رسول بخش پليجي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ”جشن لطيف“ جي حوالي سان ملھايل ڏهاڙن ۽ جلسن ۾ جيڪي تقريرون ڪيون، مختلف علمي، ادبي پروگرامن ۾ ليڪچر ڏنا ۽ لطيف بابت اخبارن ۾ مضمون لکيا ۽ پليجي صاحب جي جن بہ ڇپيل ڪتابن ۾ لطيف جي شاعريءَ بابت مواد موجود آهي، سو ۽ ڪجهہ اڻ ڇپيل مواد سھيڙي ڪتاب ”تنين ماڻڪ ميڙيا“ جي نالي سان مرتب ڪيو ويو آهي،
لطيفيات
تنين ماڻڪ ميڙيا
- 5.0/5.0
- 49
- 6
- هڪ سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سياستدان، مفڪر ۽ اديب رسول بخش پليجي جو لکيل شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي انسان دوست، پورھيت دوست، عوامي انقلابي ۽ فڪري شاعريءَ متعلق نئين ۽ نرالي تشريح تي آڌاريل ڪتاب ”تنين ماڻڪ ميڙيا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون. ھن ڪتاب جا سھيڙيندڙ اسماعيل خاصخيلي ۽ لال جروار آھن.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جو عظيم د اناءُ، لافاني ۽ عوامي انقلابي شاعر آھي. شاھہ لطيف اعليٰ انساني آدرشن ۽ عالمي ليول جو شاعر آهي. رسول بخش پليجي، لطيف جي شاعريءَ جي عظمت، جدوجھد، حب الوطني، جستجو، جاکوڙ ڪرڻ، ڳولا ڪرڻ، ورچي نہ ويھڻ، انسان دوستي، پورهيت دوستيءَ سميت، عوامي انقلابي ۽ فڪري پاسن تي عالمي شاعريءَ جي پسمنظر ۾ عام فهم ٻوليءَ ۽ عالمانہ انداز ۾ نئين، نرالي ۽ جديد تشريح ڪري، اها ڳالھہ ثابت ڪئي آهي، تہ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، مولانا رومي، حامي، حافظ شيرازي، عمر خيام، فردوسي، بابا بلھي شاھہ ۽ ٻين عظيم ۽ يگانن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو.
رسول بخش پليجي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ”جشن لطيف“ جي حوالي سان ملھايل ڏهاڙن ۽ جلسن ۾ جيڪي تقريرون ڪيون، مختلف علمي، ادبي پروگرامن ۾ ليڪچر ڏنا ۽ لطيف بابت اخبارن ۾ مضمون لکيا ۽ پليجي صاحب جي جن بہ ڇپيل ڪتابن ۾ لطيف جي شاعريءَ بابت مواد موجود آهي، سو ۽ ڪجهہ اڻ ڇپيل مواد سھيڙي ڪتاب ”تنين ماڻڪ ميڙيا“ جي نالي سان مرتب ڪيو ويو آهي،
ھي ڪتاب 2015ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف رسول بخش پليجو
- سھيڙيندڙ لال جروار
- سھيڙيندڙ اسماعيل خاصخيلي
- ڇپيو ويو 2015
- ڇپائيندڙ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر 0
- آن لائين ٿيو 21/Aug/2023
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 6 ڀيرا