ھٿين ھٿ ڪڙول, ليکڪ : طارق اشرف

ھٿين ھٿ ڪڙول

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : ھٿين ھٿ ڪڙول
ليکڪ : طارق اشرف
ڪيٽيگري : جيل ڊائري
ڇپيندڙ : ناري پبليڪيشن حيدرآباد
شايع ٿيڻ جو سال : 1985
شامل ڪيو ويو : 2020-11-10
ڏِٺو ويو : 489 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 554 ڀيرا
طارق اشرف کي ٻيو ڀيرو 1983ع ۾ گرفتار ڪيو ويو اھو عرصو ٽن مهينن تي ٻڌل هو، جنهن طارق اشرف کان ”هٿين هٿ ڪڙول“ (جيل جي ڊائري) لکرايو, جنھن ۾ھـُن پنهنجي جيون ساٿي کي خطن ذريعي جيل جي گھڙين کان واقف ڪيو آھي. ان ۾ ملاقات لاءِ اچڻ وارن، جيل جي ساٿين ۽ ٻين ڳالھين جو ذڪر ڪيو آھي. ھو لکي ٿو:
”مان ھڪ سنڌي ليکڪ آھيان .ڇا مون ڪا چوري ڪئي آھي؟ ڪو اخلاقي جرم ڪيو آھي؟ جو مونکي جيل موڪليو ويو آھي؟ منهنجو اھو ڏوھ آھي تہ مون سچ لکيو آھي. ھر ليکڪ ھٿڪڙين ۽ جيلن کان ڊڄي قلم تہ نہ ڦٽو ڪندو. نہ ئي قلم وڪڻندو. ڇو تہ اھڙو بہ وقت ايندو جڏھن نہ ھن لاء جيل ھوندا، نہ حڪومتون، نہ ئي انعام ۽ عهدا ھوندا ڇو تہ ھڪ ڏينهن دنيا ۾ ھن جي قلم سان لکيل لکڻيون رھنديون.“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري جيل ڊائري مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2025 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ