موجود ڪينئان جن کي هُڪ ورم (Hook worm) سڏيو وڃي ٿو، وغيره.
اڄ جي مضمون ۾ اسين رت جي ڪميءَ يعني گهٽتائي متعلق نقصانن جو ذڪر ۽ ان سلسلي کي روڪٿام ڪيئن ڪجي؟ ان باري ۾ معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسي.
ڇا توهان مضمون جي پهرئين حصي کي پڙهي ۽ سمجهي سگهيا آهيو ته دراصل رت آهي ڇا؟ ڪهڙا ڪهڙا اَهم ڪم سرانجام ڏيئي رهي آهي، جي جواب توهان جو ”ها“ ۾ آهي ته پوءِ هينئر توهان کي اهو سمجهڻ ۾ بلڪل به دير نه ڪرڻ گهرجي ته ”رت“ اوهان جي روز مره زندگيءَ ۾ اوهان جي جسماني چستيءَ، چهري جي شادابي، ۽ چاڪ و چوبند بغير ٿڪاوٽ جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيتن کي برقرار رکڻ جي ضامن آهي. ڇا توهان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته هر وقت ٿڪُ، ڪمزوري، اُداسي ۽ بک جي ڪمي جو سبب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ توڙي جو انهن علامتن جو ڪارڻ ٻيون بيماريون به ٿي سگهن ٿيون، پر عام ۽ اهم عمومي طور تي نظرانداز ٿيڻ واري بيماري اصل ۾ رت جي ڪميءَ يعني انيميا (Anaemia) آهي. رت جي ڪميءَ دراصل مرض نه پر هڪ اهڙي علامت ۽ عمل آهي، جنهن ۾ رت جا ڳاڙها جزا تعداد ۾ گهٽجي وڃڻ يا وري ڪم جي لحاظ کان بي اثر ٿيڻ جي صورت ۾ جسم اندر خاص مقدار ۾ آڪسيجن پهچائڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن ٿا. اها صورتحال ڪيترن ئي سببن جي ڪري پيدا ٿي سگهي ٿي، پر فولاد يعني (Iron) جي گهٽتائيءَ سبب اهڙي صورتحال جو پيدا ٿيڻ تمام عام آهي. انيميا خون جي ڪميءَ واري ڪيفيت، گهڻي ڀاڱي هيموگلوبن (Haemoglobin) جي اڻپوري مقدار جي ڪري جسم اندر آڪسيجن جو گهٽجي وڃڻ آهي.“ اهڙي صورتحال جيڪڏهن ڪجهه عرصو برقرار رهي ته پوءِ رت جا ڳاڙها جزا پڻ تعداد ۾ گهٽجي ويندا آهن. مٿين صورتحال ٻين سببن ڪري، مثال طور اوچتو گهڻي مقدار ۾ رت جو وهڻ (ايڪسيڊنٽ دوران) يا جسم تي چير اچڻ وغيره يا وري اندروني طور رت جو وهڻ کاڌي واري نلڪيءَ منجهان ۽ وڏي آنڊي مان ٿيندي موڪن منجهان رت جو اخراج ٿيڻ وارن سببن جي ڪري به رت جي ڪميءَ واري صورتحال پيدا ٿي پوندي آهي. انسان لاڳيتو ۽ ٿوري مقدار ۾ مسلسل ڊگهي عرصي تائين رت وهڻ واري صورتحال کي ته مُنهن ڏيئي سگهي ٿو، پر اوچتو تڪڙ ۾ وهندڙ (جيئن ماهواري دوران)، تيز وهڪري وارو رت توڙي جو اُهو ڀلي صرف پنج سو ملي ليٽر (500ml) ڇو نه هجي، برداشت نٿو ڪري سگهي ۽ موت واقع ٿي سگهي ٿو. جيئن ته ننڍي آنڊي جي ڦٽن منجهان لاڳيتي وهندڙ رت کي آهستي آهستي ڳاڙهي مکُ منجهان پيدا ٿيندڙ رت جا جزا ڪيئن نه هٿي ڏيندا رهندا آهن ۽ اِهڙيءَ ريت ڪجهه نه ڪجهه ڪميءَ جي پورائي ٿي ويندي آهي. روزانو تقريباً پنجاهه ملي ليٽر (50ml) رت هڪ جوان ماڻهوءَ منجهه پيدا ٿيندي رهندي آهي. اينيميا جي متاثرين جي جسم جي چمڙيءَ جو رنگ زرد پيلو ٿي ويندو آهي. دِل جي ڌڙڪڻ ۽ ساهه کڻڻ جي رفتار ۾ تيزي اچي ويندي آهي، جيڪا وري خون جي ڪميءَ باعث پيدا ٿيل صورت کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري ٿي ويندي آهي، ڇو ته هيمو گلوبن جي مقدار گهٽجڻ سبب آڪسيجن پڻ مقدار ۾ گهٽجيو وڃي. مٿي ڏنل تفصيل منجهان ڀينرن کي چڱيءَ طرح سمجهه ۾ اچي ويو هوندو ته ”اينيميا ڪنهن بيماريءَ جو نالو نه پر هڪ اهڙي ”ڪيفيت“ جو نالو آهي جيڪا ”عملاً“ ظهور پذير ٿي، رت جي ڳاڙهن جزن ۽ هيموگلوبن جي مقدار کي گهٽائي ڇڏي ٿي.“ جيئن ته پهرين ڄاڻايو ويو آهي ته اهڙي صورتحال مختلف سببن ڪري پيش اچي ٿي پر اسان وٽ اهڙي صورتحال خاص طور تي آئرن (فولاد) يعني لوهه جي ڪمي جي باعث پيدا ٿئي ٿي. هاڻي اچو ته ڏِسون ته آئرن آهي ڇا؟ ان جو ڪم ڪهڙو آهي، ڪيئن ٿو حاصل ٿئي ۽ دُنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ موجود انسان ذات (خاص طور تي خواتين) ۾ عام طور تي اها ڪيفيت ڪيئن ڦيهلجي ٿي.
سموري دنيا ۾ خاص طور تي ۽ غريب ملڪن ۾ عام طور تي فولادي اينيميا (Iron Deficiency Anemia) جنهن کي آساني لاءِ (IDA) لکي ۽ پڙهي سگهون ٿا جو وجود عام آهي.
پاڪستان ۾ آباديءَ جي غذائي صورتحال تي ٿيل هڪ تازي نيوٽريشن سروي (Nutrition Survey) پٽاندر هن وقت اسان جي ملڪ ۾% 500 سيڪڙو خواتين رت جي شديد ڪميءَ واري شڪايت جو شڪار آهن. ساڳئي وقت پنجن سالن کان ننڍي ڄمار وارن ٻارن ۾ پڻ اهو مسئلو ڏٺو ويو آهي، جنهن جو سراسري انگ% 29.4 سيڪڙو آهي. اينيميا هڪ انتهائي قابلِ غور ۽ توجهه طلب مسئلو بڻيل آهي. هن وقت سڄي دنيا ۾ ”ماءُ جي سلامتي ۽ صحت“ جي عنوان هيٺ تنظيم جوڙي وئي آهي، جنهن جي مُک ڪاميٽيءَ جا ميمبر ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO) وارا ساڳيا ئي ميمبر آهن.
)Safe Mother Hood statistics(, and World Health Organization (WHO).
اهي ادارا هر سال مختلف ملڪن ۾ ٿيل کوجنائن تي مشتمل رپورٽ پيش ڪندا رهن ٿا جن جي مطابق سال 1997ع دوران سموري دنيا ۾ ڪل حامله (ڳورهاري) خواتين جو ٽيهه سيڪڙو رت جي شديد ڪميءَ جو شڪار ڏٺيون ويون. منهنجي پنهنجي پي.ايڇ.ڊي جي مقالي لکڻ لاءِ ڪيل ريسرچ دوران جيڪي انگ اکر مون کي مليا سي پڻ هيٺ ريت آهن.
حيدرآباد ضلعي جي ڪل آبادي آس پاس جي ڳوٺن سميت (مردن، عورتن ۽ ٻارن سميت) ڪل 2200 ماڻهن تي مشتمل رت ٽيسٽ (Test) ڪيو ويو، جڏهن ته الڳ سان 200 (حامله) ڳورهارين خواتين جو رت به چڪاسيو ويو. رت چڪاس ڪرڻ بعد هيٺيان نتيجا سامهون آيا آهن. ڪل (575) ٻارن منجهان% 63 سيڪڙو ٻار، (521) مردن منجهان% 57.4 سيڪڙو مرد (1104) عورتون ۽ جڏهن ڪل 200 حامله خواتين منجهان% 60 سيڪڙو رت جي شديد ڪميءَ جو شڪار ٿيل نظر آيون. ڳورهارين عورتن لاءِ W.H.O طرفان نارمل ليول، هيموگلوبن جي حد گهٽ ۾ گهٽ 11g/dI مقرر ڪيل آهي. جڏهن ته اسان وٽ حيدرآباد جي آس پاس پسگردائي وارن ڳوٺاڻن علائقن ۾ صورتحال اڃان به وڌيڪ گنڀير آهي. 200 خواتين منجهان ڪل 128 خواتين% 64 سيڪڙو عورتن جو هيموگلوبن ليول سراسري کان به بنهه گهٽ يعني11g/dI کان بنهه گهٽ ڏٺي وئي.
رت جي شديد ڪميءَ کي اينيميا جي شدت جي بنياد تي هيٺين ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
1. مائلڊ اينيميا (MildAnaemia) جنهن ۾ هيموگلوبن جو مقدار 6.8g/dIڏٺو ويو.
2. موڊريٽ اينيميا (Moderate Anaemia) جنهن ۾ هيموگلوبن ليول 9 to 10g/dI هيو.
3. گراس اينيميا (Gross Anaemia) جنهن ۾ هيموگلوبن جو مقدار 5g/dI کان به گهٽ نظر آيو.
رت جي ڪميءَ )اينيميا( جا تمام گهڻا قسم آهن، پر فولاد جي باعث يعني ٿيندڙ اينيميا سڀني کان وڌيڪ اَهم ۽ خطرناڪ آهي. ان کان علاوه ٻين قسمن جي اينيميا ۾ هيٺين حالتن جو نظر اچڻ عام آهي.
(1) رت ۾ حياتين (وٽامن) جي گهٽتائيءَ سببان پيدا ٿيندڙ اينيميا.
(2) پيچيده مرض ڪري رت جي گهٽتائي.
(3) رت ۾ ڳاڙهن جزن جي وڏي مقدار ۾ ضايع ٿي وڃڻ ڪري پيدا ٿيندڙ هيمولائيٽڪ اينيميا.
(4) رت ۾ موجود ڳاڙهن جزن جي شڪل بگڙجي وڃڻ ڪري، نتيجي طور پيدا ٿيندڙ اينيميا (Haemolytic Anaemia). هينئر اسين هن مضمون ۾ فولاد جي ڪميءَ باعث پيدا ٿيندڙ اينيميا جو ذڪر ڪنداسي.
زندگي ساهه کڻڻ جي سرشتي سان وابسته آهي ۽ ساهه کڻڻ لاءِ آڪسيجن ضروري آهي، اها آڪسيجن جسم جي سڀني عضون جي سمورن (خلين) جيو-گهرڙن تائين پهچڻ بيحد ضروري آهي. هيءُ ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ رت ۾ موجود، رت جا ڳاڙها جزا (RBC) پاڻ منجهه هڪ ڪيميائي مادو هيموگلوبن رکي ويٺا آهن. آڪسيجن ان مادي سان گڏجي آڪسي هيموگلوبن (Oxy Haemoglobin) ٺاهي وٺندي آهي ۽ جيو-گهرڙي (Cell) ۾ اندر داخل ٿي ويندي آهي. آڪسيجن جو هيموگلوبن سان ميلاپ تيستائين ممڪن نه آهي، جيستائين هيموگلوبن ۾ فولاد (آئرن) هڪ مخصوص حالت ۾ موجود نه هوندو. اهڙيءَ طرح هيموگلوبن جسم ۾ موجود هر هڪ عضوي تائين آڪسيجن کي پهچائڻ جو ذميوار مادو آهي ۽ آڪسيجن جي فراهمي زندگيءَ جي گارنٽي آهي، ڇو ته اِن کان بغير زندگي ممڪن نه آهي.

[b]جسم ۾ فولاد جو مقدار
[/b]جسم ۾ فولاد (Iron) جي مقدار جو تعين جسم ۾ ان جي فراهمي ۽ رت جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ يعني ضايع ٿيڻ جي رفتار سان ڪري سگهجي ٿو. گوشت خاص طور تي (ڳاڙهو گوشت)، جيرانڊي، انڊا (بيضا)، خُشڪ ميواجات، اناج، ڦَريون، مَٽر ۽ سَاون پنن واريون ڀاڄيون مثلاً پالڪ وغيره ۾ (لوهه) فولاد جو چڱو خاصو مقدار موجود هوندو آهي. فولاد آنڊي ذريعي جذب ٿي، رت ۾ شامل ٿي ويندو آهي. جيترو فولاد جسم کي گهربل هوندو آهي، اُهو جذب ٿي ويندو آهي ۽ باقي بچيل فولاد هڏن جي ڳاڙهي مِک يعني (Red Bone Marrow) ۾ جمع ٿي ويندو آهي.

[b]فولاد گهٽ ٿيڻ سان ڇا ٿيندو آهي؟
[/b]هاڻي اسين جائزو وٺنداسين ته فولاد گهٽ ٿيڻ سبب جسم اندر ڪهڙي ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي؟ جيڪڏهن ڪنهن انسان جي زيرِ استعمال خوراڪ ۾ فولاد واري غذا جي ڪمي هجي، يا وري نه هئڻ جي برابر هجي، ته سندس جسم ۾ موجود گڏ ٿيل فولاد آهستي استعمال ٿيندو رهندو ۽ آخرڪار فولاد جي گهٽتائي ٿي ويندي، ۽ ان جي نتيجي ۾ وري هيموگلوبن جو مقدار به گهٽجي ويندو آهي. هاڻي جڏهن هيموگلوبن گهٽجي ويندي ته لازمي طور تي آڪسيجن جو مقدار تمام گهٽ ٿي ويندو ۽ هر هڪ خليئي تائين آڪسيجن جي رسائي پڻ گهٽجي ويندي. اهڙي طرح گهٽ هيموگلوبن گهٽ مقدار ۾ آڪسيجن سان گڏبي ۽ جڏهن آڪسيجن جو مقدار گهٽ هوندو ته يقيناً جيوَگهرڙي کي پنهنجي ساهه کڻڻ واري سرشتي کي نارمل رکڻ ۾ دشواري پيش ايندي. اهڙي وقت جيڪڏهن فولاد جي ڪميءَ کي فوراً ختم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪبي ته آهستي آهستي هيءُ مسئلو ايترو وڌي ويندو جو اُن ماڻهوءَ جو موت پڻ واقع ٿي سگهي ٿو يا وري سندس موت جا امڪان واضع ٿي ويندا.
اهڙا ماڻهو جن کي فولاد گڏيل غذا مُيسّر نه هوندي آهي، يا وري مناسب ڄاڻ نه هجڻ ڪري، آهي اهڙي خوراڪ استعمال نه ڪندا آهن، ته اُنهن منجهه فولاد جي مستقل طور تي فراهمي نه هجڻ جي صورت ۾ اينيميا(Anameia) ٿي پوندي آهي. جيڪڏهن خوراڪ ٺيڪ هجي، پر اُهو ماڻهو اهڙي بيماريءَ ۾ مبتلا هجي جو، اُهو فولاد کي قابلِ استعمال حالت ۾ جذب ڪرڻ جي صلاحيت نه رکندو هجي، ته به اُن ماڻهوءَ کي اينيميا ٿي سگهي ٿي. معدي ۾ هڪ خاص اِينزائيم (Enzyme) نه هجڻ واري بيماري ان جو هڪ مثال آهي، پر اِها بيماري عام طور تي اسان وٽ تمام گهٽ نظر ايندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن انسان جي جسم اندر رت وهڻ جي رفتار تيز ۽ گهڻي هوندي ته پوءِ فولاد واري خوراڪ کائڻ باوجود به فولاد جي ڪمي ۽ اينيميا واري صورتحال موجود رهندي.
خواتين ۾ ماهواريءَ وارن ڏينهن ۾ ضايع ٿيندڙ رت جي بدلي جيڪڏهن فولاد واري غذا ڀرپور طريقي سان زيرِ استعمال نه رکبي ته به رت جي ڪميءَ جي شڪايت قائم رهندي ۽ گهڻي وقت تائين ساڳي قسم جي صورتحال، مستقل طور تي رت جي ڪميءَ جو باعث بڻجي ويندي. خواتين ۾ فولاد جي ڪميءَ باعث پيدا ٿيندڙ اينيميا ۾ عام طور تي عورتن منجهه فولاد نسبتاً گهٽ مقدار ۾ هوندو آهي. هر مهيني ماهواري دوران رت جو جسم منجهان اخراج ۽ خوراڪ ۾ فولاد گڏيل کاڌو گهٽ هجڻ يا وري نه هجڻ به سبب ٿي بڻجي سگهي ٿو. خواتين ۾ غذائي اعتبار کان فولاد جي شديد ڪميءَ جو موجود هجڻ خاص طور تي اڄ جي دنيا جو هڪ عام ۽ عالمگير مسئلو آهي. اڄ جي جديد ۽ ماڊرن دنيا ۾ خواتين لاءِ غذائي لحاظ کان وڌيڪ اهم ۽ سنگين مسئلو فولاد جي ڪميءَ جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ فولادي ڪميءَ واري اينيميا آهي.
هڪ تحقيقي جائزي موجب سڄي دنيا ۾ )%20(ويهه سيڪڙو خواتين، )%50(پنجاهه سيڪڙو ڳورهاريون خواتين ۽ %20ويهه سيڪڙو مرد حضرات، هن عام موذي مسئلي ۾ مبتلا آهن.
پاڪستان ۾ به هن قسم جي اينيميا تمام عام آهي ۽ پنجاب ۾ هن جو وڌيڪ غلبو نظر اچي ٿو. سال 2001ع ۾ ٿيندڙ نيوٽريشن سروي مطابق 25.5 سيڪڙو مائرون هن وقت اينيميا ۾ مبتلا آهن. منجهن 23.7 سيڪڙو وچولي درجي واري ۽ 1.8 سيڪڙو شديد نوعيت واري رت جي ڪميءَ جو شڪار آهن. منهنجي پنهنجي تحقيقي مقالي لاءِ ڪيل سروي مطابق سال 1996ع کان وٺي 2003ع تائين حيدرآباد ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ 60 سيڪڙو ڳورهاريون خواتين رت جي ڪميءَ جو شڪار نظر آيون جن منجهان هيموگلوبن وچولي درجي ۾ 6.10g/dl مقدار شامل آهي ساڳئي نوعيت جو هڪ تحقيقي جائزو ملتان جي عوام جو پڻ ورتو ويو. سال 1999ع کان 2003ع تائين ڪيل سروي ۾ مرد خواتين ۽ ٻار سڀ شامل هئا. جن منجهان خواتين 53 سيڪڙو، مرد 49 سيڪڙو ۽ ٻار 57 سيڪڙو اينيميا جا شڪار ٿيل مليا. 5 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن (ڇوڪرا) %61 سيڪڙو ۽ ڇوڪريون% 64 سيڪڙو اينيميا جو شڪار ٿيل نظر آيون. مجموعي طور تي ڪل 2060 ماڻهو جي ڪيل رت تي چڪاس منجهان ڪل عوام جو (1030) % 50 سيڪڙو ماڻهو رت جي ڪميءَ جو شڪار ٿيل نظر آيا. فولاد گهٽجڻ سبب رت جي ڪميءَ جو شڪار بڻيل خواتين منجهه جسماني ٿڪ، ذهني خلفشار ۽ روز مره جي زندگيءَ ۾ معمول جا ڪم خوش اسلوبي سان نه ڪرڻ، پنهنجي ٻالڪ جي پرورش پڻ صحيح نموني نه ڪرڻ وغيره جون شڪايتون عام نظر اچڻ لڳنديون آهن ۽ گڏوگڏ جيڪڏهن ساڳيءَ صورتحال دوران وري ٻيهر حامله ٿي وينديون ته معاملو اڃا به وڌيڪ گنڀير ٿي ويندو آهي. مثال طور اهڙي ماءُ طرفان پيدا ڪيل ٻار منجهه غير مناسب نشونما، قوتِ مدافعت جي شديد ڪمي ۽ بعض اوقات موت جي شرح ۾ اضافو پڻ ڪثير تعداد ۾ نظر ايندو آهي. خواتين منجهه فولاد جو ڪيترو مقدار هجڻ ضروري آهي؟ ٻارڙين ۽ سن بلوغت کي رسندڙ ڇوڪرين کي روزانو 15 ملي گرام فولاد جي ضرورت هوندي آهي. ڳورهارين لاءِ 30 ملي گرام ۽ کير پياريندڙ مائرن لاءِ 15 ملي گرام فولاد روزانو استعمال ڪرڻ نهايت ئي ضروري آهي. جڏهن ته ماهواري ختم ٿي وڃڻ وارين خواتين کي صرف 10 ملي گرام فولاد درڪار هوندو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته خوراڪ ۾ موجود فولاد مڪمل طور تي جذب نه ٿي سگهندو آهي، پر صرف تقريباً 10 سيڪڙو جذب ٿي ڪري سرايت ڪندو ۽ فائدو پهچائيندو آهي. هڪ ڳڻپ مطابق اسان وٽ عام طور تي 90 سيڪڙو خواتين مناسب مقدار ۾ فولاد جو استعمال نه پيون ڪن. ان جو ثبوت هيءُ به آهي ته ڳورهاري خاتون منجهه گهٽ ۾ گهٽ هيموگلوبن 13.15g/dl گرام في ڊيسي ليٽر هجڻ گهرجي جڏهن ته منهنجي پنهنجي ڪيل سروي /ريسرچ مطابق حامله خاتون منجهه عام طور تي وڌ ۾ وڌ 9 گرام يا 10 گرام في ڊيسي ليٽر 9or10g/dl نظر آيو. جڏهن ته ٻئي طرف ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن طرفان پڻ اهو مقدار گهٽ ۾ گهٽ، ڳورهاري عورت لاءِ 11g/dl في ڊيسي ليٽر مقرر ڪيل آهي. (2010-2009 جي رپورٽ مطابق)(ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن)، (WHO).

[b]عورتن ۾ رت جي ڪميءَ جا سبب:
[/b]هيٺ ڄاڻايل سببن ڪري عام طور تي عورتن منجهه اينيميا ظهور پذير ٿيندي آهي:
(1). زندگيءَ جي پهرين ٻن سالن ۾ سڀ ٻار بشمول (ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون) ڪنهن حد تائين اينيميا جو شڪار ٿي پوندا آهن،جيئن ته ڇوڪرن جو عام طور تي وڌيڪ خيال رکيو ويندو آهي، اُنهن کي گوشت ۽ ميوو وغيره ترجيحي بنيادن تي پهريان ۽ وڌيڪ کارايو ويندو آهي، انڪري ڇوڪرن منجهه رت جي ڪمي ڪنهن حد تائين ڪنٽرول ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ رفته رفته اڳتي هلي دُرست به ٿي ويندي آهي، پر جيئن ته اسان جي معاشري ۾ عام طور تي ڇوڪرين کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويندو آهي، انڪري انهن ۾ اهڙي ڪمي مسلسل قائم رهندي آهي. پهريان کان رت جي ڪميءَ جو شڪار ٿيل ڇوڪريون جڏهن سنِ بلوغت تائين پهچن ٿيون ۽ پوءِ اُنهن جو واسطو (حيض) ماهواريءَ سان پوي ٿو ته پوءِ اِهڙي ڪمي اڃا وڌيڪ (مزيد) وڌي وڃي ٿي ۽ بعض اوقات شديد ڪميءَ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.
(2). حيض دوران ان ڳالهه جو شديد خطرو لاحق رهندو آهي، ڇو ته هر مهيني اٽڪل 20.4 mg ملي گرام فولاد ضايع ٿيندو رهندو آهي. اتفاقي طور تي جيڪڏهن اهو دورانيو وڌي وڃي ته صورتحال اڃا وڌيڪ گنڀير ٿي پوندي آهي. انڪري جڏهن به ننڍيءَ عمر واريون ڇوڪريون حامله ٿيڻ بعد ان دور مان گذرن ٿيون ته آهي شديد رت جي ڪميءَ جو شڪار ٿي پون ٿيون. اهڙي صورتحال نه صرف سندن لاءِ، پر سندن ايندڙ ٻار لاءِ پڻ نقصانڪار ثابت ٿئي ٿي، ڇو ته پيٽ اندر پلجندڙ ٻار به پنهنجي ضرورت ماءُ منجهان ئي پوري ڪندو آهي، انڪري ٻار پڻ اُن ڪميءَ جو شڪار ٿي ويندو آهي.
3)). صرف ڀاڄين منجهان حاصل ڪيل فولاد انساني جسم ۾ صحيح طور تي استعمال نه ٿو ٿئي، انڪري اهڙا ماڻهو جن جي غذا ۾ گوشت شامل نه هوندو اُهي، آهي پڻ اهڙي ڪميءَ جو شڪار ٿي سگهن ٿا.
علامتون: عام طور تي ٿڪاوٽ، بک نه لڳڻ يا وري گهٽ لڳڻ، ڪمزوري ۽ بيچيني محسوس ڪرڻ، شديد ڊپريشن، پيلو ٿي وڃڻ، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ڪرڻ، مٿي جو سور وغيره شامل آهن. ان کان سواءِ اهڙيون شيون جن جو تعلق غذا سان نه آهي، مثال طور مِٽي، چاڪ يا واري وغيره کائڻ تي دِل پئي چوندي.
پيچيدگيون: رت ۾ فولاد جي معمولي ڪميءَ ڪنهن به سنگين پيچيدگيءَ جو باعث نه بڻبي آهي. ليڪن بروقت صحيح طريقي سان جيڪڏهن ان جو علاج نه ڪبو ته پوءِ تمام گهڻا خطرناڪ اثر مرتب ٿي سگهن ٿا. جن منجهان ڪن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو.
1. دل جون بيماريون: رت ۾ فولاد جي شديد ڪميءَ جي باعث دل جي ڌڙڪڻ جي رفتار گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿي، جنهنڪري رت جون ناليون سڪڙجي وينديون آهن ۽ انڪري دل ۾ سور يعني اِينجائنا (Angina) جو سبب پيدا ٿي سگهي ٿو.
(2) حمل جي دوران، رت جي ڪميءَ حامله خواتين گهڻي ڀاڱي موت جو شڪار ٿي وينديون آهن ۽ اهڙين مائرن جا پيدا ڪيل ٻار، وري پيدائشي طور ڪنهن نه ڪنهن معذوريءَ جو شڪار ٿي ويندا آهن.
(3) ٻارن جي نشونما ۾ مشڪلات: هيءَ ڪميءَ درحقيقت ننڍڙن ٻارن لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندي آهي. ڇو ته ڇهن مهينن واري عمر کان ويندي ٽن سالن جي عمر واري ٻار ۾ قوت مدافعت بلڪل گهٽتائي ڇڏي ٿي ۽ ايندڙ زندگي تي بدترين اثرات مرتب ٿيندا رهن ٿا، ٻارن جي ڳالهڻ ۽ هلڻ ڦرڻ جي سگهه بيحد متاثر ٿئي ٿي. اهڙا ٻار هر وقت ڪمزوري پيا محسوس ڪندا آهن ۽ ان ڪمزوري ڪري ٻارن جي صلاحيتن تي پڻ اثر پوي ٿو. اهڙن ٻارن جو IQ متاثر ٿئي ٿو ۽ ذهني طور تي اسڪول ۾ سندن ڪارڪردگي به منفي رهي ٿي. ذهني طور گهٽ هوشيار هجڻ ۽ جسماني طرح ٿڪل ٿڪل ۽ ڪمزور ٻارَ معاشري ۾ ڪوبه مثبت رول ادا ڪرڻ جي قابل نٿا رهن ۽ ان طرح اسان جي قوم جا مستقبل جا معمار يا ته پيدائشي طور ذهني معذور ۽ مفلوج يا وري حالات تحت زندگي ۾ اڳيان هلي ڪانه ڪا بيماري ڀوڳين ٿا. ماهرين جي راءِ مطابق پاڪستان ۾ ٻارن جي موت جو انگ پڻ اِن ڪميءَ باعث خاص طور تي وڌيل رهي ٿو، ان ڪري ماهرين ٻين سببن سان گڏوگڏ مُک سبب ”فولاد ڪمي“ کي ڄاڻايو آهي اها ڪمي ته صرف موت جي شرح ۾ واڌ آڻي ٿي پر موجوده دور ۾ مختلف تحقيقن دوران اها ڳالهه سائنسي تجربات ذريعي ثابت ٿي چڪي آهي ته غير صحتمند جسم جو مالڪ ٻار ذهني ۽ جسماني صلاحيتن جو ڀرپور فائدو حاصل نٿو ڪري سگهي. اهڙو ٻار نه صرف پنهنجي ۽ مائٽن جي لاءِ ڏچو پيدا ڪري ٿو. پر مجموعي طور تي بحيثيت مستقبل جي معمار پڻ قوم تي بار ٿي پوي ٿو.

[b]رت جي ڪميءَ کان بچڻ جا اُپاءَ:
[/b](1) اهڙا غذائي جزا استعمال ڪيا وڃن، جن منجهان فولاد جو گهڻو مقدار حاصل ٿي سگهي. مثال طور ڳئون جو گوشت، ڪڪڙ جو گوشت، بيضا، جيرا Liver، خشڪ ميوه جات، ڇلڪي سميت اَنَاجَ ۽ داليون، ڦريون، مٽر، پنن واريون سايون ڀاڄيون، مثال طور پالڪ وغيره دورانِ حمل ۽ ماهواريءَ وارن ڏينهن ۾ خوراڪ جو خاص خيال رکڻ گهرجي.
(2) غذائي شيون جن ۾ وٽامن سي Vitamin C جو مقدار وڌيڪ هجي، مثال طور مالٽا، ٽماٽا، ساون پنن واريون ڀاڄيون ۽ موسمي ميوي جو استعمال گهڻو ڪيو وڃي، ڇو ته اِهي سڀ جزا ملي جسم جي اندر فولاد کي جذب ٿيڻ ۾ مدد ڏيندا آهن.
(3) ڳورهاري عورت جو هيموگلوبن 13 کان 15.5 ملي گرام في ڊيسي ليٽر هجڻ کپي، جيئن ماءُ ۽ ٻار ٻنهي جي ضرورتن کي باآساني پورو ڪري سگهي. جيڪڏهن هيموگلوبن گهٽ هجي ته اُن ڪميءَ کي غذا ۽ گورين (DictandTablet) ذريعي مڪمل طور ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.
4. جيڪڏهن خاص حالتن ۾ ضرورت سمجهجي ته پوءِ پنهنجي ڊاڪٽرياڻيءَ سان مشوري بعد رت لڳرائڻ جي باري ۾ مشورو ڪجي ۽ باهمي مشوري ۽ صلاح کان پوءِ رت ڪنهن ويجهي عزيز ( صحتمند) کان وٺجي. هميشه رت ڏيڻ توڙي وٺڻ مهل پنهنجي ڊاڪٽرياڻيءَ سان مشورو ضرور ڪريو. ائين ڪرڻ سان ڪيترن ئي پيچيدگين کان بچي سگهجي ٿو. اهو پڻ هڪ الڳ موضوع آهي. جنهن تي وري ٻي ڪنهن دفعي معلومات ڏبي.
اِهڙين شيون جيڪي فولاد کي رت ۾ جذب ٿيڻ کان روڪينديون هجن.1. خصوصاً گوشت ۽ انڊو گڏ اِستعمال ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي.
2. ٻيون مثال طور چانهه ۽ ڪئلشيم واريون شيون کير ۽ ڏهي وغيره گڏي نه کائجن.

[b]تحقيقي مقالي تان ورتل (ترجمو ڪيل)
[/b]* * *

ميون ۽ ڀاڄين سان علاج غذا جا حيات پرور جوهر

سڀني ميون، ڀاڄين، اناجن، کير، مکڻ وغيره ۾ جديد تحقيقات مان معلوم ڪيو ويو آهي ته اُنهن شين ۾ ڪي اهڙا جزا ضرور موجود آهن، جيڪي صحت لاءِ بي انتها ضروري آهن. اُنهن جزن سان صحت کي برقرار رکي سگهجي ٿو ۽ ساڳي وقت جسم جي نشونما لاءِ پڻ نهايت لازمي ۽ ضروري آهن. انهن جزن جي عدم موجودگيءَ ۾ غذا جسم جي لاءِ بيڪار ٿي وڃي ٿي. انهن جزن جي ڪمي جي ڪري جسم مختلف بيمارين جو شڪار ٿي وڃي ٿو. اِنهن حيات پرور جوهرن کي حياتين (Vitamins) سڏيو وڃي ٿو. انهن جي الڳ الڳ خاص خصوصيتن جي ڪري انهن لاءِ (A-B-C-D-E) وغيره جا نشان استعمال ڪيا وڃن ٿا. وٽامنز تمام ٿوري مقدار ۾ به تمام وڏو اثر رکن ٿيون، اسان وٽ ڀاڄيون وڏي مقدار ۾ کاڌيون وڃن ٿيون، پر ڀاڄيون کائيندڙ وٽامنز کان محروم رهجي وڃن ٿا، ڇو ته اسان وٽ ڀاڄين کي دير تائين پچائي کائڻ جو رواج عام آهي. اها ڳالهه ذهن نشين ڪري ڇڏڻ گهرجي ته ڀاڄين کي معمولي طور تي به پچائڻ سان منجهن% 60 سيڪڙو وٽامنز گهٽجي وڃن ٿا. پوءِ جيڪڏهن اڃا به وڌيڪ دير تائين پچائبو ته بلڪل ختم ٿي ويندا. اهڙي پڪل ڀاڄين سان پيٽ کي ته ڀري سگهجي ٿو، پر جسم غذائيت ۽ حيات پرور (جوهر) عناصر کان محروم رهجي وڃي ٿو.
جيڪڏهن توهان روز بروز سست ۽ ڪاهل ٿيندا وڃو، ٿوري دماغي ۽ جسماني محنت ڪرڻ کان پوءِ ٿڪجي پئو يا ڪنهن ڪم بغير ٿڪاوٽ جي ڪو وڏو ڪم سرانجام نه ڏئي سگهو، ته سمجهي وڃو ته توهان جي خوراڪ ۾ حياتين يعني وٽامنز جي ۽ ڪيميائي عنصرن جي ضرور ڪمي پيدا ٿي پئي آهي. اهڙيءَ صورت ۾ ڀاڄين کي هلڪي باهه تي پچائي کائو. سلاد، چقندر، بند گوبي، گجر، موري، گوگڙو، ٽماٽو وغيره ڪچا استعمال ڪريو.

[b]حياتين (Vitamnis)
[/b]الف ((A حياتين الف، هيٺين شين ۾ ملي سگهي ٿي: کير، مکڻ، ملائي، بيدي جي زردي، پنير، گجر، بند گوبي، گوگڙو، موري، ٽماٽو ۽ انب وغيره. هيءَ وٽامن مڇيءَ جي تيل Cod Liver oil ۾ سڀ کان وڌيڪ موجود هوندي آهي. انب ۾ پڻ گهڻي مقدار ۾ موجود آهي. جيڪي جانور خشڪ سڪل چارو ۽ ڀوسو وغيره کائيندا آهن، انهن جانورن جي کير ۽ اُن کير مان ٺهندڙ شين يعني مکڻ، ملائي ۽ پنير وغيره ۾ تمام گهٽ هوندي آهي.
فائدا: وٽامن اي (A) جي استعمال سان ٻارن جي جسمن جي نشونما بهتر نموني ٿئي ٿي. خاص طور تي ٻارن جي هڏين جي مضبوطي ۽ واڌ لاءِ نهايت ضروري آهي. بينائي کي طاقت ۽ قوت بخشي ٿي. رت ۾ مرضن سان دفاعي مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ٿي. ڪَنَ ۽ جسم جي سوراخن ۾ پيپ پيدا ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي. چمڙيءَ کي صحتمند رکي ٿي. خاص طور تي منهن تي ”ڇانؤن“ ۽ ڦرڙن کي ختم ڪري ٿي.

[b]حياتين الف جي غير موجودگي ۽ ڪميءَ باعث نقصان
[/b]جيڪڏهن هن وٽامن کي ٻار جي غذا ۾ شامل نه ڪيو وڃي ته هوند هڏيون نرم رهجي وينديون ۽ باوجود ڪنهن جسماني بيماري نه هئڻ جي هو لاغر ۽ مستقل مريض لڳندو. جيڪڏهن جوان ماڻهن کي ڪافي عرصي تائين هيءَ وٽامن مِيسّر نه اچي ته پوءِ سندن اکين اڳيان ڪارا ڪارا داغ نظر اچڻ شروع ٿيندا. رات جو گهٽ نظر اچڻ جي شڪايت ٿي پوندي. اکين جي بيماري(Blepharitis) هن وٽامن جي ڪمي ڪري پيدا ٿيندي آهي. ڪنن مان گند ۽ پيپ وهڻ شروع ٿي ويندو آهي. ڦڦڙ ڪمزور ٿي پوندا آهن. جيڪڏهن جسم تي ڪٿي زخم ٿي پوي ته پوءِ وڏي عرصي تائين نه ڀربو آهي. چمڙي کُهري، خُشڪ، ڀوسي وانگر جُهري پوندي آهي ۽ بيشمار جُهريون پئجي وينديون آهن.
ضرورت: ننڍپڻ ۾ جڏهن ٻار جو جسم وڌي رهيو هجي، اُن وقت وٽامن جي ضرورت گهڻي ٿئي ٿي. جيڪڏهن ننڍپڻ ۾ ڪمي رهجي وڃي ٿي ته پوءِ اُن جي ڪمي جواني تائين رهي ٿي، ڀلي پوءِ ڇو نه ڪافي مقدار ۾ استعمال ڪجي، پر پيدا ٿيل ڪميءَ تي غالب نٿو پئجي سگهجي ۽ جسم ۾ هن وٽامن جي ڪميءَ جي تلافي تقريباً ناممڪن ٿي وڃي ٿي. غريب ماڻهو ٻارن کي گجر ڪچي، موري، گوگڙو ۽ ٽماٽا کارائي هن وٽامن جي ڪميءَ کي پورو ڪري سگهن ٿا ۽ جسم کي ڪافي مقدار ۾ وٽامن پهچائي سگهن ٿا.
چمڙي جي نرمي، صفائي ۽ اکين جي چمڪ قائم رکڻ لاءِ پنهنجيءَ غذا ۾ هفتي دوران هڪ ٻه دفعو گجر، سنگتڙو، ٽماٽو ۽ مکڻ ضرور کائڻ کپي. ڀاڄين کي جيڪڏهن گيهه ۾ ڀُڃي ڪڍي کائجي يا وري سُڪائي، استعمال ڪجي ته وٽامن ختم ٿي وڃن ٿا.

[b]وٽامن بي (Vitamin B)
[/b]هن وٽامن جا ڪيترائي قسم آهن، جن مان هيٺيان تمام اهم آهن:
(1) وٽامن بي -1 (B1) هن کي ٿائمن (Thiamine) به سڏجي ٿو.
(2) وٽامن بي _ 2 (B2)
1. خالص ڪڻڪ جو ٻاٽ، جيرا، بوهي مڱ وغيره.
2. خالص کير، سنگترا، گوگڙو، چقندر، موري، پالڪ وغيره.
3. خرفه (قُلفه)، لَوڻڪ، پالڪ، سرنهن جو ساڳ، سلاد، بِيضي جي زردي.
4. وٽامن B1 جي ڪميءَ جو نتيجو:
جيڪڏهن هيءَ وٽامن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ گهٽجي وڃي يا موجود نه رهي ته اهڙي ماڻهوءَ کي مرض بيري بيري (Beri Beri) ٿي سگهي ٿو. بک نه لڳندي، قبض ۽ آنڊي جون ٻيون شڪايتون به پيدا ٿي سگهن ٿيون. وزن گهٽڻ لڳندو آهي. آهستي آهستي اندر ئي اندر عضوا ڪمزور ٿيڻ لڳندا آهن، دل جي حرڪت سست ٿي ويندي آهي. دل جي ڪمزوري ڪري هٿ ۽ پير سڄي پوندا آهن. دم جي مريض وانگر ماڻهو سهڪڻ شروع ڪندو آهي. کاڌل غذا مان حاصل ڪيل کنڊ ۽ نشاستو، جسم جي نشونما ۾ حصو نه وٺي سگهندو آهي. بدن جي عضون ۾ ضعيفائي ۽ ڪمزوري پيدا ٿي پوندي آهي. بدن ۾ چڪنائي به چڱي نموني جذب نه ٿي سگهندي آهي. ٿائمن جي ڪميءَ ڪري نوجوانن ۾ وقت کان اڳ ٻڍاپو اچي ويندو آهي.
جيڪي ٻار ٽن چئن سالن جي عمر تائين به ڳالهائڻ شروع نه ڪري سگهن، تن ۾ هن وٽامن جي ڪمي شديد هوندي آهي. جيڪڏهن دوائن ۽ غذائن وسيلي هن ڪميءَ کي دور ڪيو وڃي ته ٻار جلدي ڳالهائڻ شروع ڪري سگهي ٿو.

[b]وٽامِن بي - 2 (B2) يا فلار ون
[/b]وٽامن بي حسبِ ذيل غذائن ۾ ان ترتيب سان موجود آهي جو ترتيبوار پهرين غذائن ۾ وڌيڪ ۽ پوءِ وارن ۾ آهستي آهستي مقدار گهٽجيو وڃي ٿو.
1. جيرا، کير، ڀاڄيون، ڪريم نڪتل کير.
2. آلو بخارا، بيدي جي زردي، رڍ ۽ ٻڪريءَ جو گوشت، پنير ۽ کلن سميت پٽاٽا.

[b]فلارون جي گهٽتائيءَ جا نتيجا
[/b]هن وٽامن جي ڪميءَ جي باعث چپ ڦاٽي پون ٿا، هاضمو خراب ٿي وڃي ٿو. سوچ جي صلاحيت ڪمزور ٿي وڃي ٿي. جسم بيمارين جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت وڃائي ڇڏي ٿو. مٿي جا وار ڪرڻ شروع ڪن ٿا. خارش جي شڪايت پيدا ٿي پوي ٿي. وٽامن بي گهڻي قدر ڪڻڪ، مڪئي، چانور ۽ دالين ۾ ملي ٿي، هنن جي کلن ۾ خاص طور تي ڪافي مقدار ۾ موجود هجي ٿي. افسوس جو عورتون اڻ ڄاڻائي ۽ لاعلمي جي ڪري ڪڻڪ منجهان ڇاڻ ڪڍي اُڇلائي ڇڏينديون آهن. فقط زبان جي لذت لاءِ وٽامن بي کان جسم کي محروم ڪيو وڃي ٿو. (ڪيتري نه ناداني چئبي)
ڏهي، پنير، بادام، پسته ۽ ناريل ۾ ڪافي مقدار ۾ وٽامن بي هوندو آهي.

[b]وٽامن بيءَ جا فائدا
[/b]هيءَ وٽامن نشاستو ۽ چرٻي هضم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. چمڙيءَ کي صحتمند بڻائي ٿي. قبض ۽ چڙچڙائپ ختم ڪري ٿي. تندرستي برقرار رکي ٿي ۽ عضون کي مضبوط رکي ٿي. هن وٽامن جي ڪميءَ جي باعث اعصابي ۽ جسماني ڪمزوري پيدا ٿي پوي ٿي. چمڙي خراب ٿي پوي ٿي اعصاب ۽ عضوا سست ٿي ڪمزوري پيدا ڪري وجهن ٿا.

[b]دنيا ۾ سڀ کان پيچيده ۽ نازڪ مشينري
[/b]انسانن لکن روپين جون وڏيون وڏيون مشينون ٺاهيون آهن، جن کي ڏسي انسان جي عقل کي تعجب رسي ٿو، پر انهن سڀني مشينن کان وڌيڪ پيچيده ۽ نازڪ و قيمتي مشينري خود انسان جي اندر جسم ۾ موجود آهي. اڄ تائين ڪوبه انجنيئر انساني مشين ٺاهڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي. انساني مشينري دنيا جي تمام مشينرين کان وڌيڪ نازڪ ۽ پيچيده آهي. سڀ کان مشڪل ۽ عجيب ڳالهه هيءَ آهي ته انسان پنهنجن ٺاهيل مشينن لاءِ ته ماهر ۽ انجنيئر رکيا آهن. پر انسان جي مشينري جي ڏسڻ واسڻ لاءِ ڪوبه تيار ڪونهي. انسان پنهنجي مشينري کان بي خبر رهي ٿو ۽ هر ممڪن طريقي سان ان کي خراب ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نٿو ڇڏي. هن کي خبر ناهي ته هن مشينري اندر ڪيترا نازڪ پرزا ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ٿوري بد پرهيزي ۽ لاپرواهيءَ هن جي جسم جي اندروني مشينري جو ڪم به هڪ پرزو بگاڙي سگهي ٿو ۽ سڄي مشين کي بيڪار بڻائي سگهي ٿو. انسان جي ٿوري لاپرواهي ۽ غلطيءَ جي ڪري هيءَ مشين هميشه لاءِ بند ٿي سگهي ٿي. ان ڪري انسان جو فرض آهي ته هو تندرست ۽ توانو رهي ۽ هن نازڪ جسماني مشين جي چڱيءَ طرح حفاظت ڪري.
عام ماڻهوءَ جي ذهن ۾ اها ڳالهه ويٺل آهي ته بدپرهيزي ڀلي ڪجي ۽ هر جائز و ناجائز شيءِ کائجي ۽ پوءِ ان جي نتيجي ۾ ڀلي بيمار ئي ٿي وڃجي. جڏهن مشين خراب ٿي پوندي ته پوءِ حڪيم، ڊاڪٽر ۽ ويدن کان ٿورا پئسا ڏئي دوائون وٺبيون ۽ ٺيڪ ٿي وڃبو. اِهو طريقو بلڪل غلط آهي.
ياد رکو ته ته توهان دوائون، گوريون ۽ انجيڪشن استعمال ڪرڻ کان پوءِ تندرست و توانا نٿا رهي سگهو. ها! عارضي طور تي انهن دوائن جي استعمال سان مرض وقتي طور تي دٻجي سگهي ٿو پر بار بار بدپرهيزي ڪرڻ ۽ دوائن جي استعمال سان توهان پنهنجي اندروني مشينري کي تباهه و برباد ڪري ڇڏيندا. ياد رکو ته علاج ڪندڙ اوهان کي ڪڏهن به تندرست و توانو نٿو بڻائي سگهي. توهان پاڻ هن پيچيده مشينريءَ جي حفاظت ڪري سگهو ٿا ۽ صحت جي اصولن تي عمل پيرا ٿي تندرست زندگي ۽ ڊگهي عمر حاصل ڪري سگهو ٿا.

[b]بيماريون وات مان داخل ٿينديون آهن
[/b]انسان جي جسم جون گهڻي قدر بيماريون وات ذريعي داخل ٿين ٿيون. اِها حقيقت آهي ته انسان ڏينهن رات پنهنجي اندروني مشينري جي پرواهه نه ڪندي، هر شيءِ زبان جي لذت خاطر کائيندو رهي ٿو ۽ ان ڳالهه جي پرواهه بلڪل نٿو ڪري ته اهڙيون لذيذ شيون گهڻي مقدار ۾ کائڻ سان ڀلي اندروني مشين بيڪار ٿي وڃي. جيڪڏهن هر انسان پنهنجي جسم کي تندرست و توانو رکڻ لاءِ صحيح طريقي سان کاڌو کائي ته ڪافي مرضن کان بچي سگهي ٿو ۽ سوَ سالن جي زندگي ماڻي سگهي ٿو.
ميوا توهان کي تندرست ۽ طويل العمر بڻائي سگهن ٿا. اڄڪلهه وڏا وڏا ڊاڪٽر، عالم، سائنسدان، گهڻن ئي سالن جي محنت ۽ جستجو کان پوءِ ان نتيجي تي پهتا آهن ته انسان ميوا ۽ ڀاڄيون صحيح طريقي سان استعمال ڪري، پنهنجي عمر کي وڌائي سگهي ٿو ۽ سڀني مرضن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو. ڪابه بيماري اهڙي نه آهي جيڪا ميون ۽ ڀاڄين جي استعمال سان ختم نه ٿي سگهندي هجي. آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ اهڙا ماهر ڊاڪٽر موجود آهن، جيڪي پنهنجي مريضن جو علاج ميون، ڀاڄين، کير ۽ ٻين قدرتي طريقن سان ڪن ٿا. انهن جي دعويٰ آهي ته مختلف مرض دوائن جي استعمال سان جسم جي اندر دٻجي وڃن ٿا ۽ وري موقعي ملڻ تي ٻيهر ڪنهن ٻي صورت ۾ ظاهر ٿي پون ٿا. پر ميون جي علاج سان انسان جو جسم صاف ٿي وڃي ٿو، عمر کي وڌائڻ ۽ بيمارين کان بچڻ لاءِ ميون جي خوراڪ سڀ کان بهترين شمار ڪئي وڃي ٿي.
دماغي ڪم ڪرڻ وارن لاءِ ته ميوا اڃان به وڌيڪ بهترين خوراڪ آهي. ميون جي بجاءِ جيڪڏهن ان جو رس استعمال ڪيو وڃي ته اڃان به وڌيڪ فائديمند آهي. ميون جي رس ۾ آهي سڀ جزا موجود هوندا آهن، جيڪي انساني جسم لاءِ ضروري آهن. ڀاڄيون ۽ ميوا انسان جي جسم مان فاسد مادو خارج ڪن ٿا. ميون جي استعمال سان سڀ ضروري وٽامن جسم ۾ اچي وڃن ٿا. جيڪي بيماريءَ کي ختم ڪري، صحت ۽ تندرستي کي قائم رکڻ ۾ مدد ڪن ٿا. انسان جي سڀني اندروني عضون کي هلائڻ لاءِ جسم کي ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوي ٿو. دل ته پيدائش کان مرڻ تائين مسلسل ڪم ڪندي رهي ٿي. دل کي زندگيءَ ۾ هڪ منٽ به آرام ڪرڻ جو موقعو نٿو ملي. اهڙيءَ ريت انسان دير هضم ۽ زياده خوراڪ کائي ڪري پنهنجي معدي کي وڌيڪ ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو. هر وقت گوشت، ماني ۽ ٻيون شيون کائيندو رهي ٿو. اهڙيءَ طرح انسان جو معدو، آنڊا ۽ جگر وڌيڪ سخت محنت ڪن ٿا. زياده ڪم ڪرڻ ڪري اندروني عضوا ٿڪجي پون ٿا ۽ ڪمزور ٿي وڃن ٿا ۽ پنهنجو ڪم صحيح نموني ڪري نٿا سگهن، جنهن ڪري مختلف بيماريون پيدا ٿي پون ٿيون ۽ مختلف عضون جي ڪمزور ٿي وڃڻ ڪري انساني موت واقع ٿي پوي ٿو. ان جي برخلاف جيڪڏهن ميوا ۽ ڀاڄيون وڌيڪ استعمال ڪجن ۽ انهن جو رس (Juice) پئجي ته هوند مَعدو، آنڊا ۽ ٻيا عُضوا گهٽ ڪم ڪرڻ ڪري تازا توانا رهندا ۽ ڪافي عرصي تائين ڪم ڪرڻ جي صلاحيت منجهن موجود رهندي. ٻڍاپي ۾ اڪثر ماڻهن جي صحتمند هجڻ جو اهو هڪ خاص سبب آهي ته هو ميون جي رس (Juice) گهڻي کان گهڻو استعمال ڪندا رهيا آهن. دير هضم شين جو استعمال گهٽ ڪيو اٿن.
* *

بنا نالين غدودن جو انساني صحت تي اثر

غدود هڪ قسم جي گوشت جي ڳوڙهين کي چئجي ٿو، جيڪي ساهوارن جانورن جي جسم اندر مختلف هنڌن تي موجود آهن.

غدود ٻن قسمن جا ٿين ٿا.
1. نالين وارا غدود
2. بنا نالين وارا غدود
نالين وارن غدودن کي انگريزيءَ ۾ ”Exocrine glands“ چئبو آهي ۽ بنا نالين وارن غدودن کي ”Endocrine glands“ چئبو آهي بنا نالين واري غدودن جي اڀياس کي ”Endocrinology“ چئبو آهي.
الله تعاليٰ ساهواري جسم اندر ڪي اهڙا ڪم رکيا آهن جو جيڪڏهن اتفاق سان انهن ۾ ڪابه ڪمي پيشي رهجي وڃي ته موت به واقع ٿي سگهي ٿو. اهڙن ضروري عضون ۾ بنا نالين وارا غدود پڻ شامل آهن. هتي صرف اسان بنا نالين غدودن جو تفصيل سان ذڪر ڪنداسين.
بنا نالين وارا غدود تمام اهم ڪم سرانجام ڏين ٿا. انهن جي رطوبت (Secretion) جي گهٽ وڌائيءَ جو انساني توڙي حيواني زندگيءَ تي تمام گهرو اثر پوي ٿو. هن قسم جا غدود سڄي جسم اندر موجود آهن. پر خاص طور تي اٺن غدودن جو ذڪر نهايت اهم آهي: اهي غدود هيٺئين ريت آهن.
1. اِئڊينو هائپو فائسيلAdenohy hypo physeal))
2. نيورو هائپو فائسيلNeuro hypo physeal))
3. ٿائرائڊ هائپو فائيسل Thyroid hypo physeal))
4. پيرا ٿائرائڊ غدودPara thyroid gland )
5. پينڪريئٽڪ غدودPancreatic gland )
6. اِيڊرينل غدودAdernal gland )
7. پلسينٽل غدودPlacental gland )
8. اووِرين غدودOvarian gland )
مٿي ذڪر ڪيل غدود پنهنجي پنهنجي الڳ رطوبت پيدا ڪن ٿا، ان قسم جي رطوبت کي اسان هارمون (Hormone) جي نالي سان سڏيون ٿا. مختلف غدود مختلف هارمون پيدا ڪن ٿا ۽ پنهنجي غدود واري نالن سان مشهور آهن. مثال طور ٿائيرائڊ غدود مان ٿائرائڊ هارمون يا ٿائرا گزين (Thyroxine) سڏجي ٿو. اهي پنهنجي رطوبت بنا ڪنهن ناليءَ جي رت ۾ ملائي ڇڏيندا آهن.
هارمون جو انساني صحت تي سڌو سنئون اثر پوي ٿو. غدود هڪ مقرر انداز ۾ روزانو هارمون پيدا ڪن ٿا. جيڪڏهن اتفاقاً ان جي مقدار ۾ ٿوري گهڻي گهڻائي يا گهٽتائي رونما ٿئي ٿي ته پوءِ ان جو اثر نهايت خطرناڪ ثابت ٿئي ٿو.
مثال طور هيٺ اسان چند ضروري هارمون جي باري ۾ ذڪر ڪنداسين. هونئن ته تقريباً اٺ ئي غدود جسم لاءِ بيحد ضروري رطوبتون پيدا ڪندا رهن ٿا. جن جي ٿوري گهٽ وڌ پيدا ٿيڻ سان ڪافي نقصان پيدا ٿئي ٿو پر ڪي وري اهڙا هارمون به ٿين ٿا، جن جو تعلق سڌو سنئون موت سان ٿئي ٿو. ڇو ته ڪي اهڙا هارمون آهن جن جي گهٽتائيءَ جي ڪري انسان ۾ پيدائش کان اڳ ۽ پيدائش کان پوءِ وري وڌڻ ويجهڻ واري وقت ۾ ڪونه ڪو نقص پيدا ٿيو پوي، جنهن جي ڪري ڪي اهڙا عيب پيدا ٿي پوندا آهن جيڪي پيدائشي هوندا آهن ۽ مستقل قائم رهندا آهن. ڪي علاج ذريعي ٺيڪ ٿيو وڃن ۽ ڪي نه ٿين سو مطلب اهو ٿيو ته هارمون جو انساني نشونما ۽ صحت تي گهرو ۽ سڌو سنئون اثر پوي ٿو. عام طور تي اسان ائين چوندي ٻڌو آهي ته هيءُ پيدائش کان لولو، لنگڙو ۽ منڊو
آهي. اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿو ٿئي؟ اهو صرف ۽ صرف هارمون جي مقدار ۾ گهٽ يا واڌ جو نتيجو آهي.
ڪجهه هارمون اهڙا آهن جيڪي مستقل پنهنجا نشانات، يادگار طور ڪنهن نه ڪنهن نقص جي صورت ۾ ڇڏيو وڃن، تن ۾ ٿائرائيڊ ۽ پيراٿائرائڊ غدودن جو وڏو حصو آهي. ڪي وري اهڙا آهن جيڪي فوراً دارالبقا ڏانهن روانو ڪريو ڇڏين. اهڙن هارمون ۾ ائڊرينو ڪورٽيڪل هارمون شامل آهن. هت اسين ڪجهه هارمون جي باري ۾ تفصيل سان جائزو وٺنداسين ته ڪهڙي هارمون جو ڪهڙو اثر ڪهڙي عضوي تي وڌيڪ پوي ٿو. آيا سڄو جسم ان سان متاثر ٿئي ٿو يا وري ڪو خاص عضوو؟
سڀ کان پهريان اسان اِئڊرينو ڪورٽيڪل هارمون جي باري ۾ ڏِسنداسين.
1. انڊرينو ڪورٽيڪل هارمون هيءُ هارمون ائڊرينل غدود جي رطوبت آهي. ائڊرينل غدود. ٻه ننڍڙا غدود آهن. جيڪي بڪين جي مٿين چوٽيءَ تي پيل نظر ايندا آهن.
هي غدود ٻن حصن ۾ ورهايل ٿين ٿا. 1. پهريون ميڊيولا (Medulla) جيڪو اندرئين پاسي ٿئي ٿو ۽ 2. ٻيون ٻاهريون پاسو جيڪو ڪورٽيڪس (Cortex) جي نالي سان سڏجي ٿو ۽ ((Medulla جي چؤگرد ٿئي ٿو.
(i). ((Medulla ميڊيولا جيڪو ايڊرينل غدود جو پڻ هڪ حصو آهي سو اِئڊرينليئن Adernalie جي نالي سان هڪ رطوبت پيدا ڪري ٿو. هن کي ((Epinephrine اِيپي نيفرائين ۽ (Nor-epinephrine) نار- ايپينفرائين پڻ چئي سگهجي ٿو. اِئڊرينلين ((Adrenaline جو خاص ڪم آهي رت جون سنهيون باريڪ ناليون(Blood Vessels) جوڙڻ ۽ دل جي سُسڻ ۽ ڦنڊڻ واري وقت قوت کي قبضي ۾ رکڻ، اِيڊرينلين جو خاص اثر (سمپيٿيٽڪ نروَس سسٽم) (Sympathetic Nervous System) ٿي پوي ٿو.
(ii). Cortex: هيءُ غدود جو نهايت اهم حصو آهي. هن جو نالو ئي (Life Saving) رکيو ويو آهي. يعني زندگي بچائيندڙ. بعض حالتن ۾ جيڪڏهن ميڊيولا کي ختم به ڪيو وڃي ته ايترو هاڃيڪار ثابت نه ٿيندو جيترو ڪارٽيڪس نقصانڪار ثابت ٿيندو. هن جي ختم ٿيڻ سان انساني زندگي ختم ٿي ويندي. هن جا هارمون ڪيميائي طور تي اسٽيرائڊ هارمون (Steroid Hormone ) هوندا آهن جيڪي بائل تيزاب (Bile Acid ) سان مشابهت رکن ٿا.
Cortex ڪارٽيڪس ٻن مکيه قسمن جا هارمون پيدا ڪري ٿو.
(i)مِنرلوڪورٽيڪوائيڊ(MineroloCorticoid) جنهن کي اسان سوليءَ سنڌيءَ ۾ ”لوڻ وارا هارمون“ چئي سگهون ٿا.
(ii). گلوڪوڪورٽيڪوائيڊ (Glucocorticoid) جنهن کي اسان گلوڪوز وارا هارمون به چئي سگهون ٿا.
مٿين ٻنهي هارمون جو پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان گهرو تعلق آهي. ٿورڙي به گهٽتائيءَ واري حالت يا وري وڌڻ واري حالت ۾ موت واقع ٿي سگهي ٿو. اهي ٻئي هارمون ٻن قسمن جون مختلف بيماريون پيدا ڪن ٿا. لوڻ واري هارمون جي گهٽتائيءَ جي ڪري جيڪا بيماري پيدا ٿئي ٿي. ان کي ايڊيسنس (Adisons) جي بيماري چئبو آهي يا هائپو اِيڊرينلزم (Hypo-aderenilism) ڪوٺجي ٿو. هن بيماريءَ ۾ لوڻ جو مقدار گهٽجي وڃي ٿو. ڇو ته هڪ طرف لوڻ، ڪلورائيڊ ۽ پاڻي پنهنجي مقرر انداز ۾ خارج ٿيندا رهن ٿا. پر ٻئي طرف لوڻ کي گهٽ حاصل ڪيو ٿو وڃي. جنهن جي ڪري تناسب ۾ فرق نمودار ٿئي ٿو. نتيجي طور نِمڪيات جو مقدار آهستي آهستي گهٽبو رهي ٿو ۽ آخرڪار ايتري قدر گهٽجي وڃي ٿو جو بعض دفعا موت پڻ واقع ٿي سگهي ٿو. ڇو ته لوڻ ۽ ٻين نمڪيات جي گهٽجڻ واريءَ حالت ۾ دل جو دورو ٺيڪ نموني ڪم نه ٿو ڪري ۽ جسم اندر رت جي گردش دل منجهان ٺيڪ نموني نه ٿيڻ ڪري دل فوراً بيهجي وڃي ٿي. اهڙي قسم جو مريض هڪ هفتي اندر ختم ٿي سگهي ٿو. هيءُ ته هُو هارمون جي مقدار گهٽ ٿي وڃڻ واريءَ حالت ۾ انساني صحت تي اثر- پر جڏهن بدقسمتيءَ سان هارمون جو مقدار وڌي ٿو وڃي، ته پوءِ ڏسئون ته ڪهڙو حشر ٿو ٿئي. مقدار وڌي وڃڻ جي صورت ۾ هيٺئين قسم جي بيماري لاحق ٿئي ٿي:
بعض حالت ۾ هڪ بيماري جنهن کي (Cushing’s disease) يا هائپراِيڊرينلِزم (Hyperadernalism) چئبو آهي، پيدا ٿئي ٿي. هارمون مقرر ڪيل انداز کان وڌيڪ پيدا ٿيڻ شروع ٿئي ٿو، نتيجي ۾ نِمڪيات وڌيڪ پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن. ان حالات ۾ جيڪڏهن علاج صحيح وقت تي نه ڪرائبو ته خطرناڪ صورت به پيدا ٿي سگهي ٿي، جيڪا انسان کي موت ڏانهن ڌڪي سگهي ٿي. Glucocorticoid يا گلوڪوز وارا هارمون، رت اندر موجود گلوڪوز جي (Concentration) تي اثر انداز ٿين ٿا. نتيجي ۾ پڻ دل تي اثر پوي ٿو.
مٿي بيان ڪيل غدودن کان سواءِ ٻيا به ست غدود پنهنجي طور تي نهايت اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، انهن جي رطوبت گهٽ وڌ ٿيڻ جي صورت ۾ بي انتها نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو ۽ بعض دفعا ائين به ٿيندو آهي ته انسان ان بيماريءَ واري حالت ۾ مرندو ته ناهي پر ان جا اثرات تا زندگي نمايان رهندا آهن، جنهن جي ڪري چڱي ڀلي انسان ۾ عيب پيدا ٿيو پون.
* *
[b]مددي ڪتاب/حوالاجات/حوالا
[/b]
References:

1. Iron disorders institute, children’s Hospital, Boston, June 6, 2003
2. National Women’s Health Information centre U.S June 16, 2003
3. Mayo Foundation for Medical Education and Research, Feb 21, 2004
4. Anemia Institute, Canada PIDE National Nutrion, Survey 2001
5. Guyton, A.C and Hall, J.E, 2000. Text book of medical physiology. W.B.Sounders Co. London, New York.
6. Han if, S, UNSAL, o, Mustafa, B, DUKRU.A and SONER, S, 2001. Iron Deficiency and Iron deficiency Anemia in infants and young children at different socio-economic gropes in Istambul. Turkish j. amatol, 18:19-25
7. National health survey of Pakistan, 1998. Health profile of the people of Pakistan. Pakistan medical research council, Islamabad.
8. Nukes, c, Bosch, c.v and candy, d.a.p, 1998. The effects of iron deficiency and anemia on mental and behavior in children. An annotated nutritional anemia consultative group.
9. HEIMPEL, H. And wendt, f, 1968. Congenital dyserythro poitie anemia with kasyorrhexis and multinucdearity of erythro blasts. Helv aeta, 34:331-360
10. Pollitt, e, 1991 affects of a diet deficient in iron on the growth and development of preschool and school age children. Food nutr. Bull, 13:110-118
11. UNICEF/UNU/WHO/MI, 1999. Preventing Iran deficiency in women and children: back ground and consensus in key technical iwwues and resource for advocacy, planning and implementing national programmers. International nutrition programmers.
12. UNICEF/WHO.1999. Prevention and control of iron deficiency amaemia in women and children. World health organization Geneva, Switzerland.
13. World health organization, 1997. The information of anemia in women: a tabulation of available information, WHO, Geneva.
14. World health organization 1998. Guidelines for the evolution of soil- transmitted helminlevel WHO, Geneva.
* * *

ويم دوران وڌيل موت جي شرح

دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾ هرهڪ منٽ کان پوءِ هڪ (ڳورهاري) خاتون حمل ۽ عمل ولادت جي پيچيدگين جي باعث موت جي منهن ۾ هلي وڃي ٿي. هڪ اندازي موجب هر سال 585000 خواتين انهي سبب جي ڪري موت جو کاڄ بڻجي وڃن ٿيون. موت جو شڪار ٿيل 99 في سيڪڙو خواتين جو تعلق ترقي پذير ملڪن سان آهي.
پاڪستان جو شمار اُنهن چند ملڪن ۾ ٿئي ٿو، جتي ويم دوران موت جي شرح 890 في لک جي حساب سان موجود آهي، جڏهن ته ٻار ڄمڻ جي شرح به حد کان وڌيڪ وڌيل آهي. ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ ويم دوران شرحِ موت/ موت جو تناسب سڀ کان وڌيڪ آهي. ساليانو 5 ملين ڊليوريز منجهان 25 کان 30 هزار خواتين حمل (ويم) جي دوران پيدا ٿيل پيچيدگين جي سبب ڪري اجل جو شڪار ٿي وڃن ٿيون. ٻين لفظن ۾ هر 20 منٽن کان پوءِ هڪ ڳورهاري عورت جو موت واقع ٿئي ٿو. ساڳي وقت ڄمندڙ 60 سيڪڙو ٻار به فوت ٿي وڃن ٿا، 50 ملين ڳورهارين عورتن کي پيٽ سان ٿيڻ ۽ ويم جي دوران پيچيدگين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، انهن منجهان 15 ملين خواتين پراڻين بيمارين جو شڪار ٿيل هونديون آهن، مثال طور هڪ عام غريب خاتون جو حال رت جي شديد ڪمي، حمل سان واسطو رکندڙ عُضون ۾ اِنفيڪشن ۽ سُوڄ جو هجڻ، جِنسي عضون جون بيماريون ۽ عورت جو ٻار پيدا نه ڪرڻ جي صلاحيت وغيره.
هڪ سماجي ڪارڪن مطابق ماءُ ۽ ٻار جي صحت سان عدم دلچسپي ۽ عدم توجهه، غربت ۽ عورتن سان سماجي بي انصافي ۽ تشدد ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي مسئلا آهن، جيڪي اسان جي معاشري ۾ عورتن جي زندگين لاءِ هر وقت خطرو بڻيل رهن ٿا.
هڪ ماهر (گائنوڪالوجسٽ) يعني عورتن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرياڻي مطابق ميڊيڪل جي سببن کان علاوه سماجي، ثقافتي ۽ معاشي سبب به عورتن جي صحت تي تمام گهڻو اثر انداز ٿين ٿا ۽ اُنهن جي مرڻ جي رفتار وڌائن ٿا، اصل ۾ ڏک ۽ افسوس جي ڳالهه هيءَ آهي ته اهڙين بي وقت ۽ ڏکوئيندڙ لُقمهءِ اجل ٿيندڙ مظلوم عورتن کي ٿوري ڪوشش سان بچائي سگهجي ٿو، ننڍپڻ ۾ شادي ڪري ڇڏڻ، عورتن جي بي حرمتي، مارڪٽ، ناقص غذا، خون جي ڪمي، ضرورت کان وڌيڪ ٻار پيدا ڪرڻ، بار بار ايبورشن يعني ٻار جو ضايع ٿي وڃڻ، ميٽرنٽي هوم جون ناقص ۽ اڻ پوريون سهولتون، اهي سڀ اهڙيون مجبوريون ۽ سبب آهن، جن جي ڪري زچگي يعني ويم دوران مرڻ جي شرح، اضافي جو سبب بڻجي ٿي.
اسان جي ملڪ ۾ خواتين جو هڪ وڏو انگ خوراڪ جي ڪمي ۽ صحت جي خراب صورتحال کي منهن ڏيئي رهيو آهي. عورتن جي حوالي سان خوراڪ جي ڪميءَ وارو معاملو هنن جي زندگيءَ ۾ هر مرحلي تي پيش اچي ٿو. ٻار جي قبل از وقت پيدائش ۽ گهٽ وزن هجڻ، به اهڙيون حقيقتون آهن جيڪي صرف ۽ صرف ڳورهاري عورت ۾ خون جي ڪميءَ باعث ٿين ٿيون، گهٽ وزن ۽ وقت کان اڳ پيدائش سبب، گهڻي ڀاڱي ان ڳالهه جو امڪان موجود هوندو آهي ته گهڻو ڪري ٻار هڪ سال جي عمر تائين پهچڻ کان اڳ ۾ ئي وفات ڪري وڃي، مٿان وري اهو به خطرو برقرار رهندو آهي ته ويم دوران ڳورهاري عورت دل جي ڌڙڪن بند ٿي وڃڻ سبب موت جو کاڄ بڻجي وڃي.
ماهرين جي مطابق گهٽ آمدني ۽ غربت ڳورهاري عورتن ۾ خون جي ڪميءَ جو بنيادي سبب آهن. خون جي ڪميءَ جي ٻين سببن ۾ ارڙهن سالن کان گهٽ عمر ۾ شادي، ٻارن جي پيدائش ۾ گهٽ وقفو، ناقص ۽ گهٽ غِذا ۽ حمل جي دوران فولاد فراهم ڪرڻ واري غذا ۽ دوا جي اڻهوند ۽ عدم دستيابي بنيادي سبب آهن، منهنجي ريسرچ دوران، منهنجي هڪ ڳورهاري عورت سان، سول اسپتال حيدرآباد ۾ گفتگو ٿي، جيڪا هيٺ ڏجي ٿي:
ڊاڪٽرياڻي مون کي تاڪيد ڪيو ته مان خون لڳرايان ۽ ڪجهه علاج به ڪرايان، ليڪن اهو سڀ ڪيئن ڪريان اسان وٽ ايتري رقم ڪٿي آهي؟ اسان وٽ صرف ايترا پئسا آهن، جنهن مان صرف هڪ وقت جو کاڌو کائي سگهجي ٿو. اهڙين حالتن ۾ علاج جو خرچ ڪيئن بچائجي؟ اها ڳالهه جنت ٻڌائي، جيڪا چئن مهينن جي ڳورهاري هئي ۽ خون جي ڳاڙهن جزن جي شديد ڪميءَ جو شڪار ٿيل هئي. جنت هڪ گهريلو ملازم پيشه عورت هئي ۽ هن جو مڙس هڪ پرائيويٽ ڪمپنيءَ ۾ پٽيوالو آهي. جنت جي خيال مطابق دائي سان رجوع ڪرڻ سولو آهي، ڇو ته ڊاڪٽرياڻيءَ جي مقابلي ۾ دائيءَ جو خرچ گهٽ آهي، جڏهن ته جنت کي ٻڌايو ويو آهي ته غير تربيت يافته دائي ڏانهن وڃڻ نه صرف هن جي پنهنجي پر سندس پيدا ٿيڻ واري ٻار جي زندگيءَ لاءِ پڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو ته جواب ۾ چيائين ته ڊاڪٽر صاحبه زندگي ۽ موت الله تعاليٰ جي هٿ وس آهي، اسان ڪجهه به نٿا ڪري سگهون، اها هڪ حقيقت آهي ته خواتين جو اڌ کان وڌيڪ تعداد (ٻار جي پيدائش جي موقع تي) غير تربيت يافته دائين ڏانهن رجوع ڪري ٿو. جنهن ڪري ويم جي دوران موت جو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي. اهڙي صورتحال نه صرف پاڪستان ۾، پر دنيا جي ڪيترن ئي غريب ملڪن ۾ يڪسان طور ڏسڻ ۾ اچي ٿي، دنيا ۾ جتي به روايت پسندي برقرار آهي، اُتي اڃان تائين مذهب ۽ ثقات جي آڙ وٺي اڃان تائين غير تربيت يافته داين جو سهارو ورتو وڃي ٿو. داين سان رجوع ڪرڻ ۾ وڏو اهم بنيادي مسئلو غربت آهي، جڏهن ته ذهني پسماندگي ۽ ناخواندگي به پنهنجو رول ادا ڪري ٿي. گورنمينٽ جي طرفان ڪو جوڳو بندوبست نه هجڻ ڪري ڳوٺن خاص طور تي ننڍن واهڻ ۽ وسندين ۾ ڪوبه هيلٿ سينٽر يا ڪو ويم گهر نه هجڻ جي صورت ۾ اوچتو ضرورت پوڻ تي فورن داين سان رابطو ڪيو وڃي ٿو.
مٿي ذڪر ڪيل گفتگو مان اندازو ٿئي پيو ته ”هيءُ هڪ گهڻ رخو ۽ خاص اهميت وارو مسئلو آهي، جنهن کي ترجيحي بنيادن تي فورن حل ٿيڻ کپي. گورنمينٽ جو خاص طور تي ۽ مختلف اين جي اوز تي عموي طور تي اهو اهم فرض عائد آهي ته اُهي گڏجي عوامي ڀلائيءَ لاءِ مڪمل پلان جوڙين.
نيشنل هيلٿ سروس آف پاڪستان (1995ع) جي مطابق ويم جا 83 فيصد ڪيس گهرن ۾ داين جي هٿن سان سرانجام ڏنا وڃن ٿا، 77 فيصد شهري ۽ 94 فيصد ٻهراڙي آباديءَ ۾ ويم لاءِ دائي کي گهرايو ويندو آهي، جيڪڏهن ويم لاءِ ڪنهن تربيت يافته نرس (دائي) وغيره جو انتظام ڪيو وڃي ته ملڪ ۾ ويم دوران ٿيندڙ موت جي شرح کي آسانيءَ سان گهٽائي سگهجي ٿو. پاڪستاني خواتين جي اڪثريت دائي کي ويم لاءِ گهرائڻ کي ترجيح ڏي ٿي، ان جو سبب صرف اهو نه آهي ته اُهي سستي ۾ ڪم پورو ڪن ٿيون، پر دايون جذباتي ۽ روحاني سطح تي به حامله خاتون تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهن ٿيون، بعض دايون دعويٰ ڪنديون آهن ته کين روحاني طاقت ۽ علم حاصل آهي، ٻار جي پيدائش کان پوءِ ماءُ ۽ ٻار جي خدمت ۽ مالش وغيره جو ڪم به تمام ٿوري معاوضي جي بدلي سرانجام ڏينديون آهن. بعض دفعا ڳوٺن ۾ کنڊ ۽ چانورن وغيره جي بدلي ۾ معاملو طئي ڪري وٺنديون آهن.
سروي دوران هڪ ڳورهاري عورت دائيءَ جي طرفداري ۾ دليل ڏنو ته منهنجي ماءُ ۽ نانيءَ هميشه تاڪيد ڪيو آهي ته اسپتال ۾ عورت جي زندگيءَ کي خطرو هوندو آهي، جڏهن ته گهر ۾ حفاظت ۽ روحاني تحفظ وڌيڪ هوندو آهي، هوڏانهن پروفيشنل (ڊاڪٽرياڻين) جي خيال مطابق غير تربيت يافته دايون ڊليوري جي ڪيسن کي محض اندازن ۽ بغير ڪنهن حفاظتي اُپاءُ وٺڻ جي سرانجام ڏين ٿيون. ڳورهاري عورت کي اُن وقت اسپتال وڃڻ جي صلاح ڏينديون آهن، جڏهن ويم وارين پيچيدگين کي سنڀالڻ، سندن وس ۾ نه هوندو آهي، اهڙين حالتن دوران ڳورهاري عورت جيڪڏهن اسپتال پهچائي به وڃي ته ڪو خاطر خواه نتيجو نه ملندو آهي ۽ زندگيءَ کي بچائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي.
غير تربيت يافته دائي کي حمل جي 40 ڏينهن دوران جسماني معائني ۾ ممڪنه پيچيدگين جو قطعن شعور ۽ ڄاڻ نه هوندي آهي. دائين جي ڊڪشنري ۾ باقاعده (چيڪ اپ) معائني جو بلڪل به رواج نه هوندو آهي ۽ نه ئي وٽن ڪي سهولتون آهن. بلڊپريشر، وزن ۽ جسم ۾ خون جو مقدار چيڪ ڪرڻ جو اُنهن وٽ بلڪل رواج نه آهي، ڪجهه دايون هٿن پيرن تي سوڄ ڏسي، بلڊپريشر چيڪ ڪرائڻ جو مشورو ڏينديون آهن، ڪجهه دائين کي هروڀرو خوش فهمي هوندي ته پيٽ ۾ جيڪڏهن ٻار جي پوزيشن ٺيڪ نه آهي ته پاڻ ئي ٺيڪ ڪري وٺنديون. اُنهن جا گهريلو قسم جا نسخا (ٽوٽڪا) به ٻڌڻ جي لائق هوندا آهن، ٻار پيدا ٿيڻ کان اڳ خون کي روڪڻ لاءِ اڪثر دايون پيهي لسو ڪري سفوف وانگر تيار ڪنديون آهن ۽ پاڻيءَ ۾ ملائي پياري ڇڏينديون آهن، حفاظتي اُپاءَ وٺڻ جو ڪو طريقو کين معلوم نه هوندو آهي، وڌ ۾ وڌ هٿ ڌوئي وٺن ته وڏي ڳالهه آهي (گلوِز) دستانا پائڻ جي کين ڪا خبر نه هوندي آهي، گلوز جو استعمال ۽ اور ڪٽڻ لاءِ اُٻاريل/ بوائل ٿيل ڪئنچي وغيره جو اِستعمال پڻ کين معلوم نه هوندو آهي، صفائي سٿرائي جون مناسب طريقي سان احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪرڻ سان ڪيتريون مريض عورتون موت جي منهن ۾ هلي وينديون آهن. ڇوڪرين جي ننڍيءَ عمر ۾ شادي به ويم دوران پيچيدگين جو هڪ وڏو اهم مسئلو آهي، ننڍپڻ ۾ جيئن ته ڇوڪري جي جسماني بناوٽ اڃان نامڪمل هوندي آهي، ان ڪري هوءَ حمل جو ٿيڻ ۽ ڊليوري جو مرحلو برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندي آهي. ماهرن جي راءِ مطابق 20 سالن کان وڌيڪ عمر وارين ڇوڪرين جي بنسبت 15 کان 19 سالن تائين واريون ڇوڪريون ويم دوران مختلف تڪليفن کي آسانيءَ سان منهن نٿيون ڏيئي سگهن ۽ سندن مرڻ جا آثار وڌيڪ موجود هوندا آهن. ٻار جي پيدائش وارو مرحلو اُنهن لاءِ وڌيڪ نازڪ ۽ خطرناڪ ثابت ٿيندو آهي.
پاڪستان ۾ ويم ۽ ويم سان لاڳاپيل پيچيدگي جي ڪري هر 20 منٽن کان پوءِ هڪ ڳورهاري عورت اجل جو شڪار ٿي وڃي ٿي. خواتين جي عمومي صحت جي ناقابل بيان صورتحال ۽ بالخصوص ويم جي دوران وارا مسئلا جن ۾ غربت، لاعلمي ۽ بي توجهي جي ڪري موت جو وڌيل انگ هڪ توجهه طلب قومي مسئلو آهي. ويم جي دوران پيچيدگين جو پيدا ٿيڻ ۽ اُنهن کي حل ڪرڻ لاءِ جتي اسان ٻين مٿي ذڪر ڪيل ڳالهين تي زور ڏيون ٿا، اُتي اسان جي حڪومت جو به خاص طور تي اهم فرض عائد ٿئي ٿو ته هر وڏي توڙي ننڍڙي شهر، ڳوٺ ۽ واهڻ ۾ جتي به انساني آبادي موجود آهي، هيٺانهين سطح تائين صحت جا مرڪز کولي ۽ خاص طور تي (ميٽرنٽي هوم) موجود هجن، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پڙهيل ڳڙهيل ليڊي هيلٿ وزيٽر ضرور هجن، جيڪي بروقت ڳورهاري عورت جي مدد ڪن. مٿي ذڪر ڪيل مضمون ۾ (دوران زچگي) ٿيندڙ موت ۽ ان جي پيچيدگين جو ڀرپور جائزو ورتو ويو آهي.
پاڪستان ۾ ڄمندڙ 60 سيڪڙو ٻار فوت ٿي وڃن ٿا ۽ 90 سيڪڙو ٻارڙا پهرين سالگره کان اڳ ۽ 50 سيڪڙو ٻار پهرين مهيني ۾ فوت ٿين ٿا. (پي پي اي) مطابق اُنهن ٻارن جي موت جو سبب غذا جي ڪمي ۽ ويم جا غلط طريقا آهن. ڪراچيءَ مان جاري ٿيندڙ هڪ اخبار جي بيورو رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ ڄمندڙ ٻارڙن جي موت جي شرح هڪ سال ۾ 60 سيڪڙو آهي، هڪ هزار فوت ٿيندڙ ٻارڙن ۾ 90 ٻارڙا پهرين سالگره کان اڳي ۽ 50 ٻارڙا پهرين مهيني اندر فوت ٿي وڃن ٿا. جنهن جو سبب غذا جي ڪمي، ويم جا غلطا طريقا آهن. (روزانه ڪاوش، اربع 13 فيبروري 2002ع)
پروفيسر جي. ايس اڪرم، چيئرمين پاڪستان پيڊياٽرڪ ايسوسيئيشن (پي پي اي). تازو ان ساڳي موضوع تي وڌيڪ خيالن جي ڏي وٺ ۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت سان واڳيل حقيقتن کي منهن ڏيڻ ۽ حالتن کي بهتر طريقي منهن ڏيڻ لاءِ ڪراچي آغا خان ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ٻار ۽ ان جي سنڀال جي عنوان تحت ٻه ڏينهن وارو سمپوزيم ٿي گذريو، جنهن ۾ پڻ ماهر ڊاڪٽرن ٻارن جي صحت ۽ سنڀال سان گڏوگڏ ماءُ ۽ ان جي صحت جي سنڀال تي خاص طور توجهه ڏيڻ جو ضرورت تي زور ڏنو ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ هيٺانهين سطح تائين هنگامي حالتن تحت ٻار ۽ انهن جي نشونما ۽ صحت جي عنوان هيٺ اُپاءُ وٺي، ٻارڙن جي زندگين کي بچايو وڃي.
پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ ڪئنيڊا کان آيل ڊاڪٽر جي فريزر ٻڌايو ته مستقل جي معمارن تي توجهه ڏيڻ سان اسان پنهنجي ملڪ لاءِ اصل ۾ خوشحاليءَ جو ٻج پوکيون ٿا، ڇو ته ننڍڙي هوندي واري سٺي سنڀال، ٻارڙي جي نه صرف سٺي صحت ۽ سکڻ واري مرحلي کي ڀرپور انداز سان اڳتي وڌائي ٿي، پر اصل ۾ ذهني نشونما به سٺي صحت جي ئي مرهونِ منت آهي.
* * *

سائي ڇا آهي؟

سائي کي يرقان يا پيليا به سڏيو وڃي ٿو. گهريلو طور تي هيٺ ڏنل نسخن تي آزمائش ڪري ڏسو، اِنشاءَ الله تعاليٰ مڪمل طور تي شفاياب ٿيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.
ڳاڙهي گجر جو جوس (رَسُ) ڪڍي ماکيءَ ۾ ملائي پيئڻ سان ڪامڻ کي گهٽائڻ ۾ مدد ملي ٿي.
ٻه ڪيلا، ماکيءَ سان ملائي کائجن.
ڳڙ ۾ ادرڪ جي رَس ملائي کائجي.
اڇو بصر ۽ ڳڙ کڻو، اُن ۾ ٿوري هيڊ ملائي، صبح ۽ شام کائو.
رات جو کليل آسمان هيٺ ڪمند کي رکي ڇڏيو، صبح جو چوسيو (ڳنڍيريون ٺاهي).
موري کي ڳترا ڳترا ڪري، پليٽ ۾ وجهي ڍڪي، رات جو ٻاهر رکي ڇڏيو، چانڊوڪي رات هجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو، پوءِ صبح جو جوس ڪڍي پيئڻ سان جگر جي سوزش کي بي اِنتها فائدو رسندو.
صبح جو نيرانو، ليمو کڻو، چير لڳايو ۽ پوءِ ٿوري کائڻ واري سوڍا لڳائي چوسيو.
گجرن جو جوشاندو ٺاهي پيئو، سائي جي باعث پيدا ٿيل ڪمزوري ۽ خون جي ڪمي ختم ٿي ويندي.
صبح جو نيرانو، ماکي ۽ نم جو ٿورو جوس (رَسُ) ملائي پيئڻ سان تمام گهڻو فائدو رسندو.
آريٺن جو پاڻي ناس ۾ (ٻه ٽي ڦڙا) وجهڻ سان به سائيءَ کي گهٽائي سگهجي ٿو.

[b]هيڊ جا فائدا
[/b]ڪٿي ڌڪ لڳي ته اُتي هيڊ ۽ تيل ملائي هلڪو گرم ڪري هڻڻ سان سور لهي ويندو.
هيڊ ۽ ماکي ملائي هڻن سان به فائدو ٿيندو آهي.
ڌڪ لڳڻ کان پوءِ، هيڊ جو اڌ چمچو گرم کير ۾ ملائي پيئڻ سان سور لهي ويندو.
چهري جي صفائي لاءِ هيڊ هڪ چمچو، اٽو هڪ چمچو ۽ بيسڻ هڪ چمچو، کير ۾ ملائي، چهري تي مالش ڪرڻ سان چهرو صاف ٿي ويندو آهي.
هيڊ جو استعمال روزاني کاڌي مثلا سبزي، گوشت ۽ ٻين ڀاڄين ۾ ڪرڻ سان جسم جي واڌ، چرٻي به ختم ٿي ويندي آهي.
هيڊ ۽ ڏهي ملائي هڻڻ سان چهرو صاف ٿيندو آهي.
صحت کي ٺيڪ رکڻ لاءِ هيٺين ڳالهين تي عمل ڪريو
1. کاڌي کائڻ کان پوءِ يڪدم پاڻي نه پيو.
2. کاڌو کائڻ کان پوءِ هڪدم نه ليٽو.
3. روزانو صبح جو سوير ورزش ضرور ڪريو.
4. صبح جو نيرن ڪرڻ نهايت ضروري آهي.
5. صبح جو سوير اٿڻ صحت لاءِ فائديمند آهي.
6. رات جو سمهڻ کان پهرين ڏندڻ ڏيڻ ضروري آهي.
7. ڏينهن ۾ 10 يا 15 گلاس پاڻي پيئڻ سان چمڙي ۽ صحت سٺي رهندي.
8. رات جو سمهڻ کان پهرين کير پيئڻ صحت لاِءِ تمام فائديمند آهي.
9. ليٽي پڙهڻ سان نظر ڪمزور ٿئي ٿي.
10. روزانو صبح جو اکين کي ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻو.
11. سياري ۾ ٿڌ کان بچڻ لاءِ بيضي ۽ ماکيءَ جو استعمال ڪريو.
12. انگور کائڻ سان رت صاف ٿيندو آهي.
* * *

ٿيلسيميا ڇا آهي؟

ٿيلسيميا رت جي اهڙي خرابي آهي، جنهن ۾ رت جا جزا جسماني ضرورتن مطابق آڪسيجن جو مناسب مقدار مهيا ڪرڻ جي قابل نٿا ٿين.
هن عمل ۾ (Bone Marrow) مناسب طريقي سان رت جا ڳاڙها جزا تيار ڪرڻ جي لائق نه هوندو آهي.
دل ۽ ٻيا عضوا رت جي گهٽتائيءَ جي ڪري ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن. مريض هئڊو هر وقت ٿڪل ۽ ماندو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. جيڪڏهن علاج نه ڪيو وڃي ته مريض اڪثر ڪري هڪ کان اٺن سالن جي عمر ۾ مري ويندو آهي.

[b]ٿيلسيميا جا قسم:
[/b[b]]ٿيلسيميا مائنر[/b]: ٿيلسيميا مائنر وارا ماڻهو ظاهري طور صحتمند هوندا آهن. پر اهو مرض انهن ۾ موجود هوندو آهي ۽ سندن جين ايندڙ نسل ۾ منتقل ڪري ڇڏيندو آهي.
[b]ٿيلسيميا ميجر[/b]: هيءَ رت جي خطرناڪ خرابي آهي جنهن ۾ هر مهيني رت جي طبي چڪاس ۽ علاج ڪرائڻ ضروري هوندو آهي.

[b]ٿيلسيميا ڪيئن ٿيندي آهي؟
[/b]ٿيلسيميا رت جي جينياتي خرابي آهي، جيڪا فقط والدين جي جين جي ذريعي ٻارن ۾ منتقل ٿيڻ جي صورت ۾ پيدا ٿيندي آهي.
ٿيلسيميا ڪيئن ٿيندي آهي؟ اسان جي رت ۾ ان جو ڪيترو چانس آهي؟ ٿيلسيميا جي متاثر(Carrier)والدين مان ٻارن ۾ منتقل ٿيندو آهي.
(Carriers)۾ بيماري جي ڪابه نشاني ظاهر نه ٿيندي آهي. تڏهن به هو ايندڙ نسل ۾ بيماري منتقل ڪري سگهي ٿو.
ٿيلسيميا مائنر يعني(Carriers)انهي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي، جڏهن مائٽن ۾ به هڪ(Carriers)هوندو آهي. ٿيلسيميا ميجر فقط انهيءَ صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي، جڏهن ٻنهي والدين يعني ماءُ ۽ پيءُ ۾(Carriers)هجي.
اسان جو جسم اسان جي مائٽن جي طرف کان منتقل ڪيل حياتياتي معلومات جي بنياد تي سڄي عمر هڏين جي اندر رت جا ڳاڙها جزا تيار ڪندو رهندو آهي. اسان اڌ حياتياتي معلومات پنهنجي پيءُ کان ۽ اڌ پنهنجي ماءُ جي طرف کان حاصل ڪندا آهيون. ماءُ يا پيءُ جي طرفان ڪهڙي اڌ معلومات اسان کي ملندي آهي؟ ان جو دارومدار اسان جي قسمت تي آهي انهيءَ معاملي ۾ نه اسان جي مائٽن جي مرضيءَ جو ڪودخل آهي، نه ئي وري اسان کي چونڊڻ جو ڪو حق آهي. جڏهن والدين مان ڪنهن هڪ کي(Carriers)هجي ته ٻارن کي(Carrier)ٿيڻ جا 50 سيڪڙو چانس هوندا آهن. جڏهن والدين مان ٻنهي کي(Carriers) هجي ته ٻارن کي ٿيلسيميا جي مريض بڻجڻ جا چانس 25 سيڪڙو هوندا آهن ۽(Carriers)بڻجڻ جا چانس 50 سيڪڙو هوندا آهن. نارمل رهڻ جا چانس 25 سيڪڙو هوندا آهن.

[b]ٿيلسيميا کان بچاءُ ڪيئن ڪجي؟
[/b]پنهنجي ايندڙ نسل کي ٿيلسيميا کان بچائڻ جو واحد طريقو هيءُ آهي ته شاديءَ کان پهرين مرد ۽ عورت ٿيلسيميا جي ٽيسٽ ڪرائين ٿيلسيميا کان متاثر هئڻ جي صورت ۾ شاديءَ کان پرهيز ڪن.
پهريون علاج: (رت چڙهڻ) ٿيلسيميا جي هر مريض کي هر مهيني رت جي منتقلي جي ضرورت پوي ٿي. ڇاڪاڻ ته رت جي خالي ڳاڙهن جزن جي جڳهه نوان صحتمند جزا وٺي سگهن. هيءُ عمل چئن کان ڇهن ڪلاڪن ۾ مڪمل ٿئي ٿو. رت جي تبديليءَ لاءِ مريض کي ڪنهن اسپتال يا خاص ڪلينڪ ۾ وڃڻو پوي ٿو، هيءُ عمل بغير ڪنهن وقفي جي هر مهيني مڪمل ٿيڻ ضروري آهي.
زندگيءَ لاءِ نئون رت: مريض کي چئن هفتن ۾ هڪ دفعو نئين رت جي ضرورت پوندي آهي. هو باقي سڄي عمر انهيءَ انداز ۾ گذارڻ تي مجبور هوندو آهي. رت جي تبديليءَ جي نتيجي ۾ اضافي فولاد جمع ٿيڻ جو مسئلو مريض کي زندگي ڀر رت جي فراهمي جي ضرورت پوندي آهي. رت جي فراهميءَ جي نتيجي ۾ اضافي فولاد جمع ٿيڻ سان مشڪلات پيدا ٿيندي آهي. رت ۾ فولاد هوندو آهي. جيڪو رت جو استعمال کان پوءِ جسم ۾ باقي رهجي ويندو آهي. جيڪڏهن هي فولاد جسم مان خارج نه ڪيو وڃي ته عضون کي نقصان پهچائيندو آهي.
ٻيو علاج: (Deseferal mention)رت جي استعمال کان پوءِ جسم ۾ بچيل فولاد جسم ۾ جمع ٿيڻ ڪري زهر جو ڪم ڪندو آهي، دل، جگر ۽ ٻين اهم عضون کي نقصان پهچائيندو آهي(Deseferal)نالي هڪ دوا فولاد کي زائل ڪري اضافي فولاد کي خارج ڪندي آهي(Deseferal) انجيڪشن جي مدد سان جسم ۾ داخل ڪئي ويندي آهي. هيءُ عمل ڏاڍي سست رفتاريءَ سان مڪمل ٿيندو آهي، جنهن دوران هڪ خاص قسم جو پمپ استعمال ٿئي ٿو جيڪو 6 کان 7 ڪلاڪن تائين هلندو رهي ٿو. رت جي مسلسل تبديلي ۽ روزانه هڪ (Deseferal)انجيڪشن جي مدد سان ٿيلسيميا جو مريض معمول جي زندگي گذاري سگهي ٿو. (Deseferal) هڪ ننڍڙي پمپ وسيلي چمڙيءَ ۾ داخل ڪئي وڃي ٿي. هيءَ رت مان اضافي فولاد ڪڍي پيشاب رستي جسم مان خارج ڪري ڇڏيندي آهي.
ٽيون علاج: (Bone marrow transplant(B.M.T))بي، ايم، ٽي اهڙو علاج آهي، جيڪو فقط خوش قسمت مريضن کي ميسر ٿيندو آهي. انهيءَ جو سبب اهو آهي ته ٿيلسيميا ۾ ٽرانسپلانٽ انهيءَ صورت ۾ ممڪن هوندو آهي، جڏهن ٿيلسيميا جي مريض کي عطيو ڏيندڙ(Donor)دستياب هجي. جنهن جو جسماني عطيو مريض جي جسم لاءِ قابل قبول(Compatable)هجي. عطيو ڏيندڙ نارمل به ٿي سگهي ٿو. ٽرانسپلانٽ جي ناڪاميءَ جو نتيجو موت جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو.
ٿيلسيميا جو مريض نارمل زندگي گذاري سگهي ٿو. رت جي باقاعدي منتقلي ۽ روزانه هڪ(Deseferal)نجيڪشن جي مدد سان ٿيلسيميا جو مريض معمول جي زندگي گذاري سگهي ٿو. دنيا جو ڪوبه مسئلو يا آزمائش زندهه رهڻ ۽ هڪ نارمل زندگي گذارڻ جي امنگ انهن کان کسي نٿو سگهي.
اسان جي ملڪ ۾ اندازي موجب 80 لک کان هڪ ڪروڙ ٿيلسيميا(Carrier)موجود آهن.
ڄام شورو سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ آف فزيالاجي ۾، ٿيلسيميا بچاءَ مرڪز طرفان هڪ ڏينهن جي بلڊ بئنڪ ڪئمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن، استادياڻين، شاگردن ۽ شاگردياڻين تمام گهڻي دلچسپيءَ سان پنهنجو رت ڏنو. تمام گهڻي تعداد ۾ شاگردن جو هجڻ انهيءَ ڳالهه جي ثابتي آهي ته اسان جا ماڻهو نه صرف باشعور آهن، پر هيلپنگ به آهن.
ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن محترمه رشيد ڀٽي جي طرفان ڪيل سهڪار ساراهه جوڳو هو. هن ٽيم ۾ ٽوٽل 18 ميمبر هئا، جن ۾ هڪ ڊاڪٽر غلام نبي چنا 4 ٽيڪنيشن شيراز علي ميمڻ، شاهد علي شيخ، پير امتياز احمد ۽ خان محمد پلي، پير رفيق احمد، جواد الطاف حسين، احمد تنيو، وڪي انصاري، فواد شيخ ۽ ٻين حصو ورتو.
ان موقعي تي ”سرتيون“ رسالي جي ايڊيٽر گلبدن جاويد مرزا، فهميده ميمڻ، اسسٽنٽ پروفيسر فزيالاجي پڻ ڪئمپ اسٽاف سان سهڪار ڪيو. جڏهن ته لطافت علي اسسٽنٽ پروفيسر فزيالاجي بلڊ ڊونيٽ ڪيو.
* * *

ياداشت ۽ دماغي ڪمزوريءَ جو علاج

صحت جي سٺي ۽ خراب هجڻ جو سڌو سنئون اثر، انساني دماغ تي پوندو آهي. انساني دماغ جيڪو ٻين ڪيترن ئي بي مثال ڪم سرانجام ڏيڻ سان گڏوگڏ ياداشت جو به مرڪز آهي، تنهن کي ٺيڪ ٺاڪ رکڻ ۾ ئي عافيت آهي، ڇو ته جيڪڏهن دماغي ڪمزوري هوندي ته انسان جي ياداشت تي به اثر پوندو. هونئن ته عام طور تي چيو ويندو آهي ته عمر سان گڏوگڏ ياداشت ڪمزور ٿيندي ويندي آهي. پر هروڀرو سدائين ائين به نه هوندو آهي. اڄڪلهه ڪيترن تحقيقاتي مضمونن ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن باقاعدي صحت جو خيال رکيو وڃي ۽ روزمره جي زندگي ۾ ورزش کي شامل رکيو وڃي ته هوند ياداشت جو عمل بنهه متاثر نه ٿيندو. جنهن جو ثبوت اهو آهي ته اڄ تقريباً اهي خبرون ٻڌڻ ۽ پڙهڻ ۾ اينديون رهن ٿيون ته 60 کان وڌيڪ عمر وارا مرد توڙي خواتين مئٽرڪ ۽ ان کان مٿي جا ڊگري ڪورس مڪمل ڪن پيا، ۽ پڙهائي جاري رکيو ويٺا آهن. اهو ان ڳالهه جو پڪو ثبوت آهي ته انسان چاهي ته ڇا نه ٿو ڪري سگهي. هونئن پڙهڻ لاءِ عمر جو قيد لازمي نه آهي. اسان جي پياري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جو فرمان آهي ته مرد توڙي عورت تي علم حاصل ڪرڻ لازم آهي، انسان جي ”ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين يعني ته پينگهي کان وٺي قبر تائين“ ۽ اهو سڀ تڏهن ئي حاصل ٿي سگهي ٿو جڏهن ”انساني جسم“ سان گڏوگڏ ”انساني دماغ“ به مڪمل طور تي صحتمند هوندو. صحتمند دماغ ئي ياداشت واري عمل ۾ ڀرپور حصو وٺي انساني صلاحيتن کي اجاگر ڪري سگهي ٿو. ان ڪري جيڪڏهن انسان کي ٿورو به شڪ ٿئي ته دماغي ڪمزوري محسوس ٿئي پئي ته ان طرف فوراً متوجه ٿي وڃي ۽ ان جو تدارڪ ڪرڻ کپي. جيئن عام طور تي بخار، نزلي ۽ ٻين تڪليفن ۾ علاج ضروري سمجهيو ويندو آهي، ساڳيءَ ريت دماغي ڪمزوري لاءِ به حل ڳولڻ ضروري آهي.

[b]ان لاءِ ڪجهه ترڪيبون هيٺ ڏجن ٿيون
[/b]دماغ تڏهن ڪمزور ٿيندو، جڏهن جسم ۾ خون جي ڪمي واقع ٿيڻ شروع ٿيندي آهي. صبح جو سوير جاڳڻ کپي ۽ سج نڪرڻ کان پهريان اٿي ڪري کليل هوا ۾ چهل قدمي ڪرڻ گهرجي فڪرات کي هروڀرو پنهنجي مٿان سوار نه ڪجي، کاڌي جو نظام درست رکڻ گهرجي کليل هوا ۾ وڏا وڏا ساهه کڻڻ کپن. جيئن تازي هوا ۽ آڪيسجن دماغ تائين پهچي سگهي. هاڻي اچو ته ڪجهه ڳالهيون ياداشت کي تيز ڪرڻ لاءِ ڪريون.
رات جو12 عدد بادام پاڻي ۾ پسائي رکو ۽ صبح جو وات ۾ هڪ هڪ وجهي چٻاڙي، مٿان کير جو ڍڪ ڀريندا وڃو. اهڙيءَ ريت سمورا بادام آرام سان چٻاڙي کائيندا وڃو ۽ کير جو گلاس پي ڇڏيو. ڪجهه دير بعد پوءِ هڪ انڊو هاف فرائي ڪري ڪارا مرچ وجهي کائي ڇڏيو. پوءِ منجهند جي مانيءَ کان اڳ ۾ خالي پيٽ معجون دماغ افروز 12 گرام کائو خوش رهو ٽينشن نه وٺو الله بهتر ڪندو.
ياداشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ الله تعاليٰ جو ذڪر ڪريو قوت حافظه کي وڌائڻ لاءِ دعائيه ڪلمات پڙهندا رهو. قرآني آيات جو ورد ڪريو خاص طور تي ”رب زدني علماً“ جو ورد ڪريو.
* * *

صحت جي فلاسافي ۽ سائنس

دِل ڇا آهي؟ هِن جي وصف ڪيئن بيان ڪجي؟ ڪهڙي وصف وڌيڪ صحيح آهي؟ اِهو فيصلو ڇڏبو هِن مضمون کي پڙهندڙن تي هِتي مان بيان ڪندم دِل جي اُنهن مختلف پهلوئن کي جيڪي مختلف انداز ۾ ’دِل‘ جي اهميت کي اُجاگر ڪن ٿا. ”دِل“ اُهو هنڌ جتي ربُ رَحيّم موجود آهي، اِها ڳالهه قُرآني آياتّ جي روشنيءَ ۾ به واضع ٿيل آهي ته وري بزرگن ۽ اِلهامي شاعرن جي زباني به بيان ڪئي وئي آهي، سماج ۾ ثقافتي لحاظ کان به اهميت دِل کي مليل ته دُنيا جي هر ٻوليءَ واري شاعر به ”دِل“ کي اوليت ڏني آهي. هر زبان جي شاعر ’دِل کي نُمايان ”اوليت“ ڏني آهي. هر ٻوليءَ ۾ ’دِل‘ کي نِمايان مقام ڏيندڙ شاعرن جا بي شمار شعر دِل متعلق ملندا رهن ٿا. پوءِ اُها سنڌي زبان هجي، يا اُردو يا وري ڪا ٻي ٻولي اسان کي بي شمار شعرن جو خزانو دِل جي ”موضوع“ ۽ ”لفظ“ تي مشتمل حاصل ٿي سگهي ٿو. جيئن ته زندگيءَ جي ”بقا“ ۽ ”فنا“ دِل جي ڌڙڪڻ سان وابسته آهي، پوءِ اسان کي سوچڻو پوندو ته هڪ فنا ٿيندڙ جسم ۾ لافاني رب جليل ڪهڙي نموني ۽ ڪهڙي شڪل و صورت ۽ ڪهڙيءَ ريت هِن عضوي ۾ هروقت هرپل گڏ گڏ رهي ٿو. سوال آهي ته ڪهڙيءَ طرح؟ اِن جو جواب آهي ته قرآن شريف ۾ هڪ آيت سڳوري ۾ واضع ٻڌايو ويو آهي (ترجمو) ”بيشڪ رب اوهان کي اوهان جي شهه رڳ کان ويجهو آهي“، اُها شهه رڳ جيڪا شاه شهه شريان (Aorta) منجهان صاف خون کڻي ٻاهر نڪري ٿي ۽ سڄي جسم کي تازو توانو ڪري ٿي ۽ غلاظت گڏ ڪري واپس دِل ۾ آڻي صاف ڪري ٿي ۽ ائين اِهو چڪر زندگي ڀر هلندو رهي ٿو، جيڪو حياتيءَ جو اُهڃاڻ پڻ آهي. اِن کي اسان ميڊيڪل سائنس ۾ چڱي نموني سمجهي سگهنداسين.

[b]دل ڪم ڪيئن ٿي ڪري؟
[/b]الله تعاليٰ ”دل“ جهڙو انمول عضوو ڪو ٻيو نه خلقيو آهي، خلقڻهار هڪ بالغ ماڻهوءَ جي دل، سائيز ۾ سندس بند مُٺ جيتري (جوڙي) ٺاهي آهي، پر تنهن هوندي به منجهس ايتري طاقت رکي آهي جو اُها بنا وقفي جي ڌڙڪندي رهي ٿي.
بظاهر هيءَ هڪ مُٺ جيتري گوشت پوست جو لوٿڙو/ ڳوڙهو جنهن کي ٽڪنڊو چئي سگهجي ٿو، تنهن کي دِل سڏيون ٿا، پر ايتري ته پڪي ۽ مضبوط، جيڪا هڪ منٽ ۾ ستريا ٻاهتر ڀيرا سڪڙجي ۽ ڦنڊجي (ڦهلجي) ٿي ۽ سڄي عمر ڌڙڪندي رهي ٿي، سا هڪ منٽ لاءِ به آرام نٿي ڪري، هن ڌڙڪڻ جو بيهڻ، ٻين لفظن ۾ ”موت“ جو واقع ٿيڻ آهي. قدرت واري هِن گوشت جي ٽڪري کي اِهڙي قسم جي مشڪن منجهان ٺاهيو آهي جيڪي نه ڊهن نه ٺهن.“ هڪ دفعو جيڪڏهن ڊهي پيون ته پوءِ بس ختم سڀ ڪجهه! هيءُ دراصل اسان جي سڄي بدن ۾ رت پهچائڻ جو اوزار يعني ”پمپ“ آهي. جنهن جي ذريعي اسان جي بدن جي پرورش ٿئي ٿي. دِل اندر رت کڻي اچڻ ۽ ٻاهر کڻي وڃڻ جو ڪم شريانيون (رت جون ناليون) سرانجام ڏين ٿيون. اسان جي دِل پنجاه سالن جي عمر تائين تقريباً ٻارنهن هزار ٽن وزن جو خون جسم اندر پمپ ڪري ٿي. دِل سائيز ۾ بند مُٺ جيتري آهي پر اُن جي باوجود منجهس ايتري طاقت آهي جو اها (24) چوويهه ڪلاڪن ۾ 68000 ليٽر جيترو وزن يا هڪ عام مشين جيترو وزن زمين کان ٽيهه (30) سينٽي ميٽر تي پهچائي سگهي. ٿلهي ليکي دل 24 ڪلاڪن ۾ رت جا 16360 ليٽر خارج ڪندي رهي ٿي. پاءُ کن وزن جيتري هِنُ عضوي جي جوڙجڪ هڪ ٻه ماڙ عِمارتَ جيان آهي. جنهن جي مٿين ماڙ منزل ۾ کاٻي ۽ ساڄي ڪناري (Auricles) ۽ هِيٺين منزل ۾ کاٻي ۽ ساڄي خاني لاءِ ڪوٺيون يعني وينٽريڪلس (Ventricles) موجود هونديون آهن. هر هڪ پاسي جي ڪناري ۽ خاني جي وچ ۾ هڪ وال به ٿئي ٿو، جڏهن ته ٻن ڪوٺين جي وچ ۾ اهڙو وال موجود نه آهي. خاني کان شريانين ۾ کلندڙ لنگهه يعني (گذرگاهه) به آهن ته وري رڳن مان ڪناري ۾ پوندڙ در به آهن. ڪنهن صحتمند دل ۾ موجود اهڙا سڀ در مضبوطي سان فٽ ٿيندڙ هوندا آهن، ڇو ته جيئن ئي رت هڪ دفعو دل منجهان (Squeezout) يعني ته ڀيڪوڙجي نڪري وڃي ٿي اُن مهل اِهو ضروري هوندو آهي ته اُها وري ساڳئي لنگهه رستي واپس دل ڏانهن نه موٽي وڃي. دل جي هر دهڪي سان گڏوگڏ دل جا وال کلندا ۽ بند ٿيندا رهندا آهن. جيئن ته پهرين ذڪر ٿي چڪو آهي ته دل هڪ پمپنگ عضوي وانگر ڪم ڪري ٿي، جيڪڏهن دل جي اندروني ساخت کي ڏسنداسي ته دل ۾ هڪ ٻه پمپي مشڪون آهن، جن مان هر هڪ الڳ پاسي کان ٿئي. کاٻي پاسي کي ڦڦڙن واري آڪسيجن رت ملندي آهي، جيڪا پوءِ سڄي جسم کي مُهيا ڪئي ويندي آهي. جڏهن ته ساڄي پاسي ۾ اها رت ايندي رهندي آهي جيڪا گهٽ آڪسيجن ۽ وڌيڪ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ واري ٿئي ۽ اها ڦڦڙن ڏانهن موڪلجي ويندي آهي.
دل جي مٿين ڪوٺين جون ڀتيون سنهيون ٿين ٿيون، ڇو ته انهن جو ڪم رڳو ٿوري مفاصلي تي يعني ته رت کي هيٺين ڪوٺين تائين موڪلڻ جو هوندو آهي. سڄي حصي واري خاني جو ڀتيون ٿلهريون ٿين ٿيون ڇاڪاڻ ته اتان رت ڦڦڙن ڏانهن ڌڪبو/وڌندو رهي ٿو. دل ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت واري ڪوٺي ان جي کاٻي خاني واري ٿئي ۽ ان جون ڀتيون ٿلهي ۾ ٿلهيون ٿين، جو اها رت کي پري پري تائين موڪليندي رهي ٿي.
دل روزانو اٽڪل هڪ لک دفعا سُسي ۽ ڦُنڊي ٿي. ٻارن ۾ ساڳيو عمل 90 کان 100 ڀيرا ۽ وڏن بالغن ۾ 70 کان 80 ڀيرا ٿيندو رهي ٿو. پر جڏهن ڪو ماڻهو ڊڪندو آهي ته دل کي عام رواجي حالتن جي ابتڙ ساڍا ٽي دفعا وڌيڪ تيزي سان ڪم ڪرڻو پوي ٿو. ڪيڏي نه عظمت واري آهي اُها الله جي ذات جيڪا سڀ کان سٺي خلقيندڙ بڻائيندڙ آهي. جڏهن ته سراسري طور تي دِل جو پنهنجو وزن ڏهه (10) آئونس کان وڌيڪ نه هوندو آهي. اِن ڳالهه منجهان توهان دل جي مِحنت جو اندازو لڳائي سگهو ٿا. اِهڙي مِحنتي، مضبوط ۽ زندگيءَ جي لاءِ اڻٽر عضوي جي حفاظت ۽ نگهباني ڪرڻ ڄڻ ته پنهنجي زندگيءَ جي نگهباني ڪرڻ جي برابر آهي. دل نه صرف اهڙي عضوي جو نالو آهي، جيڪو رت کي سڄي جسم ۾ روان دوان رکي، گردش ۾ رکي ٿو، پر ساڳي وقت اڃان تائين دل جي اهميت ثقافتي توڙي جذباتي طور تي به رهندي اچي ٿي. ترقي يافته سائنسي دور ۾ جتي دل هڪ پمپنگ مشين جي طور تي اهم ڪم سرانجام ڏي ٿي ته ساڳي وقت پراڻن زمانن کان وٺي ”دل“ جذباتي ۽ ثقافتي اهميت پڻ برقرار رکندي پئي اچي.
“The heart is the organ that circulates our blood still retains rich emotional and cultural significance.”
پنج سؤ سال پهريان، ميڪسيڪو جو آزٽيڪس (Aztects) نالي شخص پنهنجي ديوتا (Gods) کي انسانن جي دلين (Heart) جو کاڌو پيش ڪندو هُيو، جنهن کي پادري اُن وقت سيني اندران ڪڍي وٺندو هُيو، جنهن وقت اڃان دل ڌڙڪي رهي هوندي هئي.
ٻيو پادري اُن پڪڙيل ماڻهوءَ کي پٿر جي وڏي ٿلهي تي تيستائين پڪڙي رکندو هُيو، جيستائين اُها ڌڙڪندڙ دل ٻيو پادري ڪڍي وٺي ۽ پوءِ اُن پڪڙيل مظلوم ماڻهو کي ٽيمپل (Temple) جي ڏاڪڻين تان هيٺ اڇلايو ويندو هُيو ۽ دل اُن ديوتا جي پيالي ۾ وجهي پيش ڪئي ويندي هئي، جيڪو ان ديوتا جي مجسمي ۾ ٺهيل هوندو هُيو. اهڙي ريت سڄي سال اندر ويهه هزار کن (20،000) اهڙن مظلوم انسانن کي پڪڙي زبردستي پٿر تي ليٽائي پوءِ دل ڪڍي ديوتا کي راضي ڪرڻ لاءِ سندس ٺهيل مجسمي جي پيالي (ڪشڪول) ۾ پيش ڪئي ويندي هئي ۽ مظلومن جي باقي جسم کي چرچ جي مُناري وٽان ڏاڪڻين ذريعي هيٺ اُڇلايو ويندو هُيو. اهڙيءَ طرح هر سال مظلوم انسانن جون دليون (Hearts) ديوتا کي راضي رکڻ لاءِ ٻليدان ڪيون وينديون هُيون. انهن وحشتناڪ منظرن کي ختم ڪرڻ لاءِ سال 2007ع ۾ هڪ اهم پيش رفت سامهون آئي. ميڊيڪل سائنس جي دنيا ۾ هڪ انقلاب آيو ۽ ماڻهن جي اندر موجود دل ۾ جيڪڏهن خدانخواسته ڪو مسئلو پيش اچي وڃي ٿو ته پوءِ ان کي وري روان دوان ڪرڻ لاءِ حيرت انگيز طور تي ڪامياب آپريش ڪري دل کي وري تازو توانو ڪيو ويو ته جيئن اهو انسان زندگيءَ جا باقي ڏينهن خوش و خرم گذاري سگهي. سال 2007ع ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين دل جي سرجري سڌو سنئون ڊائريڪٽ (Open Heart Surgery) ٻه سؤ (200) ساڻهن سيٽلائيٽ ذريعي ڏٺي.
ٽيليويزن ذريعي دل جي ماهر ڊاڪٽرن دل جي وڍ ڪُٽ سڌو سنئون نه صرف ڏيکاري پر ريڊيو لنڪ جي آواز ذريعي وضاحت پڻ ڪئي وئي، اهڙي طريقي سان هن جديد دور ۾ دل جي اهميت کي اجاگر ڪري، سائنسي ميدان ۾ ٿيل ترقيءَ جي باعث ڪيمبرج شائرجي پاپوَٿ (Papwoth Hospital) اسپتال منجهان دل جي سرجري ائين ڏيکاري وئي، ڄڻ ته جيئن ماڻهو اُن آپريشن ٿيٽر ۾ پاڻ بيٺل هجي.
عام ماڻهن ماهر ڊاڪٽرن کان سڌو سنئون سوال جواب ڪيا ۽ کين وضاحت سان جواب ڏنا ويا. سوالن جا جواب ائين ڪيا ويا جو لڳو پي ته هر سوال ڪندڙ ۽ هر جواب ڏيندڙ جهڙوڪر آمهون سامهون بيٺل هجن ۽ آپريشن ٿيٽر ۾ گفتگو ٿيندي هجي. تَجُسّس وچان ماڻهو پڇي رهيا هُيا ته هو يعني ڊاڪٽر ڇا ڪري رهيا آهن ۽ کين موٽ ۾ واضع ڪري ٻڌايو ويو ته دل جا ماهر ڊاڪٽر آپريشن ذريعي دل جي دُرستگيءَ ڪري رهيا آهن.
هن موقعي جي اهميت ۽ افاديت جو اندازو ان منجهان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيئن نه عوام دلچسپيءَ سان آپريشن ٿيندي ڏسي رهيو هُيو ۽ سوال و جواب ڪري ڄاڻ ۾ اضافو ڪري رهيو هُيو ڇو ته اصل ۾ اهميت هُئي ”دل“ کي حاصل. هڪ طرف ”دل“ (Heart) جيڪا اسان جي جسم جي اندر سيني منجهه موجود آهي ۽ ٻي پاسي ”دل“ جي اهميت جيڪا ان کي اسان جي معاشري، يعني ڪلچر (Culture) ۾ حاصل آهي. ماضي ۾ فلاسفرن اڳ ۾ دل کي نه صرف جسماني طور اهم قرار ڏنو آهي، ڇو ته دل جو سڌو سنئون تعلق انسان جي زندگيءَ سان وابسته آهي، پر جذباتي ۽ روحاني اهميت جوبه بيحد ذڪر ٿيل آهي ۽ دل کي جذبات ۽ روح سان به ڳنڍيل ڏيکاريو ويو آهي.
مشهور سائنسدان ايرسٽوٽل (Aristotle) دل کي پهريون ڀيرو ڪُڪِڙِي جي ٻچي اندر معائنو ڪري ڏٺو ۽ ٻڌايو ته هن جاندار ۾ جيڪو عضوو پهريون ٺهيو سو آهي دِل يعني (Heart). مرغيءَ جي ٻچي (Chick Embryo) ۾ وڌيڪ تحقيق ڪري اِهو پڻ ٻڌايو ته هيءُ اُهو ئي عضوو آهي جنهن تي زندگيءَ جو انحصار آهي (Centre of Vitality) ۽ ساڳي وقت ذهانت جو پڻ مرڪز آهي (Intelligence) جڏهن ته هڪ ٻي سائنسدان نالي گِيلن (Gallen) ٻڌايو ته دماغ (Brain) ذميوار ۽ مرڪز آهي جاندارن جي هوش وحواس لاءِ نه ”دل“ الله تعاليٰ پنهنجي قدرت سان اسان جي دِل جي حفاظت پڻ ڪئي آهي، ڇو ته اِن کي ڦڦڙن جي هنج ۾ سيني جي پڃري ۾ اِهڙي طريقي سان نصب ڪيو آهي، ڇو ته هِن جي ئي سلامتي تي اسان جي زندگيءَ جو دارو مدار آهي. جڏهن بي احتياطي ۽ بي ڌياني جي ڪري دِل جي ڪارڪردگي بدلجڻ لڳندي آهي يا وري ٻُڍاپي جي ڪري دِل ڪمزور ٿي پوندي آهي ته موت واقع ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن دِل تندرست ۽ طاقتور نه هوندي ته سڄو بدن ڪمزور ۽ بيمار ٿي ويندو. دِل نه صرف هڪ اِهڙي عضوي جو نالو آهي، جيڪو رت کي نالين ذريعي سڄي جسم ۾ روان دوان رکي گردش ۾ رکي ٿو، پر ساڳي وقت قديم زماني کان وٺي هِن جديد سائنسي دور ۾ اڃان تائين دِل جي اهميت ثقافتي توڙي جذباتي طور تي به رهندي اچي ٿي. ترقي يافته سائنسي دور ۾ جتي دِل هڪ پمپنگ مشين طور اهم ڪم سرانجام ڏي ٿي، ساڳي وقت پراڻن زمانن کان وٺي ”دل“ جذباتي ۽ ثقافتي اهميت کي به برقرار رکندي اچي پئي.
)Gallen Stated that brain, not the heart, was the Centre of Consciousness and reason)
جڏهن ته هِن اِهو به مڃيو ته بيشڪ دِل جسم کي حرارت پهچائيندڙ عضوو يعني ذريعو آهي. پوءِ آهستي آهستي هِن ڪائنات ۾ انسان سفر ڪندو رهيو. ۽ پوءِ تقريباً هزارين سالن کان پوءِ هڪ ٻي سائنسدان نالي ليونارڊوڊاوِنسي (Leonardo da Vinci) سائنسي تحقيق کان پوءِ پوري يقين سان ٻڌايو ته دِل حرارت کي پيدا ڪندڙ عضوو آهي. يعني ته (Heart generates Heat) سائنسدان گيلن (Gallen) وانگر هيءُ سائنسدان ليو نارڊو پڻ قانون تحت اِنساني دِل کي ڪٽي ٻاهر نه ڪڍڻ ۽ تحقيق ڪرڻ لاءِ اِنساني دِل اسستعمال نه ڪرڻ جو پابند هُيو. ان ڪري هِن جانورن جي دل تي تجربا ڪيا ۽ اِيناٽومي يعني عضوي جون اندريون شڪليون پڻ جانورن جي دلين تي ٺاهيون (Anatomical Drawings) اندرين پاسي جون شڪليون دل کي وڍڻ ڪٽڻ بعد ٺاهيون ويون ۽ پوءِ اُنهن جا ڪم ۽ بناوت انسانن جي دِل جي ٻاهرين ساخت ۽ اندرين بناوت سان مئچ (Match) ڪري وضاحت لکي ۽ تصويرون ٺاهي پيش ڪيون ويون.
(Leonardo used oxen and other animals instead produced his anatomical drawings of animal organs in an attempt to determine the Structure and function of human organs.)
وليم هاروي (William Harvey)، جيڪو سرچارلس پهرين جو ذاتي فزيشن به هُيو، تنهن کي اِهو ڪريڊٽ مليل آهي ته هُن سڀ کان پهرين اِهو ٻڌايو ته دِل هڪ اِهڙو عضوو آهي، جنهن جي وسيلي رت (خون) سڄي جسم اندر گردش ڪندو رهي ٿو ۽ اِهو سڀ سرشتو بند نالين ذريعي دل جي معرفت پمپ ٿيندو رهي ٿو ۽ سڄي جسم اندر گردش ڪندو رهي ٿو هِن ئي سائندان سڀ کان پهريان باقاعده صحيح نموني اِها وضاحت ٻڌائي ته رت جون خاصيتون ڪهڙيون آهن ۽ ڪيئن رت سڄي بدن اندر گردش ۾ رهي ڪري جسم جي هر عضوي جي ننڍي کان ننڍي گهرڙي تائين آڪسيجن پهچائي ٿي ۽ موٽ ۾ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جسم کان ٻاهر خارج ڪري ٿي ۽ خوراڪ پڻ پهچائي ٿي هڪ تجربي جي وضاحت ڪندي هِن اِهو ٻڌايو ته ڪيئن نه نَس هِٺانهين ڏانهن رت کنيو پئي وڃي.“
(In one of his experiments, he `milked the vein downward` to demonstrate its one- way action.)
چار سَوَ سال بعد هينئر دُنيا ۾ ٽيڪنالاجي تمام گهڻي ايڊوانس ٿي وئي آهي. جديد دُنيا ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي جتي ٻين علمن ترقي ڪئي آهي اُتي ميڊيڪل سائنس به پوئتي نه آهي. بلڪه هينئر ڊرامائي انداز ۾ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندي ميڊيڪل سائنس تمام تيز رفتاري سان نئين ۽ جديد انداز ۾ ڪاميابيون ماڻي ورتيون آهن. اڄ جي جديد دور ۾ نه صرف اِهو ممڪڻ بڻيو آهي ته دِل جي سرجري ڪئي وڃي ۽ اُن کي سِڌو سنئون سِٽيلائيٽ ذريعي ڏيکاريو وڃي پر اسان سائنسدان وِلسن گريٽبئڪ (Willson Greatback) جا اِحسانمند آهيون، جنهن پهريون ڀيرو اِهڙو مصنوعي دِل جو پِيس ميڪر ٺاهيو آهي جيڪو آرام سان لڳائي سگهجي ٿو تقريباً ويهه هزار کان مٿي اِنسان برطانيه ۾ هر سال اِهي مصنوعي پيس ميڪر لڳائي پنهنجي دِل جي ڌڙڪن کي قابو ۾ رکڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن.
(Thanks to Wilson Greatback who invented the first implantable Cardiac Pacemaker)
جيتوڻيڪ هينئر اِها ڳالهه اسان تي واضع ٿي چڪي آهي ته دماغ (Brain) ئي اسان جي ذهانت ۽ جذبات (Brain is the seat of our Intelligence and Emotions) جو هنڌ آهي پر اِن ڳالهه کان به ڪو انڪاري ڪونهي ته اڃان تائين دِل ئي محسوسات جو مرڪز آهي ۽ خاص طور تي ”پيار“ ۽ ”پِيارَ“ لاءِ آخري جڳهه دل ئي آهي.
The heart remains the Compelling metaphor for feeling especially for love or the end of love.
مطلب ته ڪٿي ڪٿي دماغ کان وڌيڪ دِل جي اهميت لازمي ۽ ضروري ٿي پوندي آهي.
اڄ به هِن ترقي يافته ۽ تيز رفتار دور ۾ دل سان مُتعلق مشهور لفظ ۽ جملا (Words and Phrases) باقاعده لِکڻين ۾ لکجن ٿا، ڳالهائڻ دوران ڳالهائجن ٿا ۽ شاعر، پنهنجي شاعري ۾ بيان ڪن ٿا. مثال طور هرٽ فيلٽ (Heart Felt) دل ۾ محسوس ڪيم، وٿ ماءِ آل هرٽس سمورين دلين سان گڏ (With my all Hearts)، ۽ بروڪن هرٽ (Broken Heart)، ٽٽل دِل، اڃان تائين استعمال ٿين ٿا ۽ ڪلچر جو حصو بڻيل آهن. اِهي جملا لٽريچر ۾ اِستعمال ٿين ٿا ۽ ڳالهايا وڃن ٿا. اڃان تائين دِل (Heart) ويلنٽائن ڪارڊ تي پيار جي نشاني طور ڇپجي ٿي ۽ آءِ لو يو (I Love U) لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو.
دِل اخلاقيات جي به حامل رهي آهي. (The heart has a moral significance too) پراڻي دور ۾ مصري (Egyptians) ماڻهن جو خيال هوندو هيو ته هو، جڏهن مرندا ته سندن دليون توريون وينديون. ”سچ جي کنڀ سان، (With Feather of turth) اِهو ڏسڻ لاءِ ته مرندڙ ماڻهوءَ پنهنجي زندگي سچائي ۽ اورچائي سان گذاري (Nobly and thruthfuly) يا نه؟ ۽ اُن پرک جي بنياد تي هو پوءِ جي زندگيءَ ۾ شامل ٿي سگهندا يا نه؟ (Participate in the after life and could there fore) اُنهن جي اُن اُصول مطابق ڳوري دل، يعني (Heavy Heart) جيئن ته ڳوري شي هيٺ ويندي آهي، يعني ته اُن ماڻهو پنهنجي زندگي خراب نموني گذاري، معنيٰ ته ڳوري دل نشاندهي ڪندي خراب زندگي گذاريندڙ جيlife and (Heavy heart weighed down by a badly lived was Passed to devourer of souls. ۽ سندس روح جهمني ۽ بدروحن ڏانهن منتقل ٿي ويندو. جڏهن ته هلڪي وزن واري/ دل رکندڙ، سٺي ماڻهو جي نشاندهي ڪندو، جيڪو پوءِ هميشه لاءِ مزا ماڻيندو ۽ خوش زندگي گذاريندو سُٺين سُٺين جڳهن تي يعني خوشيءَ وارن جڳهن تي ”جنت“ ۾ موڪليو ويندو. (A Light heart indicated a good person, who was then led to enjoy enternity in the happy fields’) اِها اسان جي دِل ئي ته آهي جيڪا جذباتي طور تي ”سور“ به محسوس ڪري ٿي ۽ ساڳي وقت ”خوشين“ جو به اظهار ڪرائي ٿي. (Emotional pain and glow of happiness) جيتوڻيڪ توڙي جو اسان محسوس ڪريون ٿا ته اِهي ”احساس“، ۽ ”محسوسات“ دِماغ منجهه ڪيميائي تبديلين جي ڪري وقوع پذير ٿين ٿا، ۽ سائنس اسان کي (قطع نظر) هر ڳالهه جي، سمجهاڻي ۽ تجربن سان ثابت ڪري ڏيکاري آهي، پر پوءِ به الائي ڇو اڃان تائين دِل ساڳي ئي نموني اهميت جي حامل آهي ۽ هميشه وانگر اهميت جو نشان بڻيل آهي.
“Heart remains such an important symbol to us, despite every thing science has taught us”.
سائنس ٻڌائي ٿي ته اصل ۾ حاڪم اعليٰ اِنسان جو ”دماغ“ آهي، جيڪو نه صرف هلڻ ڦرڻ جا حڪم ڏي ٿو پر اُن جي اِشاري تي ئي اسان ڳالهايون ٿا، لکون پڙهون ٿا، سوچون سمجهون ٿا ۽ ڳالهه ٻولهه ڪريون ٿا ۽ چرپر ڪيون ٿا. اِن جي ڪري ئي اسان کي ڇهڻ، ڏسڻ، ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ٿي آهي. اِهو ئي اسان کي سٺي ۽ خراب جي وچ ۾ فرق ٻڌائي ٿو ۽ گذريل وقت جي ڳالهين کي اسان جي حافظي ۾ محفوظ رکي ٿو ۽ وقت سان گڏو گڏ ضرورت پوڻ تي اُنهن ڳالهين کي ورجائڻ ۽ ياد تازه رکڻ جي قوت ڏي ٿو. دماغ ئي سوچي ۽ سمجهي ٿو. اِهو ئي اسان جي خيالات، اِحساسات ۽ جذبات جو خزانو ۽ صدر مقام آهي. هيءُ اسان جي بدن جو مرڪزي ٽيليفون ايڪس چينج آهي، جنهن وٽ اسان جي هڪ هڪ نَسَ منجهان پيغامَ پهچندا رهن ٿا ۽ موٽ ۾ وري هو پنهنجي ماتحت ڪم ڪندڙ مرڪزن جي ذريعي مُناسب ۽ بروقت حڪم صادر ڪندو رهي ٿو. ايترو اهم ترين عضوو، جيڪو في الحقيقت اسان جي جسم جو حڪمران به آهي، اِن جي صحت ۽ حفاظت هر باشعور اِنسان لاءِ لازمي آهي ۽ لازمي طور تي اُن جي صحت ۽ حفاظت جو جوڳو بندوبست ڪرڻ کپي ۽ ”دماغ“ جيڪو سوچي ۽ سمجهائي اُن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي پر پوءِ به ”اِنسان“ جيڪو ”اشرف المخلوقات“ به آهي، سو عام طور تي پنهنجي ”دماغ“ جي ڳالهه کي پاسيرو رکي ڪري ”دِل“ کي فوفقيت ڏيندو رهي ٿو. حضرت علامه اقبال رحه هڪ هنڌ فرمائين ٿا:
"صُبح اَزل نے مُجھ سے کہا جبرئیل نے،
جو "عَقل" کا غلام ہو، وہ "دِل" نہ کر قبول"

جگر/جيرو Liver

جيرو يا عرفِ عام ۾ جگر سڏجندڙ هڪ اِهڙو غدود آهي، جيڪو پنهنجي ڪم ڪار جي لحاظ کان تمام گهڻو پيچيده آهي.(Reddish- brown in color, weight about three (3) pund and feels rubbery to touch. Large meaty organ, secreting chemical, it produces bile, a substance needed to digest fats. هي ڳاڙهي مائل ناسي رنگ جو وڏي ۾ وڏو غدود سڏيو وڃي ٿو. جسم اندر ڀڃ ڊاه واري عمل دوران هيءُ پروٽين، ڪاربوهائيڊريٽ ۽ چرٻيءَ وارن جزن جي غذائي اهميت کي برقرار رکندي، نظام هضم سان گڏجي ڪم ڪري ٿو ۽ ساڳي وقت رت لاءِ اِهڙا جزا تيار ڪري ٿو جيڪي رت کي ڄمڻ ۾ مدد ڪن ٿا. وٽامن اِي (A) پڻ تيار ڪري ٿو. هِن جو وزن ڏيڍ کان ٻه سير کن هوندو آهي. هيءُ پيٽ جي سڄي پاسي پاسراٽين جي هيٺان، ۽ معدي جي مٿان هوندو آهي. جيري جو هڪ وڏو ۽ اهم ڪم آهي رس (juice) پيدا ڪرڻ جنهن کي اسان پِت يعني بائل جوس (Bile juice) سڏيندا آهيون. بک لڳڻ مهل پِت يعني رس جيري منجهان نڪري پتي اندر (Pancreas) ۾ جمع ٿيندو آهي ۽ هاضمي جي دوران اُتان نڪري ڪري آنڊي منجهه اچي ويندو آهي ۽ آنڊن جي ڪم ۾ مدد ڏيندو آهي. جيري جو ٻيو وڏو ۽ اهم ڪم آهي حيواني نشاستو ٺاهڻ (Glycogen) آنڊي اندر غِذا وارو نشاستو، گلوڪوز ۾ (Glucose) تبديل ٿي جڏهن خون جي وسيلي جيري منجهه پهچندو آهي تڏهن جيرو گلوڪوز کي گلائيڪو جن ۾ تبديل ڪري پنهنجي اندر محفوظ ڪري ڇڏيندو آهي. پوءِ بدن جي ضرورت مطابق هِن حيواني نشاستي يعني گلائيڪو جن کي کنڊ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. اِها کنڊ (Sugar) رت جي وسيلي بدن ۾ پهچي ڪري توانائي ۽ حرارت يعني (گرمي) پيدا ڪندي آهي. جيري جو ٽيون اهم ڪم آهي ”يوريا“ يعني، (لحمياتي جزن جو ڪچرو) ٺاهڻ. جڏهن غِذائي جُزا معدي جي اندر هضم ٿي ڪري پيپٽون (Peptone) ٺاهيندا آهن جيڪي ننڍي آنڊي ۾ پهچي ڪري وڌيڪ هضم ٿي ڪري امائنو اِئسڊ (Amino-acid) ٺهي پوندا آهن، ته پوءِ اِهي امائنواِئسڊ رت جي ذريعي جيري اندر پهچندا آهن ۽ جيرو اِنهن کي رت منجهان الڳ ڪري ”يوريا“ منجهه تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. جيڪي پوءِ بڪين ذريعي پيشاب سان گڏ بدن منجهان خارج ٿي ويندا آهن. دراصل جيرو اسان جي بدن جو هڪ ڪيمائي گهر يعني (Power House) آهي، جنهن اندر بدن جو هر قسم جو گند ڪچرو (زنده يا مُئل، مثال طور رت جا ناڪاره بڻيل ڳاڙها جزا، غِذا ۽ مشڪن جو گند) رت جي وسيلي پهچي ڪري تباه و برباد ٿي ويندو آهي. هِن سڄي عمل دوران مزي جي ڳالهه هيءَ آهي ته تباه وبرباد ڪرڻ واري هِن عمل ۾ جيرو بدني حرارت کي قائم رکڻ جو هِڪ مفيد ۽ اهم ڪم به سرانجام ڏيئي ٿو. دلچسپ ۽ مزيدار ڳالهه هيءَ آهي ته هِن سڄي تباهي واري عمل دوران، جيرو بيڪار جزن کي ته چونڊي چونڊي تباه ڪري ڇڏي ٿو، پر ٻي طرف ضروري ۽ مفيد جزن کي الڳ ڪري پنهنجي اندر محفوظ ڪري ڇڏي ٿو. جيرو رت جي بيڪار بڻيل ڳاڙهن جزن کي ته تباه ڪري خارج ڪري ڇڏي ٿو پر اُن جي اندر موجود فولاد (لوه) يعني آئرن (Iron) ۽ پت (Bile) اندر موجود لوه کي چونڊي چونڊي پنهنجي ساخت واري گهرڙن اندر محفوظ ڪري ڇڏي ٿو ۽ پوءِ ضرورت جي وقت لوه (آئرن) کي رت جي اندر شامل ڪندو رهي ٿو. اهو لوه رت جي وسيلي هڏن جي ڳاڙهي گودي (Red Bone marrow) ۾ پهچي ٿو جتي رت جا نوان ڳاڙها جزا ٺهندا رهن ٿا اِهڙيءَ طرح جيرو نئون رت بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. بعض جانورن منجهه خاص طور تي جيڪي سرد عِلائقن ۾ رهن ٿا، اُنهن جو جيرو پنهنجي اندر چرٻي جو ذخيرو ڪري ڇڏيندو آهي، جيڪو پوءِ سردين جي موسم ۾ يا وري هائبرنيشن (Hybernation) يعني سرد خوابي وارن ڏينهن ۾ جانورن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيندو آهي.
جيرو غِذائي زهريلن مادن يعني (Toxic Particals) کي پڻ ڇاڻي صاف ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو اِن ڪري بدن اندر هي هڪ وڏي ڇاڻي طور به سڃاتو وڃي ٿو. جسم جي غِذائي حصن ۽ آنڊن جو سمورو رت پهريان جيري ۾ ايندو آهي ۽ پوءِ وري اُتان جسم جي ٻين حصن ڏانهن پهچندو آهي. آنڊن اندر ڪافي نامناسب مُضرِ صحت ماده رت اندر شامل ٿي ويندا آهن.. جڏهن اِهي زهريلا مادا رت جي وسيلي جيري اندر پهچندا آهن ته پوءِ جيرو اُنهن زهِريلن مادن کي چونڊي الڳ ڪري وٺندو آهي ۽ وري پت يعني (Bile juice) سان گڏ خارج ڪري آنڊن ڏي موڪلي ڇڏيندو آهي. اِهڙيءَ طرح صاف ٿيل رت جسم جي بقايا حِصن خاص طور تي دماغ ڏانهن پهچي ويندو آهي. حلال جانورن جي جيري کي غِذا طور استعمال ڪيو ويندو آهي. عام طور تي بهادر ماڻهو لاءِ چئبو آهي ته ڪيڏو نه وڏي جگر وارو آهي.
صحتمند جيرو نه صرف جسماني طور مدد گار ثابت ٿئي ٿو پر صحت سان گڏو گڏ اِنساني سوچ ۽ ويچار تي اثر انداز ٿئي ٿو جيترو صحتمند انسان ڏسڻ ۾ سٺو لڳندو آهي، اوترو ئي ذهني طور تي به هو هوشيار فهم و فراست ۾ عقل وارو ۽ رويي ۾ بي مثل ۽ بهادر نظر ايندو آهي. صحيح رخ ۾ ڪم ڪرڻ وارا عضوا ئي اسان جي جسم لاءِ اندروني توڙي بيروني مسائل کي منهن ڏيڻ جي قابل هوندا آهن.
* * *

بڪيون Kidneys

جيري جي خرابيءَ جو اثر سِڌو سنئون بڪين تي پوندو آهي. اِن ڪري بڪين جو ذڪر ڪرڻ به تمام ضروري آهي بڪين (Kidneys) جي شِڪل رهن/رهان (Bean) جي داڻن جهڙي هوندي آهي. اسان جي بدن ۾ پيٽ جي پوئين حصي ۾ ڪرنگهي جي ٻنهي طرفن بڪيون هونديون آهن. بڪين منجهان پيشاب خارج ٿي ڪري هڪ ڊگهي ۽ سنهي نالي ذريعي هيٺ پيشاب جي ٿيلهي ۾ جمع ٿيندو رهندو آهي ۽ پوءِ اُتان ٻاهر خارج ٿيندو آهي. بڪين جي ماپ تقريباً چار يا پنج انچ هوندي آهي. جيڪا هڪ چوڻي مطابق هڪ مُٺ جي برابر هوندي آهي.
( The Kidney's are a pair of organ located in the back of abdomen. Each kidney is about 4-5 inches long, about the size of fist). The kidney's function are to filter the blood.
بڪين جو اصلي خاص ڪم آهي ته هو جسم جو خراب گندو پاڻي خون منجهان ڇڪي ڪڍي ٻاهر ڪنديون آهن. هِن گندي پاڻيءَ ۾ بدن جا ٺوس زهريلا ماده مليل هوندا آهن. انهن منجهه هِڪ جو نالو آهي يوريا (Urea) ۽ ٻي جو نالو آهي يورڪ اِئسڊ (Uric acid). اهي ٻئي ماده تمام زهريلا ۽ خطرناڪ هوندا آهن. جيڪڏهن يورڪ اِئسڊ (Uric acid) بدن ۾ جمع ٿي وڃي ته پوءِ هڏن ۽ جوڙن جي بيماري ٿي پوندي آهي جنهن کي هڏن جو سور يا آرٿرا ٽائيٽس سڏبو آهي. بڪين جو اصلي ڪم اِهو آهي ته هو نه صرف زهريلن مادن کي بدن منجهان خارج ڪري ڇڏين، پر اِن سان گڏو گڏ بدن ۾ موجود وڌيڪ گندو ۽ بي ڪار پاڻي به خارج ڪري ڇڏين ٿيون. ليڪن اِهو بلڪل نه سمجهڻ گهرجي ته بڪين جون مُشڪون محض هڪ بي جان ميڪاني ڇاڻيءَ وارو ڪم ڪن ٿيون، پر بڪين جي بناوت وارا خليا نهايت هوشياري سان سٺي ۽ خراب شيءَ کي سُڃاڻي ڪري رت منجهان بيڪار مادن کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي وٺن ٿا ۽ مفيد ۽ قيمتي جزن کي رت ۾ اندر ئي رهڻ ڏين ٿا. پر خدانخواستہ جيڪڏهن ڪنهن خرابيءَ باعث بڪيون پنهنجو هيءُ اَهم ڪم سرانجام نٿيون ڏيئي سگهن يعني سٺي ۽ خراب مادي ۾ فرق وارو عمل سرانجام نٿيون ڏيئي سگهن ته پوءِ مختلف قسمن جون بيماريون جنم وٺن ٿيون.
اسان جي جسم منجهان چوويهه (24) ڪلاڪن اندر تقريباً پنجاه (50) يا سٺ (60) آئونس پيشاب خارج ٿيندو آهي، جنهن کي اسان جون بڪيون ڇاڻي ٻاهر ڪڍن ٿيون. کاڌو کائڻ جي دوران پاڻي نه پيئڻ گهرجي ڇو ته ائين ڪرڻ سان هاضمي واري رس (juice) ڇڊي صاف ٿي ويندي آهي. باقي ماني جي وقفن واري وقت ۾ خوب پاڻي واپرائڻ گهرجي ته جيئن بڪيون ڌوپجي وڃن سياري ۾ ورزش ڪرڻ کپي ته جيئن پگهر اچي ۽ جسم جو پاڻي خارج ٿي وڃي ۽ بڪين تي ڪم جو وڌيڪ بار نه پوي.
مٿئين ذڪر منجهان اِها خبر پئجي وئي ته اسان جي ”صحت“ اسان جي جسم جي عضون يعني دماغ، دل، جيري ۽ بڪين جي صحت ۽ صحيح ڪم ڪار ڪرڻ جي صلاحيتِ سان وابستا آهي. دماغ جيڪو بدن جو حاڪمِ اعليٰ آهي اِن کي نه صرف ٻاهرين ڌَڪن، پر نقصان پهچائيندڙ عادتن، ۽ خراب خيالن کان به محفوظ رکڻ کپي ڇو ته سٺي حافظي لاءِ دماغ جو صحتمند هُجڻ تمام ضروري آهي. دِماغ کان جيترو ڪم وٺجي اوترو ئي اُن کي آرام ڏيڻ به ضروري آهي. آرام ۽ مناسب ننڍ دماغي صحت لاءِ بيحد ضروري آهي. دل ته آخر دِل آهي، ان لاءِ ته ايترو چوڻ ئي ڪافي ٿيندو ته سڪونِ قلب لاءِ عبادت گذاري، قناعت پسندي ۽ ديانت داري سان هلڻ ۽ زندگيءَ ۾ نظم و ضبط ۽ تنظيم ۽ توازن ڪنهن طاقتور ٽانڪ کان گهٽ ناهي بقول علامه اقبالؒ جي ته:
”زندگي آمد برائي بندگي،
زندگي بي بندگي شرمندگي“.
يعني ته زندگي عطا ڪئي وئي آهي ”بندگي“ يعني عبادت لاءِ، پوءِ جيڪڏهن زندگيءَ ۾ عبادت شامل نه رهي، ۽ رب تعاليٰ جي بندگي ۾ ڏينهن رات رڌل نه رهبو ته نتيجو افسوس ۽ شرمندگيءَ کانسواءِ ڪجهه به نه ملندو. سو دِل کي تقويت صرف الله جي ذِڪر سان ملي ٿي. ۽ صرف الله جو ذڪر ئي دل کي اطمينان ۽ سڪون بخشي ٿو. پوءِ جيڪڏهن دل کي طاقتور ۽ پر سڪون رکبو ته لازمي طور تي اِنسان جسماني طور به مضبوط مِحسوس ڪندو ۽ بهتر صحت هوندي ته بهتر عبادت سان بهتر زندگي گذاري سگهبي.
قرآن شريف ۾ آيت نازل ٿيل آهي، جنهن جو مفهوم آهي ته (ترجمو) بيشڪ اِطمينانِ قلب، حق تعاليٰ جي ذڪر سان ملي ٿو، سو توهان اطمينانِ قلب حاصل ڪرڻ لاءِ الله تعاليٰ جو ذڪر ڪندا رهو، بيشڪ الله تعاليٰ جي ذڪِر سان ئي سڪونِ قلب حاصل ٿئي ٿو. توهان ڏِسو ته هڪ طرف الله تعاليٰ دِل (قلب) کي پنهنجو گهر سڏيو آهي، ٻي طرف دِل کي نه ٿڪجندڙ مشڪن سان جوڙيو آهي جيڪي سڄي زندگي بنا وقفي جي دل کي ڌڙڪڻ تي آماده ڪنديون رهن ٿيون ته ٻي طرف هڪ نهايت ئي سادي سولي نموني صرف رب جي ذڪر سان ”دل“ کي لافاني طاقت عطا ڪئي وئي آهي. هاڻي جيڪو روزانو رب جي ذڪر ۾ مشغول رهندو سو بيشڪ پنهنجي قلب کي طاقتور محسوس ڪندو ۽ پرسڪون ۽ اطمينان واري زندگي گذاريندو ڇو ته اُن دل اندر رب جو ديرو هوندو بقول ڪنهن شخص جي ته مسجد ڊاهيو توڙي مندر، پر دل نه ٽوڙيو جو اُن ۾ ربّ تعاليٰ رَهي ٿو.
جيڪڏهن صحت ۽ تندرستي آهي ته پوءِ انسان جو مزاج ۽ رويو به سُٺو هوندو آهي، ورنه بيمار جسم بيمار ذهن جي عڪاسي ڪندو رهندو آهي. جيري جي اهميت ۽ افاديت هڪ اِهڙي حقيقت آهي، جنهن کان بي خبر ٿيڻ پنهنجو پاڻ سان ظلم ڪرڻ جي مترادف آهي. ”جيرو“ بدن لاءِ هڪ عمده قسم جي ”بٺي“ طور ڪم ڪري ٿو. ۽ ڪم ۾ ايندڙ شين کي محفوظ رکڻ جو هڪ گودام مِثل آهي. اِهي مفيد ۽ ڪارآمد شيون ضرورت جي وقت بدن جي ڪم اينديون رهن ٿيون.
بڪيون اسان جي جسم لاءِ ڄڻ ته فلٽر پلانٽس وانگر آهن. بلڪل اِئين ڪم سرانجام ڏين ٿيون جيئن ((Filter Plants فلٽر پلانٽس ڇاڻي پوءِ ناڪاره ۽ زهريلا ماده الڳ ڪري، ڇڏيندو آهي. بلڪل ساڳيءَ ريت بڪيون به ساڳي نموني ڇاڻي خراب جزا الڳ ڪري بدن جي صفائي جو ڪم مڪمل ڪن ٿيون. هاڻي صفائي جي هِن پلانٽ جي مضبوطي صحت لاءِ اِنسان جو صحتمند هجڻ بي انتها لازمي آهي. جسم جي طاقت ۽ اهم عضون جي صحت ۽ طاقت لاءِ، اعصابي دٻاءُ ۽ ذهني ٿڪاوٽ ختم ڪرڻ لاءِ الله تعاليٰ ڪيتريون ئي نباتاتي ٻوٽيون، ٻج، ميوا، ڀاڄيون. ۽ اناج پيدا ڪيا آهن. جن جي اِستعمال ۾ جيڪڏهن اسان توازن رکون ۽ روزانو متوازن غِذا واپرايون ته هوند اسان پاڻ کي مڪمل طور تي صحتمند ۽ تندرست رکي سگهون ٿا ڇو ته مون اِهو توهان کي پهريان ئي ٻڌايو آهي ته تندرستي ڪنهن دوڪان تان پئسن سان خريد ڪري نٿي سگهجي پر اِها هڪ نعمتِ خداوندي آهي. الله تعاليٰ کان دُعا آهي ته شل رب تعاليٰ سڀني کي صحت ۽ تندرستي عطا ڪري (آمين) ثم (آمين). ”متوازن غِذا واپرايو، خوش رهو، سٺو ۽ گهٽ کائو، سٺو سوچيو ۽ تندرست رهو.“

Refrences:

1. William F. Ganog. "Review of medical physiology, 23rd Edition, 22 Aug 2009.
2. Guyton and it all Guyton. Text book of medical Physiology 4th Edition, March 4, 2007
3. Elaine N. Marib Anatomy and Physiology 4th edition 14 Jan 2010.
4. The Heart. Well Come Collection net.
* * *

الرجي ۽ ماحول

[b]پيش لفظ:
[/b]الرجي هڪ عام مسئلو آهي. تمام گهڻا ماڻهو اُن جو شڪار ٿين ٿا پر اُن کان وڌيڪ ان وهم جو شڪار اُهي آهن. جيڪي چون ٿا اسان کي الرجي (Allergy) آهي. حالانڪه دراصل انهن کي الرجي نه هوندي آهي.
علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن لاءِ اهو هڪ ڏکيو ڪم آهي ته اُهي پنهنجن مريضن کي الرجي متعلق صحيح نموني ٻڌائي سگهن. مريضن کي مطمئن ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ڇو ته معالج ڊاڪٽر پنهنجن مريض کي الرجي متعلق وضاحت بيان نٿا ڪري سگهن. بعض اوقات پيچيده ترڪيبون. عام فهم زبان ۾ بيان ڪرڻ هڪ وڏو مسئلو بڻجي پوندو آهي ۽ بعض اوقات وقت جي ٿورائي (ڪمي) به ان وضاحتي بيان ۾ رڪاوٽ بڻبي آهي. انهن مٿين سببن ڪري اسان پنهنجن هر قسم جي پڙهندڙن لاءِ هيءُ مضمون پيش ڪري رهيا آهيون. اميد ته پڙهندڙ عام معلومات حاصل ڪري الرجي جي مسئلي سان مقابلو ڪندا.

[b]الرجي ڇا آهي؟ What is an Allergy?
[/b]”الرجي“ ڇا آهي؟ ڪڏهن ۽ ڪيئن ۽ ڪهڙين شين کان ٿي وڃي ٿي؟ ان جي متعلق معلومات نه هئڻ برابر آهي. هن مضمون مطابق سڀ کان پهريان ڏسجي ته اصل ۾ الرجي آهي ڇا؟ ڪجهه ماڻهن جي خيال ۾ الرجي هڪ معمولي ڪيفيت جو نالو آهي ۽ خارش وغيره جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي. جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جي خيال ۾ هيءَ هڪ خطرناڪ شيءِ آهي ۽ عام طور تي خيال ڪيو وڃي ٿو ته ڪنهن شيء جو انساني جسم جي ”موافقت ۾ نه هجڻ“ الرجي سڏجي ٿو. ميڊيڪل سائنس جي زبان ۾ الرجي اسان جي جسم جو ڪنهن اهڙي شيءِ جي خلاف جيڪا حلق (نڙيءَ) کان هيٺ لهي. ساهه رستي اندر وڃي. اسان جي چمڙي کي ڇهي، يا ڪنهن جيت جڻي جي چڪ، يا وري سُئي يا ٽڪي ذريعي اندر وڃي. اُن جي ردِ عمل کي سڏجي ٿو. الرجي اسان جي دفاعي نظام (Immunological System)جو حصو آهي ۽ ان جا تفصيلات بيان ڪرڻ کان اڳ اچو ته انساني جسم ۾ ڪارِ فرما هن دفاعي نظام جو مختصر تعارف ڪرايو وڃي.

[b]الرجي ۽ جسم جو دفاعي نظام:
[/b]الرجي جي معنيٰ آهي ”حساسيت“ ان جو مطلب ٿيو ته جيڪو ڪجهه نارمل طور تي هر انسان محسوس ڪري ٿو، جيڪڏهن اتفاقي طور تي ڪو ماڻهو ان نارمل حالت کي گهٽ يا وڌ محسوس ڪري ته پوءِ اسان ان کي ”الرجي“ سڏيون ٿا. مختلف ماڻهن کي مختلف شين، کاڌن، حالتن ۽ موسمن وغيره کان الرجي هوندي آهي. اها صورتحال ڪجهه ماڻهن ۾ گهٽ پيماني تي، ڪن ۾ وڌيڪ شديد به ٿي سگهي ٿي. جيئن چوڻي آهي ته:
ڪنهن کي واڱڻ وائي ته ڪنهن کي بصر بادي، هيءَ ته کڻي پهاڪي طور تي استعمال ٿئي ٿو، پر سائنسي تحقيقات (ريسرچ) به ان ڳالهه کي ثابت ڪيو آهي ته هر ماڻهو منجهه ”حساسيت“ الڳ الڳ هوندي آهي. سو سيڪڙو ڪو به ماڻهو نارمل نه هوندو آهي. هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن شيء کان (گهٽ يا وڌ) متاثر ضرور هوندو آهي. ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ قدرت اسان جي جسم اندر دفاعي نظام اهڙي نموني ترتيب ڏنو آهي جو جيئن ئي ٻاهريون ڪوبه جاندار اندر داخل ٿيندو آهي ته فوري طور تي دِفاعي نظام (نظامِ دِفاع) حرڪت ۾ اچي ويندو آهي.

[b]الرجي ۽ اِنساني جسم جو دفاعي نظام:
[/b]اسان جي ٻاهرِين ۽ اندروني چمڙي (جسم جي اندروني خلا ۽ مختلف عضون جي مٿان به هڪ تهه هوندو آهي جنهن کي اندروني چمڙي (Skin) يعني (Mucosal Membrane) سڏيندا آهيون). اُن جي مٿان موجود اينٽي باڊيز (Antibodies) ۽ رت ۾ موجود ”سفيد جزا“ (White Cells) هن دفاعي نظام (سرشتي) جا اهم رڪن آهن. جيڪي شيون اسان جي جسم کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون، هيءُ نظام انهن جي خلاف مختلف هٿيار گڏ ڪري رکي ٿو. جيڪڏهن اهو ڪو بيڪٽريا (Bacteria) آهي ته ان کي ماري ڇڏڻ جو هٿيار موجود آهي. جيڪڏهن ڪو الرجي پيدا ڪرڻ وارو الرجن (Allergen) آهي ته ان کي سڃاڻي ان جي خلاف الرجي جو ردِ عمل پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. جيڪڏهن ڪوئي ڪيميائي مادو آهي ته ان جي اثر کي زائل ڪرڻ يا گهٽ ڪرڻ لاءِ به هٿيار موجود آهي. ان مان ثابت ٿيو ته ان ريت الرجي اسان جي جسم جي دفاعي نظام جو هڪ حصو آهي. ۽ دراصل هيءَ اسان جي فائدي لاءِ آهي. ليڪن بعض حالات ۾ الرجي جو هيءُ نظام ضرورت کان وڌيڪ متحرڪ ٿي ويندو آهي ۽ معمولي شيء بار بار الرجي جي شديد رد عمل ۽ نتيجي ۾ شديد تڪليف جو باعث بڻبي آهي. يا بعض اوقات الرجي جو هيءُ جزو ايترو ته خطرناڪ هوندو آهي جو ان جي خلاف شديد رد عمل پيدا ٿيندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن جان ليوا ثابت ٿيندو آهي.
انساني جسم ۾ موجود دفاعي نظام جي هيءَ خصوصيت آهي ته جسم ۾ ڪنهن به ذريعي سان داخل ٿيندڙ ”اجنبي“ جزن کي سڃاڻي سگهندو آهي. ڪنهن به ”جزي“ يا شيءِ کي جڏهن اسان جو جسم ”اجنبي“ جي طور تي سڃاڻي وٺندو آهي، ته جيئن ئي اهو جزو جسم ۾ داخل ٿيندو. ”الرجي رد عمل“ جوابي ڪاروائي طور شروع ٿي ويندو آهي. بنيادي طور تي هيءُ اُن ”جزي“ يا عنصر جو اثر ختم ڪرڻ لاءِ هوندو آهي. ليڪن هن عمل دوران خارج ٿيندڙ ڪيميائي ماده انساني جسم تي به پنهنجا اثرات مرتب ڪندا آهن. هن عمل کي اصل ۾ الرجي جو رد عمل يعني (Allergic Reaction) سڏيو وڃي ٿو.

[b]الرجي ڇو ٿئي ٿي؟
[/b]ڪجهه عرصي کان الرجيءَ جو مسئلو وڌيل نظر اچي رهيو آهي. جيتوڻيڪ هن گنڀير مسئلي متعلق يقين سان ڪجهه چئي نٿو سگهجي پر پوءِ به ماهرين جي راءِ مطابق هيٺيون ڪجهه وجوهات ڪافي اهميت جون حامل آهن:
1. گهر ۾ هڪ ڀاتي کي الرجي ٿئي ته پوءِ ٻين گهر جي ڀاتين ۽ ٻارن وغيره ۾ امڪانات وڌي وڃن ٿا، ليڪن ان جو مطلب اهو نه آهي ته الرجي ڪا ”ڇوت“ جي بيماري آهي. ان کان علاوه ننڍپڻ ۾ ئي جيڪڏهن بعض الرجي پيدا ڪرڻ وارن جزن سان واسطو پئجي وڃي ته پوءِ الرجي جا امڪانات وڌي وڃن ٿا. عورتن جي بنسبت، مردن ۾ الرجيءَ جا مسئلا وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ننڍن خاندان ۾ جتي هڪ يا ٻه ٻار آهن، اتي الرجي وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي بنسبت وڏن خاندانن جي، جتي ٻار يا گهر ڀاتي گهڻي تعداد ۾ هوندا آهن.
2. عمر جي ابتدائي حصي ۾ ٻارن جو جنهن ماحول سان واسطو پوي ٿو، ان جو الرجيءَ سان گهرو تعلق ٿئي ٿو. سگريٽ جو دونهون، گهريلون قالين ۽ ٻين شين مٿان مٽي ۽ گرد و غبار، پولن (Pollen)، جانور ۽ الرجي پيدا ڪندڙ کاڌا، ابتدائي سالن ۾ اڳتي هلي الرجيءَ جو باعث بڻجي سگهن ٿا. اهڙا گهر جتي اميري جون علامتون گهڻيون موجود هجن. مثال طور: سردين ۾ هيٽر جي ذريعي سڄي گهر کي گرم رکڻ، ٿوري ٿوري بيماريءَ دوران مهانگيون اينٽي بائيوٽڪس وغيره استعمال ڪرڻ. بازاري کاڌا، خاص طور تي دٻن ۾ بند تيار شده کاڌا استعمال ڪرڻ جو رجحان وغيره وڌيل هجي ته اتي الرجي به وڌيڪ ٿئي ٿي.
3. قدرتي ماحول، وائرس سان پيدا ٿيندڙ انفيڪشن ۽ ڳوٺاڻي آبهوا الرجي کان بچائين ٿا.

[b]ڪهڙا جزا الرجي پيدا ڪري سگهن ٿا؟
[/b]مخصوص جزا، جيڪي عام طور تي لمحياتي، پروٽين (Protein) جو اثر رکن ٿا، جسم جي اندر جڏهن ڪنهن به طريقي سان داخل ٿي وڃن ٿا ته جسم جو اندروني دفاعي نظام انهن جزن کي ”بيروني“ يا ”حمله آور“ سمجهي قبول ڪري ٿو ۽ پوءِ انهن جزن کي ختم ڪرڻ لاءِ رد عمل جي طور تي ڪيميائي مادو خارج ڪري ٿو. ۽ ان عمل کي ”الرجي“ سڏجي ٿو. انهن جزن ۾ کاڌي پيتي جون شيون گلن جو ٻور (Pollen)، گاهه، ڪيميائي شيون، ڪيميائي مرڪبات ۽ پلاسٽڪ وغيره شامل آهن، هي ڪيميائي ماده جتي بيروني ”عنصر“ يا ”الرجن (Allergen) کي نيست ونابود ڪن ٿا اتي انساني جسم تي به اثر انداز ٿين ٿا.
ان مٿين سڀني گڏيل عملن جي مجموعي کي ”الرجي“ سڏجي ٿو ۽ هر دفعي هيءُ عمل ٻيهر ورجائڻ تي ان جي شدت ۾ اضافو ٿي وڃي ٿو. مثال طور: گلن جي ٻور يعني Pollen گلن جي اندرين حصن ۾ پرورش حاصل ڪري، پوءِ هوا ۾ شامل ٿي ويندو آهي ۽ اهڙي ريت هڪ کان ٻي جڳهه پهچي ويندو آهي. اهڙيءَ هوا ۾ جنهن ۾ اُهي Pollen شامل هجن، ساهه کڻڻ سان، ساهه جي ناليءَ وسيلي جسم اندر داخل ٿي ويندا آهن. ساهه جي نلڪي ۽ ڦڦڙن جي اندرين جهلي (Layers) ۾ موجود دفاعي نظام جا خليه (Cells) اُن ”ٻور“ تي موجود الرجِن (Allergen) کي اُڳري (Engulf) ڪري ڪيميائي عمل شروع ڪندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ اُهي ڪيميائي ماده خارج ٿيندا آهن. جن کي سوزش پيدا ڪرڻ وارا ڪيميائي جزا يا (Inflammatory Mediators) چئجي ٿو. انهن ڪيميائي مادن سان اُهي ”الرجن“ ته خير ختم ٿي وڃن ٿا. پر ساهه جي نليءَ جي اردگرد ۾ ڪيميائي مادن جو رد عمل به ظاهر ٿئي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ هيءَ سڪڙجي وڃي ٿي ۽ اهڙيءَ طرح ساهه کڻڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو. ساهه جي ناليءَ جي سڪڙجڻ جو رد عمل ۽ ساهه کڻڻ جي مشڪل عمل کي دم (Asthma) يا ”سهڪي“ سڏجي ٿو.
جڏهن الرجي پيدا ڪرڻ وارو ڪوئي جزو براه راست سنئون سڌو خون ۾ داخل ٿي ويندو آهي ته ان جي خلاف رد عمل طور پيدا ٿيندڙ مادو به خون (Blood) ۾ پيدا ٿيندو آهي ۽ اهڙي ريت الرجي جو رد عمل تمام گهڻو شديد هوندو آهي. ڇو ته اُهو سڄي جسم ۾ ٿيندو آهي. انجيڪشن جي ذريعي داخل ٿيندڙ دوائن جي الرجيءَ وارو شديد رد عمل هڪ مثال آهي ۽ اهڙي شديد رد عمل کان بچڻ لاءِ. گهٽ کان گهٽ انجيڪشن تجويز ڪيا ويندا آهن. ۽ خاص ضرورت وقت پهريان ٽيسٽ ڊوز لڳائي. پوءِ سئي لڳائڻ جو مشورو ڏنو ويندو آهي. گهڻن ماڻهن کي ڪنهن شيءَ مان ”چمڙي“ (Skin) جي الرجي (Allergy) ٿي ويندي آهي. الرجي پيدا ڪندڙ مادو مثلاً (مِٽيءَ جا ذرا، جانورن جون کلون، بعض ڪيميائي ماده وغيره) جڏهن اهڙن ماڻهن جي چمڙيءَ تي ڪرندا آهن ته چمڙيءَ ۾ موجود دفاعي نظام جا خليه (Cells) انهن کي پنهنجي اندر جذب (Engulf) ڪري وٺندا آهن. انهن تي ان (Cells) مان اهڙا ماده (Antibodies) خارج ٿيندا آهن جو ان مادي جي خلاف ته ڪم ڪندا ئي آهن، پر انساني چمڙيءَ تي به اثر انداز ٿي پوندا آهن ۽ مختلف نشان ۽ خارش وغيره نمودار ٿي پون ٿا.
پهريون قسم: هيءُ رد عمل عام طور تي انتهائي سرعت سان وقوع پذير ٿيندو آهي. ان قسم جو رد عمل پيدا ڪندڙ (Antigen) اينٽيجن جڏهن پهريون دفعو جسم ۾ داخل ٿيندو آهي ته دفاعي خليه (Defense Cells) انهن کي دشمن سمجهي ٿوري مقدار ۾ اينٽي باڊيز Antibodies يا (Immunoglobulin) پيدا ڪري انهن کي محفوظ ڪري ڇڏيندا آهن. جڏهن ٻيو دفعو ساڳيا جزا اينٽجن (Antigen) جسم ۾ داخل ٿيندا آهن ته انهن جزن جي خلاف اينٽي باڊيز Antibodies گهڻي مقدار ۾ پيدا ٿينديون آهن، جيڪي الرجي جي شديد رد عمل جو باعث بڻجن ٿيون. الرجي ان جي رد عمل ۾ خارج ٿيندڙ اينٽي باڊيز آءِ.جي. اي Antibodies I.G.E سڏبيون آهن. عام قسم جي الرجي مثال طور الرجي مان پيدا ٿيندڙ دم (سهڪو) يا ايگزيما (Eczema) وغيره جي تشخيص يا سڃاڻپ لاءِ بعض اوقات ڊاڪٽر خون ۾ (I.G.E) جي مقدار جو Test ڪرائيندا آهن.
ٻيو قسم: هن قسم جي الرجيءَ پيدا ڪندڙ خالي (Cells) جي جهلي (Membrane) تي مٿان موجود اينٽجن (Antigen) جي خلاف اينٽي باڊيز پيدا ٿينديون آهن. رت جي هڪ گروپ جو ٻي رت جي گروپ خلاف ري ايڪشن (Reaction)، پيٽ جي ڪيڙن جي خلاف الرجي ري ايڪشن وغيره ان قسم جا ڪجهه مثال آهن. اهڙي قسم جي رد عمل ۾ I.G.E اينٽي باڊيز ٺهنديون آهن.
ٽيون قسم: هن ۾ اينٽي جن ۽ اينٽي باڊيز جو هڪ مرڪب بڻجي ويندو آهي. جنهن جي ڪري جسم جي عضون ۾ سوزش جو عمل شروع ٿي ويندو آهي.

چوٿون قسم: هن رد عمل ۾ اينٽي باڊيز جي بجاءِ دفاعي خلين جو هڪ خاص قسم (T-Cells) ملوث هوندا آهن. هن قسم جا رد عمل عام طور تي دير سان ظاهر ٿيندا آهن ۽ انهن جا اثرات به ڪافي عرصي تائين رهندا آهن، ٽي.بي (T.B) جي سڃاڻپ لاءِ ٿيندڙ ٽيسٽ، جنهن کي Mantouxs Test سڏجي ٿو. ٽي بي جي جراثيم جو ڪجهه مقدار سُئي ذريعي جسم ۾ داخل ڪيو ويندو آهي ۽ ان جو رد عمل هڪ خاص طريقي سان ڳاڙهي دائري جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي.

[b]الرجي جي سڃاڻپ (تشخيص)
[/b]الرجي جي سڃاڻپ تمام آسان به آهي ۽ تمام گهڻي مشڪل به آهي. اهڙا ماڻهو جن کي تمام واضع نموني ۾ الرجيءَ جو رد عمل شروع ٿيندو آهي انهن ۾ سڃاڻپ ته آسان آهي ليڪن ڪيترا اهڙا به ماڻهو آهن جن ۾ الرجي واضع نه هوندي آهي. مثال طور پولن (Pollen) ٻُور جي موسم ۾ الرجي واري کي گهَرَ کان ٻاهر نڪرڻ بعد ڇڪن جو اچڻ، نزلو، اکين جو ڳاڙهو ٿيڻ ۽ نڪ ڳاڙهو ٿيڻ ۽ بعض دفعا سهڪي (دم) جون علامتون ظاهر ٿيڻ شروع ٿي وينديون آهن، ته پوءِ اهڙي انسان جي سڃاڻپ ڪرڻ آسان ٿي پوندي آهي. ليڪن اهڙا ماڻهو جن کي هر مرتبي گهر کان ٻاهر نڪرڻ بعد ٻاهر موجود گردوغبار ۽ دونهين ۾ کنگهه وغيره شروع ٿي وڃي ته انهن لاءِ اهو يقين سان چوڻ ته انهن کي گردوغبار سان ”الرجي“ آهي يا ائين گردوغبار سان چڀن (Irritiation) آهي، سو ڏاڍو مشڪل آهي. بهرحال الرجي جي سڃاڻپ جي لاءِ مريضن جي هسٽري (History)، جسماني معائنو ۽ ضرورت تحت ليباريٽري ٽيسٽ وغيره سڀ پنهنجي جاءِ تي اهميت جا حامل آهن. ڪنهن خاص شيءِ مان ظاهر ٿيندڙ مخصوص علامتون، مثال طور گهر ۾ ٻهاري ۽ صفائيءَ دوران ڇڪن جو اچڻ، بهار جي موسم ۾ گهر کان ٻاهر نڪرڻ مهل نزلي زڪام جو ٿيڻ، مٽيءَ ۾ ڪم ڪرڻ دوران جهڙوڪ گاهه ڪَٽڻ جي ڪري هٿن جي چمڙيءَ تي خارش جو شروع ٿيڻ. ڪنهن شيءِ کائڻ سان هميشه هڪ جهڙيون ساڳيون علامتون ظاهر ٿيڻ وغيره الرجي جو ڏس پتو ڏين ٿيون.
الرجيءَ جون ڪيتريون ئي ڪيفيتون خاندان ۾ موروثي به هونديون آهن ۽ مريض ان متعلق يقين سان ٻڌائي سگهي ٿو. مريض جي هسٽري (History) کان پوءِ جسماني معائني جو وارو ايندو آهي. اهڙي معائني دوران جسم جي جنهن عضوي ۾ ڪنهن الرجي جو انديشو هوندو آهي، ان جو خاص طور تي معائنو ڪيو ويندو آهي. مثال طور ساهه جي تڪليف دوران ساهه کڻڻ ۽ ڇڏڻ وقت مخصوص آواز. دائمي نزلي ۾ وات ذريعي ساهه کڻڻ ۽ اکين جي هيٺان ڪاراڻ مائل چمڙي، پراڻي دائمي نزلي ۾ مبتلا ٻارن جي نڪ جي رڳڙ جا نشان (Allergic Salute) وغيره. الرجي معلوم ڪرڻ لاءِ اگرچه بعض اوقات رت جا به ٽيسٽ ڪرايا وڃن ٿا. ليڪن رت جا عام ٽيسٽ مثلاً ٽوٽل ليوڪوسائيٽ ڪائوننٽ TLC (Total leukocyto count) ۽DLCڊفرينسٽيل ليوڪر سائيٽ (Differentail leukocyte count) وغيره ايترا خاص فائديمند ثابت نه ٿا ٿين، مخصوص اينٽي باڊيز اميونو گلوبيولن يا (lg) Immunoglobulin الرجي جا بعض جزا انجيڪيشن وسيلي خون ۾ شامل ڪري ان خلاف مخصوص اينٽي باڊيز جي مقدار کي خون ۾ ماپي، الرجي ٽيسٽ ڪري سگهجي ٿو. ساهه ۽ انجيڪشن ذريعي جسم جي اندر وڃڻ وارن الرجن (Allergen) کي چمڙي جي مٿان ٽيسٽ ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته کاڌي جي ذريعي داخل ٿيندڙ الرجن کي چمڙيءَ جي مٿان ٽيسٽ ڪرڻ ممڪن ڪونهي.

[b]الرجن کا ن پيدا ٿيندڙ عام بيماريون:
[/b]هونئن ته الرجي جو عمل انساني جسم جي فائدي لاءِ آهي، ليڪن بعض اوقات تمام عام شين کان الرجيءَ جو شديد رد عمل پيدا ٿيندو ۽ بار بار ٿيندو رهندو آهي. اهڙين حالتن کي الرجيءَ کان ٿيندڙ ”بيماريون“ سڏجي ٿو.
دم سهڪو (Asthma): الرجي پيدا ڪندڙ جڏهن ساهه وسيلي ڦڦڙن ۾ داخل ٿيندا آهن ته ساهه جي ناليءَ ۽ ڦڦڙن جي اندروني جهلي (Membrane) تي ويهي رهندا آهن. هِتان اُهي رت جي دفاعي خلين (Defense Cells) ۾ شامل ٿي، I.G.E اينٽي باڊيز جي اخراج جو سبب بڻجندا آهن. الرجي جي انهن عنصرن (الرجن) ۽ اينٽي باڊيز جو امتزاج رت جي دفاعي خلين مان الرجي جي ڪيميائي مادن هسٽامين (Histamine)، ليوڪوٽرائين (Leukotriene) ۽ انٽرليوڪين (InterLeukin) وغيره جي اِخراج جو باعث بڻجن ٿا. ان ڪيميائي مادي جي ڪري ڦڦڙن ۾ موجود سڀني رڳن (Veins) ۾ رت جي گردش وڌي ٿي ۽ رطوبتون به اضافي طور ٺهڻ لڳن ٿيون ۽ نتيجي طور ڦڦڙن ۾ مائع مادو يعني پاڻياٺ جو مقدار وڌي وڃي ٿو. جڏهن ڦڦڙن ۾ پاڻياٺ ڀرجي وڃي ٿي ته اسان جون مشڪون (Muscles) ان پاڻياٺ کي ٻاهر ڪڍي نٿيون سگهن. اهڙي طرح ڦڦڙن جي ڦوڪجڻ ۽ سڪڙجڻ جو عمل مشڪل ٿي پوي ٿو. يعني ان ڪري اسان ساهه چڱيءَ ريت کڻي نٿا سگهون ۽ پوءِ ان سبب ڪري ساهه منجهڻ شروع ٿيندو آهي ۽ پوءِ جڏهن آهستي آهستي ساهه جي ناليءَ ۾ سوزش وڌندي آهي ۽ ان جو سوراخ به تنگ ٿي ويندو آهي. ان کان علاوه الرجيءَ جا ماده ساهه جي ناليءَ ۾ موجوده ذرن جي سڪڙجڻ جو به سبب بڻيا آهن. جنهن ڪري ساهه جي نالي سوڙهي ٿي ويندي آهي ۽ ساهه کڻڻ ۾ دشواري ٿي پوندي آهي ان کي ”دم“ ”سهڪو“ سڏجي ٿو.

[b]چمڙيءَ جون بيماريون (Skin Diseases)
[/b]ايگزيما (Eczema):
اِيگزيما جو لفظي مطلب آهي (ٻاهر اُڀري پوڻ) هن ۾ چمڙيءَ جو ٻاهريون حصو ڳاڙهو ۽ گرم ٿي ويندو آهي. ابتدا ۾ سوڄ ۽ پوءِ زخم مان پاڻي نڪرڻ شروع ٿي ويندو آهي. ان کان پوءِ مٿيون حصو ڇلڪي جي صورت اختيار ڪري وٺندو آهي ۽ بعد ۾ اُن ۾ ڀڃ ڊاهه شروع ٿي ويندي آهي ۽ آهستي آهستي کلون لهڻ شروع ٿي وينديون آهن.
1. اندروني سببن جي ڪري: هن قسم جي ايگزيما جا شڪار ٿيل ماڻهو گهڻي ڀاڱي موروثي طور تي عام زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ گهڻين شين کان الرجڪ هوندا آهن. مثال طور ان قسم جا ماڻهو بيضو کائن يا کير پيئن ته سندن چمڙيءَ ڦاٽي پوندي آهي ۽ جيڪڏهن اهو شيون نه واپرائين ته واپس نارمل ٿي ويندا آهن. اهڙا ماڻهو طبيعت ۾ اِهڙي صلاحيت جا مالڪ هوندا آهن. يعني انهن جي ان قسم جي بيماريءَ ۾ موروثي سببن جو عمل دخل هوندو آهي. جيڪڏهن ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي ۾ اها تڪليف موجود هجي ته اهڙن ماڻهن جي ٻارن ۾ %60 سيڪڙو (في صد) چانسز موجود هوندا آهن. اهڙن ٻارن ۾ جيئن ته چانسز گهڻا هوندا آهن. پوءِ عام نوعيت جا عنصر، مثال طور گرمي، نميءَ واري آبهوا (Humidity) چمڙيءَ، جو خشڪ ٿي وڃڻ. اوني گرم ڪپڙن کي هٿ لائڻ وغيره به باعث تڪليف بڻجي ويندو آهي.
ايگزيما جڏهن ننڍڙن ٻارن ۾ ٿيندو آهي ته عام طور تي ابتدائي چند مهينن دوران ئي خبر پئجي ويندي آهي. سڀ کان پهريان مُنهَن جي چمڙي خشڪ ٿيندي آهي ۽ ٻار بيچيني سان پنهنجو منهن وِهاڻي تي رڳڙيندو آهي. آهستي آهستي هيءَ ڪيفيت هڏن جي اندروني حصن ۾ موجود چمڙيءَ جي به ٿي ويندي آهي. وڏن ۾ هيءَ تڪليف ڪنڌ ٺونٺ، ٻانهن، گوڏن جي اندر موجود چمڙيءَ تي ٿيندي آهي. خارش تمام گهڻي ٿيندي آهي ۽ عام طور تي زخم مان پاڻي به نڪرندو رهندو آهي.
2. بيروني سببن جي ڪري ايگزيما: عام طور تي ڪنهن شيءِ کي مستقل طور تي ڇهندو رهڻ سان الرجي پيدا ٿيڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي. چمڙي خشڪ ٿي ڪري پنهنجي چِڪني خاصيت وڃائي ويهندي آهي. جنهن جي ڪري چمڙيءَ ۾ وٿيون پونديون آهن ۽ ڦاٽي پوندي آهي. اهو گهڻو ڪري مختلف ڪيميائي مرڪب استعمال ڪرڻ سان ٿيندو آهي. مثال طور: هٿن ڌوئڻ جون شيون ڊٽرجنٽ صابڻ، پلاسٽڪ، چمڙيءَ وغيره مان اهڙي قسم جي ايگزيما پيدا ٿيندي آهي.

[b]پِت يا ڇپاڪو Hives:
[/b]پت نڪرڻ يا ڇپاڪو نڪرڻ، چمڙيءَ جي هڪ عام بيماري آهي. 20% سيڪڙو (في صد) ماڻهو زندگيءَ ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن هن تڪليف جي ور ضرور چڙهن ٿا. هيءُ تڪليف ڪنهن شيءَ جي اُڳري وڃڻ، چَمڙيءَ سان ڇُهي وڃڻ، ساهه رستي اندر وڃڻ، اِنجيڪشن ذريعي جسم ۾ داخل ٿيڻ يا اِنفيڪيشن پيدا ڪندڙ ڪنهن جِيت يا جراثيم جو جسم اندر داخل ٿيڻ ڪري رونما ٿيندي آهي. ڇپاڪو (ڇاپاڪو) هڪ يا هڪ کان وڌيڪ اُڀريل نِشانن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. بعض دفعا ان ۾ خارش نه هوندي آهي. ليڪن اڪثر ڪري خارش تمام گهڻي هوندي آهي. (Hives) يا ڇپاڪو عام طور تي چند ڪلاڪن کان وٺي چند ڏينهن تائين رهندو آهي. هيءَ تڪليف خود بخود به ٺيڪ ٿي ويندي آهي، ڪجهه دوائون به هن تڪليف کي گهٽائڻ لاءِ موجود آهن- اينٽي هسٽامين دوائون ڪافي مؤثر ثابت ٿينديون آهن. بعض اوقات (Epinephrine) شديد الرجي ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ دوا جنهن کي زندگي بچائڻ واري دوا (Life Saving Drug) به چئي سگهجي ٿو، جي به ضرورت پوندي آهي. جيڪڏهن هيءَ تڪليف ٻن هفتن کان وڌيڪ عرصو قائم رهي ته پوءِ ان کي پراڻو ڇپاڪو يا (Chronic Hives) سڏبو آهي. ان جو علاج به اينٽي هِسٽامين سان ئي ڪري سگهبو آهي.
دائمي نزلو: دائمي نزلو سڀ کان وڌيڪ وقوع پذير الرجي آهي. ان کي (هَئي فيور) Hay-Fever به سڏبو آهي. اگرچه هيءُ قسم هر عمر واري ماڻهو ۾ ڏٺو ويو آهي پر خاص طوري تي 10 سالن جي عمر وارن ۾ گهڻي ڀاڱي موجود ڏٺو ويو آهي. ساهه سان گڏ پولن (ٻور) گاهه پٺو، بعض ٻيا جزا، گردو غبار، مٽيءَ جا ذرڙا، جانورن جي کلن ۽ پکين جي پَرنَ مان ڪِندڙ الرجي جا جزا نَڪَ ۾ هليا ويندا آهن. هتان اهي نَڪَ جي ناليءَ مان جذب ٿي الرجي جي لاءِ موزون طبيعت رکندڙ ماڻهن ۾ مخصوص رد عمل شروع ڪرڻ جو باعث بڻجندا آهن. نڪ ۾ خارش، ڇِڪُون، ۽ نَڪَ مان پاڻي وهڻ، هن بيماريءَ جون عام علامتون (نشانيون) آهن. ڪجهه ماڻهن ۾ مٿين شڪايتن سان گڏوگڏ اکين ۽ تاروءَ ۾ خارش ۽ ڪجهه ماڻهن ۾ ته وري ڪنن ۾ به خارش ٿي پوندي آهي. هن قسم جي نزلي جو شڪار ٿيندڙ 20% سيڪڙو (في صد) ماڻهن کي دم (سهڪي) جي به تڪليف ٿي ويندي آهي. اهڙي قسم جي الرجي واري مريض کي الرجي پيدا ڪندڙ جزن کان حتي الامڪان، ڪوشش ڪري پاڻ بچائڻ گهرجي. الرجي کي گهٽائڻ واريون دوائون (اينٽي هسٽامين) ۽ نڪ ۾ رت جي گردش کي گهٽائڻ وارا اِسپري استعمال ڪرڻ گهرجن.

[b]اکين جي الرجي:
[/b]اکين ۾ خارش، ڳاڙهاڻ، سڙڻ ۽ پاڻيءَ جو اچڻ، اکين جي الرجي جون نشانيون آهن، اکين جي الرجي لکن ماڻهن جو مسئلو آهي ليڪن ان تي پوري توجهه نه ٿي ڏني وڃي. اڪثر اوقات نڪ مان پاڻي وهڻ، ڇِڪُون اچڻ، نڪ بند ٿيڻ به علامتن ۾ شامل هجي ٿو ۽ هروڀرو گهڻا ماڻهو صرف نزلي جوئي علاج ڪندا رهندا آهن.گهَرَ ۾ ۽ گهَرَ کان ٻاهر ٻنهي جڳهن تي اکين جي الرجي پيدا ڪندڙ جزا موجود هوندا آهن. انهن ۾ گاهه ۽ وڻن مان نڪرندڙ جزا، جانورن جي کلن ۽ قالين جو گرد و غبار وغيره شامل آهي. توڙي جو سگريٽ ۽ پيٽرول جو دونهون، خوشبو (Perfumes) ۽ ٻيا ڪيميڪلز (Chemicals) به اکين جي ڳاڙهاڻ وڌائڻ جو باعث بڻجي سگهن ٿا. اکين جي الرجي جو اکين جي نظر تي خراب اثر نٿو پوي. علاج جي پهرئين مرحلي ۾ سڀ کان پهريان الرجيءَ جي جزن کان بچڻ گهرجي. ٻاهر نڪرڻ مهل اُس وارو چشمو پائڻ گهرجي. اکين جي خشڪيءَ ۽ خارش کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ساڳيا الرجي جي ڪيفيت کي گهٽائڻ وارا اينٽي هسٽامين (Anti Histamine Drops)ڊراپس (ڦڙا) استعمال ڪرڻ گهرجن. ان کان علاوه باقي دوائون يا ڦڙا، ماهر ڊاڪٽر جي مشوري کان پوءِ استعمال ڪرڻ گهرجن.

[b]جيت جڻن جي چڪ پائڻ سان پيدا ٿيندڙ الرجي:
[/b]هن ۾ مڇر، مُنگهڻ، جوئان، ڏينڀو، ماکيءَ جي مک ۽ مختلف قسمن جون ننڍيون وڏيون ڪوليون (Ant) وغيره کان وٺي وِڇون (Scorpion) ۽ نانگ (Snake) جهڙا خطرناڪ جانور شامل آهن. ڪِيڙن ماڪوڙن جي چڪ پائڻ سان عام طور تي ٽن قسمن جا (ردِ عمل) ري ايڪشن (Reaction) ٿيندا آهن.
1. پهريون قسم: هن قسم جي رد عمل ۾ نتيجي طور هلڪو سور، سوڄ، ڳاڙهاڻ، ۽ خارش وغيره چڪ واري جاءِ تي نظر ايندي آهي.
2. ٻيون قسم: هن قسم ۾ جيڪڏهن ڪو ڪيڙو ماڪوڙو، بار بار چڪ هڻي، ته ان جاءِ تي رد عمل طور چمڙي جو حصو مجموعي طرح اُڀري نظر ايندو آهي. جيڪڏهن خدانخواسته ڏينڀوءَ جا پنج سو (500) ڏنگ لڳي وڃن ته (فورن) هڪدم انسان موت جي منهن ۾ هليو ويندو. هڪ وقت ۾ يڪ ساهيءَ سان ڏهه دفعا چڪ لڳڻ سان شديد رد عمل ٿي سگهي ٿو. جنهن جي نتيجي طور مٿي ۾ سور، بخار، غُنودگي ۽ جسم ۾ سُور ۽ ڇِڪ جهڙيون علامتون شامل آهن.
3. ٽيون قسم: هن ۾ جيت جي چڪ يا ڏنگ لڳڻ جي صورت ۾ رد عمل طور الرجيءَ جي مقامي (Local) يا عمومي علامتون ڏسڻ ۾ اينديون آهن، آهي هلڪيون ۽ معمولي به ٿي سگهن ٿيون ۽ شديد به ٿي سگهن ٿيون. ان ۾ هلڪو ورم به ٿي سگهي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن خطرناڪ حد تائين ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ۽ کاڌي کائڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪرڻ سان گڏوگڏ آواز ڳورو ٿي وڃڻ ۽ ڳالهائڻ وقت ڪمزوري غنودگي ۽ بي هوشي ۽ واري ڪيفيت پيدا ٿي سگهي ٿي.

[b]الرجي ڪري شديد (رد عمل) صدمو
[/b]الرجي جو باعث بڻجندڙ جزا جيڪڏهن ساهه واري ناليءَ ۾ وڃن ته پوءِ ان ناليءَ جي سطع بغير (مٿاڇريءَ) تي موجود دفاعي خليه (Defense Cells) جزن کي اُڳري (Engulf) وٺن ٿا ۽ الرجي جو سلسلو شروع ٿي وڃڻ جو باعث بڻجڻ ٿا. جيڪڏهن اهو ئي عمل رت جو اندر اينٽي باڊيز (Anti Bodies (IGE)) جي خارج ٿيڻ ۽ هڪ عمومي رد عمل (Anaphlactie Shock) جو سبب بڻجن ته پوءِ دَمَ (Asthma) کان به وڌيڪ شديد ٿي سگهي ٿو. ڇو ته اهڙيءَ صورتحال ۾ ڪيميائي ماده رت ۾ شامل ٿي سڄي جسم ۽ گردش ڪن ٿا ۽ اهڙي طرح سڄي جسم ۾ دُوران خون وڌي وڃي ٿو. جسم جي ڪجهه عضون ۾ رت جو مقدار وڌي وڃڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته يقيناً جسم جي باقي ڪجهه حصن ۾ رت جو مقدار گهٽجي ويو هوندو ڇو ته سڄي جسم ۾ رت جو مقدار هڪ وقت ۾ هڪ جهڙو هوندو آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته جڏهن رَتُ، رت جي وهڪري واري سرشتي مان نڪري عضون ۾ هلي وڃي ٿي ته رت جو دٻاءُ (Blood Pressure) به گهٽجي ويندو دماغ کي پوري مقدار ۾ آڪسيجن جي فراهمي نه ٿيندي ۽ دل کي ڪجهه وقت تائين اڪيلي سر پنهنجو ڪم ڪرڻو پوندو. ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجي ويندو ساهه واري نالي سوڙهي ٿي ويندي. ساهه جو عمل دهرائڻ وارا عضوا به سڪڙجي ويندا. اهڙي سموري رد عمل (صورتحال) کي شديد صدمو يعني Anaphlactie Shock سڏيو ويندو آهي. هن حالت ۾ جيڪڏهن مريضن کي فوراً طبي امداد مهيا نه ڪئي ويندي ته خدا نخواسته موت واقع به ٿي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو جيڪڏهن ڪنهن به انسان کي ڏينڀو کان شديد الرجي آهي ته پوءِ اها ننڍڙي معمولي صورتحال به جان ليوا ثابت ٿي سگهي ٿي. ڇو ته ڏينڀو جي ڏنگڻ سان زهر فورن رت ۾ شامل ٿي. سڄي جسم ۾ گردش ڪرڻ لڳندو آهي. ان جي بر خلاف الرجي جو رد عمل به سڄي جسم ۾ ٿيندو ۽ چند منٽن جي اندر اهڙو شخص خطري ۾ مبتلا ٿي ويندو. اهو ئي سبب آهي ته جڏهن ڪنهن کي انجيڪشن لگائبي آهي ته مريض کان پڇيو ويندو آهي ته توهان کي ڪنهن شيءِ کان الرجي ته نه آهي؟

[b]خوراڪ منجهان الرجي
[/b] خوراڪ منجهان الرجي جو پيدا ٿيڻ، عام طور تي صرف هڪ شڪ ثابت ٿيندو آهي، ڇو ته حقيقت ۾ ائين نه آهي. هڪ عالمي خبر رسان ايجنسي جي طرفان ”صحت انساني“ تي ڪم ڪرڻ واري شعبي جي مارچ 2002ع جي هڪ رپورٽ مطابق دنيا ۾ تقريباً (33%) ٽيٽيهه (سيڪڙو) فيصد ماڻهو ان خيال ۾ مبتلا هوندا آهن ته انهن کي خوراڪ جي ڪنهن خاص جزي کان الرجي آهي، جڏهن ته صرف (2%) سيڪڙو ماڻهن جو خيال درست آهي.

[b]خوراڪ جي ذريعي الرجي ۽ خوراڪ هضم نه ٿيڻ
[/b]هي ٻه مختلف ڳالهيون آهن. مثلاً سائي پن واريون بعض ڀاڄيون ڪجهه ماڻهن کي هضم ڪرڻ وارو اينزائيم (Enzyme)، انهن ماڻهن ۾ يا ته بلڪل موجود نه هوندو آهي يا وري گهٽ هوندو آهي اهو ئي سبب آهي جو اهڙا ماڻهو جڏهن به سبزي يعني (سائي ڀاڄي) کائيندا آهن ته انهن کي دست شروع ٿي ويندا آهن. اهڙي طرح بعض ٻارن ۾ موجود هڪ خاص قسم جي اينزائيم (Lactase) جي ڪمي ٿي ويندي آهي ۽ اهڙي صورتحال جي دوران اهڙا ٻار جنهن وقت به کير پيئندا آهن ته انهن کي دستن وارا پائخانه شروع ٿي ويندا آهن. انهن ٻنهي ڪيفيتن کي الرجي نه سڏبو بلڪه خوراڪ جو موزون نه لڳڻ يا موافق نه اچڻ يعني (Food Intolerance) سڏبو آهي. خوراڪ جي الرجي ڪنهن کاڌي مان الرجي جي ردِ عمل جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي ۽ بعض اوقات سڄي جسم ۾ تمام شديد به ٿي سگهي ٿي. في الوقت خوراڪ مان الرجي جي تشخيص جي لاءِ تمام گهڻيون سهولتون موجود نه آهن. اهڙي خوراڪ جنهن مان الرجيءَ جو شڪ يا شبهو هجي اُڳرڻ وقت ئي فورن اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

[b]ٻارن ۽ وڏن ۾ الرجي جو فرق
[/b]الرجي ٿيڻ لاءِ ڪا خاص عمر مقرر نه آهي. هي ننڍڙي کير پياڪ ٻار ۾ به ٿي سگهي ٿي. نڪ (Nose) مسلسل وهڻ، ڪنن (Ear) ۾ انفيڪشن پيٽ جو خرابيون، اضطرابي رويو، چڙ چڙاپڻ. گهڻو ڊُڪڻ، يا بلڪل سُست رهڻ، ۽ اهڙيءَ طرح جون ٻيون ڪيتريون ئي علامتون ٻارن ۾ ڪنهن شيءِ کان الرجيءَ جي بنياد تي پيدا ٿي سگهن ٿيون. وڏن جي مقابلي ۾ ٻارن جي الرجيءَ درميان فرق هيءُ آهي جو وڏا ٻڌائيندا آهن ته ”منهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي.“ يا ”مان صحيح نه پيو محسوس ڪيان.“ جڏهن ته ننڍڙا ٻارڙا اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي نه ٿا سگهن. ان ڪري جيڪڏهن ننڍڙا ٻارڙا مسلسل روئين يا انهن جي جسماني عادتن ۾ ڪا ئي تبديلي محسوس ٿئي يا ڪنهن بيماري مثلاً اُلٽي، گهڻا پائخانه نزلو ۽ زڪام هر هر يعني جلدي جلدي حمله آور ٿين ته ان ڳالهه تي به غور ضرور ڪيو وڃي ته اِهو سڀ ڪجهه ڪنهن شيءِ کان الرجي جو نتيجو ته ڪونهي؟ ماءُ جو کير ننڍڙن ٻارڙن لاءِ بهترين غذا آهي. اهو ننڍڙي عمر ۾ مختلف انفيڪشن کان بچائي ٿو ته وڏي عمر ۾ وري الرجيءَ کان روڪي ٿو.

[b]ماءُ جو کير الرجيءَ کان ڍال
[/b]ماءُ جو کير جتي تمام گهڻين بيمارين کان ٻارن کي بچائي ٿو. اُتي ساڳي ئي وقت مختلف قسمن جي الرجيءَ کان به محفوظ رکي ٿو. مختلف تحقيقن مان پتو پيو آهي ته عمر جي پهرئين سال ۾ ماءُ جي کير کان علاوه باقي جيڪي ٻيون غذائون ٻار جي غذا ۾ شامل ڪيون وڃن ٿيون انهن مان الرجي جا امڪانات اهڙن ٻارن ۾ وڌيڪ موجود هجن ٿا.
گراسڪيءَ نالي سائنسدان 1982ع ۾ ماءُ ۽ بوتل جي کير متعلق مسلسل 15 سالن تائين تحقيق ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته اُهي ٻار جيڪي صرف ماءُ جو کير پيئن ٿا اُنهن ۾ سَنِ بلوغت تائين پهچڻ دوران (ٻين ٻارن جي بنسبت جيڪي بوتل وارو کير به واپرائي رهيا هيا) الرجيءَ جو مسئلو تمام گهٽ نظر آيو. 1994ع ۾ ڇپجندڙ لارنس جي تحقيقي ڪتاب مطابق اُهي ٻار جيڪي بوتل جو کير واپرائين ٿا. انهن ۾ الرجيءَ جا امڪان ستوڻا دفعا وڌيڪ ٿين ٿا، بنسبت انهن جي جيڪي صرف ماءُ جو کير واپرائي وڏا ٿيا هجن ۽ سنِ بلوغت تائين پهچي ويا هجن. سڄي دنيا ۾ 20 سالن جي عمر تائين پهچندڙ هر پنجون ٻار ڪنهن نه ڪنهن الرجيءَ ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. هڪ اندازي مطابق گذريل ويهن سالن جي دوران ٻارن ۾ الرجيءَ جي شرح ڏهوڻي ڀيرا وڌي وئي آهي. ۽ ان جو بنيادي ڪارڻ ماءُ جي کير جي جڳهه تي ڳئون ۽ دٻي جي کير جو وڌيل استعمال آهي.

[b]الرجيءَ کان ڪيئن بچجي
[/b]اسان الرجيءَ کان ڪهڙي طريقي سان بچي سگهون ٿا. يا وري جيڪڏهن الرجي ٿي پوي ته پوءِ ڪهڙي نموني ان تي قابض يعني ڪيئن بچاءِ ڪجي؟ اهو هڪ اهم سوال آهي. آسان ترين طريقو هيءُ آهي ته اهڙيون شيون، جن مان اسان کي الرجي ٿي پوي، تن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. حالانڪه بعض اوقات هيءُ هڪ ڏکيو مرحلو ٿي پوندو آهي. پولن کان الرجڪ ماڻهو بهار جي مند ۾ گهٽ کان گهٽ ٻاهر نڪرن، يا وري نڪرن ته منهن تي ڪو ڪپڙو يعني رومال وغيره يا ڪو ماسڪ ڍڪي پوءِ نڪرن ۽ پنهنجي بچاءُ جو جوڳو بندوبست ڪن ۽ اهڙي نموني پولن الرجيءَ کان بچي سگهن ٿا. توڙي جو اهو هڪ مشڪل ڪم آهي، پر اُن تڪليف جي مقابلي ۾ ڪنهن حد تائين تمام گهٽ آهي، جيڪا پولن الرجيءَ جي ڪري ٿئي ٿي. قالين جي مٽي جي الرجي هڪ عام شڪايت آهي ۽ ان جو آسان حل اهو آهي ته گهرن يا ٻين عام جڳهن تي قالين نه وڇائجن. مٽيءَ مان الرجي پڪڙيندڙ ماڻهو گهَرَ کان ٻاهر نڪرڻ مهل لازمي طور تي مُنهن ڍڪي رکن ته بهتر نتيجو ملندو. خاص طور تي گهر ۾ ٻهاري ڏيڻ ۽ ڇنڊ ڦوڪ دوران مُنهن تي ڪپڙو ضرور رکڻ گهرجي. ٽريفڪ جو گرد و غبار ۽ پيٽرول جو دونهون به الرجي جو باعث بڻجي ٿو. ٻاهر نڪرڻ وقت انهن ڳالهين کان به بچاءُ جو جوڳو بندوبست ڪرڻ گهرجي. حالانڪه اهو معاشري ۽ حڪومت جو فرض آهي ته ماحول کي صاف سٿرو رکي ۽ اهڙا جوڳا بندوبست بهم پهچائي، جنهن سان انساني صحت ۽ ماحول گهٽ متاثر ٿئي.

[b]الرجيءَ جا مريض ڇا ڪن؟
[/b]سڀ کان پهرين اِهو معلوم ڪن ته ڪهڙيءَ شيءِ کان الرجي ٿئي ٿي. حتي الامڪان ڪوشش ڪريو ته الرجي پيدا ڪندڙ جزن کان پري رهو ۽ پاڻ بچائي رکو. مثال طور جيڪڏهن توهان کي پولن يا گردوغبار کان الرجي آهي ته هيٺين ڳالهين تي عمل ڪري توهان پاڻ بچائي سگهو ٿا. موسم شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ الرجيءَ کان بچاؤ واريون دوائون، پنهنجي ڊاڪٽر جي مشوري سان شروع ڪري ڇڏيو.
پنهنجي گهر جون دريون ۽ دروازا بند رکو. پولن سان الرجي واري تازي هوا ۽ مِٽيءَ مان الرجي واري گرد و غبار واري هوا کان پري رهو. جڏهن لازمي طور تي ٻاهر نڪرڻو پوي ته پوءِ منهن تي چڱيءَ طرح رومال ويڙهي يا ڪو ماسڪ وغيره ڍڪي پوءِ ٻاهر نڪرو. ڇنڊ ڦوڪ کان پاسو ڪريو. جيڪڏهن تمام گهڻي مجبوري هجي ته پوءِ آلو ڪپڙو، استعمال ڪريو. ڏينهن ۾ ٻه ٽي دفعا (Steam) يعني منهن ۽ مٿو ٽوال سان ڍڪي گرم پاڻي جي ٻاڦ وٺو ۽ نمڪين يعني لوڻ واري پاڻي سان گرڙا ڪريو. ڪپڙن کي ٻاهر پڌر وغيره تي نه سڪايو، ڇو ته پولن وغيره چپڪي الرجيءَ جو باعث بڻجندا. روزانو ڪم جو معمول اهڙو رکو ته جيئن ذهني دٻاءُ گهٽ کان گهٽ پوي ڇو ته اهڙيءَ صورتحال ۾ الرجي جو اثر وڌندو آهي.
جيڪڏهن توهان کي دم آهي ته پوءِ سال بيوٽامول ۽ اِسٽيرائڊاِنهيلر سڀ کان وڌيڪ موزون ۽ ڪار آمد دوائون آهن. پنهنجي ڊاڪٽر جي مشوري سان انهن جو استعمال ڪريو، ويڪسين جي مدد سان الرجي جي علاج جي ڪوشش اسان وٽ عام آهي. اسان جي ملڪ ۾ الرجي جي ويڪسين زياده تر قومي اداره صحت جي طرفان فراهم ڪئي ويندي آهي. ملڪ جي سڀني حصن مان گهڻو ڪري ماڻهو اسلام آباد ۾ موجود نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ۾ پنهنجي الرجيءَ جي ٽيسٽ ۽ ويڪسين لاءِ ايندا آهن. يعني اميونوٿراپيءَ ويڪسين جي لڳرائڻ جو (Immunotherapy) جو مشورو ڏيندا آهن. ويڪسين کي هڪ خاص ٽيمپريچر تي رکيو ويندو آهي. ڇو ته ائين ڪرڻ تمام لازمي آهي. ورنه ويڪسين جو اثر ختم ٿي ويندو آهي. انڪري ڏوارنهين پنڌ تي ماڻهو ويڪسين کي برف جي ٿرماس ۾ رکي کڻي ويندا آهن. پر ان صورتحال ۾ کڻي ويندڙ ويڪسين، ٿرماسن ۾ ڪيتري قدر قابل قبول هجي ٿي، اهو پڻ هڪ اهم سوال آهي. انهن سڀني سببن جي تحت، ويڪسين لڳرائيندڙ ماڻهن ۾ توڙي جو ويڪسين لڳل هوندي آهي، پر پوءِ به الرجي برقرار رهندي ايندي آهي. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود ڪو ويڪسين لڳايل وري ويڪسين لڳرائي رهيو هجي ته پوءِ ماڻهن لاءِ ضروري آهي ته هيٺين ڳالهين تي ضرور غور ڪن:
1. توهان جو معالج يعني ڊاڪٽر هڪ ماهر ۽ مستند هجي.
ان وقت صحيح ۽ مؤثر قسم جي اثر ڪرڻ واري ويڪسين هجي.
هن جي ڪلينڪ ۾ اچانڪ صدمه (Anaphylactic Shock) جي صورت ۾ ايمرجنسي علاج جي سهولت موجود هجي.
(2)- ليوڪوئرائين (Inhibitors) نئين دؤر جي دوا جو جنرڪ نالو (Montelaikast) آهي ۽ درمياني درجي جي دم ۾ هن منجهان سٺا نتيجا ڏسڻ ۾ اچن ٿا پر قيمت خاصي وڌيڪ آهي.
(3)- اسٽيرائڊز: مختلف عضون جي الرجي مثال طور نڪ (Nose) يا وري چمڙي (Skin) جي الرجي ۾ اسٽيرائڊز براه راست استعمال ڪرايون وينديون آهن، اهڙي ريت شديد قسم جي الرجي ۾ ۽ الرجي جي صدمي Anaphylactic Shock ۾ به هي دوائون انجيڪشن جي صورت ۾ استعمال ڪبيون آهن.
(4)- اِميونوٿراپي (Immunotherapy) مخصوص شين مان ٿيندڙ الرجي جي خلاف ٺهيل ويڪسين ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ انجيڪشن جي ذريعي مريضن جي جسم ۾ منتقل ڪري الرجي جي رد عمل کي گهٽائي سگهجي ٿو. ان عمل کي ويڪسين جو علاج يا اميونوٿراپي Immunotherapy سڏجي ٿو.
* * *

[b]References
[/b]
1. Basic pathology by Kumar. Cotran Robbins, 5th edition.
2. Oxford text book of medicine. 3rd edition.
3. Clinical medicine PJ Kumar, 4th edition.
4. Nelson’s text book of pediatrics, 16th edition.
5. American association of asthma and allergy.
6. BBC Health page.
7. The net worker’s news letter, April, 1997

ٿَڪُ ۽ ٿڪاوٽَ دور ڪرڻ جا سائنسي طريقا

سڀ کان پهرين ڏسڻو هيءُ آهي ته ٿڪاوٽ آهي ڇا؟ ٿڪاوٽ جي لفظي معنيٰ آهي ته جڏهن ماڻهو ڪجهه وقت ڪرڻ کان پوء، وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي لائق نه رهي. اِها ڪيفيت هڪ نارمل ماڻهو ۾ تمام جلد نه ٿيڻ گهرجي.
دراصل صحت ۽ بيماري جي لغوي معنيٰ به ا ها ئي ساڳي آهي ته جڏهن عام ماڻهو، عام طور تي روزاني زندگي جو ڪاروهنوار ۾ ڪو رُخنو، تمام جلد محسوس نه ڪري ۽ مقرر ڪيل ڪم سهڻي نموني سرانجام ڏيئي سگهڻ جي قوت رکندو هجي. بلڪه ڪڏهن ڪڏهن مقرر ڪيل ڪم کان پڻ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي طاقت ۽ صلاحيت رکندو هجي، ته ان لاءِ چئبو ته فلاڻو ماڻهو صحتمند جسم جو مالڪ آهي ۽ صحت ٺيڪ اٿس. هيءَ آهي ”صحت“ جي تشريح ۽ معني. اُن جي برعڪس جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪو مقرر ڪيل ڪم، مقرر وقت تائين ڪرڻ جي قابل نه هجي، يا وري گهڻو اڳ ۾ ٿڪجي پوي ته اهڙي صورتحال کي اسان ”بيماري“ واري حالت يعني صحيح نه محسوس ڪرڻ سڏيندا آهيون. مٿين ڏنل تشريحن سان هينئر اسان ”ٿڪاوٽ“ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين. دراصل ٿڪاوٽ هڪ شروعاتي ”اُهڃاڻ“ طور تي ڪتب ايندڙ ”لفظ“ آهي. جيڪو ڪنهن به وڏي بيماريءَ جو سبب ثابت ٿي سگهي ٿو. انڪري اِهو بي انتها ضروري آهي ته اسان ننڍڙي ”لفظ“ ۽ ننڍڙي ڳالهه نظر ايندڙ يعني ”ٿڪاوٽ“ کي بلڪل به نظرانداز نٿا ڪري سگهون ۽ نه ئي ڪرڻ گهرجي. منهنجي هر پڙهندڙ ڀيڻ کي گذارش آهي ته هيٺ ڏنل تجويزن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ کان پوءِ ضرور ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته جيئن ايندڙ وقت ۾ ڪڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿي پوي ته اُن تي آسانيءَ سان ڪنٽرول ڪري سگهجي.
”ٿڪاوٽ“ هڪ عام شڪايت آهي، جنهن جا ڪيترائي سبب آهن، اينيميا (Anaemia) رت جي گهٽتائي، بلڊ پريشر جو گهٽجڻ، جيئن انسومينا، دل جي بيماري، ڪاربوهائيڊريٽ جي ڪمي جي شڪايت وغيره جيتوڻيڪ ٿڪاوٽ جو بنيادي سبب کاڌ ۽ خوراڪ جي گهٽتائي آهي ۽ ڪافي پراڻي ”ٿڪاوٽ“ جي شڪايت آهي ته ان کي کاڌ ۽ خوراڪ کي بهتر ڪرڻ سان ئي ختم ڪري سگهجي ٿو. ٿڪاوٽ جسم جي اندر جمع ٿيل طاقت سان لاڳاپيل هوندي آهي ۽ ساڳي وقت جگر جي ڪارڪردگي پڻ اهم حيثيت رکي ٿي. ڇو ته جگر جو ڪم اهو آهي ته رت منجهه موجود گلوڪوز جي ليول کي مقرر مقدار ۾ جسم اندر روان دوان رکي ۽ جگر اندر جمع ٿيل گلوڪوز کي تڪڙو ختم ٿيڻ کان بچائي رکي. ڇو ته جمع ٿيل طاقت جو تعلق سڌو سنئون مشڪن جي چُرپُر سان آهي. ٿڪاوٽ جو بنيادي سبب نه صرف گهٽ مقدار، کاڌ خوراڪ جو ملڻ آهي، پر گڏوگڏ ڪثرت ورزش جو پڻ ڪافي حد تائين عمل دخل آهي.
تمام گهڻي عرصي تائين ڪابه ورزش نه ڪرڻ ۽ سُست رفتاري سان زندگي گذارڻ اسان جي مشُڪن کي سُسائي، سُست ۽ بي جان ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن کي (Muscle atrophy) ڪري سڏبو آهي. اهڙي صورتحال جي ڪري جسماني سگهه ۽ اندروني طاقت گهٽجي ويندي آهي.
ٿڪاوٽ سان وڙهندڙ حياتين ۽ حياتياتي جزا
هاڻي اسان اُنهن حياتين (وٽامنز) جو ذڪر ڪنداسين، جيڪي عام طور تي اسان کي تازي ميوي مان باآساني ميسر ٿي سگهن ٿيون.

[b]تازو ميوو
[/b]تازي ميوي ۾ ڪل چار اهم ويڙهاڪ يعني حياتين موجود هوندا آهن، جيڪي ”ٿڪاوٽ“ خلاف سرگرم عمل رهن ٿا. سي هيٺين ريت آهن: وٽامن “B1” ۽ وٽامن “B2”، “B6” ۽ “C” اهڙي طرح ٽن قسمن جا معدنيات، مئگنيشم، پوٽيشم، ڪئلشيم وغيره پڻ ميون ۾ شامل هوندا آهن، جيڪي ٿڪاوٽ خلاف ڪم ڪندا رهن ٿا. پٽاٽو، سايون ڀاڄيون، کير ۽ ڦريون بهترين ذريعو آهن، جن منجهان تمام گهڻي انداز ۾ ويڙهاڪ حياتين حاصل ڪري سگهن ٿا. مختلف دالين جو هجڻ پڻ لازمي آهي.
ڪيلا، گدرو، انب، بيري، ڦاروان، گجرون ۽ اِسپنش پڻ. روزاني خوراڪ ۾ هجن ته ڏاڍو سُٺو ٿيندو.
اڌ ڪيلو، انب، اڌ ڪوپ ڏهي جو ۽ ٻه ننڍا چانهه جا چمچا ماکي ملائي ڪري اڌ ڪوپ تمام ٿڌو پاڻي ملايو ۽ روزانو استعمال ڪريو. توهان کي هڪدم طاقت ۽ فرحت بخشيندو ۽ پڻ توانائي ۾ اضافي جو باعث بڻجندو هڪ ملي گرام بورن يعني قدرتي طور تي ملندڙ عنصر جيڪو هڪ صوف ۾ موجود هوندو آهي. ٻه گجرون يا وري ست کارڪون توهان جي دل ۽ دماغ کي تازو رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.
رائس برانوئل اِئسڊ جيڪا چانورن ۾ (Rice Branoil Acid) موجود هوندي آهي، سا انساني جسم لاءِ طاقت ۽ قوت جو سبب بڻجي ٿي، ڇو ته اُن تيل ۾ موجود مادو اِينٽي آڪسيڊنٽ طور ڪم ڪري ٿو. سائي چانهه، جسماني ٿڪاوٽ توڙي ذهني ٿڪ دور ڪرڻ ۽ چاق ۽ چوبند رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

[b]ائرومي ٿيراپي (Aromatherapy)
[/b]ٿڪاوٽ لاهيندڙ ساهه کڻڻ جو طريقو معنيٰ ته ٿڪاوٽ دور ڪندڙ ساهه کڻڻ واريون اٽڪلون ڪجهه هيٺين ريت آهن. سڀ کان پهريان هوا کي ٻاهر خارج ڪريو ته جيئن معدو ويڪرو ٿي وڃي، تنهن بعد فوري طور تي ساهه اندر کڻو. هن قسم جي ورزش (ٽي دفعا ٻاهر ۽ ٻه دفعا اندر ساهه کڻڻ) ڏينهن ۾ ٻه دفعا ڪرڻ سان، (لاڳيتو ٻن هفتن لاءِ)، توهان لاءِ ٿڪاوٽ کي دور ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
وزن کڻڻ واري ترڪيب سان پڻ توهان پنهنجي اندروني طاقت کي وڌائي سگهو ٿا.
سُٺي کاڌي ۽ خوراڪ سان گڏوگڏ، هر وقت متحرڪ رهندڙ ماڻهو پنهنجي زندگي خوش وخرم گذاري سگهي ٿو جيئن اسان وٽ چوڻي مشهور آهي ته ”حرڪت ۾ برڪت“ آهي. سو اسان کي گهرجي ته انگريزيءَ جي قول موجب ته (Walk is life) تي عمل پيرا ٿي پنهنجي زندگي آسان بڻايون.
* * *

حصو چوٿون: علم صحت و صفائي

---

اکين جي ورزش Youga for Eyes

پروردگار، عالم، ڪائنات خلقي، رنگ برنگي گل، ٻوٽا، نديون، نالا، درياء، سمنڊ، جبل ۽ سايون سايون ماٿريون، جهرجهنگ مختلف جاندار، جناور، جانور، سهڻا سهڻا پکي پکڻ، زمين تي ريڙهيون پائيندڙ ساهوارا، پاڻيءَ اندر برندڙ مڇيون، باغن باغيچن ۾ سهڻن گلن تي لامارا ڏيندڙ پوپٽ ۽ جگنو اهي خوبصورت منظر ڏسڻ پسڻ ۽ محسوس ڪرڻ لاءِ رب تعاليٰ انسانن کي عطا ڪيا جن ۾ اهم ترين آهن اکيون الله تعاليٰ بخش ڪيل پيش بها تحفو جيڪو انسانن کي عطا ڪيو آهي، اکيون ۽ بينائي هڪ عظيم تحفو آهي. جيئن جسماني طور انسان ڪم ڪار کان پوءِ ٿڪاوٽ محسوس ڪندو آهي. بلڪل ساڳيءَ ريت جسم جو هر هڪ عضوو پنهنجي پنهنجي وت کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي صورت ۾ ٿڪاوٽ محسوس ڪندو آهي. اڄ اسان صرف هڪ عضووي اکين جي ورزش جنهن کي ڪثرت پڻ سڏجي ٿو. جو ذڪر ڪنداسي.
ورزش يعني(Exercise) مجموعي طور تي هر انسان لاءِ لازمي آهي. ان لاءِ صحيح وقت صبح سوير ننڊ منجهان بيدار ٿيڻ مهل ۽ شام جو سج لٿي کان اڳ موزون ترين آهي. ورزش ڪرڻ جون ڪجهه ٽيڪنڪس(Techniques) هونديون آهن، جن منجهان(Yoga) هڪ قسم جي ورزش جو نالو آهي. اڄ اسين اکين جي(Yoga for eyes)جون هلڪيون ڦلڪيون پنج قسمن جون ٽيڪنڪس (Techniques) جو ذڪر ڪنداسي، جيڪي توهان ڪنهن به وقت آرام سان ڪري سگهو ٿا. دراصل ورزش ٻن قسمن جون مختلف حصن ۾ ورهايل آهن. هڪڙو نمونو اهو آهي جيڪو مجموعي طور تي جسم کي فٽ، چاق و چوبند رکڻ لاءِ اختيار ڪبو آهي.
ٻيو قسم ورزش اها آهي جيڪو ڪم ڪرڻ مهل جڏهن اسان بيحد مصروف عمل هوندا آهيون. يعني جيئن ته اک سان وابسته، پڙهائي ڪرڻ، ڏسڻ، سمجهڻ، ڪمپيوٽر هلائڻ، سمارٽ فون جو استعمال، اهڙو ڪم جيڪو لاڳيتو هڪ ڊگهي عرصي تائين ڪندو رهجي ۽ ڪوبه بريڪ(Break) نه وٺجي ته پوءِ اهو بنائي لاءِ يعني اکين لاءِ نقصان ڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ اسين هيٺ پنج قسمن جي يوگا ورزش جو ذڪر ڪنداسي.
اسان ڏينهن رات جي ٽائيم منجهان گهڻو تڻو وقت ڪمپيوٽر جي سامهون(Computer screen) تي ويٺا هوندا آهيون ۽ ويٺا ورد ڊاڪومينٽس(Word Documents) ايڪسل شيٽ(Excel sheet) يا وري يوٽيوب وڊيوز(You tube videos) ڪم ڪندا ۽ ڏسندا رهندا آهيون ۽ پنهنجيءَ صحت جي باري ۾ قطعا به نه سوچيندا آهيون ته اسان جي چيلهه جي چوڌاري چرٻي وڌي رهي آهي(Waist line Expend) يعني ته چيلهه ويڪري ٿيندي وڃي پئي. اهو سڀ لاڳيتو هڪ هنڌ ويهڻ جو نتيجو آهي، ٻي طرف وري وار خشڪ پيا ٿين(Hairs starts to dry) جسم جي چمڙي منهن ۽ ٻانهن تي جهريون پيون پون ۽ چهري جي چمڙي ڊل(Dull) پئي ٿئي. مطلب ته.(Skin starts dull dry) اسان جو معدو به خالي نه ٿيندو آهي (Stomach is not flat) ۽ اسان جون ٽنگون به آرام سان سڌيو نه ٿي سگهنديون آهن ان سڄي دورانيه اندر اسان اهو بلڪل ڀلجي ويندا آهيون نه ته اسان جي جسم جو تمام اهم عضوو يعني اکيون به يقيناً ٿڪجي پيون هونديون، اکيون جيئن ته اهم عضوو آهن، اکين سان ڏسجي ٿو، دنيا جو مزو ماڻجي ٿو نه ته باقي ته جيڪر سڀ ڪجهه بيڪار رهجي وڃي ها، جيڪڏهن ڏسڻ جي حس نه هجي ها. اهي اکيون يقيني طور تي گهڻي وقت تائين مصروف عمل رهڻ جي ڪري هلڪي هلڪي ۽ مٺڙي مٺڙي خارش محسوس ڪنديون آهن ۽ ٿڪاوٽ محسوس(The eye that itch from sever exhaustion and burn tirelessly after the end of a really long day) ٿيندي آهي. ڇو ته گهڻي دير تائين ڪم ۾ مصروف رهڻ جي ڪري اکيون ڏينهن پڄاڻان ٿڪجي پونديون آهن. توهان يقيني طور تي اهو بلڪل به محسوس نه ڪندا آهيو ته اسان جون اکيون ٿڪاوٽ محسوس ڪري رهيون آهن ته اسان کي ڪجهه ڪثرت ڪرڻ گهرجي ۽ ڪجهه وقت اکين کي آرام ڏجي ته ٿڪل مشڪون(Fatigue muscles)وري بحال ٿي تازيون توانيون ٿي پون، ڇو ته بروقت اسان ڪوبه اهڙو اهڃاڻ نه محسوس ڪندا آهيون، جنهن جي ڪري اسان سمجهي سگهون ته اسان جون اکيون ڪمزوري محسوس ڪن پيون ۽ انهن کي آرام جي ضرورت آهي(There is no immediate symptom or signs of weak or tired eyes) پر جيڪڏهن اسان پنهنجين اکين ڏانهن نهارينداسي ته اسان کي فوري طور تي ڪجهه هلڪي ڪاري رنگ جا حلقا اکين جي چوڌاري محسوس ٿيندا ۽ اکين اندر ترورا محسوس ٿيندا جن جي ڪري ڏسڻ ۾ مونجهه محسوس ٿيندي ۽ شيون صاف ۽ چٽيون نظر نه اينديون(Hazy spot blusry vision)اهڙي قسم جي صورتحال جيڪڏهن پيدا ٿي پوي ته پوءِ گهٻرائڻ جي ضرورت ڪونهي. اسان توهان کي ڪجهه ورزش ڪثرت ڪرڻ جا آسان طريقا ٻڌايو ٿا جن تي عمل ڪري توهان پاڻ کي هلڪو ڦلڪو محسوس ڪندا ڇو ته توهان جي اکين جي نظر يعني روشني هڪدم بحال ٿي ويندي ۽ اکين جون مشڪون تازه دم ٿي وينديون. اهي ڪثرت ڪرڻ جا طريقا اهڙا آهن جيڪي توهان آرام سان ۽ بلڪل آساني سان سرانجام ڏيئي سگهو ٿا. ڇو ته ان لاءِ نه ڪو خاص ٽائيم مقرر آهي ۽ نه وري ڪو گهڻو وقت درڪار آهي. صرف چند منٽن جي ڳالهه آهي، جنهن جي بدولت توهان بهترين نتيجا حاصل ڪري سگهو ٿا. (All you need few minutes it you can do at any given time of a day) ڪل ڇهن قسمن جون مشڪون آهن جيڪي اکين کي اکين جي کوپي سان ڳنڍي رکن ٿيون (There are six (Eye sockets) muscles that connect the eye to …. Eye sockets help then move side to side, up and down an all around) اکين کي هيڏانهن هوڏانهن گهمائڻ ۾، هيٺ مٿي ڪرڻ ۾ ۽ چوطرف گهمائي ڏسڻ ۾ مدد ڏين ٿيون.
جڏهن توهان پڙهو ٿا، ڪار هلايو ٿا، يا وري ٽي وي ۽ ڪمپيوٽر تي ڪم ڪري رهيا آهيو يا وري سمارٽ فون تي ڪجهه تفريحي منظر ڏسو ٿا ۽ اهو سڀ گهڻي وقت لاءِ ڪري رهيا آهيو ته پوءِ لازمي طور تي توهان جي اکين جون مشڪون خشڪ ٿي سيٽجي وڃن ٿيون ڇو ته گهڻو وقت توهان جي مشڪن جي لچڪ واري عمل(flexibility) تي اثر انداز ٿي ڪري توهان کي اکين جي مشڪن کي ٿڪائي وجهي ٿو ۽ اهي بيٽجي(Drain) وڃن ٿيون. ان صورتحال کي اکين جي ٿڪاوٽ چئبو آهي(Eye fatigue) اها صورتحال ڪا گهڻي ڊيڄاريندڙ نه آهي، پر خاص طور تي اها حالت صرف سمارٽ فون(Smart phone) ۽ ڪمپيوٽر جي استعمال جي ڪري وقوع پذير ٿيندي آهي. ان ڪري اها ڪا وڏي خطرناڪ ڪنڊيشن نه آهي، پر جيڪڏهن اهڙي حالت مستقل طور ڊگهي عرصي لاءِ قائم رهندي ته پوءِ خطرناڪ به ٿي سگهي ٿي(It …persist over time it can be) اهڙي اک جي ٿڪاوٽ واري حالت کي ختم ڪرڻ لاءِ جنهن جي ڪري اکين ۾ خارش، ساڙو ۽ ٿڪاوٽ پيدا ٿي پوي ته پوءِ اسان کي اک يوگا ضرور ڪرڻ کپي(Burning, itching and tiredness). توهان اهو ضرور سوال ڪندا ته يوگا ڇو ڪجي؟ جواب اهو آهي ته اهو به ڪثرت يعني(Exercise) ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي جيڪو توهان لاءِ توهان جي صحت ۽ هوشيارپ مطابق ڊزائن ڪيو ويو آهي. جيڪو توهان جي دماغ(Mind) جسم(Body) ۽ روح(soul) تي مشتمل آهي. يعني ته يوگا، ڪثرت ڪرڻ جي اها صورت فريم ڪئي وئي آهي، جنهن جي ڊزائن توهان تي صحت ۽ هوشياري مطابق آهي. (Yoga is a form of exercise designed to work on your health and consciouhers, I.E your mind body and soul) سو ان ڪري سموري ڪثرت نه صرف توهان جي اکين جي بنيائي کي تقويت ڏيندي پر ان سان گڏوگڏ توهان جي دماغ کي به ٻڌائيندي ۽ ياد ڏياريندي ته سموري جسم جا عضوا پاڻ ۾ ڳنڍيل (Connected) آهن. اک يوگا توهان کي اکين جي ٻين بيمارين(disorders )کان پڻ بچائيندي ۽ مددگار ٿيندي. مثال طور اک جي مشڪل(Eye muscles) سان لاڳاپيل بيماري جنهن جو نالو آهي مايو پيا(Myopia)۽ هائپر ميٽرو پيا(Hypermetropia) اک يوگا(Eye youga) جي مصنف خاتون(Jan Rigner Battenberg)پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿي ته(How you see is how you thin no) يعني ته توهان اهو ڏسو ٿا، جيڪو توهان سوچيو ٿا جيئن ته اک جون مشڪون(Eye muscles) پنهنجي ضرورت کان اٺوڻ تي وڌيڪ مضبوط آهن. (Since the eye muscle are eight times stronger than they need to be) ان ڪري اهي ان حد تائين بلڪل به نه ڊگهيون ٿينديون، جيتريقدر انهن کي ڊگهو ڇڪبو، يا وري ڍلو ڪبو ۽ وڌيڪ ڪوشش ڪبي ته ائين مرضي مطابق ڪجي. (Eye muscles don’t have to be strengthened so much a stretched, relaxed and fine tuned) ان ڪري توهان کي اها ضرورت پوندي ته توهان پاڻ اڳواٽ ئي ان صورتحال کي ڪنٽرول ڪري وٺو ۽ اک جي مشڪن کي حد کان وڌيڪ ڦهلائڻ يعني ڇڪڻ، گهٽائڻ يعني ڍلوس ڇڏڻ ڪثرت جي ذريعي پاڻ ۾ توازن قائم رکو.
جيئن ته هاڻي اک ڄاڻي ٿي ته ڪم (Work) ۽ ڏسڻ(To see)گڏوگڏ ڪيئن ڪبا، گڏوگڏ رليڪس(relaxing) جڏهن اک(Where the eyes learn to work and see together, with relaxing, loosening exercises, where you are re- pattern your eyes and brain to relax see) اسين هتي پنج مختلف يوگا ڪثرت جا طريقا بيان ڪريون ٿا، جن جي ذريعي توهان آسانيءَ سان روزمره جي اکين جي ٿڪاوٽ دور ڪري سگهو ٿا ۽ اکين جي مشڪن جي وڌيڪ گهڻي دير تائين استعمال ڪرڻ جي ڪري جيڪا ٿڪاوٽ ۽ ٽينشن پيدا ٿئي ٿو. تنهن آرام سان گهٽائي سگهجي ٿو. ائين ڪرڻ سان منهن يعني چهري تي جيڪو ٽينشن اڀري ٿو ۽ اکين ۾ ٿڪاوٽ محسوس ٿئي ٿي سا دور ٿي وڃي ٿي ۽ توهان جي اکين کي فوڪس(Focus) ڪرڻ ۾ مدد ملي.
بلنڪ(Blink): هن ڪثرت ۾ توهان پهريان اکيون ڦهلائي وڏيون ڪري کوليو ۽ پوءِ فوراً جلدي ۾ بند ڪريو. ائين ڏهه ڀيرا ڪرڻو آهي. هاڻي توهان اٽڪل ويهه سيڪنڊن تائين اکيون بند ڪري ڇڏيو. اهڙي نموني ساڳي ڪثرت چار دفعا ٻيا دهرايو. انساني اک هڪ منٽ ۾ پنجويهه ڀيرا بلنڪ يعني ڇنڀدي آهي(The human eye should blink along 25 times in one minutes ) هاڻي ڏسو هيءُ آهي ته اسان منجهان ڪيترا ئي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي جڏهن خاص طور تي ڪمپيوٽر يا سمارٽ فون تي ويهندا آهن ته پوءِ اهي ايترا ته محو ٿي ويندا آهن جو اک به نه ڇنڀدا آهن. ان ڪري هيءَ ڪثرت توهان جي اک کي تازگي بخشيندي ۽(Nourish) تازو توانو ڪندي، اکين جي مشڪن کي آرام پهچائيندي(Relax)۽ مشڪن کي خشڪ ٿيڻ کان بچائيندي.

[b]هٿن جي تري سان گرمائش پهچائڻ[/b]
جيڪڏهن توهان ڪنهن به يوگا ڪثرت سينٽر ٿي ويا هوندا ته توهان اها ڄاڻ ضرور رکندا هوندا. پنهنجن هٿن جي ترين کي هڪ ٻئي سان رڳڙيو ۽ تيستائين ائين ڪندا رهو، جسيتائين تريون گرم ٿي وڃن. هاڻي پنهنجا ٻئي هٿ ٻنهي اکين جي مٿان رکو ۽ تيستائين رکو جيستائين توهان جون تريون گرم آهن. ڪنهن موضوع تي پنهنجا خيال مرڪون رکو ۽ پوءِ ريلڪس(Relax) ٿي وڃو.
هيءَ ڪثرت پڻ اکين کي سموري جسم کي آرام يعني(Relax)ڪرڻ ۾ بيحد مفيد ثابت ٿي آهي. خاص طور تي جڏهن توهان سڄو ڏينهن ڊگهي عرصي تائين ڪم ڪندا رهندا هجو. ته هن ڪثرت کان پوءِ توهان آرام محسوس ڪندا.

[b]سائيڊويز ۽ روٽيشن(Side ways Relation)[/b]
هن ڪثرت ۾ توهان پنهنجن اکين جي مشڪن کي ڪشادو ڪري ڇڪي (Stretch) ڪري، پنهنجين اکين کي پاسي ڏانهن آهستي آهستي ڦيرايو(Move your eyes slowly from side to sided then all the way around in a circle ) ۽ پوءِ آهستي آهستي گول ۾ ڦيرايو. جيڪڏهن ائين نه ڪري سگهو ته پوءِ وري پنهنجي آڱر کي اک تي رکي گول گول ڦيرايو ۽ اکين کي ائين گولائي ۾ گول گهمايو. تقريباً 20 دفعا ساڳي نموني کي دهرايو. ٻئي قسم ڪثرت جا بهترين نتائج ڏيندا. (Servangna asana or the shoulder sland) هن ڪثرت ۾ نه صرف اکين جو فائدو آهي پر گڏوگڏ دماغ به فائدو آهي. ڪنهن به نرم گدي تي ليٽيو، پنهنجن ٻانهن ذريعي پنهنجين ٽنگن کي هوا ۾ بلند ڪريو ۽ چيلهه سڌي رکو. پيرن جا آڱوٺا ٻاهر هجن. هن ڪثرت ۾ دوران خون جي گردش وڌي ٿي ۽ ساڳي وقت رت جي گردش دماغ ۽ اکين واري نس(optic nere) کيازو توانو ڪري ٿي.
هن ڪثرت ۾ توهان پنهنجي پٺيءَ ڀر ليٽي ڪري، پنهنجين ٻنهي ٽنگن کي هوا ۾ بلند ڪري ٻه ساڳيو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. ائين ڪرڻ سان خون جي گردش وڌي وڃي ٿي. هن ڪثرت ڪرڻ سان دماغ، ڪن، اکيون، نڪ جي دوران خون جي گردش وڌي ٿي، جنهن جي ڪري عضوا وڌيڪ سٺو ڪم ڪري سگهن ٿا. هن قسم جي ڪثرت ۾ ٻين عضون جي ڪارڪردگي به وڌيڪ سٺي ٿي وڃي ٿي ۽ زهريلا مادن جو جسم منجهان اخراج ٿي وڃي ٿو. (This parse abs help you detoxify and maximize the performance of all other organs bhramari pranayama) هن ڪثرت کي اڪثر ڪري مان واري مک جو ساهه يعني ته ڪري سڏيو وڃي ٿو (Humble breath) هي ڪثرت گهڻو ڪري در حقيقت خاموشي سان ڪنڌ هيٺ ڪري، دماغ کي سڪون پهچائيندڙ آهي، ائين ڪرڻ سان توهان جو دماغ(this exercise is really calming can drown down the un necessary noise in you head)) اجائي گوڙ گهمسان کان بچاءُ حاصل ڪري سگهي ٿو. ۽ بلڪل ٿوري ساهه کڻڻ سان توهان پاڻ کي هلڪو ڦلڪو محسوس ڪري سگهو ٿا. هيٺ فرش تي پلٿي مادي ويهو، يا جيئن توهان پاڻ کي ايزي(Easy) محسوس ڪريو ائين فرش تي ويهو هاڻي توهان پنهنجون آڱريون(Sit on the floor cross –legged or however you feel comfortable ) پنهنجين اکين تي هوريزفٽل(Horizontal) انداز ۾ رکو هاڻي اکين تي آڱرين رکڻ کان پوءِ توهان ساهه ٻاهر ڪڍو ۽ اندر ڪبو يعني ته هوا ٻاهر ڪڍو ۽ اندر ڪريو ۽ ساڳي وقت مک جهڙا آواز پڻ ڀيرا ڪريو.
اها پڪ ڪريو ته اکين پتلين تي گهڻو پريشر نه پوي ۽ ساڳي وقت خاموش رهجي ۽ چپ بلڪل بند هجن، سيل ٿيل هجن.
****

تندرستي Health

ٻارو! اميد ته توهان سڀ پڙهندڙ ٻار بلڪل خوش و خرم هوندا. منهنجو مطلب توهان جي ”صحت“ سان آهي. ڇو ته خوش رهڻ لاءِ ”صحت“ جو صحيح هجڻ ڏاڍو ضروري آهي.
پيارا ٻارو! توهان راند روند ۾ حصو به تڏهن ئي وٺي سگهندا، جڏهن توهان بلڪل صحتمند هوندا ۽ ساڳي وقت پڙهائيءَ ۾ تڏهن ئي هوشيار ٿيندا جڏهن توهان بلڪل ٺيڪ ٺاڪ ۽ صحتمند هوندا. عربيءَ ٻولي ۾ هڪ چوڻي آهي ته ”جنهن ماڻهوءَ وٽ صحت آهي، ان وٽ اميد آهي ۽ جنهن وٽ اميد آهي تنهن وٽ سڀ ڪجهه آهي. دنيا ۾ صحت کان وڏي ٻي ڪابه نعمت ناهي. صحت بذات خود هڪ خوبصورتي آهي، صحت کي برقرار رکڻ لاءِ ڪجهه اصول ڏجن ٿا، اميد ته توهان انهن تي عمل ضرور ڪندا.
1. هر وقت چاق و چوبند رهو، ڇو ته چوڻي آهي ته ”حرڪت ۾ برڪت“ آهي.
2. سڻڀ گهٽ استعمال ڪريو.
3. موٽاپو ”صحت“ جو دشمن آهي.
4. ڪنهن به قسم جي نشي آور شيءِ واپرائڻ نه گهرجي.
5. اسڪولي ٻارن کي سگريٽ نوشي کان پاڻ بچائڻ گهرجي. ڇو ته ننڍپڻ جون خراب عادتون، سڄي زندگي لاءِ ”مُضرِ صِحت“ ثابت ٿين ٿيون.
6.آخر ۾ توهان کي پيار ڀري نصيحت ڪبي ته هميشه نيڪ سوچون يعني ته (مثبت سوچون) سوچيو ۽ ڪنهن لاءِ به برو خيال دل ۽ دماغ ۾ نه ويهاريو، ڇو ته نيڪ سوچڻ، پنهنجي صحت لاءِ ئي سُٺو سنوڻ آهي. سوچڻ جو انداز نيڪ هوندو ته توهان جي جسم تي سُٺو اثر پوندو. چيو ويندو آهي جهڙو سوچيو، اُهوئي ٿيندو، جهڙو سوچيندؤ، اُوهين به اهڙا ئي ٿي ويندؤ. اُن ڪري سٺا سٺا خيال دماغ ۾ رکجن، جيئن اوهان عملي طور به سٺي اخلاق جو مظاهرو ڪري سگهو.
7. آخر ۾ اهو به نه وسارجو ته هميشه صحتمند رهڻ لاءِ پرسُڪون ۽ مڪمل ”ننڊ“ ڪرڻ به انتهائي لازمي آهي.
رات جو سوير سمهڻ ۽ صبح جو سوير اُٿڻ جي عادت پاڻ ۾ وجهڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان توهان جي دل ۽ دماغ تي بيحد سٺو اثر پوندو. صبح جو سوير اٿي پنهنجو اسڪولي ڪم ڪرڻ ۽ سبق کي ياد ڪرڻ بي انتها سولو ٿيندو آهي ۽ هميشه لاءِ ياد رهندو آهي. صبح جو سوير هوا خوري صحتمند رهڻ ۾ مددگار ٿيندي آهي. چوندا آهن ته تندرستي جهڙي ڪا به ٻي نعمت نه آهي. توڙي جو ڪيترو به مال ۽ ملڪيت هجي، پر پوءِ به ”صحت“ ۽ تندرستي جو نعم البدل نٿو ٿي سگهي.
هميشه ياد رکو ته:
”آهي تندرستي نعمت هڪ عجيب
جهڙي شاهوڪار لئه، تهڙي ڪاڻ غريب.“
انگريزي ۾ چوڻي آهي ته:
Health is Wealth معنيٰ ته تندرستي آهي ته سمجهو ماڻهو شاهوڪار آهي. اميد ته ٻارو توهان ضرور عمل ڪندا. الله تعاليٰ شل توهان سڀني کي ”صحت“ ۽ تندرستي عطا ڪري (آمين ثم آمين)
* * * *

علاج ۽ ڪِري/ پرهيز

انگريزيءَ جي مشهور چوڻي آهي ته، Prevention is better than cure يعني: ”پرهيز علاج کان بهتر آهي“. پر سرتيون ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته گهڻي احتياط باوجود اِنسان بيمار به ٿيندو آهي. هاڻي جيڪڏهن بيمار ٿي پئجي ته پوءِ يقيني طور تي ”علاج“ به ڪرائبو. پر اها ڳالهه پوءِ به نوٽ ڪرڻ جي آهي ته علاج سان گڏوگڏ پرهيز به ڪرڻي پوندي. ڇو ته علاج به تڏهن ئي فائدو رسائيندو جڏهن اسين ڪِري ڪنداسين. علاج دراصل ”پرهيز“ ۽ ”صحت“ سنڀال جو ئي ٻيو نالو آهي. جڏهن طبيعت ۾ مونجهه محسوس ٿيندي آهي ته پوءِ اسان کي علاج جي ئي ضرورت پوندي آهي ۽ پوءِ اُن علاج دوران پرهيز به لازمي طور تي ڪرڻي هوندي آهي. ڇو ته ائين ڪرڻ سان مرض منجهان جلدي ۽ آسانيءَ سان صحتيابي حاصل ڪري وٺبي آهي. هاڻي اچو ته ڏسجي ته پرهيز ڇا آهي ۽ ڪيئن ڪجي؟ دراصل پرهيز ماڻهوءَ کي پنهنجي طبيعت مطابق اختيار ڪرڻ گهرجي، يعني ته روزمره جي زندگيءَ ۾ جيڪڏهن ڪا شيءِ، غذا، خوراڪ وغيره طبيعت موافق نه هجي ته نه واپرائجي ۽ ڪوشش ڪري ان ماحول ۽ غذا کان دور رهجي. ائين ڪرڻ سان ماڻهو بيمار نه ٿيندو، يا وري گهٽ بيمار ٿيندو. هاڻي اچو ته ڏسون ته ٻي ڪهڙي قسم جي پرهيز آهي. هيءَ پرهيز پڻ ٻن قسمن جي آهي. هڪ ”پرهيز“ انهن شين کان جن سان ”مرض“ پيدا ٿيڻ جو انديشو هجي ۽ ٻي باعث بڻجي شدت پيدا ڪري. پهريون قسم ”پرهيز“ جو عام تندرست ماڻهن لاءِ آهي ۽ ٻيو قسم ”مريض“ لاءِ آهي. مريض جڏهن ”علاج“ سان گڏوگڏ پرهيز شروع ڪندو آهي ته مرض کي ختم ڪرڻ جي ”قوت“ طبيعت مان حاصل ٿي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح انسان پاڻ منجهه اها قوت حاصل ڪري وٺندو آهي جنهن سان مرض جي شدت آهستي آهستي گهٽبي ويندي آهي. هاڻي جيڪڏهن انسان جي سامهون ڪڏهن ڪا اهڙي شيءِ اچي وڃي جيڪا مريض ۽ توڙي تندرست ٻنهي لاءِ پرهيز ۾ شامل هجي پر طبيعت اُن طرف مائل هجڻ جي صورت ۾ اُها شيءِ اِيتري واپرائجي جو طبيعت ۽ معدو هضم ڪري سگهي ۽ برداشت ڪري وڃي يعني ته ”پرهيز“ واري حالت ۾ پوءِ اُن کي مختصر طريقي سان واپرائڻ گهرجي. روايت ۾ آهي ته هڪ دفعو پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم ڪنهن شخص جي عيادت لاءِ ويا ۽ مريض کان معلوم ڪيائون ته توکي ڇا کپي؟ مريض عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم ڪڻڪ جي ماني کپي.“ نبيءَ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته ”جڏهن مريض ڪنهن شيءِ جي خواهش ڪري ته اُن کي اُها کارايو.“
* * *

ڪمند جي رس جا طِبّي فائدا Sugar-can and its nutritional facts

سياري جي موسم شروع ٿيڻ سان گڏوگڏ ئي ڪمند جو جوس بازار ۾ دڪانن ۽ گاڏن تي ملڻ شروع ٿي ويندو آهي. وچولي طبقي جا ماڻهو هن شربت سان پنهنجي اُڃ اجهائيندا نظر ايندا آهن. ڪمند جي جوس ۽ ڳڙ جو شربت عام جام نظر اچڻ لڳندو آهي. هوڏانهن وري گرميءَ جي موسم ۾ ڪمند جو جوس پيئڻ سٺو ته آهي پر ان جي بجاءِ جيڪڏهن ڳنڍيريون کائجن ته وڌيڪ بهتر نتيجا ملندا.
ڪمند پاڪستان ۾ تمام وڏي مقدار ۾ پوکيو ويندو آهي. هن جي رس منجهان تيار ٿيل ڳڙ، کنڊ، مصري وغيره بازار ۾ عام جام وڪرو ٿيندا آهن. پراڻو ڳڙ طِبّي لحاظ کان تمام گهڻو فائديمند هوندو آهي ۽ اڪثر ڪري ڳڙ بازار منجهان يا وري پنساريءَ جي دڪان تان ملي ويندو آهي. ڪمند جا ڪل تيرنهن قسم بيان ڪيا وڃن ٿا. هن جي ٻوٽي جي قد جي ڊيگهه ڇهن کان ٻارنهن فوٽ هوندي آهي ۽ هر فوٽ يا اڌ فوٽ کان پوءِ ڳنڍيون موجود هونديون آهن ۽ سِرَي وٽ ويڪريون ۽ ڊگهيون پَتيون (پَنَ) موجود هونديون آهن. ڪمند جا پَنَ ۽ پَتيون جانورن جي لاءِ چاري جو ڪم ڏيندا آهن. ڪمند جي جوس منجهان اَسان آسانيءَ سان ڳُڙ ۽ کنڊ ٺاهي سگهون ٿا. ڪمند جو فصل تيار ٿيڻ ۾ تقريباً سڄو سال لڳي ويندو آهي. پوءِ جنوري ۽ فيبروري واري مهيني ۾ ڪمند ڪٽيو ويندو آهي. پيڙائي وارين مشينن ۾ ڪمند وجهي رس ڪڍيو ويندو آهي. ان رس کي گرم ڪري پچائڻ کان پوءِ ڳڙ يا کنڊ حاصل ٿيندي آهي. ڪمند جي ملن ۾ ڪمند منجهان صاف ۽ شفاف کنڊ تيار ڪري بازارن ۾ موڪلي ويندي آهي.
ڪمند منجهان مِصري به ٺاهي ويندي آهي. يوناني طِبّ مطابق ڪمند جو مزاج پهرين درجي ۾ گرم ۽ ٻئي درجي ۾ تر آهي. ڳڙ ٻئي درجي ۾ گرم تر ۽ پراڻو ڳڙ گرم ۽ خشڪ ٿيندو آهي. سائنسي تحقيقات مطابق ڪمند جي رس ۾ پروٽين، سڻڀ، معدني جزا، ڪاربوهائيڊريٽ، ڪئلشم، فاسفورس ۽ آئرن (فولاد) مختلف مقدارن ۾ موجود هوندا آهن. ڪمند جو جوس بي انتها گهڻو ۽ وڏي پيماني تي استعمال ٿيندو آهي. عام طور ”ڪمند“ جو جوس ٺاهي پيتو ويندو آهي. 250 گرام ليمي جو رس، ڪارو لوڻ وجهي، ان ۾ ڀُڳل زيرو ملائي ذائقي موجب پيئڻ سان وات جو ذائقو سٺو ٿي ويندو آهي. بک وڌيڪ لڳندي آهي ۽ دل کي فرحت ملندي آهي. ٻئي طرف وري يرقان يعني سائيءَ جي مريض، جگر جي گرمي ۽ ڪمزوري، هڏڪي ۽ اُڃ گهڻي لڳڻ وارن مريضن کي ڪمند چوسي کائڻ گهرجي. (جوس نه پيئڻ گهرجي). هن جي استعمال سان پيشاب جي بندش ۽ ساڙو ختم ٿي وڃي ٿو. جسم جي ڪمزوري ۽ ضعف کي ختم ڪري جسم جو وزن به وڌائي سگهجي ٿو. تيز مرچن ۽ تريل شين جي استعمال سان جيڪي نقصان پيدا ٿين ٿا، تن کي به ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏي ٿو. ڏاڙهونءَ جي رس ۾ ڪمند جو رس ملائي پيئڻ سان رت جا دست رُڪجي ويندا آهن. ماکيءَ ۾ ڪمند جو رس ملائي پيئجي ته هڪدم الٽي وغيره رڪجي ويندي آهي. پورهيت طبقي وارن ماڻهن لاءِ ڪمند هڪ غذا طور استعمال ٿيندو آهي. ڇو ته ڪمند منجهان ڳڙ حاصل ڪري، ان کي استعمال ۾ آڻڻ سان عام ماڻهو پنهنجي لاءِ هڪ بهترين خوراڪ حاصل ڪري وٺندو آهي.
ڪمند ۾ ڪئلشيم تمام گهڻي مقدار ۾ موجود آهي وٽامن اي (A) جهجهي مقدار ۾ هجڻ ڪري اکين جي روشني لاءِ بي انتها مفيد ۽ ضروري آهي. گڏوگڏ فاسفورس جو چڱو مقدار موجود هوندو آهي. ڪئلوريز گهڻيون هجڻ ڪري، پورهيت طبقو هڪدم پنهنجي قوت ۽ توانائيءَ کي بهتر ڪري وٺندو آهي. ڳُڙ پيٽ جي صفائي ڪرڻ، بلغم ڪڍڻ، کنگهه ۽ دم کان فائدو پهچائيندڙ ۽ سيني جي سور کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏيندڙ آهي. جن ٻارن ۾ هڏن جي ڪمزوري ۽ ڏندن ۾ ڪئلشيم جي گهٽتائيءَ ڪري ڪو نقص وغيره هجي ته اهڙن ٻارن کي کنڊ بدران ڳڙ استعمال ڪرائڻ کپي. ٻارڙن کي جسماني واڌ واري زماني ۾ ڳڙ ضرور استعمال ڪرائجي ڇو ته وڌندڙ عمر وارن ننڍڙن ٻارڙن لاءِ ڳڙ هڪ بهترين خوراڪ آهي. ڳڙ ڪئلشيم سان ڀرپور اهڙي غذا آهي جيڪا کير جو نعم البدل به ٿي سگهي ٿي. اهڙا ٻار جيڪي روزانو کير نه پيئندا هجن، (ڪنهن به سبب ڪري) تن کي موسم مطابق روزانو ڳڙ کائڻ لاءِ ڏيڻ کپي. ڳڙ دل ۽ جگر لاءِ به هڪ بهترين غذا آهي. هيءُ گلوڪوز وانگر، ان جيترو ئي فائديمند آهي. ذيابيطس جي مريض لاءِ ڳڙ، کنڊ ۽ ڪمند جو رس وغيره بلڪل منع ٿيل آهي. ڏندن جي مريضن خاص طور تي پائيريا وارن لاءِ به سختيءَ سان منع ٿيل آهي. ڪمند جي پورن (چيرن) منجهه ڪڏهن ڪڏهن ڪينئون پهچي پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺندو آهي. ڇو ته ڪمند مٺو ٿئي ٿو، ان ڪري حملو ڪندڙ ڪينئون هميشه لاءِ اتي ويهي رهندو آهي. هاڻي اهڙيءَ صورت ۾ جيڪڏهن ڪمند کي پيڙائي واري مشين ذريعي پيڙي، جوس حاصل ڪبو ته ان ۾ بيماريءَ جو خطرو يقيناً موجود رهندو. ان ڪري مشين ذريعي نڪتل ڪمند جو رس سوچي سمجهي استعمال ڪرڻ گهرجي نه ته ائين ڪرڻ سان ڪيترين ئي بيمارين جو خطرو موجود هوندو آهي.
* * **

وزن جو معاملو The Case for Weight

وزن ڇا آهي؟ دراصل وزن جي لغوي معنيٰ آهي، ”ماپ“، هاڻي ڏسجي ته عرفِ عام ۾ اسين ”وزن“ جو لفظ ڪيئن ۽ ڪٿي ٿا استعمال ڪريون. دراصل وزن جڏهن Weight يعني ”ٿولهه“ واري معنيٰ ۾ استعمال ڪجي ٿو ته پوءِ مطلب ورتو ويندو آهي ته ”وڌيل وزن“ حالانڪه ڏسجي ته وزن ٻن معنائن ۾ ورتل هوندو آهي، وڌيل وزن ۽ گهٽ وزن (Over weight, and under weight) دراصل ”ٿولهه“بيماري آهي. جڏهن ته ڪڏهن ڪڏهن صرف وزن وڌيل يا گهٽيل هوندو آهي. پر بيماري واري معنيٰ ۾ شامل نه هوندو آهي. اڄ ڪلهه جي جديد سائنسي دور ۾ جتي هر ماڻهو سائنس پڙهيل نه هوندو آهي، پر روزمره جي زندگيءَ ۾ گفتگو دوران هو ڪجهه نه ڪجهه سائنسي لفظ پيو استعمال ڪندو آهي، جڏهن ته کيس قطعي طور تي معنيٰ ۽ مفهوم معلوم نه هوندو آهي. مثال طور پريشر، ويٽ (Weight) ايترا دفعا استعمال ڪندو آهي جو کيس اها به خبر نه پوندي اٿس ته هاءِ پريشر يا لو پريشر، اوورويٽ يا انڊرويٽ به چوڻو اٿس مطلب ڳالهه جو اهو آهي ته ”لفظ“، غلط معنيٰ مطلب پيا پيش ڪندا آهن. اڄ ڪلهه جي دور ۾ هر ماڻهو ويٽ ڪانشيس (Weight Concious) لڳو پيو آهي جيڪو سٺو سنوڻ آهي، پر پوءِ به ان جي باوجود جو علم ترقي ڪري رهيو آهي، ماڻهن ۾ معلومات به وڌي رهي آهي، پر پوءِ به وڌيل وزن جا ڪيسز (Cases) به تمام گهڻا نظر اچي رهيا آهن. تازو آمريڪا ۾ هڪ جديد سائنسي تحقيق دوران هڪ خوشخبري واري رپورٽ جاري ڪري وڌيل وزن وارن کي ٻڌايو ويو آهي ته ”ٿلها ماڻهو“ هروڀرو پريشان نه ٿين ڇو ته اهي به ڊگهي طبعي زندگي ماڻي سگهن ٿا. جيئن ته اُهي پنهنجي وڌيل وزن جي پيشِ نظر پنهنجو جسماني چيڪ اپ ريگولر بنيادن تي ڪرائيندا رهن ٿا، ان ڪري منجهن ڪي به خطرناڪ ٻيون بيماريون کين نٿيون وڪوڙين ۽ بروقت صحيح تشخيص ذريعي بچاء ٿيو وڃي ۽ ڊگهي حياتي ماڻين ٿا. جرنل آف آمريڪن ميڊيڪل ايسويشن (Journal of American Medical Association) ۾ رپورٽ ڪيو ويو آهي ته ٿلها ماڻهو به هينئر وڏي/ ڊگهي حياتي ماڻي سگهن ٿا.
تحقيق دوران اهو ڏٺو ويو ته اهڙن ماڻهن جي ڪل ٽوٽل عمر ڪيتري هئي ۽ اهي ڪيتري حد تائين صحتمندانه زندگي گذاري رهيا هيا، جنهن وقت سندن طبعي موت وارد ٿيو. نتائج مطابق اووريٽ ماڻهو (جن جي وصف آهي، باڊي ماس انڊيڪس BMI) 25 ۽ 29.9) جي وچ ۾ آهي، تحقيق دوران ڇهه سيڪڙو گهٽ وفات ڪري ويا. جڏهن ته اهي وچولا (Moderate Obesity) وارا جن جو BMI30 کان وڌيل هيوسي پنهنجي موت جي شرح کي ڪنٽرول نه ڪري سگهيا.
مطلب اهو ٿيو ته تمام گهڻا ٿلها (Obese) ماڻهو ته وري به موت جي شرح تي ڇهه سيڪڙو ڪنٽرول حاصل ڪري شرح گهٽائي ويا، جڏهن ته وچولا ٿلها (Moderate Obesity Obeset) اهو ٽارگيٽ نه حاصل ڪري سگهيا. ريسرچ جي نتيجن تي روشني وجهندي مصنف ڪيٿرين فليجل (Katherine Flagel) بيان ڪيو آهي ته ٿلها ماڻهو (Obse Persons) ڪيئن وڏي حياتي ماڻي سگهيا، اهو سڀ ان ڪري ٿيو جو انهن ماڻهن پنهنجي صحت جي باري ۾ مڪمل خيال رکيو ۽ باقاعدي طور تي رت چڪاس ڪرائيندا رهيا گڏوگڏ پنهنجو جسماني چيڪ اپ (Physical Chekup) به ڪرائيندا رهيا. ان ڪري مختلف بيمارين شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتائون، ڇو ته بظاهر مڪمل طور تي صحتمند نظر ايندڙ ماڻهو پنهنجي ريگولر چيڪ اپ تي ايترو باقاعدگي سان ڌيان نٿا ڏين ۽ پوءِ جڏهن بيماري وڌي وڃي ٿي ته علاج ڏاڍو ڏکيو ٿي پوي ٿو، ڇو ته ڪجهه بيمارين جي اُهڃائڻ جي خبر پوڻ شرط انسان اُن تي ڪنٽرول حاصل ڪري وٺي ٿو ۽ اهڙي طرح وڏي بيماري ۽ مشڪلات کان پاڻ کي بچائي وٺي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سراسري طور ٿورو وڌيل وزن وارو ماڻهو پنهنجي متعلق ايترو خبردار نٿو رهي ۽ پوءِ پڇتائي ٿو. جڏهن ته وڌيل وزن وارن ماڻهن پنهنجو سڄو ڌيان ڏيئي صحت تي خاص خيال رکي ڪري وڏي حياتي ماڻي ورتي. تحقيق دوران اهو به واضع ڪيو ويو ته ميڊيڪل سائنسز ۾ جيڪا ترقي ٿي آهي، ان جي طفيل ٿولهه سان وابسطه ڪجهه طِبّي حالتون، مثال طور بلڊپريشر ۽ ڪوليسٽرول ليول وغيره کي ڪنٽرول ڪرڻ ذريعي ٿولهه جي ڪري پيدا ٿيندڙ نقصانات تي پڻ سٺو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي. علمي تحقيق دوران ڪجهه اهڙا به ثبوت مليا آهن. جن ۾ اهو ڏٺو ويو ته وڌيل وزن وارن ماڻهن جي حياتيءَ جا ڏينهن، بيماري دوران وڌيل ڏسڻ ۾ آيا. بنسبت اُنهن جي جيڪي ڪمزور هيا، ڇو ته ڪمزور ۽ لاغر ماڻهو پنهنجي ڊگهي بيماري (علالت) سان ويڙهه نه ڪري سگهيا ۽ وفات ڪري ويا خاص ڪري وڏي عمر وارا ماڻهو. هوڏانهن وڌيل وزن وارا ماڻهو ڪجهه ڊگهين بيمارين کي منهن ڏيئي ويا ۽ منجهن وفات جي شرح گهٽ رهي.
دراصل هن مضمون جو مُول مَتو هيءُ آهي ته هروڀرو ڪوڪا ڪولا (Coca cola)جو گهڻو استعمال ۽ فاسٽ فوڊ يعني (Junk Food) واپرائڻ ۽ غير متحرڪ لائيف اسٽائل ترڪ ڪري، پاڻ کي تازو توانو رکڻ لاءِ متحرڪ زندگي ۽ تازيون سبزيون ۽ ميوا واپرائڻ گهرجن. جن سان پنهنجو وزن به متوازن رکي سگهجي ۽ صحت به برقرار رکي سگهجي. هن علمي تحقيق جي نتيجن مطابق هن ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته ماڻهن کي هڪ دفعو ٻيهر ”ڪمزور“ جسم ۽ ٿولهه واري جسم جي وصف ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ۽ هر وقت (Weight Issues) يعني وزن متعلق سوچڻ گهرجي. ڇو ته هروڀرو سنهو بلڪل ڪمزور ٿيڻ ۽ هروڀرو گهڻو ٿلهو متارو ٿيڻ ٻئي ڳالهيون ڏکيا ڏينهن ڏيکاري سگهن ٿيون.
هڪ ٻي علمي تحقيق ۾ ڏٺو ويو آهي ته سگريٽ نوشي ڪندڙ ماڻهو پڻ ٿولهه جو شڪار ٿي سگهن ٿا.
ڊگهي عرصي کان بيمار رهندڙ ماڻهو جيڪي ڏسڻ ۾ سنها نظر ايندا آهن، دراصل انهن کي به اسان صحتمند نٿا چئي سگهون، ڇو ته دراصل اهي بيمار ماڻهو اصل ۾ بيماري ڪري سنها هوندا آهن. دراصل اهي صحتمند انسان جيڪي سائنسي وصف مطابق صحتمند (Healthy) هجڻ سان گڏوگڏ سمارٽ ۽ سنها هوندا آهن، سي ئي پنهنجي روزمره جي معاملات کي آسانيءَ سان مُنهن ڏئي سگهندا آهن ڇو ته بيمار جسم سان انسان پنهنجي روزمره جي معاملات کي باآساني مُنهن نٿو ڏيئي سگهي.
ڪجهه به هجي پر هن تحقيق دوران اهو ڏٺو ويو ته اسان کي هروڀرو وڌيڪ ٿولهه جو شڪار نه ٿيڻ کپي توڙي جو بعض اوقات ڪجهه بيمارين کي منهن ڏيڻ جي لائق ڪري ٿي، پر پوءِ به تمام وڌيل وزن يعني ته بي ايم آءِ گريٽرڊئن ٿرٽي فائيو BMI 35 increases the risk of mortality موت جي شرح کي وڌائي ٿو. دراصل ٿولهه (Obesity) طِبيّ دُنيا ۾ هڪ طرح جي ميڊيڪل ڪنڊيشن (Medical Condition) جو نالو آهي. جنهن دوران وڌيل جسم جو سڻڀ ايتري حد تائين وڌي وڃي ٿو جو ان جا مَنفي اَثرات ”صحت“ (Health) تي نمايان طور تي نظر اچڻ لڳندا آهن. ”ٿولهه“ جو اصلي مطلب آهي تمام گهڻو وڌيل سڻڀ يعني وڌيل چرٻي جسم تي سراسري طرح وڌيل نظر اچڻ لڳي. جيڪا وڌيل وزن (Obesity means having too much body fat, it is different from being over weight which means weighing too much) کان بلڪل مختلف هوندي آهي. وڌيل وزن over weight جي وصف ڪجهه هيٺين ريت بيان ڪري سگهجي ٿي. اُهو وڌيل وزن جيڪو گهڻي ڀاڱي مُشڪن (Muscles)، هڏن (Bones)، سڻڀ (Fat) ۽ يا وري جسم اندر پاڻيءَ جي وڌيل شرح وغيره جي ڪري وقوع پذير ٿي پوي. مٿين ٻنهي صورتحال جي نتيجي ۾ انسان جو وزن وڌي وڃي ٿو، جيڪو اُن جي ”صحت“ جي وصف جي خلاف هوندو آهي. ان ڪري ٿولهه (Obesity) کي هڪ پيچيده قسم جي خرابي تَصّور ڪيو وڃي ٿو، جيڪا چرٻيءَ جي وڌيل مقدار جي صورت ۾ جسم اندر جمع ٿي ڪري تمام خطرناڪ اثرات مُرتبّ ڪري ٿي. ان ڪري ان قسم جي ٿولهه يعني ”وڌيل وزن“ کي ڪنٽرول ڪرڻ لازمي قرار ڏنل آهي. اهو صرف انسان جي ظاهري حُسن ۽ جسماني بناوت ۾ ڏڦيڙ نٿو وجهي، بلڪه انساني ”صحت“ کي به تباهه و برباد ڪري ٿو.
جسم جو وزن انسان جي قد ڪاٺ کي مدنظر رکندي جيڪڏهن نارمل کان 20% سيڪڙو وڌيل هوندو ته اُن کي ٿلهو (Obese) سڏيو ويندو.

ڪثرت جا فائده
1. جيڪڏهن ورزش يعني ”ڪثرت“ کي هڪ گوري (Tablet)1 ۾ بند ڪجي، ته اها دنيا جي شايد گهڻي کان گهڻي لکي ڏني ويندڙ فائديمند ميڊيسن بڻجي وڃي.
2. ريگولر ”ورزش“ هيٺين تڪليفن کي منهن ڏيندڙ بهترين ميڊيسن ثابت ٿي سگهي ٿي.
(i) دل جون بيماريون (ii) دل جو دورو (iii) ٿولهه (iv) ٽينشن يعني هيجاني ڪيفيت (v) مختلف قسمن جي ڪينسر جي بيماري (vi) وڌيل ڪوليسٽرول ليول (vii) بيچيني واري ڪيفيت وغيره.
(viii) ورزش سان انسان جو پنهنجو پاڻ تي اعتماد وڌي ٿو.
(xi) موڊ بهتر کان بهترين ٿي وڃي ٿو. يادداشت وڌي ٿي.
(x) هڏائون ڍانچو طاقتور ٿئي ٿو. طبعيت تي بيحد خوشگوار اثر مرتب ٿين ٿا، جنهن ڪري جيئڻ ۾ مزو اچي ٿو.
اهو سڀ ڪجهه تڏهن حاصل ٿي سگهي ٿو، جڏهن اسان 20 منٽن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ميل پنڌ ڪيون نه ته ٻيءَ صورت ۾ گهٽ ۾ گهٽ لاڳيتو بنا وقفي جي اڌ ڪلاڪ کن پنڌ ڪريون.چاليهه منٽ لاڳيتو پنڌ ڪرڻ سان هڪ ڪئلوري ساڙي يعني گهٽ ڪري سگهجي ٿي.
جيئن ته اسان سڀني کي معلوم آهي ته هڪ صحتمند ”ذهن“ لاءِ صحتمند جسم جو هجڻ بيحد ضروري آهي، ان ڪري اسان لاءِ اهو نهايت ئي ضروري آهي ته اسان پنهنجو پاڻ کي فٽ (Fit) رکڻ لاءِ لازمي طور تي پنهنجي جسم کي ”حرڪت“ ۾ رکون جيڪو صرف ۽ صرف راند روند، ورزش ۽ محنت و مشقت جي وسيلي ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. محنت و مشقت سان انساني جسم اندر موجود قوت مدافعت وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿي. جنهن سان بيمارين سان مقابلي ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. مِثل مشهور آهي ته ”حرڪت ۾ برڪت آهي“. مٿين جملي جو مطلب ئي اهو آهي ته انسان کي هر وقت ”چست“ رهڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهڻ کپي.
* * *

جڏهن نڙيءَ منجهه خارش ٿي پوي، ته ڇا ڪجي؟

عام طور تي نڙيءَ جي خارش کي انگريزيءَ منجهه اسين هيٺين ريت سمجهي سگهون ٿا، ته (Sore Throat) ڇا آهي؟ اصل ۾ گلي جي خارش کي ميڊيڪل سائنس ۾ اَڪيوٽ فيرنجائٽس (Acute Pharyngitis) سڏيو وڃي ٿو. گلي جي خارش ڪنهن بيماريءَ جو نالو نه آهي، پر اُهڃاڻ يا علامت ضرور آهي. (Symptom)، اِهڙو اُهڃاڻ يا علامت جيڪو بئڪٽيريا يا وائرل انفيڪشن جي موجودگيءَ جو احساس ڏياري ۽ خبردار ڪري. جيئن ته اسان کي خبر آهي، ته نڙي يعني ٿروٽ (Throat)، ۽ نڪ (Nose) اسان جي جسم جا سڀ کان پهريان ۽ ضروري عضوا آهن، جيڪي حفاظتي اُپاءَ وٺرائڻ ۾ مددگار ٿين ٿا ۽ ٻاهران هوا جي ذريعي، جيڪي مٽيءَ جا ذرڙا ۽ نظر نه ايندڙ ننڍڙا جيوڙا شامل هوندا آهن، تن کي يعنيAirborne organism کي اُتي جو اُتي روڪڻ ۾ مدد ڏيندا آهن، ڇو ته تنتي اوڄ (Tissues)، جيڪي اُتي موجود هوندا آهن، سي سڀ کان پهريان متاثر ٿي پوندا آهن. مثال طور: اوچتو سرديءَ جي لهر اچڻ سان، سردي ۽ زڪام يا وري نڪ جي اندر ناسن منجهه اِنفيڪشن پيدا ٿي پوندو آهي، جنهن ڪري گلي ۾ خارش محسوس ٿيندي آهي. هوا ۾ موجود جيوڙا، ۽ کَٽيِن شِين جي استعمال سان اچانڪ ايندڙ ٿڌن ڏينهن ۾ گلي ۾ خارش ٿي سگهي ٿي ۽ اهو عمل ننڍڙن ٻارن ۾ تڪڙو نظر ايندو آهي. جڏهن ته وڏن ۽ بالغ ماڻهن منجهه گهڻو ڪري وائرل اِنفيڪشن ان ڳالهه جو سبب بڻجندو آهي. سرديءَ جو لڳڻ ۽ زڪام جو پيدا ٿيڻ آهستي آهستي وڌي گلي جي خارش واري صورتحال پيدا ڪري وجهندو آهي، جنهن ڪري ڪنن ۾ پڻ خارش محسوس ٿيندي آهي ۽ ڳيت ڏيڻ ۾ ڏکيائي درپيش ايندي آهي. جڏهن ته ٻئي طرف بئڪٽيريل اِنفيڪشن جي ڪري تمام تڪڙو ۽ سُور سان گڏ هلڪو بخار به ٿي پوندو آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ هيٺيون علامتون نظر اينديون آهن:
(1) چڀندڙ، خارش محسوس ڪرائيندڙ احساس، جيڪو گلي (نڙيءَ) جي پوئين پاسي يعني (اندرين پاسي) محسوس ٿيندو رهڻ.
(2) سخت سور ۽ اندر ۾ گرميءَ جو احساس ڏيندڙ تڪليف، جيڪا گهڻو ڪري ڪنن ۾ به محسوس ٿيندي آهي.
(3) کاڌي کائڻ وقت، ۽ پاڻي پيئڻ وقت، يعني ڳيت ڏيڻ ۽ اُڳرڻ مهل بي انتها تڪليف محسوس ٿيڻ. مثال طور: گرهه کي اُڳرڻ مهل تڪليف محسوس ٿيڻ.
(4) آواز جو دٻجي وڃڻ.
گهڻي ڀاڱي جيڪڏهن گلي جي خارش هڪ وائرس سبب هوندي آهي، ته پوءِ ازخود ٽن کان ڏهن ڏينهن اندر خارش ختم ٿي ويندي آهي، ۽ نڙي بلڪل صاف سٿري محسوس ٿيندي آهي. پر جيڪڏهن توهان جي نڙيءَ منجهه بئڪٽيريل انفيڪشن ٿي پوي، ته پوءِ مٿي ڄاڻايل فرق واريون علامتون غور سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ پوءِ جيڪڏهن پڪ سمجهجي، ته انفيڪشن بئڪٽيريل آهي، ته پوءِ لازمي طور تي توهان کي اينٽي بائيوٽڪس (Antibiotics) وٺڻيون پونديون. ادرڪ ۽ ٿوم اهڙن زخمن کي ڇٽائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اهي ٻيئي قدرتي طور تي ”ٽانڪ“ طور ۽ مزاحمت ڪندڙ ٻوٽا سمجهيا وڃن ٿا. جيڪڏهن توهان ادرڪ (تازي) کي چمچي وغيره تي رکي ٿورو زور ڏيئي ۽ عرق ڪڍي وٺو ۽ پوءِ ماکي (هم وزن) ملائي رات جو سمهڻ وقت کائي ڇڏيو، ته توهان کي انشاءَ الله تعاليٰ تمام جلدي آرام اچي ويندو. نڙيءَ جي خارش هجي يا وري خشڪ کنگهه ۽ ڪنن منجهه خارش محسوس ٿيندي هجي، توڙي جو گڏوگڏ نڪ منجهه خارش ۽ پاڻي ايندو هجي. بهرحال هر صورت ۾ انهن جو استعمال بي انتها فائديمند ٿئي ٿو، ڇو ته انهن جي استعمال سان نقصان ڪوبه ڪونه ٿيندو.
جيئن ئي نڙيءَ منجهه خارش شروع ٿئي، ته پاڻيءَ منجهه لوڻ ملائي، پوءِ نيم گرم ڪري، ”غراڙا“ (gargle) ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، بنان ڪنهن سوچ ۽ ويچار جي ۽ بنان ڪنهن دير جي. پهرين ئي ڏينهن کان وٺي ان جو استعمال شروع ڪرڻ سان، ڪافي حد تائين تڪليف تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو ۽ دوائن جي استمعال کان بچي سگهجي ٿو. نسخو هن ريت آهي: هڪ ”گلاس“ پاڻيءَ منجهه چانهه وارو اڌ چمچو ”لوڻ“ ملائي نيم گرم ڪري استعمال ڪرڻو آهي.
سموڪنگ (Smoking) يعني سگريٽ، ٻيڙي وغيره بند ڪرڻ گهرجي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڇهن کان اٺ گلاس پاڻي ۽ ٻيون پاڻياٺيون شيون مثال طور: سوپ وغيره، جن ۾ نه صرف ڪڪڙ (مرغي)، بلڪ دالين وغيره جو سوپ به شامل ڪري سگهجي ٿو. چوڻ جو مطلب هيءُ آهي، ته پاڻياٺ واري يعني پٽڙي غذا وڌيڪ استعمال ڪرڻ گهرجي. اسان سوپ (Soup) هر قسم جي غذا جو حاصل ڪري سگهون ٿا، اِنڪري سُوپَ جو استعمال وڌائي ڇڏجي، ته جيئن جسم منجهه پاڻياٺ جي ڪمي نه ٿي پوي ۽ اُن تي ڪنٽرول رکي سگهجي. اهڙا شربت جيڪي ڪيفين (Caffeine) تي مشتمل هجن، تن جو استعمال روڪي ڇڏجي ۽ سادا مگر گرم”سوپ“ استعمال ۾ رکي، پنهنجي ”صحت“ کي تمام سولائيءَ سان بهتر بڻائي سگهجي ٿو.
”صحت“ کي برقرار رکڻ لاءِ نه صرف ”غذا“ ۽ ”غذائي اهميت“ جي ڄاڻ ۽ سمجهه رکڻ ضروري آهي، پر گڏوگڏ اصلي ڳالهه آهي ”صفائيءَ“ جو خيال رکڻ. اسان جي نبي سڳوري حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جو فرمان آهي، ته ”صفائي نصف ايمان آهي“. سو ”صحت“ کي برقرار رکڻ لاءِ ”صفائي“ جو اهتمام ”گهر“ کان شروع ٿئي ٿو. توهان جو ”گهر“ صاف سٿرو هوندو، ته توهان ٻين لاءِ به نمونو بڻجي سامهون ايندؤ. جيئن چوڻي آهي، ته ”جيءُ خوش، ته جهان خوش.“ صحت آهي ته سڀ ڪجهه آهي. پنهنجي گهر جي رڌڻي کان وٺي، سڄو گهر گهاٽ ۽ پوءِ ٻاهر جو ماحول صاف سٿرو رکڻ سان ئي اسان صحتمند زندگي گذاري سگهون ٿا.
* * *

ڪڻڪ جو ڏارو (دليه) تعليمي صلاحيتن ۾ اضافي جو باعث بڻجي ٿو

اڄ جي سائنسي دور ۾ جديد تحقيقات ذريعي ڪجهه اِهڙا اِهڙا انڪشاف به ٿيندا رهن ٿا، جيڪي ماضيءَ ۾ پهرين کان اسان وٽ مروج ۽ زيرِ استعمال رهندا آيا آهن. مثال طور ڪجهه کاڌا ۽ غذائون مختلف ماڊرن نالن ۽ رنگ روپ ۾ مختلف رنگين دٻن ۽ پيڪيٽس ۾ بند دڪانن تي موجود هجن ٿا، جيڪي زمانهءِ قديم کان اسان وٽ عام رواجي طور تي اسان استعمال ڪندا رهيا آهيون. بس فرق صرف ايترو آهي ته اڳي جيڪو ڪجهه ڳوٺن ۾ استعمال ڪبو هُيو تنهن کي شهري ماڻهو ايتري اهميت نه ڏيندا هئا، پر اڄوڪي جديد دور ۾ سائنسي طريقي سان تحقيق ڪري ۽ ان جا فائدا بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ، جديد دور جي تقاضائن مطابق ”پيڪ“ ڪري فرو خت ڪرڻ ڪري ساڳي ”غذا“ پنهنجي اهميت مڃرائي ورتي آهي. اڄوڪي ان سڄي ”تمهيد“ جو اصل مطلب آهي ته ”ڪڻڪ جو ڏارو“، جنهن کي عرف عام ۾ اڄڪلهه ”دليو“ سڏجي ٿو. هي هڪ مڪمل ”غذا“ آهي. اسان وٽ ٻهراڙين ۾ ڪڻڪ جو ”ڏارو“ يا ”ٻاٽ“ وِيم دوران خاص طور تي کير ۾ اوٻاري، استعمال ڪرايو ويندو آهي.
ساڳيءَ ريت ”چانورن جو ڀت“ جنهن ۾ سادي طريقي سان پڪل نرم چانور کير ۾ ملائبا آهن، سي به عام طور تي استعمال ٿيندا رهندا آهن. هينئر ڏسجي ته ساڳيون غذائي جنسون جديد مشينن ذريعي پيڪ ڪري، مختلف نالن سان بازار ۾ دڪانن تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. مثال طور ڪارن فلڪس، (Corn-Flaks)، (Porridge)، ڪڻڪ، مڪئي، جوئر، چانورن وغيره جو دليو ”ٻاٽ“ دٻن ۾ بند دستياب آهي. جديد تحقيق ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ننڍپڻ ۾ ”دليه“ کائڻ سان ٻار ذهين طالبِ علم ثابت ٿين ٿا. ۽ امتحانن ۾ وڌيڪ نمبر حاصل ڪن ٿا.

دليي ۾ موجود جُزا ٻارن کي لکڻ، پڙهڻ ۽ هِجي ڪرڻ جي صلاحيتن کي وڌائين ٿا. ڏسجي ته اهي شيون اسان وٽ اصل کان زيرِ استعمال رهنديون آيون آهن ۽ هاڻي به ضروري آهي ته پنهنجي اصلي طور طريقي ۽ رواجي، ثقافتي اسٽائل ۾ غذا واپرائڻ وڌيڪ مفيد ۽ صحت بخش آهي. ڇو ته ائين ڪرڻ سان اسان جي غذا ۾ غذائي ڪئيلوريز مڪمل طور تي فائديمند رهن ٿيون ۽ ضايع نٿيون ٿين.
ننڍڙن ٻارڙن جي لاءِ اوٻاريل ڪڻڪ جو ڏارو، توڙي چانورن منجهه مرضيءَ مطابق ٿورو انب ملائي جوس واري مشين ۾ جوس وانگر ٺاهي، فرج ۾ رکجي ۽ ٿڌي ٿيڻ تي جڏهن ڪيڪ وانگر ڄمي وڃي ته ٽڪرا ٽڪرا ڪٽي ٻارن کي ذئقيدار بڻائي کارائجي. اِسڪول ويندڙ ٻارڙن لاءِ هڪ بهترين ”صحت بخش“ غذا ثابت ٿيندي.
* * *

مڇيءَ جي تيل سان صحتيابيءَ جو عمل تيز ٿئي ٿو

جديد طِبّي تحقيق جي مطابق مڇي ۽ مڇيءَ جي تيل جي باري ۾ جيڪي رپورٽون پيش ڪيون ويون آهن، تن جي مطابق اها ڄاڻ ملي آهي ته اسپتالن ۾ داخل مريضن کي جيڪڏهن علاج سان گڏوگڏ صحت جي بحاليءَ لاءِ مڇي جو تيل استعمال ڪرايو وڃي ته هوند مريض جلد صحتياب ٿي سگهن ٿا.
ڪجهه مريضن تي تجربا ڪري اهو ڏٺو ويو ته جن مريضن مڇيءَ جو تيل استعمال ڪيو، سي ٻين مريضن جن استعمال نه ڪيو، جلد اسپتال مان فارغ ٿي ويا. استعمال ڪندڙ مريض منجهه سوزش جو عمل به جلد گهٽجي ويو ۽ ڦڦڙن ۾ آڪسيجن جو مقدار به گهڻو ڏٺو ويو. ماهرين جي مطابق مڇيءَ جو تيل استعمال ڪندڙن کي جيئن ته تيل ۾ موجود اوميگا ٿري فيٽي ائيسڊ (Omega three fatty acid) وافر انداز ۾ مليو ته اهي مريض جلد صحتياب ٿي ويا.

[b]مڇي ۽ اُن جو تيل [/b]
متوازن غذا ۾ مڇيءَ جو استعمال بي انتها لازمي آهي. مڇي روزمره جي زندگيءَ ۾ هر روز باقاعدگيءَ سان واپرائڻ گهرجي. ڀاڄين کان پوءِ ٻئي نمبر تي مڇيءَ جي اَهميت ۽ افاديت تمام گهڻي آهي. سائنسي بنيادن تي ڪيل تحقيق دوران اِهو ثابت ٿي چڪو آهي ته ڀاڄين جي اِستعمال سان گڏوگڏ مڇيءَ کي به واپرائڻ گهرجي، ڇو ته مڇيءَ جو گوشت ٻئي گوشت جي مقابلي ۾ وڌيڪ فائديمند آهي. مڇيءَ کائڻ سان نه صرف جسماني نشوونما تي اثر پوي ٿو پر خاص طور تي اکين جي بينائي لاءِ تمام بيحد ضروري آهي. جن ماڻهن جي اکين جي بينائي ڪمزور هوندي آهي اُنهن کي خاص طور تي ڊاڪٽر مڇي ۽ گجر (ڳاڙهي) کائڻ لاءِ چوندا آهن. هڪ طرف مڇيءَ جو اِستعمال روزانه ضروري قرار ڏنو ويو آهي، ٻي طرف مڇيءَ جو تيل به تمام اهميت جو حامل آهي. جديد طِبيّ تِحقيق جي مطابق وڏيءَ عمر وارن ماڻهن منجهه نظر جي ڪمزوري ۽ نظر ختم ٿي وڃڻ جي صورت ۾ اُن جي خاتمي لاءِ مڇيءَ جي تيل جو استعمال تمام مفيد قرار ڏنو ويو آهي. اک جي اندر موجود پتليءَ منجهه پيدا ٿيندڙ مختلف بيمارين کي ختم ڪرڻ لاءِ مڇيءَ جو تيل استعمال ڪندڙن جي هڪ سروي دوران ڏٺو ويو ته مڇيءَ جي تيل جي استعمال سان تمام مثبت نتيجا حاصل ڪيا ويا آهن. اکين جي بيماريءَ جي شرح گهٽائڻ ۾ مڇي ۽ مڇيءَ جو تيل بيحد اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. آمريڪن جرنل آف پيٿالاجي ۾ شايِع ٿيندڙ هِڪَ تحقيق دوران اِهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته مڇي ۽ مڇيءَ جي تيل جو استعمال نه صرف قُوّتِ بَصَارت کي وڌائي ٿو ۽ قائم دائم رکڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو. پر گڏوگڏ جسم ۾ اندر جيڪڏهن ڪو سوزش وغيره جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو ته اُن کي پڻ ڪنٽرول ڪري ٿو. غِذائي ماهرين جي راءِ مطابق مڇي هر عمر جي انسان لاءِ هڪ بهترين غذا آهي، ۽ هر ماڻهوءَ تي لازم آهي ته روزانو هڪ ٽائيم مڇي ضرور واپرائي.
* *

ٻارن کي مليريا کان محفوظ رکڻ لاءِ نئين وئڪسين تيار

آمريڪي محققن جي مطابق هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مليريا بيماريءَ کي ٻارن منجهه ختم ڪرڻ لاءِ ويڪسين تيار ڪئي وئي آهي. ان ويڪسين جي مدد سان ٻارن ۾ مڇرن جي چڪ ڪري پيدا ٿيندڙ بيمارين کان ٻارن کي محفوظ رکي سگهبو. نئين وئڪسين کي مغربي آفريڪا ۾ (هڪ کان ڇهن سالن جي عمر جي ٻارن ۾) سؤ کان وڌيڪ ٻارن تي آزمايو ويو. انهن ۾ ايتري قوت مدافعت پيدا ٿي وئي آهي جيئن هڪ وڏي بالغ انسان ۾ پيدا ٿي ويندي آهي. ٻار جو ڪيترائي دفعا مليريا کان متاثر ٿيڻ بعد قوتِ مدافعت نيٺ ان مقابل ٿي ويندي آهي جو مڇرن جو چڪ پوءِ ايترو جلدي اثر انداز نه ٿيندو آهي. ريسرچ ڪندڙ سائنسدانن ڪجهه اهڙن طريقن جي نشاندهي ڪئي آهي، جيڪي مڇر پنهنجي انساني شڪار کي سنگهڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. توقع ڪئي پئي وڃي ته عنقريب هن دريافت سان مڇرن کي انسانن کان پري رکڻ لاءِ اهڙيون دوائون ٺاهيون وينديون، جن ۾ خطرناڪ ڪيميائي ماده استعمال نه ڪيا وڃن يا وري گهٽ ۾ گهٽ اهڙيون دوائون استعمال ۾ نه اچن. مليريا جي باعث هر سال تقريباً ڏهه لک انسان موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا. جن جو اڪثر ڪري تعلق برِاعظم آفريڪا سان آهي ۽ خاص طور تي ننڍڙا ٻار اجل جو شڪار ٿي وڃن ٿا، ڇو ته انهن منجهه بالغ انسانن جي مقابلي ۾ تمام گهٽ قوتِ مدافعت هوندي آهي ۽ ساڳي وقت ماءُ جي کير ۾ ٻارن جي بيمارين خلاف سڀ کان وڌيڪ قوتِ مدافعت موجود هوندي آهي ۽ ساڳي وقت ماءُ جو کير ٻار کي ’ايڊز‘ جهڙي خطرناڪ بيماري کان به بچائي سگهي ٿو. الله تعاليٰ جي تخليق منجهان ڪائنات جي حسين ترين تخليق آهي، ”اِنسان جو ٻارُ“. ٻارُ هڪ اهڙو ته معصوم گل هوندو آهي جيڪو ذري برابر به گرمي ۽ سردي يعني ته گهٽ وڌائي بلڪل به سهي نه سگهندو آهي. ڄمڻ کان پوءِ ٻار جي بهترين غذا جو انتظام به الله تعاليٰ پنهنجي هٿن ۾ رکيو آهي. هُن معصوم لاءِ ماءُ جي سيني اندر اهڙو ته نظام رکيو آهي، جو رت منجهان ڇڪي کير جي شڪل ۾ کير ناليون کِيرُ کڻي ٻار جي وات تائين پهچائين ٿيون. هيءُ هڪ اهڙو ته پاڪ پوتر، صاف سٿرو ۽ غذائيت سان ڀرپور هر بيماريءَ کي مُنهن ڏيڻ جي قابل کير آهي، جيڪو سال کن تائين ٻار جي غِذائي ضرورتون پوريون ڪندو رهي ٿو ۽ ٻارڙي جي نشوونما بهترين طريقي سان ٿيندي رهي ٿي. موجوده دور ۾ جتي نيون نيون تحقيقون ٿي رهيون آهن. سائنسي طِبيّ مَاهرين تازه ترين رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ماءُ جي کير پيارڻ وارو عمل نه صرف ٻار منجهه قوت مدافعت پيدا ڪري ٿو پر ساڳي وقت ٻارن کي اڄڪلهه جي موذي مرض ايڊز کان پڻ بچائي رکي ٿو. ٻي طرف ايڊز ورتل مائرن کي اِها صلاح ڏني وئي آهي ته اهي پڻ پنهنجن ٻارن کي کير پياري سگهن ٿيون ۽ هن خوف کان ته هو پاڻ ايڊز ۾ ورتل آهن، پنهنجن ٻارن جو کير پيارڻ بند نه ڪن تحقيق دوران خبر پئي اهڙا ٻار جلد مري سگهن ٿا. جن کي ماءُ جو کير نصيب نٿو ٿئي. مٿين ڏنل تفصيل منجهان خبر پئي ته ٻار لاءِ ماءُ جو کير ڪيترو نه اهم آهي، ”ايڊز“ جهڙي موذي مرض ۾ ورتل ماءُ به کير پياري سگهي ٿي.
* * *

ڪنوار ٻوٽي Aloe-Vera

ايلوويرا يعني ڪنوار ٻوٽو، ان کي اردو ۾ گهيڪوار سڏيو وڃي ٿو. هيءُ ٻوٽو نه صرف دوا جي طور تي استعمال ٿئي ٿو پر هار سينگار ۽ چمڙيءَ جي بهترين نشوونما لاءِ به بي مثال ٻوٽو آهي. ڪيترين ئي ڪاسميٽڪس (Cosmetics) ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. جنهن ۾ خاص طور تي چمڙيءَ جي (Skin Care) حفاظت لاءِ ٺهندڙ ڪريم ۽ لوشن وغيره شامل آهن. توڙي جو اڄ جي جديد زماني ۾ ٺهندڙ ڪاسميٽڪس ۾ استعمال ٿيندڙ ڪنوار ٻوٽي (ايلوويرا)، زماني قديم کان وٺي زيرِ استعمال رهندي آئي آهي ۽ هن بي مثال ٻوٽي جو استعمال سوين سالن کان هلندو پيو اچي پر پوءِ اڄڪالهه جديد ترقي يافته سائنسي دور ۾ به هينئر ان ساڳي ٻوٽي جو استعمال وڌيڪ ڪارگر نموني ۾ سائنسي بنيادن تي ڪيو وڃي ٿو ۽ خاص طور تي سائنسي بنيادن تي جديد ٽيڪنالاجيءَ کي استعمال ڪندي، صحت جي اصولن پٽاندر لوشن ۽ ڪريم وغيره تيار ڪيا وڃن ٿا. پر پوءِ به سڌو سنئون تازي ڪنوار ٻوٽي جي گهريلو استعمال کي هن وقت به ڪو رد (Reject) نه ڪري سگهيو آهي. چيو وڃي ٿو ۽ تاريخ ٻڌائي ٿي ته زماني قديم ۾ مصر جي راڻي “Egyptian beauty queen Cleopetra” ڪلوپيٽرا پڻ ايلوويرا (Aloe Vera) کي پنهنجي ”صحت جي برقراري“ ۽ ”سونهن سوڀيا“ ۾ اضافي آڻڻ لاءِ مستقل طور تي استعمال ڪندي هئي. نه صرف ايترو پر عام طور تي عام ماڻهو، انفيڪشن (Infection) ۽ ڪيترين ئي چمڙي جي بيمارين ۽ ٻين ڪيترين پيٽ جي بيمارين ۾ آرام حاصل ڪرڻ لاءِ نه صرف جسم جي ٻاهران چمڙيءَ تي استعمال ڪندا هئا پر مخصوص وزن ٺاهي کائيندا به هئا. جنهن ڪري خون پڻ صاف سٿرو ٿي اندروني روڳ يعني انفيڪشن کي ختم ڪرڻ ۾ بيحد مددگار ثابت ٿيندو هيو.
Aloe Vera was used for curing infection, dermatological disorders and as a laxative.
تنهن زماني ۾ حڪيم هيپوڪريٽس جنهن کي دوائن ۽ علاج جو ابو (Father of Medicine) سڏيو وڃي ٿو) به هن ٻوٽي کي مختلف بيمارين ۾ دوائون ٺاهي علاج طور استعمال ڪندو هيو. قديمي آيورويڊس (Ayurvedas) پنهنجي آس پاس موجود هن ”ڪنوار ٻوٽي“ ايلوويرا کي نه صرف دوا طور پر جسماني طور پرڪشش ۽ صحتمند رهڻ لاءِ ۽ بدهضميءَ کان بچڻ خاطر (Laxative) طور به استعمال ڪندا هئا. چمڙيءَ جي بيماري ايگزيما (Eczema) يا روڳ وهندڙ ڦٽن ۽ ڦرڙين ۾ (Psoriasis) جي علاج ۾ بيحد ۽ بي مثال فائدو ڏيندڙ هن ٻوٽي جو استعمال نه صرف مصري ۽ ويدن وغيره جاري رکيو پر گڏوگڏ عربن (Arabians) ۾ به علاج طور تازي ايلوويرا کي تمام گهڻي اهميت حاصل رهي آهي. تازي ايلوويرا کي پيشانيءَ تي مهٽڻ سان ”مٿي جو سور“ گهٽائڻ ۽ ”بخار“ (Fever) جي صورت ۾ سڄي جسم تي مهٽڻ سان بخار واري ڪيفيت کي گهٽائڻ جي ڪم آڻيندا هئا، ڇو ته جڏهن تازي ايلوويرا جي گگ (jell) نما چپڪندڙ گودو جسم تي مهٽبو ته ٿڌاڻ محسوس ڪبي آهي. ان ڪري اهو فوراً اثر انداز ٿي ڪري، درد، پيڙا ۽ ڏک واري ڪيفيت کي ”ٿڌاڻ“ طرف مائل ڪري، مريض کي ٿڌڪار (Cooling) جو احساس ڏياري، ”پُرسڪون“ ڪري ڇڏيندو آهي. زماني قديم ۾ توڙي جو جديد سائنسي بنيادن تي اڃان معلومات عام نه ٿي هئي، پر پوءِ به خاص ماڻهو، حڪيم حڪماءُ ۽ عالم فاضل، انسان، پنهنجي آس پاس ڦهليل هر ٻوٽي، هر ميوي ۽ هر نباتات ۽ حيوانات جي بي مثل فائدن جي ”ڄاڻ“ ۽ معلومات رکندڙ هوندا هئا. هو انهن جي افاديت کان واقف هوندا هئا.
اڄڪلهه جي جديد تحقيقي ۽ سائنسي معلومات جي بنيادن تي هينئر ان ساڳي ”ٻوٽي“ جي بي مثال ”خوبين“ کي مزيد تحقيقي بنيادن تي اجاگر ڪيو ويو آهي. منجهس موجود ڪيترن ئي ”معدنيات“ ۽ ”وٽامنس“ جتي تحقيق ڪرڻ بعد مٿن مختلف نالن سميت، منجهن اندر موجود خصلتن کي اجاگر ڪيو ويو آهي ۽ جدول مطابق ظاهر ڪيو ويو آهي ته ڪهڙي وٽامن ۽ معدنيات ڪيتري مقدار ۾ موجود آهي. يعني ته ڪوالٽي ۽ ڪوانٽٽي (Quality and Quantity) متعلق چارٽ ٺاهي مطلع ڪيو ويو آهي ته ڪهڙي شيءَ ڪيتري مقدار ۾ موجود آهي. ائين ڪرڻ سان ان معلومات جو اهو فائدو مليو آهي جو موجوده زماني ۾ جيتريون به دوائون توڙي جو عام طور استعمال ٿيندڙ لوشن، ڪريم، صابڻ، پيسٽ، پائوڊر مطلب ته جيتريون به مارڪيٽ ۾ موجود ڪاسميٽڪس آهن تن منجهه ٻوٽي جو استعمال سائنيٽيفڪ بنيادن تي ڪيو وڃي ٿو. ايلوويرا ۾ وٽامن اي (A)، سي (C)، اِي (E)، بي ون (B1)، بي ٽو (B2) بي ٿري (B3) ۽ بي ٽوئليو (B12) سان گڏوگڏ پروٽين (Protein)، لپڊس (Lipids) امائنوائسڊ (Amino acids) فولڪ ائسڊ (Folic acids) ۽ معدنيات مثال طور ڪئلشيم (Calcium) مئگنيشيم (Magnesium) زنڪ (جست) (Zink) ڪرومئيم (Chromium) سيلينيم (Selenium) سوڊيم (Sodium) آئرن (Iron) پوٽاشيم (Potassium) ڪاپر (Copper) ۽ مئگنيشيم وغيره موجود آهن، جيڪي اسان جي صحت کي بهتر رکڻ لاءِ بي حد ضروري آهن ۽ اسان جي صحت کي برقرار رکڻ لاءِ نهايت ئي لازمي جُز آهن، جن جي گهٽ هجڻ جي صورت ۾ اسان جي جسماني نشوونما، ساخت ۽ واڌ ۾ گهٽتائي اچڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا ۽ بعض دفعه ڪيتريون بيماريون وجود ۾ اچن ٿيون. (Deficiency of various minerals, vitamin and proteins, fats, and carbohydrates, gives rise to varsious ailments) ڪاسميٽڪس منجهه هنن سڀني مرڪبات جي موجودگي بي انتها مفيد ثابت ٿي آهي ۽ ساڳي وقت روايتي دوائن ۾ پڻ هنن مرڪبات جي ڪري بيشمار فائده ملن ٿا. ايلوويرا منجهه موجود مٿي ذڪر ڪيل سڀ مرڪبات وافر انداز ۾ موجود آهن ۽ قدرتي طور تي موجود انهن مرڪبن ڪري بيشمار فائده حاصل ٿين ٿا. ايلوويرا ۾ ٻن قسمن جا ماده موجود آهن، هڪ چپڪندڙ مرڪب (Jell) ۽ ٻيو ليٽڪس (Latex) جيڪي دوائن(Medicine) ۾ استعمال ٿين ٿا. ايلو مادو، هڪ صاف سُٿرو، شيشي وانگر، شفاف نظر ايندڙ، جيلي(Jelly like)وانگر ٿئي ٿو جيڪو ايلوويرا پَنَ ۾ اندر هوندو آهي(Found in inner part of aloe plant leaf) جڏهن ته ليٽڪس(Latex) ٻوٽي جي هيٺان چمڙي منجهان وهندي نظر ايندو آهي، جنهن جو رنگ هئڊو ٿئي ٿو ۽ اهو پاڻياٺ مثل ٿئي ٿو. هاڻي اسان هن ٻوٽي جون خصوصيات بيان ڪنداسي.
1. ڊي ٽوئڪسيفيڪيشن(Detoxification): ايلوويرا جِيل(Jell) خوراڪ بڻجي جيئن ئي ننڍي آنڊي تائين پهچي ٿو ته جيڪي به زهريلا ماده موجود هوندا آهن، تن سڀني کي جذب ڪري ڇڏي ٿو ڇو ته بنيادي طور تي ايلوويرا هڪ چپڪندڙ مادو آهي(Gelatinous food plant) جيڪو زهريلن جزن کي پاڻ منجهه جذب ڪري وڏي آنڊي جي معرفت نيڪال ڪري ڇڏي ٿو.
(This helps proper elimination of waste from your body and helps in detoxification)
2. چمڙيءَ جي حفاظت (Skin care) ايلو جيل (Aloe jell) هڪ معروف ملم جي طور تي به ڪم ايندي رهي آهي. جڏهن ڪنهن به زخم تي لڳائجي ٿي ته اهو زخم جلد ٺيڪ ٿي وڃي ٿو. خاص طور تي ڦٽ، ڦرڙا، ڏڍ، خارش، تپش ڪري چمڙيءَ جو سڙي پوڻ وغيره يا وري ڪو، منگهڻ(Bugs)چڪ پائي ته ان وقت هڪ آرام ڏيندڙ ملم طور ڪتب اچي ٿو ۽ زخم وغيره جلد ڀرجي، ٺيڪ ٿي ٿا وڃن.
(Aloe Vera is great for applying topically to burns, abrasions, eczema, psoriasis and bugs bites). It acts as acting to help relieve pain of analgesic wounds)
ايلوويرا منجهه پاڻيءَ جو مقدار پڻ تمام گهڻي انداز ۾ آهي، جنهن ڪري چمڙي نم ۽ تر (Wait) رهي ٿي. جنهن ڪري چمڙيءَ کي خشڪ ٿيڻ کان بچائي سگهجي ٿو ۽ چمڙيءَ تي جُهريون به نٿيون پون.
ايلوويرا ۾ جتي پاڻيءَ جو وافر انداز ۾ موجود هجڻ باعث رحمت بڻجي ٿو اُتي طِبيَ طور تي منجهس اهڙي خاصيت موجود آهي. جو زخم تي جڏهن لڳائجي ٿو ته ڦٽيل چمڙي جي ٽيشو(Tissues)کي سُڪڙجڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ ائين ڪرڻ سان زخمن منجهان وڌيڪ رت وهڻ بند ٿي وڃي ٿو. جنهن ڪري زخمن منجهان رت نڪرڻ رڪجي وڃي ٿو ۽ جلدي ٺيڪ ٿيڻ لڳن ٿا.
(Aloe is good for hydration, moisturing and rejuvenation of skin. An astringent, it causes the contraction of body tissues typically used to reduced bleeding from minor abrasions)
سڙيل چمڙيءَ مٿان لڳائڻ سان ايلو(Aloe) نهايت ئي تڪڙو اثر انداز ٿئي ٿو ۽ تڪليف ۽ سور کي گهٽائي، زخمن کي ڀرجڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. الله تعاليٰ هن ٻوٽي ۾ اهڙيون ته خاص طِبَي صلاحيتون رکيون آهن جو ڪوبه ان کان منهن موڙي نٿو سگهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هر ڪنهن جي استعمال هيٺ رهي ٿو. انسان پوءِ ڀلي گهريلو طور تي واپرائي يا وري جديد سائنسي بنيادن تي استعمال ٿيندڙ، ملم، لوشن، صابڻ، شيمپو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي قسمين قسمين برانڊ جون ڪريم ۽ حُسن کي نکارڻ ۽ پاڻ کي سينگارڻ جا ڪيترائي سامان جن ۾ ايلو ويرا استعمال ٿئي ٿو، زيرِ استعمال رکي.
3. سُوزش ۽ سُور(Inflammation)کي گهٽائڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿئي ٿي. ايلوويرا منجهه اهڙو خاص مادو موجود آهي. جيڪو جيڪڏهن تازو تازو کڻي، سور واري جڳهه تي لڳائجي، توڙي جو سوزش ۽ چمڙي تي اُڀريل ڦلوڪڻ تي لڳائجي ته به فوري طور تي سور کي آرام ۽ سوزش منجهه ٺار محسوس ٿيندو ۽ مُشڪن (Muscles) توڙي سُور وارن هڏن(Painful joints) کي سڪون ملندو ۽ آرام سان هڏن ۾ چرپر ڪرڻ جي طاقت وري ڄڻ اوچتو پيدا ٿي ويندي پر اهڙو ڪرشمو تڏهن ئي نظر ايندو جڏهن اسان ايلوويرا جيل(Aloe jell)کي تازو استعمال ڪنداسي. ڇو ته ان ۾ الله تعاليٰ اهڙي ڪا خاص خاصيت رکي آهي، جيڪا فوري طور تي آرام ۽ سڪون پهچائي ٿي.
سوزش، انفلاميشن (Inflammation) اسم جي طور تي استعمال ٿئي ٿو. هن جي معنيٰ آهي. ڪنهن خاص، مخصوص جڳهه تي نظر ايندڙ چمڙي جي مٿان اهڙي صورتحال جنهن جي دوران اهو حصو ڳاڙهو ۽ سُڄيل نظر اچي، ۽ گڏوگڏ هٿ رکڻ سان گرم به محسوس ٿئي، ٿوري دٻائڻ، يا زور ڏيڻ سان تڪليف ڏيندڙ سور محسوس ڪرائي، خاص طور تي جڏهن چمڙيءَ تي ڪو زخم رسي، يا ڌڪ لڳڻ دوران چمڙي چٿجي پوي، يا وري ڪنهن انفيڪشن، دوران سوڄ جي ڪري رت ۽ پونءِ وغيره وهي رهي هجي. جنهن ڪري نمايان طور تي اهو حصو سڄيل ۽ نرم نرم(Swelling puffiness)هجڻ جي ڪري کُردرو ۽ ڳاڙهيرو نظر اچڻ لڳي ٿو. اهڙي تڪليف ڏيندڙ، سور کي گهٽائڻ لاءِ ۽ هڏن جي پڻ سوزش کي آرام پهچائڻ لاءِ جيڪڏهن اسان تازي ايلوويرا جي گودي کي کڻي، مٿان لڳائينداسي ۽ هلڪو هلڪو مهٽي جذب ڪرائينداسي تي فوري طور تي آرام ۽ سڪون حاصل ٿيندو. اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ايلوويرا جيل(Aloe jell) بلڪل تازي ۽ صاف شفاف فريش(Fresh) هجي.
4. هاضمي جي سرشتي Digestion کي مضبوط ڪري، کاڌي کي هضم ڪرڻ ۾ (Helps digestion) مدد ڪري ٿو. کاڌي جي نالي(Food canal) کي صاف سٿرو ڪري کاڌي جي لنگهه کي آسان بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. جيل(Aloe jell)منجهه اهڙيون خصوصيات موجود آهن، جنهن جي ڪري کاڌي کي هضم ٿيڻ ۾ آساني پئدا ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن غير هاضم جزا ۽ ڪي زهريلا ماده هجن ٿا ته انهن کي به خارج ڪري کاڌي جي ناليءَ کي صاف ۽ شفاف بڻائي ٿو. جنهن ڪري کاڌو آرام ۽ بهتر نموني هضم ٿي وڃي ٿو. مزيدار ڳالهه اها آهي ته ايلو جيل هڪ ئي وقت دستن(Diarrhea)توڙي قبضي (Constipation) ٻنهي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. (It help with both constipation and diarrhea) جنهن ڪري هاضمي واري نالي تي ڪنٽرول حاصل ڪري، هاضمي جي شرستي کي نارمل رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو (It helps to regulates the elimination cyle) ۽ اخراج جو عمل نارمل طريقي سان جاري رهي ٿو. اهڙا ماڻهو جن کي رفعِ حاجت دوران، خارش، سوزش ۽ ساڙو وغيره محسوس ٿيندو آهي، تن لاءِ پڻ بهترين دوا آهي (It is good for people with irritable bowel syndrome as well as acid reflux) ايلوويرا مرڪب (Solution) وزن گهٽ ڪرڻ (weight loss) لاءِ به استعمال ڪيو وڃي ٿو. هيءُ هڪ قدرتي ۽ آسانيءَ سان ملندڙ مرڪب(Aloe Vera solution) آهي. جنهن جي استعمال سان وزن کي آسانيءَ سان گهٽائي سگهجي ٿو. ايلوويرا تمام آسانيءَ سان ميٽابولڪ ريٽ(Metabolicrate) کي ڪنٽرول ۾ رکي، اُن کي متوازن بڻائي ٿو(Stabilizing metabolic-rate) ۽ ساڳي وقت چرٻيءَ کي پڻ (Burn fat) ساڙي ٿو.
5. (Hair-care) ايلويرا وارن جي خوبصورتي قائم رکڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيو آهي، جيڪڏهن توهان جا وار خشڪ، ٻن منهن وارا ۽ ٽٽل ڦٽل لڳڻ شروع ٿي وڃن ۽ وارن منجهه خشڪي يعني اڇي رنگ جي ٻُر ٻُر نظر اچي ته فوري طور تي ايلوويرا جيل مٿي تي چڱي نموني لڳايو، اهو ئي توهان جي مشڪل جو آسان حل آهي، نتيجو توهان جي آڏو فوري طور تي نظر ايندو ۽ توهان جا وار، ترو تازه چمڪندڙ، لسا ۽ صاف سٿرا نظر اچڻ شروع ٿي ويندا(It will make your hairs smooth, soft and damage free) هاڻي اچو ته توهان کي اهڙي مفيد ۽ بيشمار فائده بخشيندڙ ٻوٽي جي فائدن سان گڏوگڏ سندس استعمال دوران انهن ڳالهين جي ڄاڻ ڏيون، جن جي ڄاڻ نه هجڻ جي ڪري ڪيترائي نقصان ٿي سگهن ٿا.
جتي هن ايلويرا جا بيشمار فائده آهن، ته وري ٻي پاسي ڪجهه لڳاتار استعمال جي ڪري نقصان ده اثرارت به نظر آيا آهن، مثال طور تمام ڊگهي عرصي تائين استعمال جي ڪري بدن اندر پوٽاشيم جي ڪمي پيدا ٿي پوندي آهي. اليڪٽرولائيٽس جي گهٽتائي(Deficiency of electrolytes) جي ڪري مختلف قسمن جا معدنيات گهٽجي ويندا آهن. ان ڪري احتياط سان استعمال ڪرڻ گهرجي. خاص طور تي حامله خواتين(Pregnant women) ۽ ماهواري جي دوران، بلڪل به استعمال نه ڪرڻ کپي. ڪنهن کي موڪا(hemorrhoids) هجن يا جگر ۽ پتي(Gall bladder)جي سوزش ۽ پراڻي تڪليف هجي ته پوءِ احتياط لازم آهي.
* **

زندگي جي خوشين کي برقرار رکڻ لاءِ کاڌو کائو ۽ تيل واپرايو

(Let food and oil be your happiness)

موجوده دور جي تعليمي کوجنا ۽ تحقيق، وري نئين سري کان پراڻي دور جي ڏند ڪٿائن ۽ ٽوٽڪن واري زماني کي زنده ڪري ڇڏيو آهي. هينئر جديد دور جي سائنسي تحقيات جي تناظر ۾ پراڻي وقت جي هپوڪرٽس Hippecrates)) جي قولن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ته کاڌو کائو ۽ گڏوگڏ مرض لاءِ علاج حاصل ڪيو. يعني ته (Let food be thy medicine) اڄ ڪلهه ان قول ۾ اهو اضافو ڪيو ويو آهي ته:
کاڌو کائو ۽ تيل واپرايو ۽ پوءِ خوشيون ماڻيو يعني ته،
(Let food and oil be thy happiness)
اڄڪلهه جي نئين تحقيقات منجهان ثابت ٿيو آهي ته ڪجهه کاڌا (يعني غذائي جزا) ۽ ضروري تيل (Essentail oils) توهان کي قدرتي طور تي خوش رکڻ ۾ مدد ڏين ٿا.
(Certain foods and Essntail oils can help you to stay happy)
هاڻي اچو ته ڏسون ته توهان خوبصورت ڪيئن نظر ايندا؟
1. چمڪندڙ رنگت(Radiant Complextion) چلڪندڙ وار (Glossy hair) ۽ تندرست(Healthy nails) ننهن، بيشڪ توهان جي حسن ۾ واڌ ۽ اضافو آڻيندا آهن. اهو سڀ ڪجهه توهان ڀاڄين واپرائڻ سان آرام سان حاصل ڪري سگهو ٿا. اهي ڀاڄيون جيڪي چمڙيءَ جي زخم کي ڇٽائي/مندمل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون يعني ته:
(Skin healing protein and Vitamins)، مثال طور (Kale and spinach) وغيره ان سان گڏ مختلف قسمن جا(Nuts) جيڪي وٽامنE سان ڀرپور هوندا آهن يعني ته: باداميون ۽ بوهي مڱ(Almonds and walnuts) ۽ گڏوگڏ بيريز (Bereies) جيڪي اينٽي آڪيسڊنٽ-(Anti oxidants) جو ڪم سرانجام ڏين ٿيون. يعني ته زهريلن مادن کي ختم ڪري ڇڏين ٿيون.
توهان پاڻ کي خوبصورت ۽ سهڻي بڻائڻ لاءِ ڪجهه، مُنهن ۽ جسم تي لڳائڻ جا ماسڪ به خود تيار سگهو ٿا. ان لاءِ توهان ناريل جي تيل(Coconut oil) جو اڌ ڪوپ کڻو. ٻه ڪوپ ناسي کنڊ(Raw brown sugar) ۽ هڪ ڪوپ(Olive oil) جو ۽ هڪ چمچو ماکيءَ جو ملائي استعمال ڪريو، توهان ڏسندا ته رنگت کلي پوندي. هيءَ ماسڪ تيل جي ڪميءَ کي پورو ڪندڙ، گرميءَ ۽ گهم کان بچائيندڙ، بي انتها فائديمند ثابت ٿيندو. ٿوري خرچ ۾ توهان گهر ويٺي بهترين ماسڪ حاصل ڪري وٺندا.
2. بهتر صحت سان ذهن به بهترين ٿيندو آهي. (Have a healty mind) اهو پڙهي ۽ ٻڌي توهان ضرور خوش ٿيندا ته مڇي واپرائڻ سان ڪيترا نه انيڪ فائده ملن ٿا. جيڪي ماڻهو قدرتي طور تي مڇيءَ کي گهڻو پسند ڪن ٿا. تن کي ته هونئن ئي فائده ئي فائده حاصل ٿين ٿا، پر جيڪڏهن توهان پنهنجيءَ صحت کي برقرار ۽ وڌيڪ خوشگوار بڻائڻ لاءِ مڇيءَ جو استعمال وڌائيندا ته توهان بي انتها فائدو حاصل ڪندا.
مڇيءَ ۾ صحت بخش تيل موجود هوندو آهي، جيئن مثال طور مختلف مڇين خاص طور تي سالمن(Salmon) ٽيونا(Tuna) ۽ ٽرائوٽ (Trout) ۾ قدرت خاص جزا موجود رکيا آهن، جيڪي دماغي خلين(Brain cells) کي ٿڪ (Stress) کان بچائي رکن ٿا ۽ دماغ ڏانهن رت جي وهڪري کي وڌائين ٿا. جيئن دماغ بهترين طريقي سان ڪم ڪري، توهان کي هڪدم چُست ۽ چاق و چوبند رکي.
دماغي علاج جا ماهرNeurologists)) نيورولاجسٽس هميشه صلاح ڏين ٿا ته توهان کاڌي ۾ پوٽاشيم (Potassium) ۽ وٽامن ڪي(Vitamin K) جو استعمال وڌايو، مثال طور ڪيلا(Banana) مشروم(Mashrooms) کنڀيون ۽ ٽماٽا(Tomatoes) خوب کائو ۽ پنهنجي عمرِ عزيز کي وڌايو(To prevent age related congnitive decline and memory loss) ۽ عمر جي وڌڻ مان جيڪي بيماريون وجود ۾ اچڻ جو امڪان هجي ٿو تن کي ڪنهن حد تائين گهٽائڻ ۾ مددگار ٿين ٿا. خاص طور تي ياداشت وغيره جو مسئلو بي حد اهم آهي. تازه ترين ريسرچ ثابت ڪيو آهي ته مختلف تيلن جو استعمال، ڦودني جو استعمال عرقِ گلاب خوشبودار ٻوٽي(Rosemary) ۽ ٻيا تيل، انهن سڀني جي استعمال سان توهان جي چهري تي تازگي ۽ رونق توهان جي ذهانت کي وڌائڻ ۽ ذهني دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مٿين شين جو استعمال بي انتها فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.
خوشين کي پيدا ڪندڙ ۽ قائم دائم رکڻ وارن ڪيميائي رطوبتن (Hormones) کي وڌايو ۽ گهڻي عرصي تائين برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪريو.(Trigger your happy hormone) توهان کي تعجب ٿيندو ته ماني يعني کاڌي کائڻ بعد توهان پاڻ کي هڪدم چست ۽ توانو يعني پاڻ کي ٿورو ڳرو ڳرو محسوس ڪريو ٿا يعني ته توهان جيڪي کاڌا کائو ٿا، يعني ته سايون ڀاڄيون پنن واريون(Leafy greens) پائين- اپيل(Pineapple) زيتون جو تيل(Olive oil) يا سن فلاورsun flower) (اِيگ پلانٽ(Egg plant) انڊي وانگر اُپٽيل گول جهڙيون ڀاڄيون جيئن ته واڱڻ وغيره. اُنهن سڀني جو جواب تمام آسان آهي. جڏهن توهان جو جِسمُ کاڌي کي هضم ڪري ٿو ته ان ۾ امينوايسڊ(Amino acid) وٽامن (Vit:B)۽ ميئگنيشم(Magnesium) جيڪي اُن کاڌي منجهه شامل آهن، سي خوشي واري هارمون(Serotonin) سيروٽونن کي تيار ڪري خارج ڪن ٿا. ان ڪيميائي رطوبت يعني هارمون(Hormone) کي سيروٽونن نالي سان سڏيو وڃي ٿو(Happines inducing hormone ) ۽ ساڳي وقت ٿڪ ۽ بيزاريءَ کي يعني ته(Anxiety) کي ختم ڪرڻ ذهني دٻاءُ ۽ نفسياتي دٻاءُ جو پريشر گهٽائڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿئي ٿو(It rednces anxiety depression and stress) ذهني دٻاءُ stress) (واري صورتحال کي مختلف قِسمن جي تِيل مالش سان گهٽائي سگهجي ٿو. جن ۾ خاص طور تي زيتون جو تيل(Olive oil)، لِيونڊر/ تيل(Lavender oil) ۽ عرقِ گلاب وغيره بهترين نتيجا/نتائج ڏين ٿا. مالش (Massage)، ٿڪاوٽ مونجهه، گهٻراهٽ ۽ بيزاريءَ واري صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. تازا کاڌا ۽ مختلف قسمن سان تيل مالش ڪرڻ انساني صحت لاءِ بيحد مفيد ۽ فائدي وارا ثابت ٿيا آهن.
تازن ميون ۾ تمام گهڻي تعداد/وافر انداز ۾ اينٽي آڪيسڊنٽ (Anti -oxidant) موجود هوندا آهن، اهڙا مرڪب(Compounds) جيڪي جسم اندر ڪنهن به قسم جي ڀڃ ڊاهه کي مُنهن ڏيندا رهندا آهن ۽ جسم اندر خلين (Cells)کي نقصان پهچائيندڙ مرڪبن يعني(Free Radicals) سان مقابلو ڪري، ختم ڪندا رهندا آهن.
اهڙي غذا ۽ فروٽ کائڻ کپن جن منجهه اينٽي آڪيسڊنٽ تمام گهڻا هجن ته جيئن اُهي توهان جي جسم اندر زهريلن مادن يعني ته فري ريڊيڪلس(Free Radicals) کي ختم ڪري سگهن ۽ جسم جو بچاءُ سهڻي طريقي سان ڀرپور انداز ۾ ڪن. اهڙا طاقتور اينٽي آڪيسڊنٽس توهان کي تمام اَهم قسم جي بيمارين مثال طور دل جون بيماريون ۽ ڪينسر وغيره کان بچائي سگهن ٿيون، ڇو ته اُهي بيماريون گهڻو ڪري آڪيسڊيٽوِ اِسِٽرِيس(Oxidative stress) جي نتيجي ۾ ظهور رپزير ٿين ٿيون، جن جو ڪارڻ اُهي فري ريڊيڪلس (Free Radical)هوندا آهن، اُهي اينٽي آڪيسڊنٽ دماغ جي خلين کي پڻ تقويت پهچائي ڪري توهان کي وِيسر جي بيماري کان بچائي سگهن ٿا.
جديد تحقيق مطابق اهو ثابت ٿيو آهي ته مجموعي طور تي(Anti oxidants) بهترين محافظ ثابت ٿيا آهن، جيتوڻيڪ تحقيق هلندي رهي ٿي. پر(Alzimer association) وارن اڃان تائين اهو نه ٻڌايو آهي ته روزانو ڪيترو ميوو استعمال ڪجي. پر اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته روزمره جي زندگيءَ ۾ ميوي جو استعمال لازمي طور تي ڪرڻ گهرجي ته جيئن هر قسم جي بيماري کان بچاءِ ٿيندو رهي.
* * *

اکين جي حفاظت، پالڪ سان ڪريو

اديون اڄ مان توهان لاءِ هڪ ننڍڙو نسخو عرض رکان ٿي.
ڀاڄين منجهان هونئن ته مجموعي طور تي بي شمار فائدا آهن، پر ڪنهن ڪنهن وقت خاص طريقي سان استعمال ڪرڻ بعد انهن منجهان بي مثال فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا. اڄ اسين پالڪ جو ذڪر ڪنداسين.
اکين جي روشني وڌائڻ لاءِ، توهان اکين جي پرورش پالڪ سان ڪريو. ڪيئن آهي اها ڳالهه. اچو ته مان توهان کي ٻڌايان. جرنل آف دي آمريڪن آپٽو ميٽرڪ ائسوسيئشن جي مطابق، جيڪڏهن توهان جون بڪيون (Kidneys) پٿري کان پاڪ ۽ صاف آهن ۽ توهان ڪا اهڙي دوا استعمال نه ڪندا هجو جيڪا توهان جي رت کي پٽڙو رکڻ لاءِ استعمال ٿيندي هجي، ته پوءِ توهان کي گهرجي ته هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار دفعه پالڪ جي تازي ڀاڄي کائو. ان سان اکين جي روشني وڌندي آهي. پالڪ ۾ ٻه اينٽي آڪيسڊنٽ (Anti -Oxidant) آهن هڪ (Lutein) ليوٽن ۽ ٻيو زيگزنٽين موجود هوندا آهن.هي ٻه جزا اک جي پردي (Retina) کي محفوظ ڪندا آهن. تيل ۾ پچڻ دوران (Lutein) ليوٽين وڌيڪ بهتر طريقي سان جذب ٿي ويندي آهي. مغربي ملڪن ۾ (Lutein) گورين جي صورت ۾ ملندي آهي ۽ روزانو ڇهن کان ٻارنهن گرام جي خوراڪ (وزن) جي (Tablet) گوري ڪافي هوندي آهي.
اکين جي ورزش سان ٿڪاوٽ کي دور ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجيءَ ”غذا“ جو خاص خيال رکڻ گهرجي. روزمره جي کاڌي ۾ ”ڪيلي“ کي ضرور شامل ڪرڻ گهرجي. ڇو ته اهو کائڻ جي نتيجي ۾ اکين جي صحت بهتر ۽ عمر وڌڻ سان گڏ اکين جي بيمارين جو خطرو گهٽجي وڃي ٿو. ڪوئنزلينڊ يونيورسٽي ۾ ٿيل تحقيق ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته ڪيلن ۾ هڪ جزو ”ڪيروٽين“، موجود هوندو آهي، جيڪو ميون ۽ ڀاڄين کي مختلف رنگ جيئن، هئڊو، ڳاڙهو وغيره ۾ تبديل ڪندو آهي. هيءُ جزو جسم ۾ وڃڻ کان پوءِ وٽامن اي (A) ۾، تبديل ٿي ويندو آهي. جيڪو اکين جي صحت لاءِ تمام فائديمند ثابت ٿيندو آهي. تحقيقي مطالعي منجهان اهو به ثابت ٿيو آهي ته ڪيروٽين مخصوص قسم جي ڪينسر، رت جي شريانين جي مرض ۽ شگر وغيره ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. روزانو هڪ ڪيلو کائڻ جتي نظر (بينائي) لاءِ بي انتها فائديمند آهي ته ٻي پاسي ٻه ڪيلا کائڻ قبض ڪُشا پڻ آهن.
آخر ۾ مشورو اهو ڏيندم ته جيئن ته اسان وٽ پالڪ ماشاء الله ڪافي مقدار ۾ موجود آهي، ڇو نه ڀرپور فائدو حاصل ڪجي.

ڏهيءَ جو استعمال ڪريو، گرميءَ جي لهر کان پاڻ بچايو

ڏهي جنهن کي اُردو ۾ دهي ۽ انگريزي ۾ (Youghurt) ڪري سڏجي ٿو، اسان جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا، اتان جي ماڻهن لاءِ استعمال ڪرڻ بي حد لازمي آهي. اسان جي ملڪ جي آبهوا جيتوڻيڪ معتدل آهي. پر ان جي باوجود اسان وٽ گرميءَ جو پد وڌيل رهي ٿو. ان لاءِ عام طور تي ڏهي ۽ لسيءَ جو استعمال زمانه قديم کان هلندو پيو اچي. اسان وٽ عام طور تي صبح جي نيرن ۾ مکڻ، لسي ۽ ڏهي نه صرف ڳوٺن پر شهرن ۾ به پسند ڪيو وڃي ٿو ۽ باقاعده زيرِ استعمال رهندو پيو اچي.
جديد دور ۾ وقت جي تقاضائن مطابق ڪجهه ريتون رسمون بدلجي ويون آهن، انهن سان گڏوگڏ کاڌي منجهه ڪجهه شين جو استعمال گهٽ ٿي ويو آهي. ان ڳالهه جا ٻه سبب آهن، هڪ ته انهن شين جو عام جام ملڻ ناممڪن، وري ٻي طرف زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ تڪڙو تڪڙو ناشتو ڪرڻ جنهن ۾ هڪ انڊو ۽ بريڊ(Egg & bread) ئي ساٿ ڏئي سگهن ٿيون، اهڙن فائديمند غذائي جزن کي علي الصبح گڏ ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ تقريباً ناممڪن نه ته ڏکيو ضرور ٿي ويو آهي. ڪير اٽو ڳوهي تازي ماني پچائي، ۽ جي ماني نه هجي ته پوءِ لسي، مکڻ ۽ ڏهيءَ جو ڪهڙو ڪم؟
پر اڄڪلهه ڪجهه موسمي حالتن جي ڦيرڦار ڪري آبهوا گهڻي ڀاڱي گرم رهڻ لڳي آهي ۽ اهڙا علائقا جتي گرميءَ جي شدت بلڪل به محسوس نه ڪبي هئي، اتي به گرمي پد تمام وڌيل رهڻ لڳو آهي. ان ڪري اڄ جي موسمي حالات پٽاندر ڀينرن کي صلاح آهي ته جيئن ئي موسم ۾ گرميءَ جي شدت وڌي وڃي ته فوري طور تي احتياطي تدابير اختيار ڪن ۽ ڊاڪٽرن جي چوڻ مطابق پاڻ کي گرميءَ جي شدت(Heat stroke) کان بچاءُ لاءِ اُپاءُ وٺن ۽ محتاط رويو اختيار ڪن. جيئن ته اسان کي خبر آهي ته اسان جي صوبي سنڌ ۾ هميشه کان الله تعاليٰ جي فضل ڪرم سان چار موسمون هلنديون پيون اچن. يعني اونهارو، سيارو، خزان ۽ بهار گڏوگڏ الله تعاليٰ اسان تي پنهنجي فضل سان، جهرجهنگ، ٻيلا، جبل، پهاڙيون، پهاڙي سلسله، نديون، نالا، سدا بهار سنڌو درياء، سمنڊ ۽ صحرا، رڻ پٽ، ريگستان، مطلب ته ٻاجهاري رب جون بي شمار نعمتون عطا ٿيل آهن. جيڪي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ائين گڏيل طور تي تمام گهٽ نظر اينديون. پر اڄڪلهه مجموعي طور تي سڄي ڪائنات منجهه زمين جي گولي تي گرميءَ جو پد يعني درجهءِحرارت مجموعي طور تي وڌيل نظر اچي پيو ۽ ڪائنات منجهه آبهوا ۾ تبديلي اچي رهي آهي. هينئر اسان وٽ به پنهنجي سنڌ ۾ گرميءَ جا اثرات گهڻي وقت تائين نظر اچن ٿا. اهڙيءَ صورتحال ۾ ڀينرن کي صلاح ڏجي ٿي ته جيئن ئي اهڙي صورتحال پيدا ٿي پوي ته انهن کي کپي ته پنهنجن ٻارن ۽ گهر ڀاتين جو خاص خيال رکن. جيئن ننڍڙا ٻارڙا اسڪول لاءِ روزانو گهر کان نڪرن ٿا ۽ گهر ڀاتي پڻ آفيسن ۽ ٻين ڪمن ڪارين خاطر ٻاهر نڪرن ٿا ته کين گرميءَ جي شدت کان بچائڻ لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ کپن. جن ۾ سن اسڪرين(Sun screen)پنهنجي مٿي کي ڍڪڻ لاءِ ضرور استعمال ڪرڻ کپن ته جيئن گهڻي ڀاڱي پگهر کان بچي سگهجي.
اهڙي شديد صورتحال کي اڳواٽ ئي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ فوري طور تي اسان کي ٿڌي ڏهيءَ جو استعمال وڌائي ڇڏڻ گهرجي. جيئن ته مون توهان کي پهريان ٻڌايو ته اسان وٽ صدين کان اهو رواج رهندو آيو آهي. ته اسان پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ ڏڌ، مکڻ، لسي ۽ ڏهي، کي هميشه زيرِ استعمال رکيو آهي ۽ هاڻي به سائنسي تحقيات کان پوءِ اهو ئي ٻڌايو ۽ سمجهايو وڃي ٿو ته ٿڌي ڏهيءَ جي استعمال کي لازمي غذائي جز بڻايو(“Cool”Super food is very much essentail every day)۽ گرميءَ جي شديد لهر کان بچاءَ ڪريو ۽ گرميءَ جي شدت جي اثرات کي زائل ڪريو. صحت کي برقرار رکڻ اسان لاءِ نهايت ئي ضروري آهي. ڇو ته اسان سڀني کي اها ته خبر آهي: ”يک تندرستي هزار نعمت است“
Eat 18 ounces a day and you can droop a jeans size.
روزانو 18 آئونس ڏهي کائڻ سان واضع فرق نظر اچڻ شروع ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن توهان روزاني جون استعمال ٿيندڙ سڀ ڪئلوريز ڪٽيو، ته پوءِ توهان جو (22%)، ٻاويهه سيڪڙو اڃان به وڌيڪ وزن گهٽجي ويندو ۽ تمام جلدي ۾ (8%) اٺ سيڪڙو توهان جي نڪتل پيٽ تي پوندو. انهن جي مقابلي ۾ جن سينيڪس (Snaks) کائڻ ڇڏيا هُجن. هڪ تحقيق دوران، يونيورسٽي آف ٽيننسي ڪنوس ويلي (Universty of Tennssee Knoxville) ۾ ريسرچ ڪئي وئي ۽ مٿيان نتيجا حاصل ڪيا ويا. جڏهن توهان ڏهي کائو ٿا ته ڏهيءَ ۾ موجود ڪئلشيم، توهان جي سڻڀ وارن خلين کي سگنل ڏي ٿي ته ڪورٽيسول هارمون (Cortisol Hormone) گهٽ پيدا ڪريو، ته جيئن توهان پنهنجو وزن گهٽائي سگهو، جڏهن ته امينوائسڊ (Amino Acids) سڻڀ کي ساڙڻ يعني ڳارڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي.
آمريڪا ۾ ڏهيءَ کي ويهين صدي عيسوي ۾ متعارف ڪرايو ويو.
هڪ ڪوپ ڀريل ڏهيءَ منجهه ڪل 243 ڪئلوريز موجود هونديون آهن.
ڪئلوريز، سڻڀ (10%)، ڪاربوهائڊريٽس (74%) ۽ پروٽين (16%) ۾ ورهايل آهي.
ڏهي ڪيترن ئي قسمن ۾ ورهايل هوندي آهي. اڄڪلهه بازار منجهه هر قسم جي ڏهي دستياب آهي. بغير سڻڀ واري ڏهيءَ جي هڪ ڪوپ ۾ ڪل 137 ڪئلوريز هونديون آهن. جيڪو تقريباً 8.6 آئونس ڏهي تي مشتمل هوندو آهي. 36 منٽن جي پنڌ ڪرڻ سان اسان 137 ڪئلوريز کي اسان ساڙي سگهون ٿا. جڏهن ته بغير سڻڀ واري ڏهيءَ جو هڪ ڪوپ کائي اسان پنهنجي وزن کي آرام سان گهٽائي سگهون ٿا.
اسان جي وڏڙن ۽ بزرگن جي زير استعمال رهندڙ ڏهيءَ کي هينئر سائنسي تناظر ۾ پرکي جديد تحقيق ذريعي ثابت ڪيو ويو آهي ته ڏهيءَ ۾ صحت بخش جزا موجود آهن، جيڪي گرميءَ جي شدت کي هڪدم گهٽائي اسان کي ٿڌاڻ جو احساس ڏيارين ٿا. هڪ سو گرام (100mg) ڏهيءَ جا اسان کي 59 ڪئلوريز ڏين ٿا.
جديد سائنسي تحقيقات کان پوءِ غذائي ماهر(Nutritionists) ان ڳالهه لاءِ زور ڏين ٿا ته نئين ڏينهن جي شروعات ڪيفين ۽ ڪاربونيٽڊ (Cafifiene and carbonated)گڏيل مشروبات جي بجاءِ طاقت سان ڀرپور لسيءَ ۽ ڏهي جي پيالي سان ڪريو جنهن سان توهان جو ڏينهن آرام سان گذري ۽ جيڪڏهن توهان کي گرميءَ جي ڏِينهن ۾ بک گهٽ لڳي ۽ محسوس ڪريو ته گرم ڏينهن ڪري ماني وغيره نٿي وڻي ته پوءِ هڪ پيالو ڏهي جو ۽ پنهنجي پسند جا موسمي مِيوا گڏي منجهند جو استعمال ڪريو ۽ پاڻ کي تازه دم رکو. ڇو ته ائين ڪرڻ سان توهان منجهند جي ماني تي ڀرپور توانائي حاصل ڪري وٺندا. هاڻي اسان توهان کي ڏهيءَ جا دوائي فائده ٻڌائينداسي. توهان کي عام طور اهو ته معلوم آهي ته ڏهي جو تاثير ٿڌو آهي. هاڻي اچو ته اسان جائزو وٺون ته سائنسي نُقطه نگاه کان اهو ڪيئن ثابت ڪيو ويو آهي. موجوده دور ۾ جديد علمي تحقيقات دوران سائنسدانن اهو ثابت ڪيو آهي ته ڏهي منجهه اهڙا ته فائديمند بئڪٽريا(Probiotics)آهن جن کي سائنسي علم ۾ نفع بخش ۽ صحت بخش بئڪٽريا(Healthy gut bacteria) سڏيو وڃي ٿو. موجود آهن جيڪي غذا جي نالي ۾ غذائي جزن سان گڏجي. غذا کي جلدي ۽ آرام سان هضم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ ٻي طرف پيٽ جي سور ۽ دستن واري علامت(Diarrhoea) کي پڻ آرام پهچائين ٿا. ۽ گڏوگڏ السر(Ulcer) جيڪو پڻ گهڻي گرم شين کي واپرائڻ ڪري پيدا ٿي پوي ٿو، تنهن کي پڻ فائدو رسائين ٿا. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي فائده پڻ حاصل ٿين ٿا، جن ۾ خاص ذڪر ڪئلشيم(Calcium) جو پڻ اچي ٿو. معدنيات جي استعمال سان صحتمند هڏا، ننهن ۽ ڏند اسان کي صرف ۽ صرف ڏهي ۽ لسيءَ جي استعمال سان حاصل ٿين ٿا.
اسان کي خبر آهي ته کير ۽ کير جون ٺهيل شيون معدنيات(Minerals) سان ڀرپور ٿين ٿيون ۽ انهن جو استعمال انساني صحت لاءِ خاص طور تي جسماني هڏن لاءِ نهايت ئي ضروري آهي. تازو هڪ ريسرچ دوران يونيورسٽي آف ٽيننسي(University of Tennessee) پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ نئين معلومات پڻ فراهم ڪئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪئلشيم(Calcium) جي گهٽتائي ڪري جسم جي ٿولهه ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو. ان کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي ته جيئن اسان کي معلوم آهي ته ڪئلشم ڪورٽيسول(Calcium regulates cortisol) کي ڪنٽرول ڪري ٿي ۽ اسان کي معلوم آهي ته ڪورٽيسول هارمونHormone) )اُهو آهي جيڪو رت ۾ چرٻيءَ کي متوازن رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ ڪئلوريز کي ساڙي ٿو. ساڳي وقت ميٽابولزم(Metabolism) جي سرشتي کي پڻ تيز ڪري ٿو.
هاڻي اسان ذڪر ڪنداسي وٽامن بي(Vitamin B12)جو جيڪو پڻ وافر انداز ۾ موجود آهي. آخر ۾ ذڪر ڪرڻ جو مطلب اهو هرگز ڪونهي ته ڪو هيءَ وٽامن ضروري ڪونهي، بلڪه هيءَ وٽامن (B12) پڻ بيحد ضروري ۽ حياتيءَ جو لازمي جز آهي. ڏهيءَ منجهه وٽامن(B12)جو تمام گهڻو ذخيرو موجود آهي. ڏهيءَ منجهان پاڻي ڪڍي يعني ته لسي ٺاهي، توهان استعمال ڪريو، توهان ڏسندا ته توهان سڄو ڏينهن تازه دم رهندا ۽ جسم اندر پاڻيءَ جو سٺو ذخيرو جمع رهندو پاڻيءَ جي کوٽ(Dehydration) بجاءِ، توهان وٽ پاڻيءَ جو ذخيرو، يعني ته توهان هائيڊرئيڊ (Hydrated) هوندا. ڏهيءَ جي نڪتل پاڻي يعني ته لسيءَ جي غذائي حقيقت اها آهي ته اِها لسي بلڪل اڻڀي آهي يعني ته (Nonfaty) هوندي آهي. هن مهل تائين اسان توهان کي ڏهيءَ جا غذائي فائده ٻڌايا آهن، هاڻي اسان ذڪر ڪنداسي، ٿورو گهڻو خواتين جي هارسينگار جو ڊگها ۽ ريشم جيان ڏيک ڏيندڙ وار ڪنهن کي پسند نه هوندا؟ وارن منجهه موجود خشڪي (dryness) وارن لاءِ بي انتها نقصاده ثابت ٿيندي آهي اڻڀا ۽ وکريل وار سونهن ۾ گهٽتائي آڻيندا آهن. گرميءَ جي باعث خشڪ وارن لاءِ ڏهيءَ جو استعمال پڻ تمام فائديمند ثابت ٿيو آهي. طريقو هيٺ ڏجي ٿو:
توهان ڪجهه پتا ايلوويرا(Aloevera) جا کڻو، انهن جو گودو ڪڍي ڏهيءَ ۾ مڪس(Mix) ڪريو ۽ پوءِ ماسڪ ٺاهي، پنهنجي چهري تي به (Mask) وانگر لڳايو ۽ وارن منجهه لڳايو، جيڪڏهن ان ۾ توهان ٻه چمچا ماکي، ٻه چمچا سِرنهن جو تيل، هڪ انڊو به مڪس(Mix)ڪندا ته اڃان به وڌيڪ بهترين ماسڪ(Mask) ٺهي پوندو. توهان وار اڌ ڪلاڪ کان پوءِ جڏهن واش(Wash)ڪندا ته معلوم ٿيندو ته ڪيئن نه وارن منجهه خوبصورتي ۽ تازگي اچي وئي آهي. ان ڪري پنهنجي گهر ۾ ڏهيءَ جو استعمال ڪريو، ”کائو ۽ واپرايو“ (Eat and Use).
اسان سڀني کي خبر آهي ته ”بئڪٽريا، ٻن قسمن جا ٿيندا آهن. هڪ طرف اُهي انسانذات جا مخلص دوست، ۽ صحت بخشيندڙ ۽ صحتمند رکڻ ۾ مددگار ۽ مدد ڏيڻ وارا آهن، جيئن مثال طور کير منجهان خمير ٺاهي اسان کي ڌونئري جي شڪل ۾ بيش بها غذا يعني ڏهي ڏين ٿا ۽ اسان کي نظام هضم جي نالي منجهه رهي ڪري غذائيت کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ وري ٻي طرف بئڪٽريا جا نقصان پهچائيندڙ قسم به آهن. جيڪي روزمره جي زندگيءَ ۾ انسان منجهه بيماريون پکيڙڻ جو ڪارڻ بڻجن ٿا. مثال طور: نمونيه ۽ ٻيون ڪيتريون ئي مهلڪ بيماريون وغيره.
غذائيت بخش ڏهي هڪ اهڙي کاڌي جي مثالي شڪل آهي جيڪا انسانن لاءِ بيحد فائديمند ”غذا“ جي طور تي استعمال ٿيندي رهي ٿي ۽ ٿيندي رهندي.پراڻي دور ۾ انڊيا ۾ ”ڏهيءَ“ ۽ ماکيءَ کي ديوتائن جو کاڌو سڏيندا هئا. جڏهن ته پارسي قوم سمجهي ٿي ته ابراهم (Abraham) پنهنجي ڊگهي ڄمار، مضبوط ۽ طاقتور نسل کي وڌائيندڙ زندگي، صرف ۽ صرف هِن ڏهيءَ جي ڪري ماڻي ڇو ته هو روزانو ڏهي کائيندو هيو.
(Yogurt is food a food produced by bacterial fermentation of milk)
“Yogurt” يعني ڏهي، ڊيري پروڊڪٽ آهي. ان جي ٺاهڻ لاءِ ٻن شين جي ضرورت پوي ٿي کير (Milk) ۽ ٻيو بئڪٽريا (Bacteria) ڏهي ۾ 25%.3 سڻڀ هوندو آهي.
The bacteria used to make yougurt are known as (Yougurt Cultures).
Yougurt’s got power boosting protein and bone- building calcium. It can also helps you lose weight and fend off cold.
In 100 gram amount providing 406 kilo, joules (97 k cal) of dietary anergy, yougurt, whole milk, (daily value)
ڏهيءَ جي غذائي اهميت هيٺينءَ ريت آهي.
غذائي اهميت (3.5 oz) Nutritional Value per 100 gram
Energy 406 KJ (97 K cal)
Carbohydrates 3.9 gram
Fat 5.0 gram
Saturated 2.1 gram
Mono un saturated 0.9 gram
Protein 9.0 gram
Vitamins
Vitamin A eqiv 27 u gram (3%)
Beta-carotene 26 ug (0%)
Lutein zea xanthin 22 ug (0%)
Thiamin B1 0.02 3 mg (2%)
Riboflavin (B2) 0.278 mg (23%)
Niacine B3 0.208mg (1%)
Pantothenic acid B5 0.331 mg (7%)
Vitamin B6 0.06 3mg (5%)
Folate B9 5.0 ug (1%)
Choline 15.1 mg (3%)
Vitamin C 0.0 mg (0%)
Minerals
Iron 0.0 mg (0%)
Magnessium 11.0 mg (3%)
Maganese 0.009 mg (3%)
Phosphorus 135 mg (19%)
Potassium 141 mg (3%)
Sodium 35 mg (2%)
Zink 0.52 mg (5%)
Other constituents
Selenium 9.7 ug
Water 81.3 gram
Calcium 121 mg (12%)
ug= micro grams, mg= mili grams, IU=International Units

تن دُرستُ، ته مَنُ دُرستُ تن خوش، ته مَنُ خوش

صحت مند زندگيءَ جو دارو مدار بيشڪ صحت مند دل، دماغ ۽ جيري تي آهي. هي سڀ عُضوا جسم جا اهم عُضوا سمجهيا ويندا آهن. جيڪڏهن خدانخواسته هنن عضون جي ڪم ڪار ۾ ڪو خلل پئجي ويندو آهي ته پوءِ انساني صحت متاثر ٿي پوندي آهي.
انساني جسم جي مشين الله تعاليٰ جي ڪاريگريءَ جو هڪ حيرت انگيز ۽ عقل کي دنگ ڪرڻ وارو پيچيده ۽ عجيب و غريب نمونو آهي. انسان اڪثر دنياوي نظام خود پنهنجي جسماني نظام جي دريافت کان پوءِ ٺاهيا آهن. مثال طور پمپنگ ۽ سڪنگ (Pumping and sucking) اوزار، ۽ پمپنگ اسٽيشن، ”دل“ جي ڪارڪردگيءَ کي اڳيان رکي ڪري ۽ فلٽر پلانٽس،”بڪين“ جي فعل کي مدِنظر رکي ٺاهيا ويا آهن. پاور هائوس جو تصور ”جيري“ کان ورتو ويو جيڪو انساني جسم جو پاور هائوس ۽ اسٽور طور ڪم ڪري ٿو.
پر انساني دماغ جيڪو قدرت جي طرفان اهڙو ٺهيل آهي، جنهن جي ذريعي انسان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ جي قابل بڻيو آهي ۽ پنهنجي جسم کي سڃاڻي ٿو ۽ گڏوگڏ ڪيتريون ئي حيرت انگريز ايجادات ڪيون آهن، پر اڃان تائين انساني عقل جي پهچ کان اهو ٻاهر آهي، ڇو ته اڃان تائين انساني ذهن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون ۽ ڪم انسان تي واضع نه ٿيا آهن. انساني دماغ جون اڃا تائين ڪيتريون ڳالهيون ۽ ڪَمَ مُبهم آهن ۽ انهن کي سمجهڻ لاءِ انسان جتن ڪري رهيو آهي.
انساني مشين جا سڀ پرزا پنهنجن پنهنجن ڪمن لاءِ مخصوص جاءِ ۽ جاءِ ورادات منتخب ڪري رکندا آهن، ۽ اهوئي قدرت جو عظيم عجوبو آهي. صحت ۽ تندرستي جي حالت ۾ سڀ پرزا پنهنجي پنهنجي جاءِ ۽ مقام تي پنهنجا فرض تمام بهترين انداز سان ادا ڪندا رهندا آهن. ليڪن بدقسمتيءَ سان خرابي يعني ڪنهن بيماريءَ واري حالت دوران اُنهن جي ڪم جي رفتار سُست ٿي ويندي آهي ۽ انهن جي ڪارڪردگيءَ تي نمايان اثر ظاهر ٿي پوندو آهي. ۽ جيڪڏهن اهڙي حالت ڳچ عرصي تائين قائم رهي ٿي ته پوءِ جسم جي عضون جي ڪم ڪار تي وڏو فرق پئجي ويندو آهي. هاڻي اسان عام طور تي ڏسون ٿا هت هر انسان چاهيندو آهي ته هو خوش باش ۽ صحتمند ۽ تندرست زندگي گذاري، انڪري اها هر انسان جي خواهش بڻجي ويندي آهي، ان ڪري هر باشعور انسان جي ذميواري آهي ته هو اُن تي يعني (پنهنجي صحت ۽ تندرستي تي) ڪوبه برو اثر نه پوڻ ڏئي، ورنه ٿوري تڪليف ۽ خرابي اڳيان هلي ڪنهن وڏي مصيبت کي دعوت ڏيئي سگهي ٿي. هونئن به اسان ڏسون ته تندرستي هڪ بي بها ۽ انمول موتي آهي، جنهن جو ڪو ملهه ڪونهي، انسان دنيا جي بازار منجهان پيسا ڏيئي هر قسم جي شيءَ خريد ڪري سگهي ٿو. پر ”صحت“ ۽ ”تندرستي“ نٿو خريد ڪري سگهي ڇو ته اها بي بها ۽ اڻ ملهه آهي، ان جو ڪو مُلهه ڪونهي. ڪنهن قيمت تي توهان اُن کي خريد ڪري نٿا سگهو. عام چوڻي آهي ته ”آهي تندرستي نِعمتَ هِڪُ عَجيبِ، جِهڙي شاهوڪارِ لَئهِ، تِهڙِي ڪاڻ غريب.“
ڪنهن فارسي زبان ۾ فرمايو آهي ته: ”يک تندرستي، هزار نعمت است“. يعني ته هڪ تندرستي هزار نعمتن جي برابر آهي. انگريزي ۾ چوڻي آهي ته: "Health is Wealth" يعني ته تندرستي دولت آهي.“ ”تندرستي“، هڪ اهڙي نِعمتِ عظيم آهي، جنهن جو ڪو ”ثاني“ نه ٿو ٿي سگهي. بقول حڪيم ابو علي اِبن سِينا جي ته: ”هر صحتمند شخص جي مٿي تي اهڙو تاج رکيل هوندو آهي جيڪو صرف بيمار ماڻهو کي ڏيکاري ڏيندو آهي.“ اُن جو سولو مطلب هيءُ آهي ته هڪ ڏٻري جسم وارو بيمار ماڻهو ئي هڪ صحتمند جسم واري انسان جي مٿي تي رکيل اُن ”تاج“ يعني ”صحت مند جسم“ جي اهميت ۽ اَفاديت سمجهي سگهي ٿو ته ”تن دُرست، من دُرست“ جو مطلب مفهوم ڇا آهي؟ آسان لفظن ۾ اسان ائين سمجهون ته جڏهن ”تن“ يعني ”جسم“ مڪمل طور تي پنهنجا پنهنجا ڪم خوش اسلوبيءَ سان سر انجام ڏيئي رهيو هوندو آهي ته لازمي طور تي اُن جا اثرارت اُن اِنسان جي مُنهن تي خوشيءَ جو عڪس بڻجي منهن مُبارڪ تي نروار ٿي نظر ايندا آهن. اُن انسان جون اندروني ڪيفيات/ خوشيءَ واريون عضون جي بهترين ڪارڪردگيءَ جي ڪري باقاعده عڪس بڻجي ان انسان جي چهري تي چنڊ جيان چمڪا ڏينديون آهن. ان ڪري چيو ويندو آهي ته: ”تن خوش ته من خوش“ يعني جڏهن ماڻهو پاڻ خوش هوندو ته اُن جو اظهار به ٻين تي خوشيءَ وارو ڪندو ۽ کلندو، مسڪرائيندو، کائيندو، پيئندو، وتندو ۽ سندس عام زندگيءَ ۾ ٻين دوستن احبابن سان رويو به سُهڻو هوندس. ان ڪري چيو ويندو آهي ته بيمار جسم، بيمار ذهن جي عڪاسي ڪندو آهي ۽ صحتمند جسم هميشه سٺي ذهن جو مالڪ هوندو آهي ۽ مثبت سوچون، سوچيندو آهي.
انساني جسم گوشت يعني (مشڪون) ۽ هڏائين پڃري جو ٺهيل آهي. اها قدرت واري جي عظيم ڪاريگري آهي ته انساني جسم (بدن) جي ٻاهرين نرم ۽ چڪني لچڪدار گوشت پوست جي هيٺان يعني (اندران) سخت ۽ مضبوط هڏن جو ڍانچو رکيو آهي. اصل ۾ هيءُ هڏائون پڃرو ئي اصل ۾ سڄي جسم جو بار سنڀالي بيٺو آهي ۽ ساڳي وقت ۾ اندرين حصي ۾ موجود نرم ۽ نازڪ گوشت پوست جي ٺهيل عضون جي پڻ حفاظت ڪري ٿو ۽ انهن کي صحيح جڳهه تي قائم ۽ زور يا ڌڪ لڳڻ کان پڻ محفوظ رکي ٿو.
* * *

اُسرندڙ ملڪ ۽ صحت لاءِ نقصانڪار گهريلو ٻارڻ

گهرن ۾ ”ٻارڻ“ طور استعمال ٿيندڙ شين مان پيدا ٿيندڙ زهريلين گئسن سبب موت جي شرح ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ تمام گهڻي وڌيل آهي. ٽئين دنيا جا ڪِروڙين ماڻهو. جيڪي ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهن ٿا، تِن جي صِحت ۽ زِندگي مُستقل طور تي گهريلو ٻارڻ مان پيدا ٿيندڙ زهريلي گئسن سبب خطري ۾ رهي ٿي. ڇو ته سندن کاڌي پچائڻ جو سرشتو ۽ گهرن کي گرم رکڻ جو طريقيڪار اڃا تائين پراڻي طرز جو آهي. جنهن ۾ اُهي عام طور تي ڪاٺ، ڪوئلو، ڇيڻا، ڪاٺيون اِستعمال ڪري پنهنجي گهريلو ضرورتن کي پورو ڪن ٿا. اُنهن شين جي استعمال سان مختلف قسمن جون زهريليون گئسون پيدا ٿين ٿيون. جيڪي صحت لاءِ هاڃيڪار آهن. گهرن ۾ رڌ پچاءُ ڪندڙ عورتون اُنهن زهريلي گئسن سبب هر وقت موت جي مُنهن ۾ رهن ٿيون، ڇو ته گهرن جي اندر اُهي زهريليون گئسون گهريلو آبهوا کي گندو بڻائينديون رهن ٿيون ۽ مستقل طور فِضا آلوده رهي ٿي. هڪ محتاط جائزي جي دوران ڊاڪٽر مصطفيٰ ڪي ٽولبا، جيڪو گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آهي. تنهن پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ٽئين دنيا جا ڪروڙين رهواسي ادنيٰ درجي جو ٻارڻ استعمال ڪرڻ جي ڪري پنهنجو زندگيون تباهه ڪري رهيا آهن، ماڻهن کي صرف ۽ صرف مفت ۾ هٿ آيل ٻارڻ کپي، پوءِ ڀلي اُن جا ڪيترائي مُهلڪ اَثرات سندن صحت تي ڇو نه مرتب ٿيندا هجن پڙهيل لکيل هر ماڻهو ڄاڻي ٿو ته اِن آلوده فِضا جي ڪري ڪهڙيون نه خطرناڪ بيماريون پيدا ٿين ٿيون، پر گهرن اندر آلوده فضا جي ڪري پيدا ٿيندڙ زهريلي گئس ۽ دونهاٽيل آبهوا کي يا ته ڪنهن سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي يا وري ڄاڻي ٻجهي نظر انداز ڪيو ويو آهي. غليظ ۽ آلوده گئسون ساهه اندر داخل ٿي صحت تي هاڃيڪار اثر وجهن ٿيون. اُنهن گئسن منجهان ڪي خطرناڪ زهريليون گئسون هي آهن: ڪاربان مونو آڪسائيڊ، سلفر آڪسائيڊ، نائٽروجن ڪلورائيڊ، امونيا، هائيڊروجن ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وغيره. اُنهن خطرناڪ زهريلي گئسن جي ڪري ڪجهه خطرناڪ بيماريون پيدا ٿين ٿيون، جهڙوڪر: گهڻي مدت واري ڦِڦڙن جي بيماري، نڪ ۽ گلي جو ڪينسر وغيره. ڊاڪٽر ٽولبا جو اهو خيال آهي ته اُنهن علائقن ۾ جتي گهڻي ٿڌ ۽ ڄميل آبهوا آهي، اُتي کاڌو به اندر پچايو وڃي ٿو ۽ اِها به ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته ٻار به هر وقت لازمي طور تي اندر ئي ويٺل رهن، اهڙي صورتحال ۾ اُنهن منجهه نڪ ۽ گلي جي ڪينسر جا امڪان تمام گهڻا پيدا ٿين ٿا. ۽ بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿيون. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته ناموزون ٻارڻ کي ٻاريندي اُهي گهريلو غريب عورتون پنهنجي ناياب صحت ان غليظ ٻارڻ جي حوالي ڪري ڇڏين ٿيون. پوءِ يا ته سندن جند اچي ”ملڪ الموت“ ڇڏائي ٿو يا وري پنهنجي نصيب ۾ لکيل سمجهي خاموشيءَ سان ڀوڳين ٿيون.
جڏهن اهي عورتون حامله ٿين ٿيون ته اِبتدائي مرحلا طئي ڪندي ڪجهه هفتن کان پوءِ ترت ئي ٻار مختلف بيمارين جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ معصوم ٻارڙا ڄمڻ وقت اِبتدا ۾ ئي نمونيا، گلي ۽ ڦڦڙن جي خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا هجن ٿا. موجوده دور ۾ صنعتن جي ڦهلجڻ ڪري صنعتي علائقن ۾ آلوده هوا گهرن ۾ پڻ موجود رهڻ لڳي آهي ۽ اهو هڪ اِنتهائي تيزيءَ سان اُسرندڙ ناخوشگوار مسئلو آهي. تمام تيزيءَ سان وڌندڙ قيمتن واري رجحان سبب ترقي پذير ملڪن ۾ ٻارڻ جي قيمتن ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. اُنهن قيمتن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ سخت اُپاءُ ورتا وڃن ته جيئن ٻارڻ جي قيمتن کي گهٽ ۾ گهٽ رکي سگهجي.
* * *

پيٽ درست ته توهان تندرست

قبض يا قبضي (Constipation) هڪ عام شڪايت آهي ۽ اُن جو مستقل طور تي موجود رهڻ هڪ اهڙي بيماري آهي، جنهن کي اسين ”اُم الامراض“ به سڏيندا آهيون، قبض جي شڪايت جي ڪري ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا رهندو آهي. قبض جي معنيٰ آهي ”روڪاوٽ“، يعني پائخاني جي اخراج ۾ تڪليف ۽ رڪاوٽ، جيڪو معدي ۽ آنڊن جي عملِ هضم ۽ جذب کان پوءِ بچي پوندو آهي.
اهڙي بچيل مواد ۾ ڪابه غذائي خصوصيت نه هوندي آهي، آنڊي جي ور وڪڙ رهگذر تان ٿيندي غذا جو باقي حصو جڏهن وڏي آنڊي ۾ پهچندو آهي ته آنڊي جي ذريعي ”غذا“ وارو پاڻي جذب ٿيڻ ڪري، تمام گهاٽو ٿي ويندو آهي. جڏهن ته هِن مرحلي تائين غِذا جا مفيد جُزا بدن ۾ جذب ٿي چڪا هوندا آهن. آنڊي منجهه جذب جو عمل جاري رهندو آهي، جنهن جي ڪري هن ۾ سختي وڌندي ويندي آهي، وڏي آنڊي تائين پهچندي، هن ۾ بدبوءِ جو مخصوص عمل شروع ٿي ويندو آهي، ۽ جيڪڏهن گهڻي وقت تائين آنڊي ۾ رُڪيل رهي ته پوءِ هن ۾ زهريلا اثرات پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، جن جي ڪري مختلف قسمن جا مرض لاحق ٿيڻ جو امڪان وڌي ويندو آهي. طبعي طور نارمل حالت ۾ پائخانو (Stool) جڏهن قولون (Colon) کان ٿيندو سڌو آنڊي ۾ پهچندو آهي ته ”حاجت“، جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي. ڪجهه ماڻهن ۾ مختلف شيون هن احساس جو باعث بڻجنديون آهن. ڪجهه ماڻهن کي صبح جي وقت ننڊ منجهان بيدار ٿيڻ شرط حاجت محسوس ٿيندي آهي، ڄڻ ته ننڊ منجهان ”بيداري“ رفعِ حاجت جي احساس جو محرڪ هجي. طِبّي لحاظ کان اِهڙي شڪل يعني صورتحال ئي سڀ کان وڌيڪ بهتر سمجهي ويندي آهي. بعض ماڻهن ۾ وري چانهه پيئڻ ۽ سگريٽ ڇڪڻ کان پوءِ، ۽ ڪن ماڻهن منجهه وري ناشتو ڪرڻ کان پوءِ ”حاجت“ جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي، ۽ پوءِ اهائي سندن ”عادت“ بڻجي ويندي آهي.
قبضيءَ (Constipation) جو بنيادي سبب آهي آنڊي جي قوت مدافعت جو ڪمزور ٿيڻ، يعني ته آنڊو ڪمزور ٿي وڃڻ ڪري پائخاني (Stool) کي ٻاهر ڌڪي ڪڍڻ جي طاقت گهٽ ٿي ويندي آهي، جنهن جي ڪري قبضي ٿي پوندي آهي. هن جو سبب، ٻڍاپو، موٽاپو، سُستي ۽ ڪاهليءَ واري زندگي گذارڻ وارو طريقو، خون جي ڪَمي، عُضون جي ڪمزوري، ريح جو دٻاءُ، جگر (جيري) جي خرابي، آنڊي جي بلغمي تهن جي سوڄ، بواسير، ۽ پراڻي پيچيش ٿي سگهي ٿو. قبضيءَ جون ٽي صورتون هونديون آهن.
1. دائمي قبض يعني ته حاجت آسانيءَ سان پوري نه ڪري سگهڻ، مثال طور گهڻي دير ويهڻ ۽ وڌيڪ زور لڳائڻ.
2. ٽائيم تي حاجت پوري نه ٿيڻ.
3. طبعي مقدار ۾ نه ٿيڻ ۽ حاجت پوري ٿيڻ کان پوءِ به تسلي نه ٿيڻ.
قبض جي ڪري معدو ايترو ته متاثر ٿي ويندو آهي، جو هن جي پنهنجي ڪارڪردگي به سست ٿي ويندي آهي. هاضمو خراب ٿي ويندو آهي، بک گهٽ يا وڌيڪ ٿي ويندي آهي. وڌي وڃڻ جي صورت اصل ۾ حقيقي بک نه هوندي آهي، بلڪه نظام هضم کي وڌيڪ خراب ڪرڻ جو باعث بڻجندي آهي.
سبب: قبض جا سبب، اِحتياط ۽ علاج کي سمجهڻ، قبضي منجهان جان ڇڏائڻ ۾ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿيندا آهن. قبضيءَ جي شڪايت بڻجندڙ سبب هن ريت آهن:
1. خوراڪ ۾ ريشي دار جزن جي ڪمي.
2. سستي ۽ ڪاهلي واري روش رکندڙ زندگي.
3. جسماني محنت ۽ ورزش کان پري رهڻ.
جي ڪري پاڻيءَ جي ڪمي
روزانو جي معمولات ۾ سفر جي دوران، پاڻي گهٽ پيئڻ.
عمر وڌڻ ۽ حمل سان ٿيڻ جي صورت ۾ تبديلي.
دستن جي دوائون گهڻي انداز ۾ کائڻ (واپرائڻ).
ڪنهن به سبب جي ڪري ”حاجت“ جي ضرورت کي روڪي رکڻ ۽ ”غذا“ ۾ چڪنائي، پنير، انڊا، ۽ گوشت ضرورت کان وڌيڪ استعمال ڪرڻ، به شامل آهن. مٿي جو سور ۽ ٻيون جسماني تڪليفون، سور وغيره بلڊپريشر، ذيابطيس ۽ پارڪِنسنس جي بيماريءَ کي روڪڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائون به قبضيءَ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.
احتياط: قبضيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ غذا يعني خوراڪ ۾ ريشي واري غذائي جزن کي شامل ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. يعني ته ريشي دار غذا، جو استعمال، ڀاڄيون، تازو ميوو، ۽ موسمي ميوو ضرور استعمال ڪرڻ گهرجي.
* پاڻي جو استعمال تمام گهڻو ڪرڻ گهرجي. روزانو اٺ گلاس پاڻي پيئڻ گهرجي، جن منجهان ٻه گلاس صبح جو نيراني پيئڻ سان هاضمي جو سرشتو تمام بهتر نموني ڪم ڪري سگهي ٿو. گڏوگڏ ٻيا موسمي مشروبات به استعمال ڪرڻ گهرجن.
* تريل ۽ بادي شين کائڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي.
* کير جو هڪ گلاس سمهڻ کان اڳ ضرور پيئڻ کپي. هيءُ رفع قبض لاءِ تمام ضروري آهي.
* روزانو ورزش ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻه مِيلَ چهل قدمي تمام ضروري آهي. ان کي پنهنجو معمول بڻائڻ گهرجي.
* حاجت جي ضرورت واري ٽائيم کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.
* جڏهن به ڪنهن سبب جي ڪري روزاني معمول واري رفِع حاجت جي ٽائيم ۾ تبديلي محسوس ڪريو ته جلدي ۾ پنهنجي فيملي ڊاڪٽر سان ضرور رجوع ڪريو.
* رفِع حاجت جو ٽائيم ساڳيو هوندو ته سڀ کان بهتر ٿيندو ۽ اِهو ضروري طور تي هُجڻ به کپي.
* صبح جو نيرانو پاڻي پيئڻ سان قبض جي شڪايت ڪافي حد تائين دور ٿي سگهي ٿي.
* بحيثيت مسلمان جي اسان تي اِهو فرض عائد ٿيل آهي ته اسان پنهنجيءَ ”صحت“ جو خاص خيال رکون ڇو ته الله تعاليٰ جيڪا زندگي عطا ڪئي آهي، سا هڪ نعمت آهي ۽ ان نعمت جي حفاظت ڪرڻ به لازمي آهي.
چوندا آهن ته: ”يک تندرستي، هزار نعمت است“ يعني ته هڪ تندرستي هزار نعمتن جي برابر آهي، اهو بيت ته ننڍڙي هوندي سڀني پڙهيو هوندو ته:
”آهي تندرستي نعمت هڪ عجيب
جهڙي شاهوڪار لئه، تهڙي ڪاڻ غريب“.
اسان هن مضمون ۾ ذڪر ڪري رهيا آهيون ”صحت ۽ تندرستي“ جو، چوندا آهن ته ”علم دولت“ آهي، پر توهان اهو به ضرور ٻڌو هوندو ته ”Health is Wealth“ يعني ته ”صحت دولت“ آهي.
جيئن الله تعاليٰ ٻيا فرض اِنسانن مٿان مقرر ڪيا آهن، ساڳيءَ طرح اسان لاءِ اهو فرض ڪيو ويو آهي ته اسان پنهنجيءَ ”صحت“ جو خاص ۽ مڪمل خيال رکون. اِحساس ڪريون ۽ ”بيمار“ ٿيڻ جي صورت ۾ علاج ضرور ڪرايون ۽ شفايابي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهون. ڇو ته جسم کي اجايو تڪليف ۾ وجهڻ ۽ هروڀرو غير ضروري طور تي برداشت ڪرڻ وارو خيال بلڪل غلط آهي ۽ الله تعاليٰ ناراض ٿئي ٿو. ان ڪري اسان کي گهرجي ته پنهنجي زندگيءَ ۽ صحت جيڪا هڪ نعمت خداوندي آهي، اُن جي حفاظت ڪندا رهون. الله تعاليٰ اسان لاءِ بي شمار، اناج، ميوا، ڀاڄيون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ”غذائيت“، بخشيندڙ نباتات، جمادات، گوشت، مڇي ۽ پکي وغيره پيدا ڪيا آهن. جن کي واپرائڻ سان اسان متوازن غذا حاصل ڪري پنهنجيءَ ”صحت“ کي برقرار رکي سگهون ٿا.
”صِحت“ کي صحتمند رکڻ جا چند اُصول ۽ مُکيه مسئلا هيٺ پيش ڪجن ٿا.
1. متوازن غذا جو استعمال.
2. روزمره جي زندگيءَ ۾ سادي غذا جو استعمال، جنهن ۾ اناج، ميوا ۽ ڀاڄيون وغيره اچي وڃن ٿيون.
3. صاف سٿرو ماحول، صفائي ۽ سُٺائي نه صرف ڪپڙن جي ضروري آهي پر دراصل پنهنجي بدن جي صفائي ۽ گڏوگڏ رڌڻي (بورچيخاني) ۾ موجود هر ٿانوَ ۽ ڀاڄي وغيره کي صاف پاڻيءَ سان ڌوئي صاف ڪرڻ ۽ بورچيخاني جي فرش ۽ ڪنڊ ڪڙڇ کي صاف سٿرو رکڻ.
4. فرج ۾ رکڻ کان اڳ ڀاڄيءَ کي ڌوئي، خشڪ ڪري رکجي. ساون پنن واري ڀاڄين کي ڇنڊي پاڻي کي سڪائي ڪري پوءِ صاف ٽشو پيپر ۾ ويڙهي ڪنهن پلاسٽڪ جي دٻي ۾ رکي ڍڪ ڏيئي ڇڏجي. بلڪل سائي ۽ تازي تواني رهندي. خاص طور تي ساوا پن، سلاد جا پن، ڌاڻا ۽ ڦودنو وغيره.
5. گوشت ۽ مڇيءَ کي ڌوئيءَ، صاف ڪري، ڍڪي پوءِ فريز (Freeze) ڪجي. ۽ پڻ مقرر ڪيل وقت لاءِ فريز ڪجي. فرج ۾ رکيل ڀاڄيءَ ۽ ميوي کي استعمال ۾ آڻڻ کان اڳ وري هڪ دفعو ٻيهر ڌوئي صاف ڪرڻ گهرجي.

ڪم جون ڳالهيون:
1. زيتون جي تيل ۾ ڇهاتر (76%) سيڪڙو، بيمارين جي خلاف شفائي خاصيتون موجود آهن.
2. آب زم زم ۾ هر بيماريءَ جو علاج موجود آهي.
3. سڄي ڏاڙهو منجهه، صرف هڪ داڻو ”جنت“ جو داڻو هوندو آهي.
4. شفا جا ٻه مظهر آهن هڪ ”قرآن“ ٻيو ”ماکي“.
5. جنهن گهر ۾ ”کارڪ“ هوندي، اهي گهر وارا ڪڏهن به ”فاقه زده“ نه رهندا.
6. آذان ٻُڌي لفظ ساڳيءَ طرح دُهرائيندا رهو. بيحد ثواب ملندو. جزاڪ الله
* * *

غذا ۽ اُن جي اهميت

”غذا جيڪا اسان کي روزانو کائڻ گهرجي.
1. بيضا (اٺ امائنو ائسڊ سان ڀرپور مڪمل غذا جو نالو آهي. بيضو پروٽين جي (حُصول) يعني حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو ۽ مڪمل طور ”غذا“ آهي.)
2. صوف (Apple) حل پذير ۽ غير حل پذيد ريشي سان ڀرپور، بک جو احساس گهٽائي، ڪوليسٽرول جي سطح کي به ڪنٽرول ڪن ٿا.
غذائي پروٽين ۾ موجود ڪوليسٽرول جو، رت ۾ موجود ڪوليسٽرول سان ڪوبه تعلق نه آهي.
3. بليوبيريز جيڪي اينٽي آڪسيڊنٽ سان ڀرپور هونديون آهن.

[b]غذا[/b]
موجوده دور جي ماهر طب هڪ نئين حڪمتِ عملي تيار ڪري ورتي آهي. موٽاپيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ، وزن جي معاملي ۾ حساس ماڻهن کي گهرجي ته هو ”خوراڪ“، غذا، گهٽ کائڻ بدران پنهنجي خوراڪ ۾ سُٺيون ۽ مفيد غذائون شامل ڪن پوءِ ڏينهون به ڏينهن اُنهن ۾ اضافو ڪن، ان سان نه رڳو توهان مان غذائي محرومي جو احساسي گهٽ ٿيندو بلڪه توهان جو پيٽ به ڀريل رهندو ۽ پوءِ توهان آلتو فالتو شيون کائڻ ڏانهن راغب نه ٿيندا. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺ ڏنل غذائن کي آزمائڻ جو مشورو ڏنو آهي.
ڇاتي، معدي، چمڙيءَ جي سرطان کان تحفظ فراهم ڪندا آهن. وٽامن A ۽ G به وافر مقدار ۾ ملن ٿا. سردين جي موسم ۾ هڪ طرف ٿڌ، زڪام کان محفوظ رهي سگهو ٿا، ٻئي طرف شريانين ۾ جيڪڏهن خراب ماده ڄمي وڃن ته انهن کي پري ڪري ڇڏين ٿا. اهڙيءَ طرح دل جي بيماريءَ جو خطرو ٽري وڃي ٿو. پالڪ ۾ اهڙا اينٽي آڪسيڊنٽ شامل آهن. جيڪي دماغ ۾ صحت کي نقصان پهچائيندڙ فري ريڊيڪلز کي بي اثر بڻائن ٿا، جنهن سان پوڙهائپ ۾ دماغي صلاحيتون متاثر نه ٿينديون آهن. سائنسي جائزن ۾ ڏٺو ويو آهي ته جيڪي ماڻهو هڪ يا ٻه ڀيرو پالڪ کائيندا آهن انهن جي سکڻ ۽ عضون کي حرڪت ڏيڻ جون صلاحيتون بهتر ٿي وينديون آهن. بليوبيريز: عمل کي روڪڻ واري اينٽي آڪسيڊنٽ معدي جي السر اکين ۾ موتيو لهڻ (Cataract) ۽ ڪاري پاڻي (Glaspoma) کان تحفظ فراهم ڪندي آهي. دل جي بيمارين ۽ مختلف قسمن جي ڪينسرز کان بچائي ٿي. ياداشت کي قائم رکڻ ۾ مددگار ۽ ويسر ۽ الزائم جا امڪان گهٽائي ٿي.
اڄ اسان هن مضمون ۾ اهڙي ”غذا“ جو ذڪر ڪنداسي، جيڪا اسان کي روزانو کائڻ گهرجي. اهڙي غذائي جزن منجهان اڄ اسان ڪجهه منتخب جزا زيرِ بحث آڻينداسي. انهن منجهان سڀ کان پهرين ذڪر ڪبو.
پالڪ جو: هڏين جي ڀرڻ واري بيماري اوسٽيوپروسيسز کان بچي سگهو ٿا. پالڪ واپرائڻ سان ڪوليسٽرول گهٽ ٿئي ٿو. IQ وڌي ٿو. هڏين جي لاءِ شاندار معمار آهي. وٽامن K کان علاوه ڪئليشم، ۽ مئگينيشم به شامل آهي. اهي سڀ معدنيات، نباتات مان ملندڙ وٽامنز ”سالما“ آهن. جيڪي اينٽي آڪسيڊنٽ جي طور تي ڪم ڪندا آهن.
* * *

موسم ۽ صحت

”موسم ۽ صحت“، اِهڙو موضوع آهي، جنهن تي ڄاڻ هجڻ ۽ پوءِ مٿس ٿوري گهڻي دسترس هجڻ هر انسان لاءِ تمام ضروري آهي، چوندا آهن ته هر انسان حقيقت ۾ پنهنجو پاڻ ئي پنهنجي لاءِ اڌ حڪيم/ طبيب جو درجو رکي ٿو. چوندا آهن ته ”اِنسان“ جڏهن پهريون ڀيرو ”بيمار“ ٿي پوندو ۽ پوءِ علاج ذريعي جڏهن شفايابي جي حاصل ڪري وٺندو آهي ته کيس اِها ”ڄاڻ“ ضرور يلفرور حاصل ٿي ويندي آهي ته سندس جسماني ساخت ڪيئن آهي ۽ ڪيئن پنهنجي حفاظت موسم ۽ حالات مطابق ڪري سگهي ٿو. ڇو ته هر اِنسان واقعي به پنهنجو پاڻ لاءِ ”اڌ حڪيم“ ضرور هوندو آهي. پنهنجي جسماني ساخت جي معلومات ۽ زندگيءَ کي روان دوان رکڻ لاءِ اندروني عضوا ڪيئن ڪم ڪن ٿا ۽ اُن سان گڏ اُن کي ڪيئن صحيح نموني، بهتر انداز ۾ ڪم ڪرڻ ڏجي، اهو هڪ اهڙو علم آهي، جنهن کي اسان سائنسي ٻوليءَ ۾ ”فزيالاجي ۽ هائيجن“ (Physiology and Hygiene) سڏيون ٿا. جنهن ۾ اسان پنهنجي جسماني ساخت، اُن ۾ موجود عضون جو ڪم ڪار، نشو نما ۽ پنهنجي اردگرد ماحول منجهان حاصل ٿيل ڪجهه اهڙا جزا ۽ جاندار، جيڪي مختلف موسمن تي اثر هيٺ، جسماني عضون تي حملو ڪري اسان جي اندروني عضون جي ڪارڪردگيءَ کي متاثر ڪري بيماري واري صورتحال پيدا ڪري وجهن ٿا ۽ پوءِ اسان جي ”صحت“ متاثر ٿي پوي ٿي، ته اهڙي علم جو هجڻ، ڄاڻڻ ۽ پوءِ اُن تي عمل پيرا ٿيڻ هر انسان لاءِ لازمي آهي. جڏهن انسان کي ”بدني علم“ جي ڄاڻ هوندي، ”جسماني جوڙجڪ ۽ ساخت“ جي معلومات هوندي، تڏهن ئي هو پنهنجي ”صحت“ کي قائم دائم رکڻ جو سوچيندو ۽ پنهنجي اِردگرد جي ماحول ۾ صفائي ۽ سٿرائي تي ڌيان ڏيندو ۽ بيماريءَ کان بچاءُ جو تدارڪ ڪندو. اهو سڀ ڪجهه اسان کي سائنسي انداز ۾ سوچڻ ۽ اُن تي عمل ڪرڻ لاءِ پنهنجي دماغ کي آماده ڪرڻو پوندو.
اهڙي قسم جي معلومات لاءِ هروڀرو ڪنهن ڊگري جي ضرورت نه آهي پر پنهنجي طور علم ۾ اضافي لاءِ ”علم بدن ۽ علم صحت“ جنهن کي انگريزيءَ ۾ اسان (Physiology and Hygiene) سڏيون ٿا، جو مطالعو ڏاڍو ضروري آهي. اڄ جو دور ترقي يافته، اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دور آهي ۽ حالتون پڻ ساڳيون ناهن رهيون.
ماحول جي گدلاڻ جو جيترو ذڪر هينئر ٿئي ٿو، ان کان اڳ ڪڏهن به ايڏي وڏي پيماني تي مسئلو نه رهيو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته وقت جي رفتار سان گذريل سال ۽ صديون، اُنهن جون مندون ۽ موسمون، ماحول وغيره هاڻوڪين حالتن کان ڪافي حد تائين مخلتلف ٿي چڪا آهن. اسان جي ڏکڻ ايشيا ۾ سڄي سال ۾ چار مندون باقاعدگيءَ سان ظهور پذير ٿينديون رهيون آهن. باقي ڪجهه ملڪ سال جا ڪافي مهينا سرد ته وري ڪٿي گرم ترين رهن ٿا. پر اسان جي ملڪ ۾ ائين نه آهي. اسان وٽ سرءُ، سيارو، بهار ۽ اونهارو باقاعده طور تي مشاهدي ۾ ايندا رهن ٿا ۽ مندن جي حوالي سان احتياطي تدابير به ڪجن ٿا.
اهوئي سبب آهي ته هر موسم جي حساب سان جسم جي سارسنڀال لهڻ ۽ صحت ۽ صفائي جو خاص خيال رکڻ نهايت ئي ضروري آهي.
اڄ مان توهان کي ٻڌائينديس ته گرمين جي مند ۾ اسان کي ڪيئن رهڻ کپي؟
جون جو مهينو گرمين جي مند ۾ تيز اُس ۽ تپيل/ گرم هوائن جو مهينو سڏبو آهي. جيڪڏهن گهر ۾ ويهي رهجي ۽ ڇانوَ واري جڳهه کي ڳولهجي ته اُهو سٺو لڳندو آهي، پر جي گهر کان ٻاهر ڪنهن ڪم سانگي نڪربو ته رڙ نڪري ويندي آهي، ته اُف ”قيامت جهڙي گرمي آهي“ يا وري چئبو ته هاءِ دوزخ جي باهه جا اُلا پيا نڪرن وغيره وغيره.
پر سڀني ڳالهين جي باوجود انسان کي ڪم ڪار سانگي ٻاهر ته ضرور نڪرڻو پوي ٿو ۽ هر انسان کي ڪنهن نه ڪنهن ضروري ڪم لاءِ ضرور نڪرڻو پوندو آهي. ان ڪري هن شديد گرم موسم ۾ رهڻي ڪهڻيءَ جا بنيادي اصول هرهڪ کي ضروري طور معلوم هئڻ گهرجن.
اسان جي جسم جو اندروني نظام الله تعاليٰ رب العزت اهڙي نموني ٺاهيو آهي، جو اهو هڪ خاص ۽ مخصوص درجهء حرارت (Temperature) تي ڪم ڪندو رهي ٿو. هيءُ مستقل درجه حرارت، ”ابتدائي حيات“ جي نمائندگي ڪرڻ وارن ٻوٽن ۽ جانورن ۾ ايتريقدر اعليٰ درجي جو موجود ڪونهي، جيتري پيماني تي ارتقا ڪري مٿانهين منزل تي پهچڻ وارن جانورن ۽ جاندارن ۾ موجود آهي.
جسم انساني ۾ اندروني درجهء حرارت، هڪ مستقل درجي تي موجود آهي، اهڙو انڪشاف سڀ کان پهرئين هڪ فرانسيسي فزيالاجسٽ، ڪلاڊي برنارڊ، تقريبن اڻويهين صدي جي وچ ڌاري ڪيو هو. جسم جي اندروني درجهء حرارت جي مستقل طور تي هڪ ئي درجي قائم رهڻ واري کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان کي جسم جي بناوت ۽ اُن جي عضون جي بناوتي ڪم ڪار متعلق بنيادي معلومات ۽ ڄاڻ جو هجڻ لازمي آهي.
اسان جي جسم جا سڀ عضوا ننڍن ننڍن جيو گهرڙن يعني خلين جي مدد سان ٺهيل آهن، انهن عضون جا ڪم اُنهن ۾ موجود خلين جي قسم ۽ ڪمن تي ٻڌل آهن، عضوا جيڪڏهن فيڪٽري آهن ته پوءِ خليا ان جا ورڪر آهن. مثال طور جگر/ جيري جا ڪم، ان ۾ موجود هر ننڍڙي کان ننڍڙو خليو به سرانجام ڏيندو رهي ٿو ۽ ساڳيءَ طرح دماغ جا ڪم دماغي خليه سرانجام ڏيندا رهن ٿا، اِهو ئي حال سڀني ٻين عضون سان لاڳو آهي.
هاڻ هتي هيءُ سمجهڻ نهايت ضروري آهي ته هن جيو گهرڙن يعني خلين جي ڪارڪردگيءَ وري منجهن موجود جزن جي ڪيميائي عمل تي منحصر آهي ۽ ڪيميائي ردعمل تڏهن صحيح حالت ۾ ٿيندو جڏهن انهن خلين (Cells) ۾ موجود انزائيم (Enzyme) مادو پنهنجي صحيح حالت ۾ هو. هيءُ اينزائيم درجه حرارت (Body Temperature) جي گهٽ وڌ ٿيڻ واري صورت ۾ تمام جلدي متاثر ٿي ويندا آهن ۽ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت وڃائي ويهندا آهن. اينزائيم جي ناڪاره ٿيڻ جي صورت ۾ خلين جو فعل يعني ڪم (Function) بند ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن خليه ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا ته ان جو سڌو سنئون اثر اُنهن عضون تي پوندو، جنهن عضوي ۾ اُهي ورڪر طور ڪم ڪري رهيا هئا. ائين سمجهو ته عضوي جو ڪم معطل (جهڙي نموني ورڪرز جيڪڏهن هڙتال تي هليا وڃن ته فيڪٽريءَ جو ڪم ڪار ۽ ڪاروبار ٺپ ٿي وڃي.) ٿي ويندو. جيئن ته اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته اسان جو واسطو هر قسم جي موسم سان پوندو رهي ٿو. پنهنجي ملڪ ۾ الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان اسان کي هر قسم جي موسم ميسر آهي ۽ اسان کي هن ڪائنات ۾ گهمڻ ڦرڻ جا وسيلا به عطا ڪيا آهن. جن جي ذريعي اسان هڪ ئي ڏينهن ۾ برفاني علائقا ڇڏي، گرم اُس وارن حصن ۾ وڃي پهچندا آهيون ۽ هوڏانهن وري گرمين جي موسم ۾ گرم تيز و تند هوائن جي اثراتن کان بچڻ لاءِ وري ٿڌن علائقن جو رُخ ڪندا آهيون.
ٻاهرين موسم ۽ درجه حرارت ۾ تبديليءَ باوجود اندروني طور تي اسان کي ڪا خاص شڪل درپيش نه ايندي آهي. اِن جو ڪهڙو سبب آهي؟
جڏهن ته اسان اهو پهرئين سمجهي چڪا آهيون ته اسان جو اندروني نظام درجهءِ حرارت تمام وڏي پيماني تي تبديلي جو نعم البدل نه ٿو ٿي سگهي. سبب هيءُ آهي ته جسم جي اندر ٽيمپريچر ڪنٽرول ڪرڻ جو هڪ اهڙو نظام قائم ٿيل آهي. جيڪو هڪ خاص حد کان اڳيان وڌڻ نه ڏيندو آهي. گرميءَ ۾ جڏهن اسان جي آس پاس جو ماحول ۽ گرمي پد تمام گهڻو وڌي ويندو آهي ته جسم اُن وڌيل گرميءَ کي پنهنجي اندر داخل ٿيڻ نه ڏيندو آهي، بلڪ پنهنجي اندر پيدا ٿيل فالتو توانائي کي به خارج ڪرڻ چاهيندو آهي. اهڙي طريقي سان اسان کي ”پگهر“ ايندو آهي. جيئن جسم جي بيروني سطح آلي رهي ۽ اُن جي ذريعي فالتو حرارت بيروني ماحول ۾ منتقل ٿي وڃي. ان کان علاوه دماغي حڪمن اِحڪامن ذريعي اسان هلڪي قسم جا ڪپڙا پائيندا آهيون، هر هر وهنجندا آهيون، پاڻي ۽ ٻيا مشروب وڌ کان وڌ واپرائيندا آهيون، ڇانوَ ۾ ويهڻ پسند ڪندا آهيون، پکن ۽ ايئرڪنڊيشن وغيره جو استعمال پڻ وڌائي ڇڏيندا آهيون. مطلب ته هر اُهو ڪم ترجيحي بنيادن تي ڪندا آهيون، جنهن مان اسان کي ٿڌاڻ جو احساس ملي.
ڀينرون، هاڻي اچو ته ڏِسون ته اُنهن سڀني جي استعمال جو صحيح طريقو ڪهڙو آهي ۽ اهي احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪرڻ ڪري ڪهڙا نقصان ٿي سگهن ٿا.

[b]گرمين جي موسم ۾ صحتمند رهڻ جا چند بنيادي اصول
[/b]1. تيز اُس کان بچڻ گهرجي: گرمين جي موسم ۾ تمام تيز اُس ۾ بغير ڪنهن احتياطي تدبير اختيار ڪرڻ جي ٻاهر نڪرڻ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. تيز اُس ۾ هوا به تمام گهڻي گرم ٿي 'لوءَ' (جهولي) جي شڪل اختيار ڪري وٺندي آهي. ان کان علاوه اُس جو پنهنجو گرمي پد پڻ تمام وڌي ويندو آهي ۽ هن جي راه ايندڙ هر شيءِ جڏهن ته زمين به تپي لوهه مثل ٿي ويندي آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ اُگهاڙي مٿي ۽ بدن جي جيڪڏهن ٻاهر نڪربو ته جسم جي اندروني گرمي ٻاهر نڪري نه سگهندي، اُلٽو ٻاهر جي گرمي جسم جي اندر داخل ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي. انسان جي دماغ کي گرمي لڳڻ ڪري هن ۾ موجود ”ٽيمپريچر ڪنٽرول سينٽر“ (Temperature Control Centre) جيڪو عام طور تي جسم جو گرمي پد وڌڻ نه ڏيندو آهي، سو ناڪارا ٿي وڃڻ جي صورت ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي ۽ اهڙي طرح جسم جو درجه حرارت (گرمي پد) ماحول جي مطابق وڌڻ شروع ٿي ويندو آهي. ان ڪري شديد گرميءَ واري موسم جي ڏينهن ۾ مٿي تي ٽوپي يا ڪپڙو رکي ٻاهر نڪرجي ۽ حتيٰ الامڪان ڪوشش ڪجي ته اُس کان پاسيرو ٿي هلجي. پاڻي وغيره گهڻي مقدار ۾ واپرائجي ۽ اهڙيون ٻيون به احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ ضروري ٿي پون ٿيون.
ايئرڪنڊيشن استعمال ڪرڻ وارن لاءِ شديد گرمي منجهان هڪدم سردي ۽ تيز ٿڌي جڳهه کان هڪدم گرمي ۾ ٻاهر وڃڻ کان پرهيز ڪرڻ لازمي آهي.
2. پاڻي ۽ ٻيا مشروب وڌيڪ واپرائڻ گهرجن: گرميءَ ۾ اسان جي جسم جو درجه حرارت مستقلاً نارمل رکڻ لاءِ اسان جي چمڙي هر وقت گهميل يعني آلي رهندي آهي. اهو سڀ ڪجهه پگهر وسيلي ممڪن ٿيندو آهي، جنهن جي وسيلي جسم جي اندروني گرمي ٻاهر منتقل ٿيندي رهي ٿي. اهڙي ريت اسان جي جسم جو درجهءِ حرارت (گرمي پد) ته پنهنجي جڳهه نارمل قائم رهي ٿو، ليڪن پاڻي ۽ نڪميات ڪجهه قدر جسم ۾ گهٽجي ويندا آهن. اُن ڪميءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ اسان کي دماغي حڪم ”اُڃ لڳڻ“ جي صورت ۾ ملندو رهندو آهي، جيڪو اسان ڪڏهن ته پوري طرح پورو ڪندا آهيون ۽ ڪڏهن اِن ”اُڃ“ کي اُجهائڻ لاءِ پورو ردِعمل نه ڏيکاريندا آهيون، ڪڏهن گهٽ ۽ ڪڏهن وڌ، پاڻي پيئندا آهيون پر اسان ”نمڪيات“ (Salts) کي قطعي وساري ڇڏيندا آهيون، اهڙي شديد موسم ۾ وڌ کان وڌ پاڻي پيئڻ گهرجي ۽ وچ واري وقفي ۾ ڪجهه شربت وغيره جن ۾ لوڻ ۽ کنڊ جي آميزش هجي ضرور استعمال ڪرڻ گهرجي. مثال طور لسي، اسڪواش ۽ مِيوي جو نڪتل رسُ يعني جوس وغيره ضرور شامل رکڻ گهرجي. لوڻياٺي شيءِ جي استعمال سان اسان جي جسم ۾ ضايع شده لوڻ وري واپس ايندو رهي ٿو ۽ پوءِ ڪمزوريءَ جو احساس نه ٿو رهي. اهڙي قسم جي شڪايت اُنهن ماڻهن ۾ ضرور ڏسڻ ۾ ايندي آهي، جيڪي مٿي ذڪر ڪيل تدبيرون اختيار نه ڪندا آهن. ”کنڊ“ جو هجڻ ان ڪري ضروري آهي جو اُن جي موجودگيءَ ۾ ”نمڪيات“ کي جسم ۾ سٺي نموني جذب ٿيڻ جو موقعو ملي ويندو آهي. ليڪن بلڊپريشر ۽ ذيابيطس جي مريضن کي پهرئين پنهنجي ڊاڪٽر سان ضرور مشورو ڪرڻ گهرجي ته جيئن اُنهن جي مرض مطابق، ”کنڊ ۽ لوڻ“ جي استعمال ۾ مقدار مقرر ڪري سگهجي.
3. فروٽ، ميوو ۽ ڀاڄيون وڌيڪ کائو: ميوي ۽ ڀاڄين جو استعمال هونئن ته هر موسم ۾ لازمي طور تي وڌيڪ ڪرڻ کپي. پر خاص طور تي گرمين جي موسم ۾ ته خاص طرح تي انهن شين جو بندوبست ڪرڻ گهرجي. اسان جي جسم ۾ 80 سيڪڙو پاڻيءَ جو ئي مقدار موجود آهي. ۽ قدرتي طور تي حاصل ٿيندڙ غذا يعني ڀاڄين ۽ ميون ۾ به پاڻي جو ايترو ئي مقدار موجود آهي. ان طرح وڌيڪ پاڻي نه پيئڻ جي صورت ۾ به ڪافي مقدار پاڻيءَ جو انهن ڄاڻايل خوراڪ جي ذريعي جسم اندر پهچي وڃي ٿو. هن موسم ۾ اهڙيون ڀاڄيون جيڪي پنهنجي اندر پاڻيءَ جو وڌ کان وڌ ذخيرو رکن ٿيون، مثال طور ڪدو، توريون، مِيها، کيرو، ونگا وغيره ۽ ميوي ۾، هِنداڻو، گِدرو، گرمو، آلو بخارا، آڙو، انگور وغيره اهڙي غذا جي لسٽ ۾ شامل آهن، انهن شين جو استعمال وڌ کان وڌ ڪرڻ گهرجي.
پروٽين يعني گوشت ۽ بيضا وغيره جو استعمال هن موسم ۾ گهٽائي ڇڏڻ گهرجي. ڇو ته پروٽينز جو فالتو مادو يعني ”يوريا“ جسم لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي ۽ نارمل ڏينهن ۾ انساني جسم پنهنجي گڙدن يعني ”بڪين“ (Kidneys) وسيلي ان فالتو مادي کي پيشاب ذريعي فوراً خارج ڪري ڇڏيندو آهي پر اسان سڀني کي خبر آهي ته گرمين ۾ پيشاب جو مقدار به گهٽجي ويندو آهي. ان طرح پيدا ٿيندڙ ”يوريا“ جو جسم مان خارج ٿيڻ به گهٽجي ويندو آهي، جڏهن ته انساني جسم ۾ ان تبديلي جو تدارڪ ڪرڻ لاءِ صلاحيت موجود آهي، پر پوءِ به احتياط ڪرڻ لازمي آهي.
4. سهولت جي مطابق وهنجڻ جو خاص خيال رکڻ کپي: انساني جسم جي اندر مختلف ڪمن کي سرانجام ڏيڻ لاءِ عضوا هر وقت ڪم ۾ مصروف رهن ٿا ۽ گڏوگڏ (توانائي) گرميءَ جي صورت ۾ پيدا ٿيندي رهي ٿي. سردين ۾ ان ”توانائي“ يعني ”گرميءَ“ کي بچائي/ سنڀالي رکڻ جي ضرورت هوندي آهي، ان ڪري اسان اوني/ گرم ڪپڙا استعمال ڪندا آهيون. پر ان جي اُبتڙ گرمين ۾ اسان ان اضافي گرميءَ کان بچڻ جو رستو ڳوليندا آهيون، جئين اندروني گرمي پد وڌي نه سگهي. ان ڪري هيءَ حرارت اسان جي چمڙي، پيشاب ۽ ساهه جي ذريعي ٻاهر خارج ٿيڻ جي ڪوشش ۾ لڳل هوندي آهي.
حرارت جي منتقلي جو اُصول آهي ته ”هيءَ وڌيڪ گرم شين کان گهٽ گرم شين ڏانهن منتقل ٿيندي آهي.“ جيڪڏهن اسان جي چمڙي ٿڌي هوندي ته اندروني گرمي هن ڏانهن آسانيءَ سان منتقل ٿي سگهندي. ان ڪري چمڙي کي ٿڌو رکڻ لاءِ ڇانوٰ ۾ ويهڻ، پکي جو استعمال ڪرڻ ۽ ايئرڪنڊيشن واري ڪمري جي استعمال کان سواءِ به هڪ آسان نسخو موجود آهي ۽ اهو آهي ”وهنجڻ“. ان سان انساني چمڙي آلي رهي ٿي ۽ آلي هجڻ ڪري ٿڌي رهي ٿي. اهڙيءَ طرح جسم جي اندروني فالتو گرمي، بيروني ماحول ۾ منتقل ٿيندي رهي ٿي.
ايئرڪنڊيشنڊ ۽ زندگي: ايئرڪنڊيشنر هڪ نعمت به آهي ته زحمت به آهي. دور جديد جو طرزِ تعمير، ڪجهه اهڙي نموني جو آهي، جنهن ۾ سِرون، سِيمنٽ، سريا ۽ ٻيا ڪيترائي ڌاتو اهڙي نموني ته گهرن ٺاهڻ دوران استعمال ڪيا وڃن ٿا. اهي سڀئي گڏجي بيروني گرميءَ کي گهر جي اندر منتقل ڪرڻ جو ذريعو بڻجي پون ٿا. ساڳي وقت ڇتيون وغيره به هيٺ رکجن ٿيون ته جيئن تعمير تي پئسي جو خرچ گهٽجي، ان ڪري به گهرن جو اندريون ماحول گرم رهي ٿو. پوءِ وري انهن سڀني مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ايئرڪنڊيشنرز استعمال ڪيا وڃن ٿا. جن مان اندريون ماحول ته ڪجهه ٿڌو ٿي وڃي ٿو. پر وري ساڳي وقت ڪجهه ٻيا مسلا ڪرُ کڻن ٿا. انهن منجهه وڏو مسئلو آهي، هڪ ته ٻاهريون گرم ۽ آلوده ماحول ڇو ته جيڪو به گهر اندر هوندو، يقيناً ڪنهن نه ڪنهن وقت ته ضرور ٻاهر نڪرندو، باقي جيڪي مستقل ٻاهر رهن ٿا، تن لاءِ ته هيءُ عذاب مفت جو ۽ مستقل آهي.
ساڳيو مسئلو ايئرڪنڊيشنڊ گاڏين سان به آهي. جيڪي بلڊنگون، عمارتون سينٽرلي ايئرڪنڊيشنڊ (Centrally Air-conditioned) هونديون آهن، اُنهن ۾ هوا جون ناليون (Ducts) وقت سان گڏوگڏ مٽيءَ ۽ جراثيم وغيره سان آلوده ٿي وينديون آهن ۽ ان سبب ڪري، اُنهن عمارتن ۾ رهندڙن ۽ ڪم ڪندڙن کي ساهه جي تڪليف عام ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن انهن سڀني مسئلن جو حل اهو آهي ته طرز تعمير اهڙي نموني ڪجي جو قدرتي طور تي هوا جي آمدورفت مستقل رهي ۽ گهر ٿڌي رهڻ جا امڪان وڌيڪ پيدا ٿي پون ۽ مصنوعي ٿڌ حاصل ڪرڻ جي طريقن تي گهڻو انحصار نه ڪجي ته بهتر ٿيندو.
جيڪڏهن هروڀرو ايئرڪنڊيشنرز استعمال ڪرڻ جو شوق هجي ته پوءِ ٿرمواسٽيٽ جي ذريعي ٿڌ کي گهٽ کان گهٽ رکيو وڃي، جيئن ته توانائي به بچي ۽ آلودگي به نه ٿئي. فل اي. سي هلائي ۽ پوءِ سوَڙ/ ڪمبل ويڙهي سمهڻ ۾ ڪابه عقلمندي نه آهي.
* **

”صحت تنهنجي، صلاح منهنجي تنهنجي رڌڻي ۾ صحت تنهنجي.“

(پنهنجي پاران) هيءُ باب خاص طور تي پنهنجي ڀينرن لاءِ آهي.
طبِ نَبوّي منجهان مختلف نسخا هجن يا وري هوميوپيٿي نسخا، توڙي يوناني نسخا هجن يا وري ديسي جڙيون ٻوٽيون ۽ زمانهءِ قديم جا ڏس پتا هجن، هند و پاڪ آڳاٽي پرصغير کان اڳ ۾ ڪتابن منجهان علم ۽ ڄاڻ تي مشتمل ڏس پتا هجن، مطلب ته گهريلو آسان توڙي ٿورا مشڪل، نسخن کي آزمائڻ ۽ پوءِ ٻين کي ٻڌائڻ ۾ خوشي محسوس ٿيندي آهي. اُنهن نسخن منجهان جيڪڏهن فائدو نه به مليو ته پوءِ نقصان به ڪونه ٿيندو. ڇو ته انهن جو (Side Effect) بنهه نه هئڻ برابر آهي.
”صحت ۽ تندرستي“، متعلق ڪتاب پڙهڻ جو هڪ خاص مزو ۽ رجحان رهندو آيو آهي. انگريزي ۾ لکيل مضمونن کي سنڌيءَ منجهه ترجمو ڪرڻ جو خيال هميشه کان رهندو آيو آهي. ننڍپڻ کان ئي صحت ۽ صفائي سان وابسته اوائلي دور جا لکيل فزيالاجي ۽ هائيجن “Physiology and Hygiene” يعني ته ”علم بدن ۽ علم صحت“، منهنجا پسنديده موضوع رهندا آيا آهن. ان موضوع تي پهريون مضمون ڪلاس ورڪ طور ستين درجي ۾ لکيو هُيو، هوم اڪنامڪس جي پيرڊ ۾ ڇو ته ان زماني ۾ اسان جون ”استاد“ ڪلاس ۾ موضوع ڏينديون هُيون. ۽ ان ئي وقت لکڻ لاءِ چونديون هُيون. ائين ڪرڻ جو مطلب واضع هُيو ته ٻارن منجهه مطالعي جي عادت پختگيءَ سان جڙ پڪڙي. مون کي ”مطالعي جو شوق“ ته گهر کان ورثي ۾ مليو ڇو ته منهنجو بابا ۽ وڏي پڦي مطالعي جا شوق رکندڙ هئا. پر پوءِ به استادن جي رهبري ۽ رهنمائي به ڏاڍي سهڻي انداز ۾ ملندي رهي. پنهنجي پرائمري اسڪول جي تعليم کي پوري ڪرڻ بعد، جڏهن هائر سيڪنڊري ۾ پهتم ته اسان جي گرلس اسڪول جي هڪ وڏي خوبصورت ڪتابن سان ڀريل لائبيرري نصيب ۾ آئي. اسڪول جي زماني ۾ ئي مون پنهنجي اسڪولي لائبرري جا تقريباً سمورا ڪتاب پڙهي ورتا هئا.
يا وري ”(اصلاح منهنجي صحت تنهنجي)
تنهنجي رڌڻي ۾ صحت تنهنجي“
اِن مطالعي جي شوق کي وڌائڻ جو ڏانءُ ڏنو منهنجي قابل حد احترام استاد آيا سُگي ڀاٽيا صاحبه (حال حيات آهن) جيڪا ڪلاس ۾ سبق پڙهائيندي بيشمار شاهه لطيف رحه جا بيت، مُختلف پهاڪا ۽ چوڻيون ٻڌائيندي رهندي هئي ۽ اُن شوق کي پايه تڪميل تي پهچايو منهنجي ٻيءَ اُستاد آپا اَنور شيخ، (حال حيات) اِسڪول جيڪا لائبيرري جي ٽيچر انچارج هوندي هئي. بحيثيت ڪلاس مانيٽر ۽ روزانو جي بنياد تي هڪ ڪتاب (Issue) ڪرائي گهر کڻي وڃڻ ۽ پابنديءَ سان ٻي صبح جو دعا (Prayer) کان اڳ وڃي واپس لائبيرري ۾ جمع ڪرڻ جي عادت، آپا کي آخرڪار مجبور ڪيو ته هوءِ مون تي اعتبار ڪري ۽ پوءِ هن مون کي لائبرري جي ”هيڊ گرل انچارج“ بڻائيندي چاٻي ڏيئي ڇڏي.
ائين منهنجو مُطالعاتي شوق تمام سهڻي نموني پورو ٿيندو رهيو. مئٽرڪ کان ٿورو اڳ ۾ پوءِ سکر گرلس ڪاليج منجهان اِنٽر پاس ڪرڻ تائين بيشمار افسانه، ڪهاڻيون، ڊائجسٽ، ۽ ناول پڙهيا. اڪثر ڪري ڪتاب يا ناول کي هڪ ئي نشست ۾ پورو ڪري اُٿڻ جو جنون هوندو هيو، پوءِ صبح صادق ڇو نه ٿي وڃي. پر ڪتاب کي پورو ڪرڻ ڄڻ فرض هُيو. پر هاڻي ائين آهي، وقت ۽ حالتن سان گڏوگڏ هينئر پڙهڻ جي رفتار (Speed) به ڪجهه گهٽ آهي. پر پوءِ به مطالعو ڪرڻ مون لاءِ ”ماني“ وانگر“ ڄڻ ته ضروري آهي.
مطالعي جو شوق ننڍي هوندي کان وٺي آهي. بابا جن کي هر وقت ڪجهه نه ڪجهه پڙهندي ڏٺو، ديني ڪتاب ”امڙ مرحومه“ جي اک جو ڄڻ ته تارو هئا ۽ دنياوي علم جا ڪتاب بابا مرحوم جن ۽ منهنجي وڏي پڦي کي تمام گهڻي چاه ۽ شوق سان پڙهندي ڏٺا. پرائمري اسڪول ۽ سيڪنڊري هاءِ واري زماني ۾ ئي مون ٻاراڻا، طِلسماتي ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب پڙهي ورتا هئا مثال طور چار درويش، امير حمزه، علي بابا چاليهه چور ۽ لقمان حڪيم، ابن بطوطه جو سفرنامو، سنڌباد سيلاني، نيڪ پروين، زينت (ناول) ڪاليجي ڪڪي (ناول) لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ ادب، مغليه دور جي بادشاهن جون ڳالهيون، عمر خيام، ڄامڙن جي دنيا، صحت، تندرستي ۽ صفائي وغيره جي باري ۾ لکيل ڪيترائي ڪتاب وغيره هر وقت زيرِ مطالعه رهندا هُئا. ڏاڏا جن جي زماني جا ڪيترائي ميڊيڪل سائنس جا ڪتاب جيڪي گهڻي ڀاڱي انگلش ۾ هوندا هُئا پر پوءِ ڪجهه سنڌي ڳولهي ڪڍي پڙهڻ جو بيحد شوق هوندو هُيو. ديني ڪتابن ۾ سيرت النبي صلي الله عليه وسلم، چئن خليفن ۽ ٻين بزرگنجا ڪتاب پڻ منهنجو پسنديده موضوع هوندا هُئا. ننڍڙي هوندي کان ئي سڀني کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ هستي حضرت علي ڪرم الله وجه جن جي لڳندي هڦئي. ڪيترا ئي قول ۽ نصيحت آميز نڪتا، بار بار ورجائي ڪاپيءَ تي لکي ڪري ياد ڪرڻ ڄڻ ته خاص مشغلو هوندو هُيو.
امڙ، ديني ڳالهيون، قرآني قِصّا ۽ قصّص النبّياءِ سان گڏوگڏ سِيرتُ النبّي منجهان ڪيتريون ڳالهيون پاڻ پڙهي ٻڌائيندي ۽ سمجهائيندي هئي. ڪلاس اٺين ۾ جڏهن مون اسڪالرشپ جي امتحان جي تياري پي ڪئي ته اُن زماني ۾ مون وٽ پنهنجي نانا مرحوم کان مليل ڪتاب ”گُل شڪر“ پيل هيو. مون سنڌي جي مضمونن کي وڌيڪ ڪارائتو بڻائڻ لاءِ انهن منجهان پهاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح نوٽ ڪيا. ڪلاس اٺين کان پوءِ ستت ئي مون کي بابا جن هڪ ”ڊائري“ تحفي طور ڏني هئي. جنهن تي مون لکڻ شروع ڪيو. اُها منهنجي زندگي جي پهرين ڊائري (جنهن جو ٻاهريون جلد سائي رنگ جو آهي ۽ اڃا تائين مون وٽ محفوظ آهي) هئي. جنهن تي ڪجهه يادگار تحرير ٿيل آهن.
مطالعي سان بيحد چاه رکڻ جي باوجود مون پاڻ تي اُن کي طاري نه ڪيو آهي نه ئي اُن لاءِ ڪو خاص وقت مقرر ۽ مضمون (Subject) مخصوص ڪيو آهي. بس سٺي لکڻي، پڙهندي آهيان، جيڪا معلوماتي هجي، پوءِ ڪهڙي به ليکڪ جي هجي. اهو نالي وارو هجي يا نه هجي، بس ان لاءِ شرط اِهو آهي ته تحرير ۾ تجس ۽ جاذيت (allraction) ضرور هجي ۽ اُن منجهان آخر ۾ ڪونه ڪونه نصيحت جو نقطو ضرور حاصل ٿئي. طبعيت، ماحول ۽ حالتِ حاظره مطابق مختلف رسالا، مئگزين، انگريزي اردو، سنڌي ۽ ٻيو جيڪو ڪجهه مَيسّر اچي وڃن، سڀني کي پڙهڻ ۽ ڪم واريون ڳالهيون ياد رکڻ، ”عادت“ ۾ شامل آهي. اُنهن سڀني منجهه گهڻي ڀاڱي پنهنجي خاص مضمون ”فزيالاجي“ جي حوالي سان پڙهڻ تمام گهڻو وڻندو آهي.(يعني ته صحت ۽ صفائي سان گڏوگڏ برني جوڙجڪ)
فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي ته زندگي جا گذاريل (اڳياڙي) وارا ڏينهن سٺا هئا. يا وري هاڻي وقتِ آخر پڇاڙيءَ وارا لمحا يادگار آهن، اُهو معصوميءَ وارو دور سٺو هيو، جيڪو بلڪل به ياد ڪونهي، يا وري هاڻي وقتِ آخر جا لمحا آهن، جيڪي پڻ ڪجهه ته بلڪل ياد هُجن ٿا هجن ٿا ۽ ڪجهه بلڪل وسري وڃن ٿا. اِئين ٿو لڳي ڄڻ اِنسان آخري عُمر ۾ وري موٽي ٻاروتڻ وارو معصوم بڻجي وڃي ٿو. منهنجي خيال ۾ عمر رفته جا لمحا پڻ يادگار هجن ٿا. ڇو ته ”يادون“ ئي آهن، جيڪي انسان کي ”يادگيري“ سان گڏوگڏ ”سيکارينديون ۽ سمجهائينديون“ به رهن ٿيون. نتيجو مون اِهو ”اَخذ“ ڪيو آهي ته:
”زندگي“، ”ڏکن ۽ سکن“ سميت گذريل لمحن جي يادن سان گڏوگڏ ”حال“ سارو هلڻ ۽ ”مُستقبل“ ۾ تَوڪّل ۽ رَبَ جي رضا تي راضي رهڻ ۾ ئي ”خيروبرڪت“ ۽ ”عافيت“ لِڪيل آهي. منهنجي دلي ڪيفيت مطابق:
”ڪڏهن ته انسان ڪاميابين جي ڍير/ ڍڳ تي بيهي ڪري پنهنجو ”ڳَاٽُ“ اُوچو ڪندو آهي ۽ ڪڏهن وري ڪجهه ماڻهو!
”ناڪامين“ جي هڪ ”سِرَ“ تي بيهي ڪري به پنهنجو پاڻ کي ڪاميابين سان همڪنار ڪرائيندا آهن.
* * *

پاڪستان ۾ بيمارين جي وڌڻ جو سبب ماڻهن ۾ ڄاڻ جو نه هئڻ آهي: انٽرويو

هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۾ ڪيترائي ريسرچ اسڪالر، ڊاڪٽر، فزيالاجسٽ ۽ هيماٽالاجسٽ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. انهن مان سنڌ يونيورسٽي جي فزيالاجي شعبي جي چيئرپرسن ميڊم رشيده ڀٽي هڪ فزيالاجسٽ ۽ هيماٽالاجسٽ هجڻ جي ناتي پنهنجون خدمتون گذريل 32 سالن کان سرانجام ڏئي رهي آهي. رشيده ڀٽي تعلقي روهڙيءَ ۾ سنه 1953ع ۾ پيدا ٿي. هن مئٽرڪ روهڙيءَ جي گرلز هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر گرلز ڪاليج سکر مان ڪئي. تعليم سان چاهه رکندڙ رشيده ڀٽي 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ۽ 1975ع ۾ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪئي. جنهن کان پوءِ 1976ع ۾ فزيالاجي شعبي ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿي ۽ هن وقت سنڌ يونيورسٽي جي فزيالاجي جي شعبي ۾ چيئرپرسن جي عهدي تي فائز آهي.
رشيده ڀٽي فزيالاجيڪل سوسائٽي آف پاڪستان ۽ زولاجيڪل سوسائٽي آف پاڪستان جي ميمبر پڻ آهي.
س: هيپاٽائيٽس ڇا آهي ۽ ان جا اثرات ڪهڙا آهن؟
ج: هيپاٽائيٽس دراصل جگر جي سوزش آهي. عام طور تي هيءُ مرض وائرس جي ذريعي ڦهلجي ٿو. جگر، رت منجهان نقصان ڏيندڙ جزا مثلاً: مرده سيل، زهريلا مادا، سڻڀ، رطوبتن جي زيادتي ۽ پيلو مادو وغيره کي فلٽر يعني ڇاڻي صاف ڪرڻ جي ذميواري ادا ڪري ٿو. هاڻي جيڪڏهن جگر وڌي وڃي يا وري سوزش جي ڪري سُڄي پوي ته يقيناً هي عضوو پنهنجو ڪم نارمل طريقي سان سرانجام نه ڏئي سگهندو. نتيجي طور جن زهريلن مادن کي فلٽر ڪري الڳ ڪرڻو هوندو آهي سي الڳ نه ٿي سگهندا آهن ۽ سڌو سنئون رت ۾ موجود هجڻ ڪري جسم ۾ داخل ٿي ويندا آهن، جنهن جي ڪري هيءُ مرض جنم وٺي ٿو.
س: هيپاٽائيٽس جا گهڻا قسم ٿين ٿا؟
ج: سائنسدانن اُن جا ٽي اهم قسم دريافت ڪيا آهن جيڪي مختلف قسمن جي وائرس جي ڪري ٿيندا آهن.
1. هيپاٽائيٽس ”اي“ 2. هيپاٽائيٽس ”بي“ 3. هيپاٽائيٽس ”سي“.
هيپاٽائيٽس جا ٻه قسم ايترا عام نظر ڪونه ايندا آهن جن ۾ هيپاٽائيٽس ”ڊي“ ۽ هيپاٽائيٽس ”اي“ شامل آهن.
س: هيپاٽائيٽس ڪهڙن ماڻهن کي ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي؟
ج: هيپاٽائيٽس اڪثر ڪري انهن ماڻهن کي ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي، جيڪي اڳ ۾ ڪنهن سبب جي ڪري يا وري ڪنهن بيماري جي ڪري جيري جي تڪليف ۾ مبتلا رهيا هجن يا وري تمام گهڻا ڪمزور ۽ ناتوان هجن تن کي اها بيماري ٿيڻ جو وڌيڪ انديشو رهي ٿو.
س: پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس جي شرح ڪيتري آهي؟
ج: ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ 10 ملين ماڻهو هن بيماري جو شڪار آهن جن مان 4.5 ملين ماڻهو هيپاٽائيٽس ”بي“ ۽ هيپاٽائيٽس ”سي“ جو شڪار آهن.
س: پاڪستان ۾ هن بيماري جي وڌڻ جا ڪهڙا مکيه ڪارڻ آهن؟
ج: پاڪستان ۾ هن بيماري جي وڌڻ جا مکيه سبب هي آهن، هڪ ته ماڻهن ۾ هن بيماري بابت خاص ته ڄاڻ ڪونه آهي، ٻيو ته هيءَ بيماري هڪ وچڙندڙ بيماري آهي، جيڪا مختلف سببن جي ڪري ڦهلجندي رهي ٿي. ٽيون اِهو ته هن بيماري جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ مسلسل علاج نه ڪرڻ ۽ پرهيز ۾ ڪوتاهي ڪرڻ جي ڪري ته هيءَ بيماري وڌندي رهي ٿي.
س: هيپاٽائيٽس کي روڪڻ لاءِ حڪومت ڪهڙا ڪهڙا اُپاءُ وٺي رهي آهي؟
ج: هيپاٽائيٽس کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت ته ڪافي سٺو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهن ۾ مختلف ريسرچز، معلوماتي پروگرامز ۽ ويڪسينيشن وغيره شامل آهن، پر سڀ کان بهتر ٿيندو ته ماڻهو پنهنجي حفاظت پاڻ ڪري.
س: هيپاٽائيٽس جي وڌندڙ شرح ۾ ڪمي آڻڻ لاءِ عام ماڻهو کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي؟
ج: هيپاٽائيٽس جي وڌندڙ شرح ۾ ڪمي آڻڻ لاءِ عام ماڻهو جو اهو فرض هئڻ گهرجي ته هو هيپاٽائيٽس جي متعلق سٺي ڄاڻ رکي ۽ ٻئي ماڻهو تائين پهچائي جنهن کي ڪا خبر ئي ڪونهي. ان کان پوءِ مختلف پروگرامز ۽ سيمينارز ۾ شرڪت ڪرڻ سان هن بيماري جي آگاهي وڌندي رهندي جنهن کان پوءِ ماڻهو احتياط ڪري ۽ مسلسل ٽيسٽ ڪرائي جنهن لاءِ هر ماڻهو پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
س: عام طور هيپاٽائيٽس کان بچڻ لاءِ ڪهڙا اُپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي؟
ج: هيپاٽائيٽس کان بچڻ لاءِ سڀ کان پهريان ڪنهن اسپيشلسٽ ڊاڪٽر يا هيماٽالاجسٽ کان پنهنجي چڪاس پابندي سان ڪرائي. جيڪڏهن خدانخواسته ڪو ماڻهو هن بيماري جو شڪار ٿي پوي ته پوءِ ڊاڪٽر جي ٻڌايل نسخي سان گڏوگڏ غذائي ترتيب تي عمل ڪري ڇو ته هن بيماريءَ ۾ صرف دوا اثر نه ڪندي آهي بلڪه غذائي ترتيب دوا کان وڌيڪ فائديمند آهي.
س: بين الاقوامي سطح تي هيپاٽائيٽس تي جيڪا تحقيق ٿي چڪي آهي. توهان ان جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندا؟
ج: آمريڪا جي فوڊ اينڊ ڊرگ جي اداري (FDA) جي تحقيق مطابق هيپاٽائيٽس ”سي“ جا 7 سيڪڙو ڪيس خون جي منتقلي جي ڪري ٿيندا آهن. ماهرن جي مطابق 1992ع کان خون جي منتقلي دوران ڦهلجندڙ بيماري هيپاٽائيٽس جي مرض ۾ واضع ڪمي آئي، ڇو ته ان کان پوءِ جلد ئي رت جي اسڪريننگ متعارف ڪرائي وئي. ٽيسٽ ۽ اسڪريننگ جي فقدان جي ڪري 1992ع کان اڳ ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد هن بيماري کان متاثر ٿيو.
س: هيپاٽائيٽس جي مريضن کي ڪهڙيون شيون وڌيڪ کائڻ کپن ۽ ڪهڙين شين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي؟
ج: هيپاٽائيٽس جي مريضن لاءِ خاص طور تي ميوا، ڀاڄيون، خشڪ ميوا ۽ معدني جزن وارو پاڻي ۽ جڙي ٻوٽين جي چانهه استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏني ويندي آهي. اهڙن مريضن کي الڪوحل، نڪوٽين، سڻڀ ۽ روغني تيزابيت وارين شين کان سخت پرهيز ڪرڻ گهرجي.
س: عام ماڻهن ۽ هيپاٽائيٽس جي مريضن لاءِ اوهان ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندا؟
ج: عام ماڻهن لاءِ منهنجو اهو پيغام آهي ته پنهنجي صحت جو وڌ ۾ وڌ خيال رکن ۽ وقت سر پنهنجي چڪاس ڪنهن ماهر ڊاڪٽر کان ڪرائيندا رهن، ڇو ته تندرستي کان بغير جيئڻ جو مقصد فضول ٿيو پوي. هيپاٽائيٽس جي مريضن لاءِ آءٌ اهو چوڻ چاهيندس ته دوا دعا ۽ کاڌي کائڻ جي ٻڌايل غذائي ترتيب تي عمل ڪن ته انشاء الله ربّ پاڪ جي طرفان ضرور ڪامل شفا ٿيندي. ان کان علاوه پرهيز جو خاص خيال رکن ڇو ته علاج کان وڌيڪ پرهيز آهي جيئن عام طور چيو ويندو آهي ته ”احتياط علاج کان وڌيڪ بهتر آهي.“ (Prevention is better than cure)

حصو پنجون: متفرقات

---

ماءُ جو کير Mother Milk

ماءُ جي کير ۾ ٻارن جي بيمارين خلاف سڀ کان وڌيڪ قوتِ مَدافَعت موجود هوندي آهي ۽ ساڳي وقت ماءُ جو کير ٻار کي ’ايڊز‘ جهڙي خطرناڪ بيماري کان به بچائي سگهي ٿو. الله تعاليٰ جي تخليق منجهان ڪائنات جي حسين ترين تخليق آهي، ”اِنسان“ جو ٻار. ٻار هڪ اهڙو ته معصوم گل هوندو آهي جيڪو ذري برابر به گرمي ۽ سردي يعني ته گهٽ وڌائي بلڪل به سهي نه سگهندو آهي. ڄمڻ کان پوءِ ”ٻار“ جي بهترين غذا جو انتظام به الله تعاليٰ پنهنجي هٿن ۾ رکيو آهي. هن معصوم لاءِ ماءُ جي سيني اندر اهڙو ته نظام رکيو آهي جو رت منجهان ڇڪي کير جي شڪل ۾ کير ناليون کير کڻي ٻار جي وات تائين پهچائين ٿيون. هيءَ هڪ اهڙو ته پاڪ پوتر، صاف سٿرو ۽ غذائيت سان ڀرپور، هر بيماري کي مُنهن ڏيڻ جي قابل ”کير“ آهي، جيڪو سال کن تائين مڪمل طور تي ٻار جي غِذائي ضرورتون پوريون ڪندو رهي ٿو ۽ ٻارڙي جي نشوونما بهترين طريقي سان ٿيندي رهي ٿي.
موجوده دور ۾ جتي نيون نيون تحقيقون ٿي رهيون آهن سائنسي طِبيّ مَاهرين تازه ترين رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ماءُ جي کير پيارڻ وارو عمل نه صرف ٻار منجهه قوت مدافعت پيدا ڪري ٿو پر ساڳي وقت ٻارن کي اڄڪلهه جي موذي مرض ايڊز کان پڻ بچائي رکي ٿو. ٻي طرف ايڊز ورتل مائرن کي اها صلاح ڏني وئي آهي ته اهي پڻ پنهنجن ٻارن کي کير پياري سگهن ٿيون ۽ هن خوف کان ته هو پاڻ ايڊز ۾ ورتل آهن، پنهنجن ٻارن جو کير پيارڻ بند نه ڪن.

زيورن کي صاف شفاف ڪيئن رکجي؟

هن ڪائنات ۾ ”صنفِ نازڪ“ لاءِ هار سينگار ڪرڻ نهايت ئي ضروري سمجهيو ويندو رهيو آهي. هار سينگار ڪرڻ خواتين پنهنجي لاءِ پاڻ ضروري سمجهيو يا وري ڏسندڙن ضروري ڄاڻايو، ان بحث ۾ پوڻ کان بهتر ٿيندو ته اڄ توهان کي پنهنجي هار سينگار ۾ شامل ٻين شين سان گڏوگڏ چار چنڊ لڳائڻ وارن ”زيورن“ کي پرڪشش ۽ نواڻ برقرار رکڻ جون ڪجهه تجويزون ٻڌايون وڃن. ڏسجي ته زيور نهايت ئي بيش و بها قيمتن ۾ خريد ڪيا وڃن ٿا. هر ڪو چاهيندو آهي ته انهن کي گهڻي وقت تائين خوبصورت رکجي ڇو ته وقت گذرڻ سان گڏ زيورن کي جيترو استعمال ڪبو آهي، اوتروئي اُهي پراڻا پراڻا نظر اچڻ لڳندا آهن. پر ڪجهه ” محنت“ ڪرڻ سان اسين انهن کي وري چمڪائي صاف سٿرو ۽ جاذب نظر بڻائي سگهون ٿا. اسان جي زيورن منجهه ڪيترائي اهڙا زيور، شامل هوندا آهن جن سان اسان جي دلي وابستگي هوندي آهي. مثال طور شاديءَ واري ڏاج ۾ مليل زيور جيڪي ڪنوار کي والدين طرفان ملندا آهن، پوءِ ڪجهه زيور جيڪي ڪنوار کي گهوٽ طرفان ڏنا ويندا آهن، پر خاص طور تي اُن منڊيءَ يا ڪنگڻ سان هڪ جذباتي وابستگي ٿي ويندي آهي. جيڪا ان کان اڳ ۾ ”مڱڻي جي منڊي“ وغيره طور پڻ شامل هجن ٿيون. اهڙيءَ ريت ڪجهه مذهبي طور لاڪيٽ جيڪي ڪنوار کي گهوٽ طرفان ڏنا ويندا آهن، جيئن مثال طور هندو خاندانن ۾ سهاڳ جي نشان طور منگل سوتر ڏنو ويندو آهي. يا وري عام طور تي هر مذهب ۾ تقريباً ”ڪنگڻ“ جنهن کي ”خانداني ڪنگڻ“ سڏيو ويندو آهي، سو به ڪنوار کي تحفي ۾ ملندو آهي. اهڙين سوني جي ٺهيل ”لاڪيٽ“ ۽ ”ڪنگڻ“ يا وري ”منڊي“ جي شين جي تمام گهڻي اهميت هوندي آهي ۽ ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته انهن کي سنڀالي رکجي ته جيئن اُنهن جي خوبصورتي ۽ چمڪ دمڪ خراب نه ٿئي. ڪجهه خواتين وٽ وري ڪجهه اهڙا ”انمول“ موتي يا ”هيرا“ وغيره هوندا آهن، جن سان سندن خوشگوار زندگي ۽ خوشقسمتي ڳنڍيل هوندي آهي. اهڙن ناياب موتين منجهه خاص طور تي عقيق، ياقوت، مختلف هيرن جا قسم، روبي ۽ اَصُلي سُفيد، سچا موتي وغيره شامل آهن. مٿي ذڪر ڪيل زيور ۽ ”موتين سچن“ جون مالهائون نه صرف ڪنوار ۽ راڻيون مهاراڻيون استعمال ڪن ٿيون پر عام خاتون به پاڻ کي ”خاتون“ يعني عورت ظاهر ڪرڻ خاطر ڪجهه نه ڪجهه زيورن جو استعمال ڪندي رهي ٿي. سادي کان سادي رهڻ واري عورت به ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ منڊي يا وري ڪنن ۾ واليون، يا هڪ ڪنگڻي ٻانهن ۾ ضرور پائيندي آهي. ڳچيءَ ۾ ننڍڙو لاڪيٽ به هڪ ضروري شي هوندو آهي. هاڻي ڀينر اچو ته توهان کي ڪجهه ترڪيبون ٻڌايان ته ڪيئن اسان پنهنجين ناياب زيورن کي صاف سٿرو رکي سگهون ٿا.
جيئن ته اسان کي خبر آهي ته گهريلو طور تي جڏهن اسان ڪوبه زيور لاڳيتو استعمال هيٺ رکندا آهيون ته آهستي آهستي اُن جي رنگ روغن ۾ ڪمي اچڻ شروع ٿي ويندي آهي ۽ اُهي روزمره جي زندگيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ زيورات رفته رفته پنهنجو ظاهري حسن وڃائيندا ويندا آهن. مون کي يقين آهي ته جڏهن ڀينرن کي ڪنهن شاديءَ يا پارٽي وغيره لاءِ تيار ٿي وڃڻو هجي ۽ زيورن جو باڪس کولجي ۽ پوءِ خبر پوي ته مار! اسان جا سُوني ۽ چانديءَ جا خوبصورت زيورات ته پنهنجي رونق وڃائي چڪا آهن ۽ خاص طور تي چانديءَ جا زيور جيڪي استعمال ڪجن ٿا ۽ جيڪڏهن خاص خيال سان نه رکيا وڃن ته ڪارا ڪارا نظر اچي رهيا هوندا آهن ته سچ پچ اُن مهل روئڻ تي دل چوندي آهي ته هاڻي ڇا ڪجي؟ خير ڀينرون پريشان ٿيڻ جي ڳالهه نه آهي اڄ اسان ڪجهه ڪجهه اهڙين ترڪيبن جو بيان ڪنداسي جن تي عمل پيرا ٿيڻ سان توهان پنهنجي چانديءَ ۽ سوني جي انمول بيش بها زيورن کي آسانيءَ سان خوبصورت رکي سگهنديون ۽ خوبصورتي کي قائم و دائم رکڻ لاءِ اهو بيحد ضروري آهي ته اسان شروع ۾ ئي خيال رکون ڇو ته احتياط سان استعمال ڪرڻ ۽ پوءِ استعمال ڪرڻ بعد وري احتياطي تدابير استعمال ڪندي سنڀالي رکڻ سان ”زيورن“ جو بچاءُ ٿي سگهي ٿو.
جيئن ته سون ۽ چاندي، ٻئي مختلف ڌاتو آهن، ان ڪري ٻنهي قسم جي زيورن جي ”سنڀال“ به بلڪل مختلف انداز ۾ ڪرڻي پوندي آهي.
(Both these metals need to be dealt with differently)
1. سون جي زيورن جي صفائي: توڙي جو سُون ڪارو نٿو ٿئي، پر مستقل طور تي زيرِ استعمال رهڻ ڪري ۽ جسم سان مستقل طور تي ٽچ (Touch) ۾ رهڻ ڪري ان تي پگهر (Sweat) تيل جيڪي جسم تي استعمال ڪجن ٿا، يعني ته (Body oils)، ميڪ اپ (Make-up) جيڪي چهري ۽ جسم جي ٻين حصن تي استعمال ٿين ٿا، سڌو سنئون لاڳيتو چپڪيل رهڻ ڪري سوني جي زيورن تي به اثر ٿئي ٿو ۽ اُهي پنهنجي زيبائش ۽ سونهن وڃائي ويهن ٿا ۽ چمڪ دمڪ گهٽجي وڃي ٿي. سون کي صاف ڪرڻ جو آسان طريقو جيڪو گهريلو طور تي آسانيءَ سان ڪتب آڻي سگهجي ٿو. سو آهي ته هڪ پيالو کڻو، ان ۾ سونا زيور وجهو ۽ پاڻي ۾ ڪجهه لوشن جنهن سان ٿانو وغيره ڌوئجن ٿا. ڪجهه دير لاءِ پسائي رکو. هاڻي هڪ پراڻو استعمال ٿيل ٽٿ برش کڻو ان سان زيورن کي آرام آرام سان مهٽيو، جيئن مٽي وغيره نڪري وڃي. آهستي آهستي صفائي ڪرڻ بعد صاف پاڻيءَ سان ڌوئي پوءِ ڪنهن صاف سٿري نرم ڪپڙي سان اگهي خشڪ ڪريو ۽ نرم ڪپڙي سان اُگهڻ بعد انهن کي سنڀالي صاف ٽشو پيپر ۾ ويڙهي رکو. اهو عمل وقفي، وقفي، سان دهرائبو ته اسان جي زيورن جي خوبصورتي قائم دائم رهندي.
2. چانديءَ جي زيورن جي صفائي: چاندي هڪ اهڙو خوشنما ڌاتو آهي، جنهن جا ٺهيل زيور هر زماني، هر وقت ۾ مقبول ترين رهندا آهن، ڇو ته عام ماڻهن جي قُوّتِ خريد ۾ به هوندا آهن. سون وانگر چاندي ايڏي مهانگي نه هوندي آهي. ان ڪري عام طور تي چاندي جي زيور جا نمونا ۽ ڊزائن به تمام گهڻا هوندا آهن ۽ ماڻهو چانديءَ جا زيور عام جام ٺهرائيندا آهن. چانديءَ جا زيور جيترا عورتن (خواتين) ۾ مقبول عام آهن، ته ٻي پاسي ڪنهن حد تائين (مرد) به استعمال ڪن ٿا.
زمانهء قديم کان وٺي موجوده دور تائين چاندي جو استعمال ٿيندو پيو اچي. چانديءَ جي زيورن کي سنڀالي رکڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. سون جي مقابلي ۾ چاندي جي زيبائش تمام جلد خراب ٿي ويندي آهي. عام طور تي چانديءَ جا زيور تمام جلد ”ڪارا“ ٿي ويندا آهن. انهن زيورن کي تمام گهڻو سمجهداريءَ سان پاڻيءَ، معنيٰ ته گهم ۽ نمي کان بچائڻ ضروري هوندو آهي. استعمال ڪرڻ کان پوءِ اگهي صاف ڪري ڪنهن ٽشو پيپر وغيره ۾ ويڙهي سنڀالي رکڻ کپن. نه ته چانديءَ جي چمڪ گهٽجي، ڪاراڻ مائل ٿي ويندي ۽ زيور پنهنجي خوبصورتي وڃائي ويهندا. عام طور تي اهو تَصّور ڪيو وڃي ٿو ته جڏهن به چانديءَ جي زيور کي گهڻي وقت تائين گهميل ماحول ۾ رکيو ويندو ته ضرور ڪاراڻ مائل نشان ظاهر ٿيڻ لڳندا جيڪي چمڪندڙ ۽ چلڪندڙ کير جهڙي اڇي رنگ ۾ ڄڻ ته بدنما داغن مِثل ڪاراٽيل ۽ ڪاراڻ جو احساس ڏياريندا رهندا. جيئن ته اسان سڀني کي خبر آهي ته هوا ۾ نمي موجود آهي ۽ ڪجهه گئسون مثال طور آڪسيجن، ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ، هئڊروجن سلفائيڊ، سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ وغيره پڻ هوا ۾ موجود هجن ٿيون. پر گهڻو تڻو اثر هئڊروجن سلفائيڊ جو ٿئي ٿو، جيڪا آبهوا ۾ رچيل رهيل ٿي ۽ چانديءَ يعني سلور (Silver) سان ملي ڪري فلم آف سِلور سلفائيڊ (Film of sliver sulphide) ٺاهي ٿي، جيڪا رنگ جي ڪاري هوندي آهي. ان ڪري چانديءَ مٿان ڪاراٺيل تهه چڙهي ويندو آهي.
هاڻي اسان توهان کي ڪجهه اهڙيون ترڪيبون ٻڌايون ٿا، جن سان توهان چاندي جي ”چمڪ“ کي برقرار رکي سگهو ٿا:
1. نرم ڪپڙي سان مهٽڻ: هلڪي گرم پاڻيءَ ۾ ٿانون ڌوئڻ واري لوشن جا چند ڦڙا وجهو. نرم ڪپڙو پاڻيءَ منجهه ٻوڙيو. خيال رهي ته فلالين نه هجي. نرم ڪپڙو نيپوڙي، آهستي آهستي زيورن کي صاف ڪريو. زيورن ۾ وٿيون ۽ ڪو ڊزائين هجي ته خيال سان صاف ڪرڻو پوندو. هاڻي چانديءَ جي زيورن کي ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوئي صاف ڪريو. پوءِ آرام سان بيحد سُٺي نموني خشڪ ڪريو. هاڻي آخر ۾ فلالين لِنٽ جي ڪپڙي سان اگهي بلڪل خشڪ ڪريو ۽ ٽشو پيپر ۾ ويڙهي سنڀالي بند ڪريو.
2. بيڪنگ سوڍا جو استعمال (Use of baking soda): جيڪڏهن چانديءَ جا زيور تمام گهڻا ڪارا ٿي ويا هجن ته پوءِ تمام خراب ڪاراٽيل زيورن لاءِ بيڪنگ سوڍا جو استعمال ڪري سگهجي ٿو. ٽي حصا سوڍا ۽ هڪ حصو پاڻيءَ جو کڻو، گهاٽو پيسٽ ٺاهيو. زيورن تي لڳايو. ٿوري دير رکو. پوءِ نرم ڪپڙي سان آهستي آهستي پيسٽ زيورن تي مهٽيو، مهٽڻ کان پوءِ ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوئي صاف ڪريو ۽ خشڪ ڪريو چڱي طرح سان. ياد رکو ته چانديءَ جي زيورن کي هوا ۾ سٺي طريقي سان خشڪ ڪجي ۽ ٿوري دير اس ۾ خشڪ ڪري. پاڻيءَ جي نميءَ کي بلڪل ختم ڪري ڇڏجي.
3. لوڻ ۽ اليومينيم فوئل جي جادوگري (The magic of salt and aluminum foil): هڪ پيالي ۾ گرم پاڻي کڻو ان ۾ هڪ چمچو لوڻ جو وجهو ۽ ڪجهه اِسٽرپ اليومينيم فوئل جا وجهو (Strips of aluminum foil in bowl) لوڻ ۽ اليومينيم پاڻ ۾ ملي ڪري چانديءَ جي زيورن مٿان ڦهليل، سلور سلفائيڊ سان ردعمل ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيندو. زيورن مٿان ڦلهيل تارنش (Tarnish) جيڪا اصل ۾ سلو سلفائيڊ (Silver sulphide) هوندي آهي. اها سلفائيڊ ريئڪشن ڏيکاريندي آهي، اليومينيم سان ملي ڪري لوڻ جي ڳار ۾ ۽ پوءِ سلو سلفائيڊ واپس سلو (Silver) ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.
(This sulphide reacts with aluminum in a salt solution, converting sliver sulphide back to sliver)
4. سلور پالش (Sliver polish): اڄ ڪالهه جي زماني ۾ مارڪيٽ ۾ به ”چاندي پالش“ ملي ٿي. اسان آرام سان پنهنجن ناياب، ۽ اڻلڀ، انمول زيور توڙي ڊيڪوريشن پيسر (Decoration Pieces) جيڪي هيئنر مارڪيٽ ۾ موجود نه آهن، انهن جي حفاظت لاءِ هن پالش کي استعمال ڪري سگهون ٿا. هن پالش سان ”چاندي“ جو حُسن نکرجي پوندو ۽ وري چمڪڻ لڳندي. هڪ ننڍڙو نرم ٽڪرو ڪپڙي جو کڻو ۽ ٿوري پالش ان تي رکي پوءِ سامان مٿان آهستي آهستي مهٽيو. آرام آرام سان ڪپڙو اڳتي پوئتي سوري ڪري پالش مهٽيو ۽ ڪارن نشانن تي ٿوري دٻاءُ سان مهٽيو. ايستائين مهٽيندا رهو. جيستائين ٽارنش (Tarnish) جا نشان مٽجي وڃن.
5.بورچيخاني ۾ زيور لاهي رکڻ گهرجن (Take it off when performing chores): چانديءَ جي زيورن کي گهرجي ڪم ڪارين دوران احتياط خاطر لاهي رکڻ گهرجي. آڱر جي منڊي يا وري ”ڪنگڻ“ خاص طور جڏهن بورچيخاني ۾ وڃجي ته ضرور لاهي ڪنهن محفوظ جڳهه تي رکجن ۽ پوءِ ڪم ڪار ”منجهان فارغ ٿي ڪري وري ٻيهر پائي ڇڏجن. ايئن ڪرڻ سان توهان جي ”زيورن“ جي ظاهري زيبائش ۽ چمڪ قائم رهندي ايندي. پنهنجي بورچيخاني منجهه هڪ اهڙي مخصوص جڳهه مقرر ڪري ڇڏڻ گهرجي، جتي آسانيءَ سان اهڙي قسم جون شيون رکي ۽ کڻي سگهجن. ”چاندي“ جي زيورن جي سنڀال بيحد ضروري آهي.
6. واش روم ۾ وڃڻ کان اڳ ”زيورن“ کي لاهي رکو:
(Avoid contact with shampoos, soaps and make-up products)
ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته باٿ روم ۾ وڃڻ کان اڳ، پوءِ ميڪ ڪرڻ دوران ۽ آخر ۽ پرفيوم ڇڙڪائڻ مهل، توهان جا ”زيور“ لٿل هجن. اهو نهايت ئي ضروري آهي. ورنه توهان جي ”چاندي“ جا زيور جلدي جلدي خراب ٿيڻ شروع ٿيندا ۽ پنهنجي خاص خوبصورتي وڃائي ويهندا. توهان سڀني کي خبر آهي ته مختلف قسمن جي ”صابڻ“ ۽ شيمپو ڪاسميٽڪس ۾ ڪيميڪل موجود هوندا آهن. اهي صابڻ ۽ شيمپو جن ۾ مختلف ڪيميڪلس موجود هوندا آهن. سي جڏهن چاندي ۾ موجود ڪيميائي جزن سان ملي ڪري ريئڪيشن ڪندا آهن ته پوءِ ”چانديءَ جا زيور“ پنهنجو ظاهري حسن بلڪل وڃائي ويهندا آهن.
(Chemicals react with metals to cause them to look lack luster)
7. راندين جي دوران چاندي جي زيورن کي استعمال نه ڪرڻ گهرجي: جيڪڏهن توهان راندين جو شوق رکو ٿيون ته پوءِ راند دوران به زيورن جو استعمال نه ڪريو. جيڪڏهن توهان کي ٽينس يا بيڊمنٽن کيڏڻ جو شوق آهي ۽ ميدان ۾ آهيو ته پوءِ توهان پنهنجن زيوزن کي لاهي پنهنجي الماڙي ۾ رکو. چانديءَ جا هجن يا وري سوني جا زيور هجن، ٻنهي قسمن جا زيور بهرحال نرم ميٽل (Soft metal) جا ٺهيل هوندا آهن ۽ اهي سخت قسم جا ڌڪ وغيره برداشت نه ڪري سگهندا آهن، جنهن ڪري چٻا ڏنگا ٿي پوندا آهن. ٻيو ته جسم تي گهڻو پگهر اچڻ جي صورت اهي زيور پنهنجي رنگ وروغن ۾ مدهم نظر اچڻ لڳندا آهن.
ساڳيو اصول پاڻيءَ منجهه ترڻ لاءِ به آهي. ڇو ته مستقل طور تي تيراڪي ڪرڻ سان به ميٽل metal پاڻيءَ سان ٽچ ۾ رهڻ ڪري مختلف قسمن جا ڪيميڪل ريئڪيشن ٿيندا آهن. ڇو ته عام طور تي تيراڪيءَ لاءِ ٺهيل سوئمنگ پول (Swimming Pools) ۾ صفائي قائم رکڻ لاءِ ڪلورين (Chorine) جو استعمال ڪيو ويندو آهي. جيڪو چاندي ۽ گولڊ (Sliver and Gold) لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. ۽ انهن ٻنهي قسمن جي زيورن جو رنگ جلدي ۾ ڦٽي خراب ٿي سگهي ٿو. ان ڪري احتياط ڪرڻ لازمي آهي.
(Don’t wear it during sporting activities)
8. زيورن کي احتياط سان سنڀالي رکڻ گهرجي (Store it properly): زيورن کي ڪڏهن به هڪ ٻئي مٿان، بي ترتيب نه رکڻ گهرجي، پر آرام سان سنڀالي، سندن پنهنجي باڪس ۾ جيڪا انهن زيورن لاءِ مخصوص هجي، ان ۾ وجهي رکڻ گهرجي. اهڙا باڪس اندازن خاص قسم جي ريشمي ڪپڙي سان جڙيل هوندا آهن ۽ زيورن جي شڪل مطابق خانچا ٺهيل هوندا آهن، جن منجهه متعلقه زيور پنهنجي جڳهه تي بلڪل محفوظ ٿي ويندا آهن. ناياب زيورن کي هڪ ٻي مٿان مٿي نه رکڻ گهرجي، خاص طور تي سوني جا زيور جيڪڏهن صاف سٿرا رکيل هوندا ۽ ته بلڪل به خراب نه ٿيندا. (Gold will not fad if stored properly). چانديءَ جي زيورن کي توهان پنهنجي چاندي جي زيورن واري باڪس ۾ جنهن ۾ ٽارنش کي مٽائيندڙ فوئل وارا اسٽرپس لڳل هجن، تن منجهه رکڻ کپي ته جيئن جڏهن توهان زيورن کي ويڙهي رکو ته اُهي ڪاراڻ کان بچائي سگهجن. ڇو ته فوئل، چانديءَ کي ڪاراٽجڻ کان بچائيندا اسٽرپس فوئل جيڪي باڪس ۾ اندر لڳل هوندا آهن، سي دراصل آڪسڊينٽ کي جذب ڪري وٺندا آهن، جيڪي آس پاس جي ماحول ۾ موجود هوندا آهن.
(In case of sliver you can place sliver anti-tarnish strips in your sliver accessory case which will absorb the oxidants in the air).
چانديءَ جي هر زيور کي الڳ الڳ ٽشو پيپر ۾ ويڙهي رکجي، يا وري فوئل اسٽرپس استعمال ڪجن. فلانل به استعمال ڪري سگهجي ٿو. سفر جي دوران جيڪڏهن زيورن کي پاڻ سان کڻي وڃڻو هجي تڏهن به احتياط کان ڪم وٺجي. ڪنهن به فئبرڪ جي نرم ڪپڙي ۾ ويڙهجن ۽ پوءِ چمڙي جي باڪس ۾ بند ڪجن ته جيئن آساني سان سوٽ ڪيس ۾ (Suit case) يا وري هئنڊبئگ (Hand Bag) ۾ رکي سگهجن.
پنهنجي قيمتي۽ ناياب زيورات جي سار سنڀال تمام گهڻي خبرداري سان ڪرڻ کپي ته جيئن نه صرف اهي شيون توهان سان زندگيءَ ڀر ساٿ نڀاهينديون رهن، پر توهان انهن کي تمام سهڻي انداز ۽ خوبصورت خوشنما حالت ۾ پنهنجي ايندڙ نسل کي به منتقل ڪري سگهنديون.
* * *

نامياتي ڪاسميٽڪس Organic Cosmeticts))

”حُسن افروز“ ۽ افزائشِ حُسن جون (قدرتي طور تي موجود ساهوارن يعني ته خاص قسم جي جڙي، ٻوٽين منجهان)، تيار ٿيل سامان وغيره جنهن منجهه ڪنهن به ڪيميائي مرڪب جي آميزش بلڪل به نه ٿيل هجي. اهڙي قدرتي ماحول منجهان حاصل شده شين جو استعمال به وري تمام محتاط طريقي سان ئي ڪرڻو هوندو آهي، ورنه نقصان به ٿي سگهي ٿو. ان ڪري چيو ويندو آهي ته پهرين اُن متعلق معلومات کي چڱي طرح پڙهجي ۽ حاصل ڪجي پوءِ ئي اُهي شيون استعمال ۾ آڻجن.

[b]نامياتي ڪاسميٽڪ [/b]
اسان وٽ ٻن قسمن جا مرڪب يعني ڪمپائونڊس (Compounds) موجود آهن. نامياتي ۽ غير نامياتي ٻنهي ۾ خاص فرق آهي، ڪاربن ائٽم جي (Carbon- atom) جي موجودگي ۽ غير موجودگي نامياتي مرڪب ۾ گڏوگڏ ڪاربن سان هائيڊروجن جيڪو هائيڊرو ڪاربن (Hydro- Carbons) ٺاهيندو آهي موجود هوندو آهي. جڏهن ته غير نامياتي مرڪب ۾ ٻئي ايٽم نه هوندا آهن نه ڪاربن ۽ نه ئي وري هائيڊروجن ائٽم. ٻيو واضع فرق جيڪو ٻنهي مرڪب منجهه تفريق پيدا ڪري ٿو سو آهي، ماليڪيول (Molecules) جي موجودگي ۽ انهن جو لڳ لاڳاپاپو. جاندار يعني ساهه وارين شين مان. جيئن ته نامياتي مرڪبن منجهه نيوئڪلڪ ائسڊ (Nucleic Acid) جي موجودگي، جن جي ڪري هڪ خليو (Cell) ساهه کڻي ٿو ۽ پاڻ کي زنده رکي ٿو ۽ (Cellular Process) مڪمل ڪري ٿو، جڏهن ته هوڏانهن وري غير نامياتي (inorganic Compounds) مرڪب جن ۾ لوڻ (Salts)، معدنيات (Metals) ۽ ٻيا ڌاتو (Elemental) عنصر اچي وڃن ٿا، شامل آهن.
اڄ ڪلهه جي دور ۾ آرگينڪ (Organic) يعني نامياتي جنهن کي ٻين لفظن ۾ آسانيءَ سان سمجهڻ لاءِ اسان نيچرل (Natural) يعني ”قدرتي“ به سڏي سگهون ٿا. ٻه اهڙا ته ٽپيڪل (Typical) لفظ سماعت سان ٽڪرائجن ٿا، جيڪي تقريباً هر خاتون جي زبان منجهان ادا ٿين ٿا، ڇوته ”سائنسي ٽيڪنالاجي“ جي فراهم ڪندڙ آساني هر قسم جي ”سينگار“ واري شيءَ کي جديد انداز ۾ پيش ڪيو آهي. لوشن (Moisturizers) هجن يا وري مسڪارا (Mascaras) هر قسم جي سينگار واري قدرتي طور تي ملندڙ شيءَ کي جديد سائنسي ٽيڪنيڪس کي استعمال ڪندي ٺاهيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ديده زيب شيشي جي بوتلن ۽ دٻن ۾ پيڪ ڪري دلفريب انداز سان دوڪانن ۾ سينگاري رکيو وڃي ٿو. بغير محنت جي آسانيءَ سان ملندڙ قدرتي ”جڙي ٻوٽين“ ۽ ٻين شين منجهان ٺهندڙ اهڙيون شيون دوڪاندار وڏي ڪاميابيءَ سان ”وڪرو“ ڪن ٿا ۽ ”آمدني“ وڌائن ٿا. ڇو ته استعمال ٿيندڙ شيون ايترو مهانگيون نه هونديون آهن، جيترو انهن کي سهڻو ۽ دلفريب ڪري پيش ڪيو ويندو آهي. بس ”محنت“ ڪري پوءِ ”ڪمائڻ“ به هڪ ”روزي“ ڪمائڻ وارو بهترين طريقو آهي. پر هتي اڄ هيڏي وڏي ”تمهيد“ جو مطلب ۽ مقصد هڪ ٻيو به آهي. اُهو هيءُ آهي ته اسان وٽ اڃان تائين ”سچائي“ ايترو غالب نه ٿي آهي، جو عام ماڻهن جي مزاج کي بلند بڻائي سگهي. اسان وٽ اهڙين فئڪٽرين جو اسٽينڊرڊ (Industry Standard) يا ڪو قاعدو قانون اهڙو نه بڻايو ويو آهي جيڪو اُنهن سڀني ڳالهين کي مطمئن ڪرڻ لاءِ هجي جنهن سان عام ماڻهوءَ جي ”صحت“ سان هٿ چراند نه ٿئي. ڇو ته اهڙيون ڪيتريون شيون انهن سينگار واري شين منجهه استعمال ٿين ٿيون جن جي صحيح نموني استعمال ڪندڙ کي ”ڄاڻ“ نه ڏيڻ گاهڪ (Users) جي ”صحت ۽ تندرستي“ سان ڄڻ ته هڪ مذاق جي برابر آهي ۽ بعض اوقات ننڍڙين غلطين پويان استعمال ڪندڙ چمڙيءَ جي خطرناڪ بيمارين جي وَرَ چڙهي وڃن ٿا ۽ بيحد نقصان سهڻو پوين ٿو.
سڀ کان پهرين ملڪ ۾ اهڙي فئڪٽرين جي مالڪن تي قانون نافذ ڪرڻ وارن جو فرض آهي ته قانون لاڳو ڪن ۽ جيڪو اُنهن تي عمل نه ڪري ته ”قانوني ڪارروائي“ ڪئي وڃي. ڪنهن به شيءِ کي ”معياري“ (Standard) بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته معياري نموني شين کي، عالمي معيار مطابق استعمال ڪيون وڃي. سائنسي ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندي، سائنسي عالمي معيار مطابق ”جدول“ کي استعمال ڪندي ”ماپ ۽ تور“ جو معيار قائم ڪيو وڃي. ”قدرتي“ جڙيون ٻوٽيون، گل، ٻوٽا ۽ ٻيون جيڪي به شيون استعمال ڪيون وڃن ته اُنهن کي پهريان عالمي معيار مطابق ”ماپ تور“ ڪري استعمال ڪرڻ کپي ۽ پوري ڄاڻ گاهڪ لاءِ ”ڪاغذ“ تي يا ”دٻي“ مٿان لکڻ کپي. ڪاسميٽڪس جو تعلق جيئن ته سڌو سنئون انساني صحت ۽ چمڙيءَ سان هوندو آهي. ان ڪري ڪنهن کي به اها اجازت نه ٿي ڏيئي سگهجي ته ڪو ماڻهو غير ذميواري جو مظاهرو ڪري ۽ عام ماڻهن جي ”صحت ۽ چمڙي“ سان ”هاڃيڪار“ نموني پيش اچي. هر ڪنهن کي خبر آهي ته اهڙا ڪيترائي، قدرتي طور ملندڙ، گل، ٻوٽا، جڙون ۽ ٻوٽيون، لاتعداد ۽ بي شمار فائدن سان ڀرپور هزارها سالن کان هن ڪائنات ۾ موجود آهن ۽ هر دور ۾ ”انسانن“ پنهنجي خوبصورتي کي وڌائڻ ۽ قائم و دائم رکڻ لاءِ انهن جو استعمال ڪيو آهي. پر هر قدرتي شيءَ کي استعمال ڪرڻ جو به هڪ خاص انداز ۽ طريقو هوندو آهي ته جيئن اُنهن جي غلط ۽ نقصانده اثرن کان پاڻ کي بچائي سگهجي. هر انسان جيڪو ان سلسلي ۾ ”ڄاڻ“ رکي ٿو ۽ ڄاڻي ٿو ته ڪيئن استعمال ڪرڻ کپي ته پوءِ ته فائدو آهي، ورنه نقصان ئي نقصان ٿيندو. قدرتي وسائل کي استعمال ڪندي هينئر موجوده دور ۾ جديد سائنسي بنيادن تي قائم ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال نه صرف بهتري آڻي ڇڏي ٿو، پر گڏوگڏ وقت به بچائي سگهجي ٿو. ان ڪري اهو ضروري آهي ته اهڙين ”فئڪٽرين“ تي قانون نافذ ڪندڙ ادارا، قانوني طور تي نگاهه رکن ۽ نظرداري ڪن ته جيئن ”عالمي معياري پرک“ (International Standard) مطابق حسن و آرائش جو سامان تيار ٿئي ۽ ”ليبل“ لڳايا وڃن ته جيئن هر ماڻهو پنهنجي ”طبعيت، مزاج ۽ صحت“ کي مدنظر رکندي اهڙين نامياتي ڪاسميٽڪس (Organic Cosmetics) جو استعمال خوشيءَ سان ڪري سگهن ۽ ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهن.
صحت (Health) ۽ ماحول (Environmental) جي آگاهي حاصل ڪرڻ بعد، پاڪستان ۾ به مرد ۽ خواتين (Men and women) هاڻي نيچرل (قدرتي) ۽ نامياتي (Natural Organic Cosmetics) حُسن و آرائش جون ذاتي شيون استعمال ڪرڻ لڳا آهن. استعمال ڪندڙ ماڻهن جي تعداد ۾ وڌيڪ پيش رفت ٿيڻ بعد، عام مارڪيٽ ۾ ماڻهن (وڪرو ڪندڙن) ڪيترن ئي قسمن جون ڪريم، لوشن ۽ ٻيون اهڙيون آرائش جون شيون مارڪيٽ ۾ منظرعام تي آڻڻ شروع ڪيون آهن، جن تي خاص طور تي ”سڀ قدرتي“ (All Natural) جو ليبل (Label) لڳل هوندو آهي ۽ اهو سڀني (مرد ۽ خواتين) لاءِ هوندو آهي. هاڻي هڪ ڳالهه قابل غور آهي ته هڪ طرف ”ڄاڻ“، آگاهي حاصل ڪندڙن جو تعداد وڌي رهيو آهي ته وري ٻي طرف اهڙن ”وڪرو ڪندڙن“، مارڪيٽنگ ڪندڙن ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، جيڪي وڌ کان وڌ قدرتي شين جو ليبل لڳائي، ۽ گهٽ قيمت رکي، ٿوري وقت ۾ گهڻي کان گهڻو منافعو ڪمائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اسان منجهان تقريباً گهٽ ماڻهن کي اها خبر هوندي ته گهٽ ۾ گهٽ (60%) سٺ سيڪڙو چمڙيءَ مٿان استعمال ٿيندڙ شيون سڌو سنئون (Directly) رت منجهه جذب ٿي وڃن ٿيون. (Sixty (60%) of the personal care products we are absorbed directly into the circulatory system) تحقيقي ريسرچ دوران اهو ڏٺو ويو آهي ته روايتي طور تي استعمال ٿيندڙ (حُسن و آرائش و زيبائش) واريون (Traditional) ڪاسميٽڪس گهڻي ڀاڱي مُضرِ اثرات رکندڙ ڪارسينوجينڪ (Carcinogenic)، ڪيميائي رطوبتن کي گهٽ وڌ ڪندڙ هارمون (Hormonal disrupting) ۽ دماغي خلين کي زهريلو بڻائيندڙ جزا (Neurotoxic Ingredients) جسم اندر خطرناڪ قسم جا ڪيميائي ماده (Harmful- chemicals) يعني رطوبتون پيدا ڪن ٿا. جيڪڏهن اهڙين شين جو استعمال لاڳيتو رکبو اچبو ته پوءِ هڪدم اچانڪ اهڙا ته هاڃيڪار نتيجا سامهون ايندا جو انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ تمام ڏکيو ٿي پوندو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي، جو فوري طور تي ڪو اهڙو خطرناڪ نتيجو ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي، پر پوءِ ورهين پڄاڻان انهن جو نتيجو نظر اچڻ شروع ٿي ويندو آهي، جنهن کي پوءِ ڪوبه ڪنٽرول ڪرڻ جي اڃان تائين سگهه حاصل نه ڪري سگهيو آهي. يعني ته (ڪينسر) وغيره. ان ڪري اِهو مفيد مشورو ڏنو وڃي ٿو، ته برائي مهرباني توهان جڏهن به پنهنجي لاءِ ذاتي حفاظت جون شيون خريد ڪريو ته لازمي طور تي لڳل ليبل ضرور پڙهو ۽ غور سان پڙهو. سرسري نه بلڪه توجهه مرڪوز ڪري پوءِ پڙهو ۽ سمجهو ته اُن ۾ ڪهڙا ڪيميائي جزا شامل ڪيا ويا آهن. صرف اهو لکڻ ڪافي ناهي ته (قدرتي ڪاسميٽڪس). هاڻي اسان توهان کي ڪجهه خاص خطرناڪ ڪيميائي نالا ٻڌايون ٿا، جن کي پڙهو ته توجهه ضرور ڏيو. خاص طور تي سوڊيم لاريٿ سلفيٽ (Sodium Laureth Sulphate) ۽ سوڊيم لاريل سلفيٽ (Sodium Laurel Sulphate) اُهي ٻئي ڪيميائي مرڪب خاص طور تي چمڙيءَ جي حفاظت لاءِ ٺهندڙ لوشن، ڪريم، شيمپو وغيره ۾ استعمال ٿين ٿا.
(Typically used in raft of skin care products to make foam), all of which have been known to cause dermatitis, eye, irritation and mouth ulcers.
اهڙيون ڪاسميٽڪس جيڪي چمڙيءَ مٿان گهڻي کان گهڻو جهاڳ (Foam) پيدا ڪري سگهن ۽ ٻي طرف وري اهڙيون ميڪ اپ جون شيون مثال طور پائوڊر ۽ بلش آن وغيره ۽ ٻيون اهڙيون ڪاسميٽڪس جن کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پرزرويٽوٽس جي طور تي استعمال ڪيو وڃي ٿو تن جا به صحت ۽ تندرستي تي خراب اثرات مرتب ٿين ٿا.
Preservatives used in deodorants and makeup that negatively affects testosterone levels and phthalates)
اهڙن ڪيميائي جزن جي استعمال ڪرڻ سان ساهه جي تڪليف (Asthma) ڪينسر (Cancer)، ٿولهه (Obesity) ۽ مردن منجهه توليدي جزا گهٽ ڪرڻ وغيره شامل آهي. (Reduced fertility in men) ٻي طرف وري جيڪڏهن ٻين ڌاتو وغيره جا عنصر مثال طور شيهو (Lead)، مرڪيوري (Mercury) ۽ آرسينڪ (Arsenic) جيڪي خاص طور تي نيل پالش وغيره ۾ ۽ شيونگ ڪريم ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا، سي دماغي (تنتي سرشتي کي تباهه و برباد ڪري سگهن ٿا) جيڪڏهن اهڙين شين جو استعمال گهڻي وقت لاءِ لاڳيتو ڪيو وڃي ته پوءِ تمام هاڃيڪار ثابت ٿي سگهن ٿا. صرف اهوئي ڪافي نه اهي، پر توهان لاءِ ايترو ضروري آهي ته جيڪڏهن توهان قدرتي ڪاسميٽڪس کي استعمال ڪريو ٿا ته پوءِ ياد رکو ته انهن سڀني منجهه ڪجهه اهڙا ته سڻڀا غذائي جزا ضرور موجود آهن، جن جي ڪري اُهي ايتري اهميت جا حامل آهن. جيئن ته اسان کي خبر آهي ته اهي قدرتي ڪاسميٽڪس جڙيون ٻوٽيون پاڻ منجهه بي انتها مفيد سڻڀ وارا غذائي جزا شامل ڪيو هجن ٿيون.
(Organic cosmetics have been found to be more effective as they are derived from nutrient rich ingredients such as coco butter, tea tree extracts, pomegranate seeds and other essential oils)
سڻڀ وارا غذائي جزا مثال طور ڪوڪا مکڻ، چانهه جي پنن جو عرق، ڏاڙهون جا داڻا ۽ ٻيا ضروري سڻڀ وارا تيلن جا داڻا شامل هوندا آهن. جن منجهان اهڙيون شيون ٺاهيون وينديون آهن. ان ڪري چمڙيءَ جي ماهرن ۽ غذائي ماهرن جي راءِ مطابق عام ماڻهن کي اها صلاح ڏني وئي آهي ته اهڙين شين کي استعمال ڪرڻ کان اڳ عالمي معياري اسٽينڊرڊ مطابق پنهنجي آڱوٺي جي نشان (Basic rule of thumb when selecting personal care products) واري صلاح تي عمل ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن اُنهن منجهه اهڙا غذائي جزا استعمال ڪيا ويا هجن، جيڪي عام زندگيءَ ۾ توهان واپرائي نه سگهندا هجو ته پوءِ اهڙيون شيون به نه واپرايون وڃن، ڇو ته اهو ئي توهان جي حق ۾ بهتر ثابت ٿيندو.
Cosmetic contains ingredients, which you can not eat and then the product should not be a part of your grooming regime.
نامياتي ڪاسميٽڪس دراصل اُهي هارسينگار جا حُسن افروز سامان آهن ۽ انهن آرگينڪس (Organics) جيڪي دنيا ۾ مڃيل ادارن وٽان تصديق شده آهن، منجهان ٺاهيا ويندا آهن. ڪوبه نامياتي جزو (Organic ingredient) يعني ته قدرتي طور حاصل ڪيل جزو، جنهن کي ان ڪم لاءِ پوکي تيار ڪيو ويندو آهي ۽ اُن دوران ڪوبه ڪيميائي مرڪب نه ملايو ويندو آهي.
(An organic ingredient (or natural ingredient) is formally an ingredient which has been harvested without use of synthetic chemical compounds)

[b]آزمايل نسخا[/b]

* جيڪڏهن خدانخواسته جسم جي ڪنهن حصي تي تيزاب يا ڪا ٻي اهڙي ٻي شيءَ هارجي پوي (يعني ته ڪري پوي) ته پوءِ فوراً کير کڻي اُن جاءِ مٿان تيستائين هاريندا رهو جيستائين کير ڦٽڻ بند نه ٿي وڃي، ڇو ته جڏهن کير تيزاب مٿان هاربو آهي ته ڦٽڻ شروع ٿي ويندو آهي.
* جڏهن توهان ديڳڙي ۾ کير وجهي ڪاڙهيو ته اُن کي هارجڻ کان بچائڻ لاءِ اُن ديڳڙيءَ جي چوگرد آڱر سان ڪنارن تي گيهه يا مکڻ لڳائي ڇڏيو کير اُٻارو کائي ٻاهر نه هاربو.
* لان جي ڪپڙن کي پاڻيءَ ۾ شرنڪ ڪرڻ وقت، بالٽيءَ ۾ پاڻي وجهڻ وقت ٿورو لوڻ ملائي ڇڏيو. اڌ ڪلاڪ تائين ڪپڙي کي پسائڻ بعد، بغير نيپورڻ جي تار يا رسيءَ تي ڪپڙو ڦهلائي ڇڏيو، ڪڏهن به نيپوڙيو نه بلڪل به نه.
* گرميءَ جي داڻن کان بچڻ لاءِ پنهنجو ديسي نسخو استعمال ڪريو. ”ميٽ“ کي پسائي رکو ڪنهن ٺِڪر جي ٿانوَ ۾ اڌ ڪلاڪ کانپوءِ مهٽي لسو ڪري منهن ۽ جسم جي باقي ٻين حصن تي ليپ ڪري لڳايو. 15 کان 20 منٽن بعد پاڻيءَ سان ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو، گرميءَ جا داڻا بلڪل صاف ٿي ويندا.
* ڪپڙن جي الماڙي، ڪتابن ۽ رسالن وغيره جي رکڻ واري جڳهه تي ”نم“ جا پن رکي ڇڏيو. ”اوڏوهي“ ويجهو نه ايندي ۽ شيون وغيره محفوظ رهندا.
* * *

[b]املهه ماڻڪ[/b]

حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنه جن قول مبارڪ آهي ته:
* انسان اُن دولت تي ايترو تڪبر ڇو ڪري ٿو؟
* جو اگر ”حلال“ جي ڪمايل آهي ته ”حساب“ ڏيڻو پوي ۽ جيڪڏهن ”حرام“ جي آهي ته پوءِ عذاب سهڻو پوندو!
* ڪتابن کان خالي ڪمرو، بلڪل ائين هوندو آهي، جيئن ڪو انساني جسم، روح کان بغير هجي.
“A room without book is like a body without a soul”.
*
* پنهنجي ضمير جو محاصرو پاڻ ڪري وٺو، ان کان اڳ جو توهان جو محاصرو ڪيو وڃي.
* اهو ائين ئي آهي جيئن چيو ويندو آهي ته نماز پڙهي وٺو، ان کان اڳ جو توهان جي نماز پڙهي وڃي، محبت ڪڏهن به مري نٿي سگهي، محبت ماري ڇڏيندي آهي.!“
* شفيق استاد ۽ مخلص دوست، خدا جي وڏي نعمت هوندا آهن.
* لفظن جو غلط استعمال تمام وڏو گناهه آهي. (سقراط)

* **

احتياطِ لباس

ڪپڙي کي سبي پائجي ته اُن کي ”لباس“ سڏيو ويندو آهي. دراصل ”لباس“، جنهن کي عام زندگيءَ ۾ ڊريس، وڳو يا ڪپڙا ڪري سڏجي ٿو سو اسان پنهنجي بدن کي ڍڪڻ لاءِ، اِستعمال ڪريون ٿا. ۽ اِهائي بنيادي ۽ اولين ضرورت آهي. تنهن بعد اِهو خيال رکڻو پوندو آهي ته موسم جي شدت جي حساب سان ڪپڙن جو انتخاب ڪيو وڃي. گرمي ۽ سرديءَ مطابق موسم جي شدت کي ڏسندي، سياري ۾ گرم ۽ سوٽي ڪپڙن جو انتخاب ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته گرمين ۾ نرم، هلڪا ۽ ٿڌا ڪپڙا استعمال ڪيا ويندا آهن. هلڪا، نرم، ململ جا سوٽي ڪپڙا، گرمين ۾ جسم کي ڍڪڻ لاءِ استعمال ۾ آڻبا آهن. لباس ڪهڙي به موسم جو هجي، اُن کي سنڀالي رکڻ، ڌوئڻ ۽ وري اِستعمال ۾ آڻڻ، نهايت ئي اهم مرحلا آهن. هڪ دفعو ڪپڙا نوان جڏهن سِبي تيار ٿي ويندا آهن ته اُن کان پوءِ اُنهن جي سارسنڀال، ڌوئڻ، سڪائڻ، ۽ ويڙهي رکڻ کان وٺي وري ٻيهر اِستعمال تائين نهايت ئي ڌيان طلب ۽ محنت طلب ڪم آهي. ڪپڙا نه صرف جسم ”ڍڪڻ“ جو ذريعو آهن، پر گڏوگڏ اسان جي جسم جي ”حفاظت“ پڻ ڪن ٿا. جسم جي صفائيءَ ۾ اسان جي ”صحت“ لڪل هوندي آهي ۽ اسان کي خبر آهي ته ”صفائي نِصف ايمان“ آهي.
هر ماڻهو کي گهرجي ته ڪپڙا صرف ڏيکاءُ ۽ ظاهري شوبازي لاءِ نه پر خاص طور تي پنهنجي حفظانِ صحت جي اصولن پٽاندر اِستعمال ڪرڻ گهرجن. گرمين جي موسم ۾ پنهنجي علائقائي موسم جي مطابق ٿڌا، نرم ۽ هلڪا ململ جا ڪپڙا زيب تن ڪجن ۽ ساڳيءَ ريت وري سياري جي موسم ۾ وري گرم، ٿلها، اوني، سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙن جو اِستعمال مناسب رهندو آهي. لباس جسم کي ڍڪڻ، موسم جي شدت کي برداشت ڪرڻ، شخصيت کي نِکارڻ ۽ سنوارڻ ۽ سوسائٽي ۾ اِنسان جي عزت ۽ وقار ۽ سماجي حيثيت کي اُجاگر ڪرڻ ۾ معاون ۽ مددگار ٿي ڪري نهايت ئي اهم ڪِردار ادا ڪري ٿو. ۽ اِن سان گڏوگڏ جيڪڏهن صحت و صفائي جي اُصولن کي به مدِ نظر رکيو وڃي ته ”لباس“ جي افاديت اڃان به وڌي وڃي ٿي.
مثال طور سڀ کان پهرين اِهو خيال رکڻ کپي ته لباس هميشه آرام ده ڪپڙي جو هئڻ گهرجي. جيئن ته خارش ۽ الرجي جو انديشو نه رهي ۽، جسم تائين هوا جو گذر ٿيندو رهي. اهڙي فيبرڪ جو اِستعمال ڪرڻ جنهن سان جسم منجهان نڪرندڙ، پگهر ۽ چڪنائي هوا جي رستي خارج ٿيندا رهن ٿا ۽ ڪنهن به اجائي قسم جي خارش کان اِنسان بچي پوي ٿو. ٻيون نمبر خاص احتياط آهي ته ماڻهو کي هروڀرو تمام گهڻا چُست ۽ سوڙها ڪپڙا بلڪل به نه پائڻ گهرجن. لباس تمام ننڍو ۽ سوڙهو ۽ نه وري ڊگهو ۽ ويڪرو هجي جو هروڀرو ڪٿي اٽڪنڊو وتي. موٽر سائيڪل جي ڦِيٿي ۾ ڦاسي پوي يا وري سائلينسر ۾ وڃي اٽڪي ۽ ٽنگ مڙي پوي. اِهڙي طرح قميص نه تمام گهڻي ننڍي هجي ۽ نه ئي وري ڊگهي هجي. بس درمياني هُجڻ گهرجي.
* * *

”ڪڏهن کلڻ خواري ته ڪڏهن روئڻ راحت“

مٿئين سِٽ ته هڪ عام چوڻي طور اِستعمال ٿئي ٿي. پر تازي تحقيقي سلسلي دوران ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن هڪ طرف کلڻ جا فائده مُرتب ٿين ٿا ته وري ٻي طرف ساڳيءَ ”کلڻ“ جا بي انتها ۽ شديد قسم جا نقصانات به نظر اچن ٿا. هڪ چوڻي مطابق ته ”کلڻ سان خوف وڌي ٿو“، سائنسدانن نالي فرنر ۽ ارونئيسن هڪ تحقيقي جرنل ۾ لکن ٿا ته گهڻي کلڻ جا نقصان به گهڻائي ٿين ٿا. گهڻو کلڻ نقصانڪار به ٿي سگهي ٿو.
کلڻ جا فائده ڏسجن ته واقعي بيشمار آهن جيئن مثال طور؛ اُن سان ڪاوڙ گهٽجي ٿي، ڊپريشن ۾ گهٽتائي اچي ٿي، سُورَ سهڻ جي سگهه يعني قوت وڌي ٿي، دل جي دوري جا خطرات گهٽجن ٿا، ڦڦڙ پنهنجو ڪم بهتر نموني سرانجام ڏيئي سگهن ٿا، ۽ رت ۾ شگر ليول گهٽجي وڃي ٿي. جيڪا شگر جي مريضن لاءِ پڻ مفيد آهي. هاڻي اچو ته ڏسون ته گهڻي کلڻ جا نقصان ڪهڙا ڪهڙا آهن: گهڻي کلڻ جا نقصان به گهڻائي ٿين ٿا، مثال طور: غشي کائي ڪري پوڻ، دل ۽ کاڌي جي نالي اِيسوفيگس (Esophagus) جو ڦاٽي پوڻ، ڇَنُ (Hernias) جو وڌيڪ خراب ٿيڻ، دمي جو دورو پوڻ، مٿي جو سور ٿيڻ، ۽ ڄاڙيءَ جو ٻاهر نڪري اچڻ، يعني ته (Dislocation of Jaws) وغيره گهڻي کلڻ سان ڪجهه بيمارين ۾ گهٽتائي به ٿي سگهي ٿي. جيئن ته مِرگهي، دماغ جو ڪينسر، دماغ جي خرابي ۽ ملٽي پل اِسڪليروسس(Multiple-Sclerosis).
مٿئين تحقيق منجهان اِهو نتيجو اخذ ڪيو ويو ته ”درميانو کلجي، نه تمام گهڻو وڌيڪ کِلجي ۽ نه ئي وري گهٽ کِلجي“ ورنه ڪڏهن ڪڏهن گهڻو کلڻ ڪنهن بيماريءَ جو سبب به ٿي سگهي ٿو. يعني ته ڪنهن بيماري سببان ماڻهو وڌيڪ کلندو رهندو آهي. اِن ڪري تحقيق منجهان ثابت ٿيو ته ضرور کلجي پر اِعتدال ۾ رهي کِلجي ته فائدو حاصل ٿي ويندو. ورنه نقصان ٿي پوندو.
تڏهن ئي ته ڪي ڏاها اِئين به چئي ويا آهن ته:
”ڪنهن جو کلڻ خواري، ته وري ڪِنهن جو روئڻ راحت“
* * *

انٽرويو

ادارن ۾ انگريزيءَ سان گڏ سنڌي لازمي پڙهائي وڃي: رشيده ڀٽي
سرتيون: اوهين پنهنجي زندگيءَ جي سفر بابت ڪجهه ٻڌايو؟
رشيده: منهنجو نالو رشيده شيخ ڄمڻ جو هنڌ سکر (مشن اسپتال) ناناڻن ۾ ڄايم، ڇو ته پنهنجي والدين جو پهريون ٻار هيم. موسم بهار يعني اپريل جي 23 تاريخ سال 1953ع اصل شهر اسان جو روهڙي شريف آهي. منهنجي پرائمري تعليم روهڙي منجهه ئي شروع ٿي. گورنمينٽ پرائمري مين گرلس اسڪول اسان جي گهر کان بلڪل ويجهو هو، جڏهن صبح جو اسڪول جو گهنڊ وڄندو هو ته مان ڊوڙي وڃي، قطار ۾ اڳيان بيهندي هيم (اسڪول اڃا تائين ساڳيءَ جڳهه تي قائم آهي). پهرين کان پنجين درجي تائين، هميشه ڪلاس ۾ پهريون نمبر رهيس، ان سموري محنت جو ڪريڊٽ منهنجي ”بابا“ ڏي وڃي ٿو. جڏهن ته منهنجي ”ماءُ“ پڻ واندڪائيءَ ۾ مون کي ”هوم ورڪ“ وغيره ۾ مدد ڪندي هئي. وئڪيشن جو ”ڪم“ به امان ڪرائيندي هئي. لکڻ پڙهڻ جو شوق مون کي ننڍڙي هوندي کان هو. منهنجي ”امان“ جي خواهش هئي ته مان ”ڊاڪٽر“ ٿيان، پر شايد منهنجي لاءِ وڌيڪ موزون ”ٽيچنگ“ هئي جو مان هميشه پنهنجي ڪلاس ۾ به ٻين کي پڙهائيندي رهندي هيم. هڪ ته مانيٽر هجڻ ڪري، ٻيو پنهنجي ”شوق“ خاطر. مون کي استاد به هميشه سٺا مليا ۽ اسان جو گهراڻو پورو تعليم يافته ۽ پڙهيل ڳڙهيل آهي. منهنجو ڏاڏو M.B.B.S ڊاڪٽر هو ۽ نانو ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ سپرنٽينڊنٽ هو. ڏاڏي جي وفات بعد (وڏن ڀائرن) ڀينرن جي تعليم تي ڌيان نه ڏنو. نتيجي ۾ منهنجي پڦيءَ جي تعليم اڌوري رهجي وئي. هوءَ بي انتها ذهين ۽ هوشيار هئي، جنهن جو هن کي هميشه افسوس رهيو ۽ ڏک جا پاڇا هن جي سموري زندگيءَ تي اثرانداز رهيا. نتيجي طور سندس ڀائرن يعني (منهنجي پيءُ ۽ چاچن پنهنجين نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ٻاروتڻ ۾ ئي مون کي راند روند جي ٻين شوقن سان گڏوگڏ رنگين ”ڪاغذ“ جمع ڪرڻ جو بي انتها شوق هوندو هو. ان لاءِ ايترو مثال ڪافي آهي ته هڪ دفعي پنهنجي گهر جي اَڳنڌ ۾ مان پنهنجن ڪاغذن جي ٽوڪريءَ سميت بيٺي هيم، اوچتو هوا لڳي ۽ واچوڙي جي صورت ۾ گول دائري ۾ ڦهلجڻ تي منهنجا ڪاغذ ٽوڪريءَ مان اڏامي، هوا ۾ اڏرڻ لڳا ۽ گول دائري ۾ اڏريل ڪاغذن جي پويانمان بي اختيار روئيندي رڙيون ڪندي ڊوڙندي رهيم، ڇو ته منهنجا پيارا ڪاغذ جو اڏري رهيا هئا. منهنجي پُڦي مرحومه جنهن جو مون سا بي انتها پيار هو، تنهن جو ڏٺو ته وائڙي ٿي وئي ۽ منهنجي ڪاغذن کي ميڙي گڏ ڪرڻ لڳي ۽ آٿت ڏنائين ته ٻيا به ڏيندم توکي، بس ڪر روءُ نه.
هيءَ ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن مون اڃا اسڪول ۾ قدم به نه رکيو هو. هينئر به قلم ۽ ڪاغذ منهنجي لاءِ اهميت جا حامل آهن. منهنجي ان شوق کي ڏسندي، منهنجن مائٽن هميشه منهنجي ڀرپور رهنمائي ڪئي، ڇو ته ڏات ضرور خدا جي طرفان عنايت ٿيل هوندي آهي، پر ماءُ پيءُ جي تربيت ۽ رهنمائي به ٻار لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي. منهنجي پياري بابا جو منهنجي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ قلم جهلائي، سليٽ تي، الف ۽ ب لاءِ اُڀي ليڪ، سهميل ليڪ، ليٽيل ليڪ ۽ (ج) لاءِ گول دائرو ٺهرائڻ، منهنجي لاشعور ۾ ائين ته سمايل آهي جو ڪجهه به وسري وڃي پر اهو نه ٿو وسري سگهي. الله تعاليٰ کين جنت ۾ جايون ڏئي (آمين ثم آمين). سيڪنڊري اسڪول يعني ڇهين درجي ۾ پهچڻ شرط ذميواري وارو احساس وڌيو ۽ ڀرپور محنت سان مون اٺين درجي ۾ (مڊل اسٽينڊرڊ) وارو بورڊ جو امتحان پاس ڪري اسڪالر شپ حاصل ڪئي. هتي اهو ٻڌائيندي هلان ته مون کي پنجين درجي ۾ اسڪالرشپ ملي، پوءِ اٺين درجي واري ملي ۽ ائين مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ جڏهن ڪاليج ۾ (سکر گورنمينٽ گرلس ڪاليج) پهتم ته اتي به ميرٽ تي اسڪالر شپ ملي. انٽر سائنس ۾ صرف ڪجهه پوائنٽس تان ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ملڻ کان رهجي ويم ۽ پوءِ B.Sc ڪرڻ لاءِ اسلاميه سائنس ڪاليج سکر ۾ داخلا ورتم. جتي پڻ اسڪالرشپ ملي. زندگيءَ جو سفر ۽ تعليم جو سفر گڏوگڏ هلندو رهيو ۽ عمر جا بهترين ڏينهن گذاريندي اچي يونيورسٽيءَ ۾ پهتاسين. روهڙيءَ جو شهر، پڙهائيءَ وارن ڏينهن ۾، گرمين ۽ سردين سکر جي روڊن رستن جو سفر، سُور ۽ سختيون، بنهه وسارڻ جهڙا نه آهن (1970ع واري زماني ۾ آمدورفت جو واحد وسيلو ٽرين هوندي هئي يا وري ٽانگا هوندا هئا، ڪجهه ٽانگي تي سفر ڪيوسين. پر ڪاليج ۾ ليٽ پهچڻ ڪري ان کي خيرباد چئي، پوءِ ٽرين تي صبح جو ٻانگ مهل اٿي روانو ٿيڻ، جنوريءَ جي ٿڌين، سرد هوائن ۾ لئنسڊائون پل تان ٽرين ۾ گذرندي، يخ برف ٿيل پيرن ۽ هٿن جي ترين جو اڪڙجي وڃڻ، ڪڏهن به وسري نه ٿو سگهي ۽ نه ئي وري مئي ۽ جون مهينن جي سخت گرمين واريون منجهند جون لڳل لُڪون ۽ هوائون وساري سگهجن ٿيون، ڇوته ان سان علم حاصل ڪرڻ جو اهڙو ته اتساهه وڌيو جو وڌ کان وڌ ڌيان سان پڙهڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ جي جستجو پڻ وڌندي رهي. شاهه سائين جي هن بيت تي مون هميشه عمل ڪيو.
”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.“
منهنجو پسنديده شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي. پسنديده آتم ڪهاڻي ”سائو پن يا ڪارو پنو“ مرزا قليچ بيگ جي سوانح عمري. سفرناما شوق سان پڙهندي آهيان، الطاف شيخ جا سفر ناما پسند اٿم. امر جليل جون لکڻيون وڻنديون اٿم. نعتن منجهه قصيده بُرده شريف بي انتها پسند آهي. مضمون نويسيءَ جو بي انتها شوق رهيو اٿم، ڪيترا ڀيرا انعام پڻ مليا. 20 (ويهن) جو انگ منهنجي زندگيءَ ۾ اهم رهيو آهي. منهنجي ڄمڻ جي تاريخ 23 اپريل 1953ع، يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ملڻ جي تاريخ 22 اپريل 1976ع، منهنجي شاديءَ جي تاريخ 23 مارچ 1978ع، منهنجي پهرين ٻار (فرزند) جي ڄمڻ جي تاريخ 24 اپريل 1979ع آهي. دوستي: ڇوڪرين ۾ ڪا به اهڙي نه جنهن سان زندگيءَ جو هر ڏک سُور شيئر ڪري سگهجي، ها باقي ڇوڪرن منجهه، منهنجو ”دوست“ جيڪو هن وقت منهنجو گهر وارو پڻ آهي. ڪيترو به وڙهون پر وري به مسئلي جو حل ڪٿي نه ڪٿي ڳولي وٺندا آهيون. ”دوست“ جو آهيون پاڻ ۾، نه ته زال ۽ مڙس وارو ته قصو ئي ٻيو ٿيو وڃي.
سرتيون: فزيالاجي مضمون ۽ ان جي اهميت بابت ڪجهه ٻڌايو؟
ڊپارٽمينٽ آف فزيالاجي ۾ وائيس چانسلر مان وارا مظهر الحق صديقي صاحب ۽ پروفيسر ڊاڪٽر دين محمد شيخ صاحب سان گڏ
رشيده: بحيثيت هڪ سائنسي علم جي ”فزيالاجي“ هڪ اهڙي ”مضمون“ جو نالو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان هڪ عام رواجي ماڻهو به ڪجهه نه ڪجهه ”لاڀ“ ضرور حاصل ڪندو. اهو هڪ عام فهم ۽ ”متاثر“ ڪندڙ سبجيڪٽ آهي جنهن جي ”اڀياس“ کان پوءِ هر ماڻهو پنهنجي بدني ساخت (ٻاهرين بناوت توڙي اندرين بناوت)، بدني ڪم ۽ صحت کي ڪيئن قائم دائم رکجي، ۽ انهن سڀني ڳالهين جو سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح ”صفائيءَ“ سان ڪهڙو ۽ ڪيئن تعلق آهي، جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري وٺي ٿو. جيڪڏهن ”سائنسي علم“ جي حيثيت ۾ اسان ڏسون ته ان سبجيڪٽ جي تاريخ ايتري ئي پراڻي آهي، جيتري خود حضرت ”انسان“ جي، ڇو ته انسان کي سمجهه اچڻ کان پوءِ اها ئي جاکوڙ هئي ته هاڻي هن ”دنيا“ ۾ گهڻي کان گهڻو وقت ڪيئن ”سلامتيءَ“ سان گذارجي؟ آڳاٽي زماني ۾ انسان بيمار ٿي پوندو هو ته کيس اها خبر ڪانه پوندي هئي ته ”هو“ بيمار ڇو ٿيو آهي، جڏهن ”ڇو؟“ جي باري ۾ اڻواقف هو ته ظاهر آهي ”بچاءُ“ جي باري ۾ به اڻڄاڻ هو. انڪري تاريخي پس منظر ۾ اچبو ته خبر پوندي ته فزيالاجي کي سڀني ”ميڊيڪل سائنسز جي ماءُ“ سڏيو ويو آهي. (Physiology is mother of all medical science, William Harvey)پوءِ آهستي آهستي انسان کي خبر پوندي وئي ته جڏهن انسان ۾ رت گردش ۾ آهي انسان ”زنده“ آهي ۽ جڏهن ”رت“ جي گردش بيهجي وڃي ته انسان جي زندگي ته ختم ٿيو وڃي ٿي. حاصل مطلب ته ”رت“ جو هجڻ زندگيءَ جي علامت سمجهيو ويندو آهي. رت کي مذهبي ڪتابن ۾ به اهميت ڏني وئي آهي، جيئن چيو ويندو آهي ته رت جي راند نه ڪريو. هڪ اِنسان جي رت، ٻي تي حرام آهي. بهرحال رت هڪ”حِساس“لفظ رهيو آهي. جنهن جو سڌو سنئون تعلق زندگيءَ جي علامت طور ۽ خوشحاليءَ سان وابسته رهندو آيو آهي.
“Blood has been related to life and if one goes through the holy books, blood bath or blood shed or bloody war has been associated with death.”
انسان کي پنهنجي جسم اندر رت جي موجودگيءَ جو احساس ايترو ئي پراڻو آهي، جيترو خود انسان، پر رت جي اهميت جي باري ۾ انسان جي ڄاڻ سترهين صدي عيسويءَ تائين تمام محدود رهي آهي. اها ڄاڻ تڏهن کلي سامهون آئي جڏهن ڪجهه صديون پويان هڪ سائنسدان وليم هاروي اهو ٻڌايو ته رت جسم اندر گردش ڪندو رهي ٿو. آڳاٽي دور جي، يوناني، رومن ۽ لاطيني فيلسوفن جي خيال مطابق ته جسماني بيماريون، رت اندر پيدا ٿيندڙ خرابين جي ڪري ٿين ٿيون هينئر يعني موجوده دور ۾ هڪ حقيقت بڻجي آڏو اچي چڪو آهي.
Now it is known fact today that most diseases, traumatic, inflammatory, infective, organic and neoplastic (both benign and malignant) are due to the alterations in blood. These alterations may be in plasma, serum, blood cells, etc. Blood is being used extensively for diagnostic as well as therapeutic purposes. Always dynamic and moving, its stoppage, leads to death of tissue getting devoid of its blood supply.
ماڊرن هيماٽولاجي جا مول متا، مشهور سائنٽسٽ وپِل، منوٽ ۽ ڪيسل، سال 1920ع ۾ پيش ڪيا. (Whiple, Minot and Castle, 1920) خاص طور تي گذريل پنجاهه سالن دوران، فزيالاجسٽ ۽ هيماٽالاجسٽ گڏجي، حيرت انگيز ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جن منجهان ڪجهه ليبارٽري چڪاسون مثال طور هيمو گلوبن، رت جي اڇن جزن جي ٽوٽل ڳڻپ، الڳ الڳ مختلف ڳڻپ، رت جي ڳاڙهن جزن جي ڳڻپ ۽ ڪيتري دير ۾ هيٺ تري ۾ ويهن ٿا اهي ايتريون ضروري آهن، جو هر ڊاڪٽر (فزيشن)، ڪنهن به بيماريءَ جي نوعيت (اصليت) تائين پهچڻ لاءِ پهريان(Blood Test) تجويز ڪري ٿو ۽ پوءِ علاج شروع ڪري ٿو. مٿيون ڄاڻايل اهڙي قسم جون چڪاسون (Tests)، ڊاڪٽرن کي ڄاڻ جا خزانا مهيا ڪن ٿيون. رت ”زندگي“ کي بچائڻ لاءِ (جيئن جو تيئن) يعني (هڪ ڊونر ٻيو ضرورتمند کي سڌو سنئون ڏيئي ڪري) يا وري رت ۾ موجود مختلف جزا) الڳ الڳ استعمال ڪري، ڪم آڻي سگهجي ٿو ۽ اڄ تائين ان جو ڪو به نعم البدل پيدا نه ٿي سگهيو آهي. توڙي جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي هن دور بي شمار ترقي ڪئي آهي ۽ گڏوگڏ ميڊيسن جي دنيا ۾ انقلاب اچي ويا آهن پر ”رت“ خدا جي طرفان هڪ اهڙي نعمت آهي، جنهن کي بطور ڊرگ (Drug) اڃا تائين ڪوبه ٺاهي نه سگهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ”رت“ اڄ به زندگيءَ جي هڪ اهڙي علامت طور موجود آهي جو جيڪڏهن ٻين لفظن ۾ کڻي چئجي ته بازار منجهه وڪامجي ٿو ته اهو به ”زندگيءَ“ کي بچائڻ جي خاطر. اڄ جي ماڊرن دور ۾ جتي سائنسي ايجادن، مختلف سهولتون ڏنيون آهن، اتي هيماٽالاجي ۾ به بي شمار، حيرت انگيز ايجادن جي ڪري ڪيترين ئي رت جي بيمارين جو علاج آسان ٿي پيو آهي ۽ ٻين ڪيترين ئي لاعلاج بيمارين جي حل ڳولڻ ۾ سائنسدان مصروف آهن.
The most frequently donated tissue is the red liquid connective tissue (blood). Blood transfusion is a life saving treatment in many types of anaemia. We are now doing bone-marrow transplantation to help the victims of aplastic anaemia and similar disorders where the bone-marrow dries up. Simply said “Blood is life.” As well as “blood is life saving durg”
سرتيون: توهين جيڪا تحقيق ڪري رهيون آهيو، ان جو عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ تي ڪيترو اثر پوي ٿو؟
رشيده: مان جنهن موضوع تي ”تحقيق“ ڪري رهي آهيان تنهن جو عام ماڻهو (خاص طور تي عورتن) سان سڌو سنئون تعلق آهي. ڇو ته ”رت جي گهٽتائيءَ“ جي ڪري، ڪيتريون اهڙيون بيماريون آهن، جيڪي صرف ”ڄاڻ“ نه هجڻ ڪري پيدا ٿين ٿيون ۽ پوءِ جيڪڏهن اسان پنهنجين عورتن کي روزاني زندگيءَ جا حوالا ڏيئي مثال پيش ڪري سندن ”رهنمائي“ ڪنداسين ته اهي ڪيترن ئي مونجهارن کان بچاءُ، پاڻ مرادو ڪري سگهنديون، جيڪي مشڪلاتون کين ”ڳورهاري“ ٿيڻ کان اڳ، دوران ۽ پوءِ درپيش اينديون رهن ٿيون، تن کي آرام ۽ سولائيءَ سان ڪنٽرول ڪري سگهنديون. منهنجي تحقيقي مقالي منجهان ڪيترائي ”نقطا“، وقتاً فوقتاً سرتيون منجهه شايع ٿيندا رهيا آهن. اميد اٿم ته ان منجهان ڀينر ضرور فيضياب ٿيون هونديون، (هينئر به هڪ ٻيو مقالو ”رت ۽ رت جي ڪميءَ باعث پيدا ٿيندڙ بيماريون“، شايع ٿيڻ جي انتظار ۾ آهي.
سرتيون: ڇا پڙهيل ڳڙهيل عورت سماج کان پنهنجا حق وٺي سگهي آهي؟
رشيده: نه اڃا تائين نه.
سرتيون: اڄ جي پڙهيل ڳڙهيل عورت ٻٽي ذميواريءَ جو شڪار آهي؟
رشيده: جي ها، بلڪل آهي. مرد جڏهن ڏٺو آهي ته عورت هاڻي ٻاهريان ڪم به ڪري سگهي ٿي، ته مرد وڌيڪ ريليڪس ٿيندو پيو وڃي، بجاءِ ان جي ته هو سندس ذميوارين ۾ هٿ ونڊائي، ذميوارين جو وڌيڪ احساس ڏياريندي پاڻ آجو ٿيندو پيو وڃي. مان ائين نه ٿي چوان ته سڀ هنڌ ائين پيو ٿئي، نه بلڪل نه، پر ڳالهه جيڪڏهن عام طور تي ڪبي ته بلڪل ائين نظر ايندو، جيئن مون مٿي عرض ڪيو آهي. ڇو ته عام طور تي، جت عورت خوشحالي جو سوچي مرد سان هٿ ونڊائڻ چاهي ٿي ته مرد کيس ذميواري ڏيندي ساڻس هٿ نه ٿو ونڊائي.
سرتيون: زندگيءَ ۾ ڪهڙا مسئلا اوهان کي درپيش آيا؟
رشيده: ڀيڻ، زندگيءَ ته نالو ئي مسئلن جو آهي. مسئلا نه هجن ته انسان ”جاکوڙ“ ڪيئن ڪندو، بس ڪنهن به ”مسئلي“ کي ”مسئلو“ نه بڻائجي، ڇو ته دنيا ۾ اهڙو ڪو مسئلو ڪونهي، جنهن جو ”حل“ نه هجي. مون کي به ڏکيا سکيا گهڻا ئي مسئلا درپيش آيا آهن. ايندا رهن ٿا، ۽ ايندا به رهندا، پر همت ۽ صبر سان منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهيان.
سرتيون: اوهين ڪهڙي مضمون تي تحقيق ڪري رهيون آهيو؟
رشيده: منهنجي تحقيق جو موضوع آهي ”فزيلاجي آف بلڊ“ يعني ”رت جا ڪم، اهميت ۽ ان سان لاڳاپيل بيماريون“ جيئن ته مون توهان کي ”فزيالاجي“ سبجيڪٽ جي باري ۾ ٻڌايو آهي ته اهو علم مجموعي طور تي اهڙو ”علم“ آهي جيڪو سڌو سنئون انسانذات جي ”صحت“ سان لاڳاپيل آهي ۽ ان ”سائنسي علم“ حاصل ڪرڻ سان جيڪا جسماني ”صحت ۽ صفائي“ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي ان ۾ خاص طور تي صرف هڪ ”رت“ کي جيڪڏهن اسان ڏسون ته ڪيتري قدر اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ ڪيئن نه عام زندگيءَ ۽ صحت لاءِ اهميت واري آهي. خاص طور تي ”عورتن“ جي حوالي سان، جڏهن اُهي ”ڳورهاريون“ ٿين ٿيون ۽ ٿوري وقت لاءِ سندن اندروني جسماني بناوت بدلجي ٿي ته ان مهل ”رت“ جيڪو ”بدن“ ۾ گردش ڪندو رهي ٿو، تنهن جي گهٽجڻ ۽ وڌڻ سان مختلف قسم جون پيچيدگيون ٿي پون ٿيون، جن کي سمجهڻ هر هڪ ڳورهاري عورت لاءِ ضروري آهي، انڪري مون ان موضوع جي چونڊ ڪئي.
سرتيون: اوهان پنهنجي ٻارن کي ڪيئن وقت ڏنو ۽ ڪيئن سندن تربيت ڪئي؟
رشيده: مون پنهنجي ٻارن کي تمام گهڻو ۽ خاص وقت ڏيئي، تعليم ۽ تربيت ۾ اڳتي ڪيو آهي. چوندا آهن ته ”پڪي گهڙي. ڪَنا نه پوندا آهن“، سو ان جملي جي روشنيءَ ۾ مون ٻالڪپڻ کان ئي کين اصول پسند ۽ آدرشي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مان هتي اهو نه چونديم ته ڪو مان ”خاص ماءُ“ آهيان، ڇو ته هر ماءُ ٻار جي بهتريءَ جو سوچيندي آهي پر ڳالهه صرف اها آهي ته پنهنجي آفيس جي ذميوارين سان گڏ، گهر ۾ مون هڪ عام رواجي ماءُ بڻجي نه پر تمام گهڻي حد کان وڌيڪ پيار، محبت، ۽ اتساهه سان، پنهنجين خوشين، وندر ۽ آرام وارين گهڙين کي نظر انداز ڪري، ٻارن جو خيال رکيو. موٽ ۾ منهنجن ”ٻچن“ به منهنجو ”مانُ“ مٿانهون ڪيو آهي. اهي الله تعاليٰ جا ”احسان“ آهن، اسان تي، جنهن نيڪ ۽ صالح اولاد عطا ڪيو آهي. شل سدائين خوش و خرم ۽ آباد رهن ۽ بدنظر کان بچن. (آمين). مون پنهنجن ٻارڙن جو، ٻاروتڻ، ننڍپڻ (ٻالڪپڻ) ۽ اڳيان هائر سيڪنڊري تعليم تائين هڪڙو منٽ به ضايع ٿيڻ نه ڏنو آهي. مون لمحي، لمحي جو حساب رکيو، ايتري قدر جو، جيڪڏهن ٻارن کي پڙهائيندي بجلي بند ٿي ويندي (بجلي ته هر دور ۾ ويندي رهي آهي هيءَ ڳالهه 1980ع کان 1995ع تائين واري عرصي جي آهي جڏهن UPS ۽ جنريٽر اڇان ايڏا عام ڪونه ٿيا هُيا اڄ ڪلهه ته گهر گهر ۾ روشني ٿي وڃي ٿي) هئي ته مون ڪڏهن به کين اجازت نه ڏني ته وڃي کيڏو ڪُڏو. پر ان دوران به کين زباني ڪم ياد ڪرائيندي رهندي هيم، ته جيئن ”وقت“ کي ضايع نه ڪجي ۽ وقت تي سمجهي ۽ وقت تي اٿجي. مجموعي طور گفتگو جو حاصل مطلب هيءُ آهي ته ننڍن ٻار کي ٽائيم (وقت) جو احساس ڏيارجي ته وقت ڪيڏو نه بي بها ۽ قيمتي آهي. جيڪو به ٻار ننڍپڻ ۾ وقت جو پابند هوندو اهو ضرور اصول پسند ٿيندو ۽ ڪاميابي ماڻيندو .
سرتيون: ٻارن کي تعليم مادري زبان ۾ ڏيارجي يا ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ منجهه؟ توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
رشيده: منهنجي خيال مطابق ٻارڙن کي تعليم پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڏيارڻ کپي، ڇو ته ٻار پنهنجي ماءُ جي هنج کان وٺي پنهنجن پيرن تي بيهڻ تائين ۽ پوءِ ارد گرد جي ماحول ۾ جيڪي آواز ٻڌي ٿو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سڀ مادري ٻوليءَ ۾ هوندا ۽ اهڙي طرح هو شعوري طور ۽ فطري طور جيڪو ڪجهه پنهنجي لاشعور ۾ محفوظ ڪري ٿو، سو سڀ ڪجهه مادري زبان ۾ هجي ٿو. انڪري، جڏهن هو پڙهڻ ۽ لکڻ لائق ٿي وڃي ٿو ته پنهنجيءَ ٻوليءَ منجهه مليل تعلـيــم کــي تمام آسانيءَ سان سمجهي ۽ ذهن نشين ڪري سگهي ٿو ۽ تمام ٿوري وقت ۾ گهڻو ڪجهه حاصل ڪندو وڃي پنهنجي منزل تي پهچي ٿو. جڏهن ته ٻي ٻولي سکڻ لاءِ توڙي جو هُن وٽ صلاحيت بيشڪ موجود هجي ٿي، پر پوءِ به سکڻ جي رفتار تيز نه ٿي ٿي سگهي. ها اهو ضروري آهي ته لسانيات جي ماهرن مطابق ننڍڙي ٻار ۾ جيئن ته سکڻ جي صلاحيت تيز هوندي آهي انڪري هو ٻي ٻولي به ڪجهه عرصي بعد آسانيءَ سان سکي سگهي ٿو. انڪري بهتر ائين ٿيندو ته اجائي بحث ۾ وقت وڃائڻ کان بهتر آهي ته ٻارڙن جي بنيادي تعليم کي بهتر ڪيو وڃي. سٺي علم ڏيڻ سان جيڪڏهن ڪا به ٻي ٻولي، چوٿين يا پنجين درجي کان پوءِ پڙهائي وڃي ته ٻار آسانيءَ سان ٻن يا ٽن ٻولين تي عُبور حاصل ڪري سگهي ٿو. پر جيڪڏهن پرائمري تعليم ۾ صفا پوئتي پيل آهي ته پوءِ سڄي عمر انگريزي پڙهڻ وارا انگريزي ڪو نه ٿا سکي سگهن. اصل ڳالهه سکيا ۽ تربيت جي آهي. خوشقسمتيءَ سان منهنجي ٻارن ۾ پنهنجي مادري زبان جي باري ۾ گهڻي حساسيت موجود آهي. توڙي جو اصليت پسند ۽ جدت پسند انگريزي ۽ سنڌي کي پرائمري سطح تي رائج ڪرڻ جي باري ۾ مختلف خيال رکن ٿا. انگريزي زبان جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي پر سمورن سڌريل ملڪن ۾ پرائمري تعليم مادري ٻوليءَ ۾ ڏني وڃي ٿي، جنهن اصول کي گڏيل قومن جو ادارو پڻ مڃي چڪو آهي. سڄي يورپ ۾ هاڻي ڪا نه ڪا ٻولي ٻي ٻوليءَ طور پڙهائي وڃي ٿي، جنهن ڪري، ڪجهه عرصي بعد اتي هر ٻار ٻه ٻوليون (Bilingual) يا گهڻ ٻوليو (Multe lingual) هوندو.
سرتيون: توهان پنهنجن ٻارن کي ڪهڙن اسڪولن ۾ تعليم ڏياري؟
رشيده: ڀيڻ جيئن ته اسان جي رهائش سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ هئي، انڪري مون پنهنجي وڏي فرزند ذوالفقار عليءَ کي، ”ماڊل اسڪول“ سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ۾ داخلا ڏياري ۽ الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان ان وقت کيس بهترين استاد نصيب ۾ آيا. جن ۾ هڪ نالو آپا حسنه ميمڻ جو آهي. جن جي محنتن سان هو ڪاميابيءَ سان اڳيان وڌيو. تنهن زماني ۾ تعليم ڏيڻ وارا استاد بهترين هئا، هينئر ان معيار جا استاد گهٽ آهن، پر جيئن ته انگريزيءَ جو ”ديو“ اسان جي سنڌي ماڻهن ۾ راڄ ڪرڻ لاءِ ڇڏيو ويو آهي. انڪري ٻين، سببن کي
ڏسندي مون پنهنجن ٻن ٻارن کي حيدرآباد شهر ۾، سينٽ بونا وينچر هاءِ اسڪول ۽ ڌيءَ کي سينٽ ميري هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو. پر ان کان پوءِ مون وري چوٿين نمبر فرزند کي مهراڻ پبلڪ اسڪول ڄام شوري ۾ داخل ڪرايو. ٻارن کي مختلف اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ سان مون کي تڪليف ته ضرور ٿي، پر مون تجربي مان حاصل ڪيو ته جن ٻارن انگريزيءَ سان گڏ سنڌي پڙهي سي وڌيڪ هوشيار آهن، بنسبت انهن جي جن انگريزيءَ سان گڏ اردو پڙهي. هاڻي سوال هيءُ اڀري ٿو ته اسان سنڌي ماڻهو جيڪي سماج جي هر شعبي ۾ موجود آهيون. هر ليول جا ڪامورا، وڏا ماڻهو، خـاص طور تي تعليمدان ۽ تعليمي ماهر، انهن سڀني کي اها ننڍڙي ڳالهه ڇو ڪونه ٿي سمجهه ۾ اچي، ته انگريزي بلاشبه اڄ جي گلوبلائيزيشن واري دنيا ۾ بي انتها، وقت جي تقاضا بڻجي وئي آهي، ان جو سکڻ بلاشبه نه صرف ضروري، پر گڏوگڏ پنهنجي ايندڙ نسل جي بقا لاءِ بي انتها ضروري آهي، ته پوءِ نرسري کان وٺي سنڌي لازميءَ سان گڏوگڏ انگريزي پڙهائي وڃي نه ڪي اردو؟ جيئن اسان وٽ (سنڌ صوبي ۾ رائج آهي). اصل ڳالهه اها آهي ته سنڌي جيئن پڙهائي وڃي ٿي تيئن مـوجـود هجي، گڏوگڏ ”اردو“ جي جاءِ تي انگريزي هجي. ”ٻه ٻوليون“ جيئن مون پهريون ٻڌايو آهي ته سڄي دنيا جا ٻار اڄڪلهه سکن پيا. چوٿين درجي کان پوءِ اردو شروع ڪئي وڃي، جيڪا هونئن به رابطي جي زبان آهي ۽ نه سيکارڻ ۽ پڙهائڻ جي باوجود هر ڪو لکي ۽ پڙهي ۽ ڳالهائي سگهي ٿو. پر هڪ دفعو ننڍڙي معصوم ذهن کي جيڪڏهن پنهنجي ماءُ جي ٻولي ۾ ٻڌل ”لولي“ واري ٻولي اسڪول ۾ وري ٻڌڻ لاءِ ۽ سمجهڻ لاءِ ۽ پڙهڻ لاءِ نه ملندي ته پوءِ ان معصوم ذهن جو ڪهڙو حشر ٿيندو، ۽ اهو ڪيترو هوشيار ٿيندو، ۽ اهو ڪيتري هوشياريءَ سان اڳتي وڌندو ۽ دنيا ۾ عملي طور تي قدم ڄمائيندو. اهو سڀ ڪو ڄاڻي سگهي ٿو.
سرتيون: ڇا توهان جا ٻار سنڌي لکي پڙهي سگهن ٿا؟
رشيده: بلڪل، لکي ۽ پڙهي سگهن ٿا، آخرڪار سنڌي ماءُ پيءُ جو اولاد آهن، پر هتي مان پنهنجين ڀينرن کي خاص طور ٻڌائيندي هلان ته، مون انهن ٽن ٻارن سان جن ڪانوينٽ منجهان تعليم ورتي آهي، خاص محنت ڪري گهر ۾ سنڌي پڙهائي ۽ سمجهائي ۽ بورڊ جي امتحانن ۾ ”لازمي سنڌي سبجيڪٽ“ لاءِ تياري ڪرائي. ائين ڪرڻ منهنجو فرض هو. ۽ انگريزي پڙهائڻ، حالات ۽ وقت پٽاندڙ مجبوري هئي.
سرتيون: اوهان جي پسند جون اخبارون؟
رشيده: ڀيڻ سچي ڳالهه اها آهي ته ننڍڙي هوندي کان ”سنڌي“ پڙهندي آئي آهيان. انڪري ”سنڌي“ اخبارون اڳ ۾ پڙهندي آهيان ۽ پوءِ ٻئي نمبر تي انگريزي ”ڊان“ پسند اٿم ڇو ته ملڪ گير ”خبر“ رکڻ به بي انتها لازمي آهي ۽ گڏوگڏ اردو اخبار ”جنگ“ پسند اٿم. سنڌي اخبار ”ڪاوش“ پسند اٿم ڇو ته اسان جي چوڌاري جيڪو ماحول موجود آهي، تنهن جون خبرون صرف ”ڪاوش“ ۾ هونديون آهن. اخبار مان ضرور پڙهندي آهيان خاص طور تي رات جو سمهڻ کان اڳ، ڇو ته ان کان سواءِ ننڊ ئي نه ايندي آهي.
سرتيون: اوهان ”سرتيون“ رسالو پڙهندا آهيو، ان جي باري ۾ ڪي صلاحون؟
رشيده: ”سرتيون“ رسالو تمام بهترين ۽ معياري رسالو آهي، جيڪو ننڍڙي ڀيڻ ”گلبدن“ جي ”ادارت“ ۾ تمام گهڻي ترقي ڪري رهيو آهي. ۽ ”ماهوار“ ڇپجڻ تي، ڀيڻ گلبدن توکي مُبارڪون هجن. الله تعاليٰ کان دعا آهي ته اڃا وڌيڪ ترقي ڪري (آمين).
جيڪڏهن ان ئي رسالي ۾ هڪ صفحو ”ننڍڙين سرتين“ جي نالي مخصوص ڪيو وڃي ته ”مائرن“ سان گڏوگڏ ”ڌيئرون“ به ذوق و شوق سان پڙهنديون ۽ پڙهندڙن ۾ اضافو ٿيندو. (ننڍڙيون ٻارڙيون پنهنجي صفحي لاءِ لکنديون ۽ طبع آزمائي ڪنديون.)
سرتيون: اوهين هڪ استاد جي حيثيت ۾ پاڻ کي ڪيئن ٿيون ڏسو...؟
رشيده: ان سوال جو جواب ته شاگرد ئي بهتر نموني ڏئي سگهن ٿا ته مان ڪهڙي قسم جي استاد آهيان. پر جيتري قدر مان سمجهان ٿي ته شاگردن جي خيال ۾ مان (سخت استاد) آهيان. فطري طور جيئن ته مون کي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان شوق آهي. انڪري مان ڪوشش ڪندي آهيان ته منهنجو ڏنل ليڪچر شاگردن کي سمجهه ۾ اچي. انڪري ڪجهه سختي به ڪرڻي پوندي آهي. منهنجي پڙهائڻ جو طريقو به ٿورو مختلف آهي. مان يونيورسٽيءَ ۾ 1976ع کان پڙهائڻ جي شعبي سان وابسته آهيان پر ڪڏهن به شاگردن کي نوٽس ٺاهي نه ڏنا آهن. پڙهائڻ دوران، هر ننڍو وڏو موضوع زير بحث آڻيندي آهيان، شاگردن جي ليول تي اچي پڙهائجي ته شاگرد وڌيڪ سمجهي سگهن ٿا (اسان جي ڳوٺن جي شاگردن جو الميو اهو آهي ته اهي انگريزي گهٽ سمجهن ٿا، جنهنڪري يونيورسٽيءَ ۾ اچي کين ڏکيائي پيش اچي ٿي. اسان جي تعليمي ادارن ۾ خاص طور تي (ڪاليج سائيڊ تي) پڙهائيءَ ڏي بلڪل به ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي. بلڪه (معذرت) سا جيڪڏهن ائين چئجي ته ڪاليج سائيڊ تي پڙهايو/سيکاريو نه ٿو وڃي ته ڪو خاص وڌاءُ نه ٿيندو. منهنجو ذاتي تجربو آهي ته جڏهن (شهر کي ڇڏي خاص طور تي ڳوٺن منجهان) شاگردن کان بنيادي سائنسي ۽ ليبارٽرين ۾ استعمال ٿيندڙ اوزارن جي نالن بابت ڪو سوال ڪيو ويندو آهي ته اهي جواب ڏيڻ جي قابل نه هوندا آهن. وڌيڪ توهان حال پاڻ ڏسو پيا. اڄڪلهه وري به ڪجهه واڌارو آيو آهي، سو به صرف ٽيوشن سينٽرس جي زور تي ۽ ڪجهه وري Entry Test جي دٻاءَ سبب. شاگرد پنهنجي طور تي محنت ڪن ٿا ۽ اڳي کان گهڻي قدر بهتري آئي آهي. باقي ڪاليج وارن جي پڙهائيءَ جا حال ساڳيا آهن. جيترو توجهه اسان وٽ يونيورسٽيءَ ۾ ڏنو وڃي ٿو. ايترو ڌيان جيڪڏهن ڪاليج سائيڊ تي ڏنو وڃي ته نتيجا يقيني طور بهتر ٿي سگهن ٿا.
سرتيون: آئيڊيل ٽيچر اوهان جي نظر ۾؟
رشيده: آئيڊيلزم جي مان ته شڪار نه آهيان پر پوءِ به جيڪڏهن ”آئيڊيل“ جي ”وصف“ متاثر ٿيڻ جي آهي ته يقيناً مان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪجهه استادن کان ضرور متاثر رهي آهيان. انڪري منهنجيءَ نظر ۾ هڪ استاد جو”رول“ اهڙو هجڻ ضروري آهي. جو ان جي پوئواري ڪندي، ”شاگرد“ طبقو بلڪل ان جهڙو ٿي هلڻ پسند ڪري. يعني ته هڪ ”استاد“ پاڻ اهڙي نموني پڙهائي، سمجهائي، سيکاري ۽ عملي طور تي جيڪو چوي ان تي عمل پيرا ٿي ڏيکاري. قول و فعل ۾ هڪجهڙو هجي، مجموعي طور تي بااخلاق، باڪردار، باهمت، همدرد، همت ڏياريندڙ، ۽ صحيح رخ ۾ رهنمائي ڪندڙ هجي. انڪري منهنجي خيال ۾ آئيڊيل استاد اهو آهي، جنهن جي قول و فعل ۾ تضاد نه هجي ۽ سندس حياتي ٻين لاءِ وقف هجي (سيکارڻ، سمجهائڻ جي حوالي سـان) ۽ پنهنجي شـاگـردن لاءِ رول ماڊل جـو ڪـردار ادا ڪري. استاد ٿيڻ ڪا گهٽ ڳالهه ڪونهي، ائين ئي هروڀرو پيغمبري پيشو نه ٿو چيو وڃي، ڇو ته اهو هڪ محنت طلب ۽ مسلسل جانفشاني ۽ جاکوڙ وارو سلسلو آهي، هڪ ٻار سان محنت ڪرڻ، ان کي ان جي ليول سان سمجهائڻ ۽ سيکارڻ ۽ باقاعدي ۽ بار بار سمجهائڻ ڪا آسان ڳالهه ڪونهي جيڪڏهن ائين هر ”استاد“ ڪري، ته پوءِ ته ڳالهه ئي ٻي آهي. اسان پنهنجي وقت ۾ اهڙا جاکوڙي ”استاد“ ڏٺاسين، جن منجهان هڪ منهنجي ننڍپڻ جي اسڪول ٽيچر ”آپا سگي ڀاٽيا“، حال حيات آهن، ٻي آپا سلميٰ شيخ (حال حيات آهن) ٽين آپا انور شيخ (حال حيات آهن) ۽ اهو خاص ڪريڊٽ اُنهن ڏانهن آهي. جو ”دينيات“ جو سبجيڪٽ پڙهائيندي اسان کي اِهڙي ته معنيٰ ۽ سمجهائي، سمجهائي ۽ سيکاري جو اسان ڪيتريون ئي آيتون آرام سان ياد ڪرڻ لڳاسي ۽ ٽيون استاد اسلاميه ڪاليج ۾ منظور صاحب (ذولاجي جو استاد، حال حيات آهن) جن جي پڙهائڻ ڪري، مون اڳيان هلي ايم ايس سي M.Sc (ذولاجي Zoology) زولاجي ۾ ڪئي ۽ وري يونيورسٽيءَ اچي مانواري استاد پروفيسر ڊاڪٽر دين محمد شيخ کان متاثر ٿي مون فائينل ايئر ۾ اسپيشلائيزيشن فزيالاجي ۾ ڪئي. جيڪڏهن متاثر ٿيڻ کي آئيڊيل سڏجي ته پوءِ يقيناً استاد کي بهترين انسان ٿيڻو ئي پوندو، جيئن ان جا شاگرد وري ان کان متاثر ٿين ۽ ائين هي سٺائپ ۽ سهڻائپ جو سلسلو (پڙهڻ ۽ پڙهائڻ وارو) جاري و ساري رهندو.
سرتيون: مرد اوهان جي نظر ۾؟
رشيده: ڀيڻ توهان جي پڇيل سوالن منجهان ڏکئي ۾ ڏکيو سوال آهي؟ پر ان جو آسان جواب مان توهان کي ضرور ڏينديم. ”مرد“ الله تعاليٰ جي طرفان عطا ڪيل بهترين نعمت، جيڪو ”عورت“ لاءِ ”ڇپر ڇانو“ آهي ڳالهه در اصل اها آهي ته اسان جي سماجي جوڙجڪ، ثقافتي پس منظر، روز مره جي زندگيءَ جي طرزن، طريقن ۽ مذهبي بنيادن جي آڙ وٺي، ”مرد“ صرف پنهنجي عزت ڪرائڻ ڄاڻي ٿو پر تمام گهٽ مرد ”عورت“ جي عزت ڪرڻ ڄاڻن ٿا. اها ڳالهه مان عام طور تي ”مردن“ منجهه ڏسان ٿي، ڇو ته ورڪنگ ليڊي ٽيچر جي حيثيت ۾، توڙي ڪو ايجوڪيشن ۾ پڙهائيءَ دوران ”شـاگردي“ واري زماني ۾، شاگردن جي طرفان مليل ”عزت“ منجهان توڙي جو ذاتي طور تي مان بي انتها خوش ۽ مطمئن آهيان ۽ الله تعاليٰ جا لک احسان آهن جو اسان کي ڀرپور عزت ملندي رهي آهي، پر مجموعي طور تي ڏسجي ته ”مرد“ عورت جي ”عزت“ نه ٿا ڪن. هينئر وقت اچي ويو آهي جو مردن کي کپي ته پنهنجي ”گهر“ ۾ توڙي ٻاهر ”عورت“ جي عزت ڪن ۽ کين احترام جي نظر سان ڏسن. هينئر ”عورت“ نه صرف ماءُ، ڀيڻ ۽ زال بڻجي گهر سنڀالي رهي آهي، پر ”مرد“ جي ٻانهن ٻيلي ٿي، کيس اقتصادي طور تي پڻ مدد ڪري رهي آهي، نوڪري ڪرڻ سان گڏوگڏ گهريلو ذميواريون ۽ ان سان گڏ ساڳي وقت، پنهنجن مٽن، مائٽن سان سماجي لاڳاپا رکڻ، ٻارن کي پالڻ کان وٺي تعليم پرائڻ (هوم ورڪ ڪرائڻ) کان وٺي هر قسم جي مدد ڏيڻ ۾ ڀرپور طريقي، پنهنجون ذميواريون نڀائي رهي آهي. (ورڪنگ ليڊي) جا ٻار گهڻي ڀاڱي ”ماءُ“ سان اُنس ويجهڙائپ رکن ٿا ۽ هر ننڍو وڏو مسئلو ”ماءُ“ سان شيئر ڪن ٿا. انڪري ”مرد“ کي کپي ته ”عورت“ جي عزت ۽ احترام لازمي طور تي ڪري. پر هڪڙي ٻي ڳالهه آهي ته عورت تي پڻ فرض آهي ته بحيثيت ”ڌيءُ“، ”ڀيڻ“، ”زال“ ۽ ”ماءُ“ جي پنهنجو ڪردار مثبت طور سامهون آڻي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي سمجهو ته عورت ڪهڙي به روپ ۾ هجي پر جيڪڏهن هوءَ مرد سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيهي ٿي ۽ صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺي ٿي ته (ڇو ته صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺڻ عورت لاءِ لازمي آهي) پوءِ گهر جو ماحول ڪنهن حد تائين خوشگوار رهي ٿو. ماڻهو پاڻ به خوش ۽ ٻيا گهر ڀاتي به خوش، اصل ”زندگي“ به ان جو ئي نالو آهي.
سرتيون: ٻيا ڪي اوهان جا شوق؟
رشيده: مون کي سير و تفريح جو شوق آهي. گڏوگڏ فوٽو گرافي ۽ فوٽو ڪليڪشن پسند اٿم. ماضيءَ
۾ ڀرت ڀرڻ ۽ نيم ڪلاسيڪل موسيقي اڪيلي ۾ ٻڌڻ، وڻندڙ مشغلو هُيو. اڄ ڪلهه صرف موسيقي ٻڌندي آهيان سان به اڪيلي ۾. اڄ به ڪڏهن ڪڏهن شوق ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڀرت ڀري وٺندي آهيان. گهڻي ڀاڱي نيم ڪلاسيڪل ۽ حمد و نعت ۽ قوالي پسند آهي. ريڊيو ٻڌڻو هجي يا ٽي وي ڏسڻي هجي هر وقت شور و غل ۽ هنگامو پسند نه اٿم. مجموعي طور تي اڪيلو رهڻ، اڪيلو پڙهڻ ۽ ميوزيڪ ٻڌڻ سٺو لڳندو آهي.
سرتيون: رنگ ڪهڙو پسند اٿو؟
رشيده: رنگن ۾ اڇو ۽ ڪارو رنگ وڻندو آهي. لباس ۾ شلوار قميض سٺي لڳندي آهي. پر جيڪڏهن مغرب ۾ هجان ها ته شايد ٽي شرٽ ۽ ٽرائوزر استعمال ڪريان ها.
سرتيون: پسند جا کاڌا؟
رشيده: مڇي فراءِ ۽ ڪيڪ.
سرتيون: ننڍڙي ٻار کي دنيا ۾ ڪامياب انسان بنائڻ لاءِ ڪي اصول جيڪي توهان جي ذهن ۾ هجن ۽ توهان ذاتي مشاهدي منجهان حاصل ڪيا هجن؟
رشيده: بيشڪ هي هڪ نهايت ضروري سوال آهي، جنهن جو مختصر جواب اهو آهي ته پهرين گهر جو ماحول تمام بهترين هجي، يعني ته گهر ۾ رهندڙ سڀني گهر ڀاتين جو اخلاق ۽ اٿڻ ويهڻ جا طور طريقا، پوءِ ٻئي نمبر تي ماءُ ۽ پيءُ جا پاڻ ۾ بهترين لاڳاپا هجن يعني سهڪار هجي، جيئن ته ماءُ جي هنج پهرين درسگاهه آهي. انڪري ماءُ جو تعليم يافته هجڻ بي انتها ضروري آهي. گڏوگڏ بااخلاق ۽ پرهيزگار، ڇو ته ائين ڪرڻ سان ٻار جي ذهني نشونما مثبت انداز ۾ ٿئي ٿي. پوءِ اچو اسڪول واري مرحلي ڏانهن ته اهو لازمي آهي ته استاد هر حالت ۾ ذميواري محسوس ڪندڙ هجي. (الله تعاليٰ جا لک احسان جو منهنجن ٻارن کي بنيادي تعليم ڏيندڙ استاد تمام بهترين مليا). جيڪڏهن اسڪولي زماني ۾ ”ٻار“ کي سٺا استاد، اسڪول منجهه سٺو ۽ صاف سٿرو ماحول ۽ نصابي پڙهائيءَ سان گڏوگڏ گهر ۽ اسڪول ۾ صحيح تعليم و تربيت ملندي رهي ته پوءِ ضرور اڄ جو ٻار سڀاڻي جو بهترين انسان بڻجي ويندو.
سرتيون: ڪهڙي شخصيت کان متاثر آهيو؟
رشيده: آپا خديجه خانم دائود پوٽو صاحبه جن جي شخصيت، بيشڪ متاثر ڪندڙن منجهان آهي، پر منهنجي لاءِ هميشه خاص طور تي خاص رهي. ان وقت کان جڏهن اڃا مون کين ڏٺو نه هو (اها ڳالهه مئٽرڪ جي زماني جي آهي. غالباً سال 1969ع _ 1968ع جي آهي) جڏهن مون پنهنجو مضمون (انعام يافته)، ڏانُهن موڪليو ۽ راءِ گهري ته توهان ٻڌايو ته ڇا مان اڳتي به لکي سگهان ٿي، اُن مهل سندن ادارت ۾ ”اديون“ نالي رسالو نڪرندو هو، ان ۾ نه صرف منهنجو اُهو مضمون شامل ڪيائون پر اتساهه وڌائڻ ۽ رهنمائيءَ طور خط لکي شڪريه جو موقعو به ڏنائون ۽ وڌيڪ اڳتي ڪجهه لکڻ لاءِ جوش به وڌايائون. پوءِ اهو سلسلو انٽر ۽ بي ايس سي تائين ته قائم رهيو پر پوءِ يونيورسٽي اچي صرف پڙهائي ڏي ڌيان ڏنم، ڏينهن رات جدوجهد ڪري مون M.Sc ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي جنهن ڪري لکڻ جو سلسلو ختم ٿي ويو. تنهن بعد وري ٻيون مصروفيتون وڌي ويون. آپا خديجه خانم دائود پوٽو سان منهنجي روبرو ملاقات پهريون ڀيرو 2 رمضان المُبارڪ 1975ع ۾ ٿي. مون کانئس آٽوگراف ورتو. ان کان پوءِ سندن رهنمائي نه صرف منهنجي حصي ۾ آئي، پر اها خوشقسمتي چئجي جو منهنجن ٻچن جي حصي ۾ پڻ آئي. اڄ به منهنجا ٻار ”عروج ۽ وقار علي“ جڏهن به ڪيلو کائيندا آهن ته سندن فهمائشي انداز سمجهائڻ ۽ کائڻ جو طريقو سيکارڻ جو انداز (جڏهن هو اڃا ننڍڙا پتڪڙا هئا ۽ نرسري ۾ اڃا داخل ٿئي مهينو به ڪونه ٿيو هين) اُهي ساروڻيون ساري هڪ ٻئي سان کلندا آهن ۽ کين خراج تحسين پيش ڪندا آهن ته ڪيئن نه محبت سان آپا کين هر ڳالهه سمجهائيندي هئي. الله تعاليٰ سندن مغفرت ڪري ۽ جنت الفردوس عطا ڪري (آمين) مان اِسلام آباد ويم ۽ کين خبر پئي ته خاص تاڪيس سان مون کي ملڻ لاءِ چيائون ۽ منهنجي ڪاڪي ذوالفقار علي گفٽ پڻ ڏنائون مون تڪڙ ۾ گڏ تصوير ڪڍرائي. جيڪا اڄ به محفوظ آهي.
سرتيون: ڪا غلطي ڪري ويهو ته پوءِ؟
رشيده: تمام تڪڙ ۾ ۽ جلدي معافي وٺندي آهيان. ڇو ته دل ۾ بغض ۽ ڪينو نه ٿي رکي سگهان. پهرين ته ڪوشش اها هوندي آهي ته ڪنهن کي ڏکوئجي ئي نه، پر جيڪڏهن اتفاقاً ائين ٿي پوي ته معافي وٺڻ ۾ عيب ڪونهي. هيٺين سٽ تي عمل پيرا رهندي آهيان:
”اڻ چوندن مَ چئه، چوندن چيو وسار.“
يا وري هيئن ته:
”هو چونئي تو مَ چئه، واتان ورائي،
اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي،
پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪين ڪي.“
(شاهه لطيف رح)
سرتيون: سائنس گروپ توهان پنهنجي مرضيءَ سان کنيو؟
رشيده: سبجيڪٽ کان هٽي ڪري جيڪڏهن جواب ڏيان ته بنيادي طور تي سائنس گروپ کڻڻ ۾ منهنجي مرضي شامل نه هئي. منهنجي اسڪول جي زماني جي مشهور استاد (حال حيات آهن) آپا سگيءَ جي چوڻ تي مون سائنس گروپ کنيو. منهنجن مائٽن جي ڪا به زبردستي نه هئي، پر منهنجي امڙ جي هر ماءُ وانگر خواهش هئي ته مان ڊاڪٽر ٿيان، پر جيئن ته منهنجو ذهني لاڙو، سنڌي لِٽريچر ڏانهن هو، انڪري مون کي سنڌي مضمون نويسي، تاريخ، اسلاميات جهڙا مضمون بيحد پسند هئا. جڏهن ته حسابن ۾ مان بي انتها ڪمزور هيس. پر ٻئي طرف مون کي جنرل سائنس ۽ علم بدن ۽ علم صحت بي انتها پسند هئا. انڪري مون کي فزڪس ۽ ڪيمسٽري پسند نه هئا. جيئن ته ان زماني ۾ نائين درجي ۾ ئي چونڊ ڪرڻي هوندي هئي، ته ان وقت مون به آرٽس جي چونڊ ڪئي. پر جيئن ته اسان جي اسڪول ۾ (1968ع جي ڳالهه آهي) پهريون دفعو سائنس گروپ متعارف ٿي رهيو هو ته استادن منهنجو نالو سائنس گروپ ۾ ڏيئي ڇڏيو، ڇو ته مان پڙهائيءَ دوران هميشه پهرين يا ٻي پوزيشن کڻندي هئس. ان کانسواءِ راندين ۾ حصو وٺڻ، مجموعي طور (غير نصابي سرگرمين) جهڙوڪر بحث مباحثن ۾، ڊرامن ۾، شاگرد يونين ۾، مطلب ته هر قسم جي ايڪٽوٽيءَ ۾ مون ايڪٽو رول ادا ڪيو. ڪيترائي انعام پڻ حاصل ڪيا. ان سان گڏوگڏ جڏهن ڪلاس نائين جو رزلٽ آيو ۽ صرف چئن ڇوڪرين سڀ سبجيڪٽ پاس ڪيا ته پوءِ لازمي طور تي هيڊ مسٽريس ۽ ٻين استادن گڏجي منهنجو نالو سائنس گروپ ۾ لکي ڇڏيو.
حقيقت اها آهي ته ان زماني ۾ اسان کي يعني ”عام شاگرد“ کي اڃا ايتري ڄاڻ ئي نه هئي ته ڇا ڪرڻ کپي، ڪهڙي شعبي جي چونڊ ڪجي؟ ۽ ڪهڙن بنيادن تي ڪجي؟ اڄڪلهه ميڊيا جو زور آهي ۽ اسان جو نئون نسل اسان کان وڌيڪ باخبر ۽ هوشيار آهي، صرف ان کي صحيح رهنمائيءَ جي ضرورت آهي. ان جو مطلب اهو هرگز ڪونهي ته اسان جا استاد بس ائين ئي هئا، بلڪه اهي وڌيڪ محنتي هئا.
سرتيون: اهڙي ڪا خواهش جيڪا پوري نه ٿي هجي؟
رشيده: نوڪريءَ دوران پنهنجي Academic qualification کي اڳتي نه وڌائي سگهيس. نوڪريءَ سان گڏوگڏ ٻچن جي پڙهائي کان وٺي، گهرداري جي ذميواري مون کي پڙهڻ لاءِ ڪو وقت نه ڏنو، جنهنڪري اڃا تائين Ph.D مڪمل نه ڪري سگهي آهيان. پر شڪر آهي ته ٻار منهنجي خواهش مطابق پڙهي لکي پار پيا آهن. هونئن به چوندا آهن ته سڀ خواهشون ته پوريون ڪونه ٿي سگهنديون آهن. هن شعر جيئن:
”هزارون خواهشين ايسي، ڪي هر خواهش پي دم نڪلي.“
بهت نڪلي ميري ارمان پهر ڀي بهت ڪم نڪلي.“
سرتيون: اهڙو ڪم جنهن تي اوهان کي فخر هجي؟
رشيده: مون کي خوشي آهي ته جنهن سماج ۾ مان رهان ٿي، اتي جا سڀ رهواسي مون کي بهترين استاد، بهترين ماءُ ۽ بهترين عورت سمجهن ٿا ۽ سچ پچ عزت ۽ احترام ڏين ٿا. ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ڳالهه تي انسان فخر ڪندو ته بحيثيت استاد شاگرد عزت احترام ڪن، ٻار ٻچا خود پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري هلي سگهن ۽ مڙس مڪمل اِعتماد ۽ اِعتبار ڪري. مان آخر ۾ پنهنجن شاگردن، ٻارن ۽ گهر واري لاءِ سدائين دعا جا هٿ بلند رکنديم.
خدا ڪري ته توهان سڀ دائمي خوشين سان همڪنار رهو (آمين)
منهنجين دُعائن جو حِصار هميشه توهان جي چوڌاري رهندو (ثم آمين)

"خدا کرے تم سب دائمی خوشیوں سے ہمکنار رہو،
رہے گا تیری گرد میری دعائوں کا حصار۔"
هڪ استاد جي شاگرد لاءِ، هڪ ماءُ جي ٻچن لاءِ، هڪ زال جي پنهنجي سرتاج لاءِ دعا.
سرتيون: زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟
رشيده: زندگي کان شڪايت نه آهي، الله جو وڏو احسان اٿم ته منهنجا وڏا ٻه پٽ، خير سان انجنيئر ٿي ويا آهن، نياڻي ڊاڪٽر ٿي وئي آهي. (هينئر هائوس جاب پئي ڪري) هڪ فرزند (بي انتها لاڏلو) CA ڪري رهيو آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو، آخري ننڍڙو هينئر انٽر سائنس (پريسٽن ڪاليج) ۾ پڙهي رهيو آهي. وڏي فرزند جو نالو ذوالفقار علي، ان بعد وقار علي، عروج (نياڻي)، عُمير علي ۽ زهير علي ڀٽي. الله پنهنجين نعمتن سان نوازيو آهي. نيڪ ۽ صالح اولاد عطا ڪيو اٿس، هر طرح جو خيال رکڻ وارو گهر وارو مليو آهي. زندگيءَ جي هر شعبي ۽ هر موڙ تي مددگار ۽ ساٿ ڏيڻ وارو ۽ اعتماد ڪرڻ وارو آهي. باقي سک ۽ ڏک ته هميشه گڏوگڏ هلندا پيا ايندا آهن. چوندا آهن ته انسان ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾، يعني ته دنيا ۾ انسان جا حالات گهٽ وڌ ٿيندا رهندا آهن. هر حال کي مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏيڻ ئي اصل ۾ بهادريءَ جو ڪم آهي. مون پنهنجي ننڍپڻ کان وٺي هن مهل تائين، اهو مشاهدو ڪيو ته جنهن گهر ۾ عورتون پڙهيل، لکيل (ڀلي اعليٰ تعليم يافته نه به هجن)، سلجهيل ۽ درگذر ڪرڻ واريون، هر حال ۾ مرد سان ٻانهن ٻيلي ٿي ساٿ ڏين ٿيون، ان گهر جو ماحول سڪون وارو رهي ٿو ۽ ٻار اعليٰ درجي جو اخلاق سکن ٿا ۽ ڀرپور محنت، ۽ لگن سان تعليم جي طرف توجهه ڏيئي، پنهنجي مائرن جي خدمتن جي عيوض، پاڻ بلند مقام تي پهچڻ جي خواهش ڪن ٿا ۽ گهڻي ڀاڱي، ان ۾ ڪامياب به وڃن ٿا. بنيادي طور تي مان درگذر ڪرڻ واري آهيان انڪري پنهنجي گهر واري جون ڪيتريون ئي ڳالهيون مون برداشت ڪري ڇڏيون آهن، ورنه زندگيءَ جي گاڏي گهلڻ ڏکي ٿي پوي.
سرتيون: توهان کي ”ڪاوڙ“ ايندي آهي؟
رشيده: جي ها بلڪل، بي انتها، ڪو ماڻهو بي بنياد ڳالهه چئي وجهي ته بي اختيار ۽ بي انتها ڪاوڙ اچي ويندي آهي باقي عام حالتن ۾ منهنجو ڪڏهن به ڪنهن سان دوبدو جهيڙو نه ٿيو آهي. جو منهنجي تمام سٺي پئماني تي سوشل سرڪل ۽ سوشل لائيف آهي غلط ڳالهه تي ڪاوڙ تڪڙ ۾ ايندي آهي جي منهنجي غلطي هوندي آهي ته تڪڙ ۾ معافي تلافي ڪري ڇڏيندي آهيان. دل ۾ سانڍي نه رکندي آهي. سامهون منهن تي چوڻ واري آهيان. اِن ڪري مزاج ”سخت“ مشهور آهيان، جڏهن ته مون دل ۾ ڪڏهن به ڪنهن لاءِ بري سوچ نه رکي آهي ڇو ته دل ۾ رب تعاليٰ رهي ٿو.
غلط ڳالهه تي خاموشي اختيار ڪرڻ ۽ پوءِ بدلي وٺڻ جون ترڪيبون سوچڻ کان بهتر آهي ته فوراً ردِ عمل ڏيکارجي ۽ معافي تلافي ڪري ڇڏجي ۽ سڀ ڪجهه وِساري ڇڏجي. اِها منهنجي ذاتي راءِ آهي.
سرتيون: نوڪري، گهر، ٻار ۽ تحقيق، انهن سڀني ڪمن کي ڪيئن ٿيون وقت ڏيو؟
رشيده: ڀيڻ ڳالهه دراصل هيءَ آهي ته مستقل مزاجيءَ سان ۽ جيڪڏهن توهان پنهنجي طور اصول پسند ۽ مستقل مزاج آهيو ته پوءِ توهان لاءِ هر ڪم آسان ٿيو پوي. مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٽائيم تي اُٿي. ويهي ٿو، ٽائيم جي پابندي ڪري ٿو، ته هر ڪم آسانيءَ سان نبري وڃي ٿو. ائين کڻي چئجي ته منهنجي زندگيءَ ۾ ٽائيم جي پابنديءَ جو وڏو عمل دخل آهي.
سرتيون: توهين سدائين مُرڪندي نظر اينديون آهيو، ان جو ڪهڙو راز آهي؟
رشيده: ڪنهن جي باري ۾ بغض ۽ ڪينو نه رکندي آهيان، منهنجو ايمان آهي ته عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. نيت صاف منزل آسان. مون سان ڪو زيادتي ڪندو آهي ته ڪاوڙ تمام گهڻي ايندي آهي، پوءِ بروقت برملا ڪاوڙ جو اظهار به ڪري ڇڏيندي آهيان، پر ان کي بدلي ۾ ”نقصان“ پهچائڻ جو تصور به نه ايندو آهي. سڀ کان پهريان خود جلدي ۾ سلام ڪرڻ جي عادت آهي، ڇو ته خبر آهي ته وڌيڪ ثواب آهي، ان ڪري هميشه مسڪرائيندي ملڻ ۽ سلام ڪرڻ، نياز نــوڙت سان هلڻ، شروع کان ئي عادت آهي. ان ۾ گهڻو عمل دخل گهريلو تربيت جو ۽ ماءُ جي نصيحت ڀريل صحبت جو آهي.
سرتيون: زندگيءَ ۾ ڪي ڏکيا ڏينهن (الله نه ڪري) جي اچن ته ڪيئن منهن ڏجي؟
رشيده: ڀيڻ گلبدن! منهنجي خيال ۾ مان مٿئين جواب ۾ تفصيل سان ان ڳالهه جو جواب ڏيئي چڪي آهيان ته ”ڏکن“ کان گهٻرائي همت نه هاري ويهجي، پر هڪ ”جاکوڙيءَ“ وانگر، تيستائين هلندو رهجي جيستائين منزل مقصود تائين نه وڃي رسجي. مون ننڍپڻ ۾ هڪ سبق بعنوان ”ورائي ڪوشش ڪر“ پڙهيو هو ۽ ان ۾ ڏنل آکاڻي جنهن ۾ ڪوريئڙو وَرُ وَرُ ڪري ڀت تي چڙهي ٿو ۽ وري ڪري ٿو پوي، پر نيٺ آخرڪار پنهنجي منزل تي رَسي ٿو وڃي. ان کان بيحد متاثر ٿي هيم ۽ سموري زندگي ان تي عمل پيرا رهي آهيان. اڄ ڪالهه مان پڻ اهڙي صورتحال جي شڪار آهيان. منهنجي (Ph.D) جي ٿيسز ڪن سببن ڪري اڃا مڪمل نه ٿي سگهي آهي، پر مون به همت هاري ڪونهي ۽ انشاءَ الله رب تعاليٰ ۾ آسرو ۽ اميد اٿم ته نيٺ ضرور ٻيڙي پار ٿيندي، بس شل رب کي رحم پوي ۽ ان کي منظور هجي، پوءِ دنياوي پريشانين کي انسان آسانيءَ سان منهن ڏيئي وڃي ٿو. الله تعاليٰ جي رحم حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي پنج وقت نماز پڙهڻ ۽ تلاوت ڪرڻ نيڪ ڳالهين تي عمل پيرا ٿيڻ. ڇو ته عمل کان سواءِ سڀ ڪجهه بيڪار آهي ۽ دل جي حضور سان دعائون گهرڻ، رب تعاليٰ ضرور قبول ڪري ٿو.
بقول اقبال رحه جي:
”عمل سي بنتي هي زندگي، جنت ڀي جهنم ڀي،
يه خاڪي اپني فطرت مين نه نوري هي نه ناري هي.“
انسان سٺن عملن جي ڪري الله تعاليٰ وٽ پسنديده بڻجي ٿو ته وري ٻئي طرف دنيا ۾ عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ باطني قوت جي ذريعي هر ”ڏک“ کي آسانيءَ سان منهن ڏيئي وڃي ٿو.
سرتيون: ”سرتيون“ پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟
رشيده: پنهنجين سرتين لاءِ مختصر ايترو چونديم ته مهرباني ڪري پنهنجن ٻچن جي اهڙي نموني تربيت ڪريو جو هو اڳيان هلي ڪري پهترين انسان بڻجي سگهن. جيڪو ٻار والدين ۽ گهر جي وڏن جي عزت ڪندو، اهو يقيني طور تي اڳيان هلي استاد ۽ پاڻ وڏن جو احترام ڪندو. پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو ۽ پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ کين پڙهايو ته جيئن هرڳالهه کي آسانيءَ سان سمجهي ۽ ياد رکي سگهن، بلاشڪ پوءِ گڏوگڏ وقت جي تقاضائن مطابق ٻيون ٻوليون به سيکارجن ۽ پڙهائجن. پر پهريان پنهنجي ”ٻولي“ اڄ ڪلهه هڪ بي انتها نازڪ مسئلي کي هروڀرو (اشو) بنائي پيش ڪيو پيو وڃي ته ”ٻار کي سنڌي پڙهائجي يا انگريزي.“ منهنجي خيال ۾ بي انتها فضول سوال (اشو) بڻائي پيش ڪيو پيو وڃي. ڳالهه سنڌي ۽ انگريزيءَ جي ناهي، ڳالهه آهي صحيح نموني تعليم ۽ تربيت جي ۽ هر ڪو سمجهي سگهي ٿو ته ننڍڙو معصوم ذهن جيترو پنهنجي مادري ٻولي سمجهي سگهندو. سو بهتر اهو ٿيندو ته توهان ٻار کي پهريان سنڌي ۽ پوءِ ان سان گڏ انگريزي پڙهايو ته جيئن وڌيڪ لاڀ حاصل ٿي سگهي. اڄ ڪالهه جيئن ته ڪمپيوٽرجو زمانو آهي ۽ حالات تيزيءَ سان نئون رخ وٺي رهيا آهن. دنيا هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي شڪل اختيار ڪري رهي آهي. تڏهن اسان جي ساڃهه وندن جي ذميواري آهي ته سرڪاري توڙي پرائيويٽ ادارن ۾ انگريزيءَ سان گڏ سنڌي لازمي پڙهائي وڃي. سنڌي ٻار سنڌي پڙهن. سنڌي نه ڳالهائيندڙ اردو پڙهن، گڏوگڏ انگريزي پڙهن.
* * *

بي رنگ زندگيءَ منجهه رنگ ڀريو Colour your self Happy!

اها هڪ حقيقت آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اِنسان پنهنجي زندگيءَ ۾ بيزاري محسوس ڪندو آهي ۽ اوسي پاسي جي پريشانين جي ڪري ”ذهني دٻاءُ“ (Stress) وڌي ويندو آهي، جنهن جي ڪري ننڊ گهٽ ايندي آهي ۽ بي چيني وڌي ويندي آهي پريشانيون ذاتي هجن يا وري دوست احباب، مِٽ مائٽ، اوڙي پاڙي جون، اثر انداز بهرحال ضرور ٿينديون آهن. پوءِ گهٽ يا وڌ ذهني دٻاءُ جي شڪار ماڻهن لاءِ علاج جا به ڪيترائي طريقا موجود آهن، جن ۾ ڪجهه غير سائنسي ۽ ڪجهه سائنسي بنيادن تي مشتمل آهن.
ذهني دٻاءُ (Stress) کي گهٽائڻ لاءِ فطرت پنهنجي طور تي بي شمار ذريعا مهيا ڪيا آهن، جي اسان انهن تي ڌيان ڏيون ته آسانيءَ سان مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو. الله تعاليٰ هن ڪائنات کي ايترو ته رنگن سان ڀريل رنگين بڻايو آهي جو جيڪڏهن توهان ٿورو غور ڪريو ته توهان کي پنهنجي چوڌاري رنگ ۽ نور جو هڪ سيلاب نظر ايندو. پوءِ اُهي اڏامندڙ رنگ برنگي ”پکي“ هجن يا وري زمين تي ڊوڙندڙ خوبصورت رنگن سان ڀرپور جانور هجن يا وري پاڻي اندر تڙندر اِنتهائي خوبصورت رنگين ”مڇيون“ هجن. مطلب ته هن ڪائنات منجهه ڪهڙي ڪهڙي خلقيل، ساه واري جي ڳالهه ڪجي، هڪ ٻئي کان وڌ پُرڪشش ۽ پُر نُور نظارا موجود آهن. جيڪي پنهنجي خالق ۽ مالڪ، پروردگار جي حمد و ثنا ۾ هر وقت مصروف رهن ٿا.
الله تعاليٰ انسانن کي عقلِ سليم عطا ڪيو آهي ته جيئن هو ڪائنات ۾ موجود هر شيءَ تي غور و فڪر سان سوچين ۽ پنهنجي علم ۾ اضافو آڻين. رنگ برنگي جاندارن، ٻوٽن، ۽ جهرجهنگ تي نظر وجهندڙن ڪافي غور ۽ ويچار ڪيو آهي. ڪي مُصّور بڻجي انهن منظرن ۾ گم ٿي ويا ته ڪي وري انهن ”رنگن“ تي تحقيق ڪري ”رنگن“ جي اهميت تي غور ڪرڻ لڳا. ۽ عام انسانن کي ٻڌايائون ته ڪيئن نه ”رنگ“ (Colour) اسان کي ذهني ڪشمڪش کان نجات ڏيارين ٿا. سال 2013ع ۾ هڪ اسڪاٽ مُصّور (Scottish Artist) نالي، جوهانه بسفورڊ(Johana Basford) هڪ رنگين ڪتاب وڏن لاءِ يعني(adults) لاءِ جوڙيو. جنهن جو نالو آهي خفيه باغيچو(Secret Garden) ان مُصّور خاتون اهو ڪلرنگ بوڪ يعني ته(An Inky Treasure Hunt and Colouring Book “The Secret Garden”) جڏهن مارڪيٽ ۾ آندو ته سڄي دنيا ۾ ان جون لکن جي تعداد ۾ ڪاپيون فوراً وڪامجي ويون. تنهن بعد هن جو ٻيو ڪتاب(Enchanted Forest, an Inky Quest and Colouring Book) پڻ بهترين وڪامجندڙ ڪتاب بڻجي ويو آهي. مٿيان ٻئي ڪتاب جيڪي خاڪن ۽ ٻُڙين (Dots) جي صورت ۾ آهن، ۽ پين ۽ مَسُ ذريعي (Pen and ink illustration) واري ڪتاب ۾ جهنگ، فطري جاندارن جي موجودگي، پهاڙ ۽ جبل، پاڻي ۽ خشڪي، مطلب ته هڪ گل و گلزار باغيچي جو ڏيک ڏيندڙ خاڪن منجهه جيڪو ڪجهه نظر اچي ٿو ان ۾ جڏهن رنگ ڀرجن ٿا ته ڄڻ آس پاس جي ماحول ۾ سُرهائي ۽ سُرهاڻ اچي وڃي ٿي.تن ۾ رنگ ڀرڻا پون ٿا، بالغن منجهه مقبول ترين، اُهي رنگن ڀرڻ وارا ڪتاب هن سال نيٽ ورڪ(Amazon.com) تان وڪامجندڙ ڪتابن ۾ سرفهرست تي بيٺل آهن.
آرٽسٽ مصنفه(Johanna-Basford) جا اهي ٻئي ڪتاب انهن هزارن ڪتابن منجهان اهڙا ته ناياب ٻه ڪتاب آهن، جيڪي سڄي دنيا ۾ ايتري قدر خريد ڪيا ويا آهن. جو پبلشر(publisher) انهن ڪتابن کي ”اُڀرندڙ رنگين ڪتاب“، جو سال قرار ڏيئي رهيا آهن. (The year of the grown up colouring book) “Basford’’مصنفه جا مٿيان ڪتاب انهن هزارين لکين رنگين ڪتابن منجهان ٻه ڪتاب آهن جيڪي سڄي دنيا ۾ خريد ڪيا پيا وڃن. ۽ انهن جو سبب جيڪڏهن پڇيو وڃي ته ڇو پيا خريد ڪيا وڃن؟ جواب آهي ته: انهن جي خريد ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ سان ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿيل(Fell stress relif) ماڻهو پاڻ کي هلڪو ڦلڪو محسوس پيا ڪن. جيتوڻيڪ ڪيترائي معالج (Therapists) ڪلرنگ ٿراپي(colouring therapy) جي موافقت(fever)۾ ورهايل آهن ۽ ڪا خاص دلچسپي نٿا ڏيکارين پر ٻي طرف وري ڪيترائي آهن جن جو چوڻ آهي ته ان ٿراپي ذريعي انسان جو مزاج يعني موڊ(mood) بهتر ٿئي ٿو، (Improves moods) ذهني دٻاءُ ۽ مونجهه(Anxiety)گهٽ ٿئي ٿي، ۽ گهُٽَ ۽ ٻوسٽ جيڪو ذهني انتشار ۽ دٻاءُ ڪري پيدا ٿئي ٿو. تنهن کي پڻ گهٽائڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو(Reduces and relive stress) ڪيترائي رنگين ڪتاب(colouring book) آن لائين(on line)موجود آهن ۽ پنهنجي مارڪيٽ ٺاهين پيا ۽ هڪ بهترين(Tool)ثابت ٿين پيا اهڙن ماڻهن لاءِ جيڪي ڊپريشن (Depression) جو شڪار ٿيل آهن. ماهرن جي راءِ مطابق ان قسم جي شاندار ايڪٽوٽي(Gentle activity) دوران رنگن کي چونڊي ۽ پوءِ منجهيل قسم جي ڊزائن ۾ ڀرڻ سان انهن پنن کي هڪ رنگين تازگي ملي وڃي ٿي، جنهن جي ڪري اُهي پنا(Pages). تمام سهڻا ۽ تازه توانا ٿي نظر اچن ٿا. جڏهن بالغ انسان انهن کي بار بار رنگن سان ڀرين ٿا ته هر هر ورجائڻ ڪري مٿن نظر پوندي رهي ٿي ۽ مشاهدو ڪن ٿا ته پاڻ به بهترين محسوس ڪن ٿا.
هر هر ورجائڻ سان سندن دماغ تي خوشگوار اثرات مرتب ٿين ٿا ۽ دماغ سامهون وارا منظر ڏسي ڪري ترو تازه محسوس ڪرڻ لڳي ٿو ۽ ٿوري ديراڳ جي ڳنڀرتا ۽ مونجهه واري ڪيفيت منجهان نڪري اچي ٿو. اهو ئي هڪ بهترين علاج ۽ نسخو ثابت ٿئي ٿو ان دماغي بيماري جي اُهڃاڻن ۽ صورتحال کي بدلائڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ ۾، جڏهن مختلف قسمين قسمين ڊزائنن وارن ڪتابن ۾ رنگ ڀرجن ٿا ۽ رنگين پنا پوءِ ڏسندڙن جي دماغ کي به مونجهاري واري ڪيفيت منجهان ڪڍي، طبيعت ۾ خوشگواري آڻي ڇڏين ٿا. توڙي جو ڪوبه اهڙو ٺوس ثبوت اڃان تائين ڪنهن به پيش نه ڪيو آهي، ته ڪو رنگن جو انساني صحت ۽ زندگي کي فائدو ملي رهيو آهي، پر پوءِ به آمريڪا جي صحت واري کاتي طرفان جيڪا ڦڦڙن جي متعلق ائسوسيشن آهي، تنهن (American lung association recommends it as one of its 52 stress reducers) اهو ڄاڻايو آهي ته سندس طرفان مقرر ڪيل ٻاونجها (52) قسمن جي مونجهاري دور ڪرڻ وارين دوائن منجهه، هيءُ نسخو به شامل آهي. جڏهن ته هڪ تازه ترين تحقيق جيڪا سان فرانسڪو يونيورسٽيءَ منجهه ڪئي وئي آهي، تنهن ۾ اهو واضع طور ڄاڻايو ويو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي تخليقي قسم جي ڪم ۾ رڌل رهن ٿا، سي پاڻ کي بهتر نموني سان مونجهاري، گُهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول منجهان آزاد ڪري وٺن ٿا. ۽ بهتر نموني سان دماغي صلاحيتن کي استعمال ڪري پاڻ تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. اهڙا بالغ انسان جن اهڙا رنگين ڪتاب (رنگ ڀرڻ لاءِ ورتا ۽ اُهي ڀريا تن جي چوڻ مطابق ته نه صرف انهن پاڻ ۾ (change) محسوس ڪئي پر اهو به ڏٺائون ته روز رات جو (colour) ڪرڻ سان پاڻ کي تمام هلڪو ڦلڪو محسوس ڪيائون ۽ کين تمام گهڻو سڪون ۽ آرام حاصل ٿيو. رات جو سمهڻ مهل ڪلاڪ تائين رنگ ڀرڻ کان پوءِ کين تمام گهڻي پرسڪون ننڊ آئي.
** *

ڏند جي حفاظت لاءِ گهرو ٽوٽڪا

بازار ۾ وڪامجندڙ ٽوٿ پيسٽ (Tooth paste) مختلف ڪيميڪلز کي ملائي ٺاهيا وڃن ٿا. انهن منجهان ڪيترائي ڪيميڪلز اهڙا به آهن، جيڪي انساني صحت لاءِ بي انتها هاڃيڪار آهن. ڪجهه عرصو پهريان آغا خان يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ هڪ تحقيق جي دوران ملندڙ نتيجن جي روشني ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته ڪيترن ئي ٽوٿ پيسٽ جي برانڊز منجهه اسٽيرائڊس(Steroid)جو استعمال ٿيل هجي ٿو. اسٽيرائڊس ڪيميڪلز جي ڪري وقتي طور تي ته ڪيترين ئي بيمارين کي فائدو پهچي ٿو ۽ فوري طور تڪليف کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي، پر انهن جو مستقل طور تي استعمال انساني صحت لاءِ تمام هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.
اڄ مان توهان کي ڪجهه اهڙيون ترڪيبون ٻڌايان ٿي، جن تي عمل ڪرڻ سان توهان پنهنجي روزمره واري استعمال ٿيندڙ ٽوٿ پيسٽ تي گهٽ ڀاڙي، پنهنجن ڏندن جي ڪيترن ئي عام مسئلن کي آرام سان حل ڪري سگهو ٿيون.
اسٽرابيري سان علاج: اسٽرابيري اصل ۾ ميوو آهي، ان ۾ صحت لاءِ بي انتها فائده موجود آهن. پر ان سان گڏوگڏ توهان جي ڏندن کي چمڪائڻ لاءِ به بي انتها مفيد آهي. هن ميوي ۾ اها هڪ خصوصيت موجود آهي. ڏندن تي موجود داغ، خاص طور تي جيڪي گهڻي چانهه يا ڪافي پيئندڙن جي ڏندن تي ظاهر ٿي پوندا آهن. قدرت هن ميوي ۾ اها اضافي خصوصيت رکي آهي ته ان جي واهپي سان داغ مٽجي وڃن ٿا. اسٽرابيري کي هٿن سان مهٽي هڪ قسم جي ”محلول“ پنهنجن ڏندن تي مهٽيو، توهان ڪجهه عرصي ۾ ئي واضع فرق محسوس ڪندا.
کاڌن سان علاج: ڀينرون! توهان کي خبر آهي ته جهڙي طرح ڪجهه کاڌن کائڻ سان ڏندن تي نشان، ڪاراڻ ۽ داغ پيدا ٿي پوندا آهن، ساڳيءَ ريت الله سائينءَ ڪجهه کاڌا اهڙا به پيدا ڪيا آهن. جن ۾ اها خصوصيت آهي ته اهي ”داغن“ کي مٽائي صاف ڪري ڇڏين. مثال طور توهان کي خبر آهي ته ”چانهه“ يا ”ڪافي“ گهڻي استعمال ڪرڻ سان ڏندن تي ڪارسرا داغ ۽ نشان ٿي پوندا آهن ۽ ڏند ميرا ميرا لڳندا آهن، پر ٻئي طرف اهڙيون غذائون جيڪي توهان کي چٻاڙي کائڻيون پون، تن سان وري ڏند اڇا اجرا شفاف ٿي پون ٿا. يعني ته انهن منجهه الله تعاليٰ اهڙي خاصيت رکي آهي. مثال طور ڪمند کي چوسڻ صحت ۽ وات لاءِ ئي نه پر ڏندن جي صفائيءَ لاءِ به بهترين آهي. اهڙيءَ طرح صوف، گجر ۽ ناسپاتي وغيره به ڏندن کي چمڪائڻ ۾ مدد ڏين ٿا. برگ ڪاهو، گوبي ۽ پالڪ اهڙيون ڀاڄيون آهن، جيڪي ڏندن تي هڪ خاص قسم جو ”تهه“ چاڙهي ڇڏينديون آهن. اهڙي قسم جو ”تهه“ ڪجهه وقت تائين موجود رهندو آهي ۽ حفاظتي ڀت جهڙو ڪم ڏيندو آهي.
زبان تي برش ڪريو: ڏندن تي برش ڪرڻ جو عمل تيستائين مڪمل نه ٿو ٿئي جيستائين توهان پنهنجي ”زبان“ تي به برش نه هڻو. توهان جي زبان تي به اهڙي قسم جا جيوڙا موجود هوندا آهن، جيڪي اتي پلجندا آهن ۽ توهان جي ساهه کڻڻ دوران بدبوءِ پيدا ڪرڻ جو باعث بڻبا آهن. هميشه ياد رکو ته برش ڪرڻ مهل ڏندن سان گڏوگڏ زبان تي به برش لڳائڻ جي عادت هجڻ گهرجي.
گهرو مائوٿ واش: ڀينر! توهان سڀني کي خبر آهي ته ”ڦودنو“ هڪ بي مثال شيءَ آهي. جنهن کي اسين پنهنجي روزمره جي غذا ۾ شامل رکندا آهيون. ”ڦودني“ جو ”ست“ يعني عرق، بدبوءِ ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هڪ طرف ڏندن کي به صفائي بخشي ٿو. ڦودني کي پاڻيءَ ۾ وجهي اوٻاري وٺو.
پوءِ ان ”محلول“ کي ٿڌو ڪري آهستي آهستي پيئو. ”صحت“ کي بهترين ”ٽانڪ“ جهڙو ڪم ڏيندو. ان کي ڪجهه ڏينهن استعمال ڪريو. بازار ۾ وڪامجندڙ ڪنهن به ”مائوٿ واش“ کان گهٽ نه آهي ۽ بهترين نتيجو حاصل ٿي سگهي ٿو.
لونگ سان گُرڙا ڪرڻ: پاڻيءَ ۾ لونگ اوٻاري عرف ڪڍي وٺو. ”قهوي“ جي رنگ جهڙي پاڻيءَ سان آهستي آهستي ”گرڙيون“ ڪريو ۽ آهستي آهستي ”گُرڙن“ جي صورت ۾ ”نڙيءَ“ کان هيٺ تائين کڻي وڃو، ائين ڪرڻ سان نه صرف ”ساهه“ واري بدبوءِ جيڪا وات منجهان ايندي آهي. سا ختم ٿي ويندي، پر گڏوگڏ ”ڏندن“ جا به ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويندا.
* * *

صبح جو تڪڙ ۾ کاڌل اڻ پوري نيرن ننڍڙن ٻارڙن جي ذهني صلاحيت ۽ ڪارڪردگيءَ کي متاثر ڪري ٿي

”صبح جو، تڪڙ ۾، هلڪي ڦلڪي نيرن ڪرڻ وارا ٻار اسڪول ۾، ڪلاس روم اندر سيٽن تي ويٺل، تقريباً ننڊ اکڙا ۽ منجهيل نظر ايندا آهن.“
اها هڪ حقيقت آهي ته غير متوازن ۽ تڪڙ ۾ ڪيل نيرن (صبح جي) ننڍڙن ٻارڙن جي ذهني صلاحيت ۽ ڪارڪردگي کي بي انتها متاثر ڪري ٿي.
ڀينرو! اڄ اسين توهان کي هڪ سائنسي کوجنا تي مبني حقيقت کان آگاهه ڪنداسين ته، توهان جا ننڍڙا گلن جهڙا ٻارڙا، جن جو توهان سڄو ڏينهن ڏاڍو خيال رکنديون آهيو ۽ هر وقت سندن سار سنڀال سان گڏوگڏ سندن کاڌ خوراڪ جو پڻ خاص اهتمام ڪنديون آهيو. پر جيڪڏهن توهان پنهنجن ننڍڙن ٻارڙن جو خاص خيال ناشتي جي ٽائيم تي نٿيون رکو ته پوءِ يقينن اهو توهان جو ۽ توهان جي ٻار جو تمام وڏو نقصان ليکبو. ننڍڙا ٻار جيڪي صبح جو اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهيا هوندا آهن، انهن منجهان اڪثريت اهڙن ٻارڙن جي هوندي آهي، جيڪي آرام سان ويهي مڪمل ناشتو نه ڪندا آهن ۽ نتيجي طور اهڙن ٻارن جي جسماني واڌ ويجهه توڙي ذهني صحت ۽ صلاحيت گهٽجي وڃڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن.
هڪ تحقيقي جائزي دوران اهو مشاهدو ڪيو ويو آهي ته، جيڪي ٻار صبح جو ڊوڙندي ڊڪندي تڪڙ ۾، هڪ بسڪٽ يا چاڪليٽ کائي، مٿان ڪو هلڪو ڦلڪو مشروب جو گلاس پي اسڪول وڃن ٿا ته انهن جي دماغي ۽ ذهني صلاحيت تي اثر پوي ٿو. ڇو ته ننڍڙي عمر جي اسڪولي ٻارڙن لاءِ ناشتي ۾، نشاستي سان ڀرپور مڪمل ۽ متوازن غذا جو هئڻ بي انتها لازمي آهي. ننڍڙا ٻار جيئن ته رات جو ماني کائي، سوير سمهي پون ٿا ۽ سڄي رات جيڪا تقريباً اٺن (8) ڪلاڪن تي سراسري طور مشتمل هوندي آهي، تنهن دوران رات واري کاڌل ماني تقريباً هضم ٿي چڪي هوندي آهي ۽ نئين ڏينهن کي شروع ڪرڻ لاءِ ٻارن کي ”مڪمل ۽ متوازن غذا“ جي ضرورت هوندي آهي.
سائنسي کوجنا ۾ اهو ثابت ٿيو آهي ته صبح جو سوير اٿي تمام هلڪي ۽ سادي نشاستي واري غذا، ڪنهن به طرح سان هڪ متوازن غذا جهڙو رول ادا نه ٿي ڪري سگهي.
ٻار، صبح جو اٿي نيرن (ناشتي) ۾ صحيح نموني کائڻ پيئڻ جو خيال نٿا رکن ۽ نيراني يا وري اڌورو ناشتو ڪري، تيار ٿي اسڪول هليا وڃن ٿا، تن (سڀني ٻارن شاگردن تي ٿيل تحقيق) ثابت ڪيو آهي ته اهڙا ٻار نئين ڄاڻ ۽ علم کي سمجهڻ، ٻڌڻ ۽ سکڻ مهل، اهڙي نموني جو مظاهرو ڪن ٿا، جهڙي طرح هڪ 70 سالن جو وڏي ڄمار وارو ماڻهو اظهار ڪندو آهي. يعني ته اهڙن ٻارن جو ذهني لاڙو نئين ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ بلڪل اهڙو هوندو آهي، جهڙوڪر وڏي ڄمار جي ماڻهو جو هوندو آهي.
اهڙا ٻار، جيڪي اڃان ننڍڙا آهن ۽ اسڪول نه پيا وڃن ته جيڪي وري اسڪول وڃن پيا، انهن ٻنهي قسم جي ٻارن جون ضرورتون ۽ گهرجون به مختلف آهن، پر اڄ اسان هتي خاص طور انهن ٻارن جي ضرورتن جو بيان ڪنداسين، جيڪي اسڪول وڃن ٿا.
اسڪولي ٻارن لاءِ صبح جو ناشتي ۾ نشاستي سان ڀرپور غذا جو شامل هجڻ بي انتها لازمي آهي. مثال طور هڪ پيالو سيرل(Cereal)جو کائڻ چاق و چوبند ذهن لاءِ نهايت لازمي قرار ڏنو ويو آهي. سائنسدانن هڪ کوجنا ۾ 13 کان 16 سالن واري عمر جي ٻارن ۾، ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ ۽ سمجهڻ يعني (Attention)۽ ياداشت يعني(Memory)تي ريسرچ ڪئي آهي، جن هڪ گلاس گلوڪوز، هڪ پيالو سيرل(Cereal)وغيره استعمال ڪيو ۽ ٻي طرف اهي ٻار جن ناشتي ۾ ڪجهه به نه استعمال ڪيو. سائنسي تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته اهي ننڍڙا ٻار ۽ نوجوان، جن ڀرپور ناشتو ڪيو، تن پنهنجن ڪلاسن ۾ ۽ پنهنجي ڪلاس ٽيسٽ ۾ ٻيڻ(Double)تي سٺو رزلٽ ڏنو، جن ناشتو صحيح نموني نه ڪيو. انهن جي اهڙن رضاڪار ٻارن جي گروپ کي چئن گروپن ۾ ورهايو ويو هو ۽ چئن ڏينهن تي مشتمل تجربا ۽ تجزيا ڪيا ويا.
هڪ گروپ کي صرف سادو گلوڪوز جو هڪ گلاس پياريو ويو. ٻئين ۽ ٽئين نمبر گروپ کي سيرل(Cereal) ۽ چوٿين نمبر گروپ کي ناشتي ۾ ڪجهه به نه ڏنو ويو. ان بعد انهن چئن گروپن جي ٻارن کي ٽيسٽ ڪيو ويو. سندن ڦڙتي ۽ حاضر جوابي،(Speed & accuracy)جي بنياد تي کين آزمايو ويو. مثال طور کانئن انگن جي تسلسل جي باري ۾ سوال ڪيو ويو.
(Recalling & sequence of numbers)
هڪ ٻيءَ تحقيق ۾ ريڊنگ يونيورسٽي جي جرنل (Journal appetite) ۾ ٻڌايو ويو ته ٻارن تقريباً ساڍن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ جن سادي قسم جي ڪاربو هائيڊريٽ واري غذا کاڌي، انهن اهڙي نموني پنهنجين صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو، جهڙيءَ طرح هڪ نارمل ستر (70) سالن جو وڏي ڄمار وارو ماڻهو ڪندو آهي.
جوهانا هگنيٽ(Johanna hignett)نالي هڪ غذائي ماهر(Nutritionist) پنهنجي هڪ دوست سيرل پارٽنر، .(Cereal partner UK) جي مدد سان جنهن هن تحقيق لاءِ رقم فراهم ڪئي، پنهنجي مطالعاتي کوجنا کان پوءِ ٻڌايو ته،”جڏهن اسين کاڌو کائون ٿا، تڏهن اسان پنهنجي دماغ کي هڪ قسم جو ٻارڻ (Fuel) مهيا ڪريون ٿا، طاقت يعني (Energy) جي صورت ۾. “
هن مطالعي تي کوجنا جي ذريعي اهو ثابت ٿيو آهي ته نشاستي سان ڀرپور يعني(Complex Carbohydrate rich breakfast) صبح جو ناشتو، ٻن پهرن (منجهند) جي مانيءَ تائين اسان جي دماغ لاءِ مستقل ۽ آهستي آهستي توانائيءَ پيدا ڪندو رهي ٿو، جنهن جي ڪري انساني دماغ پوري توجهه ۽ يڪسوئي سان پنهنجو ڪم ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو. تحقيق ڪندڙ سائنسدانن ٻڌايو ته هيءَ کوجنا پنهنجي نوعيت جي بلڪل پهرين تحقيق آهي، جنهن ۾ مڪمل ۽ ڀرپور نشاستي واري غذا حاصل ڪندڙ ٻارن جو اڀياس ۽ تجزيو سادي نموني تي مشتمل نشاستي واري غذا کائيندڙ ٻارن سان ڪيو ويو.
(Effects of complex carbohydrates with simple carbohydrates consists of just one or two sugars, complex carbohydrates are chain-like structures which take longer to be digested releasing energy slowly through out the morning)
سادي نشاستي واري غذا مان مراد کنڊ جو هڪ يا ٻه جزو آهي ۽ پيچيده ڳتيل نشاستي مان مراد آهي اهڙي زنجير، جنهن ۾ کنڊ جا جزا ٻن کان وڌيڪ موجود هجن. ڳتيل ”جزن“ ماليڪيول(Molecules) جي زنجير (Poly-saccharine) هضم ٿيڻ لاءِ گهڻو وقت وٺندي ۽ توانائي(Energy) به لڳاتار آهستي آهستي فراهم ڪندي رهندي، جيستائين وڃي ٻن پهرن جي مانيءَ (Lunch) جو ٽائيم ٿئي.
استادن جي شڪايت اڳ ۾ ئي موجود آهي ته اهڙا ٻار، جيڪي ناشتو صحيح نموني نٿا ڪري اچن، سي پنهنجي اسڪولن ۾، ڪلاس دوران سبق ٻڌڻ ۽ سمجهڻ ۾ دماغي طور يڪسوئي ۽ ڦڙتيءَ جو مظاهرو نٿا ڪري سگهن. يعني ته منجهن نئون سبق ٻڌي ان کي سمجهڻ ۽ ياد رکڻ جي قوت گهٽجي وڃي ٿي. تحقيق دوران اهو به ڏٺو ويو ته (9) نون سالن جي عمر کان (16) سورهن سالن جي عمر تائين وارا ٻار ڇهن ڏينهن منجهان هڪ ڏينهن ناشتو نٿا ڪرڻ پسند ڪن. جيتوڻيڪ باقي ڏينهن ناشتو ڪن ٿا، ته به اهو صرف فقط هڪ چاڪليٽ ۽ هلڪي قسم جي جوس جي گلاس (مشروب) تي مشتمل هجي ٿو.
تازو، هڪ تحقيقي جائزي دوران فِن لينڊ ۾(Fin-land)نوجوانن کي ڏٺو ويو ته اهي جيڪي ناشتي ۾ دلچسپي نٿا رکن، سي سگريٽ نوشي وڌيل ڪن ٿا ۽ گڏوگڏ الڪوحل به گهڻي واپرائين ٿا ۽ ورزش گهٽ ڪن ٿا. ان صورتحال ڪري اهي وزن ۾ وڌيل ۽ تعليم ۾ پوئتي پيل آهن.
فِن لينڊ ٽيم(Fin-land Team)پنهنجي تحقيقي کوجنا دوران اهو معلوم ڪيو ته نئين ڏينهن جي ابتدا ڀرپور ناشتي سان ڪرڻ گهرجي.
کوجنا فن لينڊ جي تحقيقي ٽيم جي سربراهه پنهنجي مطالعاتي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته، نئين ڏينهن جي ابتدا مڪمل ۽ متوازن نشاستي واري ناشتي سان ڪجي ته جيئن معدو(Stomach)ڀريل رهي ۽ هر هر بک نه محسوس ٿئي. ڀريل پيٽ (معدو) هوندو ته اجائي بک جو احساس يعني (Hunger & appetite) نه وڌندي ۽ وزن يعني(Weight)به گهٽيل ۽ ڪنٽرول ۾ رهندو.
(It was concluded that starting the day with a full stomach helped control appetite and keep weight down)
ٻيءَ تحقيق دوران اهو ثابت ٿيو ته مڪمل ۽ ڀرپور نشاستي وارو ناشتو، ٻارن جي ذهني ۽ جسماني نشوونما ۾ ڀرپور حصو وٺي ٿو ۽ ٻارن جي ذهني صلاحيتن کي وڌيڪ اُڀاري، اجاگر ڪري ٿو. ڪارڪردگي نه صرف بهتر ٿئي ٿي. پر وڌي به ٿي. دماغي ۽ ذهني صلاحيتون، حسابن ڪرڻ جو ڏانءُ(Arithmetic i.e. Skills) وڌي ٿو. دماغي طور تي گهڻي دير تائين گنڀير ڪم ڪرڻ جي صلاحيت وڌي ٿي، ۽ گڏوگڏ ٻار جي موڊ(Mood)تي به خوشگوار اثر مرتب ٿين ٿا.

(تحقيقي مقالي تان ورتل جائزو)
* **

حصو ڇهون: منهنجي دُنيا

---

ياد رکڻ جون ڳالهيون ۽ زندگي گذارڻ جو صحيح رستو

الف: ڪنهن به ڪمزور انسان سان طاقت آزمائڻ بزدلي آهي. ٻارن ۽ عورتن کي مارڻ ڪٽڻ ڪمزوري ۽ بي وقوفي آهي. ڪنهن جو مال ڦرڻ لٽڻ ۽ ڪنهن کي بيروزگار ڪرڻ تمام وڏي بيدرديءَ جي نشاني آهي.
اُفواهن تي بغير سوچي سمجهي ۽ تصديق ڪرڻ جي يقين ڪرڻ، تباهي جي علامت آهي.
ڪنهن جي متعلق بري ڳالهه (ڳالهيون) بغير تحقيق ڪرڻ جي منسوب ڪري ڇڏڻ، ناداني آهي.
ڪنهن جي غلطيءَ جو بدلو اُن جي ڀاءُ يا پٽ وغيره کان وٺڻ سراسر ’ظلم ۽ نا اِنصافي آهي.
بُرائي جو جواب ڀلائي سان ڏيڻ شرافت جي نشاني آهي.
ڪنهن کان غلطي ٿي وڃي ته اُن کي همدرديءَ سان سمجهائڻ ۽ اُن جي اِصلاح ڪرڻ، ڪردار جي بلندي آهي.
هڪ ٻئي جي ڪم اچڻ تمام وڏي خوبي آهي.
هڪ ٻئي کي اذيت ۽ تڪليف کاب بچائڻ هڪ وڏو ثواب آهي.
ٻئي کي مُعاف ڪري ڇڏڻ تمام وڏي وڏائيءَ واري ڳالهه اهي.
ڪاوڙ ۽ غُصي کي پي ڇڏڻ وڏي بهادريءَ جي نشاني آهي.
لڙائي جگهڙي کان پاسو ڪرڻ ۽ جيڪڏهن لڙائي ٿي به وڃي ته اُن کي ختم ڪري صُلح وصفائي جي ڪوشش ڪرڻ وڏي نيڪي آهي.
ڪنهن جي عيبن جي پرده داري ڪرڻ اعليٰ درجي جي همدردي مِثل آهي.
جڏهن ٻه ڀائر پاڻ ۾ وڙهندا آهن ته ٻئي جو کم ۾ هوندا آهن ۽ نقصان ٻنهي جو ٿيندو آهي. جڏهن ته دُشمن خوش ٿيندو آهي.
ب: زندگي گذارڻ جي صحيح رستو
انسان دُنيا ۾ رهي ٿو ته هُن کي هر قسم جو ڪم ڪرڻو پوي ٿو. سُمهڻ، جاڳڻ، کائڻ، پئيڻ، هلڻ ڦرڻ کان وٺي پڙهڻ لکڻ تائين هر ڪم نهايت ضروري آهي. هي سڀ ڪم زنده رهڻ لاءِ آهن. ۽ دور ۾ هر انسان زنده رهڻ چاهيندو آهي. هِن ۾ ڪا بُرائي به نه آهي. اِسلام اسان کي ڪنهن به ڳالهه ۾ ڪم کان روڪيو نه آهي. بلڪ اُنهن ڪمن کي صحيح نموني ۽ ٺيڪ طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي هدايت فرمائي آهي. بعض ماڻهو دنيا جي محبت کي برو سمجهين ٿا، اِهڙن ماڻهن جي سوچ بلڪل صحيح نه آهي، بلڪ هو غلط آهن. ڇو ته اِسلام اسان کي نفرت ڪرڻ جي تعليم نه ڏني آهي. بلڪ اِسلام ته دِينِ فطرت آهي. اِسلام هڪ فِطري مذهب آهي، ڪنهن به اهڙي ڪم کان اِسلام منع نٿو ڪري جيڪو عين فطرت جي مطابق آهي ۽ جنهن جي ڪرڻ سان، الله جي مخلوق کي ڪو به نقصان نٿو پهچي. مثال طور هر ماڻهوءَ کي زنده رهڻ لادِ پئسن جي ضرورت پوي ٿي.
انڪري پئسا ڪمائڻ بُرائي نه آهي ۽ نه ئي وري ڪو ناجائز ڪم آهي. ليڪن هيءَ ڪمائي محنت ۽ ديانت سان حاصل ڪرڻ کپي. بغير محنت جي، ڪنهن کي ڌوڪو ڏيئي، ڪوڙ ڳالهائي، جيڪو پئسو ڪمايو وڃي سو ٺيڪ نه آهي. اِسلام اِهڙيءَ ڪمائي کي ”حرام“ قرار ڏنو آهي. اِهڙي پئسي ۾ برڪت به نه هوندي آهي. اِهڙيءَ طرح ”علم“ حاصل ڪرڻ به نهايت ئي اعليٰ ڪم آهي، چاهي علم ديني هُجي يا دنياوي عِلم حاصل ڪرڻ ۾ ڪوتاهي بلڪل نه ڪجي ۽ ڪوشش ڪري علم حاصل ڪجي ڇو ته اسان جي پياري رسول حضرت مُحمّد مُصّطفيٰ صَلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي حديث مُبارڪ به آهي ته، ”عِلم حاصل ڪريو، توڙي جو توهان کي چين ملڪ وڃڻو پوي“ مطلب اِهو آهي ته بي انتها محنت مشفقت سان ڪوشش ڪري علم حاصل ڪجي. پر ڪڏهن به اِن علم کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو به غلط طريقو نه اختيار ڪجي. ڇو ته اِهو جائز نه آهي. علم ته حاصل ئي اِن لاءِ ڪيو ويندو آهي. ته جيئن زندگيءَ گذارڻ لاءِ صحيح رستو منتخب ڪري سگهجي. صحيح نموني حاصل ڪيل علم ئي اسان کي زندگيءَ جو صحيح رستو ڏيکاري، رهبري ۽ رهنمائي ڪري سگهندو.
صحيح رستو ڪهڙو آهي؟- صحيح رستو به اُهوئي آهي ته توهان دُنيا ۾ رهي دين کي نه ڀلايو ۽ دين تي عمل ڪري دنياوي خوشحالي ۽ سهولتون حاصل ڪريو. اِنسان کي گهرجي ته پاڻ کي خوش رکي، ڪمائي، خوشحال بڻائي، سڀ ڪجهه دين جي عين مطابق ڀلي حاصل ڪري ۽ ڀلي غني به ٿي وڃي پر ساڳي وقت ”دين“ جا فرض ۽ احڪام پورا ڪندي، نيڪ راه تي گامزن رهي. نيڪ نيت ٿي رهي. خوشحالي ۾ الله جي مخلوق کي ياد رکي ۽ ٻين جي ڪم اچي. الله تعاليٰ ۽ رسول صلعم جن جي احڪامن کي ياد رکي ۽ عمل ڪري. دُنيا جي محبت کي اعليٰ اُصولن سچائي، ايمانداري، شرافت ۽ اِنسانيت تي غالب اچڻ نه ڏي. اِنسان کي گهرجي ته هر ڪم ڪرڻ وقت جيئن هو پنهنجو خيال رکي ٿو ۽ پنهنجي ڀلائي متعلق سوچي ٿو، ساڳيءَ ريت پنهنجي قوم ملڪ ۽ ڌرتيءَ لاد به نيڪ سوچ رکي ۽ خيال ڪري.الله تعاليٰ کي عرض آهي ته شل اسان سڀني کي نيڪ راءِ تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين ثم آمين.

[b]سرتيون پڙهندڙن جا رايا:[/b]
مصنفه جي باري ۾ مختلف دانشورن جا خيالات ۽ راءِ:
اسان ”سرتيون“ رسالي ۾ ليکڪا جا ڪيترائي مضمون پڙهندا رهيا آهيون. جن مان ڪافي سائنسي معلومات ملندي آهي. ٻي ڳالهه ته پروفيسر رشيده ڀٽي جي لکڻي عام فهم هئڻ سبب تمام دلچسپ لڳندي آهي. ۽ سندس موضوع روزمره زندگي سان لاڳاپيل هوندا آهن. جن مان پڙهندڙ لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا. ڊڪشنري آف هيماٽالاجي سائنسي ادب ۾ هڪ خوبصورت اضافو آهي. سندس ڊڪشنري بابت: ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ته:

ڊڪشنري آف هيماٽولاجي

سندس ڊڪشنري بابت: ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ته:
منهنجي راءِ اها آهي ته سائنسي علمن جا بيشڪ هزارين ڪتاب موجود آهن ۽ ڪيتري نئين تحقيق ٿي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پراڻن نظرين ۽ تصورن جي جاءِ تي نون تصورن وارا ڪتاب ڇپجن ٿا، انهن سڀني تي ترجمو ڪرڻ ممڪن ڪونهي، پر پڙهندڙن کي اهي ڪتاب سمجهڻ لاءِ ضرور ڪي مددگار ذريعا مهيا ڪري ڏئي سگهجن ٿا، جن ۾ ڊڪشنريون وڏو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. سنڌيءَ ۾ اڳ ۾ اهڙي هڪ سائنٽفڪ ڊڪشنري موجود آهي ۽ ٻين تي ڪم ڪري سگهجي ٿو.
ميڊيڪل سائنس هڪ وسيع دنيا آهي، ان جي هڪ شعبي بابت ڊڪشنري اوهان جي هٿن ۾ آهي، جيڪا سنڌ يونيورسٽيءَ جي فزيالاجي جي شعبي جي چيئرپرسن پروفيسر رشيده ڀٽيءَ تمام گهڻي محنت سان تيار ڪئي آهي. اسان کي اميد آهي ته اها لاڳاپيل مضمونن جي شاگردن لاءِ ضرور لاڀائتي ثابت ٿيندي. سندس ڊڪشنري متعلق:
Mazharul Haq Siddiqui
Ex-Vice- Chancellor
University of sindh jamshoro
لکي ٿو ته:
It certainly is Rashida`s love for her mother- tongue to accomplish a difficult task of compiling a dictionary of hematology- study of science of blood- in sindhi. Scholars and experts in the field of linguistics are of considered view that people understand more easily, concepts transmitted to them in their own language, whether orally or in writing. On the one hand there is so much scientific knowledge easily available in English which all doctors, practitioners and teachers read and understand; while on the other hand much erudition in sindhi is required in the part of the readers in scientific field before they start referring to dictionary of Hematology in sindhi.
پروفيسر رشيده ڀٽي لکي ٿي ته:
سنڌي ٻولي قديم ۽ جديد لفظن سان مالا مال ٻولي آهي. جَسُ لهڻي سنڌي ٻوليءَ جو ادارو جنهن جي طرفان اها ڪوشش ٿي رهي آهي ته سائنسي علمن کي دنيا جي مختلف ٻولين منجهان کڻي، سنڌيءَ ۾ منتقل ڪيو وڃي.
مختلف دانشورن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن جي راءِ مطابق سڄيءَ دنيا ۾ اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته هر ماڻهو پنهنجي ٻوليءِ ۾ آسانيءَ سان ٻڌل ۽ پڙهيل ڳالهيون، سمجهي ۽ ياد رکي سگهي ٿو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هر انسان جو بنيادي حق آهي ته کيس پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ ابتدائي تعليم ڏياري وڃي ته جيئن هو پنهنجي لاشعور ۾ ويٺل مادري ٻوليءَ کي آسانيءَ سان سمجهي سگهي ۽ پوءِ جڏهن شعور جي منزل تي اچي رسي ته وڌيڪ ٻولين تي آسانيءَ سان دسترس حاصل ڪري سگهي.
اهو هڪ انتهائي اهم ۽ وقتائتو قدم آهي. مون کي جڏهن ان بابت آگاهي ڏني وئي ته مون ڪافي سوچ ويچار بعد ان ڳالهه جي حامي ڀري، ته مان پنهنجي سبجيڪٽ هيماٽولاجي جي ٽيڪنيڪل ٽرمينالاجيءَ (اصطلاحن) کي انگريزي ڪتابن منجهان کڻي آسان سنڌيءَ منجهه ترجمو ڪري آڻيان. هن ڊڪشنريءَ جي خاص خوبي هيءَ آهي ته هن ۾ انگريزيءَ منجهان نه صرف ”لفظ“ سنڌيءَ ۾ لکيا ويا آهن، پر گڏوگڏ ”اُچار“ (Pronunciation’s) به ڏنا ويا آهن. ان سان اسان جي شاگردن خاص ڪري جيڪي سنڌي ميڊيم مان پڙهي اچن ٿا ۽ صرف انگريزي ٻوليءَ تي مهارت نه رکڻ سبب مضمون تي ضابطو نٿا رکي سگهن. هن ڊڪشنري جي پڙهڻ سان کين تمام گهڻي مدد ملندي مون کي اميد آهي ته جيڪڏهن شاگردن، استادن ۽ عام ماڻهن هن منجهان ڪجهه لاڀ حاصل ڪيو ته سمجهندس ته منهنجو هيءُ پورهيو صاب پيو، هن سلسلي ۾ جيڪڏهن ماهرٖ تعليم پنهنجا رايا ۽ مشورا ڏيندا ته ايندڙ ايڊيشن ۾ انهن تي عمل ڪري هن ڊڪشنريءَ کي وڌيڪ لاڀائتو ڪبو.

ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو لکي ٿي ته:
پروفيسر ڊاڪٽر رشيده ڀٽيءَ جو جنم سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتيءَ شهر روهڙي ۾ ٿيو. تعليمي سفر جو آغاز پڻ هن شهر کان ٿيو. جڏهن ته ميٽرڪ 1968ع ۾ گورنمينٽ گرلس اسڪول روهڙي شريف ۽ انٽر گورنمينٽ گرلس ڪاليج سکر مان پاس ڪئي ۽ ايم ايس سي سنڌ جي هوائن واري تعليمي علائقي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان 1975ع ۾ زولاجيءَ ۾ ڪئي، جتي فرسٽ ڊويزن ۾ سيڪنڊ پوزيشن حاصل ڪيائين. جڏهن ته پي ايڇ ڊي ۾ سندس هيٺيون موضوع آهي:
“STUDY OF HAEMATOLOGICAL PARAMETERS AND PREVALENCE OF ANAEMIA IN PREGNANT WOMEN AND GENERAL POPULATION OF HYDERABAD AND ADJOINING DISTRICTS (SINDH) PAKISTAN.”
پروفيسر رشيده ڀٽي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بطور ليڪچرار ٻاويهه اپريل 1976ع ۾ مقرر ٿي. جتان هن ترقيءَ جون منزلون ماڻيون. پروفيسر رشيده ڀٽي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي باشعور، باخبر ۽ پاڻ پتوڙيندڙ استادن مان هڪ آهي، جيڪا هڪ طرف نه رڳو شاگردن کي پڙهائڻ ۾ دلچسپي وٺي ٿي. پر ٻئي طرف تحقيقيءَ ڏس ۾ به سندس ڪوششون نمايان آهن.
پاڪستان جي سڀني اهم يونيورسٽين توڙي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ پنجاهه کان وڌيڪ قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن، سيمينارن ۽ ورڪشاپن ۾ نه صرف شرڪت ڪئي اٿس پر بين الاقوامي معيار جا مقالا پڻ پيش ڪيا اٿس. پروفيسر رشيده ڀٽي، جتي سائنس ۾ دلچسپي رکي ٿي، اتي سندس اهم خوبي سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب سان محبت به آهي. هن رشيده شيخ جي نالي سان لکڻ جو آغاز ”اديون“ رسالي سان ڪيو، جڏهن ته ”نئين زندگي“ ”عبرت ميئگزين“ ۽ ”سرتيون“ ۾ ڪيترائي مقالا ۽ مضمون لکيا اٿس. ان کان سواءِ تازوئي سندس ڪتاب ”ميون ۽ ڀاڄين سان علاج“ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي ۽ هينئر سندس سنجيده ڪاوش ”هيماٽالاجيءَ جي ڊڪشنري“ اوهان جي هٿن ۾ آهي، جتي نه صرف هن لفظن جي معنيٰ ۽ مفهوم بيان ڪيو آهي، پر شاگردن جي سهولت ۽ سمجهه لاءِ سنڌي ۾ انگريزي اُچار پڻ پيش ڪيا آهن ۽ سندس هي قلمي پورهيو نه رڳو زولاجي، فزيالاجي ۽ ميڊيڪل جي شاگردن لاءِ لاڀائتو ٿيندو، پر عام پڙهندڙن کي به هيماٽالاجيءَ جي باري ۾ ڄاڻ ملندي، رب پاڪ کيس ڪامياب ۽ ڪامران ڪري ۽ سندس قلم ۽ ذهن کي متحرڪ ڪري ته اڃا به وڌيڪ سندس ذهني پورهيو پڙهندڙن اڳيان اچي. آمين.
گلبدن جاويد لکي ٿي ته: ڊاڪٽر پروفيسر رشيده ڀٽي هڪ جاکوڙي استاد ۽ پنهنجي مضمون ٿي دسترس هجڻ سان گڏ. سنڌي ٻولي ڏانهن تمام گهڻي ڪميٽڊ آهن. اهوئي سبب آهي جو پاڻ ڏهاڪو سالن کان ”سرتيون“ ۾ سائنسي مضمون جن جو سنئون سڌو تعلق انساني صحت خاص ڪري ”ماءُ ۽ ٻار جي صحت سان آهي. باقاعدگيءَ سان لکندي رهي ٿي. سندس لکڻيون معلوماتي ۽ عام فهم هئڻ سبب پڙهندڙن خاص ڪري عورتن ۾ گهڻو مقبول آهن.
* * *

محترمه نصرت ڀٽو

مارچ جي 23 تاريخ، هڪ اهڙي تاريخ آهي، جيڪا منهنجي ذاتي زندگيءَ جي ڪئلنڊر ۾ تمام گهڻي اهميت جي حامل آهي. ڪڏهن ڪڏهن انسان جي زندگيءَ ۾ ڪجهه لمحا ۽ وقت خود تاريخ بڻجي ذهن جي ڪلئنڊر تي هميشه لاءِ نقش ٿي ويندا آهن، ۽ پوءِ انهن تاريخن کي ڏسڻ لاءِ عام رواجي ڪئلنڊر ڏسڻ جي قطعاً ضرورت نه پوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو 23 مارچ جيڪو منهنجيءَ ذاتي زندگيءَ ۾ ته تمام گهڻو اهميت جو حامل آهي (ڇو ته ان ڏينهن تي منهنجي شادي ٿي هئي)، ته ساڳي وقت پنهنجي پسنديده شخصيت ذوالفقار علي ڀٽي جي ديومالائي شخصيت رکندڙ گهرواريءَ، ۽ اسان سنڌين جو مان ۽ مرتبو وڌائيندڙ خاتون اول، ڪرد قبيلي سان تعلق رکندڙ اصفهاني ايرانڻ محترمه نصرت جي به ڄم (ولادت) جو ڏينهن آهي. بنيادي طور تي ڪجهه ماڻهن سان وابسته ڪجهه شخصيتون اهڙي نموني ذهن ۾ نقش ٺاهي وٺنديون آهن. جو ائين محسوس ٿيندو آهي ته شايد اسان انهن کي آئيڊيل مڃي ورتو هجي.
قديم ثقافتي ۽ تهذيب، تمدن سان مالا مال ايران نه صرف اسان جو شاندار مسلم پاڙيسري ملڪ آهي پر گڏوگڏ زمانهءِ قديم کان هڪ تاريخ ساز ملڪ پڻ رهيو آهي. پنهنجي شاندار روايتن سان گڏوگڏ، هڪ سهڻي سرزمين ۽ سهڻن ماڻهن جو پڻ مرڪز رهيو آهي، اُن حوالي سان اسان ڏسون ٿا ته محترمه نُصّرت اِصفهاني جيڪا 23 مارچ 1929ع تي ايران جي صوبي ڪُردستان ۾ ڄائي. هوءِ سرزمين ايران سان تعلق رکندڙ هڪ مالدار اِيراني تجارتيءَ جي گهر پيدا ٿي. ۽ پوءِ سندس والد بزرگوار واپار ۽ تجارت جي سلسلي ۾ اچي سنڌ صوبي جي شهر ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. اها ڳالهه هندوستان ۽ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جي آهي جڏهن برصغير سڄو هڪ هيو ۽ مذهب جي نالي تي ڌرتيءَ جو اڃان ورهاڱو نه ٿيو هيو. ان بعد سندن خاندان جي ملاقات جيڪا پوءِ دوستيءَ ۾ بدلي ۽ پوءِ ترت ئي سندن خانداني تعلقات ايترا وڌيا جو ٻنهي خاندانن پاڻ ۾ گڏجڻ جو ارادو ڪيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي ٻيءَ گهرواري طور، بيگم نصرت ايراني، بيگم ڀٽو بڻجي وئي. تنهن بعد جي تاريخ، تي جيڪڏهن نظر وجهنداسين ته اسان کي خبر پوندي ته بيگم نصرت ڪيئن نه هڪ لافاني ڪردار ادا ڪيو ۽ پنهنجي سڄي ڪٽنب جي قرباني ڏيڻ کان پوءِ ڪيئن نه پنهنجي ديس جي مٽيءَ جو حق ادا ڪيو ۽ آخر تائين پيپلزپارٽي جي سربراهه طور پاڻ ملهايو. بيشڪ جنهن شاندار ملڪ جي مٽيءَ منجهان پيدا ٿي هئي ان جي تاريخي شناخت کي نباهيندي آخري دم تائين پنهنجي ٻچن سان گڏ رهي.
پنهنجي وَرَ ۽ ٻچن سان گڏ اهڙي خاتون جيڪا محض هڪ زال ۽ ماءُ هئي، تنهن وقت جي گردش ۾ اچڻ کان پوءِ هڪدم پنهنجي ذهانت ۽ صلاحيتن کان ڪم وٺندي، پنهنجي ور جي پارٽيءَ کي نه صرف هلايو ۽ تمام بهتر نموني سان مستحڪم پڻ ڪيو. اچانڪ زندگيءَ جي لاهن چاڙهن کي هڪ بهادر اڳواڻ جي بهادر زال بڻجي منهن ڏنو ۽ ڪارڪنن کي گڏ کڻي، پنهنجي سياسي سفر جو آغاز ڪيو. بي درديءَ سان شهيد ٿيندڙ سندس ور جي شهادت جي غم کي هن هميشه سيني ۾ سانڍي رکيو. ۽ قدم اڳتي وڌائيندي رهي. هن پنهنجيءَ مٽيءَ جو حق ادا ڪيو ۽ پنهنجي اولاد سان گڏوگڏ هوءَ هن ملڪ جي ٻچي ٻچي جي ماءُ بڻجي وئي. پر شايد ان خوبصورت ۽ خوددار ۽ لوه جهڙي مضبوط ارادي جي مالڪ خاتون جي زندگيءَ ۾ اڃان ڪي آزمائشون لکيل هيون. هوءَ جيڪا سکن جي ته پليل هئي، تنهن جي مٿان وقت جا پهاڙ ڪري پيا هڪ ٻئي پٺيان سندس پٽ شاهنواز ۽ پوءِ مير مرتضيٰ کي شهيد ڪيو ويو. اسان ان ڏينهن کي ڪيئن وساري سگهنداسين جڏهن نوجواني ۾ ايڏي ڪنڌار پٽ کي ڪو شهيد ڪري، ماءُ جيڪا اڳ ۾ رنيپي جي چادر ويڙهي، پنهنجي موڀي پٽ جي آسري هلندي هجي، تنهن ماءُ جي جهولي اِئين اچانڪ ڪو خالي ڪري ڇڏي ته اهڙي ڪهڙي ماءُ هوندي جيڪا حواسن تي ڪنٽرول ڪري سگهندي! چوندا آهن ته موت برحق آهي، اچي به وقت تي ٿو، پر اهڙي دُکدائڪ موت تي جڏهن سڄي قوم روئيندي هجي ته پوءِ ان امڙ جي دل جي ڪهڙي حالت ٿي هوندي! اها ته ان ماءُ جي دل کي ئي خبر هوندي، جنهن پوءِ ڪڏهن به نه کليو نه مرڪيو ۽ نه ئي پنهنجي دردن منجهان آزاد ٿي سگهي. اُن بهادر خاتون کي اهڙي چوٽ رسي جو وري ٺيڪ ٿيڻ جو اِمڪان بِنهه مٽجي ويو ۽ نتيجو اهو نڪتو جو شهزادين جهڙي ڌيءَ جي شهادت تي کيس ڪا سرت ئي نه پئي. هوءَ ڪهڙي جهان ۾ رهي اها ته حقيقت رب کي معلوم پر پوءِ ان باحوصلا خاتون جنهن بحيثيت انسان ۽ هڪ خاتون جي جيڪي ڏک، صدما ۽ تڪليفون برداشت ڪيون ۽ بي انتها ظلمن کي منهن ڏنو. تنهن جي وفات پنهنجي ڏوهٽن جي هٿن ۾ سندن گهر دُبئي ۾ ٿي. اها تاريخ به هڪ اهڙي تاريخ آهي، جيڪا اتفاق سان منهنجي ذهن ۾ ڪنهن نقش وانگر چٽيل رهندي آهي، سا آهي 23 آڪٽوبر ان ساڳيءَ تاريخ تي منهنجي گهرواري جي وفات پڻ ٿي هئي.
جنهن جو تعلق پڻ لاڙڪاڻي سان هيو ۽ ڀٽو خاندان جو بي انتها همدرد ۽ ساٿي رهيو هيو. سندس اُنسيت ۽ ذهني وابستگيءَ جو اُهو حال هيو جو پنهنجي پهرين فرزند جو نالو به ذوالفقار علي رکيو، جيڪو شهيد ذوالفقار علي جي شهادت کان حرف ويهه (20) ڏينهن پوءِ ڄائو هُيو. اُن بعد جڏهن نياڻي ڄائي ته پيار وچان ”پنڪي“ سڏيندو رهيو، جيڪا اڄ به اسان سڀني لاءِ پنڪي آهي.
محترمه نصرت ڀٽو، جنهن ايترا ڏک ۽ صدما ڏٺا، تنهن ڪڏهن به هتان جي ملڪ ۽ مٽيءَ کي ڇڏي ٻي پاسي وڃڻ جو نه سوچيو ۽ پنهنجي ور جي شهادت بعد توڙي جو سندس موڀي پٽ به نه رهيو ته به هوءَ هن ملڪ ۽ مٽيءَ سان پيار ڪندي رهي. وقت فوقتاً آمرن سان مهاڏو اٽڪائيندي رهي، ۽ پنهنجي ور جي سياسي بصيرت جي آڌار تي پنهنجي عوام جي وچ ۾ رهي ڪري خاتونِ اَول هجڻ جو وچن نباهيندي رهي. الله تعاليٰ کان دعا آهي ته شال جنت الفردوس ۾ جايون عطا ڪري (آمين ثم آمين).
* * *

منهنجو شهر روهڙي شهر

ابن هرقل ادريس، ابوالفضل يورپي سياحن ۽ ٻين عرب مؤرخن روهڙيءَ جي باغن، ميون، گلن، کارڪون، درياءَ جي مڇي، پلن ۽ بندر جي وڻج واپار ۽ اوليائن جي ساراهه ڪئي آهي. هن شهر کي خاص اهميت حضور اڪرم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي وار مبارڪ جي ڪري آهي. وار مبارڪ هڪ سوني دٻي، جواهرن سان جڙيل دٻلي ۾ پيل آهي. هيءَ دٻي مير مراد علي خان جي طرفان عطئي ۾ مليل آهي. وار مبارڪ جي زيارت جمعي ڏينهن ٻه دفعا ڪرائي ويندي آهي. هڪ جمعي نماز کان پوءِ ۽ ٻيو عصر نماز کانپوءِ.
عورتن ۽ مردن لاءِ بيهڻ جو الڳ الڳ انتظام ٿيل آهي. سڄي پاڪستان منجهان ماڻهو ايندا رهندا آهن. وار مبارڪ جو روضو مبارڪ ايران جي بادشاهه نادر شاهه ٺهرايو هُيو. هر جمعي تي رش رهندي آهي. وار مبارڪ جي روضي جي ڀرسان هڪ عاليشان مسجد جيڪا 1545ع ۾ ٺهي راس ٿي پڻ موجود آهي. هڪ ٻي عاليشان جامع مسجد پڻ روضي مبارڪ جي ڀرسان ٺهيل آهي. اها عاليشان مسجد شهنشاهه اڪبر جي گورنر فتح خان 1583ع ۾ ٺهرائي هُئي. اُن مسجد جو ڪم وڻندڙ ڳاڙهين سِرن سان ٿيل آهي. جنهن کي ٽي عاليشان گنبذ آهن. پر هاڻي اها زبون حالت ۾ آهي. ٽين عاليشان مسجد ”عيد گاهه“ آهي. جنهن کي پڻ ٽي ”قبا“ آهن. جيڪا سن 1002ع ۾ مير معصوم شاهه بکري تعمير ڪرائي هئي. ان کان علاوه هڪ ٻي مسجد مير يعقوب علي شاهه جي آهي، جيڪا سن 1677ع ۾ جوڙي وئي. هيءَ مسجد تمام وڏي وسيع، قلعي وانگر ٺهيل آهي.
سنڌو درياءَ جي ڪپ تي هڪ ٽڪريءَ مٿان ”ستين جو آستان“ ٺهيل آهي، جنهن کي اڪبر نامي ۾ ”ڪوهه هفت دختر“، لکيو ويو آهي. ڪجهه روايتن منجهان معلوم ٿئي ٿو ته اُتي معصوم بيبين جي رهائش هئي، ۽ پوءِ اُتي ئي مدفون آهن. ستين جي آستان جي ٻن فرلانگن جي پنڌ تي لئنسڊائون پل ۽ سامهون درياءَ جي ڪناري تي سکر شهر آباد آهي. جتان قدرتي منظر صبح توڙي شام جو پري پري تائين ڏسي سگهجن ٿا. هتان جي قبرستان جون سڀ قبرون پٿرن جون ٺهيل آهن، جن تي ڪاشي، چٽسالي ۽ اُڪر جو ڪم ٿيل آهي. قبرن مٿان ڪتبا، چبوترا ۽ ننڍا ننڍا مينار ٺهيل آهن، جيڪي خوبصورت سنگتراشيءَ جو مجموعو آهن
روهڙيءَ جو شهر اوڻهين صدي تائين هميشه علم ۽ فضل جو مرڪز رهيو آهي. هن شهر جي ڏکڻ ۾ درياءَ جي ڪناري تي ستين نالي هڪ جاءِ آهي. جنهن جي باري بزرگن جو چوڻ آهي ته هتي ست بيبيون دفن ٿيل آهن، جيڪي پاڻ ۾ ڀينرون هُيون جن پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ دُعا گهري هُئي. اُتي مردن کي وڃڻ منع ٿيل آهي. صرف عورتون دُعا گهرڻ لاءِ وينديون آهن. اُن جي موجوده عمارت بکر جي گورنر مير ابوالقاسم نمڪين جوڙائي ۽ مٿس ”حُفهءِ صفا“ نالو رکيو. هو اُن وڻندڙ جاءِ تي اونهاري ۾ ويهي ڪچهريون ڪندو هُيو ۽ شهر ۾ محفلون ڪندو هُيو ۽ گڏوگڏ شاعرن جا ميلا لڳندا هُئا مير نمڪين پنهنجي حياتي ۾ دوستن، احبابن، اديبن، شاعرن ۽ عالمن سان گڏ چانڊوڪي راتين ۾ قدرتي نظارن کان ڀرپور لطف اندوز ٿيندو هُيو. ۽ گڏوگڏ شاعرن جا ميلا لڳندا هُئا ”ستين جو آستان“ درياءِ جي روهڙي شهر واري ڪناري تي بکر جي قلعي جي ڏکڻ اڀرندي ڪنڊ جي سڌ ۾ ننڍي ٽڪري تي موجود آهي، جنهن جي ٽن پاسن کان درياءِ جو پاڻي ۽ چوٿين پاسي کان خشڪ زمين آهي ان ٽڪري کي عام طرح ”ستين جو آستان“ سڏن ٿا. تاريخ جي ڪتابن ۾ ان کي ”قاسم خاني“ سڏيو ويو ۽ لکيو ويو آهي. بلا ڪمن صاحب (مترجم: آئين اڪبري، جلد اول ايشانڪ سوسائٽي بنگال) ماترالاامره ۽ ٻين ڪتابن جي حوالي سان لکي ٿو. ”لوهري جي قريب ڏکڻ طرف درياءِ جي ان شاخ تي (جنهن شاخ کي ”ڪرماتري“ جي نالي سڏين ٿا“) هڪ ننڍي ٽڪري آهي جنهن تي مير ابوالقاسم ”نمڪين“ چانڊوڪي راتين ۾ مشاعرو ڪرائيندو هيو، هن وصعيت ڪئي ته مرڻ کان پوءِ کيس اتي دفنايو وڃي، هينئر مير ابوالقاسم نمڪين جي خاندان جو اتي قبرستان آهي. نارٽن پنهنجي گزيٽيئر ۾ لکي ٿو ته روهڙي، سرسبز ۽ آباد شهر هيو. جو ٽالپري دور ۾ اتان جا شاهوڪار ماڻهو خوف سبب شهر ڇڏيندا ويا. 1521ع ۾ شاهه بيگ ارغون اتر سنڌ فتح ڪري بکر جي رضوي ساداتن کي اتان لڏائي روهڙيءَ ۾ جاگيرون ڏنيون جيڪي هينئر ”ڪوٽائي سيد“ سڏجن ٿا. شاهه بيگ سان گڏ وچ ايشا جا گهڻائي سادات سنڌ ۾ آيا. 999هه/91-1590ع ۾ اڪبر بادشاهه مير معصوم کي بکر شهر جاگير طور ڏنو، جنهن سکر ۽ روهڙي کي سينگارڻ ۾ ڪا گهٽتائي ڪانه ڪئي. روهڙي قيام پاڪستان تائين گهڻائي انقلاب ڏٺا. پر هر دور ۾ هن شهر جي اهميت برقرار رهي آهي. هتي روهڙي سيمنٽ فيڪٽري آهي. روهڙيءَ جي ٽڪرين مان هزارين ٽن چن جو پٿر ملي ٿو. هتي جي کجين جي باغن مان ساليانو هزارين مڻ ڪَتَلَ ۽ چوهارا ديسان ديس وڃن ٿا. هتي کجيءَ جي وڏي ۾ وڏي ڇوهارا منڊي آهي. روهڙيءَ ۾ پاڪستان جي وڏي ريلوي جنڪشن اسٽيشن ۽ انجڻ شيڊ به آهي. هي شهر لئنسڊائون پل ۽ ايوب پل ذريعي سکر ۽ پوري پنجاب سان ڳنڍيل آهي.
هتي وڏي ريلوي جنڪشن آهي. هر ريل گاڏي گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلاڪ بيهندي آهي هتي وڏو سيمنٽ جو ڪارخانو آهي ۽ کجي، مٺي ۽ گهڻي مقدار ۾ ٿئي ٿي.اوليائين جا آستانه به گهڻا آهن. صدر الدين بادشاهه، لئنسڊائون پل جي پرين ڀر واقع آهي. ان کان علاوه حاجانا شاهه، دادو شاهه، بولان شاهه، خواجه بادشاهه ۽ علي عثماني وغيره جن جا مقبرا اڏيل آهن.
روهڙيءَ جي سامهون درياءَ جو ٻيٽ آهي، جنهن کي خواجا خضر جو آستان ڪري سڏيو ويندو. جتي اچڻ وڃڻ لاءِ ٻيڙن جو استعمال ڪيو ويندو آهي.
هن ٻيٽ تي هڪ مسجد سن 1011ع ۾ بکر جي نواب سعد خان جوڙائي جيڪا هينئر صفا ڊهي وئي آهي.
روهڙي شريف سنڌ جو هڪ تاريخي شهر آهي، روهڙي شهر جو قديمي نالو ”لوهري“ آهي. مٿس اهو نالو ڪيئن پيو؟ تنهن لاءِ به مختلف روايتون آهن. اسٽينڪونو ۽ ٻين عالمن روهڙي کي ”روڊي“ به لکيو آهي. جيڪو پڻ ڏکڻ ايشيا جو قديم ترين شهر آهي، هي سنڌو درياهه جي الهندي ڪناري تي واقع آهي، جنهن جي ڀرپاسي ۾ هزارين سالن کان تخت ۽ تاج جي راند ٿيندي رهي آهي، اروڙ اُتان کان پنج ڪلوميٽر پري آهي ته وري بکر ٿوري فاصلي تي اٿس، حسن و جمال جو هيءُ مرڪز روهڙي سب ڊويزن جي سڀني شهرن کان وڌيڪ آڳاٽو آهي. ڪنهن به (خطي) جي ادبي توڙي ثقافتي تاريخ جي مشاهدي کان سواءِ لکڻ ڏکيو ڪم آهي، سنڌ جي تاريخ ۾ روهڙيءَ کي ڪهڙي اهميت حاصل آهي، تنهن کان هر سنڌ واسي ڀلي ڀت واقف آهي، هي شهر اڄ به واڪا ڪري چئي رهيو آهي ته، منهنجو ذڪر شايان شان نموني ٿيڻ کپي. روهڙي سب ڊويزن جي تاريخ پڙهڻ وقت هڪ نيم ويران خطي ذري گهٽ، اڌ حصي کي واريءَ جي ڀٽن ۽ دڙن لاءِ وقف ڪندڙ ايراضي بک و افلاس ۽ غُربت جي تصوير پيش ڪندڙ سرزمين کي خيال ۾ رکڻ بدران، سندس شاندار ماضيءَ جا آثار ڌيان ۾ رکڻ گهرجن، هن خطي جي جيڪڏهن شاندار تاريخ آهي ته جاگرافي لحاظ کان به ڪو گهٽ نه آهي، قدرتي طرح سب ڊويزن ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، (1) ڪچو (2) پڪو (3) ٿريا پٽ.
ڪچي جي ايراضي يعني (ڪچو) درياهه جي ويجهڙائپ سبب گهاٽن ٻيلن ۽ وڻڪار سان سينگاريل آهي، روهڙي شهر ٽڪرين جي هڪڙي شاخ تي اڏيل آهي، سکر بئراج تي جيڪو پٿر ڪم آيل آهي سو پڻ سکر ۽ روهڙي جي ٽڪرين مان کنيو ويو آهي، ستين واري آستان واري ٽڪري جيڪا روهڙي واري ريلوي پل (درياهه مٿان اڏيل آهي) جي ڀر ۾ الهندي پاسي کان آهي، جيڪا پڻ نظاري دار ٽڪري آهي ۽ اروڙ وارين ٽڪرين جي شاخ آهي. خواجه خضر جو آستان ۽ بکر جو مضبوط قلعو به درياهه جي وچ ۾ موجود ٻن ٽڪرين تي آهي. بکر وارين ٽڪرين جي ڪري مهراڻ ٻن شاخن ۾ روهڙي ۽ سکر وٽان وهي ٿو، بکر واري ٽڪري لنگهڻ کان پوءِ اهي ٻئي مهراڻ جون ٽڪريون پاڻ ۾ ساڌ ٻيلي وٽ گڏجن ٿيون، سکر ۽ بکر واري شاخ وِيڪر ۾ ٻه سو وال کن آهي ۽ ”کرڙي“ نالي سان سڏجي ٿي. بکر قلعي جي اولهندي ۾ ٻه ننڍيون ٽڪريون آهن، جيڪي ساڌ ٻيلو ۽ ”دين“ ٻيلو جي نالن سان سڏبيون هيون، شاهه ٻيلو هينئر ڦري ”ساڌ ٻيلو“ ٿي ويو آهي ۽ دين ٻيلو به ”ساڌ“ سان ڳنڍجي ويو آهي، جنهن کي اڳ ۾ سيتاس سڏبو هو، اڄ به ساڌ ٻيلي ۾ جون مهيني جي پهرين تاريخ تي ميلو لڳندو آهي ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هندو برادري جا ماڻهو اچي ميڙو مچائيندا آهن.
اروڙ جي ٽڪرين مان هندڪي دور ۾ سون ۽ چاندي کاڻين منجهان نڪرندا هئا پوءِ آهي کاڻيون ختم ٿي ويون هن وقت صرف ميٽ جون کاڻيون آهن. چُن ۽ ٽڪرين جي واري جهجهي انداز ۾ هجڻ ڪري روهڙي ۾ سيمينٽ فيڪٽري (ايسوسيئيٽ سيمينٽ فيڪٽري) جي نالي سان آڳاٽي وقت کان قائم آهي، جيڪا ملڪي ضرورتن جي پورائي ڪرڻ سان گڏ دلفريب، تفريحي ۽ معلوماتي ماڳ پڻ آهي. مهذب ملڪن ۾ پنهنجي تهذيب ۽ ريتن رسمن يا وري اهڃاڻن کي محفوظ ۽ قائم دائم رکڻ جو رواج هوندو آهي پر اسان سنڌي جيڪي لکڻ جي حد تائين موهن جي دڙي جي تهذيب سان پاڻ کي ڳنڍي ويٺا آهيون، سي پنهنجين قديم روايتن ۽ ڳالهين کي برقرار رکڻ لاءِ ڪو به اُپاءَ نه پيا وٺون ۽ ڏينهون ڏينهن اهي يادگار اُهڃاڻ ۽ نِشانيون سڀ آهستي آهستي ميساربا پيا وڃن.
پاڪستان ريلوي جي وڏي ۾ وڏي جنڪشن اسٽيشن پڻ روهڙي اسٽيشن آهي، سندس دلڪش ڊزائن ٽڪري تي ٺهيل خوبصورت ڏيک ڏيندڙ ويٽنگ روم ۽ مسافرن جي لهڻ چڙهڻ لاءِ سهڻو ڏيک ڏيندڙ پل پڻ توجهه لائق آهي. ريلوي پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو تيل ڊيپو پڻ هتي آهي، انهن سببن جي ڪري جنگ جي دوران 1965ع ۽ 1971ع واري ڏينهن ۾ روهڙي شهر مٿان گهڻا ئي ڪارا ڪڪر ڇانيل رهيا، سڄي ملڪ جي چئن صوبن کي ڳنڍيندڙ هن ريلوي اسٽيشن کي وري هڪ اهڙي مسجد آهي، جيڪا وري هوبهو لاهور واري شاهي مسجد جهڙي آهي فرق صرف ايترو آهي جو هي مسجد ٿوري ننڍي آهي، هن مسجد جو نالو عالمگير مسجد آهي، شاهي مسجد وانگر چار مينار ۽ اهي ئي ساڳي نموني جا پاسن کان حجرا دروازي وٽ به ساڳي ڊزائن هي مسجد عالمگير بادشاهه جي ياد تازي ڪيو ڇڏي. مسجد ڪچين سرن جي ٺهيل آهي، ڪچين سرن جو استعمال صرف ٽڪري جي گرمي ۽ تپش سبب ڪيو ويو آهي، ڪجهه سالن کان هن مسجد جي قديمي ساخت مسمار ڪري ان جاءِ تي هڪ نئين جديد طرز جي مسجد ۽ مدرسو قائم ڪيو ويو آهي. روهڙي شريف ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي مغليه دور جون ٺهيل مسجدون آهن، مثلاً آخوند واري مسجد، وڏن قاضين واري مسجد، ننڍن قاضين واري مسجد، سخي دين شاهه جي درگاهه جي ويجهو خواجه محمد حسن نالي ڪنهن ماڻهو پٿر ۽ پڪين سرن سان گڏ ٽن گنبذن واري عاليشان مسجد تعمير ڪرائي هئي عالمگير مسجد جي ڀرسان ريلوي اسٽيشن جي لڳو لڳ هڪ ”ڪوٽ“ نالي مير يعقوب علي شاهه آهي، مير يعقوب علي شاهه عالمگير جي زماني ۾ بکر جي نوابي ماڻي ۽ نواب مقرر ٿيو. هيءُ ڪوٽ سڄو مِٽيءَ جو ٺهيل هو، جيڪو نهايت ئي وسيع ۽ اونچو (ڊگهو) هو، سندس ٿولهه 14 فوٽن کان مٿي هئي، ڪيترن ئي هنڌن تان وقت گذرڻ سان گڏ ڀري به ويو آهي هيءُ ڪوٽ 1018 هجري کان 1085 هجري جي وچ واري عرصي ۾ جڙي راس ٿيو، هن ڪوٽ ۾ رهندڙ سيدن کي ”ڪوٽائي سيد“ سڏجي ٿو، ڪيترائي ڪوٽائي سيّد عالم ۽ شاعر ٿي گذريا آهن، مثال طور سيّد هِمّت علي شاهه، سيد امير علي شاهه ۽ لَکَڻ شاهه جن جي شاعري تي روهڙي کي ناز آهي، حقيقت ۾ هي ڪوٽ ٺهرايو ئي شهنشاهه عالمگير جي رهائش لاءِ ويو هو پر ڪن سببن جي ڪري پاڻ اتي رهائش پذير نه ٿيو موجوده وقت ۾ ڪوٽ جي پراڻي چار ديواري ختم ٿي چڪي آهي ۽ وري ٻي اڏاوت ڪچين سِرن سان ڪئي وئي آهي. ڪوٽ مير يعقوب علي شاهه جي ويجهو اُتر ۾ بزرگ ”حاصل شاهه“ جو قبو آهي، سائين حاصل شاهه کي ”جبل ڌڻي“ به سڏيندا آهن، چون ٿا ته ڄڃ سميت هتي ماريو ويو هو، پاسي ۾ سندس گهوڙي جي قبر به آهي.
درياهه ڪناري تي ”وار مُبارڪ“ واري درگاهه جي ويجهو نواب فتح خان سن 992هه ۾ جامع مسجد تعمير ڪرائي. روهڙي شهر جي اولهه ڏکڻ ڪنڊ طرف ٽڪري تي ”عيد گاهه“ موجود آهي، جيڪا تقريبن ٻن ايڪڙن تي مشتمل آهي، سڄي عيدگاهه جي چوڌاري ڀت نڪتل آهي، جنهن جي ٻن ڪنڊن ۾ ننڍا ننڍا گنبذ ٺهيل آهن، هڪ گنبذ هيٺان محراب آهي جنهن جي ٻاهرين پاسي مٿان هڪ اڇو پٿر لڳل آهي. جنهن تي ٽن سٽن ۾ هڪ ڪُتبو به اُکريل آهي. عيد گاهه مير معصوم شاهه بکري جوڙيو هو. بکر جي قديمي آثارن ۾ قدامت جي لحاظ کان روهڙيءَ واري عيد گاهه سڀ کان وڏي ۽ پهرين تي نمبر آهي. هِن کي 1002ع ۾ تعمير ڪيو ويو هيو. هِن عيد گاهه ۾ هزارين ماڻهو عيد نماز ادا ڪندا آهن. روهڙي شهر جي تاريخي ۽ جاگرافيائي اڀياس ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته، هي شهر نه صرف هڪ تاريخ ساز حيثيت رکي ٿو پر پُر لطف نظارا ۽ کوڙ سارا مشهور ماڳ پڻ موجود آهن. ان سان گڏوگڏ روهڙي پيرن، فقيرن جو پڻ مرڪز رهيو آهي، هتي هڪ روايت مطابق سوا لک پيرن جا مقبرا ۽ گمنام قبرون آهن، شهر ۾ قدم قدم تي گنبذ وارا مقبرا ۽ مقام ڏسي اها ڳالهه مڪمل طور تي سچ لڳي ٿي ته، ان ڪري ئي روهڙي شهر کي ”روهڙي شريف“ لکجي ۽ پڙهجي ٿو، هن سلسلي ۾ جڏهن روهڙي شهر جي مشهور ۽ معروف بلند پايه تعليمدان ۽ اديب سيّد عطّا حُسين شاهه موسوي جن کان ڪنهن ڳالهه ٻولهه دوران پڇيو ويو ته ان سلسلي جي حقيقت ڇا آهي؟ ته جواب ۾ پاڻ مشڪي پيا ۽ فرمايائون ته شمع جي چوڌاري پروانن جا اڻ کٽ ۽ اڻ ڳڻيا جٿا پيا ڳارو ڏيندا آهن سو هت به اهو حال آهي، رسول مقبول حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جو وار مُبارڪ جو هتي آهي پوءِ پروانا ڇو نه اچي گڏ ٿيندا، ان ڪري ئي هي شهر صوفين ۽ درويشن، پيرن، فقيرن ۽ ولين جو شهر آهي، وار مُبارڪ جي عام زيارت لاءِ پهرين ذوالحج کان نائين ذوالحج تائين پري پري کان ماڻهو ڪهي اچن ٿا. جن منجهان اڪثر ڳوٺاڻا زيارت کي حج جو نالو ڏين ٿا. (حالانڪه ان کي حج چئي نٿو سگهجي) پر سندن عقيدت ۽ احترام قابل رشڪ آهي. وار مُبارڪ هڪ انتهائي ننڍڙي خوبصورت دٻي ۾ ڪپڙي ۾ بند هڪ موتين ۽ هيرن سان جڙيل (لٽي ۾) ويڙهيل آهي، وار مُبارڪ ڏيکارڻ لاءِ مقرر ٿيل مخدوم خاندان جو خليفو هٿن تي سفيد ڪُوري ڪَپڙي جا دستانا چاڙهي ۽ منهن تي خصوصن وات، سامهون رومال رکي عام ماڻهن کي وار مُبارڪ جي زيارت ڪرائي ٿو. درياهه جي ڪناري وار مُبارڪ واري درگاهه جي ويجهو نواب فتح خان سن 992هه ۾ جامع مسجد تعمير ڪرائي، ساڳي ئي ڪناري سان گڏ سُڪ پُل ويجهو هڪ بزرگ نالي حاجن شاهه عُرفِ عام ۾ ”حاجن شاهه حضوري“ بزرگ جي نالي سان مشهوري ماڻيندڙ مزار شريف آهي، جنهن کي تاريخ ۾ حاجي شاهه دريائي جي نالي سان سڏيو ويو آهي، جتي اندرين پاسي جيڪڏهن ٻنهي ديوارن کان ٻاهر ڏسبو ته، مهراڻ جون موجون سريلا سر آلا پيندي ٻڌبيون ڪجهه وکون اڳيان بلڪل سامهون لينسڊائون پل جو پر ڪيف نظارو ڏسڻ ۾ ايندو. هي پل جرمني جي ٻن ماهر ڀائرن جي ٺهيل آهي ۽ هن سان پڻ ڪيتريون ئي ڳالهيون وابسته آهن، حاجن شاهه حضوري پير تي عام ڏينهن ۾ به ميڙو متل رهندو آهي، هي درگاهه غريب، مفلس، بيمار ۽ دردمندن لاءِ ڄڻ شاهي شفا جو مرڪز آهي. مخصوص جڳهه تان مِٽيءَ جي دز چپٽي زبان تي رکندو ۽ تيل منجهان آڱر ٻوڙي سڄي جسم تي مليندو ۽ مهٽيندو اڳيان وڌندو ويندو آهي ۽ گڏوگڏ شفايابي لاءِ دعائون پڻ گهرندو ويندو آهي، هن پير جي اها خاصيت آهي ته، هتي هر ڪو نيازمند نِياز طور صرف تريل مڇي ۽ ماني آڻيندو آهي، عام طور تي ٻين بزرگن جي مزار تي مِٺايون، چانور وغيره نياز طور يا ڪا باس پوري ٿيڻ تي نذراني طور ڏني ويندي آهي. هتي ائين ڪونهي هر ڪو نيازمند صرف مڇي ماني آڻيندو آهي ۽ مزار تي ويٺل ”مجاورن“ کي ڏيندو آهي. ڪيترائي مريض مستقل طور تي اچي رهن ٿا، سادا ڳوٺاڻا عقيدن ۾ پختو ويساهه رکندڙ انسان هن بزرگ کي ”سول سرجن“ جو لقب ڏين ٿا، سندن خيال موجب هر ”مرض جي شفا هن مٽيءَ جي ذري ۽ تيل ۾ پوشيده آهي“. کيس ”مڇي ماني“ وارو پير ڪري به سڏجي ٿو. بکر ۾ شاهه صدرالدين خطيب ابنِ سيد مُحمد مَڪّي جي مزار آهي. جنهن جو اصل نالو امام الدين آهي، برگزيده بزرگِ دين آهي، اهڙين ڪرشما ساز هستين منجهان حضرت خواجه خِضر جو آستانو به هتي آهي، جنهن سان پڻ بيشمار روايتون منسوب آهن.
خواجه خضر کي مقامي ماڻهو ”زنده پير“ جي نالي سان به سڃاڻين ٿا، جيڪو آستانو بکر جي قلعي ويجهو سکر ۽ روهڙي طرف کان ويندڙ درياهه جي وچ ۾ آهي، خواجه واري آستاني جي ٻيٽاري تي هڪ مسجد سال 1011هجري ۾ نواب سعد خان بکراڻي/بکر جي علائقي جو حاڪم دور حڪومت 1007هه کان 1016هه) جوڙائي جيڪا ان ٻيٽ جي ڏاکڻي اولهه جي ڪنڊ تي شڪسته حالت ۾ موجود آهي، روهڙيءَ لڳ قديم وسندي اورڙ آهي، هتي راجا ڏاهر جو گادي وارو هنڌ هو، جنهن کي سِنڌ جي گاديءَ واري هنڌ جي حيثيت حاصل هئي، اروڙ جي ٽڪرين ۾ هندن جي ”ڪالڪان ديوي“ جا صفر مهيني ۾ مٺا لولا هر گهر ۾ پچايا ويندا آهن، نمڪين لولا، ٻڪري جي گوشت خاص طور تي پاون ۽ مُنڍي جي رهري سان کاڌا ويندا آهن، هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي هڪ طرف آقاء نامدار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جو وار مُبارڪ ٻي طرف سوا لک پيرن فقيرن، درويشن ۽ اولياء الله جون مزارون جيڪي روهڙي شريف ۾ آرامي آهن، انهن منجهان هڪ معتبر نالو آهي، حضرت فقير قادر بخش بيدل رحه جو پاڻ نه صرف الله وارا درويش ۽ صوفي فقير هئا پر اعليٰ درجي جا پڻ شاعر ٿي گذريا آهن، ريلوي لائين سان لڳو لڳ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي ڀرسان موجود مزار تي ذوالقعد مهيني جي 14 کان 16 تاريخ تائين ساليانو عرس مُبارڪ ۽ ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي وڃي ٿي. سندس عرس مُبارڪ جي موقعي تي ضلعي اندر عام موڪل ڪئي ويندي آهي.
هن بزرگ جي وفات 16 ذوالقعد سن 1285هجري ۾ ٿي. سندس لائق ۽ فائق فرزند محمد حسن جيڪو 23 سالن جي مختصر ڄمار ۾ فوت ٿي ويو هو، سو پڻ پنهنجي دور جو تمام وڏو شاعر ۽ الله وارو بزرگ ٿي گذريو آهي. درگاهه جي ٻاهران روڊ تي سيمينٽ فيڪٽري ۽ ٻين ڳوٺن ڏانهن وڃڻ لاءِ نيشنل هاءِ وي جي ڀرسان تمام خوبصورت ”بابِ بِيدل بِيڪس“ مان گذرڻو پوي ٿو، شهر جي مرڪز ۾ وقت جي وڏي وليّ ۽ غوثَ سيّد حِيدر شاهه حَقّاني جي مزار مُبارڪ به موجود آهي، ان جي ڀرسان صديون پراڻي ڪربلا مُعليّٰ جي تابوت نڪرڻ جو مَسَڪن ۽ مير جان الله شاهه عاشق جي مزار آهي، مير جان الله شاهه کي صوفي شاهه عنايت شهيد (لانگاهه) جهوڪ شريف واري بزرگ جي چوڏنهن (14) خاص خليفن ۾ مُنفرد مقام حاصل آهي، جيڪو پنهنجي وقت جو مُتقّي ۽ پرهيزگار شخص هو. جنهن لاءِ روايت آهي ته هٿ سان قرآن شريف لکي پنهنجو گذر سفر ڪندو هو، هتي صدين کان وٺي روايتي انداز ۾ محرم الحرام جا 10 ڏينهن ڏاڍي عقيدت ۽ اِحترام سان ملهايا وڃن ٿا ۽ بنا فرق جي هر طبقي جو ماڻهو ان ۾ شريڪ ٿي عقيدت جو اظهار ڪري ٿو، صوفياڻي رنگ ۾ رنڱيل عام ماڻهو پيار مُحبت امن ۽ آشتي جو مظاهرو ڪندي اڄ به هڪ ٻي جا ڏک ۽ سک جا ساٿي بڻجي هر مذهبي ڏهاڙو گڏجي ملهائين ٿا، وچ شهر کان ٿورو ٻاهر ۽ اسٽيشن ڏانهن ويندڙ روڊ کان اڳ ۾ هڪ خوبصورت باغ موجود هوندو هو، جنهن جو نالو ”باغِ جناح“ هو سو پڻ وقت جي بي رحم هٿن هٿان ماضي جو قصو بڻجي چڪو آهي، بجاءِ ان جي ته اتي وڌيڪ خوبصورتي آڻي باغ کي وڌايو وڃي ها پر ان جي برعڪس اُتي اڄ ”موٽر مڪينڪ“ ۽ ٻاهران آيل ”افغاني پٺاڻن“ جو وڏو ڪٽڪ ۽ يلغار ڏسي سچ پچ ته ماضي جو شاندار باغ صرف تصّور ۾ ئي آڻي سگهجي ٿو. منگي مل جتي اڳ ۾ ڪپڙو ۽ اليڪٽرانڪ پکا وغيره ٺاهيا ويندا هئا ۽ ٽن شفٽن ۾ سوين مزدور ۽ ڪاريگر ڪم ڪندا هئا سا پڻ هينئر کنڊرات ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، رونقون وڃائجي ويون آهن، ساڳي ڪارخاني جي بلڪل سامهون قبرستان ۽ پهاڙ جي هيٺان هڪ ڪشادو گرائونڊ هو جتي پوري ملڪ جا رانديگر اچي راند کيڏندا هئا، پر افسوس جو اُهو به اڄ گندگيءَ جو ڍير ۽ مڪنيڪ جي دڪانن ۾ تبديل ٿي چڪو آهي ۽ گرائونڊ ڪٿي به نظر نه ٿو اچي شهر جي وچ ۾ ٻاهرين پاسي کان ريلوي اسٽيشن کان ايندي مهل ۽ شهر ڏانهن ويندي، وچ ۾ مين پرائمري اسڪول جي ڀرسان گانگوٽي گرائونڊ پڻ آهي، جتي اڳ ۾ فٽ بال ميچ ٿيندا رهندا هئا ۽ ملڪ جا ناميارا رانديگر حصو وٺندا هئا ۽ صحت تفريح جو پهريون ذريعو سمجهيو ويندو هو، اُتي به اڄ ساڳيءَ ريت گهماگهمي نظر نٿي اچي توڙي جو ميونسپل وارن مٽي وجهرائي چوديواري ڏياري آهي، بهرحال روهڙي نه صرف تاريخي اعتبار کان پر هر پهلو کان اهميت وارو شهر آهي.
* * *

تحقيقي مقالو
مددي ڪتاب

1. تاريخِ سکر (مير رحيمداد خان مولائي شيدائي)
2. سِري جا سِر مَوڙ (پروفيسر شيخ محمد فاضل) مقالو ايم اي سنڌي سال 1949ع سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو.
3. سکر ڏسڻي (ڊاڪٽر عبدالوحيد اِنڍڙ سکر، هسٽاريڪل سوسائٽي، سکر سال 2001ع)
4. روهڙي ”ماضيءَ ۽ حال“ جي آئيني ۾ (پرويز شمس الدين ڪلوڙ ، مئگزين گورنمينٽ عطا حسين شاهه موسوي ڪاليج روهڙي (2000ع کان 1999ع).
هميشه ياد رکڻ جون ڳالهيون

1. وضو نوجوانن وانگر ڪرڻ کپي
2. نِماز پوڙهن ماڻهن وانگر پڙهڻ کپي
3. دُعا هميشه ٻارڙن وانگر گهُرڻ کپي
رمضان شريف جي مهيني ۾، پهريون ڏهاڪو ”رحمت“ جي طلبي لاءِ، ٻيون ڏهاڪو ”مغفرت“ لاءِ دُعائون گهرڻ ۽ ٽيون ڏهاڪو ”نَجات“ لاءِ عاجزيءَ سان آزي نيزاري ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل آهي.

سفرنامو: روهڙي سيمنٽ فيڪٽري کان رني ڪوٽ تائين جو سفر

بغير اجازت نامي ۽ دعوت جي شروع ڪيل هڪ اهڙو شوقِ سفر جنهن جي ڪابه پُڄاڻي/ ڪونهي.“
”سرتيون“ لاءِ مون کي چيو ويو ته ”آتم ڪٿا“ کپي. ته سچ پڇيو ته مون کي بي انتها خوشي ٿي هي هڪ اهڙو واحد رسالو آهي، جنهن ۾ وڌ کان وڌ عام پڙهندڙن کي بهترين مواد ملندو رهي ٿو. ”آتم ڪٿا“ هڪ اهڙو موضوع آهي جنهن ۾ هڪ انسان پنهنجي ”ياداشت“ منجهان حقيقت ۾ گذاريل ۽ واقعن کي اهڙي نموني بيان ڪري ٿو، ڄڻ ته ڪا سچ پچ اِسٽوري هجي جنهن جو عڪس ڪنهن فلم وانگر ذهن جي پردي تي ائين ڪو پڙلاءِ ۽ پڙاڏو بڻجي سامهون ايندو رهندو هجي جو ڀائنجي ته ڄڻ اُهي واقعا ڪالهه ٿي گذريا هجن. آتم+ ڪٿا = آتم ڪٿا، يا وري سوانح حيات، يا کڻي سولي لفظن ۾ چئجي ”يادگيريون“. (جيڪي سؤ سيڪڙو پاڻ سان وابسته هونديون آهن). جيڪي پنهنجو پاڻ سان وابسته هونديون آهن.
اُنهن جو مطلب ۽ مفهوم هوندو آهي، ”پنهنجي باري ۾“. هر انسان جي زندگيءَ ۾ ڪجهه نه ڪجهه واقعا، ڪنهن نه ڪنهن منزل تي اهڙا درپيش ايندا رهندا آهن، جيڪي خوشگوار به هوندا آهن ته وري ٻي طرف غمگين لمحا به هوندا آهن. ماکيءَ کان مِٺا، مِصري جهڙا ته ٻي طرف ٿوهر کان وڌيڪ ڪؤڙا، ڪڙواهٽ سا ڀرپور تلخ واقعا، ڪجهه ”دانسة“ غلطين جو مجموعو ”وقت“، ته وري ٻي طرف ڪجهه نادانسة ڪيل غلطين جو اِحساس ڏياريندڙ ظالم لمحا، هر انسان پنهنجيءَ طبيعت ۽ فطرت مطابق پنهنجن گذريل لمحات کي پنهنجين يادن ۾ محفوظ رکندو ايندو آهي. الله تعاليٰ انسان کي دماغ عطا ڪري، يادن کي محفوظ ڪرڻ جو مرڪز بڻايو ۽ عقلِ سليم عطا ڪيو آهي، جنهن جي بنياد تي انسان اشرف المخلوقات سڏجي ٿو. ورنه ”دماغ ته جانورن ۽ پکين وٽ به موجود آهي“. انسان جي ”زندگي“ يا وري ائين چئجي ته عمرِ عزيز ورهايل آهي، ٻاروتڻ، ننڍپڻ، نوجواني، جواني ۽ آخر ۾ ٻڍائپ (پوڙهائپ) اُهي سڀ مرحلي وار، هر انسان سان وابسته، مسئلا آهن. ۽ هر انساني زندگيءَ ۾ ايندا رهيا آهن، ۽ ايندا رهندا. هر انسان پنهنجين صلاحيتن، عقل ۽ شعور وسيلي سڀني گذريل واقعن کي ياداشت طور پنهنجي دماغ جي ياداشت واري حصي (Memory) ۾ محفوظ ڪري ٿو. گذريل سڀ/ ڪُل، واقعا ۽ ڇا ٿو وهي واپري سو ته ڪوبه ماڻهو ياد نٿو رکي سگهي. پر ڪجهه خاص ”منظر“ ۽ خاص ڳالهيون“، خاص طور تي جيڪي ”خوشي“ پهچائيندڙ لمحا يا وري ڪي اچانڪ ”غم“ پهچائيندڙ صورتحال کي هر انسان پاڻ وٽ ”دماغ“ ۾ محفوظ ڪري وٺندو آهي. پوءِ ڀلي ٻاروتڻ جو ڪو ذهن تي اُڀرندڙ هلڪو سايو هجي يا ڪا ننڍپڻ جي پرڇائي (عڪس) هجي يا وري ڪو نوجوانيءَ جو جوشيلو منظر هجي يا وري ”جواني“ جي ڪا ”ڀل“ يا ”غلطي“ هجي جنهن جو سڄي عمر ڪو پڇتاءُ ۽ افسوس رهجي وڃي يا وري ٻڍاپي ڏانهن ويندڙ قدمن جي آهٽ هجي. بهرحال الله تعاليٰ جتي ٻيا سڀ عضوا عطا ڪيا، ”دل“ ڏني ۽ جذبات عطا ڪيا اُتي ”دماغ“ ڏيئي انسان کي پابند بڻايو ته سوچيو، سمجهو ۽ پوءِ عمل ڪريو. ڇو ته ”زندگيءَ“ کي ان لاءِ پيدا ڪيو ويو ته ”موت“ ان جي حفاظت ڪري ٿو. اِنسان کي زندگي ان لاءِ عطا ڪئي وئي ته رب جي ”بندگي“ ڪري. بقول علامه اقبال رحه جي ته:
”زندگي آيد، برائي بندگي،
زندگي بي بندگي، شرمندگي.“
سو ڳالهه پي هلي ”دماغ“ جي جنهن کي سوچڻ، سمجهڻ ۽ ياد رکڻ جي صلاحيت سان مالا مال ڪيو ويو. هر انسان جي پنهنجي ”فطرت“ آهي. هر انسان ”فطرت“ جي عين مطابق هلندو آهي. الله تعاليٰ ڏک ۽ سک پيدا ڪيا آهن. جي ڏک نه هجن ها ته سک جو احساس ڪڏهن به نه ٿي ها. صرف سکَ هجن ها ته ”ڏک“ جو احساس نه ٿئي ها ۽ پوءِ ڪير رب! رب! ڪري ها. جي صرف ”ڏک“ هجن ها ته پو ”سک“ جي احساس کان دل و دماغ وانجهيل هجن ها. تڏهن ئي ته حضرت شاهه عبداللطيف رحه فرمايو ته: ”ڏک سُکن جي سونهن، گهوريا سُکَ، ڏکن رِيءَ تنهين جي ورونهن سڄڻ آيو پيهي.“
اڄ مان هن ”آتم ڪٿا“ ۾ صرف اُهي يادگيريون ورجائيندس، جن جو تعلق گهڻو تڻو خوشگوار موڊ ۽ ماحول سان آهي، ڇو ته ”غم جا ته پهاڙ هوندا آهن جن کي جيترو ”ياد“ ڪبو اوتروئي وڌندا ويندا، ۽ اذيت پهچائيندا پر خوشيءَ جا اُهي لمحا جن کي بيان ڪري ڪجهه پڙهندڙن کي به ”سير و سفر“ جو شوق ڏيارجي ۽ ساڳي وقت ڪجهه ”منظر ڪشي“ ذريعي پنهنجيءَ سِنڌ سڳوري جي زمين تي واقع بي شمار خوبصورت باغ و بهار ماڳن ۽ مڪانن جو ذڪر ڪجي ته وڌيڪ خوبصورت لڳندو.
”سرتيون“ سڀ ڪجهه ”سچ“ لکڻ ايترو آسان نه هوندو آهي. ”آتم ڪٿا“ اُها جيڪا بلڪل سچين حقيقتن تي مشتمل عڪس بند هجي. جنهن ۾ ذرو به ڪوڙ شامل نه هجي. يا وري ڪا قلمي ڪاروائي نه هجي نه ئي وري ڪا من گهڙت خبر، گهمڻ ڦرڻ جو شوق، ٿورو يا گهڻو هر اِنسان کي هوندو آهي، پر شايد مون کي ڪجهه وڌيڪ ئي رهندو آيو آهي. ٻاروتڻ کان وٺي ”بابا جي هنج“ جو سفر ته ياد ڪونهي، پر پوءِ آهستي آهستي ننڍپڻ ۾ پنڌ سِکڻ کان پوءِ، شايد ڪو لمحو هجي جنهن کي مون ضايع ڪيو هجي ۽ ڪجهه وقت بابا سان گڏ گهميو نه هجي.
شام جي گهمڻ ڦرڻ واري ”عادت“، وڏي ٿيڻ تي باقاعده پختگي اختيار ڪري ورتي ۽ مون کي ياد هو شوق هميشه کان وٺي رهيو ۽ هِن وقت (جڏهن مان رٽائرڊ زندگي پئي گذاريان)، به آهي. منهنجي ”سير و سفر“ جو آغاز باقاعده جيڪو منهنجي شعور ۾ محفوظ آهي ۽ مون ڄاڻي ٻجهي شعوري طور تي اختيار ڪيو سو آهي. ”بغير اجازت“ جي لِڪي لِڪي اسڪول جي طرفان ويندڙ اُنهن شاگردياڻين ۽ اُستادن جي گروپ ۾ زوري شامل ٿيڻ، جنهن جي وري اجازت ورتل هئي صرف پنهنجي ”والدين“ کان. مون پنهنجن گهر وارن کي اهو ٻڌايو ته مون کي ”ٽيچرز“ پيار سان ان ڪري گڏ وٺي وڃن ٿيون ڇو ته مان ڪلاس ۾ فرسٽ اچان ٿي ۽ مانيٽر آهيان. جڏهن ته اهو سير و تفريح سان گڏ مطالعاتي پروگرام رٿيل هو، صرف هائير ڪلاسز جي شاگردياڻين لاءِ ۽ مان ان وقت پڙهندي هيم پنجين جماعت ۾. اسان جو اسڪول جنهن جو نالو گورنمينٽ گرلس مين پرائمري اسڪول ان جي عمارت هيٺ ۽ مٿي هئي، هائر سيڪندري گرلس اسڪول جي عمارت جيڪي اندران ڏاڪڻ ذريعي ڳنڍيل هيون. رسيس ۾ اسين سڀ ڇوڪريون تقريباً گڏجي راند روند ڪنديون هيون سي. ۽ منهنجي دوستي ڪيترين ئي سِيئنرز ڇوڪرين ۽ ٽيچرزس سان ان ڪري به هوندي هئي جو ڪيتريون ڇوڪريون منهنجون دوست ٺهيل هُيون. ۽ ڪجهه پرائمري ٽيچرز به اِن ”ٽرپ“ ۾ اِنوائيٽڊ هيون.
بهرحال ڪجهه به هيو، جيئن ئي مون کي خبر پئي ته سڀ سينئر ڇوڪريون درس و تدريس جي سلسلي ۾ هڪ تفريحي مقام نه سهي پر فيلڊ ۾ پريٽيڪل طور تي سيمنٽ ڪيئن ٺهي ٿو؟ ڏسڻ لاءِ وڃي رهيون آهن ته مون کي پنهنجي گهمڻ ڦرڻ واري شوق واري حِس اُڪسايو ته ڪيئن نه ڪيئن مان به روهڙي شريف جي اُها مشهور معروف ”سيمنٽ فيڪٽري“ ضرور گهمڻ وڃان. جنهن جي اندر عام ماڻهو بغير اجازت نامي جي داخل نه ٿي سگهندو آهي. اسڪول وارن کي خاص اجازت ڏني وئي آهي. بس پوءِ مون پهريون ڀيرو پنهنجي زندگي جي ”پهرين پڪنڪ“ اُستادن جي بغير اجازت جي ڪئي. جڏهن ته حقيقت ۾ سيئنرز ڇوڪرين ۽ ڪلاس فيلوز جي مرضي شامل هُئي. مان ڪيئن اک بچائي ان ”ٽرڪ نما“ مزدا گاڏي ۾ ڪيئن چڙهيم سو پڻ هڪ دلچسپ منظرنامو آهي. هڪ ڳالهه ٻڌائيندي هلان ته مان ڪنهن به سواريءَ ۾ چڙهڻ وقت هميشه اڳ ۾ چڙهڻ ۾ هوشيار هوندي هيم. سو مون کي بلڪل هر ڳالهه ته ياد نه آهي پر ايترو ضرور ياد آهي ته گاڏيءَ ۾ چڙهي سيٽ هيٺان ويهي رهيم ۽ جيئن گاڏي هلڻ شروع ڪيو ۽ ٿورو اڳتي هلي ته مان ٻاهر نڪري سيٽ تي ويهي رهيم. سڀني ٽيچرز ڏٺو، حيران ٿيون پر منهنجي ان غلطيءَ کي معاف ڪيو ويو ته هاڻي ان مرحلي ۾ موڊ خراب نه ڪيو وڃي. بس اُها هئي منهنجي پهرين يادگار پڪنڪ ننڍپڻ جي شرارت ۽ پوءِ ان سير و تفريح دوران ۽ گائيڊ جي تفصيلات ٻڌائڻ دوران ته سيمنٽ ڪيئن ٺهي ٿو ۽ ڇا ڇا پوي ٿو ڪهڙن ڪهڙن مرحلن منجهان گذري ٿو، مشينن جي سنڀال، صفائي ڪيئن ٿئي ٿي؟ سيمنٽ جي تياريءَ جا ڪهڙا مرحلا آهن ۽ ڪيئن طيءَ ٿين ٿا. تن سڀني جي سوالن جوابن ۾ وڌي وڌي حصي وٺڻ دوران مون کي استادن طرفان الٽو شاباسي ملي. ۽ گڏوگڏ ڏنڊ طور هيڊ مسٽريس فرمايو ته سڀاڻي اسڪول ۾ سڄي رپورٽ نما مضمون ٺاهي لکي اچجانءِ ته خبر پوي ته صرف گهمڻ جو شوق آهي يا ڪا پڙهڻ پڙهائڻ جي دلچسپي به آهي. الله تعاليٰ جا احسان ته منهنجي رپورٽ/ مضمون کي بي حد ساراهيو ويو. اڳتي هلي ڪڏهن ڪٿي ذڪر ڪبو ته ڪيئن مون کي مضمون نويسيءَ سان شوق وڌيو ۽ مختلف مرحلن تي مصمون نويسي تي انعام حاصل ڪيا.
سيمنٽ فيڪٽري گهمڻ بعد پوءِ اسان سڀ ريلوي يارڊ ۽ ڪالوني گهمياسي، سيمنٽ فيڪٽري منجهان اسان ننڍا ننڍا مختلف چورس، ٽڪنڊا، گول، ڊگها، ۽ مستطيل نما ٽڪرا گهر کڻي آياسي ۽ مون ڪيترائي ڏينهن انهن کي سانڍي رکيو. سيمنٽ فيڪٽريءَ جي ڀرسان مشهور بزرگ شاهه مقصود شاهه جي ٽڪريءَ به ڏٺي ته بيدل بيڪس جي مزار به ڏٺي. اهڙي نموني اُها اسٽڊي ٽوئر (پڪنڪ) منهنجي زندگي جي پهرين پڪنڪ بڻي، هاڻي مون کي ڪجهه ”ٻاروتڻ“ جون ڪجهه هلڪيون يادگيريون ذهن جي پردي تي عڪس بڻجي اُڀرندي نظر اچن پيون. خوشگوار، معطر آهستي آهستي مَستيءَ ۾ لڏندڙ گل، ۽ پن گڏوگڏ ننڍڙيون ٽاريون، سخت گرميءَ باعث دٻيل هوا ۽ گهُٽ ۽ ٻوساٽ، پر حدِ نظر تائين ساوڪ ۽ سهڻو لان، رنگ برنگي گل ۽ ننڍا وڏا ٻوٽا. هيءَ هُيو اسان جي روهڙي شهر جو بهترين ”جِناح باغ“. قسمين قسمين رنگ برنگي گلن سان گڏوگڏ رنگين ڀنڀوريون ۽ اڏامندڙ، ننڍڙا جيت، رکي رکي جي هلڪو جهلڪو لڳي هوا جو ته ڄڻ عطر عنبر جهڙي خوشبوءَ سان فِضا معطر ٿيو وڃي. مون کي اهو منظر اڄ به چٽيءَ ريت ياد آهي ته بابا اسان سڀني ٻارن کي (يعني مون سميت ڀائر ۽ ڀينرن سان گڏوگڏ پڦيءَ جا ٻارڙا يعني (پڦاٽ) شام جو ٽيپهريءَ کان پوءِ سير ڪرائڻ لاءِ باغ ۾ وٺي ويندو هيو. اتان کان پوءِ وري نڪري ويندا هئاسي پري پري تائين پنڌ ڪندا بيدل بيڪس جي مزار ڏانهن ٿيندي پري پري تائين ننڍڙيون ٽڪريون ڏسندا، ٽرين کي سرنگهه مٿان گذرندي ۽ ننڍڙين سرنگن اندران ويندي ڏسندا هئاسي وري ٻي ٽرئفڪ ۽ ٽانگا وغيره سرنگ جي اندران ايندي ويندي ڏسبا هئا ۽ پوءِ مزي مزي سان سانجهيءَ تائين واپس گهر ايندا هئاسي.
مان پنهنجي بابا سان تڏهن کان وٺي گڏ گهمڻ شروع ڪيو، جڏهن شايد اڃان مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو هيو ۽ تيستائين گڏ گڏ گهميس جيستائين مون گڏ گهمڻ چاهيو. بابا سان گڏجي مون پنهنجي شهر جو ذرو ذرو گهميو. بابا پنهنجن دوستن وٽ ويندو هيو ته به مان گڏ هوندي هيس. سودو سلف وٺڻ وڃي، يا سبزي مارڪيٽ وڃي، گوشت ۽ مڇي وٺي، يا وري ڪو ٻيو گهر جو سامان، منهنجا ڪتاب ۽ اسٽيشنري وغيره هجي. هر هنڌ، هر جڳهه بابا جن سان گڏوگڏ هوندي هُيس.
افسوس صد افسوس جو اڄ پيارو بابا نه آهي ته نه ئي وري اُهو خوبصورت باغ و بستان آهي. شهر، ملڪ ۽ قومون ترقي ڪنديون آهن، پر اسان جي سنڌ سڳوري ڏينهون ڏينهن وڃي پئي پوئتي پوندي (هر ڳالهه ۾)
ننڍڙي هوندي جي يادن ۾ ڪجهه ”يادگيري“ اچي ٿي ته بابا جن تقريباً پڙهندا رهندا هئا، ننڍڙي ڪتاب نما بوڪ تي روزانو ڪجهه وقت لکندا به هئا. وڏي ٿيڻ کان پوءِ خبر پئي ته ان ”بوڪ“ کي ”ڊائري“ چئبو آهي. اهڙيءَ طرح تمام ننڍڙي هوندي کان وٺي پڙهڻ لکڻ وارو ماحول مليو. مون کي ياد ڪونهي ته اسڪول ۾ ڪيئن داخل ٿيم. پر پوءِ اهو سڀ ڪجهه ذهن ۾ محفوظ آهي ته اسڪول ۾ ”پهريون ڏينهن“ ڪيئن گذريو. مون کي منهنجي ٽيچر ”ڪچي پهرين“ جي ڪلاس ۾ زمين تي وهاريو ۽ مان سڄو وقت پنهنجن ڪپڙن کي بچائيندي، ڇنڊيندي رهيم ۽ مستقل شڪايت ڪيم ته مون کي مٿي بئنچ تي وهاريو. پر ائين نه ٿيو ۽ جڏهن گهر موٽيم ته روئندي مون پنهنجي پڦيءَ کي سڀ ڪجهه شڪايت واري انداز ۾ ٻڌايو ته ڪيئن منهنجو نئون سوئٽر ۽ ڪپڙا مٽيءَ ۾ خراب ٿيا آهن، پر ان زماني ۾ اهو اصول نه هُيو ته ڪو اسڪول جي معاملي ۾ مداخلت ڪئي وڃي. پوءِ آهستي آهستي مون کي ٽيچر ڪجهه ڏينهن بعد ”بئنچ“ تي ويهاريو. ”مائٽ“ هروڀرو اجائي مداخلت بلڪل به نه ڪندا هئا. حالانڪه اها ٽيچر اسان جي مائٽ پڻ هئي. ٽيچر جنهن کي اُن زماني ۾ اسان ’ادي‘ ڪري سڏيندا هُئاسي، سان مون شڪايت ڪئي ته ڪپڙا ميرا پيا ٿين پر اُلٽو سخت لفظن ۾ دڙڪا کاڌا ۽ روئي چپ ڪري ويٺم. تنهن وقت به اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ هُئي جيڪا اڄ تائين ڏينهن تائين برقرار آهي.
جيتوڻيڪ اسان گورنمينٽ جي اسڪول ۾ پڙهائيءَ جي شروعات ڪئي ۽ آخر تائين گورنمينٽ جي ادارن مان اعليٰ تعليم به ورتي. پر ڪڏهن به ائين نه ٿيو ته ڪو غير ضروري طور تي هروڀرو اسڪول بند ڪيا وڃن اسان جي زماني ۾ بهترين قسم جي پڙهائيءَ سان گڏوگڏ تمام بهترين اخلاقي تربيت به ٿيندي هئي. اسڪول ۾ ديني تعليم، درس و تدريس، اسلامي ڳالهيون ۽ ٻيون اهڙيون ڪيتريون ئي ”غير نصابي ۽ نصابي“ سرگرميون ڪرايون وينديون هيون. جن سان ذهن جي بهترين ”نشوونما“ ٿيندي هئي. بيشڪ تعليم لاءِ استاد لازمي طور تي بهترين هجڻ لازم آهي، پر گهر جو ماحول ۽ والدين جي توجهه پڻ انتهائي ضروري آهي. الله جي فصل و ڪرم سان مون کي گهر ۾ بهترين علمي ۽ ادبي ماحول ميسر آيو.
هڪ تمام پياري بلڪه انتهائي پياري ”ياد“ آهي، جيڪا شايد مرڻ گهڙيءَ تائين ياد رهندي ته پهريون ڀيرو قلم هٿ ۾ کڻي سليٽ تي جيڪو مون پهريون زندگيءَ جو لفظ اُچاريو ۽ لکيو سو هيو، بابا جي هٿ سان پڪڙيل منهنجو هٿ ۽ بابا جا لفظ جيڪي اڄ به ڪنهن سرگوشيءَ وانگر منهنجن ڪنن ۾ ٻُڌجن پيا ته:
”اُڀي ليڪ، سڌي ليڪ، سمهيل ليڪ، گول، اڌ گول، اُهي هئا اُهي ”اُچار“ جيڪي الف اک ۽ ب بلا کان اڳ ۾ بابا مون کي هٿ وٺي لکرايا ۽ سمجهايا ته هنن ليڪن منجهان لفظ ڪيئن ٺهندا. اڄ نه اُهي والدين توجهه ڏيڻ وارا رهيا آهن نه ئي وري ڪي اُستاد محنتي جيڪي پيار ۽ شفقت سان سيکاريندا هئا. ۽ نه ئي وري ٻار جيڪي وڏن جو چيو وٺن.
دراصل اڄ جي دور ۾ گذريل وقت سان گڏ، تبديلي نظر اچي رهي آهي. اسان جو ماحول، آس پاس جي فضا، ماحولياتي گدلاڻ، سائنسي ترقيءَ سان گڏوگڏ جتي آسائشون ميسر ٿيون آهن، اتي ڪيترو ئي نقصان پهچائيندڙ ماحول پڻ جڙيو آهي. اسان جي ننڍپڻ ۾ اسان وڏن کي ڪتاب پڙهندي ڏٺو ته شوق جاڳيو ته اسان به پڙهون. ننڍپڻ ۾ برزبان بيت ۽ سبق ياد ڪرڻ سان گڏوگڏ، ڪيتريون ئي آکاڻيون ۽ ٻيا دلچسپ معلوماتي ڪتاب پڙهبا هئا. مون کي باقاعده ياد آهي ته ڇهين درجي ڪلاس ۾ مون پنهنجي اسڪول لائبرري جي الماڙين ۾ سجايل جيترا به ڪتاب موجود هئا تن منجهان اڌ کان وڌيڪ پڙهي ورتا هئا. شايد ان جو هڪ سبب منهنجو مانيٽر هجڻ سان گڏوگڏ انچارج لائبرري هجڻ هيو ڇو ته منهنجي شوق جي پيش نظر منهنجي ٽيچر مون کي روزانو هڪ ڪتاب گهر کڻي وڃڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي هئي، ۽ مان باقاعده بغير ڪنهن ڪوتاهيءَ جي صبح جو باقاعده ياد سان ڪتاب واپس موٽائي آڻي، پنهنجي ٽيچر آپا انور شيخ صاحبه (حال حيات آهن) جي سامهون الماڙي ۾ رکندي هيم. ائين ڪرڻ سان مون کي مطالعي جو وڌيڪ شوق ٿيو ۽ مختلف موضوعن تي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليو. (مختصر وقت لاءِ ڪتاب جو ملڻ ۽ شوق سان جلدي مختصر وقت ۾ پورو ڪرڻ پوءِ اڳتي هلي، جهڙوڪر منهنجو معمول بڻجي ويو.) اڄ به مان ڪتاب پڙهڻ لاءِ کڻندي آهيان ته تمام جلدي ختم ڪري وٺندي آهيان مون لکڻ جو سلسلو ڪلاس نائين کان شروع ڪيو. جيڪو هڪ مضمون نويسيءَ جي مقابلي ۾ حصي وٺڻ سان ابتدا ٿي ۽ انعام ملڻ تي اڃان به وڌيڪ اُتساهه مليو ۽ پوءِ اُهو سلسلو ڪاليج ۽ يونيورسٽي تائين جاري رهيو. اسڪول منجهان واپس اچڻ بعد اسان کي ڪڏهن به هروڀرو ڪنهن ٻي ماڻهو کان ٽيوشن ٽائيپ پڙهڻ جو ڪوبه خيال ڪڏهن نه آيو، ڇو ته اسڪول ۾ ٽيچرز ايڏي محنت سان پڙهائينديون هيون، جو جيڪو هوم ورڪ ملندو هيو، سو بغير ڪنهن جي مدد جي خودبخود مان پاڻ ڪري وٺندي هيم. باقي مشڪلات درپيش ايندي هئي ته پوءِ بابا ۽ امان کان مدد وٺبي هئي. پڙهڻ جو وقت به تمام گهڻو هوندو هيو. ڪجهه راند روند به ڪبي هئي. مون پنهنجي ننڍپڻ ۾ سموريون رائج الوقت رانديون کيڏيون جيڪي اڄ به گهڻي ڀاڱي ياد آهن. جن ۾ خاص طور تي اِيٽي ڏڪر، پنج ڪلا راند جيڪا ننڍڙن .... پٿرن سان ۽ بال سان کيڏبي آهي، چڌن راند ۽ لِڪ لڪوٽي راند اُهي سڀ منهنجون پسنديده رانديون هُيون. مٿانهين ڀتن تي چڙهي، پري تائين ٽپ ڏيڻ ڏاڍو وڻندو هُيو.
(منهنجي زندگي ۾ ڪوبه سبجيڪٽ مسئلو نه بڻيو، سواءِ هڪ Maths يعني حسابن جي. نه ڪڏهن جو ٽڪٽ سولي نموني سمجهه آئي نه ئي ڪڏهن جوڙ توڙ ڪرڻ سکيو. جنهن جو اثر منهنجيءَ زندگيءَ تي به پيو.)
”حساب“ جي مضمون ۾ مان شروع کان ڪمزور هيم. اڳتي هلي بابا ڪجهه ٻين ٽيچرز کان به مدد وٺرائي ڏني. ڪجهه وقت ٽيوشن لاءِ هڪ استاد پڻ رکيو ويو. پر جاميٽري ۽ الجبرا جي مدد سان بس ”حساب“ جو مضمون صرف پاس ئي ڪري سگهندي هيم. ان سبب ڪري ئي انٽر ڪلاس ۾ سٺيون مارڪون نه آيون. صرف هڪ پوائنٽ تان ميڊيڪل ۾ داخلا نه ٿي سگهي.
اڄ جي دور جي ٻار کي ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ اهڙي قسم جي Indoor يعني گهر ويٺي وندر ميسر آهي. تنهن ڪري هڪ طرف ٻار مطالعي جي عادت کان پري ٿيندا پيا وڃن ته ٻي طرف وري Out door يعني ميدانن ۾ گڏجي راند روند وارو Concept يعني خيال بلڪل ختم ٿيندو پيو وڃي. نتيجي طور ٻار ۾ نه سهپ رهي آهي نه رواداري، نه ئي وري ادب ۽ آداب. ”تعليم ۽ تربيت“ گڏيل طور هڪ لفظ سمجهيو ويندو رهيو آهي. پر اڄ ڪالهه جي دور ۾ صرف تعليم تي زور ڏنو وڃي ٿو، باقي تربيت نالي ڪوبه لفظ نه استادن جي لغت ۾ آهي ۽ نه ئي وري والدين وٽ گهرن ۾ ڪو ڌيان ڏنو وڃي ٿو. دنياوي تعليم شروع ڪرڻ سان گڏوگڏ، ديني تعليم ڏي به ڌيان ڏنو ويندو هيو. صبح جو سوير اٿڻ جي عادت، سبق ياد ڪرڻ، سليٽ تي لکڻ، ڪاري مس سان پٽيءَ تي لکڻ، لفظ معنيٰ ياد ڪرڻ سان گڏوگڏ، ”نماز“ کان پوءِ قرآني قاعدو پڻ باقاعدگيءَ سان پڙهيو ويندو هيو.
سچي ڳالهه ته اُها آهي ته اسان کي گهر کان علاوه اسڪول ۾ به شروع جا ٻه پيرڊ ديني تعليم ڏني ويندي هئي. گهر ۾ روزانو باآواز بلند پنهنجي امڙ کي تلاوت ڪندي ٻڌندي هيم. هلڪي آواز ۾ تلاوت ڪيل ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون آيتون صرف ٻڌندي ٻڌندي ياد ٿينديون ويون. سچي ڳالهه ته اها آهي ته اهو هڪ اُتساهه جو سبب بڻيو جو جڏهن امان مٺڙي آواز ۾ تلاوت ختم ڪرڻ کان پوءِ ضرور باقاعده درود تاج ۽ ٻيون ننڍڙيون وڏيون آيتون ۽ ٻيا ڪيترائي درود ۽ دعائون جڏهن آهستي آهستي پڙهندي هئي ته مون کي به رشڪ ٿيندو هيو. ۽ پوءِ الله تعاليٰ جي عنايت ٿي ۽ مون ”درود تاج“ ياد ڪري ورتو، ٻڌائڻ مقصد صرف هيءُ آهي ته ڪيئن نه گهرن ۾ تربيت جو اهتمام ڪيو ويندو هيو. اخلاقيات جو سبق هميشه گهر کان ملندو آهي. هڪ ٻار جو سلڇڻو ٿيڻ،گڻ اوگڻ سکڻ، وڏي ننڍي جي عزت ڪرڻ، نياز نوڙت سان هلڻ، سهپ ۽ روادري، اهو سڀ ڪجهه ”ٻار“ پنهنجي گهر منجهان ئي سکي ٿو. جڏهن ته اسڪول اُها جڳهه آهي جتي اُهي سڀ ڳالهيون اُستادن جي زير سايه وڌيڪ کلي سامهون اچن ٿيون ۽ اُستاد وڌيڪ سنواري سينگاري ٻار کي مڪمل بڻائڻ ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
سرتيون مون ڳالهه پئي ٻڌائي پنهنجي پهرين پڪنڪ، ۽ ڪجهه سير و تفريح جي باري ۾ ۽ ڪجهه پاڇولا تري آيا ذهن تي، اسڪول جي زماني جا. پوءِ هاڻ ڪجهه چٽا عڪس ذهن تي تري آيا آهن ته مون پوءِ وري ٻي پڪنڪ ڪاليج جي طرفان ڪئي. گورنمينٽ گرلس ڪاليج سکر ۾ جڏهن مان انٽر سائنس ۾ پڙهي رهي هيم. اها پڪنڪ رٿيل هئي ڪوٽڏيجي جو قلعو جيڪو خيرپور ميرس ۾ آهي ۽ پوءِ وياسي گيسٽ هائوس ۾ ماني کائڻ ۽ ان جي آس پاس جيڪو باغ ۽ گهاٽا وڻ ٽڻ ۽ ڀرسان وهندڙ واهه جنهن کي ”سدا واه“ سڏجي ٿو. (مختصر اهو ته جهڙوڪر گهر ويٺي سڄي شهر جو نظارو ڪري وٺبو هيو. ڪارا ڪڪر جڏهن ڀرجي ايندا هئا ۽ وسڻ جو ويس ڪندا هئا ته شاهه صاحب جي بيتن کي جيڪي اسان پنهنجي ڪلاس ۾ پڙهيا هياسي ۽ ياد ڪيا هياسي تن کي تحت الفظ ۾ پڙهڻ بيحد وڻندو هيو. گڏوگڏ ڪيترائي نظم، بيت ۽ ٻيون ڪيتريون ڪافيون ۽ الميه توڙي طريبه غزل ۽ گانا پنهنجي منهن اڪيلي ۾ ڪاٺ جي ڏاڪڻ تي ويهي جهونگارڻ بيحد وڻندو هيو. گڏوگڏ کائڻ پيئڻ جو سلسلو هلندو هيو ۽ گڏ آندل ڪتابن جو مطالعو پڻ ٿيندو هيو.)
هر انسان جڏهن شعور جون منزلون طئي ڪري ٿو ته پوءِ لاشعوري طور تي گذريل وقت جا واقعات، ڪجهه منظر ڪجهه خوشگوار نظارن جان عڪس، ڪجهه اڻوڻندڙ ۽ ڏکوئيندڙ ڳالهيون سڀ ڪجهه هلڪو هلڪو ڪجهه، چٽو ۽ ڪجهه جهَڪوَ، ضرور بلضرور دماغ جي ياداشت واري حصي ۾ محفوظ رهن ٿا.
مون کي ڪجهه ڳالهيون ائين ياد آهن، جهڙوڪر ڪالهه گذريون هجن، پر گڏوگڏ باقي سڀ ائين وسري ويل آهي، جو ذهن تي زور ڏيڻ بعد به ياد نٿو ڪري سگهجي. اهڙين يادين منجهان هڪ ياد آهي ته ڪيئن نه اسان سان گڏ رهندڙ منهنجو سؤٽ جيڪو پڙهائي خاطر اسان سان گڏ رهندو هيو، سو هروڀرو تنگ ڪرڻ خاطر منهنجون لڪائي رکيل شيون کائي چٽ ڪري پوءِ مون کي ٻڌائيندو هيو ته مون سڀ ڪجهه کائي ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي گوڙ ۽ شور مچائڻ تي ڌمڪي ڏيندو هيو ته مان توکي راند نه کيڏائيندم، گڏيون ڀڃي ڇڏيندم ۽ آخري زبردست ڌمڪي ڏيندو هيو ته تنهنجا ڪاغذ ڦاڙي اڇلائيندم. مون کي ننڍي هوندي کان شين کي سنڀالي رکڻ جي عادت هئي. ڪاغذن ۾ ساهه هوندو هيو. هلڪو عڪس اڀري ٿو، ياد ناهي ته ڪهڙي ڪلاس ۾ پڙهندي هيم. پر پنهنجي ڏاڏيءَ جي خراب طبيعت ۽ پوءِ تمام گهڻي خراب ٿي وڃڻ ۽ بار بار ڊاڪٽر جو اچڻ ۽ ان جو منع ڪرڻ ته طبيعت جيستائين ٿوري ٺيڪ نه ٿي ٿئي، توهان مريض کي پاڻي گهٽ پياريو. مون کي ياد آهي ته وڏا گهر ڀاتي جڏهن سامهون نه هئا ته منهنجي ڏاڏيءَ منهنجي سؤٽ کي سڏ ڪيو ته کيس پاڻي آڻي ڏي، جنهن تي هن منع ڪيس پر پوءِ مون کي چيائين ڪنهن کي نه ٻڌاءِ چپ چاپ دلي منجهان پاڻي کڻي اچي ڏاڏي کي پياريون ٿا. پوءِ تمام وڏو ۽ ڊگهو هڪ گلاس هيو جيڪو ڀري اچي پياريوسي. شايد ڏاڏيءَ جو ڪو آخري وقت هيو جو پوءِ هن بيحد دعائون پي ڏنيون ته هروڀرو ڊاڪٽر منع ٿو ڪري. ان ڳالهه تي اسان سخت دڙڪا به کاڌا.
مون کي پنهنجي پهرين روزي رکڻ جي عمر بلڪل به ياد ناهي، پر چٽيءَ طرح ياد آهي ته اها سخت گرم ترين موسم هئي. گرمين جا روزا هئا، شايد تڏهن ئي مان بار بار پاڻي جي دلن وٽ چڪر پي لڳايا. پر امان جي نظرن ڏسي پي ورتو. گهڻي واضع ياداشت ۾ ڪجهه به نه آهي، ان ڪري پڪ پئي ٿئي ته تمام ننڍيءَ عمر کان روزا رکڻ شروع ڪيا هئا. بقول پنهنجيءَ امڙ جي ته مان جڏهن به ڪنهن کي مُصّلي تي ويٺل ڏسندي هيم ته پاڻ به ڀرسان ويهي مٿو لوڏي الله هو الله هو شروع ڪري ڏيندي هيم. ڏاڏيءَ جي ڀرسان اڪثر ويهي ائين ڪرڻ سان شايد هوءِ ڊسٽرب ٿيندي هئي. ۽ منع ڪندي هئي پر مان پنهنجيءَ ڌُن ۾ مَڱن رهندي هيم.
ٻاروتڻ جون ڪجهه هلڪيون هلڪيون پرڇايون (عڪس) ذهن تي اُڀرن ٿيون ته مونکي ياد پوي ٿو ته ننڍڙي هوندي کان مان پنهنجي ڳالهه تي پختگيءَ سان قائم رهندڙ، ۽ مڃائيندڙ فطرت واري هيم. (اسان ماشاء الله ڪل ڇهه ڀائر ڀينر آهيون. (جنهن ۾ اسين ٻه ڀينر ۽ چار ڀائر آهن) گهر ڏانهن موڪليائون جتي منهنجي ماساتن مون مٿان کِلو ۽ مذاق اڏايو). پر ڳالهه اڃان اتي پوري ٿيندي نظر نه ٿي اچي شايد مون کي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ لاءِ ”لِڪي“ ڪري شامل ٿيڻ هڪ ايڊوينچر طور لڳندو هيو. تڏهن ته مون کي ياد آهي ته مون زندگيءَ ۾ پهرين فلم جيڪا سکر جي سينيما ۾ ڏٺي هئي، جنهن جو نالو ياد نه آهي شايد ڪا سنڌي فلم هئي يا وري اردو، پر اهو ”اولڙو“ منهنجي ذهن ۾ محفوظ آهي ته ڪيئن نه مغرب بعد امان ۽ ماسيءَ وارن پلان پي ٺاهيو فلم جو جيڪو مون ٻڌڻ شرط دل ۾ سوچي ورتو ته مان به ضرور ”فلم“ ڏسندم، ڪو وڃي نه وڃي مان ضرور ويندم. پوءِ امان جي منع ڪرڻ باوجود ۽ ماسيءَ جي دڙڪن کائڻ ۽ روڪڻ باوجود مان ٽانگي جي پويان سيٽ جي هيٺان تڪڙ ۾ ائين لڪي ويهي رهيم جو جيئن وڏيون سڀ ٽانگي تي چڙهيون ته ٽانگي هلڻ شروع ڪيو ۽ منهنجي ماسيءَ چيو ته: شڪر ٿيو جو رشيده گهڻو گوڙ نه ڪيو ۽ مٿي ڪمري ۾ ٻين ٻارن سان ڪاغذ جي رانديڪن ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي وئي. پر تڏهن سندس حيرت منجهان رڙ نڪري ويس، جڏهن ٽانگو سينيما جي ٻاهران بيٺو ۽ مان به انهن سڀني جي پويان ٽپو ڏيئي لهي آيم، ته ماسيءَ مون کي ”چماٽ“ هڻي ڪري چيو ته تون ڪيئن هتي آئي آهين؟ توکي ته اسان مٿي ڪمري ۾ موڪليو هيوسي. مون کيس چيو ته: مون سان توهان ڊوڙ ۾ نٿا پڄي سگهو. سو ائين مون پنهنجي زندگيءَ جي پهرين فلم جيڪا گهڻو ڪري ”سنڌي“ هئي. شايد ”عمر مارئي“ يا ڪا ٻي مون سينيما ۾ ڏٺي. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڳالهه کي مڃرائڻ جي مون کي ننڍي هوندي کان شايد عادت ان ڪري پيل هئي جو مون ڪڏهن به اجايو سجايو گهڻا ضد نه ڪيا، نه ڪا اجائي فرمائش نه ڪو ڪڏهن ڪنهن رانديڪي وٺڻ جي خواهش ۽ نه ئي وري ٻين ٻارن وانگر وڙهڻ، جهيڙو ڪرڻ وغيره گهڻو تڻو مان خاموش رهڻ واري ادب و آداب سان ملڻ ۽ فضيلت جو مظاهرو ڪرڻ واري ٻارڙي سڏبي هيم. ان جو گهڻو سبب منهنجي ”پڦي“ هئي. جيڪا عام حالتن ۾ منهنجي ننڍي وڏي خواهش کي آرام سان پورو ڪري ڇڏيندي هئي ڇو ته مان تنگ ڪندڙ ۽ شرارتي نه هيم. بلڪه چيو مڃڻ واري صدوري ليکبي هيم: گهر ۾ کائڻ پيئڻ جون شيون هر وقت موجود هونديون هيون، پئسو پائي يعني هٿ ۾ خرچي ملڻ وارو رواج اسان وٽ بلڪل نه هيو. نه ئي وري دوڪان تي وڃڻ جي اجازت هوندي هئي. ان ڪري گهر ۾ هر وقت هر شيء ميسر هوندي هئي. منهنجو اسڪول گهر کان صرف ٽن منٽن جي پنڌ تي واقع هيو. ان ڪري رسيس ۾ مان گهر اچي پاڻي پيئندي هيم ۽ پڦي چوندي هئي ته ٻاهريون شيون مکين ويٺل ۽ خراب هونديون آهن. ان ڪري بلڪل نه کائڻ کپن.
مون کي ياد آهي ته مون ڪڏهن به گهر ۾ ڪنهن جي به مار نه کاڌي نه ئي ڪنهن سان جهيڙو ڪيو. بابا مون کي بي انتها پيار ڪندو هيو ۽ امان ته ڪڏهن به ڪجهه به نه چوندي هئي. امان ان ڪري خوش هوندي هئي جو مان پڙهڻ ۾ تنگ نه ڪندي هيم ۽ نه ئي ٻين ٻارن وانگر گوڙ مچائيندي هيم. بابا جن هميشه سڀني جي سامهون منهنجي تعريف ڪندا هئا ته منهنجي ڌيءَ سمجهدار آهي. سڀني ۾ وڏي هُئڻ جي حيثيت ڪري ننڍي هوندي کان مان پنهنجي ڀائرن ۽ ڀيڻ جو خيال رکندي هيم. مون کي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ هِڪڙو سبب اهو به نظر ايندو آهي جو مان گهر ۾ سڀني ٻارن ۾ وڏي هيم ۽ هر ماڻهو منهنجو چوڻ ضرور وٺندو هُيو. جڏهن مان سمجهدار ٿي ويم ۽ شايد ڪلاس پنجين ۾ هيم ته امان سخت بيمار ٿي پئي ۽ بلڪل ائين پي لڳو ته ڄاڻ ڪونه ڪو وڏو مسئلو پيش اچي سگهي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ به مان ئي پنهنجن ڀائرن ۽ ڀيڻ کي سنڀاليندي هيم. شايد سڀني ۾ وڏي هجڻ جي احساس يا وري گهريلو تربيت ۽ والده کي پڻ ٻين جي مدد ڪندي ڏسي، مون پاڻ ۾ اهو احساس محسوس ڪيو ته ننڍن ڀائرن، ڀينرن توڙي جو ٻين سڀني سان سُٺيءَ طرح پيش اچجي ته جيئن ٻيا تعريف ڪن. مون ۾ ننڍپڻ کان اها عادت/ فطرت ۾ شامل هئي ته ڪنهن ٻي کي منهنجي ڪري ڪابه تڪليف درپيش نه اچي، ڪوبه ماڻهو ائين شڪايت (Complain) نه ڪري ته منهنجي ڪري هن کي ڪو مسئلو پيش آيو. شايد اهو ئي سبب هيو جو سواءِ ڪنهن تمام ذاتي اشو جي مون ڪڏهن به ڪنهن کي ڪجهه نه چيو. پنهنجي خلاف گهڻو ڪجهه ٻڌڻ جي باوجود ڪڏهن به ڪنهن سان ڪو جهيڙو نه ڪيو (شُڪر الحمد الله). اهو سڀ ڪجهه اسان سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ اسان جي امڙ کان منتقل ٿيل آهي. اسان جا والد پڻ ساڳي طبيعت جا مالڪ هئا پر آهي وري به غصو ۽ ڪاوڙ ڪندا هئا.
سرتيون اڄ مان عمر جي جنهن حصي ۾ پهتل آهيان اتي انسان وٽ بيشمار ”ياديون“، ستارن جي جهرمٽ وانگر، اڻ کٽ سلسلي وانگر دماغ جي پردي تي ڪنهن فلم وانگر هلنديون رهن ٿيون. ڪجهه هلڪا عڪس، ننڍڙا ننڍڙا منظر، اولڙا، پرڇايون ۽ ڪي جوانيءَ جون ياديون. ڪلاس نائين کان پوءِ جڏهن عمرِ عزيز اچي پندرهن کن سال ٿئي ٿي ته اها حقيقت ۾ هڪ اهڙي دور تي مشتمل هجي ٿي، جنهن کي اسان زندگيءَ جو سونهري دور ڪري سڏيون ٿا. منهنجي سڄي عمر جي سالن منجهان پندرهن سالن کان وٺي ايڪويهه سالن تائين وارو عرصو ڏاڍو يادگار رهيو. تمام خوشگوار لمحات به نقش ٿيل آهن، ته زندگيءَ جا بدترين لمحا به ڪڏهن وسري نٿا سگهن. مئٽرڪ ۾ هيم جڏهن مان ائين سمجهندي هيم ته انسان جي زندگي تمام بيحد وڻندڙ ۽ عطيه خداوندي آهي، جنهن کي الله تعاليٰ جي اطاعت، بندگي ۽ انسانن جي ڀلائي لاءِ وقف ڪري ڇڏڻ گهرجي. اهڙن جذبن جي اُڀرڻ ڪري منهنجي دل و دماغ ۾ پنهنجي مالڪ ربُ اُلعِزت جو خوف ۽ ان کان هر ڏک سک ۾ دعا گهرڻ وارو طريقو محفوظ رهيو. سڄو رمضان شريف جو مهينو بنا ڪنهن ظاهري رشتي ناتي ۽ نسبت جي مرحوم و مغفور ذوالفقار علي ڀٽي صاحب لاءِ دعائون گهريون ته هو قيد منجهان نجات حاصل ڪري. شايد هُن جي سحر انگيز شخصيت جو ئي ڪرشمو هيو. سال 1967ع ۽ 1968ع ۾ منهنجي اسڪولي زماني جا بهترين ڏينهن رهيا. بيشمار ڪاميابيون حاصل ٿيون. اسڪول ۾ ٿيندڙ هر قسم جي اڪيڊمڪ توڙي ايڪسٽراڪريڪيولر ايڪٽيوٽيز ۾ باقاعده حصو وٺندي هيم.
ميلاد شريف، توڙي تقريري مقابلو هجي، يا وري مضمون نويسي ۽ راندين جو ميدان هجي ٽيبلو ۽ ڊرامن ۾ پڻ حصو ورتو. ڪيترا يادگار لمحات تصويرن جي صورت ۾ جڏهن اڄ به ڪڏهن ڪڏهن ڏسندي آهيان ته ائين ئي تصور ۾ موٽي ان زماني ۾ پهچي ويندي آهيان. مون مئٽرڪ جو امتحان ڏنو ته پوءِ پهريون ڀيرو بابا ۽ امان سان گڏجي اسان پنهنجي ماسيءَ ڏانهن گهمڻ لاءِ ڪراچيءَ وياسي. سڄو مهينو خوب انجوائي ڪيو.
يادگيرين تي مشتمل فلم جي هڪ منظر ۾ اهو به ياد آهي ته اسان انٽر کان پوءِ جڏهن B.Sc ڪرڻ لاءِ اسلاميه ڪاليج سکر ۾ داخلا ورتي ته انهن ڏينهن ۾ اسان گهڻي ڀاڱي ٽرين ذريعي روهڙيءَ کان سکر ايندا ويندا هئاسي. هڪ ڀيري مون کي ياد آهي ته اسين سڀ ڇوڪريون گروپ جي صورت ۾ گڏجي ڪاليج کان سکر اسٽيشن ڏانهن وڃي رهيا هياسي. سخت گرمي جا ڏينهن هئا ۽ ڏينهن جو تقريباً ڏيڍ بجي جو ٽائيم هيو، اسان منجهان هر ڇوڪري کي برقعو پاتل هيو ۽ پگهرجڻ ڪري ذري گهٽ بيهوش ٿيڻ وارا هئاسي ته ڪنهن طرف هڪ ساهڙيءَ هٿ کڻي زوردار آواز ۾ دعا گهري ته اي الله اسان جي هنن پنڌن کي سجايو ڪجانءِ ۽ اسان جي محنت قبول ڪجان ۽ بخت بالا ڪجانءِ بيشڪ رب تعاليٰ ڪڏهن ڪڏهن اندر جي آواز کي قبول ڪرڻ ۾ بلڪل دير نٿو ڪري. نامساعد حالات جي باوجود پوءِ اسان ٻنهي الله جي حڪم سان اچي ڄامشورو وسايو. اڄ منهنجي اها ڪلاس فيلو منهنجي ڀرسان ئي ڄامشوري ۾ رهي ٿي.
سرتيون مون توهان سان پنهنجي ٻاروتڻ، ننڍپڻ کي ڪجهه ڪجهه شيئر ڪيو آهي، هاڻي اچو ته ڪجهه يادگيريون ڄامشوري جون توهان کي ٻڌائجن. مون يونيورسٽي ۾ داخلا ليٽ ورتي هئي، ڇو ته بابا جن انڪاري هئا ته رهائش وغيره ڪيئن ڪبي، ايڏو پري اڪيلو ڪيئن رهبو. پر پوءِ منهنجي دوست حميره ۽ منهنجي پڦيءَ جي تمام گهڻي ايلاز منٿن کان پوءِ بابا جن راضي ٿيا ۽ منهنجي امي جن منهنجي ماسيءَ ۽ وڏي مامي کي پابند بڻايو ته هو ٻئي ڄڻا هر هفتي اچي ملندا ۽ حال احوال پڇندا. بهرحال قدرت کي منظور هيو ۽ مان اچي خير سان مارئي هاسٽل ۾ پهتم.
اُتي رهڻ دوران بي انتها مصروفيت وارا ڏينهن ۽ رات گذريا. خير سان پڙهائي دوران ڪنهن قسم جي ڪابه پريشاني نه ٿي. اسان جي ڊپارٽمينٽ طرفان پڪنڪ پروگرام رٿيو ويو ته ڏاڍي شوق سان مان ۽ حميره شريڪ ٿياسي. اها منهنجيءَ زندگي جي ٽين پڪنڪ هُئي. 14 آگسٽ جو ڏينهن ۽ سال هيو 1974ع جو، موسم هئي جهڙالي ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي ڪارا ڪڪر آيا ۽ خوب تيز بارش پئي. هڪ بارش منهنجي ڪمزوري، ٻيو پهريون ڀيرو ٺٽو ۽ ڪينجهر ڏسڻ جو شوق سو خوب مزو آيو. اسان پنهنجين ٽيچرز سان گڏجي خوب گهميو ڦريوسي. ڪوئي خاص واقعو ته پيش نه آيو، پر هڪ يادگار طور گفٽ منهنجي هڪ ڪلاس فيلو جنهن کي اسان بيبي ڪري سڏيندا هئاسي، تنهن وٺي ڏنو ۽ جڏهن کولي ڏٺو ته هڪ پوني جنهن ۾ ٻه ننڍڙيون بدڪون لڳل هيون. ڪيتري عرصي تائين سنڀالي رکيو هيون. هاڻي شايد ڪٿي گم ٿي ويون آهن. اسان جي ڪلاس ۾ اسان جا ڪلاس فيلو ڇوڪرا بيحد خيال رکڻ وارا ۽ عزت ڪرڻ وارا هوندا هئا. مذاق به ڪندا هئا ته اهڙو جيڪو قابل برداشت هوندو هيو.
ڪجهه شاگرد منهنجين عادتن مطابق پاڻ ۾ هڪٻئي جا تمثيلي نالا رکندا هئا ۽ ڪجهه وڌيڪ تنگ به ڪندا هئا. اسان جي ئي گروپ جي هڪ ڪلاس فيلو وٽ ڪئميرا هئي. ان وقت تائين ڪئميرا ايڏي عام جام هر ڪنهن وٽ نه هوندي هئي، يا ته فوٽوگرافن وٽ هوندي هئي يا وري ڪنهن اميرزادي وٽ. سو اسان جي به ڪجهه ڪلاس فيلوز وٽ ڪئميرا هئي. ڪجهه ڪلاس فيلوز ڇوڪرن جي بي انتها ڪوشش هئي ته ڪجهه تصويرون ڇوڪرين جون به ڪڍون پر سڀني منع پي ڪيو ۽ پوءِ ائين ٿيو ته اوچتو ئي اوچتو اچانڪ فليش لائيٽ تي سڀني جا ڇرڪ پي نڪتا ۽ ائين اسان به ٿيو. مان ۽ منهنجي دوست حميره ٻئي ڄڻا، پاڻي منجهه پير پسائي بيٺا هئاسي جو اوچتو پري کان ڪئميره تي نظر پئي ۽ مون ٻئي هٿ منهن تي رکي ڇڏيا. تصوير نه نڪري وئي. پر پوءِ ٻي صبح جو ڊپارٽمينٽ ۾ پهچڻ شرط خبر پئي ته اسان جي سينئر ٽيچر مئڊم سلمه دراني ڪاوڙ منجهان منهنجو پڇاڻو پي ڪيو ۽ جيئن مان سندس آڏو حاضر ٿيم ته خوب دڙڪا پيا ۽ چيائين ته اها ڪهڙي تميز هئي تنهنجي سزا اها آهي ته اها تصوير مون نوٽيس بورڊ تي ٻين تصويرن سان گڏ لڳرائي آهي ته جيئن توکي آئينده لاءِ ايٽيڪيٽس سمجهه ۾ اچي سگهندو. اها تصوير اڄ به مون وٽ آهي. هونئن به تصويرن کي جمع ڪرڻ جو مون کي بي انتها شوق آهي ۽ تمام گهڻي تعداد شايد هزارن منجهه موجود آهن. پر ائين يادگار لمحن جون ڪيتريون ئي خوبصورت يادگيريون تصويرن جي صورت ۾ جمع آهن ۽ ڪيترين کي ته مون V.C.R تي ڏسڻ خاطر ڪيسٽ ۾ رڪارڊ ڪرايو آهي. منهنجي Hobby تصويرن کي جمع ڪرڻ آهي تصويرن سان گڏ مليل ننڍا ننڍا تحفا، پنهنجين ڪلاس فيلوز کان ورتل آٽوگراف ۽ مليل ٽائيٽل ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون شيون سڀ جمع آهن مون کي شين کي سنڀالي رکڻ جي عادت آهي. ننڍن کان ننڍڙو گفٽ به سنڀالي رکندي آهيان.
پياريون سرتيون پنهنجين بهترين ”يادگيرين“ کي مون شروع ڪيو آهي پنهنجي ”فطري شوق“ يعني ته سير و تفريح سان ۽ ان حوالي سان مون ذڪر ڪيو آهي. پنهنجي سڀ کان پهرين ”پڪنڪ“ جي يادگيري سان، جيڪا منهنجي ننڍپڻ جي شرارت ۾ هئي.جنهن جو ذڪر مون اڳ ۾ تفصيل سان ڪيو آهي. ٻي طرف ماڳ ۽ مڪان ڏسڻ جو شوق ۽ بيحد تَجسّس به هُيو. اِهو سير و تفريح مون کي الله تعاليٰ مهيا ڪيو هيو، پنهنجي ئي سهڻي شهر روهڙي شهر جي خوبصورتي کي پنهنجين يادين ۾ جمع ڪرڻ سان، جيڪا ابتدا مون شروع ڪئي درياءَ سنڌ ۾ ٻيڙي ۾ چڙهي روهڙي کان سکر وڃڻ ۽ درياءَ جو سير ڪرڻ (هتي اهو ٻڌائيندي هلان ته مون کي درياءَ ۾ ٻيڙي تي چڙهي سير ڪرڻ بيحد وڻندو آهي) ساڌ ٻيلو، ٻاهران ڏسڻ، خواجه خضر جي آستاني وٽان لنگهڻ ۽ گڏوگڏ لئنسڊائون پل جي هيٺان لنگهندي آس پاس کان لئنسڊائون پل ڀرسان ساڌ ٻيلي جي ديوارن تي ويٺل مختلف پکي ۽ گڏوگڏ مورن کي ٽلندي ڏٺو. ننڍڙي هوندي کان مون تمام گهڻو سفر ڪيو روهڙي کان سکر ڏانهن ٻيڙين وسيلي، ٽرين وسيلي ۽ پوءِ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ جڏهن ٻيڙيون عام جام هلڻ بند ٿي ويون ته پوءِ ڪڏهن ٽانگي تي چڙهي وڃبو هيو ۽ وري پوءِ آخر ۾ جڏهن جوانيءَ ۾ قدم رکيو ۽ سکر اسلاميه ڪاليج ۾ داخلا ورتي تڏهن وري پيادل پل کي ڪراس ڪري سکر ڪاليج ڏانهن پنهنجو تعليمي سفر جاري رکيو. پيرن پنڌ گهر کان سکر اِسلاميه ڪاليج وڃڻ لاءِ روزانو لئنسڊائون پل کي ڪراس ڪرڻو پوندو هُيو ۽ اِن دوران پُل ۽ آس پاس جي منظرن کي چڱيءَ طرح ڏسڻ جو موقعو مليو. روهڙيءَ جي ڀرسان وهندڙ سنڌو ڪناري تي ”ستين جو آستان“ موجود آهي، جنهن کي اسان ڪڏهن به نه ڏٺو ايستائين جو جڏهن 72-1973ع ۾ سيلاب آيو ۽ تمام وڏي تباهي ٿي، ان زماني ۾ ٻوڏ جي ڪري تمام گهڻي تباهي مچي وئي هئي. ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن منجهان لڏپلاڻ ڪندڙ خاندان درياءِ جي مٿانهين واري ايراضيءَ جي آس پاس اچي ويٺا هئا ۽ ان ئي زماني ۾ ڪيترا ماڻهو گڏجي روز شام جو لئنسڊائون پل ۽ درياءِ ڪناري ڏانهن وڃي ڪجهه فلاحي ڪم ڪار ۾ مشغول ٿيندا هئا. ڪافي ڏينهن گذرڻ بعد مان به پنهنجي گهروارن سان گڏجي اوڏانهن وئي هيم ۽ ائين پهريون دفعو پري کان ستين جو آستان ڏٺو هيم. بعد ۾ تمام گهڻي عرصي بعد اسان وٽ ڪجهه مهمان آيل هئا ۽ انهن کي ”ستين جو آستان“ ڏيکارڻ بهاني اسان به اهو ماڳ ڏسڻ ويا هئاسي. ورنه عام طور تي بابا جن جي اجازت نه هوندي هئي ته ڪو هروڀرو هيڏانهن هوڏانهن وڃجي ۽ منهنجي اها عادت هوندي هئي ته جڏهن بابا جن منع ڪندا هئا ته پڪ سان اهو ڪم نه ڪبو هيو. جيستائين پاڻ اجازت ڏين. اسان جي پرائمري اسڪول جي هيڊمسٽريس جنهن جو اسم شريف، هيو بيبي جئيل، ان جو تعلق ڪوٽائي سيدن سان هيو. پاڻ بيحد محنتي، ۽ اسڪول جي هر ٻار ۽ استاد جي سار سنڀال لهڻ واري ۽ پردي دار خاتون هيون. جڏهن به اسڪول ۾ انسپيڪشن ٿيندي هئي ته مرد حضرات به خواتين سان گڏ ايندا هئا. ڊائريڪٽر يا وري ٻي ڪنهن عهدي تي فائز انهن مرد حضرات سان پاڻ برقعو پهري پنهنجيءَ ڪرسي تي ويهنديون هيون ۽ آفيشيل گفتگو ۾ حصو وٺنديون هيون. اسان اسڪول ۾ انهن کي ”ادي وڏي“ سڏيندا هئاسي. جڏهن ته ٻي نمبر تي فائز ننڍي هيڊمسٽريس کي پڻ ”ادي ننڍي“ سڏيو ويندو هيو.
سرتيون ٻاروتڻ هجي، يا ننڍپڻ يا وري جوانيءَ جون ڳالهيون. جڏهن يادن جا عڪس ۽ اولڙا، ذهن جي اسڪرين تي هلڻ شروع ڪندا آهن ته ائين محسوس ٿيندو آهي، جيئن اجهو سڀ ڪجهه هينئر وقوع پذير ٿي رهيو هجي يا وري ٿيو هجي. جتي کجين جو ذڪر اچي ٿو ۽ باغات جي ڳالهه نڪري ٿي ته ياد اچي ٿو ته ننڍڙي هوندي، گرمين جي ڏينهن ۾ نيرن تي هميشه اسان مکڻ، لسيءَ (ڏهي) (ڌونئرو) ۽ ماني سان گڏ مختلف قسمن جون تازيون کارڪون پڻ کاڌيون. بيحد ذائقيدار، (مٺيون ۽ کاريون،) نالا اڄ به ڪيترائي ياد آهن، ۽ ڪجهه ياد نه آهن. بابا جن ٻڌائيندا هئا، هيءَ وڻ جي پڪل کارڪ آهي، هلڪي مٺي، هيءَ ڪُپڙو کارڪ آهي تمام تيز مٺي، هيءَ نمڪين کارڪ آهي بيحد لذيذ، ۽ ها هي ڏنگ ڏوڪا آهن، اڌ سخت ۽ اڌ نرم بيحد مزيدار، ڪي ڊگهائي ۾ ته ڪي ويڪريون ۽ ڪي بيضوي شڪل جون ۽ ڪي وري گولائي مائل، مطلب ته تمام گهڻي ورائٽي ۽ مختلف قسمن جون، جن جو ذائقو اڄ به ياد آهي. گل ٻوٽن جو ذڪر ڪبو ته مون کي تمام چٽيءَ طرح ياد آهي ته باغ جو نالو هيو، جناح باغ، گيٽ تي وڏن اکرن ۾ لِکيل ۽ ننڍڙو در هر وقت عام ماڻهن لاءِ کليل رهندو هيو. سَرِ شام ٽيپهريءَ کان پوءِ اسين سڀ ڀائر ڀينر گڏجي بابا جن سان باغ جو سير ڪرڻ ويندا هئاسي. خوبصورت رنگ برنگي گل، ٻوٽا، وڻ ٽڻ، گهاٽو ۽ چُهٽيل سائو لان خوبصورت ڳاڙها گلاب جا گل، جن جي خوشبو اڄ به منهنجي دماغ ۾ ائين رچيل بسيل آهي ڄڻ ته ڪو ڪالهه جي ڳالهه هجي. لان ۾ قلابازيون ڏيندي ڏيندي ۽ بيدل بيڪس ۽ شاهه مقصود شاهه جي ٽڪريءَ تائين واڪ/ پنڌ ڪندي ڪندي، بعد مغرب جي ڪڏهن ڪڏهن ريلوي اسٽيشن جي پل مٿان بيهي هيٺ ايندڙ ويندڙ تيزگام، ۽ تيزرو گاڏيون ڏسندي ڏسندي، ڪڏهن وري ٽڪري مٿان اڏيل پاڪستان جي بهترين ويٽنگ روم کان سڄي روهڙي شهر جو نظارو ڪندي ڪندي خبر ئي نه پئي ته مون ڪهڙي وقت شعور جون منزلون طيءَ ڪيون ۽ جوانيءَ ۾ قدم رکيو.
ريلوي اسٽيشن تي بابا جن سان انتظار ڪندي، جڏهن اسان پنهنجي پڦي کي ملڻ لاءِ اچي بيهندا هئاسي. جڏهن منهنجي پڦي پنهنجي گهرواري سان گڏجي شڪارپور کان ڪراچيءَ ڏانهن ويندي هئي ته ان وقت مهراڻ ايڪسپريس بيحد پياري لڳندي هئي. ڇو ته منهنجي پياري ترين پڦي جو ان ۾ سوار هوندي هئي مون کي منهنجي پڦي جو گهروارو يعني پڦڙ اسٽيشن تي واٽر سوڍا جي بوتل پياريندو هيو. مون کي ذرو ذرو ياد آهي. ۽ پوءِ هي تلخ يادون به منهنجي بهترين يادن سان گڏوگڏ مون کي ياد رکڻيون پيون، جڏهن پڦيءَ جي گهرواري جا اختلاف وڌندا ويا ۽ جڏهن ڪراچيءَ ڏانهن ويندو هيو. ته اسٽيشن تي بيٺل ٽرين وٽ مان به بابا جن سان گڏجي ساڻن ملڻ ايندي هيم، بابا سمجهائيندو هين ته گهر ڏانهن هل، پنهنجي ٻارن سان مل، پر هن ته پنهنجو اڍائي سالن جو ننڍڙو ڪاڪو به نه ڏٺو هيو ڄائي ڄم کان پوءِ ڪڏهن به نه ڏٺو، تان جو هڪ ايڪسيڊنٽ ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. اُهو سال 1965ع جي تاريخ 22 نومبر هئي ۽ مان شايد ڪلاس ستين درجي ۾ هيم. منهنجي پڦيءَ سان ڇا وهيو واپريو اهو هڪ مڪمل ۽ الڳ حقيقت تي ٻڌل سچ آهي. بس يادن منجهه ياديون موجود هونديون آهن. اهڙا ڪيترائي واقعا ۽ منظر ذهن ۾ چٽن وانگر چٽيل آهن جو ڪنهن به لمحي ڪا ڳالهه ياد اچي وڃي ته پوءِ ڪنهن فلم وانگر اسڪرين جي پردي تي هلڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا. تلخ به ۽ خوشگوار به، 1974ع ۾ يونيورسٽي ۾ اچي ڄامشوري جي پر لطف ماحول ۾ جڏهن مون پنهنجي پهرين ۽ (هونئن ٽئين) پڪنڪ ڪينجهر ڪناري ۽ ٺٽيءَ جي بادشاهي مسجد ۽ مڪليءَ جي قبرستان سان گڏوگڏ ڪراچي ڪلفٽن ۽ پيرڊائيز پوائنٽ وغيره تي ملهائي ته پوءِ ايندڙ سالن ۾ هر سال پنهنجي ڊپارٽمينٽ طرفان پڪنڪ تي وڃڻ جو موقعو مَيسّر ايندو رهيو. 1976ع ۾ بطور ليڪچرار جي منهنجي مقرري ڊپارٽمينٽ آف فزيالاجي ۾ ٿي. اُن وقت اسان جي ڊپارٽمنٽ ۾ ليڊي ٽيچرس گهٽ ۽ شاگردياڻين جو انگ شاگردن کان وڌيڪ هجڻ باعث هيڊ آف دي ڊپارٽمينٽ هميشه پڪنڪ تي وڃڻ لاءِ پابند بڻائيندا هئا ۽ مون به ڪڏهن انڪار نه ڪيو ٻارڙن جي پيدائش بعد مان پنهنجن ٻارڙن سميت هميشه پڪنڪ لاءِ ويندي رهندي هيم. ڪيترائي يادگار لمحا ۽ منظر ياد آهن. سرتيون هينئر مان توهان کي پنهنجي سروس جي آخري پڪنڪ جيڪا رٽائيمينٽ کان اڳ ملهائي سا هئي رني ڪوٽ ۽ سيوهڻ شريف هونئن ته سيوهڻ شريف اڳ ۾ به ڏٺل هيو. پر پنهنجن اُستاد ساٿين ۽ شاگردن سان بحثيت هيڊ آف دي ڊپارٽمينٽ اها منهنجي ڪريئر جي آخري پڪنڪ هئي شروعات جيڪا ڄامشوري ۾ وسندڙ بارش ۾ اچي (14 آگسٽ 1974ع ۾ هڪ برسات وسندڙ صبح جو) ڪينجهر ڪناري کان ڪئي هئي تنهن جو دنگ ٿيو وڃي. ڪارونجهر جي جبلن ڀرپاسي رني ڪوٽ تي. تاريخ هئي شايد 28- مارچ 2013ع هيءَ هڪ تاريخي ۽ قديمي قلعو آهي. جيڪو هڪ وڏي ايراضيءَ تي مشتمل آهي. هيءُ قلعو ڪوٽ ڏيجي قلعي وانگر نه آهي، بلڪه مختلف آهي. ٻنهي ۾ واضع فرق موجود آهي. اڄ جڏهن مان گذريل لمحا قلمبند ڪري رهي اهيان ته لڳي ٿو ته انسان جي زندگي جا خوشگوار لمحا هجن يا غمگين ۽ غمخوار منظر پر ذهن ۾ ته سڀ ڪجهه باقاعده ياد هجي ٿو جيڪو نه ئي وسارڻ سان ڪجهه وساري سگهجي ٿو ۽ نه ئي چاهيندي به سڀ ڪجهه ياد رکي سگهجي ٿو. اهو ئي قدرتي قانون آهي.
اهو ئي سبب آهي جو بحيثيت هڪ ڇوڪريءَ جي جڏهن شادي ذريعي زندگيءَ ۾ ”اهم“ تبديلي نروار ٿئي ٿي ته اُهي لمحا ۽ پوءِ اڳتي ٻن ساٿين منجهان ڪو هڪ جڏهن رب جي رضا سان موڪلائي وڃي ٿو ته باقي پويان بچيل ساٿي پنهنجي زندگي کي ڪيئن گذاري ٿو. گڏ گذاريل ”لمحا“ ڪيئن ياد رکي ٿو ۽ ڪيئن وسارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ”آتم ڪٿا“، ياديون، يادگيريون، سوانح حيات، پنهنجي باري ۾ گذريل لمحو لمحو جي ياد نه آهي ته گهڻو ڪجهه ته ياد به آهي. گهڻو ڪجهه ياد آهي. پر هينئر هتي هن موضوع کي ختم ڪجي ٿو. ڪيترائي اهڙا لمحا آهن جن کي وري ڪنهن ٻي دفعي ذڪر ڪبو. ڪنهن ٻي هنڌ تي، ٻي موضوع سان ”يادن“ کي ”ياد“ ڪبو. ڪنهن ٻي هنڌ تي، ٻي موضوع سان ”يادن“ کي ”ياد“ ڪبو.
* * *

اول االله، آخر االله

”م“سان محمد صلي الله عليه وسلم ”م“ سان محبت

هتي مان هن ”موضوع“ جيڪو منهنجي امڙ جي باري ۾ آهي ان جي ابتدا اِن لفظ ”م“ سان ڪري رهي آهي.”م“ سان مٺڙي ۽ ”م“ سان ”ماءُ“، اهڙو ته مٺڙو لفظ جنهن جو مٽ ٻيو ڪوبه لفظ نه آهي نه ٿي سگهندا. الله تعاليٰ پنهنجي محبوب لاءِ هيءَ ڪائنات جوڙي ان ڪائنات منجهه پنهنجي مخلوق، خلقي، انسان جي تخليق مڪمل ٿي وئي ته حضرت آدم عليه السّلام کي زمين تي موڪليو ويو. جيئن ته ڪائنات جي پالڻهار کي هونئن ته سڄي مخلوق پياري آهي، پر مٿانهون ۽ مُقدس کيس پنهنجو ”محبوب“، حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن اهن. جن لاءِ ڪائنات کي وجود ۾ اندو ويو آهي. سو اُن ”م“ لفظ جي مَانَ ۽ شانَ جي ڪهڙي ساراهه ڪري ڪهڙي ڪجي ۽ اُن فلسفي کي ڪيئن سمجهجي؟ پوءِ مختلف رشتا جڙندا ويا. مختلف رشتن کي الڳ الڳ نالا ڏنا. پر سڀني ۾ نمايان پيار ۽ محبت جو مجسمو بڻيو لفظ ”ماءُ“. الله تعاليٰ خود نه ڪنهن کي پيدا ڪيو، نه ڪنهن منجهان پيدا ٿيو. بلڪ رب تعاليٰ ته هن ڪائنات جو خالق مالڪ ۽ پنهنجي خلقيل مخلوق جو پالڻهار آهي. اهو رب العالمين آهي، هو پنهنجي ڪل خلقيل مخلوق سان پيار ڪري ٿو، سڀني جاندارن، ساهوارن، نباتات ۽ حيوانات، کي رزق پهچائي ٿو، اهڙو پيار ڪري ٿو، جيڪو بي لوث آهي. پنهنجي خلقيل مخلوق منجهان، ”انسان“ کي اشرف المخلوقات بڻايائين، انسان لاءِ، زمين، آسمان، وڻ ٽڻ، جبل، ميدان، سمنڊ ۽ درياء عطا ڪيائين، من و سلويٰ موڪليائين.
پر جڏهن اُن ”انسان“ حڪم عدولي ڪئي ته کيس سيکت ڏنائين ۽ پوءِ توبه تائب ٿيڻ تي کيس ”معافي“ ڏيئي حڪم ڏنائين ته زمين تي نيڪيءَ جو سبق عام ڪري ۽ انسان ذات کي پنهنجي پالڻهار جي اِطاعت ۽ بندگيءَ سيکاري، سڌي ۽ نيڪ راه تي هلڻ جي تلقين ڪري ۽ هڪ ”الله“ کان سواءِ ٻي ڪنهن جي به بندگيءَ نه ڪري. اهو ئي وحدهَ لاشريڪ له، واحد ۽ اَحدُ، هڪڙو رب هن سڄي ڪائنات جو مالِڪ المُلڪُ آهي.
اُن پهرين انسان کي پيغمبريءَ جو درجو عطا ڪري حضرت آدم عليه السّلام جي لقب سان نوازيو ويو ۽ پوءِ هڪ ٻي پويان وقتاً فوقتاً ڪيترائي نبي ۽ پيغمبر الله تعاليٰ جو پيغام آڻيندا ۽ پهچائيندا رهيا. ڪيتريون قومون ان دوران نافرماني جي ڪري برباد به ٿي ويون ۽ ڪيترائي نيڪ ٻانها سڌيءَ واٽ تي عمل پِيرا به رهيا. پر آخرڪار جڏهن دنيا ۾ جهِالت ۽ بُرائي تمام گهڻي چوٽ چڙهي وئي ته الله تعاليٰ آخرڪار پنهنجي پياري محبوب حضرت مُحَمّد مُصّطفيٰ، احمد مُجتبّيٰ کي نبيءَ آخرِ الزمان ۽ رحمَتُ اللعَالمين ڪري موڪليو. ته آخر رب تعاليٰ کي پيارو پنهنجو محبوب ۽ وري دنيا ۾ هر رشتي کان وڌيڪ ”اهم“ ۽ پيارو لفظ ”ماءُ“ ۽ ”ممتا“ جيئن رب پنهنجي مخلوق سان پيار ڪري ٿو، ساڳيءَ ريت هن زمين تي ”ماءُ“ به پنهنجي ”ٻچڙن“ تي ساڳي نموني ”ساه“ قربان ڪري ٿي. بنا ڪنهن تفريق جي سڀني ٻچڙن کي ساڳيءَ نظر سان ڏسي ٿي. اوجاڳا ڪري ان بيوس بڻيل ننڍڙي ٻارڙي جي پرگهور لهي ٿي، جنهن وقت اهو ٻچڙو اڃان پاڻ مرادو چرڻ پرڻ جي قابل به نٿو هجي. تنهن ”ماءُ“ جي ”مامتا“ کي لفظن ۾ ته بيان ڪري ئي نٿو سگهجي. الله تعاليٰ اِنسان ذات جي نيڪ عملن جي بدلي نيڪ جڳهه ۽ برن ڪمن جي بدلي بري جڳهه جو تعيّن ڪيو ويو آهي، پر ماءُ جي مامتا، اولاد طرفان ڪيتري به ڀوڳنا ڀوڳي پر ڪنهن به قسم جي سزا مقرر نه ڪندي آهي، پر اُلٽو وري به ”دُعائون“ ڏيندي رهندي آهي ته من الله تعاليٰ سنئين واٽ جي هلاين“ هن ڪائنات جي مالڪ، پروردگار پنهنجي پياري نبيءَ آخرالزمان کي ٻنهي جهانن لاءِ رحمت اللعالمين ڪري موڪليو آهي، اِهڙي نموني (”ماءُ جي ممتا“) قرباني ۽ اِيثار ڪوبه ڪو ”ثاني“ نه آهي. ڏک ۽ سُور سهندي به پنهنجن ٻارڙن لاءِ نيڪ تمنائون، نيڪ خواهشات ۽ دُعائون پئي گهرندي رهندي آهي. الف، الله جيڪو جزا ۽ سزا جو مالڪ آهي، ”م“ مُحمد جيڪو رحمت اللّعالمين آهي، ته رب تعاليٰ ”ماءُ جي صورت ۾ به اِهڙي ته لافاني خصوصيت سيني اندر سمائي رکي آهي ڇو، ڏسجي ته مرحلو ڪهڙو به هجي پر ”ماءُ“ جنهن جي اندر ۾ ”اسمائي حسنيٰ“ جون سڀ خاصيتون ۽ خصلتون موجود آهن، سا پنهنجن ٻارڙن لاءِ صرف ۽ صرف ”دُعاڳو“ ئي رهندي آهي. سندس ”زبان“ تان ڪوبه ڏکيو لفظ نه ورندو آهي.
لفظ ”م“ ۾ الله تعاليٰ اهڙيءَ ته لذت رکي آهي جيڪا ٻيو ڪو لفظ اُن جي مَدِ مُقابل اڄ تائين نه ٿي جو ۽ نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ٿي سگهندو. اسان جي پياري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صَلي الله عليه وسلم جن جو اسم مبارڪ زمين تي ”مُحمد“ رکيو ويو ته آسمانن تي ”احمدُ“ ڪري پُڪاريو ويو. الله تعاليٰ پنهنجي محبوب، پنهنجي حبيب کي شرفِ ملاقات لاءِ گهرايو. مٿن ”دين اسلام“ کي مڪمل ڪري نَبيءَ آخرِالزمان بڻايو. جتي قرآن مجيد نازل ڪيو ويو. اتي الله تعاليٰ پنهنجي حبيب کي جيڪو ڪجهه عطا ڪيو. سو ”علم“ وري ”حديث“ شريف جي صورت ۾ انسانن کي بيان ڪري ٻڌايو ويو. الله جي حبيب دين توڙي دنياوي معاملات کي بي انتها کولي بيان ڪيو. خاص طور تي جهالت واري دور جي حالات پٽاندر عورتن جي باري ۾ بيشمار حديثون ۽ روايتون موجود آهن. اسان جي نبي سڳوري عورت جيڪا ”ماءُ“ آهي. ان جي درجي ۽ شان مان کي، ايترو ته بلند ڪيو جو جڏهن بيبي دائي حليمه جن اڳيان اينديون هين ته پاڻ سڳورا اُٿي بيهندا هئا. ”ماءُ“ جي صورت ۾ عورت جي عظمت جو عظيم مثال قائم ٿيو ته پوءِ وارو ڌيءَ (نياڻي) جو آيو. جڏهن بيبي فاطمة الزهرا ؓ جن تشريف فرما ٿينديون هيون ته پاڻ اُٿي بيهي استقبال ڪندا هئا. اها ئي عظيم تعليم الله تعاليٰ جي حبيب اسان انسانن لاءِ ڏٺي ته ”عورت“ جيڪا ”ماءُ“ آهي، ڀيڻ آهي، نياڻي آهي، ان جي عزت احترام ڪريو ڇو ته ماءُ جي پيرن هيٺان ”جنت“ کي رکيو ويو آهي.
جنهن عورت (امان حوّا) جي ڪري حضرت آدم عليه السلام جن کي جنت کان ٻاهر زمين تي اچڻو پيو، اُن جي ساٿ نڀائڻ جي طفيل ئي پوءِ الله تعاليٰ، اِنسان کي توبه تائب ٿيڻ جي ’دُعا‘ سيکاري ۽ معافي قبول فرمائي ۽ اِهڙي طرح ڪائنات جو وهنوار هلندو رهيو ۽ اِنسانذات جي تخليق ٿيندي رهي پئي. پوءِ ٿيو ائين ته جڏهن دين اسلام مڪمل ۽ ڪَامِلُ ٿيو ۽ پاڻ سڳورن تي قرآن مجيد نازل ڪيو ويو ته الله تعاليٰ جي حڪم سان عورت جا درجا به بلند ڪيا ويا. ۽ مانَ مٿانهون ڪيو ويو. سندس پيرن هيٺان جنت به رکي ويئي پر اِها خبر ضرور ذهن نشين ڪيو ته اِها جنت ملندي ضرور پر والد جي ’دُعا‘ سان ملندي يعني ته ان جي دُعا جو شامل هجڻ پڻ نهايت ضروري آهي ۽ ضروري ڪيو ويو آهي. صرف ماءُ جي محبت ۽ محنت ڪافي ناهي پر دل سان گهريل ۽ محبتن سان ٽمٽار ”والد“ جي دُعا کي به نهايت ئي ضرور بڻايو ويو آهي (سبحان الله) جيئن ته اسان کي معلوم آهي ته دين اسلام ڪائنات ۾ اولينّ ۽ قديم ترين مذهب آهي، پر مختلف وقتن ۾ مختلف مڪتب فڪر ماڻهو پنهنجون من پسند ترميمات ڪندا رهيا ۽ ان طرح عورت کي صحيح مقام نه ڏنائون، پر جيئن دين اسلام مڪمل ٿيو ته الله تعاليٰ جي پياري حبيب ”عورت“ جيڪا ماءُ، ڀيڻ، زال ۽ نياڻي هجي ٿي، تنهن جا به درجا بلند ڪيا ۽ فرمايو ويو ته ”ماءُ جي پيرن هيٺان جنت“ آهي. ماءُ جيڪا هڪ عورت پڻ آهي. تنهنجو رتبو ۽ مان شان جڏهن وڌيو ته معاشري ۾ مرد ۽ عورت جي وچ ۾ توازن پيدا ٿيو ۽ معاشري ۾ ترقيءَ جو راهون کليون. اسان جي پياري نبي جيڪو ڪجهه فرمايو تنهن تي عمل پڻ ڪري ڏيکاريو. اسلام ۾ عورت کي پردي جي تلقين سان گڏوگڏ باعزت طور تي تجارت ڪرڻ، علم حاصل ڪرڻ، جنگ جي ميدان ۾ پنهنجن مردن، پٽن ۽ ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي زخمين جي مرد ۽ علاج ڪرڻ، علم و هنر حاصل ڪري، ذريعهءِ معاش حاصل ڪرڻ مطلب ته هر محاذ تي عورت جي نيڪ ڪم ڪار کي مڃتا ڏني وئي.
اسان جي پياري نبي ڪريم صَلعّم جي زوجه اُم المومنين بيبي خَديجة الڪُبريٰ جن بحيثيت تاجر، پاڻ مڃرايو، بحيثيت عظيم ماءُ جي بيبي فاطمه الزهرا جن گهريلو ڪم ڪار سان گڏوگڏ پنهنجي پياري اولاد جي وڏي ناز و نعم سان پرورش ڪئي. بحيثيت ماءُ جي دنيا ۾ عورت جڏهن بلند مقام تي فائز ٿي، ته پوءِ ماءُ جي عزت ۽ احترام سان گڏوگڏ عقيدت ۾ به اضافو ٿيو.
اڄ مان جڏهن پنهنجي امڙ، ماءُ جي باري ۾ ڪجهه سوچ ويچار ڪريان ٿي، ته مون کي ائين محسوس ٿئي پيو، ته مان پنهنجي امڙ جي باري ۾ ڇا ڇا عرض ڪريان، ڇا لکان، ڇا ٻڌايان، ڪٿان شروع ڪريان ۽ ڪٿي ختم ڪريان. ڪهڙن لفظن جي ڀيٽا ڏيان مان پنهنجي پياري امڙ کي، جنهن سڄي عمر پاڻ کي هر ڳالهه ۾ پوئتي ڪري به اسان جي ننڍين وڏين گهُرجن کي پورو ڪيو، ڪٿان آڻجن اهڙا لفظ، جن سان پنهنجيءَ مٺڙي امڙ کي خراج تحسين پيش ڪجي، منهنجي خيال ۾ ته هن ڪائنات ۾ اڃان تائين ڪنهن به اهڙا لفظ ڳولهي نه لڌا آهن، جن سان امڙ جي رتبي کي مڪمل ڪري سگهجي. هر دور جي عظيم کان عظيم تر دانشور ۽ فلاسافر پنهنجي پنهنجي طريقن سان ”امڙ“ جي رشتي جي تشريح ڪئي آهي ۽ ڀيٽا پيش ڪئي آهي. پر منهنجي خيال ۾ مان ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي امڙ جي محبت، پيار ۽ ساهه صدقي وڃڻ واري ڪيفيت جو ڪنهن به طريقي سان حق ادا نٿي ڪري سگهان. ماءُ جي مُحبت، اُوّنَ ۽ اوسيئڙي کي مان ڪيئن پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪريان. هتي مون کي هڪ ڏاهي انسان جي بيان ڪيل گفتگو ياد اچي ٿي، بيان ڪري ٿو ته جڏهن هڪ ڏينهن صبح کان وٺي شام تائين سخت محنت ۽ مشقت کان پوءِ مان موٽي گهر آيم ته منهنجي ڀاءُ مون کان پڇيو ته تو سڄي ڏينهن ۾ ڇا ڪمايو! زال پڇيو، تو ڇا بچايو؟ وري اولاد فرمايو ته توهان ڇا آندو آهي؟
صرف ماءُ پڇيو ته تو سڄي ڏينهن ۾ ڪجهه کاڌو به آهي يا نه؟ اِنَ ”اوسيئڙي ۽ اون“ جو نالو آهي ”ماءُ“. سار ۽ سنڀار جو نالو آهي ”ماءُ“، ڏک ۽ تڪليف جي احساس کي سمجهڻ واري جو نالو آهي ”ماءُ“. بس اُها هستي ماءُ جي ئي آهي جيڪا اوجاڳا به ڪري ڄاڻي ٿي ته پنهنجي، جند جان تي جبر ڪري ٻچي جي وات ۾ گرهه وجهي وري سندس ئي منهن ۾ نهاري ٺري پوي ٿي. الله تعاليٰ بيشڪ پوءِ ان ئي هستيءَ جو مان به مٿانهون ڪيو ۽ جنت به پيرن هيٺان رکي.
ماءُ اهڙي خمير مان تيار ڪئي ويئي. جنهن ۾ ”مامتا“ ڪُٽي ڪُٽي ڀرپور انداز ۾ ملائي ويئي، اهڙي مامتا صرف اُن عورت جي حصي ۾ آئي جيڪا پوءِ ”ماءُ“ جو نصيب بڻي. دنيا ۾ ”ماءُ“ ۽ ”مامتا“ جا جذبا گڏوگڏ رهيا آهن ۽ هميشه لاءِ رهندا. جيڪڏهن اهو مامتا جو جذبو ماءُ منجهه موجود نه هجي ها ته هوند ”ماءُ“ به هڪ عام عورت ئي هجي ها. پوءِ ڪير مٺڙي ننڊ ڦٽائي تڙپي اٿي ها، ڪير پهرين وک کڻڻ کان وٺي رهندي زندگي تائين ”جي بسم الله“ پڙهندي رهي ها. ڪير صدقي وڃي ها. منهنجي امڙ به مٿي بيان ڪيل خصوصيات جو ڀرپور مجموعو هئي. سندس ڪهڙي ياد کي تازو ڪريان ۽ ڪهڙيءَ جو ذڪر نه ڪريان.
ڪجهه ٻاروتڻ جون ڳالهيون جڏهن ياد پون ٿيون ته محسوس ٿئي ٿو ته منهنجي امڙ نهايت ئي ساده طبيعت، نماز روزي جي پابند، وڏي رک رکاءُ واري خوش لباس ۽ خوش گفتار خاتون هئي. مون کي پنهنجي اسڪول ۾ وڃڻ جو پهريون ڏينهن صرف هڪ ڳالهه ڪري ياد آهي. اسان جي گهر جي بلڪل ويجهو اسان جو اسڪول جيڪو هن وقت به موجود آهي، تنهن ۾ اسان واري وقت ۾ بهترين استاد موجود هوندا هئا. توڙي جو انتظامي لحاظ کان گهڻين ڳالهين ۾ پٺتي پيل هئڻ باوجود، پابنديءَ سان پڙهائيءَ تي توجه ڏنو ويندو هو. مون کي ياد آهي ته ڪچي پهرئين ۾ داخل ٿيل ٻارن سان گڏ جڏهن مون کي منهنجي استاد صاحبه اسڪول جي پڌر/ صحن ۾ اوڪڙو ويهڻ لاءِ چيو ته مون فوراً پنهنجي استاد اڳيان بيهي ڪري چيو ته منهنجي ڪپڙا بلڪل نوان آهن ۽ بوٽ به پالش ٿيل آهي. هيٺ ويهڻ سان خراب ٿي ويندا، مان نه ويهندم ته منهنجي استاد مون کي دڙڪا ڏيئي چيو ته توهان پنهنجي بابا کي اسڪول ۾ موڪليو ته اچي هيڊمسٽريس سان ڳالهائي، مون جڏهن اها ڳالهه امان کي ٻڌائي ته الٽو امان مون تي نصيحتن جا دفتر کولي ڇڏيا. اسان جي امڙ سنڌي فائنل پڙهيل هئي ۽ گڏوگڏ ديني تعليم ۾ ماهر، قرآن مجيد جون ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون آيتون ۽ مڪمل سورتون کيس ياد هيون، درود تاج کان وٺي ٻيا ڪيترائي ننڍا وڏا درود شريف ۽ دُعائون وغيره، شاهه لطيف رحه جا بيت، مُناجاتون بر زبان ياد هوندا هئس. اُٿندي ويهندي پهاڪا، چوڻيون ۽ تشبيهون ڏيئي پئي سمجهاڻي ڏيندي هئي. شروع جي زماني ۾ بيشڪ تعليم ۾ منهنجي والد محترم جو هٿ رهيو پر امڙ به وسان نه گهٽايو. جيڪڏهن پهريون لفظ الف ۽ ب بابا پڙهايو ته مون لاءِ روزانو پٽي نيسارڻ ڪاري مس شيشيءَ ۾ ڀڄائي تيار ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪلڪ ۽ قلم تيار ڪرڻ، پينسل ۽ رٻڙ سنڀالڻ کان وٺي صاف سٿرا ڪپڙا پارائي، نيرن ڌيان سان ڪرائي اسڪول موڪلڻ کان وٺي، ننڍين وڏين ضرورتن جو خيال رکڻ، روزانو قرآني آيتون ياد ڪرائڻ، قرآن شريف جون ڳالهيون ٻڌائي مثال ڏيڻ، عام آکاڻين جي بجاءِ قصص النبياء منجهان حضرت سليمان عليه السلام، بيبي بلقيس، حضرت دائود عليه السلام، بيبي زليخا ۽ حضرت يوسف عليه السلام ۽ ٻين نبين پيغمبرن، اوليائن، بزرگن جون نصيحت آموز ڳالهيون ٻڌائڻ ڪجهه به ته نه وسريو آهي. اڄ به ياد آهي . امان جي ڏکن وارا ڏينهن، جيڪي هن گوندر منجهه گذاريا، دُعائن وارا هَٿَ جيڪي ان مهل تائين دعائون گهرندا رهندا هئا جيستائين مان امتحان ڏيئي واپس نه موٽي اچان، پيپر ٿيندا هئا، ته دعا لاءِ امڙ جا هٿ کڄيل هوندا هئا. بي انتها شوق ۽ محبت سان هن اسان سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن جي تعليم ۾ دلچسپي ورتي ۽ بهترين تربيت ڪئي.
حقوق الله سان گڏوگڏ حقوق العباد تي يقين رکندڙ ماءُ سڀني جي ڏک سک جي ساٿي ۽ همدرد هوندي هئي. سندس سڀاءُ اهڙو جو جنهن سان هڪ دفعو ملي ته ڄڻ هميشه ان ماڻهوءَ لاءِ ياد بڻجي ويندي هئي.
ڪجهه ڏانهن جي قولن مطابق ماءُ معنيٰ ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ ڏکن جي تصوير، سور، سڏڪا، ۽ لڙڪ. جڏهن ان جملي کي پڙهيم ته بلڪل حقيقت لڳي. جڏهن ڪابه ڇوڪري نوجوانيءَ واري زندگيءَ ۾ پير پائي ٿي ته پوءِ مائٽ سندس شادي ڪرائي سندس لاابالي زندگيءَ تي ڄڻ ته پابندين جا تالا هڻي ڇڏين ٿا. پوءِ جڏهن اها ڇوڪري، زال بڻجي، ماءُ جي رتبي تي پهچي ٿي ته سندس زندگي سکن ۽ ڏکن جي ڀري بڻجي پوي ٿي.
پوءِ ماءُ جي عظمت، صرف قرباني ڏي ڌيان ڏي ٿي. پنهنجو سک آرام ڦٽائي ٻچن کي نپائي وڏو ڪري ٿي ۽ جڏهن سندس ٻچا وڏا ٿين ٿا ته پوءِ هوءَ به ڪجهه لمحن لاءِ سوچي ٿي ته هاڻي شايد ايندڙ وقت صرف پنهنجي ٻچڙن لاءِ نه پر سندن ايندڙ نسلن لاءِ به وقف ڪرڻ گهرجي اِئين هَن دُنيا ۾ ”تخليق“ جو سلسلو قائم و دائم رهندو اچي ٿو. صرف ”ماءُ جي محبت“ جي بدولت.

”پيار کان وڌيڪ پياري“ مُنهنجي امڙ، منهنجي امڙ

جڏهن ٻار پنهنجي ڄمار جي اوائلي دور کي ياد ڪري ٿو ته امڙ جو مسڪرائيندڙ چهرو ائين ئي سامهون اُڀري ٿو، جيئن ته ڄڻ ڪالهه ڪلهوڻي ڳالهه هجي. توڙي جو منهنجي وجود جو حصو، منهنجي امڙ رضاءِ اِلاهيءَ سان هن فاني دنيا کي 13- جولاءِ 2007ع تي الوداع چيو. پر اڄ به ائين لڳي ٿو ته ڄڻ هوءَ مون سان گڏ آهي ۽ پڇي پئي ته:
رشيده سڄو ڏينهن ڪرسي تي ويٺي ڇا پئي لکين، هاڻي کڻي لکڻ بس ڪر ۽ مون سان ويهي ڪجهه ڳالهيون ڪر.“
پر ڇا ڪجي، پنهنجي طبعيت جو اهڙي آهي، جيستائين ڏينهن جو ڪجهه حصو لکڻ پڙهڻ ۾ نه گذاريان ته ڄڻ مزو ئي نه اچي، ۽ اهو به سندس تربيت جو ئي اثر آهي جو اڄ تائين علم جي راهه ۾ جستجو هلندي رهي ٿي ۽ اها ئي سندس به خواهش هوندي هئي ته منهنجو اولاد لکي پڙهي قابل بڻجي. 9 جولاءِ جو اهو ڏينهن مان ڪيئن ٿي وساري سگهان جڏهن مون کيس جواب ۾ چيو ته ”امان ڪتاب (ڊڪشنري) لکان پئي، دعا ڪر ته لکجي پوري ٿي وڃي، ته پوءِ توسان ويهي ڳالهيون ڪبيون“. پر افسوس جو اهو وقت نه آيو ۽ وقت ائين پر لڳائي تيزيءَ سان گذري ويو جو خبر ئي نه پئي ته 11 تاريخ جولاءِ تي منهنجي مٺڙي، سٻاجهي ماءُ بغير ڪنهن درد جي دانهن ڪندي ڳالهائيندي، ٻولهائيندي، صبح جو تقريباً نائين وڳي اوچتو بيهوش ٿي وئي. مون سندس لاءِ ٽيبل تي چانهه، ڪيڪ ۽ پيهون رکيون ۽ سڏ ڪيو پر خبر پئي ته منهنجي ننڍي ڀيڻ شگفته کيس هٿ منهن ڌئارڻ واش روم وٺي وئي هئي. منهنجي امڙ بي انتها صفائي پسند هئي، جيستائين آرام ۽ تسليءَ سان هٿ منهن نه ڌوئي ته آرام ئي نه اچيس، سو واپسيءَ تي پنهنجي ڪمري ڏانهن ايندي ئي بيهوش ٿي وئي ۽ ائين خاموشيءَ سان بغير ڪنهن تڪليف جي، دانهن ڪرڻ جي جمعي جي مُبارڪ ڏينهن تي عصر جي ٻانگ مهل ائين ته آرام سان موڪلايو جو اسان سڀني کي خبر ئي نه پئي، نه ڪا هڏڪي، نه ڪا.... شايد اسان جي امڙ کي سُڪون نصيب ٿي ويو هو، جيڪو هر ماءُ کي پنهنجي آڏو اولاد بيٺل هجڻ سان نصيب ٿيندو آهي، اسين پاڻ ۾ ٻه ڀينر ۽ چار ڀائر آهيون (شل رب تعاليٰ سڀني کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي آمين ثم آمين). سڀ ڄڻا ماءُ جي ڀرسان ئي بيٺل هئاسين ۽ هرڪو تلاوت ڪلامِ پاڪ ۽ دُعائن ۾ مصروف هيو. پنهنجي اولاد جي اولاد ۾ به انسان جو ساهه اٽڪيل هوندو آهي، ۽ منهنجي امڙ جي سامهون ته سندس پٽن جون گهر واريون، پوٽا، پوٽي، ڏوهٽا ۽ ڏوهٽي سڀ جو سڀ موجود هئا، خوشنصيب امڙ تلاوتِ ڪلام پاڪ جي ڇانوَ ۾ هن فاني دُنيا منجهان ڇا موڪلايو، ڄڻ ته ائين محسوس ٿيو هجي ته پنهنجي وجود جو حصو ٽٽي الڳ ٿي پيو آهي، ڪا مهل سمجهه ۾ نه پي آيو ته اِهو ڇا ٿي ويو، ڪيئن ٿي ويو ۽ ڇو ٿي ويو؟ پر پوءِ جڏهن اِن آيت کي ياد ڪيم ته: کُل نَفس ذَائقة الموتِ ”بيشڪ هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي.“ بقول امڙ جي ”اِن الله مَعَ الصٰبَرينِ“ بيشڪ الله صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي. مون به زور سان پڙهيو ته هر شيءَ کي الله تعاليٰ ڏانهن واپس موٽي وڃڻو آهي. اِنالله واِنااِلله راجعونِ. اُڄ به ائين لڳي ٿو ته امڙ مون سان هرهنڌ، هر مرحلي تي گڏ آهي، ۽ پنهنجي دعائن سان پئي ياد ڪري. اِهو شايد اِنڪري به احساس وڌيڪ ٿئي ٿو جو مان گذريل چوٽيهه سالن کان اِهو محسوس ڪندي رهي آهيان. مون کي اُهو ڏينهن ذهن ۾ نقش ٿيل آهي جڏهن مان روهڙيءَ مان سڀني کان موڪلائي ڄام شوري پڙهڻ آئي هيس، اِهو سال 1974ع هيو، اُن ڏينهن کان وٺي مون پنهنجي ماءُ کي تَصّور ۾ هميشه پاڻ سان گڏ سمجهيو، ۽ هينئر به جڏهن هوءَ اسان کان هميشه لاءِ دارالفاني مان دارالَبقّا ڪوچ ڪري، موڪلائي وئي آهي ته به ڄڻ ته مون سان گڏ آهي، ڇو ته پرديس ۾ مون پاڻ سان هميشه ماءُ جو وجود گڏ محسوس ڪري وقت گذاريو. وڏي اولاد هئڻ جي ناتي امڙ جو مون تي جيترو ويساهه هو، اوتروئي مون ۾ سندس ساهه به هيو، هر وقت هر پل پئي ساريندي هئي. فون جي سهولت عام ٿيڻ کان پوءِ هوءَ ڀائيندي هئي ته ڄڻ هر وقت نه ته به هر روز فون تي ڳالهائيندي رهي، ڄڻ ته سندس ساهه اٽڪيل رهندو هو نه صرف مون ۾ پر هر ٻار لاءِ هوءَ ساڳي ئي انداز ۾ سوچيندي هئي ۽ محبت ڪرڻ واري ماءُ جو مون سان خاص طور تي بي انتها پيار هيو، شايد وڏي هجڻ جي ناتي. دنيا جي هر ماءُ پنهنجي اولاد خاطر نه ڄاڻ ڇا ڇا ٿي ڪري، پر مان پنهنجي پوري اعتماد سان چوان ٿي ته منهنجي ماءُ نامناسب حالتن جي باوجود ڪيئن نه اسان جي پڙهائي، تعليم و تربيت ۽ گڏوگڏ سير و تفريح تي توجهه ڏنو. اڄ جڏهن مان ڪاغذ قلم کڻي پنهنجين يادگيرين منجهان انهن گهڙين کي ياد ڪري، ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان، ته الائي ڇو دل جي دنيا ۾ هلچل مچي وئي آهي. اُهو محترم ۽ مقدس چهرو جنهن کي سدائين سامهون رکي، مون پنهنجي هر منزل آسان بڻائي، تنهن معصوم ۽ نوراني چهري کي آخري ڀيرو ڏسڻ بعد به مون پنهنجي دل و دماغ ۾ ائين ئي هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. پرسُڪون چهري جا نقش هاڻي هميشه لاءِ منهنجي ائين ئي سامهون رهندا ۽ اُن خوبصورت چهري جي جاءِ والارڻ لاءِ ٻيو ڪو به چهرو سامهون نه ايندو. ڇو ته اهڙو پيارو ۽ خوبصورت چهرو ٻيو ڪو ٿي به ته نٿو سگهي.
منهنجي امڙ جو تعلق ضلعي شڪارپور جي ننڍڙي مشهور ڳوٺ ڳڙهي ياسين سان هيو. منهنجو نانو مرحوم علي بخش چنا تعليم کاتي سان منسلڪ هيو ۽ نانيءَ مرحومه جنت خاتون کي قرآن ۽ حديث سان بي انتها رغبت ۽ شوق هجڻ سان گڏوگڏ شاهه عبداللطيف رح جو رسالو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي مناجاتون ۽ مولود زباني ياد هئا. خاتونِ خانه سان گڏ، ڀرت ڀرڻ ۽ آر ٺاهڻ جي پڻ ماهر هئي. منهنجي امان ڪڏهن ڪڏهن نانيءَ جون ڳالهيون ٻڌائيندي چوندي هئي ته اُن زماني ۾ رات جو چانڊوڪيءَ رات ۾ ٻاهر کليل اڱڻ ۾ کٽ تي ويهي پنهنجيءَ ساهيڙيءَ نالي حوا ڀٽي ۽ پاڻ گڏجي مناجاتون به پڙهنديون هيون ۽ آر به اُڻنديون/ ٺاهينديون هيون. اهڙي مذهبي ۽ تعليمي ماحول ۾ پرورش پائيندڙ منهنجي امڙ رحمت خاتون پاڻ به مذهبي لاڙو رکندڙ خاتون هئي. هر ڏک سُک ۾ صبر ۽ تحمل سان رب جو شڪرانو ادا ڪري خوش رهندڙ ۽ مسڪرائيندڙ مُک هميشه الله تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول رهندڙ امڙ نه صرف پنهنجي اولاد لاءِ دعاگو ۽ ڇپر ڇانوَ هئي، پر اوڙي پاڙي، مِٽ مائٽ، دوست احباب، ڄاتل اڻ ڄاتل، هر ڪنهن لاءِ هر وقت، هر دم مدد لاءِ تيار رهندي هئي ۽ پنهنجا ذاتي ۽ گهر جا ڪم ڪاريون ڇڏي، پنهنجي وَسَ آهر مدد ڪندي هئي. سندس قول هيو ته امان ”مدد“ صرف پئسن جي صورت ۾ نه ڪئي ويندي آهي، هر وقت هڪ انسان کي ٻي انسان کان صرف پئسن جي ضرورت ناهي پوندي، پر ڪڏهن ڪڏهن مسئلا ٻڌڻ، اُن مطابق مشورو ڏيڻ، حل ڳولي ڪڍڻ، اُن مشڪلات مان پار پوڻ لاءِ الله جي عبادت ذريعي، ذريعو ۽ راهه ڳولي ڪڍڻ، ڪنهن جي بيماري وغيره جو ٻڌي ڪو ڏس پتو ڏيڻ، آزمايل نسخو ٻڌائڻ، قرآن، سنت ۽ طِبِ نبوّي ذريعي ڪنهن کي راهه ڏيکارڻ ۽ تعليم ذريعي ڪنهن جي مدد ئي اصل ۾ ”خدمت“ جو درجو رکن ٿا. جيڪڏهن ٻن ماڻهن يا دوستن جي وچ ۾ ڪا غلط فهمي پيدا ٿي پوي ته ڪوشش ڪري صلح ۽ صفائي ڪرائڻ اِهي سڀ خدمت خلق ۾ شمار ٿين ٿا. بيشڪ منهنجي امڙ ۾ اهي خوبيون بدرجهء اُتم موجود هيون. ڪيترين ئي بالغ ڇوڪرين کي، قرآن شريف پڙهائي پورو ڪرايائين، جن ڪن سببن جي ڪري ننڍپڻ ۾ نه پڙهيو هيو. ڪيترين ئي اوڙي پاڙي جي خواتين کي ”آر“ ۽ ”اُنَ“ اُڻڻ جي هنر سان مالامال ڪيائين. ڇو ته منهنجيءَ امڙ کي ”آر“، ڪُنڍي“ ۽ ”اُنَ“ منجهان سوئيٽر ٺاهڻ، جو شوق هيو ۽ گڏوگڏ سيکاريندي به هئي ته سکندي به رهندي هئي. سندس استعمال ڪيل اُهي سڀ شيون مون وٽ محفوظ آهن، ڇو ته مون کي پڻ اِهو شوق رهيو، منهنجي ننڍيءَ ڀيڻ کي ايترو شوق نه هيو ۽ نه ئي وري ٽپڙ سنڀالي رکڻ جو ڏانءُ. اِنڪري اِهي شيون سڀ جون سڀ، امڙ مون کي ڏيئي ڇڏيون هيون. جيڪي اڄ به منهنجي لاءِ بي انتها اهم آهن. وڏي دل ۽ سادي طبيعت رکندڙ، مخلص ۽ همت ڏياريندڙ خاتون جي ناتي، هوءَ هميشه پنهنجي ڄاڻ ۽ علم جي روشني سڀني منجهه ڦهلائڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندي هئي، ۽ ائين ڪندي هوءَ پنهنجا ڪم ڪار به پوئتي ڇڏي، ٻئي جي خدمت ۾ لڳي ويندي هئي. الله تعاليٰ کيس قرآن شريف جو جيڪو علم عطا ڪيو هو، ان جي روشنيءَ ۾، ٻين جي پڻ رهنمائي ڪندي هئي. کيس پنهنجي والده ماجده طرفان ”يرقان“ جو ”هُدو“، مليل هيو. جنهن مان پڻ ڪيترن ئي فائدو حاصل ڪيو، هينئر اهو هُدو هن پنهنجي ڏوهٽيءَ عروج ڀٽي کي منتقل ڪيو آهي.
مون پنهنجيءَ امڙ کي سُر ۾ ڪڏهن ڪجهه ڳائيندي نه ٻڌو پر کيس ريڊيو ٻڌڻ تمام وڻندو هو، ريڊيو ۽ ٽي.وي شوق سان ٻڌندي ۽ ڏسندي هئي. مان ننڍي هيس ته ياد اٿم ته اُن زماني ۾ صبح جو سويل ستين بجي ريڊيو سيلون تان انڊيا جا پراڻا گانا ضرور ٻڌندي هئي ۽ گڏوگڏ نيرن تيار ڪندي هئي. پنهنجي ياد ڪيل مناجاتن ۽ مولودن کي به ڪڏهن ڪڏهن ياد ڪندي هئي ۽ پنهنجي منهن به ويٺي پڙهندي هئي. قرآن خواني کان پوءِ ”دعا“ گهرڻ وقت خاص طور تي ”امڙ“ سڀ دعائون پڙهندي هئي. جن کي ٻڌندڙ پسند به ڪندا هئا. مون سندس آواز ۾ قرآن شريف جون آيتون مُبارڪ، دعائون، ۽ مناجاتون، سنڌالاجي مان ريڪارڊ ڪرايون جن کي ٻڌي امڙ بي انتها خوش به ٿيندي هئي ۽ محمد قاسم ماڪا صاحب کي دُعائون به ڏيندي هئي. هڪ طرف سندس لاڙو مذهب ۽ مذهبي ڳالهين ڏانهن هيو ته ٻي طرف وري دنياوي لحاظ کان به پوئتي نه هئي. کائڻ ۽ کارائڻ جي شوقين، پچائڻ ۾ پڻ ماهر هئي. الله تعاليٰ سندس هٿ ۾ اهڙو ته سواد عطا ڪيو هو جو جنهن هڪ دفعو به سندس رڌل کاڌو چکيو سو هميشه ساراهه ڪندو هو. خاص طور تي گوشت ۽ ڪريلا، مڇيءَ جو ٻوڙ، مهريءَ جي دال ۽ چانور، ڪيتريون ئي بيشمار مٺيون ڊشز، مطلب ته هر کاڌي کي بهترين انداز ۾ پچائڻ جو هُنر ۽ ڄاڻ رکندي هئي. بهترين کاڌو پچائي، پوءِ سڀني کي ونڊي ورهائي، کارائڻ نه صرف شوق هيس پر اِهو سندس ايمان هيو ته توهان ونڊي ورهائي پوءِ کائو ان ۾ الله تعاليٰ جي خوشنودي شامل آهي نه صرف پنهنجي شهر روهڙيءَ ۾ پر جڏهن به مون وٽ ڄام شوري ۾ اچي ته به ائين ئي ڪري. اِهوئي سبب هيو جو منهنجي امڙ کي منهنجيون ڪلاس فيلوز، سرتيون ۽ ساهيڙيون، اوڙي پاڙي واريون سڀ ڀائينديون هيون ۽ خبر ملڻ شرط ته امان آئي آهي رشيده وٽ ته ضرور ملڻ اينديون هيون. دوست ۽ دشمن جي لاءِ هڪجهڙي راءِ رکندڙ، امڙ پنهنجي سامهون آيل ماڻهو جي آڌرڀاءُ ۾ ڪڏهن به فرق نه رکيو، پر فراخدليءَ جو مظاهرو ڪندي، بلڪل درگذر ڪري ڇڏيندي هئي ۽ چوندي هئي ته جيڪو
در پيهي آيو، تنهن سان ڪهڙو ليکو؟ بي وقت آيل مهمان لاءِ به وڃي رڌڻي جو در کوليندي هئي. چاهي پوءِ ٽائيم ڪهڙو به هجي، پر چوندي ته مهمان جي مهماني ته لازمي طور ڪرڻي آهي. اڄ جڏهن اهڙي امڙ جون ساروڻيون پئي ساريان ته پوءِ اهو به سوچي رهي آهيان ته اِهو ڪهڙو نه مقدس رشتو آهي، جنهن کي دنيا جو هر عظيم کان عظيم تر انسان، فيلسوف، ۽ دانشور لفظن جي ڪيڏي نه ڀيٽا ڏيئي چڪو آهي، پر پوءِ به جيڪڏهن انفرادي طور تي هن زمين تي موجود هر انسان کي جيڪڏهن چيو وڃي ته توهان پنهنجا پنهنجا تاثرات ”ماءُ“ متعلق لکو ته هوند اڃان به يقين اٿم ته ڪي اهڙا لفظ ايجاد ٿي پوندا، جيڪي پهرين ڪڏهن به نه چيا ۽ نه لکيا ويا هوندا. مان ڪا وڏي دانشور يا اديب ته نه آهيان جو لفظن کي موتين جي مالها پارائي سگهان، پر پوءِ به جيڪي احساس اندر منجهه اُڌما ڏيئي رهيا آهن، تن کي لفظن جو روپ ڏيڻ ئي دراصل ان رشتي جو ڪجهه حق ادا ڪرڻ جي برابر ٿيندو. اسان پنهنجي امڙ جو ته هڪ تِر جيترو به ٿورو نه ٿا لاهي سگهون. نه سندس اوجاڳن جو مَٽُ ۽ نه ئي سندس محبت جو ڪو اَنتُ، سندس اونَ ۽ تانگهه لاثاني ته بهتر مستقبل متعلق سوچڻ ۽ سنوارڻ لاءِ پنهنجيون خوشيون ۽ آرام قربان ڪرڻ بي مثال. اِن سڀني ڳالهين جو سدِباب ائين ڪيو اٿم جو مون پڻ پنهنجي اولاد جي تربيت ۽ تعليم بلڪل عين امڙ جي نقشِ قدم تي هلندي ڪئي آهي. الله تعاليٰ شل قبول فرمائي ۽ ٻچن کي ڪوسو واءُ نه لڳي. (آمين ثم آمين) منهنجي پڻ اِهائي دعا آهي ته رب شل ٻچن کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي ۽ اُنهن کان اڳ اسان کي پنهنجو ڪري محبتن جي ميدان ۾ مات ڏيندڙ لفظ ”ماءُ“، هر لفظ کان سهڻو، پيارو، اوچو، آدرشن ڀريل، سيبتو، ساهه ۾ سمائجڻ وارو لفظ ڪنهن سان به مشابهت نٿو رکي ۽ نه ئي وري ڀيٽي ٿو سگهجي. پهرين ”محبت“، پنهنجي رب سان پوءِ پنهنجي پياري نبيءَ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن سان ۽ اُن بعد ماءُ جي محبت، اِهو هڪ اهڙو سلسلو آهي، جنهن جي ڪري هن ڪائنات جو وجود قائم ۽ دائم آهي. جيڪڏهن ماءُ جي مامتا نه هجي ها ته هن ڪائنات جي تخليق بلڪل بي معنيٰ ٿي وڃي ها ۽ اڳيان نه وڌي ها.
منهنجيون هن قابلِ احترام شخصيت سان واڳيل ڪيتريون ئي اهڙيون يادگيريون وابسته آهن، جو جيڪڏهن ڪاغذ تي اُوتڻ شروع ڪبو ته پوءِ داستان بڻجي ويندو. بقول ڪنهن شاعر جي ته ”يادن کي چئو ته ياد نه اچن.“ جيڪڏهن مان پنهنجي شعوري ياد جو ذڪر ڪرڻ شروع ڪريان ته مون کي اِها ڳالهه ئي صرف ياد آهي ته مان پهرين ڏينهن اسڪول داخل ٿي، پڙهڻ شروع ڪيم ته منهنجي امڙ مون لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو؟ پنهنجن هٿڙن سان سبيل يونيفارم کان وٺي نئون هٿن سان اُڻيل سوئيٽر (اڇي ۽ ڳاڙهي رنگ وارو)، ڪارو اسڪولي بوٽ، ۽ اڇا جوراب اِهو سڀڪجهه اِن ڪري ياد آهي جو اِن يادگار خوشنصيب لمحي ۾ ڪجهه تلخ ياد به شامل آهي ۽ اُها آهي گورنمينٽ پرائمري اسڪول روهڙيءَ ۾ پهرين ڏينهن جي واردات، جتي اُستاد چيو ته هيٺ زمين تي ويهو ڇو ته ڪلاس روم گهٽ آهن، جيستائين ڪو ڪلاس روم ملي. مون ٺهه پهه بغير سوچي سمجهي جواب ۾ چيو ته مان هيٺ زمين تي نه ويهندس. ڇو ته منهنجو نئون سوئيٽر ميرو ٿي ويندو، ڇو ته منهنجي ماءُ ايڏيءَ محنت سان مون لاءِ ٺاهيو آهي ۽ چيو اٿس ته ميرو نه ڪجانءِ، اِهو هو منهنجو پهريون احتجاج جيڪو مون هڪ ٻار جي حيثيت ۾ ڪيو هيو ۽ افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اڄ اُتر سنڌ جا ڏتڙيل علائقا هجن توڙي لاڙ ۽ ڏکڻ سنڌ جا پوئتي پيل ڳوٺ، اُتي اسڪولن جي حالت ساڳي آهي. گذريل سٺ سالن کان غريب جو ٻار اڄ به زمين تي، وڻ هيٺان علم حاصل ڪرڻ لاءِ جتن ڪري رهيو آهي. ڪجهه ٻار خداداد صلاحيت جي بنياد تي ڪامياب ٿيو وڃن پر بيشمار ٻارڙا صرف همت افزائي نه ٿيڻ سببان رولڙي جو شڪار ٿيو وڃن. ڪاش! اسان جي ٻارڙن جا به ڏينهن بدلجي سگهن؟
گذريل يادگيرين جي فلم، يادن جي صورت ۾ جيڪڏهن ذهن ۾ اسڪرين تي اُڀاربي ته مون کي بخوبي ياد آهي ته صبح جو سوير اُٿي سڀ کان پهريان نماز۽ قرآن شريف جي تلاوت مان فارغ ٿي، امان نيرن تيار ڪرڻ لاءِ رڌڻي ۾ ويندي هئي ۽ مان صبح جو اُٿي اسڪول جو ”سبق“ ۽ ”بيت“ ياد ڪندي هيم، گڏوگڏ ميٽ سان مليل ”پٽيءَ“ تي ڪاري مس ۽ ڪِلڪ سان سبق لکندي هيم، جيڪا اڳ ۾ پينسل سان بابا جن لکي رکندا هئا. اهو عمل خوشخطيءَ کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪيو ويندو هو. اِن سڄي عمل ۾ منهنجي مدد منهنجو والد مرحوم و مغفور شيخ رحيم بخش ڪندا هيا.
مون کي الف ب ج به پنهنجي بابا لکڻ شروع ڪرايا ۽ سيکاريا سندن اُهو انداز ۽ طريقو سيکارڻ جو ۽ سمجهائڻ جو اڄ به ساڳي ئي نموني ذهن تي نقش ٿيل آهي. اڄ جي زماني ۾ اُن طريقي تي پڙهايو، لکايو ۽ سيکاريو نٿو وڃي.
(شعوري زندگي شروع ڪرڻ وقت پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ پهريون سبق سکڻ هر ”ٻار“ جو بنيادي حق آهي. ائين نه ڪرڻ سان ”ٻار“ جو ننڍڙو ذهن منتشر ٿي وڃي ٿو ۽ هو هڪ ئي وقت ٽي چار ٻولين جا اُچار ٻڌي پريشان ٿي وڃي ٿو. اِنڪري عالمي سطح تي اِن اصول کي مڃتا مليل آهي ته پهريون سبق پنهنجيءَ مادريءَ ٻوليءَ ۾ سيکاريو وڃي، پوءِ ڀلي ڪيتريون به ٻوليون سکجن، لکجن ۽ پڙهجن.)
صبح جو دير ٿي وڃڻ يا صحيح طريقي سان نيرن نه ڪرڻ جي صورت ۾ امان پويان پويان دروازي تائين به اچي ڪجهه نه ڪجهه کارائڻ ۽ پيارڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. سندس اُها عادت منهنجي وڏي ٿي وڃڻ تي به ساڳي رهي. ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ جڏهن روهڙيءَ کان سکر صبح جو سوير تقريباً ڇهين وڳي وڃبو هو تڏهن ڪاٺين ۽ ڇيڻن تي باهه ٻاري ٺاهيل چانهه، ڪوپ ۽ ساسر ۾ وجهي پويان دروازي تائين کڻي ايندي هئي ۽ ڦوڪون ڏيئي چانهه کي ساسر ۾ ٿڌو ڪندي هئي ته مَن ڪجهه ڍُڪ پي وڃي. موٽي اچڻ تي تقريباً شام ٿي ويندي هئي، پر کيس اِها اون هوندي هئي ته ماني گرم پچائي ڏيانس سو ٻيهر پئي الڳ ماني پچائيندي هئي. گهر ۾ ڪڏهن به پئسا خرچيءَ طور بابا جن نه ڏيندا هئا، پر امڙ ڪپڙي جي ننڍڙي ڳوٿري ٺاهي رکي هئي. جنهن ۾ شيون (مثال طور سُڪل ميوو، ڀڳڙا، کنڊ ڀڳڙا، ريوڙيون، ۽ ٻيون به گهر جون ٺهيل ڪيتريون ئي مٺيون شيون) وغيره وجهي ڏيندي هئي. جيڪي رسيس ۾ کائيندي هيم، ان ساڳيءَ عادت تي مئٽرڪ تائين رکيو ويو. ٻاهرين شيءِ کائڻ جي اجازت بلڪل به نه هوندي هئي. (اِن عادت وجهڻ ۾ گهڻو عمل دخل منهنجيءَ وڏي پڦيءَ جو هيو. جيڪا سڄي گهر جو ڪارَ وهنوار هلائيندي هئي. منهنجي پڦيءَ جو مون سان بي انتها پيار ۽ محبت هئي، جڏهن ته منهنجي امڙ سان روايتي نڻان ڀاڄائي وارو قصو هلندو رهندو هيو، پر پوءِ به منهنجيءَ امڙ کي جَسُ هجي جنهن ڪڏهن به اسان ٻارن کي پنهنجي پُڦيءَ توڙي خاندان جي ٻين فردن جي باري ۾ ڪوبه گٿو لفظ يا گُٿو خيال ۽ اُن جي اظهار جي اجازت نه ڏني. هميشه چوندي هئي ته توهان جي وڏي آهي، توهان عزت ڪندا ڪريو. منهنجو معاملو الڳ آهي. اڄ جي دنيا ۾ اهڙا انسان بنهه گهٽجي ويا آهن، ۽ ڪجهه نه ڪرڻ جي باوجود رشتا ناتا ٽوڙيا وڃن ٿا. خاندان الڳ الڳ ٿيو وڃن.
مون کي ياد آهي اٺين درجي ۾ اسڪالرشپ جو امتحان بورڊ وٺندو هيو الڳ سان، سو جڏهن مان اُهو امتحان ڏيڻ سکر ويندي هيم ته امان مون لاءِ گهر ۾ ڪڻڪ جي اٽي منجهان لڏون ٺاهي رکيا هئا.، سي ڳوٿريءَ ۾ وجهي ڏيندي هئي، ۽ مان پنهنجي ساهيڙي نسرين جماڻي سان گڏجي اُن تي گذارو ڪنديون هيوسين ۽ شام جو گهر پهچي ماني کائينديون هئاسيون، اُها ڪپڙي جي ڳوٿري اڄ به مون وٽ نشانيءَ طور رکيل آهي ۽ محفوظ آهي. سندس هٿ جون استعمال ٿيل سڀ شيون مون قومي ورثي وانگر سنڀالي رکيون آهن. جن ۾ اُن اُڻڻ جا سوئا، آر ٺاهڻ واري سُئي، پف ڀرت ڀرڻ واري سُئي، ڪُنڊيءَ ڀرڻ جي سُئي، ڪيترن ئي نمونن جا ڌاڳا، ۽ ٻيا ڪيترائي ڪاربن ڪاغذ سان ٽريس ٿيل نمونا وغيره سانڍي رکيا آهن. امڙ جي هٿ ۾ کڻڻ واري تسبيح به مون پاڻ سان ائين گڏ رکي آهي، ڄڻ هينئر امڙ چوندي ته تسبيح کڻي ڏي ته مان پڙهان. الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته سوير اُٿي پهرين ڪائنات جي خلقيندڙ جي حمد و ثنا ڪريو، نماز ۽ قرآن شريف جي تلاوت کان پوءِ پنهنجي رزق جي تلاش لاءِ الله جي زمين تي ڦهلجي وڃو. اسان جي امڙ عين اِن فرمان جي پسمنظر تي عمل ڪندي زندگي گذاري. ديني فرائض سرانجام ڏيڻ سان گڏوگڏ دنياداري به احسن طريقي سان نباهي. گهر جي ڪم ڪار کان وٺي، سلائي ڪرڻ، ڀرت ڀرڻ، سوئيٽر ٺاهڻ ۽ مختلف قسمن جا بهترين کاڌا پچائڻ ۽ اُن سان گڏوگڏ کٽاڻيون، چٽڻيون ۽ مختلف حلوا وغيره ٺاهڻ سندس پسنديده مشغلو هو. هر ڪم پنهنجي هٿ سان ڪري پوءِ تمام خوشدلي ۽ فراخدليءَ سان پيش ڪرڻ به ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ جي خوبي هوندي آهي. بيشڪ اسان جي امڙ پنهنجي گهر، وَرَ ۽ ٻچن جي خدمت دل و جان سان ڪري، پنهنجي لاءِ نيڪي ڪمائي. شل رب تعاليٰ جنت ۾ سندن درجا بُلند ڪندو ۽ سندن مرقد آسوده حال رهندي. پنهنجي نرم طبيعت، حليم سڀاءُ، نرم دلي ۽ نهٺائي سبب جنهن سان به هڪ دفعو ملندي هئي ته اُهو ماڻهو وري وري ملڻ تي مجبور ٿيندو هو. پنهنجيءَ گفتگو جي دوران جتي ڳالهين ٻولهين دوران دُنياوي ڳالهيون ڪجن ٿيون اُتي هر ڳالهه کي قراني قصن، نبين جي بيانن ۽ شاهه عبداللطيف رح جي بيتن جي روشنيءَ ۾ واضع ڪري سمجهاڻي ڏيڻ به سندن معمول ۾ شامل هوندو هو. خاص طور تي پهاڪا ۽ اصطلاح، چوڻيون ۽ سينه به سينه منتقل ٿيندڙ ڳجهارتون، به بيشمار ياد هونديون هين، توڙي جو عام زندگيءَ ۾ ڪا شيءِ رکي وِسارڻ ۽ جڳهه جو صحيح تعين نه ڪرڻ به معمول هوندو هين، پر حيرت انگيز طور تي، آيتون، بيت ۽ چوڻيون هر وقت ياد هونديون هين. منهنجي پڦي مرحومه سردار خاتون خود هڪ ذهين ۽ هوشيار خاتون هئي ۽ امان جي اِن ويسر واري عادت کان هميشه ڪاوڙيل رهندي هئي، پر سندس چيل پهاڪن ۽ چوڻين توڙي بيتن پڙهڻ تي تمام حيرت جو به اظهار ڪندي هئي، مان اُنهن پهاڪن ۽ چوڻين کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان، ڪاش! امڙ جي موجودگيءَ ۾ اهي لکي وٺان ها. اڄ امڙ جي ڪميءَ جو احساس ائين پيو ٿئي جو پويان ڪوبه آواز اهڙو نٿو ٻُڌڻ ۾ اچي جيڪو سڏي چوي ته تون ڇا پئي ڪرين؟ ۽ ڇا پئي لکين؟ مون کي به ٻڌاءِ؟ مان امڙ کي ڇا ٻڌايان؟ ته تنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن جي ياد، اُن ۾ شامل ڏُک ۽ پيڙائون ۽ پوءِ هر حال ۾ سندرو ٻڌي، هر مشڪل کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکندڙ ماءُ ڪيئن نه اسان سڀني ڀينرن ۽ ڀائرن کي هڪ گلدستي مثل گڏ ڪري رکيو. سندس وقت آخر تائين اِهائي ڪوشش رهي ته سڀ ٻچا اکين آڏو، سامهون ۽ گڏ هجن. هوءَ اِهو ڄاڻي پئي ته ٻڌيءَ ۾ برڪت آهي. الله تعاليٰ کي عرض ۽ دُعا آهي ته سندس جوڙيل اِهو گلدستو شل سدائين شاداب ۽ آباد رهي (آمين ثم آمين). شل اسين سڀ ڀينر ۽ ڀائر پنهنجن ٻچن سميت پنهنجي ڪُٽنب سميت پاڻ ۾ محبت ۽ اتفاق سان رهون ته جيئن اسان جي امڙ جي روح کي تسڪين ملي ۽ سندس روح اسان لاءِ سدائين دُعاگو رهي (آمين ثم آمين). اڄ جي نفسا نفسي واري عالم ۾ جتي خاندان ٽٽي رهيا آهن ۽ هر انسان الڳ الڳ ڪُني چاڙهي، خوش رهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اُتي اِهو نه وسارڻ گهرجي ته پوءِ به ٻڌيءَ ۾ برڪت آهي. ”ٻه ته ٻارنهن“ جي مِثل انسان گڏجي گذاري ته وڌيڪ ڀلو آهي. ڏک سک ۾ هڪٻئي سان حال ڀائي ٿيڻ ئي اصل ۾ ”زندگي“ جو مقصد آهي. هِن ڪائنات خلقڻ جو سبب ئي اِهو آهي ته انسان الله تعاليٰ جي عبادت ڪري هڪٻئي جي مدد ڪري ۽ ڏک سک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي. اِهوئي اصل ۾ ڪائنات جي خلقيندڙ جو مقصد آهي. الله تعاليٰ شل اسان سڀني کي نيڪ راهه تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي (آمين ثم آمين). الله تعاليٰ شل منهنجي امڙ جي آخري آرامگاهه کي ڪشادو ۽ مُنوّر رکندو ۽ جنت ۾ سندن درجات بُلند ڪندو ۽ پياري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي شفاعت نصيب ٿيندن. (آمين ثم آمين).
* * *

پنهنجي پياري بابا سان گڏ گُذاريل لمحن جو انمول خزانو

”لِکڻ ڏين نه لُڙڪَ، ڪِريو پَون قَلم تي“
پنهنجي پياري بابا سان گڏ گُذاريل لمحن جو انمول خزانو
(ڪڏهن به نه وِسرندڙ شيون: ڪاٺ جي تختي، ڪِلڪَ ۽ ڪاري مَسُ ڪُپُڙي)

الله تعاليٰ جي بيشمار عطا ڪيل نعمتن منجهان اشرف المخلوقات لاءِ ”ياداشت جو مرڪز“ يعني دماغ، ان لحاظ کان سَرِ فهرست آهي، جو ننڍپڻ کان وٺي، شعور جون منزلون طئي ڪندي انسان لاشعوري طور تي ڪجهه ”يادگار لمحن“ کي ائين ته محفوظ ڪري ڇڏي ٿو، جو هر وقت محسوس ڪبو آهي ته ڄڻ ڪالهه ڪلهوڪا واقعا هجن. توڙي جو پٺ ورائي ڏسبو ته سالها سالن جو وقت گذري چڪو هوندو آهي. ڪجهه واقعا ڪجهه ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جو بغير ڪنهن سوچ سمجهه ۽ ارادي جي ”عڪس بڻجي“ دماغ جي ياداشت واري خاني ۾ هميشه هميشه لاءِ محفوظ ٿي وينديون آهن. انسان ذات لاءِ اهو به ٺيڪ نه ٿي ها جو سڀ ڪجهه حرف بحرف ياد رکي ها ۽ وري ٻي پاسي اهو به ٺيڪ نه هجي ها جو ڪجهه به ياد نه رهي ها.. بهرحال رب تعاليٰ انسان ذات کي ٻين بيشمار نعمتن سان گڏوگڏ ”ياداشت“ جهڙي ناياب نعمت سان به نوازيو. يادن جا عڪس جڏهن به انسان چاهي ته بار بار دهرائي سگهي ٿو. خاص طور تي اُهي ننڍپڻ جا يادگار لمحا جيڪي پنهنجي والدين سان گڏ گذارجن ٿا. ۽ يڪسان طور تي هر ٻار جي زندگيءَ ۾ اچن ٿا. ٻارڙو جڏهن شعور جي منزل ڏانهن وڌڻ لڳندو آهي ته والدين به ٻار سان گڏجي اُن جي رهنمائي ۽ رهبري ڪرڻ شروع ڪندا آهن. ٻارڙو شعور جي منزل ڏانهن وڌندو رهندو آهي ۽ ٻالڪپڻ جا ڪجهه لمحا عڪس بڻجي سندس دماغ ۾ يادگار طور جمع ٿيندا رهندا آهن. اهڙا لمحا هر ننڍڙي ٻار جي زندگيءَ ۾ ايندا آهن ۽ پوءِ اهي ٻارڙا لمحا به لمحا سفر ڪندي جڏهن سمجهڻ، ڳالهائڻ ۽ سوال جواب ڪرڻ واري عمر تائين پهچندا آهن ته والدين پنهنجي پنهنجي استطاعت ۽ سمجهه مطابق ٻارڙي جي ”تربيت“ ڪرڻ شروع ڪندا آهن. دراصل سڀ کان پهريان علم حاصل ڪرڻ وارو معاملو ”تربيت“ کان شروع ٿيندو آهي. جيڪا سڀ کان پهريان پنهنجي گهر کان شروع ٿئي ٿي.”تربيت“ دوران اهم ڪردار جيتوڻيڪ ”ماءُ“ جو هوندو آهي، پر گڏيل طور ”والدين“ يعني ”ماءُ ۽ پيءُ“، ٻنهي جي ذميواري هوندي آهي. ڪنهن به هڪ فرد جي نه هئڻ جو به تربيت تي وڏو اثر پوندو آهي، پوءِ وارو اچي ٿو گهر جي ٻين ڀاتين جو. يعني ته ڏاڏو، ڏاڏي، پڦيون ۽ ماسيون يعني ته ڪٽنب جا ٻيا فرد. والدين ۽ ڪٽنب جي ٻين فردن جو پاڻ ۾ ”حُسنِ اخلاق“، اُٿڻ ويهڻ جا طور طريقا دُعا سلام جا انداز، اِهي سڀ ٻارڙي جي ترتيب تي سڌو سنئون اثر انداز ٿين ٿا.
پوءِ ”تعليم“ جو وارو ايندو آهي، جيڪا پوءِ ”اسڪول“ منجهان شروع ٿيندي آهي. ان جو مطلب اهو صاف ۽ چٽو ڏسڻ ۾ آيو ته پهرين ”تربيت“ جيڪا ٻار جي والدين ۽ ڪٽنب جي ٻين ڀاتين وغيره کان شروع ٿئي ٿي ۽ پوءِ ”تعليم“ جيڪا اسڪول منجهان پرائجي ٿي ۽ ”استادن“ جي رهبري ۽ رهنمائي حاصل ٿئي ٿي. ان ڳالهه مان صاف ظاهر آهي ته ٻار جي پهرين سکڻ واري جڳهه دراصل ٻار جو گهر، گهراڻو، خاندان، ماحول، ماءُ جي محبت ۽ والد جي شفقت ۽ نظرداري آهي. ٻار پنهنجي ماءُ جي مٺي ٻولي جنهن کي سڄي دنيا ”مادري زبان“ سڏي ٿي. سکڻ ۽ سمجهداري ۽ پوءِ قوت گويائي جو سبب بڻجي ٿي. ٻار جيڪو ٻاروتڻ کان ٻڌي ٿو، ان کي ئي سهڻي ۽ سٺي نموني سمجهي سگهي ٿو ۽ پوءِ ان تي سوچي سگهي ٿو. ۽ جڏهن سوچڻ وارو عمل شروع ٿئي ٿو ته پوءِ ان تي عمل پيرا ٿيندي ڳالهائڻ جي سگهه منجهس پيدا ٿئي ٿي. ان تجزيئي منجهان اهو صاف ظاهر آهي ته جيڪو سڀ کان پهريان سوچجي ٿو سو پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ سوچجي ٿو ۽ پوءِ ان کي اسان لکڻ لائق بڻايون ٿا. اهوئي سبب آهي جو سڄي دنيا ۾ ”مادري ٻولي“ کي يڪسان طور تي اهميت حاصل آهي. ماءُ جي ٻڌايل ”لولي“، ”ٻار“ کي سڄي عمر ”ياد“ رهي ٿي. ٻار وٽ وڌ کان وڌ لفظن جو ذخيرو پنهنجيءَ ٻوليءَ جو محفوظ هوندو آهي. جنهن کي بوقتِ ضرورت استعمال ڪندي. ٻارڙو وڌ کان وڌ سٺي سوچ جو مظاهرو ڪندي بهتر کان بهترين ”مضمون“ لکڻ جي لائق بڻجي وڃي ٿو.
ان ڪري هر ماڻهو کي پنهنجي مادري زبان سان پيار ۽ محبت وارو رشتو، قائم رکڻ گهرجي ڇو ته ان ريت پنهنجيءَ ڌرتيءَ سان رشتو ناتو قائم و دائم رهي ٿو. هتي مان پنهنجي بابا جي هٿ اکر لکيل هڪ مضمون بعنوان ”حُبِ وَطَن“ جو (عڪس) ڏيئي رهي آهيان. ”پڙهندڙ، پڙهي محسوس ڪندا ته ماضيءَ ۾ ٻارن“ جي ڪهڙي نموني تربيت ڪئي ويندي هئي ۽ ٻي پاسي تعليم تي ”اُستاد“ صاحبان ڪيتري نه محنت ۽ جفاڪشيءَ سان ڌيان ڏيندا هئا. ”ننڍپڻ“ کان ٻارن کي هڪ خاص لفظ ڏيئي چيو ويندو هيو توهان پنهنجي طرفان ڪجهه جملا لکو، جيڪي پوءِ پئراگراف ۽ مضمون جي شڪل اختيار ڪري وٺندا هئا. مضمون لکڻ جي عادت ٻارن کي اڳتي هلي، سٺن سهڻن لفظن ۽ جملن کي ”نوٽ“ ڪرڻ جي به پابند بڻائيندي هئي.
جنهن جو ثبوت پڻ بابا جي خوبصورت صورتخطي ۾ لکيل ڪيتريون ئي سٺيون چوڻيون پهاڪا، ۽ نصيحت ڀريل نڪتن سان گڏ، اقوال زرين ۽ انمول جملا وغيره آهن، جن جو پڻ هتي ”عڪس“ ڏجي ٿو. هٿ اکرن جو عڪس حُبِ وطن مضمون.
مان جيئن ته پنهنجي والدين جو پهريون ٻار هئم، ان ڪري پنهنجي والدين جي توجه جو مرڪز به رهيم. ائين هرگز نه آهي ته والدين صرف هڪ ئي ٻار تي توجه ڏين ٿا پر جيئن ته پهريون ”ٻار“، خاندان وارن لاءِ ڄڻ ته هڪ نئون مهمان هوندو آهي. ان ڪري گهر جو هر فرد پيار جي نظر سان ڏسندو آهي. منهنجين ”يادن“ منجهه منهنجي ”بابا“ جي ”محبت ۽ شفقت“ اِئين جڙيل آهي جيئن ”تسبيح جا داڻا“ جيڪي الڳ هوندي به هميشه گڏ هوندا آهن. پهرين ٻار هجڻ ڪري بابا جو پيار ۽ محبت ائين نه هيو ته مان ”ڇوڪري“ آهيان ته ”نياڻي“ وارو رويو روا رکيو وڃي، پر هر لمحي پاڻ سان گڏ رکڻ، گهمائڻ کان وٺي پڙهائڻ ڪڏهن به اهو محسوس نه ڪرايو ته ڪو مان سندن ”ڌِيءَ“ آهيان. روهڙي کان سکر سائيڪل جو سفر هجي يا دريا پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙين ۽ انجڻ وارين ٻيڙين جو، روهڙي اسٽيشن کان سکر تائين ٽرين جو سفر هجي، يا وري شام جو پنڌ ڪندي بيدل بيڪس تائين وڃڻو هجي يا گانگوٽي گرائونڊ ۾ فوٽ بال مئچ ڏسڻو هجي. شام جو ”جناح پارڪ“ ۾ راند روند ڪرڻي هجي يا اڳيان پنڌ ئي پنڌ ريلوي اسٽيشن جو شام جو نظارو ڏسڻو هجي پنجاب ڏانهن ويندڙ رستي تي موجود ڍنڍ ۾ پٻڻ ۽ ڪنول جا گل ڏسڻا هجن يا وري گهمندي گهمندي، گهر ڏانهن موٽندي جا نعالم شاهه ۽ شاهه حيدر شاحقاني جي مزارن کان ٿيندي، ڪربلا جي ڏول کان ٿيندي، ”بجلي گهر“ جي آفيس وٽ موجود سندن دوست چاچا ابراهيم جو گهر هجي، مطلب ته جتي بابا هُجي اتي مان به ضرور هوندي هيم، هڪ دفعي ڪنهن دوست بابا کي ان ڳالهه تي مذاق ۾ ٽوڪيو ته نياڻي کي پٽن وانگر ٿو گهمائين ته بابا اُصل صفا چڙي پيو. جواب ڏنائين ته ائين نه سوچيو هيءَ نياڻي مون لاءِ پٽن وانگر آهي. جيڪڏهن ڇوڪرو هجي ها ته به مان سندس نالو وري به ”رشيد“ ئي رکانس ها.
ڏينهن مهينا ۽ سال ته پري آهن، مون کي ته ”بابا“ سان گذاريل لمحو لمحو ياد آهي. جيڪڏهن ذري ذري کي لکبو ته هوند وڏو ڪتاب ٺهي پوي. جيڪڏهن مختصر ڪجي ته پوءِ مون کي اهو بلڪل آواز گونجي رهيو آهي ته ”چئه اُڀي ليڪ، سُمهيل ليڪ، ڊگهي ليڪ، گول، اڌ گول“. بابا مون کي الف جو اُچار ڪاٺ جي تختي تي ڪاريءَ مس سان ڪلڪ ٻوڙي ڪري لکڻ ۽ اُچارڻ سيکاريو. اسان سليٽ تي ڪاري ۽ اڇي قلم سان لکڻ شروع ڪيو ۽ بار بار اُگهي وري پوءِ پيا لکندا ۽ پڙهندا هئاسي.
بابا تختي تي لکي ڏيندا هئا ان نقطن مٿان ڪلڪ ٻوڙي لکندا هئاسي. بابا جن هٿ کان پڪڙي آڱر جهلي جڏهن لکڻ سيکاريو ته شايد ان وقت اُهو عڪس اِئين چٽجي ويو جو اڄ به ياد اٿم. ايڏي پيار ۽ محبت جي باوجود مون کي اهو ياد ڪونهي ته ڪو مون بابا جن کان ڪڏهن حجت ۾ بلڪل نه ڪجهه گهريو نه ته، خرچيءَ طور ڪجهه پئسو پائي وغيره. پيار جي باوجود هڪ اهڙو رُعب ۽ دٻدٻو هيو جو شايد اجائي ڳالهه چوڻ مناسب ئي نه لڳندي هُئي. وري شايد مان هيم ئي ائين سادي، جو ڪڏهن به ڪجهه به فرمائش مون نه ڪئي. ”نه بابا سان نه امان سان“. شايد سبب اهو هجي ته گهر ۾ بابا هر شيءَ موجود رکندا هئا ۽ اسان سان گڏ پڦيون رهنديون هُيون، جيڪي کائڻ پيئڻ جو خاص وقت سان گڏ خيال ڪنديون هيون. گهُرڻ کان اڳ ملي ويندو هيو سڀ ڪجهه. الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان عمر جون منزلون طئي ڪندي، پڙهائي جون منزلون به طئي ٿينديون رهيون. بابا جن جي همت افزائي ۽ ڪوشش سان جڏهن پهريان پنج درجا پاس ڪري مان هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيم ته به منهنجي روزمره جي مشغلن ۾ ڪوبه ڦيرو نه آيو. توڙي جو درسي ڪتابن سان گڏوگڏ ديني تعليم ۽ قرآن شريف پڙهڻ شروع ٿي ويو. پوءِ به بابا سان گڏ ٻاهر گهمڻ ڦرڻ ساڳيءَ ريت رهيو.
مون کي چڱيءَ ريت ياد آهي بابا پنهنجي گهر جي اوطاق ۾ جڏهن شام جو ويهندو هيو ته در جيڪو گهٽيءَ ۾ کلندو هيو، تنهن کي بابا کولي ڇڏيندو هيو. مان به بابا سان گڏ ويهندي هيم، بابا جا دوست وغيره ايندا ويندا رهندا هئا پر بابا ڪڏهن نه چيو ته وڃ اندر وڃي ويهه. توڙي جو پڦيون ناراض به ٿينديون هيون. اسڪول اندر رانديون هجن، يا تقريري مقابلا ۽ ڊراما وغيره ٿين. ڪنهن به ڳالهه تي روڪ ٽوڪ نه ڪندا هئا. ”ننڍڙي هوندي کان مون تي اعتبار ۽ اعتماد“ هُين، جنهن ڪري مون ۾، به اهائي عادت منتقل ٿي وئي ۽ مون به هر ماڻهوءَ تي اعتبار ۽ اعتماد ڪيو. پر هاڻي وارو زمانو ٿورو مختلف آهي.
اڄ جيڪو ۽ جيترو به ”اعتماد“ ۽ بولڊنيس (Confidence and Boldness) آهي ته بابا جن جي ڪري آهي. ها اها ٻي ڳالهه آهي ته بابا کي بحث کان چڙ هوندي هئي. هڪ دفعو ”ها“ ٿي ”ها“ ۽ نه ٿي ته نه. بس ڳالهه ختم. بابا کي گهر ۾ وڏي آواز ۾ ريڊيو ٻڌڻ پسند نه هيو. فلم ڏسڻ جي اجازت به ڪڏهن ڪڏهن هوندي هئي. ائين عام جام نه هوندي هئي. مون کي بابا جو ڏنل ڌڙڪو بلڪل به ياد ڪونهي. ننڍي هوندي مان شرارتي بلڪل به نه هيم، گهڻو ڪري ”سنجيده قسم“ جي ڇوڪري هيم. ڀيڻ جي خير خبر رکڻ لاءِ شڪارپور جي سفر ۾ هميشه مون کي گڏ رکندا هئا. شڪارپور سان وابسته تلخ ”يادون“ چٽيءَ طرح ياد آهن. منهنجي بابا مئٽرڪ تائين پڙهائي ۾ بي انتها مدد ڪئي. هر سبجيڪٽ پاڻ پڙهائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
مان جڏهن نائين ڪلاس ۾ آيم ته ٻين ڪلاس فيلوز کي ڏسي مون کي برقعي پائڻ جو شوق ٿيو. اها ڳالهه جڏهن بابا ٻڌي ته کلي پيو. ڪيئن لڳندين برقعو پائي، هلي سگهندين؟ متان ڪري پوين؟ بابا بيشمار سوال ڪيا. ۽ جڏهن مون گهڻو ضد ڪيو ته بابا چيو تنهنجي مرضي آ. پيار ۽ محبت ڪرڻ وارو ”بابا“ جو مون تي پورو پورو ڀروسو ۽ اعتماد هيو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ جڏهن ڪاليج جو مرحلو آيو ته روهڙيءَ ۾ ڪاليج نه هئڻ ڪري بابا سکر ڪاليج موڪلڻ تي ڪو خاص راضي نه هئا، پر الله تعاليٰ جنت الفردوس ۾ بلند درجات عطا ڪندو (آمين) منهنجي پڦي مرحومه جا، جنهن بابا کي قائل ڪيو ۽ منهنجي تعليم اڳتي وڌي. پوءِ آهستي آهستي چار سال گذري ويا ۽ مون جڏهن گرلس ڪاليج سکر مان انٽر سائنس ۽ اسلاميه ڪاليج سکر منجهان B.Sc پاس ڪئي ته هاڻي وري سوال اُڀريو ته يونيورسٽي منجهان M.Sc ڪيئن ڪجي؟ ۽ شايد نصيب منجهه هيو. ۽ وري به منهنجي پڦي جي تائيد ڪرڻ ۽ قائل ڪرڻ سان گڏوگڏ امڙ جي دعائن رنگ لاتو ۽ يونيورسٽي ۾ اچي پهتم، حالانڪه خاندان ۾ مون کان اول منهنجون ڪيتريون ئي سؤٽ، ماروٽ ڊاڪٽر وغيره هيون پر هاسٽل ۾ رهڻ، اهو بابا لاءِ پهريون تجربو هيو. ان ڳالهه جي مخالفت ڏاڏڻن ۽ ناناڻن سڀني گڏجي ڪئي، پر پوءِ به بابا پنهنجي محبتن جا گل پکيڙيندي، مون لاءِ ننڍي کان ننڍي ضرورت جي شيءِ سکر مان آندي، منهنجي ضرورت جي هر شيءِ جي لسٽ ٺاهيائين ۽ منهنجيءَ پيتي منجهه سنڀالي هڪ هڪ سامان رکيو. اڄ به مون وٽ بابا جي هٿ جا آندل سامان اڃان تائين محفوظ آهن. بابا جنهن سامان کي هٿن سان آندو ان جو ”لمس“ اڄ تائين محسوس ڪندي آهيان ۽ ڪوبه سامان ڪنهن کي به نٿي ڏيئي سگهان.
هتي ڪهڙي ڪهڙي شيءِ جو ذڪر ڪريان ڪاغذ ڀرجي ويندا. پر بابا منهنجي حق ۾ فيصلو ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن اهي شيون سامهون نظر اچي وينديون آهن ته ائين لڳندو آهي، ڄڻ بابا سامهون بيٺا هجن. بابا کي مطالعي جو تمام گهڻو شوق هيو، روزانو اخبار پڙهڻ، رسالن ۽ ڪتابن کي پڙهڻ سان گڏوگڏ ”ڊائري“ پڻ لکندا هئا. روزمره زندگي جا خاص واقعا ۽ مطالعاتي ڄاڻ نوٽ پڻ ڪندا هئا. بابا جن جي صورتخطي مضبوط ۽ هٿ اکر بيحد سهڻا جهڙا موتين داڻا هئا. بابا جن جي ڊائري منجهان ڪجهه عڪس هيٺ ڏجن ٿا.
بابا جن بي انتها دورانديش طبعيت جا مالڪ، ننڍي وڏي شيءَ کي سنڀالي رکڻ وارا، ته جيئن ”آئي ويل ڪم اچي“ جڏهن مون روهڙيءَ کان حيدرآباد جو سفر شروع ڪيو ته بابا مون کي سلامتي سان پهچڻ جو اطلاع ڏيڻ لاءِ نه صرف زباني ڪلامي تاڪيد ڪيو پر عمليءَ طور تي پوسٽ جي لفافن تي پنهنجي هٿ اکرن سان ائڊريس تائين لکي، مون کي ڏنا ته جيئن مان پهچڻ شرط پهريون ڪم اهو ڪريان ۽ خيريت جو اطلاع بغير ڪنهن عذر جي ته ”لفافو نه مليو“، جلدي خط لکي پوسٽ ڪريان ته جيئن والدين ”سک جو ساهه کڻن“. جتي امڙ جي هٿن اڌ رات ۾ کنيل ڪوپ ۽ ساسر ۾ چانهه کي ڦوڪون ڏيندي ٿڌو ڪندي چانهه پيئڻ لاءِ آماده ڪرڻ ۽ چوڻ ته ٻاهر رستي تي ٿڌ لڳندي، ٽرين جو سفر آهي. ڪڏهن به وسري نٿو سگهي. ساڳي نموني بابا جن جو موڪلائڻ مهل، خدا حافظ چوڻ وقت پوسٽ جي لفافن کي سنڀالي هٿ ۾ ڏيڻ ۽ گهر کان ٻاهر، گهٽيءَ منجهان نڪري پپل جي وڻ هيٺان بيٺل ٽانگي تي سوار ڪرائڻ تائين، بس هڪ ئي جملو ورجائيندا رهندا هئا. ته رشيده، هاسٽل پهچڻ شرط خيريت جو اطلاع لکجانءِ، هاسٽل منجهان ڪنهن سان به ٻاهر به نڪرجانءِ، سواءِ پنهنجي مائٽن جي ۽ اجايو سجايو شهر حيدرآباد ۾ نه وڃجان ڪٿي به نه، ۽ پوءِ اسان پنهنجي والدين جي ٻڌايل ۽ ڏسيل ڳالهاين تي عمل ضرور ڪندا هئاسي. مجال جو ڪڏهن ٻن سالن جي پڙهائي دوران نه شاپنگ لاءِ وياسي ۽ نه ئي وري ڪو فلم يا ڪنهن تفريحي جڳهه تي وياسي. ڇو ته ”بابا“ جن منع ڪن ۽ اسان عمل نه ڪيون، اهو وري ڪيئن ٿيندو؟ سال 75-1974ع ۽ 76-1975ع وارو عرصو مون مارئي هاسٽل ۾ گذاريو. يونيورسٽي منجهه ليڪچرار ٿيڻ بعد سال 1978ع-1976ع تائين پوءِ به مان هاسٽل ۾ ئي رهيم. اُهو عرصو هڪ مختلف زندگي گذري. جنهن جو ذڪر ڪٿي ٻي هنڌ ڪبو.
ننڍپڻ ۾ شوق سان پاتل برقعو يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران ۽ شاديءَ کان پوءِ به زيرِ استعمال رکيو. پر پوءِ بدقسمتيءَ سان 1981ع کان پوءِ آهستي آهستي گائون ۾ تبديل ڪيو. اڄ محسوس ڪريان ٿي ته ائين نه ڪرڻ کپندو هيو. پردي ڪرڻ ۾ سڀ ڪجهه حاصل ٿئي ٿو. ان ڳالهه جو احساس مون کي عمرو ادا ڪندي مديني شريف ۾ ٿيو. توڙي جو تنبيهه ڪندڙ جو طريقو ۽ انداز بلڪل غلط هُيو پر پوءِ به مون کي پنهنجي غلطيءَ جو اِحساس ضرور ٿيو ته ”پردو“ عورت لاءِ بيحد ضروري آهي. شڪر الحمد الله جو منهنجي ڊاڪٽر نياڻي (پنڪي) پردي جي پابند آهي ۽ حجاب ڪري ٿي.
بابا جن ڪنهن حد تائين ”فقيري“ طبعيت جا مالڪ هئا، توڪل برخدا، ۽ ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“ تي يقين رکندڙ، بيحد ساده، پر حسّاس طبعيت جا مالڪ ۽ پهرين نظر ۾ ماڻهو جي اصليت پرکڻ جي صلاحيت جا مالڪ هئا. سندن پهرين راءِ ئي ماڻهو لاءِ حتمي محسوس ٿيندي هئي. پنهنجي وقت جي بهترين استادن کان حاصل ڪندڙ تعليم، بابا جن سنڌيءَ ۽ سان گڏوگڏ انگريزي فارسي پڻ لکي ۽ سمجهي سگهندا هئا.
انگلش تي بي انتها عبور حاصل هُين. آفيس ۾ اڪثر ماڻهو کانئن انگلش ۾ لکڻ لاءِ مدد وٺندا هئا. جڏهن پاڻ اوچتو بيمار ٿي پيا ۽ اچانڪ بيهوش ٿي ويا ته پوءِ لڳاتار 16 ڏينهن بيهوش رهيا. بابا جن آغا خان هاسپٽل ۾ ايڊمٽ هئا ۽ ڊاڪٽرن جي ڪا خاص خاطر خواهي نه هئي. پر الله تعاليٰ منهنجو عرض آگهايو. مون کي بابا سان ڳالهائيندي ڪجهه مهينا ٿي ويا هئا. منهنجي پنهنجي رب کي اهائي التجا هئي ته هڪ دفعو بابا اکيون کولين، مون کي سڏين ۽ منهنجو نالو وٺن، جيڪو ڊاڪٽرن مطابق ناممڪن هيو ڇو ته سخت قسم جو ”برين هيمرج“ ٿيو هيو. پر الله تعاليٰ آڏو ڪابه ڳالهه مشڪل ڪونهي، ايڏي وڏي عرصي جي بيهوشيءَ کان پوءِ بابا جن صبح جي مهل جڏهن ڊاڪٽر وزٽ (Visit) تي آيا ۽ مان ڀرسان ويٺل هيم ته بابا جن انهن جي آواز تي رسپانس (Response) ڏنو ۽ جڏهن کانئن سوال ڪيو ويو ته توهان ڪير آهيو ۽ ڪٿان آيا آهيون سامهون توهان جي ڪير ويٺو آهي؟ ته بابا جن آهستي آهستي اکيون کوليون ۽ نه صرف سڃاتو، پر بلڪل صحيح نموني سان جواب پڻ ڏنو سو به انگلش ۾ جو سمجهي ويا ته مان هاسپٽل ۾ آهيان ۽ ڊاڪٽرن سان صحيح نموني ڳالهائجي، انهن کي جواب به انگلش ۾ ڏنائون ته I am Rahim Bux Shaikh, from Rohri sharif, she is my daughter Rashida. ۽ پوءِ وري اکيون بند ڪري ڇڏيائون. آهستي آهستي بابا جن ايتريقدر صحتياب ٿي ويا جو حال احوال پڇڻ لڳا. مون پنهنجي مالڪ جا بي انتها شڪرانه بجا آندا، جو پنهنجي بابا جو آواز ٻڌو ۽ ڳالهايو. هوش ۾ اچڻ کان پوءِ سندن پهرين نظر به مون تي پين، ڇو ته اُن وقت صرف مان ئي ويٺل هيم (صبح جو بابا سان مان ئي هوندي هيم ۽ رات جو ڀائر ويهندا هُئا)
واري واري سان سڀ بابا جي خدمت ۾ لڳا پيا هوندا هئا، پر قدرت رب جي جڏهن 16 ڏينهن کان پوءِ هوش ۾ آيا ته سڀ کان پهريان مان ئي سندن آڏو هيم ۽ مون سان ئي ڳالهايائون. زندگي جي يادگار لمحن منجهان اهو ”لمحو“ اڄ به ائين سامهون آهي ڄڻ هاڻي به بابا سامهون ليٽيا پيا آهن ۽ هٿ کي پڪڙي ڊاڪٽر کي ٻڌائن پيا ته she is my daughter Rashida بابا جي هن دنيا ۾ آخري رات ۽ ٽيليفون تي ڳالهائڻ، هڪ هڪ ٻار جو نالو وٺي اُن سان ڳالهائڻ تي بضد ته سڀني سان ڳالهه ٻولهه ڪراءِ، اها ڪهڙي خبر هئي هئي ته بابا جن هن دنيا ۾ بس اڄ رات ئي آهن، هڪ هڪ ٻار لاءِ دعائون ڏيندڙ بابا سڀني سان ڳالهايو خاص طور تي ٻي نمبر پٽ وقار علي کي ”فوجي“ چوندا هئا. پنهنجي Punctuality جي ڪري. کين داخلا جي دعائون ڏنائون ۽ منزل مراد حاصل ٿيڻ جي نيڪ خواهشات جو اظهار ڪيائون.
اُنهن ئي ڏينهن ۾ ٻارن جي داخلا ٿي نياڻيءَ جي ميڊيڪل ۾ ۽ وقار علي جي مهراڻ يونيورسٽي ۾ ۽ ڪامياب ٿيا بابا جي دعائن سان. اُن رات الائي ڇو اهو احساس ٿيو ته والدين کي وقتِ آخر بلڪل به نه چئجي ته مان فلاڻي تاريخ فلاڻي ڏينهن ايندم. مون بابا کي چيو هُيو بابا ٻارن جا انٽري ٽيسٽ (Entry Test) ٿيڻ وارا آهن مان جلدي ايندم توهان سان ملڻ پر روهڙيءَ نه ويم ۽ بابا جن هڀن فاني دُنيا منجهان انتظار ڪندي ڪوچ ڪري ويا. اِهو افسوس مون کي هميشه رهندو ايندو.
بابا جن ڪراچيءَ منجهان اهو چئي واپس روهڙي هليا ويا هئا ته هاڻي جڏهن گهمي ڦري نٿو سگهان ته پوءِ ڪهڙو فائدو؟ بس پنهنجي گهر ويندم. ۽ جڏهن ايمبولنس ۾ ڄامشوري مان لنگهيا ته منهنجي گهر اندر ته نه اچي سگهيا. بس مان کين ايمبولنس ۾ مليم ۽ چيومان ته مان جلد توهان ڏي روهڙيءَ ايندم، پر ائين نه ٿي سگهيو. بابا سڄو مهينو انتظار ڪيو ۽ روز ڪلئنڊر ڏسندو رهيو ۽ نيٺ 29 تاريخ گذري وئي مان نه ويم ته رات جو بابا فون تي ڳالهايو ۽ شڪايتي انداز ۾ چيائون ته ”اڄ 29 تاريخ گذري وئي رشيده تون نه آئين ان ڪري مون چيو ته فون تي ئي ڳالهايانس پوءِ رات ڪيئن گذري ۽ وري بابا جن جي زندگيءَ ۾ ٻيهر سِجُ طُلوع نه ٿيو. تقريباً صبح صادق کان پوءِ طبعيت بگڙي وين ۽ وڃي پنهنجي مالڪِ حقيقي سان مليا شل رب تعاليٰ جنت الفردوس ۾ بُلند درجات عطا ڪندو (آمين ثم آمين)
جيڪڏهن ٽيلي پيٿي آهي ته پوءِ يقيناً هوندي. ان رات جڏهن چار کن وڳا هئا، ننڊ ۾ ائين لڳو ته فون جي رنگ پئي وڄي پر اُٿان ته آواز نه دارد! ائين ٻن ٽن دفعن اٿڻ سان منهنجي گهرواري جي اک کلي وئي ۽ چيائون ته ڇو پئي هر هر اُٿين ويهن، سمهي پئه. ته مون پڇيومان ته توهان فون جي گهنٽي ٻڌي! چيائون نه ته! مون ته نه ٻڌي، بس شايد اهائي مهل هئي. شايد بابا مون کي شديد ياد ڪيو هوندو، شايد سوچيو هوندائين ته مان اُن جي سامهون هجان ها، پر مان ته ڏاڍو پري هيم، پنهنجين مجبورين ۽ پريشانين ۾ مبتلا مون هڪ دفعو به اِئين نه سوچيو ته مان پنهنجين مصروفيتن منجهان ٽائيم ڪڍي کين ملڻ وڃان ها. پر ڪڏهن ڪڏهن انسان تمام اڻڄائي ۾ مجبورين ۽ پريشانين کي پاڻ مٿان حاوي ڪري ڇڏيندو آهي. ائين ڪڏهن به نه ڪرڻ کپي مون کي اهو افسوس زندگي ڀر رهندو.
بابا جي خبر ته هن دنيا ۾ نه آهن هاڻي، پوءِ پئي جڏهن مون پهريون ڀيرو زور سان سڏڪو ڀريو ۽ بي ساخته زبان منجهان، نڪتو ته ائين نٿو سگهي ته بابا مون سان ڳالهائڻ بنا هن جهان منجهان موڪلايو. اهو بابا جيڪو ذري ذري ڳالهه لاءِ سڏيندو هيو تنهن آخري دفعو مون کي سَڏ بُه نه ڪيو يا شايد ڪيو به هوندائين مان سامهون جو نه هيم، ضرور ڪيو هوندائين ڇو ته اڄ به مان ائين روئي روئي ياد ڪندي آهيان، هن سٽن کي لکڻ مهل ائين ئي پيو محسوس ٿئي ته ڄڻ بابا رات ڳالهايو آهي هڪ هڪ لاءِ پڇا پيو ڪري، دعائون پيو ڏي، منهنجا لڙڪ هينئر به ائين ئي وهي رهيا آهن، ڄڻ ته بابا جن اڄ ئي هن دنيا منجهان موڪلائي ويا آهن. بابا جن جي مرتئي تي پهريون ڀيرو خبر پئي ته دل ڪيئن روئندي آهي؟ ان کان اڳ! ائين ڪڏهن به محسوس نه ڪيو هيو. اڄ به جڏهن 15 شعبان جي رات ايندي آهي ته روزي کولڻ مهل بابا جن جي سوئم جو ڏينهن اکين آڏو هوندو آهي. شايد شعبان جو مهينو منهنجي بابا جن جي حياتي ۾ تمام اهميت وارو هيو. ٻڌائيندا هئا ته سندن جنم جو مهينو، شادي جو مهينو ۽ منهنجي شادي جو مهينو شعبان جو مهينو هيا ۽ پوءِ سندن وفات جو مهينو به 13 شعبان ئي بيٺو.
اڄ به ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ته بابا جن سڏي ڪري چون ته رشيده ”کارڪون“ پيون آهن، ٻه ٽي کڻي اچ ۽ ها پاپڙ آهي ته اهو به کڻي آ. ڄامشوري ۾ اچي به بابا کارڪون ۽ پاپڙ گهرندا هئا.
الله تعاليٰ کي عرض ۽ دعا آهي ته کين جنّتَ الفِردُوس ۾ بلند درجات عطا ڪندو ۽ ”روح“ کي راحت ۾ رکندو آمين ثم آمين
* * *

نه وسرڻ جهڙي شخصيت

اڄ مان پهريون ڀيرو ڪنهن اهڙي شخصيت متعلق تاثرات لکي رهي آهيان، جنهن کي نه مان گهڻو سڃاڻان نه جنهن متعلق گهڻو ڄاڻان ٿي. پر ڪجهه چهرا اهڙا ته متاثر ڪندڙ هوندا آهن جو ائين محسوس ڪبو آهي ته جهڙوڪر انهن چهرن سان اسان جي جنم جنم جي شناسائي هجي ۽ پهرين نظر ۾ ئي اهڙو متاثر ڪري ڇڏيندا آهن جو پوءِ اهي چهرا تاحيات اکين ۾ سمائجي ويندا آهن. سالن جو ملڻ ملائڻ ۽ شناسائي ايترو متاثر نه ڪندي آهي، جيڪا اها پهرين ملاقات. ڀلي اها لمحن تي ئي ڇو نه مشتمل هجي پر اُن جي ڇاپ هميشه دل تي چٽجي ويندي آهي. منهنجي ان تمهيد جو اصل مطلب آهي، ان سٻاجهڙي ۽ هڪدم سچ منهن تي چئي ڏيڻ واري، دل ۾ اندر ڏک سانڍي رکڻ باوجود منهن تي هميشه مرڪ سجائي ملڻ واري اسان جي ادي خير النساء جعفري. مان پنهنجي متعلق ٻڌائيندي هلان، ته جيئن ته منهنجو تعلق سائنس ڊپارٽمينٽ سان آهي، ۽ ادي آرٽس فئڪلٽي جي استاد هئي، پر اتفاق چئجي ته 1976ع کان ساڳي يونيورسٽي ۾ منهنجي پهرين ڪڏهن به نه ملاقات ٿي ۽ نه ئي ڪو آمهون سامهون گذر ٿيو. منهنجي پهرين ملاقات ادي تنوير سان گڏ ساڻس سنڌ يونيورسٽي واري گهر تي ٿي، جڏهن پاڻ اُتي حيدرآباد منجهان شفٽ ٿي آئي هئي. ساڻس گڏ سندس نياڻي صائمه به هئي. مون سوسائٽي ۾ شفٽ ٿيڻ جي حوالي سان ملڻ ٿي چاهيو ۽ ادي تنوير جيڪا منهنجي بهترين ”ادي ۽ دوست“ آهي، تنهن کي زور ڀريو ته توهان پاڻ سان گڏ وٺي هلو.
سو اهڙي نموني مان پهريون ڀيرو ادي خير النساء جعفري سان مليم ڇو ته ڪجهه ڪهاڻيون مون پڙهيون هيون ۽ ڪجهه سندن باري ۾ ٻڌل هوم، سو بي انتها پرجوش نموني ساڻس ملاقات ٿي. پهريون ڀيرو ملڻ وقت پاڻ پنهنجي گهر ۾ هندوري ۾ ويٺل ملي ۽ اسان کي ڏسي بي انتها خوشي جو اظهار ڪيو ڇو جو مان اڪيلي نه هيم پر ادي تنوير گڏ هئي جيڪا سندن دوست هئي. ائين پهريون ڀيرو اديءَ تعارف ڪرايو مون ٻڌايو ته مان هن سوسائٽي ۾ سڀ کان پهرين اچي ويٺي آهيان. جڏهن اڃان ٻه يا ٽي گهر مس ٺهيل هئا. ادي خير النساء جعفري ملي مون کي ائين لڳو ته ڄڻ منهنجي پهرين کان واقفيت هجي نه ڪو ڳالهائڻ ۾ تصنع نه وري ڪو رک رکاءُ. بلڪل فري موڊ ۽ بيحد بيساخته لهجو ، بي انتها ساده دل ۽ سادگي پسند، سادو صاف، کرو لهجو، منهنجن ٻارڙن سان بي انتها شفقت ڀريو رويو. توڙي جو پاڻ نفسيات جي ماهر پروفيسر هئي، پر سندس طور طريقي مان بلڪل به نه پي لڳو ته ڪو ايڏي وڏي بهترين استاد ايترو پنهنجائپ واري انداز ۾ ملندي ۽ ڳالهائيندي.
ان بعد ٿيو ائين جو مان اڪثر پنهنجن ٻارڙن کي شام جو واڪ لاءِ سپر هاءِ وي ٽپي مهراڻ يونيورسٽي کان چڪر لڳرائي واپس ورڻ مهل ڪچو رستو وٺي جڏهن به سندس گهر وٽان لنگهندي هيم ته منهنجا ٻارڙا چوندا هئا. امي هُن آنٽي ڏانهن وٺي هلو ته اسان به هندوري ۾ لڏون. اِئين منهنجي سندن گهر ۾ چڱا ڀيرا اچ وڃ رهي ۽ سندن نياڻي صائمه جي به منهنجن ٻارڙن سان دوستي رهي. ان ننڍڙي عرصي دوران مون محسوس ڪيو ته ادي خيرالنساء، هڪ بهترين انسان، دوست ۽ اُستاد هئي. اهڙي شخصيت جيڪا ڳالهائڻ ۾ اڳيان ويٺل جي تربيت ڪري ۽ اڻمٽجندڙ نقش ڇڏي. سندس گفتگو بي حد دلچسپي سان گڏوگڏ ڪجهه لمحن لاءِ سندن چهري تي آيل ڏک ۽ درد ۽ اندر جي پيڙا جو تاثر اُڀرڻ ۽ وري جلدئي ان تي غالب اچڻ اها سندس شخصيت جي جداگانه ڪيفيت هئي. منهنجي يادن ۾ اديءَ جو ملڻ نه صرف سوسائٽي جي يادگيرين تائين محدود آهي. پر اتفاق سان تن ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس اِئسوسيئيشن طرفان رٿيل پڪنڪ پروگرام ۾ جيڪو گڏيل پروگرام هو سائنس ۽ آرٽس فئڪلٽي جا ٽيچرس گڏجي پڪنڪ لاءِ ڪينجهر ڪناري ويا هئاسين. اُهي ڏينهن، اُهي لمحا، اُهي يادون ۽ يونيورسٽي جو اُهو سونهري دور وارو گذاريل ماحول هينئر ڪٿي آ؟ ڄڻ ته يونيورسٽي کي ڪا نظر لڳي وئي هجي، ڄڻ ته ڪا ڏائڻ صرف ان تاڙ ۾ هئي ته ڪيئن هن پُر رونق يونيورسٽي ۾ صرف راڪاس گهمي ۽ روڊ رستا ويران ۽ اُستاد شاگرد حيران و پريشان رهن. رب تعاليٰ خير ڪندو ۽ اسان دعا ڪريون ٿا ته رب سائين شل هن يونيورسٽي کي تاقيامت آباد رکي. آمين ثم آمين.
جتي اسان پڙهياسين، پڙهايوسين ۽ هينئر جڏهن وڃڻ جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي ته شل اسان جي هيءَ يونيورسٽي هميشه خوشحال ۽ آباد رهي (آمين ثم آمين)
ها ته ڳالهه پي ڪئي سين، ان يادگار پڪنڪ جي جنهن ۾ سڀ استاد گڏ، بسن ۾ چڙهي جڏهن خير سان اچي ماڳ تي لٿاسين ته سڀني هيڏانهن هوڏانهن نهاريو سڀ ڪو پنهنجي پنهنجي مزاج مطابق پنهنجن دوستن ۽ ساٿين جي جهرمٽ ۾ ڪجهه وقت ويهي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ جڳهه ڳولڻ لڳو. ۽ پوءِ ٿيو ايئن جو مان، ادي تنوير ۽ تبسّم، ادي خير النساء جعفري ۽ صائمه، سڀ گڏجي هڪ هنڌ اچي ويٺاسين ۽ مون کي هڪ لمحي کان پوءِ ادي خير النساء جعفري جو آواز آيو. مون کي سڏ ڪري چيائين ته منهنجي ڌيءَ صائمه ڏاڍي پاڻيءَ جي شوقين آهي ۽ ٻيڙي ۾ چڙهڻ هن جو بهترين مشغلو آهي، هاڻي ٻڌايو ته آهي ڪو اهڙو ٻيو جيڪو ساٿ ڏي ڇو ته اڪيلو ته مان صائمه کي وڃڻ نه ڏيندم ۽ نه مان بار بار ويندم، اهو سڀ ڪجهه ٻڌي منهنجي به خوشي جي انتها نه رهي ڇو ته مون کي پڻ Boating يعني ته ٻيڙي ۾ چڙهي سيرڪرڻ ۽ دريا جو نظارو ڪرڻ ڏاڍو وڻندو ته ڇا پر بي حد وڻندو آهي. ڀانيان ته جيڪر پري پري ميلن تائين دريا بادشاهه گهمان. ان شوق جي پويان به هڪ ياد آهي جيڪا ذاتي آهي ۽ ٻي ڪنهن هنڌ شيئر ڪبي.
هن وقت ته آهن ادي خيرالنساء جعفري جون يادون. اهو ٻڌي مون بي ساخته چيو ته ادي توهان فڪر نه ڪريو مان صائمه سان گڏ آهيان. ۽ جيترا دفعا چوندي ته مان ساڻس گڏ چڪر لڳائيندم. پوءِ ٿيو ائين جو پهريون دفعو سڀ گڏجي چڪر هڻي آياسين ۽ بعد ۾ ڪيئي دفعا ياد ناهي شايد (10) ڏهه دفعا يا ان کان به مٿي مان ۽ صائمه ٻيڙيءَ ۾ سير ڪندا رهياسين.
سو ان حوالي سان به اها پڪنڪ هڪ يادگار ٿي وئي. جنهن ۾ سڀ يونيورسٽي جا استاد گڏ هئا. کاڌوسين، پيتوسين گڏ، ڪچهريون ٿيون، سُر سنگيت سان دلچسپي رکندڙن ڪجهه سُر وکيريا، هر ماڻهو پنهنجي مزاج متعلق انجواءِ ڪيو ۽ منهنجي لاءِ اها پڪنڪ خاص اهميت جي حامل ٿي وئي ڇو ته مون سڄو ڏينهن پاڻيءَ ۾ گذاريو. سنڌوندي، سنڌودرياءِ بادشاهه، اهو جتان شروع ٿئي ٿو ۽ جتي ختم ٿئي ٿو، ڪنهن ٻيڙيءَ، ڪنهن غوراب، ڪنهن پاڻيءَ واري جهاز ۾ چڙهي سير ڪرڻ جو منهنجو خواب شايد منهنجي لاشعور ۾ لڪل اها خواهش آهي جيڪا شايد ڪڏهن پوري نه ٿي سگهي.
پر ماڻهوءَ کي پُر اميد رهڻ گهرجي ڇو ته دنيا اميد تي قائم آهي. خير، اُهي ته منهنجون ڪجهه يادگيريون ڪجهه لمحا جيڪي مون ادي خير النساء جعفري سان گذاريا، جيڪي مون کان ڪڏهن به وسري نٿا سگهن. آخر ۾ الله تعاليٰ کان دعا آهي ته الله تعاليٰ ادي خير النساء جعفري تي پنهنجي رحمت فرمائي ۽ سندس مرقد مُنور رهي. (آمين ثم آمين)
ڪجهه لمحن جون ياديون ڪڏهن ڪڏهن صدين جي ملاقاتن تي محيط ٿي وينديون آهن. ضروري نه آهي ڪو هڪ انسان ٻي کي ڪافي عرصي کان سڃاڻي ۽ پوءِ راءِ قائم ڪري، پر ڪجهه املهه ماڻڪ ماڻهو اهڙا هوندا آهن جو کن پلڪ جي ملاقات جو پهريون تاثر هميشه قائم دائم رهندو آهي، هڪ انگريزي چوڻي آهي ته:
First Impression is the Last Impression.
مان بذات خود ان اصول جي پوئلڳ آهيان ڇو ته انسان اُهو جيڪو ٻي لاءِ پهرين فرصت ۾ ڪا حتمي راءِ قائم ڪري سگهي، ڇو ته پهرين لمحي قائم ڪيل راءِ، پوءِ جي دليلن کان وڌيڪ ڀاري هوندي آهي.

آٽوگراف بوڪ ۽ جڏهن نيڪ خواهشات، دُعا بڻجي وينديون آهن

ڪجهه يادگيريون

يادن کي شعوري طور تي ڪنهن نه ڪنهن ذريعي محفوظ ڪيو ويندو آهي. ڪجهه صرف انسان جي لاشعور ۾ محفوظ هونديون آهن، جن کي ڪاغذ تي قلم ذريعي منتقل ڪبو آهي. ائين ڪرڻ لاءِ ڪاغذ ۽ قلم جي ضرورت سان گڏ ڪڏهن ڪجهه ٻين شين جي به ضرورت پوندي آهي. جن جي ذريعي انسان پنهنجي گذريل لمحن کي هميشه هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيندو آهي.
جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ هينئر جتي ڪئميرا ترقي جي منزلن تي مٿانهين مقام تي پهتي آهي. اُتي وڊيو ڪئميره جي وجود ۾ اچڻ سان آواز به تصوير سان گڏوگڏ رڪارڊ ۾ رهي ٿو. پهرين صرف تصوير ئي ناياب سمجهي البم ۾ سجائي رکبي هئي، پر هينئر گڏوگڏ آواز به رڪارڊ ٿيو وڃي ٿو. تصوير ۽ آواز ٻئي گڏ گڏ گذريل لمحن جي ياد تازه ڪندا رهن ٿا.
آڳاٽي وقت ۾ صرف تصويرن کي جمع ڪبو هيو، ۽ پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ڏسڻ سان ڄڻ انسان انهن گذريل لمحن ۽ ساعتن ۾ موٽي ويندو هيو. هر منظر ڄڻ اکين آڏو رقص ڪرڻ لڳندو هيو. گڏوگڏ جتي ڪتابن جي دنيا آباد هوندي هئي، ماڻهو پنهنجا پسنديده ڪتاب پنهنجي پسند جي مصنف جا خريد ڪندو هيو ۽ پوءِ وقتاً فوقتاً پڙهي پيو ماضيءَ جي جهروڪن ۾ نهاريندو رهندو هيو، اُتي پنهنجي پسند ۽ عزت ماب لائقِ حد احترام قابل ٽيچرز استادن کان آٽوگراف بوڪ تي پنهنجي لاءِ نصيحت ڀريا نڪتا ۽ ٻيون ياداشت کانئن لکرائي محفوظ ڪرڻ جو هڪ عام جنون جي حد تائين شوق هوندو هيو. انُهن بي مثال ۽ ناياب جملن، بيتن ۽ نصيحت ڀريل نُڪتن تي عمل ڪرڻ تي دل چوندي هئي ۽ اُهي آٽوگراف بوڪ خاص اهتمام سان گڏ سنڀالي رکبا هُئا. اڄ جي تيز رفتار جديد دور ۾ يادن کي محفوظ ڪرڻ جا توڙي جو جديد آلات موجود آهن، پر پوءِ به انسان جي گذريل ڪالهه کي تصويرن ذريعي محفوظ ڪندڙ فوٽو البم ۽ قلم سان ڪاغذ جي بوڪ تي لکيل استادن ۽ دوستن، ڀينرن ۽ ڀائرن، ۽ عام زندگي ۾ ڪنهن نه ڪنهن منزل تي پهچندڙ ڪنهن درخشان انسان جا لکيل پئراگراف توڙي شعر و شاعري جي صورت ۾ توڙي جو نصيحت ڀريل ۽ قابلِ فخر نڪتا ۽ چوڻيون جيڪو ڪجهه انهن اسان کي هدايت ۽ نصيحت جي صورت ۾ لکي ڏنو، اڄ به پڙهڻ سان اُهي لمحا، اُهو وقت ڄڻ اکين آڏو ڪنهن فلم وانگر اڳيان اچي وڃي ٿو. اهڙيءَ آٽوگراف بوڪ تان اڄ مان توهان کي ڪجهه پنهنجيون يادون ٻڌايان ۽ ڏيکاريان ٿي. اسان جي پڙهائي واري زماني ۾ جڏهن اسان پرائمري اسڪول کان هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿياسي ته اسان پنهنجين وڏين ڀينرن جيڪي ڪلاس ڏهين ۾ هونديون هيون ۽ انهن جي اسڪول کي ڇڏڻ ۾ باقي وڃي آخري هڪ يا ٻه مهينو بچندو هيو ته انهن ڏينهن ۾ سندن هٿن ۾ خوبصورت ننڍڙيون ڪتاب نما آٽوگراف بوڪ ڏسندا هئاسي، ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي منهنجو به اهو شوق بڻيو.
مون کي تمام ننڍڙي هوندي کان ڪتابن پڙهڻ جو شوق رهندو آيو آهي. قدرتي طور تي جيڪو ماڻهو پنهنجي شوق سان ڪجهه پڙهي ٿو ته پوءِ يقيني طور تي ان کي سنڀالي رکڻ جي به عادت خودبخود پيدا ٿي وڃي ٿي. ڪتابن کي پڙهڻ سان گڏ جمع ڪرڻ ۽ جمع ڪندي ڪندي، ناياب قول، چوڻيون، پهاڪا، ۽ دل کي وڻندڙ شعر، جُملا، سڀني کي الڳ لڳ ڪنهن بوڪ تي لکڻ جو به شوق جاڳيو آهستي آهستي مون کي ڊائري لکڻ ۽ سنڀالڻ جو شعور آيو. ڪلاس اٺين کان مون ڊائري لکڻ شروع ڪئي. ڪلاس نائين ۽ ڏهين تائين مان روز جي ڊائري لکندي رهيس. پوءِ ائين ڪندي آهستي آهستي ڪاليج تائين پهچندي، مون پنهنجي زندگي جون ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون ڳالهيون، ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪرڻ شروع ڪيون.
منهنجي ڪلاس فيلو مرحومه نجمه قاضي جا هٿ اکر
”ڪتابن“ منجهان وڻندڙ ۽ نصيحت آموز ”جملا“ ۽ خوبصورت ”شعر“ ٻين ڪيترين ئي ڳالهين سان گڏ نوٽ ڪرڻ لڳم. مئٽرڪ ڪلاس ۾ پهچي مون کي به آٽوگراف بوڪ جو بيحد شوق ٿيو ۽ ائين مون پنهنجي بابا کي فرماش ڪندي چيو ته مون کي به هڪ آٽوگراف بوڪ کپي. توهان سوچيو اُن زماني ۾جِتي هر شيءَ ايتري سستي ملندي هئي ۽ گڏ گڏ سهڻي به. پر پوءِ به بابا مون کي رنگين پنا آڻي ڏنا ته تون هنن کي ڪٽي ننڍو بوڪ ليٽ ٺاهه. سُئي ۽ ڌاڳي سان، ”رنگ برنگي پنو سڀني کان مختلف لڳندو“. مون به ڪو بحث نه ڪيو ۽ بابا جي ڳالهه کي مثبت انداز ۾ ورتو ۽ ضد نه ڪيو ته بازار مان آڻي ڏيو. بابا جن پاڻ گهر ۾ پنا ڪٽي، ننڍڙو آٽوگراف بوڪ ٺاهيو. جنهن کي سُئي ۽ ڌاڳي سان ڳنڍيو ويو. پوءِ بابا مون کي دڪان تان کونئر به آڻي ڏني ۽ ائين زندگيءَ جو پهريون آٽوگراف بوڪ بابا جن سان گڏجي گهر ۾ ٺاهيم ۽ جڏهن مون اسڪول ۾ پنهنجين ٽيچرس کي آٽوگراف بوڪ ڏنو ته انهن پڻ منهنجي همت افزائي ڪئي ۽ تعريف ڪئي ته عام ملندڙ آٽوگراف بوڪس کان هي بنهه مختلف آهي. هر صفحو هڪ نئين رنگ سان آهي. اهو بابا ۽ منهنجو ٺاهيل آٽوگراف بوڪ اُڄ به مون وٽ محفوظ آهي ۽ جڏهن جڏهن مان ان کي هٿ ۾ کڻندي آهيان ته مون کي بابا جن جو شفيق چهرو سامهون اچي ويندو آهي. جنهن منهنجي ڪنهن به ڳالهه کي رد نه ڪيو هيو. هميشه پيار، محبت ۽ محنت سان منهنجي هر ڳالهه ۾ شريڪ رهيا ۽ مدد ڪيائون. پڙهائيءَ جي دوران اهڙا هزار لمحا آيا جيڪي هميشه لاءِ منهنجين يادن ۾ ياد آهن ۽ رهندا ۽ انهن جو عڪس هميشه سامهون رهندو. الله تعاليٰ منهنجي بابا کي هميشه جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائيندو (آمين ثم آمين)
”آٽوگراف بوڪ“ اُن بوڪ کي چئبو آهي، جنهن تي ڪو ماڻهو پاڻ کان وڏي، احترام لائق اُستاد يا ڪنهن مشهور شخصيت کان سندس هٿ اکرن ۾ ڪجهه لکرائي ۽ ”صحيح“ وٺي. اُن بوڪ تي پنهنجي ڪلاس فيلوز ۽ دوستن جا نصيحت ڀريا نُڪتا ۽ نيڪ خواهشات جن کي پڙهڻ بعد اِنسان ماضيءَ جي خوشگوار لمحن کي ياد ڪري سگهي“.
آٽوگراف بوڪ جي اِسڪين ٿيل تصوير توهان لاءِ هتي ڏيکارجي ٿي، استادن جي طرفان لکيل نيڪ خواهشات ۽ پنهنجين ساهيڙن ۽ ڪلاس فيلوز طرفان لکيل دُعائون توهان به پڙهو ۽ وَڻيو ته ضرور ياد رکجو.
نيڪ خواهشات جڏهن ڪو ڪنهن لاءِ اچانڪ پنهنجي دل جي گهراين سان تحفي طور لکي ٿو ته انهن کي الله تعاليٰ به ضرور بالضرور ٻڌي ٿو. مون سان ته ائين ٿيو آهي، باقي هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو تجربو آهي. اهو خاص نيڪ خواهش جو تحفو آهي منهنجي ڪلاس فيلو جو لکيل جملو جيڪو توهان کي هتي چٽيءَ طرح لکيل نظر اچي رهيو آهي ته:
(ڀيڻ تون شل سدائين فضائن جي هوائن ۾ گهمندي وتندينءَ) هڪ ڀيڻ جي دعا ڏسو ڪيئن نه پوري ٿي. سال 69-1968ع ۾ ڏنل هيءُ نيڪ خواهش ”دعا“ بڻجي منهنجي زندگيءَ ۾ پوري ٿي ۽ پهرين پهرين پڙهائي لاءِ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي، پوءِ الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان ميرٽ تي سال 1976ع جي 22 اپريل مهيني ۾ ڊپارٽمينٽ آف فزيالاجيءَ ۾ جاب ملي. تنهن بعد سال 1978ع جي 23 مارچ مهيني ۾ شادي ٿي. روهڙيءَ مان سال 1974ع کان پوءِ هميشه هميشه لاءِ ڄامشوري جي پر فضا ماحول ۾ تقدير کڻي آئي. جتي اڄڪلهه مان رهائش پذير آهيان.
* * *

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فزيالاجي شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر مسز رشيده ڀٽي سان مشتاق علي اڄڻ جي ڳالهه ٻولهه

مانواري محترمه رشيده ڀٽي صاحبه سنڌ يونيورسٽي جي فزيالاجي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي اهم عهدي تي فائز آهن. پاڻ درس تدريس جي ذميوارين کان علاوه گهرو ذميواريون به تمام خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏئي رهيون آهن. هڪ استاد جي حيثيت ۾ سندن وڏو تدريسي تجربو آهي. اسان ٻارن جي تربيت جي باري ۾ هڪ ماءُ جي حيثيت سان ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪا هتي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪري رهيا آهيون. (عبرت اخبار)
* *
س: توهان هتي اسسٽنٽ پروفيسر جي عُهدي تي اَهم فرائض انجام ڏئي رهيون آهيو ۽ ان سان گڏوگڏ گهر ۾ هڪ ماءُ جون ذميواريون به سرانجام ڏئي رهيون آهيو؟ اسان کي ٻڌايو ته توهان ٻنهي ڳالهين ۾ توازن ڪيئن برقرار رکو ٿيون؟
ج: هر ڪم جو ”وقت“ ورهايل آهي. هر ڪم وقت تي ڪبو ته پاڻمرادو آساني پيدا ٿي ويندي آهي. توازن کي برقرار رکڻ پنهنجي هٿ ۾ آهي. جيڪڏهن خاتون ڪو جاب ڪري ٿي ۽ ذميواري محسوس ڪري، چاهي ته ٻنهي پاسي ڌيان ڏئي سگهي ٿي.
س: ڇا انهن حالتن ۾ توهان گهر، منهنجو مطلب آهي ٻارن ۽ جاب سان انصاف ڪريو ٿيون؟
ج: بلڪل انصاف ڪريان ٿي ۽ آرام سان نڀاهيان ٿي بلڪه خوش اسلوبي سان نڀاهيان ٿي.
س: ٻارڙن جي تربيت لاءِ اوهان ”آيا“ جون خدمتون وٺو ٿيون يا نه؟
ج: ٻارڙن جي ڪم ڪار لاءِ ته ”آيا“ جون خدمتون وٺي سگهجن ٿيو، پر ٻارن جي ”سنڀال ۽ تربيت“ ”ماءُ“ جي ذميواري آهي. ٻارن جي سنڀال لاءِ تربيت جو سوال آهي ته ان سلسلي ۾ منهنجو موقف اهو آهي ته ٻار جي صحيح تربيت لاءِ ان جي اخلاقي تعمير ضروري آهي ۽ ان لاءِ ماءُ ئي هڪ مؤثر ذريعو آهي. هڪ ”ماءُ“ ئي ٻارن جي بهترين تربيت ڪري سگهي ٿي
س: ٻار جي تربيت لاءِ ماءُ جو پڙهيل هجڻ ضروري آهي يا نه؟
ج: تعليم ته هر انسان لاءِ ضروري آهي ۽ هڪ ماءُ لاءِ به ضروري آهي، ليڪن هڪ سمجهدار عورت جيڪا پڙهيل نه آهي سان پڻ ٻار جي سٺي پرورش ڪري سگهي ٿي. ماضيءَ جا اِهڙا بيشمار مثال موجود آهن. پر جيڪڏهن ماءُ پڙهيل هوندي ته سمجهو ته هڪ خاندان پڙهيل هوندو.
س: صفائي ڏانهن ٻار جو لاڙو ڪيئن پيدا ڪجي؟
ج: حديث شريف ۾ آهي ته صفائي ”نصف ايمان“ آهي. جيڪڏهن ماءُ صفائي جي قائل هوندي ته اها چاهيندي ته سندس ٻار به صاف سٿرو هجي ۽ ظاهر آهي ته اهو ٻار جيئن عمر جي پختگي طرف وڌندو ته صفائي طرف سندس لاڙو وڌندو منهنجي خيال ۾ ان جو دارو مدار گهر ۾ موجود ٻين فردن جي صفائي طرف رجحان تي به آهي.
س: اڄڪلهه جي حالتن کي ڏسندي اهو ضروري ٿي ويو آهي ته ٻارن کي قومي ذميوارين کي اڳتي هلي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو وڃي، ان لاءِ انهن جي ڪهڙي قسم جي پرورش ضروري آهي؟
ج: اول ته ٻار کي انهن (قومي) ذميوارين بابت ڄاڻ ڏني وڃي ته اهي ڇو ضروري آهن ۽ ان بعد انهن کي نڀائڻ لاءِ ٻارن ۾ ذهني ۽ نفسياتي آمادگي پيدا ڪئي وڃي ته جيئن منجهس انهن ذميوارين کان نٽائڻ لاءِ ڪابه ڪسر نه رهجي وڃي. ٻارن ۾ مطالعي جو شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته کين سٺا ۽ معياري ڪتاب ڏنا وڃن جن ۾ ٻارن لاءِ دلچسپ مواد هئڻ گهرجي. ائين نه هجي ته ٻار کي هڪ خشڪ ڪتاب ڏئي ليڪچر ڏجي ته هن ۾ سٺيون ڳالهيون آهن ۽ توکي ضروري پڙهڻو پوندو. ان سان ٻار جي ذهن تي الٽو خراب اثر پوندو ۽ مطالعي کان پري ڀڄندو. ان سلسلي ۾ ٻار کي شروع ۾ اهڙا ڪتاب ڏنا وڃن جن ۾ دلچسپ ۽ ننڍڙيون ڪهاڻيون وغيره هجن ڇو ته هر ٻار ڪهاڻين جو شوقين هوندو آهي تنهن ڪري شروعات ۾ جيڪي خشڪ مضمون هجن انهن ۾ ٿوري دلچسپي پيدا ڪئي وڃي ته ٻار کي اهي مضمون چڱي حد تائين ذهن نشين ٿيندا ويندا ۽ جيئن جيئن ٻار جي عمر وڌندي تيئن کيس معيار مطابق ڪتاب مطالعي لاءِ ڏنا وڃن. ان سلسلي ۾ کيس آزاد ڇڏيو وڃي ته اهو ڪهڙي موضوع طرف ڌيان ڏئي ٿو. مطالعي جي عادت سان ئي ٻار ۾ قومي ذميوارين جو اِحساس پيدا ٿي سگهي ٿو.
س: ٻارڙن کي سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ کپي يا نه؟
ج: بلڪل وٺڻ کپي، ڇو ته انسان سماج جو هڪ حصو آهي ۽ سماج ۾ هڪ نمايان مقام حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سماجي سرگرمين ۾ حصو ورتو وڃي.
س: اڄڪلهه ويڊيو، گيمز وغيره جو زمانو آهي؟ اِن باري ۾ اوهان ڇا ٿا سوچيو؟
ج: اڄ جي ترقي يافته دور ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تيزيءَ سان ڦهلاءُ ۾ آهن. زماني جي رفتار سان هلڻ ۾ ئي عقلمندي آهي. هر نئين ”ايجاد“ ۾ فائدن سان گڏوگڏ ڪجهه نقصان به آهن پر اِهو اسان تي منحصر آهي ته اسان مثبت انداز ۾ شين جو استعمال ڪريون. ريڊيو، ٽي وي (ٽيليوثرن)، ۽ وڊيو گيميز وغيره، اِستعمال فائديمند آهي. ضرورت صرف صحيح رخ ۾ اِستعمال جي آهي. جيڪڏهن مثبت انداز ۾ استعمال ڪيا وڃن ته ائين چئي سگهجي ٿو ته اسان انهن کي صحيح ڏس ۾ استعمال ڪري رهيا آهيون. اهي شيون انسان جي فائدي لاءِ ٺاهيون ويون آهن ۽ فائدو وٺڻ گهرجي.
س: جيڪڏهن ٻار ضد ڪري ته ان کي ڪيئن اُڪلائجي؟
ج: جيڪڏهن ٻار ضد ڪري ته ان کي صرف پيار سان ئي پرچائي سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن پيار بدران ان کي ڇڙٻيون ڏنيون وينديون ته هو ويتر وڌيڪ ضد ڪندو ۽ نتيجي طور ان جي طبيعت ۾ هوڏ ۽ هٺ ڀرجي ويندو. تنهنڪري ٻار سان هميشه پيار سان پيش اچجي.
س: ميڊم! توهان پوسٽ گريجوئيٽس سطح تي پڙهائي رهيون آهيو؟ توهان ٻڌائيندا ته ڪا ڳالهه ٻار کي سمجهائڻ سولي آهي يا وڏن کي؟
ج: ننڍڙا ٻار گهڻو ڪري شرارتون ڪندا رهندا آهن. اها ذهانت ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. تنهن ڪري منهنجي خيال ۾ ٻار وڌيڪ ذهين هوندا آهن۽ انهن کي ڪا ڳالهه (ٻاراڻي انداز سان سمجهائڻ آسان آهي).
س: ٻار جي شروعاتي تعليم سندس مادري ٻولي ۾ هئڻ گهرجي ان سان توهان ڪيتريقدر مُتفق آهيو؟
ج: بلڪل، آءٌ ان سان سو سيڪڙو متفق آهيان. بلڪه اهو اسان جي ٻوليءَ جو اسان تي حق آهي ته اسان مادري ٻولي ۾ پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏياريون. ۽ اسان کي گهرجي ته پنهنجي ٻارن کي ٻولي، وطن ۽ ثقافت سان پيار ڪرڻ سيکاريون ته جيئن هو اڳتي هلي سٺا فرد ۽ انسان بڻجي سگهن.
س: ٻارن لاءِ ڪو پيغام؟
ج: ٻارو! توهان مستقبل جا معمار آهيو، محنت ڪريو. علم حاصل ڪريو علم جي روشني سان ئي توهان جي زندگي پُر نور ٿيندي، ان سان گڏ پنهنجي ثقافت، وطن ۽ ٻولي سان پيار ڪريو. اهو توهان تي ديس جو فرض آهي.
* * *

تعليمي خاڪو

فون نمبر: 2771234-022-92 گهر نمبر: اَي-251، فيز-1
سنڌ يونيورسٽي امپلائيز
ڪو-آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ڄامشورو

رشيده ڀٽي

والد جو نالو مسٽر رحيم بخش شيخ
گهرواري جو نالو مسٽر محمد بخش ڀٽي
پيدائش جي تاريخ 23 اپريل 1953ع
جاءِ پيدائش سکر ضلعو، تعلقو روهڙي
سيڪس عورت
مذهب اسلام
ڊوميسائل سکر
نيشنلٽي پاڪستاني
ڳالهائي سگهجندڙ انگلش، اردو
مادري زبان سنڌي
اڪيڊميڪ ريڪارڊ
ڊگري انسٽيٽيوٽ جو نالو ڊويزن سال سبجيڪٽ
مئٽرڪ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول روهڙي سيڪنڊ ڊويزن 1968 سائنس گروپ
انٽرميڊيٽ گورنمينٽ گرلس ڪاليج سکر سيڪنڊ ڊويزن 1971 پري.ميڊيڪل
بي. ايس. سي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سيڪنڊ ڊويزن 1973 بائيولاجي
ايم. ايس. سي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو فرسٽ ڊويزن 1975 زولاجي (فزيالاجي)
پي. ايڇ. ڊي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو هلندڙ

Topic for ph. D. Study of Hamatological parameters and prevalence of anemia in general population and pregnant woman of Hyderabad. Lower Sindh in focus.

Books published Dictionary of Hamatology, published in 2010 by Sindh language Authority Hyderabad.
Journal of practical Hamatology for students of B.S and M S Classes.
A Book published by naseem book dep: Meven and Bhaji san Elag ”ميون ۽ ڀاڄين سان علاج“

Awards Scholarship examination of 5th class.
Middle standard examination 1966, department of education,
Hyderabad Region, Hyderabad. Passed in second class.
Under the auspicious of the directorate of Education Hyderabad, Region, Hyderabad; Government of west Pakistan. Drawing Examination.
Successfully passed examination, Elementary grade in Year 1966.
Successfully passed examination, Intermediate grade 1967.
Attended the coaching training camp refresher course in sports held at sukkur; from 24-4-1970 to 30-4-1970 under the auspicious of the directorate of Education Hyderabad Region Hyderabad.
Extra Curriculum Activities
Essay Competition Organized by Islami-Jamiyat-eTalba. Held on 19 September 1966.
Drama Competition held at Govt. Girls High School Rohri in 1968, Stood First.
Stood first. Essay competition held in 1969-1970 at Govt. Girls College Sukkur. Standing First. First prize in Sindhi debate (1969-1970).
Presently I am member of anumant-e-bhabhood-e-Khawatein of Sindh University Residence Colony and SUECHS, Jamshoro.
Working as active member facilitating the information and service to the society members especially to the uneducated women's, holding the post of General Secretary.
Member of professional & Business Woman Association.

Hyderabad Region

Conferences, Seminars & Workshop Attended and certificate of participation present and appreciation received

1. Attended Seminar on Pakistan Asian Relations: Constraints and opportunities, 18th -19th, February 2004. Area Study Centre, University of Sindh, Jamshoro
2. International Women's day observed in the Institute of Women Development Studies and Department of Economics, University of Sindh, Jamshoro, “Status of Women in Islam”, held on 25th March, 2004.
3. International Conference on Human Security: Global and Regional Perspective. August 30-31, 2004 at Senate Hall, University of Sindh, Jamshoro.
4. Participated and attended the Seminar Reproductive Health Problems` Held on 08-03-2005. Organized by Institute of Women's Development Studies.` University of Sindh Jamshoro.
5. Work Shop on Gender and Governance, 26-27th December, 2002. Institute of women Development Studies University of Sindh, Jamshoro.
6. Executive member/member Hall management committee. Book fair, fun fair, Music programmer. From April 9-12,2002. In connection to Allma I. I. Kazi. Founders` Week celebrations,2002.
7. 1st National research conference 31st January-1st February, 2002. Organized by faculty of Islamic Studies, University of Sindh, Jamshoro.
8. Higher Education Commission, Successfully completed training course in Biochemistry. Held from August 4-9, 2003 at Institute of Biochemistry, University of Sindh, Jamshoro.
9. University Grants Commission, H-9, Islamabad, Pakistan. Training Cours in Electro analytical Techniques held at Centre of Excellence in Analytical Chemistry, University of sindh, Jamshoro. From August 7-12, 2000.
(1) Potentiometer (2) Condctamertery (3) Electrogravimetery
10. Micro computer training programmer held from 18th December to 30th December 1993, at Institute of Mathematics and Computer Sciences, University of Sindh, Jamshoro.
11. Department of microbiology, University of Sindh, Jamshoro. Attend first National Conference.
12. 9th P.P.S. International Biennial Conference held on April 2-3rd 2004 at Ayub Medical College, Abbot bad.
13. Attended first physiology symposium on “Innovating Physiology Teaching” on 29th May, 2004. Hosted by Pakistan Physiological Society Hyderabad Chapter and Isra University Hyderabad.
14. Hamdard College of Medicine and Dentistry. Hamdard University Hospital. Attended the IIIrd Annual Hamdard Symposium on “Advancing Technology and Health Care”, held at Hotel Marriott, Karachi on January 6-7, 2001.
15. M.A.H. Qadri, Biological Research Centre, University of Karachi, First Workshop on Microscopic Techniques, 1993 in M.A.H. Qadri Biological Research Centre.
16. Higher Education Commission, Training course in Latest Developments in Molecular Biology and Biotechnology. Held from October 8-13, 2001 at UGC Regional Centre Lahore. The Course Completed were:
1) DNA Sequencing 2) Protein sequencing 3) Bio informatics
4) Cloning Strategy 5) DNA Enzymes 6) Transformation of crop plants
7) Forensic uses of DNA typing 8) Biogradation
17. Asia pacific Association of societies of pathologists Pakistan Association of pathologists participated in 6th Congress of Asia pacific Association Societies of pathologists 23rd Annual conference of Pakistan Association of pathologists 23rd Annual Conference of Pakistan Association of pathologists held at Karachi, Aga Khan University from November 25 to November 28, 1999.
18. The Aga Khan University, National Symposium, September 23-24, 2002. Poster Presentation on health care.
19. Pakistan Physiological Society, 9th Biennial International Conference of the PPS held on April 2-3, 2004 at Ayub Medical College, Abbot bad.
20. Participation in 1st Physiology Symposium on “ Innovating physiology Teaching” on 29th May, 2004. Hosted by Pakistan Physiological Society Hyderabad and Isra University Hyderabad.
21. 8th Biennial Conference of Pakistan Physiological Society, Held at Nishtar Medical College, Multan on March 11-12-2002.
22. 7th Biennial Conference, held from 3rd to 5th April 2000, Organized by Department of Physiology, University of Karachi under the auspices of Pakistan physiological Society.
23. 6th Biennial International Conference 1997. participated and presented Research paper in Scientific deliberation of 6th Biannual conference of Pakistan physiological Society, held at Bolan Medical College Quetta on 8th -9th October 1997.
24. 5th Biannual International Conference held on 18th -19th October, 1995 at ayub Medical College, Abbot bad, Pakistan.
25. 4th Biannual and Ist International Conference held at postgraduate Medical Institute on 21st – 23rd December, 1993 at Lahore.
26 Workshop on Molecular Biology and Infectious Diseases Attended the lectures and laboratory sessions conducted by the Aga Khan University, Karachi in Collaboration With Karolinska Institute, Sweden from September 21st to 25th, 1999.
27. Pakistan physiological Society. The Aga Khan International Union of Physiological Sciences. International Workshop. “Physiology Teaching in the Developing World models for quality learning”. The Aga Khan University, Karachi Pakistan, April 5-8, 1999.
28. Pakistan Physiological Society. Participated in the Scientific deliberation of Inaugural Convention of Pakistan physiological Society, held at the Aga khan University, faculty of Health Sciences, Medical College, Karachi on April 15-16, 1987.
29. Molecular Biology Workshop on Cardiovascular and pulmonary Disease at the Aga Khan University, Karachi, September 25 to 30th, 2000. Aga Khan University collaboration of Karolinska Institute, Sweden.
30. Workshop on Non-invasive ventilations, on September 26, 2000, at the Aga Khan University Karachi.
31. The Zoological Society of Pakistan participated and presented Research paper in the 25th Pakistan Congress of Zoology (International) Sindh Agriculture University, Tando Jam, March 1-3, 2005.
32. The Zoological Society of Pakistan Participated and presented research paper in the 24th Pakistan congress of Zoology (International) March 30- April 1st 2004, at Allama Iqbal Opern University, Islamabad.
33. The Zoological Society of Pakistan participated and presented Research paper in the 23rd Pakistan Congress of Zoology. The University of Arid Agriculture, Rawalpindi, Pakistan, held on March 03-05, 2003.
34. The Zoological society of Pakistan participated and presented Research paper in the 22nd Pakistan congress of Zoology (International), University of Azad Jammu and Kashmir, Muzaffarabad, April 16-18, 2002.
35. The Zoological Society of Pakistan Participated and Research paper in the 21st Pakistan congress of Zoology (International), University of Agriculture, Faisalabad, March 15- 17, 2001.
36. the Zoological Society of Pakistan Participated and presented Research paper in the 17th Pakistan congress of Zoology (International) University of Karachi, held on April 5-7, 1997.
37. The Zoological Society of Pakistan, Participated in the 13th Pakistan Congress of Zoology (International) University Grants Commission, Islamabad, held on March 31, 1993 to April Ist 1993.
38. Participated and presented a research paper in the 24th Pakistan congress of Zoology (International) at Islamabad at Allama Iqbal Open University, Islamabad. On March 30 April, 2004.
39. Participated and presented a research paper (The effect of blood-groups age, sex, marital status ethnicity income on the prevalence of cancer in the patients visiting in various hospitals of Hyderabad (Sindh-Pakistan) in 25th Pakistan Congress of Zoology (International); at Sindh agriculture University, Tando jam, Pakistan on March 1-3, 2005.
40. 1st SAARC Conference of physiological Societies & 11th Biennial Conference of Pakistan Physiological Society on “PHYSIOLOGY UPDATES” Trends, Opportunities & Challenges; at Shifa College Medicine, Islamabad- Pakistan on February 14-16, 2008 a
41. 29th Pakistan congress of Zoology (International); at University of Sindh, Jamshoro on February 24 to 26, 2009
42. 30th Pakistan Congress of Zoology (International); at University of Agriculture Faisalabad march 2-4, 2010.
43. 31st Pakistan Congress of Zoology (International); at University of Azad Jamu and Kashmir, Muzaffarabad march 1-3, 2011
44. 32nd Pakistan Congress of Zoology (International); at GC University Lahore March 2-4, 2012.