رسول بخش پليجو

Author Name

سنڌ جو نامور دانشور، اديب، نقاد ۽ سياسي اڳواڻ رسول بخش پليجو، جنگشاهي، ضلعي ٽي ۾، 20 جنوري 1930ع تي، علي محمد پليجي جي گهر ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم مقامي ملا مڪتب مدرسي سيڪنڊري تعليم ٺٽي هاءِ اسڪول ۽ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ ورتي. ان کان پوءِ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان قانون جي ڊگري( ايل. ايل. بي )حاصل ڪئي .سندس شمار ملڪ جي وڏن ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ناميارن وڪيلن ۾ ٿيندو هو. رسول بخش پليجو گهڻ رخين صلاحيتن جو مالڪ هو .کيس ادب ،سماج، سياست، تاريخ، سماجي سائنس ۽ جدلياتي علمن جي وڏي ڄاڻ هئي .ان حوالي سان هو هڪ فرد بجاءِ اداري جي حيثيت رکندو هو. رسول بخش پليجو سنڌ جي سياست جو متحرڪ ڪردار رهيو.ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ هن سنڌي اديبن ۽ سنڌي ادبي سنگت سان گڏ، سياسي ميدان ۾ جي. ايم. سيد، حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ سان گڏجي سرگرميءَ سان حصو ورتو. جڏهن 1968ع ۾ جي. ايم. سيد، ايوبي مارشل لا دوران هڪ وڏي عرصي جي نظربنديءَ کان پوءِ آزاد ٿي، سياست کان ڪناره ڪشيءَ جو اعلان ڪري، ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ قائم ڪئي ته جي. ايم. سيد اُن تنظيم جو صدر ۽ رسول بخش پليجو سيڪريٽري بڻيو. ان پليٽ فارم تان سنڌ جي مختلف درگاهن تي جي. ايم. سيد خطبا ڏئي ’سنڌي قوم جو جديد تصور‘ پيش ڪيو. ان جدوجهد ۾ محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز ۽ رسول بخش پليجي اهم ڪردار ادا ڪيو. ون يونٽ خلاف تحريڪ دوران سائين جي. ايم. سيد 1969ع ۾ هالا ۾ ڪنوينشن ڪوٺائي ’سنڌ متحده محاذ‘ جو بنياد وڌو، جنهن ۾ ون يونٽ ٺاهيندڙ ٻئي مُک ڪردار- محمد ايوب کهڙو ۽ پير علي محمد شاهه راشدي به شامل هئا، ۽ سڀني گڏجي ون يونٽ جي مخالفت ڪئي هئي. ان بنياد تي بعد ۾ جي. ايم. سيد عوامي ليگ جي سربراهه کي سنڌ گهرائي، ون يونٽ جي مخالفت ڪرائي هئي، ۽ ائين سنڌ جي سياستدانن ۽ اديبن جي ڪوششن سان، 1 جولاءِ 1970ع تي ون يونٽ جو خاتمو ٿيو. محمد ايوب کهڙي ۽ پير علي محمد راشديءَ جي ’سنڌ متحده محاذ‘ ۾ شموليت تي ڪجهه نوجوانن کي اختلاف هئا ۽ پليجي صاحب جا به سيد سان اختلاف ٿيا. ان بعد هن پنهنجي سياسي واٽ ڌار منتخب ڪئي، ۽ هڪ نئين پارٽي ’عوامي تحريڪ‘ جو بنياد، 1970ع ۾ حيدرآباد ۾ وڌو.ان جـو پـهـريون صدر ائڊووڪيــٽ حفيـظ قـريـشــي ۽ جـنـرل سيــڪـريـٽـري رسول بخش پليجو ٿيا ۽ ٻين ميمبرن ۾ فاضل راهو، سيد عالم شاهه، سردار محمد خان مگسي، يوسف ڪيڙانو، قاسم پٿر، خان لنڊ '>شير خان لنڊ ،قاضي غفار وارهه وارو، گل حسن ڪيڙانو، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا شامل هئا. عوامي تحريڪ جي مُک ڪارنامن ۾ ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ لکائڻ لاءِ جاکوڙڻ، سـرڪـاري زميــنـن جـي نيـلامـي بــنـد ڪـرائـڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ، سنڌي ٻـولـي ڪـنويـنشـن ڪـوٺائڻ، مــزدورن ۽ هــارين جـون ڪــانفرنسون سـڏائڻ، ايـم. آر. ڊي تحــريـڪ ۾ سـرگـرميءَ سـان حـصـو وٺـڻ، ڪــالابـاغ ڊيـم ۽ ٿل ڪئنال خلاف جدوجهد سان گڏ ڪانفرنس ڪوٺائڻ، دهشتگرديءَ خــلاف ڪانـفـرنـس ڪـوٺـائڻ، وڏيرن جي خانگي جيلن کي ختم ڪرڻ، توڙي ڪاروڪاري ۽ جرڳا سسٽم ختـم ڪرڻ لاءِ جـدوجهد ڪرڻ، 1992ع ۾ سکر کان ڪراچيءَ تائين،2001ع ۾ ڀٽ شاهه کان ڪراچيءَ تائين ۽ 2005ع ۾ سکر کان ڪراچيءَ تائين ۽ 2009ع ۾ ڪنڌڪوٽ کان ڪراچيءَ تائين ڪامياب لانگ مارچ ڪرڻ ۽ چيف جسٽس افتخار چوڌريءَ جي بحاليءَ واري جدوجهد ۾ حصو وٺڻ شامل آهن. اها سموري جدوجهد رسول بخش پليجي جي قيادت ۾ ٿي. رسول بخش پليجي عوامي تحريڪ جي قيام سان گڏ 1970ع ۾ ’تحريڪ‘ رسالو به شروع ڪرايو، جنهن جو پهريون ايڊيٽر قاسم پٿر ۽ سيد عالم شاهه هئا. هي رسالو مختلف وقتن تي بندش پوڻ جي باوجود نڪرندو رهيو. پليجي صاحب عوامي تحريڪ جون مختلف ذيلي تنظيمون به قائم ڪرايون. جيڪي هيٺينءَ ريت مختلف سالن ۾ قائم ٿيون: (1) هاري تحريڪ (1974ع)، جنهن جو پهريون صدر شير خان لنڊ ٿيو ،(2) سنڌي شاگرد تحريڪ (1977ع)، جنهن جو پهريون صدر سيف الله نظاماڻي هو ،(3) سنڌي مزدور تحريڪ (1978ع)، جنهن جو پهريون صدر غلام قادر پليجو هو ،(4) سجاڳ ٻار تحريڪ (1978ع)، جنهن جو پهريون صدر فيروز خواجو هو ،(5) سنڌياڻي تحريڪ (1986ع)، جنهن جي پهرين صدر شهناز راهوجو هئي ،(6) سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ (1988ع)، جنهن جي پهرين صدر ريحانه شيخ هئي ،(7) هندو سجاڳ تحريڪ (2003ع)، جنهن جو پهريون صدر هميرو مل هو. پليجو صاحب عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان جدوجهد ڪرڻ سان گڏ مختلف پارٽين ۽ اتحادن ۾ به شامل رهيو. هي 1974ع ۾ اي. اين. پي جو جنرل سيڪريٽري رهيو. 1978ع ۾ پاڪستان عوامي جمهوري اتحاد قائم ڪرڻ ۾ حصو ورتو ،جنهن ۾ نوابزادو نصرالله خان، ملڪ قاسم ۽ عابد حسن منٽو شامل هئا. 1979ع ۾ پليجو صاحب ’پاڪستان عوامي تحريڪ‘ ۾ شامل ٿيو، جنهن ۾ ميجر اسحاق، پروفيسر عزيز احمد ۽ امتياز عالم هن سان گڏ هئا. 1983ع ۽ 1986ع ۾ ضياءَ الحق جي آمريت خلاف ملڪ ۾ هلندڙ جمهوري جدوجهد، ايم. آر. ڊي (M.R.D) ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ ان جو ڪنوينر به رهيو. پليجي صاحب ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران راولپنڊي اجلاس ۾ شرڪت به ڪئي، جنهن ۾ خان عبدالوَلي خان، بينظير ڀٽو (شهيد)، نوابزادو نصرالله خان، معراج محمد خان ۽ ٻيا شامل ٿيا هئا، جنهن ۾ صوبائي خودمختياريءَ جو ٺهراءُ پاس ڪرائڻ سان گڏ اهو به ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو ته ايم. آر. ڊي جي جدوجهد جي ڪاميابيءَ کان پوءِ جيڪا به حڪومت آئي، اها ايم. آر. ڊي جي سربراهن جي خلاف چونڊن ۾ اميدوار نه بيهاريندي. پليجي صاحب 1987ع ۾ سنڌ عوامي تحريڪ ۽ ان جي ذيلي تنظيمن تي مشتمل ’سنڌي عوام جو اتحاد‘ جوڙيو ۽ 1988ع ۾ سن ۾ سائين جي. ايم. سيد جي سربراهيءَ ۾ ’سنڌ قومي اتحاد‘ جي قيام ۾ حصو ورتو .جنهن کان جلد ئي ڌار ٿي ويو. رسول بخش پليجو 2000ع ۾ ’سنڌ پاڻي ڪميٽي اتحاد‘ ۽ ’گريٽر ٿل ڪئنال ايڪشن ڪميٽيءَ‘ جو ميمبر- اڳواڻ رهيو. 2004ع ۾ ’پاڪستان ڪسان رابطه ڪائونسل‘ ۾ شامل ٿيو. ان کان سواءِ ’ايشيا پيسفڪ فورم‘ جي ايگزيڪيوٽوِ ڪميٽيءَ جو ميمبر به رهيو. پليجي صاحب سنڌ جي قومي حقن لاءِ ڪيترا مظاهرا، ريليون ۽ ڪامياب لانگ مارچ ڪرايا، جن ۾ مردن کان سواءِ سنڌياڻي تحريڪ سان لاڳاپيل سوين عورتن حصو ورتو. جن ۾ سندس ڀيڻ مريم پليجو ۽ ٻين عزيزياڻين ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. رسول بخش پليجو سياسي جدوجھد دوران ڪيترا ڀيرا جيل ويو. هن ڪوٽ لکپت جيل ۾ رهڻ دوران ’ڪوٽ لکپت جو قيدي‘ نالي ڪتاب لکيو. رسول بخش پليجو شعله بيان مقرر ۽ دانشور هو.هن مهمان اُستاد طور جواهرلال نهرو يونيورسٽي دهلي، شڪاگو يونيورسٽي آمريڪا، ڪيمبرج يونيورسٽي،اسيڪس يونيورسٽي انگلنڊ، ڪنگسٽن يونيورسٽي ۽ ٻين اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪيترا ليڪچر ڏنا ۽ پنهنجي ڏاهپ ۽ ڄاڻ جو مظاهرو ڪيو. پليجو صاحب فڪري طرح مارڪسسٽ هو .مائوزي تنگ جي جدوجهد جو وڏو معترف رهيو ،ان ڪري کيس ’مائوسٽ‘ به سڏيو ويو. ادب جي ميدان ۾ رسول بخش پليجو ،صف اول جي ليکڪن ۽ نقادن ۾ شمار ٿيندو هو .جنهن دور ۾ رسول بخش پليجي ادب جي دنيا ۾ پير رکيو، تڏهن ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند ادبي تحريڪ پنهنجي اوج تي هئي. ورهاڱي بعد سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ادبي لهر اُڀري، جنهن جو ادبي حوالي سان مهندار شيخ اياز هو، جنهن جي خلاف رجعت پسندن وڏي واويلا ڪئي. ترقي پسند ادب ۽ خاص ڪري شيخ اياز تي جڏهن رجعت پسند اديبن ۽ شاعرن ادبي ۽ فڪري حملا ڪيا ۽ اياز جي شاعريءَ کي الحاد ۽ ڪفر جي شاعري قرار ڏنو ته ان دور ۾ ابن حيات پنهور ۽ مولانا گراميءَ سان گڏ رسول بخش پليجي ان بيجا تنقيد جا بکيا اڍيڙي، فڪري گهرائيءَ سان ڪتاب ’انڌا اونڌا ويڄ‘ ذريعي کين جواب ڏنو. ساڳئي رجعت پسند ٽولي سَٺ واري ڏهاڪي ۾ سائين جي. ايم. سيد جي ڪتابن ’پيغام لطيف‘ ۽ ’جيئن ڏٺو آهه مون‘ تي به سخت تنقيدون ڪيون ۽ اڪيچار پمفليٽ ۽ مضمون لکيا ته پليجي ان گروهه خلاف جاندار مضمون لکيا. سندس مشهور تصنيفن ۾: (1) انـڌا اونــڌا ويـڄ (تنقـيـد)،( 2) صبـح ٿيـنـدو ،(3) ڌراڙن جـا ڌڪـ ،(4) جن جهوناڳڙهه جلايو (تاريخي مضمون)،( 5) سَندي ذات هنجن (تنقيد)،( 6) پسي ڳاڙها ڳل (ڪهاڻيون)،( 7) ويهڻ مون نه وڙاءُ ،( 8) اوهان جي پڄاڻان (عالمي شاعريءَ جو ترجمو)،(9) ڪوٽ لکپت جو قيدي ،(10) وڳ ڪيئن وسرياءِ (خط پٽ)،( 11) سياسي ادب (جلد I ،II ،III )۽( 12 )هرڻ هٺيلا بيٺا سوچين. پليجي صاحب چار شاديون ڪيون، جن مان سندس پهرين گهر واري پليجي خاندان مان ،جڏهن ته ٻي گهر واري ڪشميرڻ آهي، سندس ٽين گهر واري نامياري فنڪاره زرينه بلوچ هئي، جڏهن ته سندس چوٿين شادي، نامياري ڪهاڻيڪار نسيم ٿيٻو سان ٿي. پليجي صاحب جو هڪ فرزند اياز لطيف پليجو (ڏسو: اياز لطيف پليجو، جلد پهريون) وڪيل هئڻ سان گڏ سياستدان به آهي. هو هن وقت عوامي تحريڪ جو صدر ۽ سنڌ نئشنل الائنس جو ڪنوينر پڻ آهي .رسول بخش پليجي 07 جون 2018ع تي وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي رسول بخش پليجو جا ڪُل 15 ڪِتاب موجود آھن


رسول بخش پليجو جا ڪتاب

پسي ڳاڙها گل، ليکڪ : رسول بخش پليجو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
پسي ڳاڙها گل
ليکڪ : رسول بخش پليجو
ڪورٽ ڪهاڻيون، ليکڪ : رسول بخش پليجو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڪورٽ ڪهاڻيون
ليکڪ : رسول بخش پليجو
انڌا اونڌا ويڄ، ليکڪ : رسول بخش پليجو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
انڌا اونڌا ويڄ
ليکڪ : رسول بخش پليجو
سندي ذات هنجن (ادب جي پرک)، ليکڪ : رسول بخش پليجو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سندي ذات هنجن (ادب جي پرک)
ليکڪ : رسول بخش پليجو
ڪوٽ لکپت جو قيدي، ليکڪ : رسول بخش پليجو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڪوٽ لکپت جو قيدي
ليکڪ : رسول بخش پليجو
ھوچي منهه جي آتم ڪھاڻي، ليکڪ : رسول بخش پليجو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ھوچي منهه جي آتم ڪھاڻي
ليکڪ : رسول بخش پليجو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ