جيل ڊائري

ترم ياترا

”ترم ياترا“ سنڌ جي نالي واري دانشور ۽ قومپرست سياستدان عبدالواحد آريسر جي جيل جي يادگيرين تي مشتمل ڊائري آهي، جيڪو جيل هن ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ڪاٽيو هو. هن ڪتاب جو انتساب سائين ’جي. ايم. سيد‘ جي نالي ڪيو ويو آهي.
Title Cover of book ترم ياترا

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”ترم ياترا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب سنڌ جي نالي واري دانشور ۽ قومپرست سياستدان عبدالواحد آريسر جي جيل جي يادگيرين تي مشتمل ڊائري آهي، جيڪو جيل هن ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ڪاٽيو هو. هن ڪتاب جو انتساب سائين ’جي. ايم. سيد‘ جي نالي ڪيو ويو آهي. آريسر صاحب لکي ٿو:
”هي ڊائريءَ نما يادگيريون، منهنجيءَ پهرين ’ترم ياترا‘ جون آهن. زندگيءَ جو اهو ڀيانڪ ۽ سوچ کي نکاريندڙ تجربو، ’پنج سؤ چاليهه ڏينهن‘ تي مشتمل رهيو، جنهن ۾ عذاب، عقوبت ۽ پيڙا جا ڪيئي مرحلا طئي ڪرڻا پيا. ڪيترن ماڻهن کي ويجهڙائيءَ سان ڏسڻ جو موقعو مليو “
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1985ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1989ع ۾ ڀنڀور اشاعت گهر حيدرآباد پاران شايع ڪرايو ويو. جڏھن تہ اسان ٿورائتا آھيون وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]