ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“ اوھان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري سياستدان ۽ ليکڪ رسول بخش پليجي جي سينٽرل جيل خيرپور کان ڪوٽ لکپت جيل ۾ گهاريل ڏينھن جي ڊائري، يادگيرين ۽ احساسن تي ٻڌل آھي.
هيءُ ڪتاب، ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“، اهڙي ئي هڪ سائي ستابي ۽ سجاڳ روح جا حال احوال ۽ ڳالهيون- سورن جون ۽ سربتيو، ۽ اُميدن ڀريل- اسان کي ٻُڌائڻ گهري ٿو، اصل ائين جيئن مارئيءَ، عمر جي بند ۾ ويهي، پنهنجن مارن کي پنهنجي دل جا داستان ٻُڌائڻ گهريا ٿي ۽ ٻُڌايا ٿي.
پليجو صاحب لکي ٿو:
”ھيءَ ڊائري منھنجي فڪر ۽ شعور جي ڀيٽ ۾ ذھن ۽ روح مان ازخود اٿي نڪرندڙ احساس ۽ ويچارن جو پاڻ مرادو وھڪرو وڌيڪ آھي. ھن ڊائريءَ جا ورق وري پڙھندي مون پاڻ کي وري بہ خيرپور، حيدرآباد، سکر ۽ ڪوٽ لکپت جيلن ۾ ويٺل محسوس ڪيو. جيل ۾ گهاريل زندگي ھن ڊائريءَ جي ڪري منھنجي شعور جو ھڪڙو اڻ ٽٽ حصو بڻجي وئي آھي.“
ھي ڪتاب 1991ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندر نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ