ڪھاڻيون

جڏھن مان نہ ھوندس

”جڏهن مان نه هوندس“ ۾ گهڻو ڪري ون يونٽ جي دور جون ڪهاڻيون لکيل آهن، اهو دور جنهن ۾ سنڌ سياسي ۽ شعوري طور اڀري پئي هئي ۽ سياستدانن سان گڏ ليکڪ ۽ اديب به اڳئين مورچي تي موجود رهيا هئا. هي دور آمر فوجي جو دور هو جنهن ۾ سنڌ جي شناخت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. لڇمڻ ڪومل جي ديهانت کانپوء سندس پهرين جنم ڏينهن تي کيس ڀيٽا لاء ڪراچي ۾ ٿيندڙ هڪ پروگرام ۾ امر جليل اهو اقرار ڪيو ته ”جڏهن مان نه هوندس“ اصل ۾ لڇمڻ ڪومل جي هڪ ڊرامي جو نالو هيو جنهن کان متاثر ٿيس ۽ کيس چيم ته مان اهو نالو پنهنجي ڪهاڻي ۽ ڪتاب کي ڏيڻ ٿو چاهيان ۽ ايئن لڇمڻ ڪومل مرڪندي، خوش ٿيندي کيس اجازت ڏئي ڇڏي.
  • 4.5/5.0
  • 563
  • 240
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book جڏھن مان نہ ھوندس

سنڌ سلامت پاران

سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، ناول نگار ۽ ڊراما نگار امر جليل جي ڪهاڻين جو ڪتاب ”جڏهن مان نه هوندس“ اوهان اڳيان پيش آهي.
”جڏهن مان نه هوندس“ ۾ گهڻو ڪري ون يونٽ جي دور جون ڪهاڻيون لکيل آهن، اهو دور جنهن ۾ سنڌ سياسي ۽ شعوري طور اڀري پئي هئي ۽ سياستدانن سان گڏ ليکڪ ۽ اديب به اڳئين مورچي تي موجود رهيا هئا. هي دور آمر فوجي جو دور هو جنهن ۾ سنڌ جي شناخت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. لڇمڻ ڪومل جي ديهانت کانپوء سندس پهرين جنم ڏينهن تي کيس ڀيٽا لاء ڪراچي ۾ ٿيندڙ هڪ پروگرام ۾ امر جليل اهو اقرار ڪيو ته ”جڏهن مان نه هوندس“ اصل ۾ لڇمڻ ڪومل جي هڪ ڊرامي جو نالو هيو جنهن کان متاثر ٿيس ۽ کيس چيم ته مان اهو نالو پنهنجي ڪهاڻي ۽ ڪتاب کي ڏيڻ ٿو چاهيان ۽ ايئن لڇمڻ ڪومل مرڪندي، خوش ٿيندي کيس اجازت ڏئي ڇڏي.
هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1971ع ۾ ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ شايع ٿيو هو. ٽيون ايڊيشن 1991ع ۾ نيپ فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندر نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

انتساب

سنڌي ادب جي عظيم انقلابي مخزن
[b]”روح رهاڻ“
[/b]جي نالي -

[b]- امر جليل
[/b]

اداري پاران

- ”جڏهن مان نه هوندس،“ سنڌي ٻوليءَ جي سرموڙ ڪهاڻيڪار امر جليل جي ڪهاڻين جو اُهو مجموعو آهي، جنهن جي پهرين ڇاپي ڇپجڻ سان ئي، سنڌي ادب ۽ ڪهاڻي پڙهندڙن ۾ وڏو چوٻول پيدا ڪري، هر طرف کان وڏي مڃتا ماڻي هئي. امر جليل جي اها وڏي خوش نصيبي آهي ته، هر دؤر ۾ هو سڀ کان گهڻو پڙهيو ويندڙ ۽ خاص ڪري سنڌ جي نوجوانن جو فيوريٽ ڪهاڻيڪار پئي رهيو آهي. امر جليل جي هن مجموعي کي ڇپجڻ سان، نه فقط پڙهندڙن وٽان وڏي مڃتا ملي هئي، پر اِن ڪتاب کي ساڳي وقت، سنڌ جي باوقار ادبي ۽ ثقافتي اداري سنڌالاجي پاران سال 1971ع ۾ ڇپيل ڪهاڻين جي مجموعن مان ”بهترين ڪهاڻين جي مجموعي“ جو انعام به مليو هو. امر جليل جي اِن ”انعام يافته“ ڪتاب، ”جڏهن مان نه هوندس“ کي ٽيون دفعو پڙهندڙن جي اسرار ۽ خواهش تي ڇپرائيندي، ادارو نيو فيلڊس پبليڪيشنس نهايت خوشي محسوس ڪري رهيو آهي.

[b]ادارو[/b]

مهاڳ: تاريخ تي شاهدي

جڏهن مان نه هوندس، پهريون ڀيرو ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ جنرل يحيٰ خان جي مارشل لا دوران، اڻوبهه سؤ ايڪهتر(1971)۾ شايع ٿيو هو. تڏهن ، مشرقي پاڪستان ۾ بنگلاديش جي باضابطه تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي ، ۽ گهٽي گهٽيءَ ۾ جنگ هلي رهي هئي .
ون يونٽ جي ڪڌي ڪارنامي کي برقرار رکڻ لاءِ فيلڊ مارشل ايوب خان ڏاڍي جبر، تشدد ۽ ساهه سڪائيندڙ سختي ءَ سان 1958ع کان1968ع تائين، ڏهه سال حڪومت ڪئي هئي. سندس حڪومت جا ڏهه سال ون يونٽ خلاف سياسي اُٿل پٿل، هلچل ۽ تحريڪن کي، خاص ڪري مشرقي پاڪستان، سنڌ ۽ بلوچستان ۾، دٻائڻ ۽ چٿڻ ۾ گذري ويا. ان دوران اسان پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏي انتخابي هيرا ڦيري ۽ ڌانڌلي ڏٺي، جڏهن محترمه فاطمه جناح صدارتي اميدوار جي حيثيت ۾ فيلڊ مارشل ايوب خان جي سامهون ٿي هئي. فاطمه جناح کي سموري مشرقي پاڪستان، سنڌ، بلوچستان ۽ اڌ پنجاب، ۽ اڌ سرحد جي حمايت حاصل هئي، پر تنهن هوندي به هوءَ چونڊن ۾ ايوب خان خلاف ڪامياب ٿي نه سگهي. چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ فيلڊ مارشل ايوب خان اڳ کان اڳرو ٿي پيو، ون يونٽ جي پاسباني ۽ نگهبانيءَ ۾ سمورا ليڪا لتاڙي ويو.
ون يونٽ جو منصوبو رٿڻ وارن جي ذهن ۾ اگرا سياسي، استحصالي ۽ پرماري سبب هئا. اصل ۾، ون يونٽ ٺاهڻ جو سڀ کان وڏو سبب هو، قومي اسيمبليءَ ۾ بنگالين کي نيچي نوائڻ.
آباديءَ جي لحاظ کان مشرقي پاڪستان، هڪ صوبي جي حيثيت ۾، پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو هو. سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جي گڏيل آبادي به کين پڄي نه سگهندي هئي. قومي اسيمبليءَ ۾ سندن اڪثريت هوندي هئي. ون يونٽ جي آقائن سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان کي گڏي ، هڪ ڪري، قومي اسيمبليءَ ۾ بنگالين جي منهن ۾ آڻي بيهاريو . ان ريت، تاريخ ۾ پهريون دفعو مغربي ۽ مشرقي پاڪستان درميان محاذ آرائي شروع ٿي، جنهن اڳتي هلي بنگلاديش کي جنم ڏنو.
مغربي پاڪستان ۾ ون يونٽ خلاف سڀ کان وڌيڪ ۽ شديد ردعمل سنڌ ۾ ٿيو. ڏهن سالن جي گُهٽ، ٻوسٽ، ۽ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي استحصال، ۽ تشدد سبب لازمي طرح سنڌ جي سوچ بدلجي ويئي. اقدار بدلجي ويا. رويا بدلجي ويا. صوفي منش سنڌي قوم ساز ۽ سنگيت کي پر ڀرو ڪري، پنهنجي بقا لاءِ ويريءَ کي للڪاريو. تاريخ جا ورق ورڻ لڳا. تاريخ جي صفحن مان سورهيه سرويچ ۽ شهيد نئين سوچ ۽ نئين حوالي سان نئين نسل ۾ ڳائجڻ لڳا. گهر گهر سنگرام ٿي پيو. انيڪ آواز فضائن ۾ ڦهلجي ويا-
”سهندو ڪير ميار، او يار
سنڌڙي ءَ تي سر ڪير نه ڏيندو.“ (اياز)
”وطن جي راهه ۾ وطن جا نوجوان شهيد ٿيو،
يا بچايو سنڌ کي، ياسورما شهيد ٿيو.“ (قمر)

اسان کي سنڌ سان گڏ لفظ”سابق“ قبول نه هو. انهن ڏينهن ۾ خبرن دوران ريڊيو، ٽيليويزن ۽ اخبارن ۾ جڏهن به ڪنهن صوبي جو ذڪر ايندو هو، ته ڏاڍي پابنديءَ سان لفظ ”سابق“ استعمال ڪيو ويندوهو. مان يقين سان ڪجهه چئي نه ٿو سگهان ته لفظ ”سابق“ پنهنجي صوبي جي نالي اڳيان ڏسي پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ۾ ماڻهن جو ڪهڙو رد عمل هوندو هو ! باقي سنڌ ۾ ”سابق“ صوبه سنڌ جواصطلاح ٻڌي سموري وايومنڊل مان آواز ايندو هو-

سنڌ ڪڏهن نه مرڻي آ
سنڌ اٽل آ
سنڌ ازل آ
سنڌ امر آ
سنڌ ڪڏهن نه مرڻي آ.

منهنجي درويش ڀاءُ قاضي فيض محمد *هڪ دفعي چيو هو، ”توهان ڇوڪرن کي ون يونٽ جو شڪر گذار ٿيڻ گهرجي، جنهن توهان کي سياسي طرح سجاڳ ڪري، نئون شعور ۽ نئين سوچ ڏني آهي. ون يونٽ هڪ نه هڪ ڏينهن ٽٽندو، پر ون يونٽ خلاف هليل هلچل دوران پيدا ٿيل سنڌ شناسي وڌندي رهندي.“
ون يونٽ خلاف نفرت، حقارت ۽ هلچل کي چٿڻ ۽ چچرڻ لاءِ ڪاروايون ڪندي فيلڊ مارشل ايوب خان جي آمريت انت کي پهتي. سندس ڳجها صلاحڪار ۽ حواري، جن ون يونٽ ٺاهڻ ۽ هلائڻ ۾ سندس مدد ۽ پشت پناهي ڪئي هئي، سي سياڻا هئا. ايوب خان کي صلاح ڏنائون ، ته آقا، تنهنجو سونهري دؤر اچي پڄاڻيءَ کي پهتو آهي- پاڻ سان گڏ عوام هٿان اسان کي به خوار خراب ڪرائي مارائيندين –مهرباني ڪري حڪومت جون واڳون اسان جي حوالي ڪر، ۽ پاڻ وڃي الله الله ڪر. پر، ايوب خان به گهٽ سياڻو نه هو ! هن حڪومت جون واڳون پنهنجي ماتحت جنرل يحيٰ خان حوالي ڪيون، ۽ پاڻ وڃي گوشه نشينيءَ ۾ ويٺو. ايوب خان کانپوءِ جنرل يحيٰ خان جو دور شروع ٿيو. يحيٰ خان عوامي اُٿل ڏسي وائڙو ٿي ويو. هن اول ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو، ۽ پوءِ چونڊن ڪرائڻ جو. پر، ڏهن سالن ۾ ون يونٽ جي ڪينسر جيڪي جبل جيڏا جاڙ ڪيا هئا، تن جو ازالو ٿي نه سگهيو . اصل ۾ ون يونٽ مشرقي پاڪستان خلاف، بلڪ ائين چئجي ته بنگالين خلاف ڳجهي طرح رٿيل ۽ سٽيل سازش هئي. مقصد هو مغربي پاڪستان جي چئن صوبن جي انفرادي حيثيت ختم ڪري، هڪ وڏو صوبو قائم ڪري، مشرقي پاڪستان جي صوبي آڏو بيهارڻ، ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ بنگالين کي نيچي نوائڻ. پر ، وڌيڪ عرصي تائين ائين ٿي نه سگهيو . انسانيت سوز مظالم، خوفناڪ خونريزي، ۽ هڪ هيبتناڪ جنگ کانپوءِ مشرقي پاڪستان بنگلاديش ٿي پيو. هڪ نئون ملڪ دنيا جي نقشي تي اُڀري آيو.
ڏاڍو بيرحم، پريشان ۽ ششدر ڪندڙ هو ون يونٽ وارو دور ! ون يونٽ دوران جيڪي ڪجهه وهيو واپريو، ملڪ جنهن پيڙا کي ڏٺو ۽ ڀو ڳيو، رت جو سمنڊ ۽ بارود جو رڻ پٽ جهاڳيو ۽ ان دوران ملڪ ۾ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ جنهن سوچ ۽ شعور جنم ورتو ۽ اوسر ۽ ارتقا جون احتجاجي منزلون طئي ڪيون، تن جو ڪٿي به باضابطه رڪارڊ قلمبند ڪيل نه آهي. هڪ هلاڪت خيز درو تاريخ جي صفحن ۾ ڪنهن به عبر تناڪ باب جو اضافو ڪري نه سگهيو. پر سنڌي ادب نهايت سچائيءَ ، بهادريءَ ۽ بيباڪيءَ سان ون يونٽ واري دور جي هڪ هڪ لمحي کي قلمبند ڪيو، ۽ تاريخ جي مجرمانه خاموشيءَ تي شاهد ٿي بيٺو.
ون يونٽ دوران سنڌي اديبن جيڪو ادب پيدا ڪيو، لکيو، ۽ ڇپرا يو تنهن کي بنا ڪنهن وڌاءَ جي مزاحمتي ادب (Literature of Resistance )سڏي سگهجي ٿو. ليکڪن جي هڪ وڏي کيپ پيدا ٿي پيئي. ملڪ سڄو منصور ٿي پيو. ادب ڄڻ سنگرام ٿي پيو- جنگ جو ميدان ٿي پيو- سنڌي ادب ماڻهن جي سوچ کي ۽ وقت جي هڪ هڪ لمحي کي پنهنجي وجود ۾ اوتي ڇڏيو. بيت هجي يا گيت، غزل هجي يا نظم، ڪهاڻي هجي يا مضمون، تحقيقي مقالو هجي يا تاثر، هڪ هڪ سٽ ۽ هڪ هڪ بند جو هڪ هڪ لفظ بڙڇي بڻجي پيو. هر ليکڪ پنهنجي وس، ڏات ۽ ڏانو آهر هڪ دور جي ڏاڍ ۽ ڏمر جو ڀرپور نموني مقابلو ڪيو. ادب پنهنجي دور جي عڪاسي ڪندو آهي. ان دور جي سنڌي ادب پنهنجي دور جي عڪاسي ڪئي آهي. ون يونٽ دوران سنڌ ۽ سنڌي ماڻهوءَ جي موڊ، سوچ شعور ، روين، ۽ لاڙن بابت جيڪڏهن تحقيق (Research ) ڪندي فقط” روح رهاڻ “ ۽ ” سهڻي“ رسالن جو مطالعو ڪجي، ته هڪ دور پنهنجي تاريخ سميت اسان جي اکين آڏو اُڀري ايندو.
دير مدار، ۽ وقت جي ويڇي کان قطح نظر، تاريخ جي هڪ دور ۾ ڪيل غلطيِءَ جو نتيجو قومن ۽ ملڪن کي تاريخ جي ٻئي دور ۾ ڏسڻو ۽ ڀوڳڻو پوندو آهي. اڻويهه سئو ايڪونجاهه (1951) ۾ ان دور جي حڪومت مشرقي پاڪستان ۾ ، يعني بنگال ۾ بنگالين کان يڪجهتي ‎ءَ جي نالي ۾ بنگالي ٻولي کسڻ جي تاريخي غلطي ڪئي. ريلوي اسٽيٽنن، هوائي اڏن ، بس اسٽاپن ، پوسٽ آفيسن، سرڪاري دفترن ، دڪانن، چوڪن ۽ رستن ، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي نالي وارين تختين تان بنگالي ٻولي ءَ کي ڊاهي، تڙي، ۽ ختم ڪري اردوءَ ۾ نالا لکيا ويا. نتيجي ۾، رد عمل طور بنگالين جهڙي نموني پنهنجي ٻوليءَ جو بچاءَ ڪيو، ۽ بچاءَ جي ڪارروائين دوران ٻليدان ڏنو، سو بنگال جي تاريخ جوهڪ حصو آهي. رت ، ست ، ۽ ساهه جون قربانيون ڏيئي، بنگالين پنهنجي ٻوليءَ جو موروثي حق موٽائي ورتو. ڍاڪا ۾ شهيدن جو هڪ يادگار اُڀري آيو. تاريخ جي هڪ دور ۾، يعني اڻويهه سئو ايڪونجاهه (1951ع)۾ ڪيل غلطيءَ جو نتيجو ويهن سالن ۾، تاريخ جي ٻئي دور ۾، يعني، اڻويهه سئو ايڪهتر (1971) ۾ قوم جي اکين آڏو اچي بيٺو- ملڪ ٽٽي پيو، ۽ بنگلاديش وجود ۾ آيو . 1951ع واري تاريخي غلطيءَ کي اڻويهه سئو پنجو نجاهه – ڇاونجاهه( 56-1955) ۾ ٻئي تاريخي غلطيءَ سان، ون يونٽ ٺاهي،تقويت ڏني ويئي هئي. علحدگيءَ جي سوچ ۽ تحريڪ کي هٿي ملي ويئي.
ون يونٽ نه رهيو. ون يونٽ جا ٺاهيندڙ، نگهبان، ۽ ڀرجهليا نه رهيا. پر، ون يونٽ دوران لکيل سنڌي ادب موجود آهي. سنڌ سان ٿيل جفا، ظلم، ناانصافي، تشدد ۽ بير حميءَ جو دستاويز موجود آهي. سنڌ ۾ سنڌ شناسي، خود آگاهي، نئين سوچ ، نئين لوچ، ۽ نئين شعور جي ارتقا جو تحريري ثبوت موجود آهي. پاڪستان ۾ اڄ تائين تاريخ سائنسي بنيادن تي نه لکي ويئي آهي، ۽ نه ئي سائنسي بنيادن تي تاريخ جو ڪڏهن مطالعو ٿيو آهي. تاريخ سان هٿ – چراند کي اسان وٽ ڪڏهن به عيب ۽ ڏو نه سمجهيو ويو آهي. بلڪ، وظيفن ۽ گرانٽن ذريعي تاريخ کي مليا ميٽ ڪيو ويو آهي. ان قسم جي جڙئو ۽ هٿ ٺوڪي تاريج جا وکا اُن دور جو تخليقي ادب پڌرا ڪندو آهي. اڻويهه سئو پنجو نجاهه کان اڻويهه سئو ستر (70-1955)تائين، لکيل سنڌي ادب اُن دور جي تاريخ خلاف جيئرو جا ڳندو شاهد آهي.
”جڏهن مان نه هوندس“ جي پهرين ايڊيشن (1971)۽ ٻئي ايڊيشن (1989) جي وچ ۾ ارڙهن سالن جي وڇوٽي آهي. پهرين ايڊيشن اچڻ کان پوءِ حالتن کي مد نظر رکندي، ڪوشش جي باوجود، ڪوبه پبلشر”جڏهن مان نه هوندس “ جو نئون ايڊيشن آڻي نه سگهيو. بنگلاديش جي تحريڪ سب ملڪ رت ۽ بارود جهڙي سياسي ڪيفيت ۾ وڪوڙجي ويو هو . ماڻهو ته ڇڏيو، پاڇي تي به شڪ پئي پين ته ان کي به غداري ءَ جي الزام ۾ ڦاهي ءَ تي چاڙهي پئي ڇڏيائون ! سُڪن کان وڌيڪ ساوا ساڙي پئي ڇڏيائون. بنگلاديش جي تحريڪ ۽ جنگ، هلي ته مشرقي پاڪستان ۾ هئي، پر وٺ پڪڙ سنڌ ۾ هئي! نيٺ مشرقي پاڪستان ۾ بنگلاديش ٺهي پيو. ون يونٽ جو نتيجو ظاهر ٿي پيو-اڻويهه سئو ستيتاليهن (1947) وارو اصلوڪو پاڪستان ٽٽي پيو. مغربي پاڪستان مغربي پاڪستان نه رهيو. مغربي پاڪستان فقط پاڪستان سڏجڻ ۾ آيو. پاڪستان ۾ موت جهڙي خاموشيءَ جو راڪاس راتاهو ڏيئي ويو. جنرل يحيٰ خان حڪومت جون واڳون ذوالفقار علي ڀٽي جي حوالي ڪري منظر تان هٽي ويو.
سڀ ڪجهه بدلجي وڃڻ کانپوءِ اهڙو وقت به آيو، جڏهن ون يونٽ خلاف ڏهن سالن جي مسلسل جدوجهد ۽ جنگ سڀني جو سنڌ سنڌ ساڻو ڪري وڌو. ٿڪ روحن ۾ لهي ويو. عجيب قسم جي خاموشي قبرستانن جي ياد تازي ڪرڻ لڳي. پن چُري ته ڇرڪي پئجي ! پر پوءِ آهستي آهستي ماڻهن ساهه کڻڻ شروع ڪيو. دلين ڌڙڪڻ، نگاهن ڏسڻ ، ڪنن ٻڌڻ،زبانن ڳالهائڻ ۽ قلمن لکڻ، ۽ مائوف دماغن سوچڻ شرع ڪيو. پر ان کان اڳ جو اظهار کي پرواز جا پر ملن ، 5 جولا ءِ 1977 تي رات جي ڪاري ڪفن ۾ ، هڪ دفعو وري آمريت جو راڪاس موٽي آيو. هِن دفعي راڪاس آيو، ته ڪاٺ ڪهاڙن سان گڏ مذهب جي علمبر داري ءَ جي دعويٰ به کڻي آيو. ائين لڳو، ڄڻ قيامت تائين هن ملڪ ۾ سوچڻ، سمجهڻ پر کڻ ، ڏسڻ ، ٻڌڻ ،ڳالهائڻ ۽ اندر جو حال اورڻ تي بندش رهندي .
سنڌ دشمني، پر ماريت ، نسل ڪشي، ڦرمار، ڦٽڪن ، ڦاهين ۽ جيلن ڀرڻ جنرل ضياءَ الحق جي يارهن سالن جي حڪومت فيلڊ – مارشل محمد ايوب خان جي ڏهن سالن جي حڪومت کان ڪنهن به صورت ۾ ۽ ڪنهن به تجزيه ۾ گهٽ نه هئي. مان ٻنهي دورن جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. ٻنهي آمرن جي دور حڪومت جو تجزيو ڪندي فقط هڪ فرق سامهون اچي بيهي ٿو – ٻنهي جي پڄاڻي ! فيلڊ مارشل ايوب خان زبردست عوامي هلچل ، جدوجهد ، Streert demonstrations (رستن تي مظاهرن ) ۽ احتجاجن سبب اقتدار جون واڳون ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيو. ان جي برعڪس، جنرل ضياالحق ڪوڙن واعدن، ڏٽن، گوهين ۽ گهمرين، زبردست حڪمت عملي ، نشر و اشاعت جي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن تي مڪمل ڪنٽرول ، بي پناهه تشدد، مذهب کي پنهنجي اقتدار جي توسيع لاءِ بي دريغ استعمال ڪرڻ سبب ڏندين ڏاند ٿي هلندو آيو. سندس پر ڪار ڏسي ، اهو طي ٿي چڪو هو ته مو صوف جيئري جند نه ڇڏيندو – جيستائين مرندو نه، تيستائين حڪومت جون واڳون هٿ مان نه ڪڍندو ۽ پوءِ ٿيو به ائين.
”جڏهن مان نه هوندس “، مارچ اڻويهه سئو ايڪهتر (1971) ۾ شايع ٿيو هو. ان کان سال کن اڳ ڪتاب ”دل جي دنيا“ مارڪيٽ ۾ آيو هو. ٻنهي ڪتابن ۾ ون يونٽ دوران لکيل منهنجيون ڪجهه ڪهاڻيون شامل آهن. ارڙهن سالن کان پوءِ ”جڏهن مان نه هوندس“ جو سيڪنڊ ايڊيشن شايع ٿيو آهي. ان دوران پڙهندڙن جا ٻه نسل نڪري نروار ٿيا آهن-هڪڙا اُهي، جيڪي ون يونٽ دوران اڃان ننڍڙا هئا، ۽ ٻيا اُهي، جن ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ جنم ورتو آهي. مان پنهنجو هيءَ ڪتاب پڙهيندن جي نوجوان نسل جي حوالي ڪري رهيو آهيان.

[b]امرجليل
[/b]پهرين جنوري، 1989ع

شعبو – ايجوڪيشنل ٽيڪنالا جي،
علامه اقبال اوپن يونيورسٽي،
اسلام آباد.

_______________
* بزرگ سياستدان، محترم سائين قاضي فيض محمد نوابشاهه وارو نه. منهنجو وڏو ڀاءُ قاضي فيض محمد – ”ٽيون وجود“ ۽ منهنجين ٻين ڪهاڻين ۾ سرڪش، بهادر ۽ ڪڏهن شڪست قبول نه ڪرڻ جهڙن ڪردارن جو اتساهه.

سر مارٽيمر ويلر ۽ قلندر

سر مارٽيمر ويلر (قديم آثارن جو جڳ – مشهور ماهر) هوٽل جي انتظار گاهه ۾ داخل ٿيو. ٿڪل ٿي ڏٺو. چيائين، ”معاف ڪجو. مان اصل هينئر موهن جي دڙي کان حيدرآباد پهتو آهيان.“
انتظار گاهه ۾ صحافي، پريس فوٽو گرافر، ريڊيو پاڪستان جانمائيندا، شاگرد ۽ سرڪاري ڪامورا موجود هئا. هڪڙي صحافيءَ سرمارٽيمر ويلر کان پڇيو،”موهن جي دڙي کي ڪڏهن کان ڪلر ڪوري رهيوآهي ؟“
سر مارٽيمر ويلر ٺهه پهه وراڻيو، ”اهو سوال سياسي نوعيت جو آهي. مان جواب نه ڏيندس.“
”موهن جو دڙو سنڌ جي علامت آهي.“ يونيورسٽيءَ جي هڪ شاگرد سر مارٽيمر کان پڇيو ، ” موهن جي دڙي کي بچائڻ لاءِ اوهان ڪهڙا اُپاءَ وٺي رهيا آهيو.“
” اهو سوال پنهنجي حڪومت کان پڇو،“ سر مارٽيمر سرڪاري ڪامورن ڏانهن ڏسندي وراڻيو.
هڪ بندرو ، ٺوڙهو ۽ نهايت بيڊولو شخص، شاگرد ، صحافين ۽ پريس فوٽو گرافرن کي تڪيندو، اڳتي هليو آيو. هن ڀڳل ٽٽل ۽ انگريزن جي ارواح کي عذاب ڏيندڙ انگريزيءَ ۾ سر مارٽيمر سان پنهنجي واقفيت ڪرائيندي چيو ، ” مان فلمن جو مشهور ۽ سڀ کان شاهوڪار پروڊيوسر آهيان.“
” مون کي افسوس آهي، مسٽر پروڊيوسر،“ سر مارٽيمر وراڻيو، ”اسان حڪومت کي تاڪيد ڪئي آهي ته ڪنهن کي به موهن جي دڙي ۾ فلم جي شوٽنگ ڪرڻ نه ڏين.“
” اسان کي موهن جي دڙي سان ڪابه دلچسپي نه آهي.“بيڊولي ٺوڙهي ساڳي لهجي ۾ چيو، ” مون کي پنهنجا پيسا حرام ڪرڻا ناهن جو کنڊرن جي فلم ٺاهيان.“
”ته پوءِ ؟“ سر مارٽيمر ويلر حيرت مان پڇيو.
” ڪجهه سال اڳ مصر ۾ فرعون جي قديم عبادت گاهن کي پاڻيءَ کان بچائڻ لاءِ بنيادن سميت اصلوڪي هنڌان کڻي محفوظ جاءِ تي پهچاپو ويو هو.“ بيڊولي پروڊيو سر چيو، ”اسان کي به بس اهڙو هڪ ڪم ڪرائڻو آهي.“
سر مارٽيمر عجب مان پڇيو ، ”تون ڇا کڻائيندين.“
”هر سال سڀيئي فلم اسٽار ۽ هيرامنڊيءَ جا هيرا ڪشالاڪڍي قلندر شهباز جي ميلي تي سيوهڻ ايندا آهن، اسان جو وقت برباد ڪندا آهن.“ ٺوڙهي ۽ بندري پروڊيو سر چيو، ”اسان فيصلو ڪيو آهي، ته ائين قلندر لعل شهباز جي سموري درگاهه بنيادن سميت پٽائي لاهور کڻي وڃون. ان سلسلي ۾ تون اسان جي ڪهڙي مدد ڪري سگهندين؟“
**

منهنجي دل موهن جو دڙو

چوڻ چاهيم، تاج محل دل هجي ها، ڀڄي پوي ها، جٽاءُ نه ڪري ها. پر جيڪي چوڻ چاهيم، چئي نه سگهيم. لفظ ڪروڌ جي ڀنڀٽ ۾ ڀسم ٿي ويا.
فقط ايترو چيم، ”تو مونکي دوکو ڏنو آهي، نجمه.“ هن جواب نه ڏنو. وڌي وڃي آرٽس آڊيٽوريم جي ٺلهه وٽ بيٺي. رئي جي ڪنڊ آڱر تي ويڙهڻ لڳي.
مان نيپام بم جي گهائل وانگر ڦتڪي اٿيس. وڃي سندس پٺيان بيٺس. اندر جا اڌما حواسن کي سنگسار ڪري رهيا هئا، نه ڳالهايان ته جيڪر جگر مان جوالا وهي نڪري. تڏهن چيم،”ڀانيو هوم، تون ائين نه ڪندينءَ. منهنجي اميدن جي ڪناري کي وير وانگر لٽي نه ڇڏيندينءَ. پر منهنجي ڀائڻ ۽ نه ڀائڻ مان ڇا ورندو. مون حياتي ‎ءَ ۾ هميشه غلط سو چيو آهي.“
هوءَ خاموش رهي. سندس ڪنڌ جو خم وڌي ويو.
ڪراچيءَ کان ڪوهن تي روهن ۾ ٺاهيل يونيورسٽي موهن جو دڙو ٿيندي ويئي. صبر، زندگيءَ جي گهڙين وانگر منهنجي قبضي کان ڌار ٿي، ڇڙواڳ گهوڙي جيان هوش جي ڌرتي ءَ کي سنبن سان لتاڙيندو رهيو.
هن نه ڳالهايو.
مون ڳالهايو، ”مان ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن تنهنجي بيوفائي وساري ڇڏيندس، نجمه، پر نه وساري سگهندس ته تنهنجي ياد .“
نجمه منهن ورائي منهنجين اکين ۾ نهاريو. وڇڙيل نگاهون مليون ،ته ڪجهه دير تائين ڌار ٿي نه سگهيون . تڏهن ڏسندي ئي ڏسندي ،سندس اکين ۾ پاڻي تري آيو. ڪجهه چوڻ لاءِ سڪل چپ ڦڙڪي اُٿيس .آواز نڙي ءَ ۾ وچڙيس، ته وچڙيل ئي رهيس . ٻه لڙڪ پنبڻين مان ڇڻندا، ڪنول جهڙل ڳلن تان تِرڪندا سندس رئي جي ڪنڊ ۾ جذب ٿي ويا.
پاڻ روڪي نه سگهيم .چيم، ” تنهنجا ٻه چار لڙڪ منهنجين بي پناهه مايوسين جو معاوضو ناهن، نجمه .“
هن آليون اکيون کڻي مون ڏانهن ڏنو ، ڳيت ڏيئي نڙيءَ کي ليپ ڏنائين . رئي سان ڀنل اکيون اُگهي، ڇپر ڇنڀي ، منهن موڙي ڇڏيائين .
چيم، ”تنهنجي بيرخي منهنجيءَ دل جو داغ آهي، نجمه.“
مون ڏانهن ڏسڻ بنا چيائين ، ” تون مونکي سمجهي نه سگهيو آهين . مونکي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر خدارا .“
” تون ريگستان جي رڃ آهين، صحرا جي سڃ آهين ، تون منهنجي سڪرات جي اُڃ آهين.“ لڇندي پڇندي چيم ، ” مان تو کي خوب سمجهي ويو آهيان ، نجمه “
” تون مونکي سمجهي نه سگهيو آهين .“ گهٽيل گهٽيل آواز ۾ چيائين ، ” تون مونکي سمجهي نه سگهيو آهين .“
” تون پٿر آهين“ ڪنهن سنگتراش جو بت آهين“ . چيم، ”منهنجي چري چاهت جو آواز فرهاد جو ٽيڪم ناهي جو تنهنجي دل ۾ لهي وڃي.“
ڊين فيڪلٽي آف آرٽس جي در ٻاهران اسٽول تي ويٺل پٽيوالو اوٻاسي ڏيئي، آرس موڙي اُٿي بيٺو. هٿ وڌائي ، نوٽيس بورڊ تان ڪاٺ جو ڏونڪو کڻي پتل جي ٿالهه تي چار دفعا هيائين . پتل جي وت مان آواز جا اڻ ڏٺا سلسلا نڪرندا رهيا ۽ ورانڊن جي ٺلهن سان وچڙندا رهيا.
نجمه چيو، ” مان وڃان ٿي. “
” مان توکي روڪڻ جو حق نٿو رکان .“ چيم ، ” تون وڃ.“
ٻه وکون کڻي بيهي رهي. مٿي تي رئو ٺاهيندي چيائين،
”روحن جارشتا هڪ ڇڪ سان نه ڇنبا آهن جيئن تو ڪيو آهي. “
” ورهيه ٿيا جو مون پنهنجو روح تنهنجي پيار تان قربان ڪري ڇڏيو هو.“ وراڻيم ” اڄ منهنجي دل موهن جو دڙو آهي.“
” ڪاليج ۽ يونيورسٽي ءَ لاءِ ڊراما لکندي ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪندي ، تون زندگيءَ ۾ به ڊرامائي انداز اختيار ڪري ويو آهين. “ مون کان نظرون بچائيندي ، چيائين ، ” تون حقيقتن کان پري ٿي ويو آهين. “
” جنم زندگيءَ جي ڊرامي جي ابتدا ۽ موت ان جو انجام آهي. “ صبر جوبند ڀڄي پيو. چيم ، ” فرق فقط ايترو آهي، جو زندگيءَ جي المناڪ ڊرامي ۾ مان ڪارو ڪفن ٻڌي ايندو رهيو آهيان ، ۽ تون چئن گهوڙن جي رَ ٿَ ۾ چڙهي مونکان پري ڀڄندي رهي آهين.“
وراڻيائين ، ” مان تو وانگر ڊائلاگ ڳالهائي نٿي سگهان ، تو وانگر دل جو حال اوري نٿي سگهان.“
” مان ان جي ضرورت به نٿو محسوس ڪيان.“ چيم، ” تون فقط هڪ دفعو ٻيهر انڪار ڪر. پنهنجي نٺرتا سان منهنجي من جو رهيو کهيو شيشو چُور ڪر. ناڪار جي آخري بڙڇي منهنجي هنيانءَ ۾ هڻ. چئه نجمه ته تو مون سان محبت نه ڪئي هئي . چئه ته مون سان گڏ هڪ گهر ۽ هڪ زندگيءَ جا خواب نه ڏٺا هيئه.“
ڏاڍي ڏک وچان چيائين ، ” مان تنهنجي آڏو جلي مران ، تڏهن به تو کي منهنجي اڻميي پيار تي اعتبار نه ايندو.“
هڪدم چيم ، ” ته پوءِ منهنجي ڳالهه ڇوٿي ٺڪرائين . مونسان هلين ڇونٿي؟“
ولهه جهڙي آواز ، ۽ جذبن کان خالي لهجي ۾ پڇيائين ، ” ڀڄي هلان ؟“
” جيڪي سمجهين .“
”ٻي ڪا راهه ڪانهي ؟“
” نه . مان توکي تنهنجي خاندان کان ڏهن جنهن ۾ به حاصل ڪري نه سگهندس .“
” ڇو؟“
” ڇو جو مان پٽيوالي جو پٽ آهيان ، تون چيف انجنيئر جي ڌيءَ آهين.“
” پر پاڻ ٻنهي ته ائين ڪڏهن به نه سوچيو آهي. “
” تنهنجي منهنجي سوچڻ سان ڪجهه نه ورندو نجمه .“
وراڻيم، ” اسان جي شادي منهنجي پيءُ ۽ تنهنجي ڊيڊي ءَ جي سماجي رتبن جي فٽ بال ميچ تي منحصر آهي، جنهن ۾ منهنجو پيءُ زخمي گول ڪيپر آهي. “
هوءَ ڪنهن اونهي سوچ ۾ گم ٿي ويئي.
” مان طبقاتي ڪشمڪش جي ڌٻڻ مان اُڀري تنهنجي خاندان کي ڪلهو هڻي نه سگهندس. “ چيم، ” مونکي سچ پچ چاهين ٿي ته مونسان نڪري هل ، هن ڪوڙي شان شوڪت ۽ ٺاهه ٺڳي ءَ کي ڊاهي مونسان نڪري هل. “
هن جواب نه ڏنو. ڪلها ڪنبڻ لڳس. ٿڪل نگاهن سان مونڏانهن ڏسڻ لڳي.
کيس قائل ڪرڻ لاءِ چيم ، ” مان ڪورٽ ۾ بيهي ، قانون جي دائرن ۾ توکي پنهنجو ڪندس . اُتي طبقاتي ڪشمڪش نه هوندي. اُتي ڪوبه توکي مون کان ڌار ڪري نه سگهندو . هل ، نجمه هل .“
” مان –“ هوءَ هٻڪي . جملو پورو ڪري نه سگهي . ” چيم . هٻڪين ڇو ٿي؟ مون پاڻ کي سڀ ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪيو آهي.“
ڪجهه دير ترسي، اونهو ساهه کڻي ، ڳيت ڏيئي چيائين.
”مان جدائيءَ جو عذاب سهنديس ، پر ڪنهن به قيمت تي توسان ڀڄي نه هلنديس.“
” نه نه . ائين نه چئه . “ ڦاٽ کاڌم ، ” چئه ته منهنجي ڪنگال ۽ مفلس زندگيءَ سان پلئه نه اٽڪائيندين ءَ .“
” سوچ ته سهي. مان توسان ڀڄي هلان ، ته منهنجو ڪراڙو پيءُ ۽ جوان ڀائر دنيا ۾ ڪهڙو ڪنڌ کڻي سگهندا ! “چيائين ”اهو منهنجي خاندان جي عزت جو سوال آهي. “
” ۽ منهنجي زندگيءَ جو سوال آهي.“
تنهنجي زندگيءَ جيڪڏهن منهنجي ساهه سان سينگار جي سگهي ، ته پوءِ مان مرڻ لاءِ تيار آهيان . پر ڀڄي نه هلنديس .“
” تون نه فقط دو کيباز ۽ بيوفا آهين ، پر چالاڪ به آهين. “
ورڻيم ، ” تو وٽ بهانن جي کوٽ ناهي. “
” تون ٿڌي ءَ دل سان ته سوچي ڏس. منهنجي جاءِ تي جيڪڏهن تون هجين ها ته ڇا-“
” مونکي دليلن جي رانديڪن سان نه پرچاءِ .“
” تون بيحد جذباتي آهين.“
” ها . ها مان جذباتي آهيان ، تڏهن ته تنهنجي پيار تان پنهنجي دل جي دنيا قربان ڪري ڇڏيم . سوچيو هيو ، تنهنجو پيار منهنجي مايوس زندگي ءَ جي اُداس چپڙن کي مرڪ ڏيندو منهنجي هيڪلي حياتيءَ کي جيئڻ جي سُرڪ ڏيندو. پر نه منهنجي سوچڻ مان ڇا ورندو. مون هميشه غلط سوچيو آهي. تون بيوفا آهين. تون بيوفا آهين ، نجمه.“
اندر اڌ ٿي پيو . من ملول ، ۽ پيار پري جي پيڙا ٿي پيو .
دل ڀڳي ، ته ڄڻ ڪائنات جو نظام به درهم برهم ٿي ويو. هوءَ اکين کان اوجهل ٿي، يونيورسٽيءَ جي کنڊرن ۾ گم ٿي ويئي. تڏهن ڊوڙندو ، شهر ويندڙ بس جي فٽ بورڊ تي وڃي پير رکيم. بس خالي هئي. پوئين سيٽ جي ڪنڊ ۾ ڪٻو ٿي ويٺس . سمورو وجود خود –عذاب جي چکيا تي چيچلائڻ لڳو. حياتي ٻٻر جي ٽاري ٿي پيئي .
مان بس جي دريءَ تي منهن رکي ايٿليٽڪ گرائونڊ جي ڇٻر ڏانهن ڏسڻ لڳس ، جتي هڪ دفعي نجمه چيو هو، ” اسان جون يونيورسٽيون ۽ ڪاليج تعليم سان سماجي نظام مان ننڍ وڏائيءَ جو فرق ختم ڪري ڇڏيندا. تون به هڪ نه هڪ ڏينهن سي-ايس – پي ڪري وڏو عهدو حاصل ڪري سگهندين.“ مون وراڻيو هو، ” مان اتفاق جو قائل نه آهيان. هنن ڪاليجن ۽ يونيور سٽين مان ڪندذهن ڪلارڪ، دفتري، ڊيسپيچر ۽ ماستر پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿيندا رهندا –مان اُن محڪوم رعيت جو هڪ معمولي ۽ غير-اهم فرد رهندس ، مان حاڪم نه، پر چنگيز ۽ هلاڪوءَ جهڙن حاڪمن لاءِ بهترين شڪار ٿيندس. هڪ ڏينهن ، جڏهن ڪنهن سي –ايس پيءَ سان تنهنجي شادي-،“ نجمه مونکي جملو پورو ڪرڻ نه ڏنو هو. چيو هئائين ،” مان تنهنجي آهيان ، تنهنجي ٿي رهنديس . مونکي گار نه ڏي.“
ڪيڏانهن ويئي تنهنجي غيرت ، عورت ! نجمه جو وجود ڀڳل شيشي وانگر منهنجي مَنَ ۾ چڀيندو رهيو . تون بيوفا آهين، دنيا جي هر عورت بيوفا آهي- مان ڀڻڪندو رهيس – تو مونکي نه، منهنجي اندر ۾ لڪل فنڪار کي گهڙي پل لاءِ چاهيو هو، جنهن کي اسٽيج تي ڏسي تو تاڙيون وڄايون هيون . تون اُنهن انسانن جي برادريءَ منجهان آهين نجمه، جن وان گو کي مفلسيءَ ۾ مرڻ ڏنو ، پر سندس تصويرن جو ملهه لکين رپيا لڳايائون – جن سقراط کي زهر جو پيالو پيئاريو ، پر سندس افڪار ڪتابن ۾ ڇپايائون – جن عيسيٰ کي صليب تي لٽڪايو ، پر سندس مورتين سان گرجائون ڀريائون .
نجمه سان گذاريل هڪ هڪ گهڙي مونکي گهائڻ لڳي. هڪ هڪ ياد دل تي رت جي ليڪ ڇڏيندي رهي. هڪ دفعي چيو هئائين، ”ڪنهن کان ٻڌو هوم ته هندستاني عورت زندگيءَ ۾ فقط هڪ دفعو محبت ڪندي آهي. پر مونکي يقين آهي، دنيا جي هر عورت زندگيءَ ۾ فقط هڪ دفعو محبت ڪندي آهي.“ اُن دفعي کيس وراڻيو هوم، محبت ۾ سچائي انفرادي عمل جي حدتائين قبول ڪري سگهجي ٿي . خوش قسمت هئا ليليٰ مجنون ، سسئي پنهون ۽ سهڻي ميهار جن جي محبت جا قصا قلمبند ڪرائي پڪن جلدن ۾ ٻڌايا ويا آهن. مان پنهنجي دوست رام کي عظيم سمجهندو آهيان ، جنهن محبت خاطر هندستان وڃڻ نه قبوليو ۽ جڏهن دين ڌرم جي نالي ۾ کيس ناڪامي ملي، تڏهن لينڊس ڊائون پل تان سنڌو درياهه ۾ ٽپو ڏيئي جان ڏنائين.، نجمه خوف کان ڪنبندي پڇيو هو، ” تون محبت ۾ مرڻ جائز ٿو سمجهين؟ ۽ مون وراڻيو هو، ” موت جائز يا ناجائز نه هوندو آهي. جائز يا ناجائز ٻار هوندا آهن موت معمولي ، يا غير معمولي هوندو آهي. آپگهات غير معمولي موت آهي . جن انسانن جو ضمير جر ڪندڙ هوندو آهي، تن جو موت به غير معمولي هوندو آهي. “ هن جيلي فش جهڙي سرد ۽ ڌڏندڙ آواز ۾ پڇيو هو، ” جيڪڏهن مان تنهنجي ٿي نه سگهان ، تو کان وڇڙي وڃان، تڏهن تون به خود ڪشي ڪندين .“ تڏهن وراڻيو هوم، ” ها نجمه ، مان خودڪشي ڪندس.“
ڏامر جي ڪاري ڪوجهي رستي تي ڊوڙندڙ بس يونيورسٽيءَ جي حدن مان نڪري ويئي .
مان خودڪشي ڪندس! ذهن جي مقبرن ۾ ماضيءَ جو آواز پڙاڏا ڪرڻ لڳو. منهنجو پنهنجو آواز صدا بڻجي مون کان محبت جو دان گهرڻ لڳو. زندگي! ها زندگي . مان تو کي زندگيءَ جونذرانو ڏيندس . مان هڪ بيوفا عورت کي ثابت ڪري ڏيکاريندس ته دنيا جي ڪابه عورت مرد جي محبت جو معاوضو ڏيئي نٿي سگهي. مرد محبت ڪرڻ ۽ نڀائڻ ڄاڻي . دل ڏيئي پڇتائڻ مرد جو مرڪُ ناهي . اسان جو سينو جيڪر غمن جو سمنڊ ۽ مصيبتن جو هماليه به لڪائي ڇڏي!
بس ڊوڙندي رهي.
هرڄاتل سڃاتل عورت جي شڪل منهنجي تصور ۾ مڪروهه ٿيندي ويئي . سندس وار واسينگ ، اکيون اُلاءَ ، هٿ پير وڇون ۽ جسم بلا ٿيندو ويو.
خيالن جي ڄار مان تڏهن نڪتس، جڏهن ڪنڊيڪٽر چيو، “سعيد منزل “
بس اسٽاپ تي لهي ، ڪينچي ءَ وانگر رستا ڪپيندڙ ٽريفڪ کان بچندو الاءِ ڪيئن بارنيس اسٽريٽ تائين پهتس. بيچين هئڻ جي باوجود محسوس ڪيم ته هر ڪو مونکي گهوري رهيو هو. سندن نگاهون ، اُهي نگاهون نه هيون ، جي منهنجيون سڃاتل هيون . احمد پان واري وٽ غفور حاجي پچيو ، ” ڏي خبر، ڪا کڙڪ پيئه؟ “ مون ڏانهس ڏٺو
هن چيو ، ” روئين ٿو چريا! مڙس ٿي وقت کي منهن ڏبو آهي.“
” غفور ، منهنجي دل ڀڄي پيئي آهي. “ روئڻهار ڪي آواز ۾ چيم، ” عورت بيوفاآهي.“
ڪوهاٽ هوٽل کان اڳ ڀرو ٿيس ته خيال آيو، غفور کي منهنجي ناڪام محبت جي خبر ڪيئن پيئي ! غفور حجم گهٽ، ۽ سياستدان وڌيڪ آهي. سوچيم، صبح کان جو گهر مان غائب آهيان، سو ضرور اڳ ڦريو آهي، دئوس.
چاچي نوروءَ منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو. مون ڏانهنس نهاريو.
چاچو نورو منهنجو سڳو چاچو ناهي . چاچو نورو سڄي بارنيس اسٽريٽ جو چاچو آهي. هر ڪو سڏيس چاچا.
چاچا نوروءَ منهنجي منهن ۾ نهاريندي چيو، ”ايڏو نااُميد ٿيو آهين ! همت ڪر، پٽ. “
ته چاچا نوروءَ کي به منهنجي محبت جي سُڌ آهي ! سوچيم، سچ چوندا آهن چريا، ته عشق ۽ مشڪ لڪائڻ سان نه لڪن. ڏاڍي ارمان مان چيم، ” هڪ عورت مان ٻي ڪهڙي اُميد رکي سگهجي ٿي، چاچا.“
” ها ٻچا. “ چاچا نوروءَ وراڻيو ، ” مردن جي عزت عورت جي هٿ وس هوندي آهي. مرضي پوين ته مٿي تان لاهي مٽيءَ ۾ هڻن.“
”اسين مٽيءَ جا مندر آهيون چاچا، وڃئون ڀرندا.“ ”سوئر صبح کان غائب آهي.“
” ڪير ؟ “
” اهو قادر سائيڪل وارو ٻيو ڪيو .“
” قادر سائيڪل وارو ! “ مون حيرت مان چاچا نوروءَ ڏانهن نهاريو.
”ها، ها، قادر سائيڪل وارو. “ چاچا جي منهن تي نفرت تري آئي. چيائين ، ” سڀني جو شڪ ان سوئر ۾ آهي.“
چاچا نورو بارنيس اسٽريٽ جو جاسوس آهي. سعيد منزل کان لارينس روڊ تائين جيڪي ڪجهه ٿيندو، کيس ڪن پوندو . سوچيم، اڄ هي پوڙهو بيزار ڪندو، هونءَ ئي دل دفن ٿي ويئي آهي. مان کيس ڇڏي، ڪمپائونڊ جو لوهي در لنگهي ، تارا چند بلڊنگ جي ڏاڪڻ ٻه ٻه ڏاڪا ڪري چڙهي ويس.
ٻه ماڙ جو در کڙڪائي ، ڀت کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهيس. ٽه –ماڙ تان رعوف ٽيلر ماسٽر هيٺ لٿو ، هو مونکي گهوريندو هيٺ هليو ويو.
امان در کوليو .
اسان ٻنهي هڪ کن لاءِ هڪٻئي ڏانهن نهاريو. نه هن ڳالهايو.
۽ نه مون .
مان اندر ويس . هن در بند ڪري ڇڏيو ، نفرت ۽ بغاوت جي طوفان کي يونيورسٽيءَ کان گهر تائين اندر ۾ جهليندو آيو هوس. گهر پهتس ته طوفان جي زور ۾ جي جهرڻ لڳو. ڀانيم، ڀونءِ ٿي ويندس . واچوڙي وانگر اُڏامي ويندس . پنهنجيءَ ئي آڳ ۾ ٽانڊي وانگر سڙي رک ٿي ويندس .
تڏهن امان جي آواز تي منهن ورائي ڏانهس ڏٺم . چيائين ، ” پڻهين کي دل جو دورو پيو آهي.“
کيس جواب نه ڏنم.
گُهٽيل گُهٽيل آواز ۾ چيائين، ”جڳ کي ڪهڙو منهن ڏيکارينداسين .“
”ڇو ؟ اسان جڳ کي ڀونڊو ڏنو آهي ڇا ! “ وراڻيم، ” دل جو دورو ته وڏن ماڻهن کي به پوندو آهي . غريبن کي پيو ته ڄڻ عيب ٿي پيو ! ڇا اسان کي دل جي دوري جو به حق ناهي ؟ “
امان عجب مان مون ڏانهن ڏٺو . پڇيائين ، ” صبح کان ٻاهر رهيو آهين “ ڪٿان پيو اچين ؟ “
” يو نيورسٽي ءَ مان . “
” ته توکي سچ سچ خبر ناهي، “ امان جي اکين مان لڙڪ لڙي پيا.
فقط ايترو پڇيم، ” گهر تي ائٽم بم ڪريو آهي، ڇا.“ امان وراڻيو، ”رخسانه قادر سائيڪل واري سان ڀڄي ويئي آهي.“
”منهنجي ڀيڻ قادر سان ڀڄي ويئي ! “ ڀانيم، منهنجي رڙ سان عرش ڏري پوندو، ڌرتي ڦاٽي پوندي ، سج آسمان مان ڇڏائجي ويندو . پر ڪجهه نه ٿيو . هڪدم محسوس ڪيم ته آواز سڪرات جي کونگهري وانگر منهنجيءَ نڙي ءَ ۾ کر کر ڪري رهيو هو.
ڪائنات جي ڪوڏ مان پڙلاءُ ايندو رهيو-تنهنجي ڀيڻ ڀڄي ويئي آهي- تنهنجي ڀيڻ ڀڄي ويئي آهي.
**

سچل سرمست Trouble۾

ٻه اڇن اُجرن ڪپڙن سان قداور، ٿلها ۽ ٽڪڻ وٽان گنجا شخص ٽنڊي جي مشهور ٻاڪڙا هوٽل ڪيفي ڪنگال ۾ لنگهي آيا. ٻئي پنجاهه جي لڳ ڀڳ هئا ۽ وٽيل سٽيل هئا. ٻاڪڙي ۾ ويٺل گراهڪ سندن شخصيت کان بيحد متاثر ٿيا ۽ منهن ورائي هنن ڏانهن ڏسڻ لڳا (ٿلها ماڻهو ڏسڻ ۾ رعبدار۽ معتبر ايندا آهن . )ٻئي ٿلها نڪ سڌو وڃي دخل *تي بيٺا ۽ ڪيفي ڪنگال جي مالڪ عاشق آزاد سان ڳالهائڻ لڳا.
ڪيفي ڪنگال جو اصلو ڪو نالو ” اسٽار آف سنڌ ريسٽورنٽ“ آهي، تنهنڪري سندس ستارو گردش ۾ آهي. هن ٻاڪڙا هوٽل ۾ فقط اُهي گرا هڪ ايندا آهن ، جن جي هٿن جا ليڪا ٽيڪن ۽ ڪوڏرن جي رهڙن سان ڊهي ويندا آهن. ٻاڪڙن جا گرا هڪ پنهنجين پيشانين تي صدين جي تاريخ جا آثار کڻي گهمندا آهن . سندن چپن تي انسانيت جي اُها گم ٿيل مرڪ هوندي آهي، جنهن جي تلاش ۾ انسان ” فيس پائوڊر “ کان ” گن پائوڊر “ تائين ايجادون ڪري ڇڏيون ، پر مُرڪن جي فيڪٽري تيار ڪري نه سگهيو آهي.
ٻاڪڙا هوٽلن ۾ ڇوڙ ڀڳل چيڪاٽ ڪندڙ ٽيبلون ۽ ڪرسين بدران بينچون رکيل هونديون آهن، جتي مون جهڙا مولائي ايندا آهن ، ويهندا آهن ۽ ڪڙڪ چانهه پي فلمن جا گانا ۽ قوالين جا رڪارڊ ٻڌندا آهن.
ڪيفي ڪنگال جو مالڪ عاشق آزاد، آسر کان اڌ رات تائين زور زور سان لتامنگيشڪر ۽ محمد رفيع جا رڪارڊ وڄائيندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي ٻاڪڙي جي پبلسٽي ڪندو آهي. هوٽل ۾ چار لائوڊ اسپيڪر لڳل آهن، جن مان ايڏو ته آسمان ڦاڙ آواز نڪرندو آهي، جو ٻاڪڙي جا گراهڪ اندريان آواز وساري گانن جي لهرن ۾ لڙهي ويندا آهن، سپ سپ ڪري چانهه پيئندا آهن ۽ پنڪيون کائيندا آهن.
ڪيفي ڪنگال جي بلڪل سامهون نور مسجد آهي. مسجد جي مينارن تي اڳ ٻه لائوڊ اسپيڪر لڳل هوندا هئا. پر پوءِ جڏهن عاشق آزاد محمد رفيع جو فلم ” برسات“ ۾ ڳايل ڳانو ” مين زندگي مين هردم روتا هي رها هون“ جو رڪارڊ وٺي آيو، تڏهن مسجد جي انتظامي ڪاميٽيءَ هڪ هنگامي اجلاس سڏايو ۽ ٿڏي تي ٻن وڌيڪ لائوڊ اسپيڪرن خريد ڪرڻ جي رٿ پاس ڪري ڇڏي. تڏهن کان نور مسجد جي مينارن تي چار لائوڊ اسپيڪر لڳل آهن، جن مان ڏينهن ۾ پنج دفعا ٻانگ جو آواز ايندو آهي ۽ جمع ڏينهن مولانا عبدالجبار گپچاڻي لاڳيتو ڏيڍ ڪلاڪ تائين خطبي کان اڳ ڳالهائيندو آهي. هو ماڻهن کي قبر جي عذاب، قيامت جي ڊپ ۽ الله سائين ءَ جي قهر کان ڏڪائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ماڻهو ، جيڪي بک جي عذاب ، بيروز گاريءَ جي ڊپ ۽ خالي ذهن ۾ ويٺل راڪاسن جي قهر کان ڪنبيل آهن. تن تي مولانا عبدالجبار گپچاڻيءَ جي تقريرن جو زبردست اثر ٿيندو آهي.
جڏهن به نور مسجد جي چئن لائوڊ اسپيڪرن مان ٻانگ جو آواز اچڻ شروع ٿيندو آهي، عاشق آزاد هڪدم رڪارڊنگ * بند ڪري اکيون به ڪري ڇڏيندو آهي . ۽ پو ءِ جڏهن ٻانگ ۾ محمد رسول الله جو نالو ٻڌندو آهي، تڏهن ٻئي اڱوٺا چمي اکين*تي رکندو آهي. ٻانگ ختم ٿيندي آهي ته پنهنجي قميص جا بٽڻ کولي وارن ڀريل سڀني کي شوڪارو هڻي، هڪدم رڪارڊنگ شروع ڪندو آهي، ” مين زندگي مين هردم روتاهي رها هون . “
هڪ دفعي مولانا عبدالجبار گپچاڻي ڪيفي ڪنگال آڏو اچي بيٺو هو. چولي جون ٻانهون ٺونٺين تائين کنجي ، هٿ لوڏي ، ٻانهون لوڏي، پير ڌرتيءَ تي هڻي، ننهن چوٽي ءَ جو زور لڳائي، رڙيون ڪرڻ لڳو هو. ايڏيءَ جفاڪشيءَ کان پو ءِ به ماڻهو فقط ” روتا هي رها هون “ ٻڌي رهيا هئا. جڏهن ماڻهن جو ميڙ ٻاڪڙي جي ٻاهران وڌندو ويو ، تڏهن عاشق آزاد رڪارڊ لاهي ڇڏيو ۽ مولانا جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو . مولانا اول آزاد کي قبر جي عذاب، قيامت جي ڊپ ۽ الله سائين جي قهر کان ڏڪائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ۽ پوءِ چيو هئائين ، ” شرم ڪر، عزيزم، جناب عاشق علي آزاد بن معشوف علي برباد* شرم ڪر.“ عاشق آزاد دخل جي خاني مان رڪارڊنگ ڪرڻ جو ليسن ڪڍي مولانا کي ڏيکار يندي چيو هو، ”مون وٽ رڪارڊنگ ڪرڻ جو ليسن آهي.“ مولانا ليسن نظر انداز ڪندي پنهنجي ڳالهه جاري رکي هئي. ” من مسلمان هوندي به تون هندستاني فلمن جا رڪارڊ، يعني ڪافرن جو رڪارڊ وڄائيندو رهين ٿو . ڇا پاڪستاني ڳائڻا مري ويا آهن؟ ڇا ملڪه ترنم ميڊم نور جهان صاحبه تمغه خدمت ۽ جناب مهدي حسن صاحب تمغه خدمت مري ويا آهن؟ ڇا پاڪستان ۾ گوين جو ڪال پئجي ويو آهي! شرم ڪر، ڪجهه ته خيال ڪر. پاڪستاني فلمن جارڪارڊوڄائيندو ڪر، جهڙوڪ – ”ميرا کوئي نهين هي تيري سوا.“
مولانا جي تلقين ، قبر جي عذاب ۽ قيامت جي ڊپ جو عاشق آزاد تي تر جيترو به اثر نه ٿيو ۽ هو اڃان تائين زور زور سان لتامنگيشڪر ۽ محمد رفيع جارڪارڊ وڄائيندو آهي. هر جمعي تي مولانا عبدالجبار گپچاڻي پنهنجي تقرير ۾ نمازين کي ٻڌائيندو آهي ته عاشق آزاد هندستان جو سيڪريٽ ايجٽ آهي، پاڪستان جو دشمن ۽ غدار آهي، ۽ اندرئي اندر ائٽم بم تيار ڪري رهيو آهي. جڏهن ٻه اڇن اُجرن ڪپڙن سان قداور، ٿلها ۽ ٽڪڻ وٽان گنجا شخص ڪيفي ڪنگال ۾ لنگهي آيا، تڏهن سڀني گراهڪن کي سخت تشويش ٿي ۽ هر ڪو منهن ڦيرائي هنن ڏانهن ڏسڻ لڳو. مون سمجهيو خدائي فوجدار آهن ۽ عاشق آزاد جي ڪهاڻي ختم ڪرڻ آيا آهن.
هو ٻئي دخل تي ٺونٺيون رکي بيٺا هئا ۽ رڙيون ڪري عاشق آزاد سان ڳالهائي رهيا هئا. سندن سموريون رڙيون محمد رفيع جي رڙين ۾ گم ٿي پئي ويون، ”او دنيا ڪي رکهوالي، سن درد بهري ميري نالي.“ هو ٻئي مٺيون ڀيڪوڙي ۽ ڍريون ڪري، منهن سڄائي ۽ لڙڪائي، اکيون ڦوٽاري ۽ چنجهيون ڪري عاشق آزاد سان ڳالهائي رهيا رهيا هئا. پريان، ڀانءِ ته گونگي فلم هلي رهي آهي.
رڪارڊن جي مغز ٽوڙ آوازن ۾ فقط هوٽل جو ٽيبل وارو * ڌڻي بخش عرف ڌنو ڳالهائي سگهندو آهي. رڪارڊن جي گوڙ گهمسان ۾ سندس آواز ٻڌي سگهبو آهي، ”ساب سي ڇهي آنه ليو، ڇهه آنه“ – ”ايڪ سنگل دال فرائي اور ايڪ پتير پهينڪو“ – يا ”بهائي ڪو ايڪ ڪڙڪ گولي مار چائي مارو.“ جڏهن رڪارڊ وڄڻ بند ٿي ويندوا آهن، تڏهن ڌڻي بخش عرف ڌنو به ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيندو آهي. اصل ۾ ڌني جو آواز گهگهو ٿي ويهجي ويو آهي ۽ ڳالهائڻ لاءِ ڳائڻن وانگر کيس ”ڌوم ڌڙام ٿُڪَ ٿي غلام“ جهڙن سازن جو سهارو رڪارڊن مان وٺڻو پوندو آهي. ميوزڪ يعني موسيقيءَ جي آڌار تي ڌني جو آواز بيحد دلفريب، وڻندڙ ۽ سريلو ٿي پوندو آهي. ڌني جو دنيا ۾ فقط هڪ دوست آهي، اُهو آهيس قلندر شهباز جو چوُ هو. لتامنگيشڪر ۽ محمد رفيع جي گانن تي مست ٿي ڌنو آرڊر تي آرڊر ڏيندو ويندو آهي ۽ قلندر لعل شهباز جو چوُ هو سُرن تي سر ڌوڻڻ لڳندو آهي.
عاشق آزاد رڪارڊن جي هاءِ گهوڙا ۽ وٺ پڪڙ ۾ ڌني جو آواز ٻڌي ۽ سمجهي سگهندو آهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته عاشق آزاد جيڪڏهن ٽنڊي ۾ ٻاڪڙا هوٽل نه کولي ها ته جيڪر اسماعيل آزاد قوال جي مقابلي ۾ قواليون ڳائي ها، ملڪ ۾ نالو ڪڍي ها ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري ها. هن ۾ اهڙا ” گٽس“ آهن. عاشق آزاد کي ٽي هابيون يعني مشغوليون پسند آهن . هو اخبارن ۽ رسالن مان فلم ايڪٽريس شميم آرا جا فوٽا ڪپي هوٽل جي ڀتين تي چنبڙا ئيندو آهي ۽ ريڊيو پاڪستان ، ريڊيو سيلون ، آڪاش واني ” آمدآباد (ني) ٻڙودا“ ۽ آل انڊيا ريڊيو جي اردو پرو گرامن ۾ فرمائشي خط لکندو آهي. *
عاشق آزاد ڪَنَ تي هٿ رکي ٻنهي ٿُلهن جي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو . جڏهن کيس رڪارڊ جي گوڙ ۾ ٿلهن جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ، تڏهن هن رڪارڊ لاهي ڇڏيو . اوچتو رڪارڊ لاهڻ ڪري هوٽل ۾ مڪمل خاموشيءَ ڄڻ اچي ڦهڪو ڪيو.
رڪارڊ بند ٿيڻ شرط ڌني به ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو. ٻئي ٿلها پنهنجو ڦاٽل دهل جهڙو آواز ٻڌي ششدر ٿيا. هڪ ٻئي جي منهن ۾ ڏسي خاموش ٿي ويا.
ٻنهي ٿلهن مان هڪ جي ڦٿل نڪ هيٺان ڀوائتيون مڇون هيون ۽ ٻيو صفا چٽ هو ۽ سندس نڪ سر ڻ جي چهنب جهڙو هو. هن کنگهڪار ڪري زور سان پڇيو، ” سچل ڪٿي آهي؟“
پنهنجو نالو ٻڌي مون ڪن کڙا ڪيا. هنن ڏانهن نهاريم، عاشق آزاد مون طرف هٿ سان اشارو ڪندي چيو، ” سامهون جيڪا دري آهي نه.“
” ها،“ صفا چٽ وراڻيو.
” ۽ دريءَ جي ڀرسان شميم آرا جو فلم ” برباد جواني“ مان ورتل فوٽو لڳل آهي نه.“
” ها.“
” ان فوٽوءَ جي بلڪل هيٺان ڀت کي ٽيڪ ڏيئي جيڪو موالين جهڙو ڇوڪراٽ ويٺو آهي نه.“
” ها.“
”سو آهي سچل.“
ٻنهي ٿلهن مون ڏانهن اهڙين نظرن سان ڏٺو ڄڻ مان ماڻهو نه پر مترڪو هوس ۽ سماجي شيش محل کي چُور چُور ڪري رهيو هوس. ٻنهي جي اکين جي مشڪوڪ نگاهه، نرڙ جا گهنج ۽ ڪنڌ جي آڪڙ ڏسي هڪدم سمجهي ويس ته هو ٻئي عاشق آزاد جي نه، پر منهنجي ڪهاڻي ختم ڪرڻ آيا هئا.
جن ڏينهن ۾ مان پرائمري ماستر هوس ۽ هڪ سئو پنجن رپين مان پندرهن ڀاتين جو نه پيٽ ڀري سگهندو هوس ۽ نه تن ڍڪي سگهندو هوس. تڏهن حڪومت کي دڙڪو ڏنو هوم ته منهنجي پگهار وڌايو يا وڏي پگهار واري نوڪري ڏيو نه ته مان خودڪشي ڪندس. پوءِ جلدئي مون کي خبر پئجي وئي هئي، ته هتي نه فقط مون جهڙن انسانن لاءِ پنهنجي مرضيءَ مطابق زنده رهڻ ڏوهه آهي، پر پنهنجي مرضيءَ سان مرڻ به ڏوهه آهي. خودڪشيءَ جو اعلان ڪري پاڻ کي اجايو قانون جي نظرن ۾ ڏٺو ڪيو هوم. ٻنهي ٿلهن کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي سمجهي ويس ته خدائي فوجدار آهن ۽ مون کي مُڙدن جهڙي زندگي گذراڻ لاءِ مجبور ڪرڻ آيا آهن.سوچيم، ڀڄي وڃان. پر اوچتو خيال آيو ته انسان عزرائيل کان پيڇو ڇڏائي سگهي ٿو، پرهن قسم جي مخلوق کان جان ڇڏائڻ ناممڪن آهي. تنهنڪري رب جي رضا تي راضي ٿي ويهي رهيس.
سڄي ٻاڪڙي جا گراهڪ ٿلهن ڏانهن ڏسي رهيا هئا ۽ ٿلها قدم قدم سان ملائي مونڏانهن وڌي رهيا هئا. جڏهن ٻئي ڄڻا مون کي ويجهو پهتا، تڏهن ڳالهائڻ بنا لانگ ورائي بينچ تي ويهي رهيا. منهنجو جائزو وٺڻ کانپوءِ هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺائون، هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيائون. ڄڻ سندن شڪ پڪ ۾ بدلجي ويو هو. صفا چٽ نڙي صفا ڪئي ۽ پوءِ ڊوميسائيل سنڌيءَ ۾ پڇيائين، ” تنهنجو نالو سچل آهي؟“
” ها،“ وراڻيم، ” منهنجو نالو سچل آهي. مون اڄڪلهه خودڪشيءَ جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، ۽ خدا جي فضل سان ۽ منسپالٽيءَ جي ڪرم سان راحت سينيما جي ڀرسان پڪوڙا وڪڻڻ شروع ڪيا اٿم.“
هنن منهنجي ڳالهه کان پوءِ به نه ڳالهايو.خاموش رهيا ۽ منهنجي منهن ۾ چتائي ڏسڻ لڳا. سندن نگاهون پنهنجي جسم ۾ چڀنديون محسوس ڪيم. بيچيني محسوس ڪيم ته چيم، ” توهين يقين ڪريو، مون سچ پچ خودڪشيءَ جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، ذري گهٽ رد ڪري ڇڏيو اٿم. ڏسو نه، زنده رهڻ ۾ ڪيڏو نه مزو آهي. مزوئي مزو آهي!اسان هوا ۾ ساهه کڻي سگهئون ٿا، کلي سگهئون ٿا، روئي سگهئون ٿا. ڏسو نه، جيئرو رهڻ لاءِ ته پڪوڙا وڪڻڻ شروع ڪيا اٿم. مرڻو هجيم ها ته جيڪر ماستري نه ڪريان ها!“
هنن تڏهن به نه ڳالهايو. ٽيبل تي ٻانهون رکي، کاڏين هيٺان اُبتا هٿ ڏيئي مون ڏانهن ڏسندا رهيا. سندن خاموشي مون کي پريشان ڪرڻ لڳي. گُهٽ محسوس ڪيم ته ڳالهايم، ” مان سچ پچ پڪوڙا وڪڻندو آهيان. توهان به دل ۾ سوچيندا هوندا، ته ڀلا گريجوئيٽ به ڪڏهن پڪوڙا وڪڻيا آهن! گريجوئيٽ ته ڪلارڪ ٿيندا آهن، دفتري ٿيندا آهن، ماستر ٿيندا آهن! سائين مان گريجوئيٽ آهيان، پر مون وٽ سرٽيفڪيٽ ڪونهي. مون پنهنجو سرٽيفڪيٽ سچل نالي هڪ شخص کي ڏهن رپين ۾ وڪڻي ڇڏيو آهي. هن وٽ جئڪ هو. هو هينئر گزيٽيڊآفيسر آهي.“
ٻنهي ڄڻن تڏهن به نه ڳالهايو. سندن منهن سانڊي وانگر رنگ مٽائيندا رهيا. منهنجو ساهه منجهڻ لڳو. منهنجي ڀرسان آچر ويٺو هو ( آچر جي پيءُ جو نالو سومر آهي). هن منهنجي حال تي رحم کاڌو. منهنجي پاران چيائين، ” ها سائين، سچل جڏهن پرائميري ماستر هو، تڏهن بک مرندو هو ۽ هڪڙي ڏينهن بک ۾ پاهه ٿي خودڪشيءَجو ارادو ڪيو هئائين، چريو.“ ٻنهي ٿلهن ڪافور جي گُڏن وانگر ڪنڌڦيرايو. مون تان نظرون هٽائي آچر جي منهن تي کپائي ڇڏيائون.
آچر چيو، ” سچل جڏهن کان ماستري ڇڏي پڪوڙا وڪڻڻ شروع ڪيا آهن، تڏهن کان آسودو آهي. خودڪشيءَ جو خيال به دل مان ڪڍي ڇڏيو اٿائين.“
ٻنهي ٿلهن جون اکيون عقاب جي اکين وانگر گول ٿي ويون. هنن تڏهن به نه ڳالهايو. آچر جي حالت مون جهڙي ٿي ويئي. هن چيو، ” سائين، مان ني ،راحت سينيما وٽ ڳنڍيريون وڪڻندو آهيان.“
” خاموش،“ ٻنهي ٿلهن اوچتو رڙ ڪئي. رڙ بيحد خوفناڪ هئي، ايتري قدر جو قلندر لعل شهباز جي چوهي کان به ڇرڪ نڪري ويو. آچر ڊپ وچان سوال جي نشاني ٿي ويو. جنهن ٿلهي جو نڪ ڦٿل هو، سو ڏسڻ ۾ هوبهو مانگر مڇ جهڙو پئي آيو. هن آچر کي ڇڙٻ ڏيندي چيو، ” get out“.
آچر انگريزي ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ ۾ سنڌ جي نمائندن جهڙو آڙي ڪاپ آهي. هن جملو الائي سمجهيو هو يا نه، پر جملي جو لهجو هڪدم سمجهي ويو ۽ بنا دير جي ٻاڪڙي مان کسڪي ويو.
ٻيا گراهڪ به ٻاڪڙي جي هنگامي حالت ڏسي کسڪڻ لڳا.
ٻنهي ٿلهن ٻيهر پنهنجون نظرون مونتي کُپائي ڇڏيون.
مون جست جي چٻي ٽنڊي جڳ مان جست جي چٻي ٽنڊي گلاس ۾ پاڻي پيٽيو ۽ يڪ ساهي پي ويس، پاڻي پي، ٿڏو ساهه کڻي ٻنهي ڏانهن ڏٺو. کين ڏسي نظرون جهڪائي ڇڏيم ۽ آڱر سان ميز جي مر لاهڻ لڳس.
کنگهڪار جو آواز ٻڌي منهن مٿي ڪيم. صفاچٽ پڇيو، تون ڪڏهن کان شاعري ڪري رهيو آهين؟“
”شاعري.“ مونکان ڇرڪ نڪري ويو. ڄڻ پٿر هڻي ڪڍيائون.
” ها شاعري.“
وراڻيم، ” مان ۽ منهنجي گهر جا ڀاتي جڏهن بک مرندا هئا ۽ دوا بنا درد ۾ ڦتڪندا هئا، تڏهن به مونکي مرڻ جو خيال آيو هو، پر شاعري ءَ جو خيال نه آيو هو.“
صفاچٽ پنهنجي مانگر مڇ جهڙي ساٿيءَ کي انگريزيءَ ۾ چيو ”ڏاڍو چالاڪ آهي.“ مانگر مڇ جو ڦٿل نڪ پڪوڙي جهڙو ٿي ويو. هن پڇيو، ” تون انڪار ٿو ڪرين، ته تون شاعر ناهين.“
” مان بلڪل سالم دماغ جو انسان آهيان،“ وراڻيم، ” شاعرن ۽ افسانه نگارن کي کوپريءَ ۾ خلل هوندو آهي. مان چاڪ چڱو ڀلو آهيان، ۽ پڪوڙا وڪڻندو آهيان.“
” ياد رک.“ صفا چٽ چيو، ” اسان تنهنجو هڪ هڪ جواب نوٽ ڪري رهيا آهي. ڇاتون شاعر ناهين؟“
” نه منهنجو پيءُ شاعر هو ۽ نه مان شاعر آهيان ۽ نه ئي منهنجي اولاد مان ڪو شاعر ٿيندو.“
” ڇا تنهنجا شعر رسالن ۾ نه ڇپيا آهن؟“
وراڻيم. ” مونکي فقط هڪ رسالي جي خبر آهي، جيڪو ڪاغذ جو نه پر ڏامر جو ٺهيل آهي ۽ جتي شعر نه پر ڪتا نظر ايندا آهن. اُهو آهي حيدرآباد جو رسالا روڊ.“
مانگر مڇ چيو، ” اسان کي کلڻ جي عادت ڪونهي، تنهنڪري اسان کي اجايو کلائڻ جي ڪوشش نه ڪر.“
وراڻيم. ” مان گذريل هڪ ڪروڙ سالن کان کلي نه سگهيو آهيان، ٻين کي ڪيئن کلائي سگهندس.“
صفاچٽ چيو، ” تو شايد اسان کي سڃاتو ناهي.“ ” نه،“ وراڻيم، ” پر ايترو سو سمجهي سگهان ٿو ته توهان ٻئي منهنجي ڪهاڻي ختم ڪرڻ آيا آهيو.“
صفا چٽ ۽ پنهنجي ساٿي ءَ جي واقفيت ڪرائي. مان سندن نالا ۽ عهدا ٻڌي ڏاڍو متاثر ٿيس. ٻئي عالمي جاسوس هئا. کين پڪ ڏيارڻ خاطر چيم، “ توهان ناميارا ڊٽيڪٽو پنهنجو قيمتي وقت وڃائي رهيا آهيو. مان اقرار ٿو ڪريان ته مون خودڪشيءَ جو ارادو ڪيو هو، پر مان شاعر نه آهيان ۽ ايندڙ ست هزار سالن تائين شاعر ٿي نه سگهندس.“
مانگر مڇ چيو، ” اسان ٻئي خلائي ستاري جا مشهور ۽ بي مثال عالمي جاموس 008 ۽ 009 آهيون. اسان جي اک ڪيميرا آهي.“
وراڻيم، ” سائين، منهنجي فوٽي جو نيگيٽو پازيٽو هوندو آهي، ۽ پازيٽو هميشه نيگيٽو لڳندو آهي.“
” تنهنجيون ڳالهيون بلڪل جپاني شاعرن جهڙيون آهن.“ صفاچٽ چيو.
” اسان کي معمولي ماڻهو نه سمجهه،“ مانگر مڇ چيو، ” اسان اُن خلائي ستاري جا باشندا آهيون، جيڪو زمين تي امن امان برقرار رکڻ لاءِ صدين کان گردش ۾ آهي. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ به اسان هتي اچي چڪا آهيون. جيڪي به انقلابي هندو ۽ مسلمان شاعر زهريلي شاعري ڪنداهئا، تن جا پول پڌرا ڪندا هئاسين ۽ کين ٽيپ کارائيندا هئاسين. 1857وارو بلوو اسان جي غير موجود گيءَ ۾ ٿيو هو. اُنهن ڏينهن ۾ اسان آفريڪي حبشين خلاف مهم سر ڪرڻ ويا هئاسين.“
هنن هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو ۽ پنهنجو سونهري ماضي ياد ڪري گُد گُد ٿيا. مان حيرت مان سندن حيرت انگيز ڪارناما ٻڌندو رهيس. صفا چٽ چيو، ”جيڪي به باغي شاعر علامتي يعني Symbolic شاعري ڪندا هئا ۽ عوام کي سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اسان تن جا ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندا هئاسين.“
مانگر مڇ چيو، ” جتي انگريز ڊٽيڪٽو ناڪام رهندا هئا، اُتي اسان اهڙا ته ڪارناما ڪري ڏيکاريندا هئاسين، جو انگريز عملدارن کي ڏندين آڱريون پئجي وينديون هيون.“
وراڻيم، ”سائين، ڏندين آڱريون اسان ديسي ماڻهو ڏيندا آهيون. انگريز ڏندين بُرش ڏيندا آهن.“
”زبان سنڀالي ڳالهاءِ سچل،“ ڦٿل نڪ واري چيو، ” تنهنجو رويو جپان جون حدون ٽپي چين ۾ داخل ٿي رهيو آهي.“
صفا چٽ چيو، ” تو عالمي امن خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اڄ ڪلهه تون سخت اعتراض جو ڳي ۽ انقلابي شاعري ڪري رهيو آهين.“
” انقلابي شاعري!“ حيرت مان پڇيم.
” ها، تون سو في صدي خالص ملحدانه ۽ انقلابي شاعري ڪري رهيوآهين.“ عالمي جاسوسن 008 ۽ 009 ڪورس ۾ چيو. انقلاب ۽ شاعريءَ جون ڳالهيون ٻڌي، رهيا کهيا گراهڪ به ڊپ وچان ٻاڪڙو ڇڏي ڀڄي ويا. هوٽل ۾ ٻن ٿُلهن ۽ مون کان سواءِ عاشق آزاد،ڌڻي بخش عرف ڌنو ۽ قلندر لعل شهباز جو چوهو وڃي بچيا. شاعري، فساد ۽ افقلاب جي بحث جو قلندر لعل شهباز جي چوهي تي زبردست اثر ٿيو. هو هڪ بينچ تي ليٽي پيو ۽ کينوڙي جيتري مٿي هيٺان ٻانهون ڏيئي ٿُلهن جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳو.
مانگر مڇ چيو، ” تو جهڙا انقلابي شاعر سماج دشمن آهن.“ چيم، ”جيڪا شيءَ وجود ۾ ئي ڪونهي تنهن جو مان دشمن ڪيئن ٿيندس.“
” تون سماج جي وجود کان انڪار ٿو ڪرين؟“
وراڻيم، ” گهاڻي جو ٻيو نالو جيڪڏهن سماج آهي. ته پوءِ مان سماج جي وجود کان انڪار نٿو ڪريان.“
ٻنهي ٿلهن پاڻ ۾ سرگوشي ڪئي. پوءِ صفا چٽ چيو، ” اسان تو کي گرفتار ڪنداسين.“
” ڇو؟“
” ڇو جو تون سچل آهين.“
” مان سچل آهيان، اُن ۾ منهنجو ڏوهه ڪونهي . ڏوهه منهنجي پيءُ جو آهي جنهن منهنجو نالو سچل رکيو آهي.“ جواب ڏنو، ” پر مان پنهنجي پٽ جو نالو ڪُوڙل رکندس. جهڙو ديس تهڙو ويس.“
” جيڪي ڪجهه تنهنجي باري م ٻڌو هئوسين، تون ان کان به سرس آهين.“ صفا چٽ ڪجهه دير کانپوءِ چيو.
”ڇا ٻڌو هيو؟“
” ته تون سڌو سنئون ڪارل مارڪس جي اثر هيٺ آهين.“ ” مان مئچ باڪس جي اثر هيٺ آهيٺان.“
” يعني، تنهنجي شاعري ۾ شعلا آهن. تنهنجي شاعري ساڙيندي آهي!“
ڌڻي بخش عرف ڌنو بحث ۾ ٽپي پيو، ” سائين هي ويچارو ڇا ڄاڻي شاعريءَ ٻاعري ءَ مان. هي ته مستانو آهي، مستانو.“
” ڇا چيئه، مستانو!“ صفا چٽ رڙڪري اُٿي بيٺو ۽ پوءِ ويهي رهيو. چيائين، ” مستانو، يعني مست، يعني سر مست، يعني هي سر مست آهي.“
مانگر مڇ چيو، ” ڪيئن ! ڦاسي پئين نه سچل سرمست.“
صفا چٽ چيو، ”اسان کان بچي وڃڻ سولو ڪونهي، مسٽر سچل سرمست.“
چيم، ” مان سچل سرمست ناهيان، سچل پڪوڙائي آهيان.
راحت سينيما جي ٻاهران پڪوڙا وڪڻندو آهيان.“
” تون نه فقط سچل پڪوڙائي آهين، پر سچل چرچائي به آهين.“
مانگر مڇ چيو، ” تون اصل ۾ سچل سرمست انقلابي شاعر آهين.“
صفا چٽ هڪدم پڇيو، ڀلا ٻڌاءِ مذهب جي باري ۾ تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟“
” مذهب!“ پڇيم. ” ڪهڙو مذهب؟ دنيا ۾ گهڻائي مذهب آهن، اسلام، عيسائي، ٻڌ ڌرم ۽ - “
” بس بس بس،“ صفا چٽ ذري گهٽ اُٿي بيٺو ۽ ويهي رهيو. سندس منهن مان فتح جو احساس ظاهر ٿيڻ لڳو. چيائين، ” تون سياڻي ڪانو وانگر ٻه ٽنگو ڦاسي رهيو آهين، سچل سرمست.“
مونکي توهانجي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي.“ ٻنهي ٽهڪ ڏنو ۽ مون تان ٺٺولي ڪندي چيائون، ” ڪهڙو مذهب!“
صفا چٽ چيو، ” تون ڄائي ڄم کان مذهب، مسجد، نمازن، پيرن ۽ بزرگن جي خلاف آهين، تون ڪميونسٽ آهين.“
مانگر مڇ هڪدم شعر پڙهيو،
” مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،
پيرن بزرگن پنڊتن بيحد ڀُلايا،
ڪي نمازون نو ڙي پڙهن، ڪن مندر وسايا،
اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.“
صفا چٽ پڇيو، ” ڇا اهو ملحدانه شعر تنهنجو ناهي؟“ وراڻيم ، ” تيل جي ڪڙائي ۽ پڪوڙن جي گاڏي کانسواءِ هن دنيا ۾ منهنجو ڪجهه به ڪونهي.“
ڪجهه دير تائين ٻئي ٿلها خاموش رهيا.
” مسٽر سچل سرمست،“ مانگر مڇ نيٺ ڳالهايو.
” سچل سرمست نه، مان سچل پڪوڙائي آهيان.“
”o.k،“ هن کلندي چيو، ” ڇا تون مسلمان آهين.“
” ها. پڪو.“
” توکي ڪنهن مسلمان ڪيو آهي؟“
” هان!“
” توکي ڪنهن مسلمان ڪيو هو؟“
” جي ! ڪنهن به نه.“
” ڪنهن به نه؟“
” منهنجو مطلب آهي،“ مان سندس آڏي پڇا آڏو هٻڪڻ لڳس،
” منهنجو مطلب آهي، مان ڄائي ڄم کان مسلمان آهيان.“
” ڦاٿين،“ مانگر مڇ ٽيبل تي مڪ وهائي ڪڍي. چيائين
” ٻيهر ڦاٿين، مسٽر سچل سرمست.“
صفا چٽ چيو، ” پنهنجو هڪ بيت ٻڌ-
ڪلمي مونکي ڪين ڪيو مُورئون مسلمان،
نڪو احمد موڪليو عرب کان ايمان،
سچو آهي سبحان، ماڻهن ليکي آدمي.“
مانگر مڇ چيو، ” جنهن ڳالهه جو اظهار هينئر ڪيو اٿئي، تنهن جو اقرار پنهنجي هن شعر ۾ اڳ ئي ڪري چڪو آهين.“
” ڇا تون اڃان به انڪار ٿو ڪرين ته تون باغي شاعر سچل سرمست ناهين؟“ صفا چٽ پچيو.
” مان سچل سرمست ناهيان.“ مون احتجاج ڪيو.
” اسان تون کي ٻيهر Catch ڪنداسين.“مانگر مڇ ڇيو،
” خبردار ٿيءُ“ ۽ هن ٻنهي هٿن جون ڀيڪوڙيل مُڪون ٽيبل تي هڻي ڪڍيون.
قلندر لعل شهباز جو چُو هو ڇرڪ ڀري اُٿي ويهي رهيو. صفاچٽ پڇيو، ” اُردو ڄاڻين.“
” واهه،“ وراڻيم، ” هزارين اڙدو فلمون ڏٺيون اٿم، اڃان به اڙدو نه ايندي ته قيامت ڏينهن ايندي.“
” Good،“ هن پڇيو، ” پنجابي ڄاڻين؟“
” ها،“ وراڻيم، ” فردوس منهنجي پسنديده اداڪاره آهي. هوءَ پنجابڻ آهي. سندس پنجابي فلمون ڏسي ڏسي پنجابي سکي ويو آهيان.“
” يعني تون پنجابي به ڄاڻين.“
” ها.“
” سرائڪي ڄاڻين؟“ صفا چٽ پڇيو.
” ثريا ملتانيڪر جون سرائڪي ڪافيون سمجهي ويندو آهيان.“
” يعني ته سرائڪي به ڄاڻين.“
” ها،“
” فارسي به ايندي اٿئي؟“ پڇيائون .
”ها، پاڪستان جو قومي ترانو سمجهي ويندو آهيان،“
وراڻيم، ” ۽ مون کي اها به خبر آهي ته ڀوريءَ کي پارسيءَ ۾ عندليب چئبوآهي.“
” واهه واهه،“ مانگر مڇ خوش ٿيندي چيو، ” ته تو کي فارسي به ايندي آهي.“
” ها. ڪجهه ڪجهه.“
” هندي، ڄاڻين؟“
” ها. لعل پشپ ۽ گني سامتاڻيءَ جا سنڌي افسانا سمجهي سگهندوآهيان.“
” ۽ عربي؟“
” ڪلمي جي معني تشريح سان ايندي اٿم.“
” ۽ سنڌي تنهنجي مادري ٻولي آهي؟“ صفاچٽ پڇيو.
” ها.“
” ڦاٿين. سچل سرمست ڦاٿين.“ مانگر مڇ ميز تي مڪون هڻندي چيو، “ تون هڪ ئي وقت اردو، پنجابي، سرائڪي فارسي، عربي، هندي ۽ سنڌي ڄاڻين ٿو. يعني تون ست ٻوليون ڄاڻين ٿو.“
صفا چٽ آڱر سان منهنجي منهن ۾ اشارو ڪندي چيو،
” تنهنجو ٻيو نالو شاعر هفت زبان به آهي. ڪيئن، سچل سرمست!“
مانگر مڇ اکيون ڦوٽاريندي پڇيو، ” ڇا ان کان وڌيڪ به تون ثبوت گهرين ٿو؟ تون سچل سرمست آهين. سو فيصدي، خالص ۽ نجو سچل سرمست آهين.“
مان منجهي پيس. ٻنهي ٿلهن جا ثبوت ٻڌي مونکي به ٿورو ٿورو شڪ ٿيڻ لڳو ته مان سچل پڪوڙائي نه، پر سچل سرمست هوس.
صفا چٽ چيو، ” تون سابق صوبه سنڌ* ڪفر، الحاد ۽ ڪميونزم جو پرچار ڪري رهيو آهين.“
”ڪميونزم جو پرچار!“ چيم، ”سائين، مان انبن جو اچار وجهي رهيو آهيان. توهان کي ڪنهن غلط خبر ڏني آهي.“
” اسان کان ڪوبه جديد شاعر بچي نه سگهندو،“ مانگر مڇ چيو.صفا چٽ چيو، ” اڄ تون گرفتار ٿيو آهين. سڀاڻي کان هڪ ٻئي انقلابي شاعر جي ڳولا شروع ڪنداسين.“
پڇيم، ” اهو ڪير خوشنصيب آهي جيڪو توهان کان بچي ويو آهي؟“
” اوهه! ته تون پنهنجي ساٿي انقلابي شاعر کي سڃاڻڻ کان به انڪار ٿو ڪرين!“
” ساٿي! منهنجو ساٿي؟“
” ها، تنهنجو ساٿي، “ مانگر مڇ چيو، ” ڇا تون شاهه عبداللطيف ڀٽائي ءَ کي سڃاڻڻ کان به انڪار ٿو ڪرين.“
قلندر لعل شهباز جو چوهو اُٿي بيٺو ۽ حيرت مان ٿلهن جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳو.
” ڪيئن! پنهنجي ساٿيءَ جو نالو ٻڌي ڇرڪ نڪري ويئه نه؟“
صفا چٽ چيو،” اسان کان ڪوبه بچي نه سگهندو.“
مانگر مڇ چيو، ” اڄ سچل سرمست تون گرفتارٿيو آهين“
سڀاڻي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو وارو آهي.“
اُن وقت قلندر لعل شهباز جو چوهو مٿو پٽيندو ڊوڙندو، ٻاڪڙا هوٽل مان ٻاهر نڪري ويو.

**
____________
* دخل اها شيءَ آهي، جتي ڏوڪڙن جي ڏي – وٺ ٿيندي آهي. وڏين هوٽلن ۾ دخل کي ڪائونٽر چئبو آهي. دخل تي دخل ڏيڻ ڏوهه آهي.
* ڪراچيءَ وارن جي محاوري ۾ رڪارڊ وڄائڻ کي رڪارڊنگ چئبو آهي.
* عاشق علي آزاد جو پيءُ معشوق علي شاعر هو ۽ پاڻ کي ”برباد“ سڏائيندو هو. برباد سندس تخلص هو.
* جيڪو ماڻهو گراهڪن لاءِ چانهه کڻي ايندو آهي، تنهن کي ٻاڪڙن ۾ ” ٽيبل وارو“ وڏين هوٽلن ۾ ” بيرو“ اڃان به وڏين هوٽلن ۽ هوائي سفر ۾ ” اسٽيورڊ“ چئبو آهي.
* عاشق آزاد جو نالو جڏهن به ڪنهن ريڊيو اسٽيشن جي فرمائشي پروگرام ۾ نشر ٿيندو آهي، تڏهن هو مٺائي ورهائيندو آهي.
* سرڪاري گماشتا ون يونٽ جي خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ جيئري جاڳندي سنڌ کي سابق صوبه سنڌ سڏيندا هئا.

خوني رات

هڪ خاموش ۽ اونداهي رات ۾، جڏهن سنڌ تي اوڀر کان ڪارا ڪڪر ڪاهي آيا هئا، ٻه نوجوان هڪ ٻئي کي قتل ڪرڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي ڳوٺ کان روانا ٿيا. نه اڳ پاڻ ۾ مليا هئا۽ نه ئي هڪ ٻئي کي ڏٺو هئائون. ٻنهي فقط هڪ ٻئي جو نالو ٻڌو هو ۽ سرڪشيءَ جا ڪارناما ٻڌا هئا.
هڪ ٻئي کي خون ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري، هو ٻئي رات جي تاريڪيءَ ۾ پنهنجي پنهنجي دشمن جي ڳولا۾ نڪري پيا. ٻنهي کي سنڌوءَ جي ڪپ تي، ستين جي آستان ڀرسان، سڪي ساڌ ٻيلي وٽ مقابلو ڪرڻو هو.
جمال رائيفل ڪلهي سان لٽڪائي، چلڪندڙ خنجر چيلهه سان ٻڌي، ڪاري گهوڙي تي چڙهي ٺيڙهيءَ کان روانو ٿيو. جمال جي رواني ٿيڻ جي خبر سڄي ڳوٺ ۾ پکڙجي وئي هئي. جيتوڻيڪ رات جو پهريون پهر وهامي ويو هو، پر تڏهن به ڳوٺ جا مرد ۽ عورتون، ٻار ٻڍا کيس الوداع ڪرڻ لاءِ ٺيڙهيءَ ٻاهران، ڏامر جي سخت رستي تي اچي گڏ ٿيا هئا. جمال جڏهن ڳوٺ ٻاهران کوهه وٽ پهتو ته هڪ ضعيف عورت سندس گهوڙي جي واڳ ۾ هٿ وڌو. گهوڙو هڻڪيو. ٽهيو. نراکنيائين ته جمال فولادي ٻانهن سان رينن کي سٽ ڏيئي گهوڙي جي هستي مستي مات ڪري ڇڏي. ضعيف عورت ڪنبندڙ آواز چيو، ”خالقوءَ جي پيءُ منهنجا ٽي جوان پٽ ماريا هئا. تون مئي خالقوءَ جا ڳترا ڳترا ڪري ڇڏجانءِ.“
جمال جواب نه ڏنس. خاموش رهيو. اکين ۾ خالقوءَ لاءِ نفرت ۽ حقارت تري آيس. هن گهوڙي کي اڙي هنئين ۽ اڳتي وڌي ويو. ماڻهو اونده ۾ سندس مُنهن تي نفرت جا آثار ڳولي رهيا هئا.
پرڀرو هڪ اڌڙ عمر جي شخص گهوڙي سان وک کڻندي چيو، ”خالقوءَ جو پيءُ ڀريل ڄڃ مان منهنجي ڪنوار کڻي ويو هو.“
جمال پنهنجو هٿ اُن شخص جي ڪلهي تي رکي هلڪو زور ڏنو. ٻنهي هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو. اونده ۾ هڪ ٻئي جي منهن تي پيدا ٿيل تاثر ڏسڻ جي ڪوشش ڪيائون.
ان شخص چيو، ”منهنجي سيني تي ڏنڀ آهن، جمال.“ جمال کي ڪاري ململ جي ٻٽ ٻڌل هئي. اونده ۾ سندس اکيون ڪيهر جي اکين جيان چمڪي رهيون هيون. هن ٻٽ کوليندي وراڻيو، ” جيڪڏهن جيئري هوندي، ته مان تنهنجي ڪنوار موٽائيندس.“ ان شخص چيو، ” خالقوءَ جي پيءُ جي کاريل رن کي مان کوهه ۾ اڇليندس.“
جمال وراڻيو، ” ان ۾ اُن بدنصيب عورت جو ڪهڙو ڏوهه!“
” اسين سنڌي آهيون، جمال“ اُن شخص ڳوري آواز ۾ چيو ”اسان پَلوءُ ڪندا آهيون. منهنجي زال ڪاري ٿي چڪي. مون کي خالقوءَ جو لاش گهرجي يا خالقوءَ جي ڀيڻ.“
جمال کيس جواب نه ڏنو. رين ڍري ڪيائين . گهوڙي ٻه چار وکون مس کنيون جو هڪ قداور شخص پيهه مان نڪري جمال جي سامهون اچي بيٺو.
قداور شخص اڳتي وڌندي چيو، ” مونکي سڃاڻين ٿو جمال؟“
” هائو.“
” خالقوءَ جا ماڻهو منهنجو فصل ساڙي، مال ڪاهي هليا ويا آهن.“
” مون کي خبر آهي،“ جمال وراڻيو، ” مان خالقوءَ جو لاش گهوڙي جي پڇ سان گيلهيندو ايندس.“
جمال گهوڙي کي اڙي هڻي ڇوٽ ڇڏي ڏنو. گهوڙوسنبن سان مٽي اڏائيندو ٺيڙهي جي پيچرن کان پري نڪري ويو.
هجوم مان مختلف آواز اُڀريا، ” خالقوءَ جو لاش.“
” خالقوءَ جو سر لاهي کڻي اچجانءِ جمال.“
” شل جواني ماڻين جمال، خالقوءَ کي گهوڙي جي سنبن ۾ چچري ڇڏجانءِ.“
جمال هڪ هٿ سان ٻُٽِ ٻڌي گهوڙي جي واڳ روهڙيءَ ڏانهن ڪري ڇڏي. گهوڙو رات جي خاموشيءَ جو جگر ڏاريندو، اوندهه جو سمنڊ جهاڳيندو، اڳتي ڌوڪيندو ويو.
رات جي ساڳي پهر، خالقوءَ بندوق هني سان لٽڪائي ۽ لانگ ورائي پنهنجي اڇي، کير جهڙي گهوڙي تي چڙهي ويٺو. رڪاب ۾ پير پختو ڪري، سٿر تي هٿ ڦيرائي روالور جي چڀندڙ نالي پاسيري ڪري ڇڏيائين. مٿو اُگهاڙو هوس. ڪلهن تي اجرڪ ويڙهي، گهوڙي کي اڙي هينائين. گهوڙي جي ڪنڌ جون مشڪون سيٽجي ويون. هڻڪيو. اڳيان سڀ مٿي ڪري گول دائري ۾ چڪري هڻي، اک ڇنڀ ۾ سانگين جي جهڳين ۽ ڪچن گهرن کي پوئتي ڇڏي ڳوٺ کان ٻاهر نڪري ويو.
خالقوءَ پنهنجين طاقتور ٻانهن سان لغام کي سٽ ڏيئي گهوڙي کي بيهاري ڇڏيو.
ڳوٺ ٻاهران مٽيءَ جي دڙن تي ڳوٺاڻا سندس انتظار ڪري رهيا هئا. کين اوندهه ۾ خالقوءَ جوا ڇو گهوڙو تاريڪيءَ ۾ ترندو نظر آيو. راڪاس جهڙي خالقوءَ گهوڙي کي مٽيءَ جي دڙن وٽ آڻي بيهاريو.
گهڙي کن ماڻهن پاڻ ۾ سر گوشي ڪئي ۽ خاموش ٿي ويا. سندن اکين ڇنڀڻ ڇڏي ڏنو وقت جي ڪنڌ ۾ ڄڻ زنجير پئجي ويو، ۽ وقت حالتن آڏو ڪنڌ نوائي بيهي رهيو. سڀني جون نگاهون خالقوءَ تي کپيل هيون.
هجوم مان هڪ عورت ماڻهن کي ڌڪيندي، پاسي ڪندي خالقوءَ جي سامهون اچي بيٺي. خالقوءَ ڏانهنس نهاريو. هو اونده ۾ چهرو ڏسي نه سگهيو. عورت چيو، ” ٽيون ورهيه جمال جي پيءُ منهنجو گهر وارو ماريو هو.“
عورت جو آواز ڀرجي آيو. لفظ نڙيءَ ۾ وچڙي پيس. خالقوءَ ٻانهن سڌي ڪري عورت جي مٿي تي هٿ رکيو. هڪ سڏڪو عورت جي ساهه سان وچڙندو هليو ويو.عورت سڏڪن ۾ چيو، ” اسان جي شاديءَ کي هفتو کن مس ٿيو هو.“
” جمال جو پيءُ جيئرو هجي ها ته مان جيڪر سندس لاش جا ڳترا ڳترا ڪري ڇڏيان ها، ڀيڻ.“ خالقوءَ جي آواز ۾ بيپناهه نفرت هئي ۽ هو ساڳئي لهجي ۾ چوندو رهيو. ” مان جمال جي لاش جون ٻوٽيون سانگي ڳوٺ جي ڪتن کي کارائيندس. اسان اهڙو پلئه ڪندا آهيون.“
عورت منهن رئي ۾ لڪائي هڪ طرف هلي ويئي. خالقو چپ ڀڪوڙي اڳتي هليو ويو. هڪ ننڍڙي دڙي وٽان لنگهندي، ڪنهن شخص پنهنجو هٿ خالقوءَ جي گهوڙي جي واڳ ۾ وڌو گهوڙو ڇر ڪيو. نرا کڻڻ تي هو جو خالقوءَ ٻچڪار ڏيئي ماٺو ڪيس. هڪ ڪراڙو مرد دڙي تان لهي آيو.
ڪراڙي کان اکر نٿي اُڪليو ڪجهه دير خاموش بيهڻ کان پوءِ هن خالقوءَ جي ڪلهي ۾ هٿ وجهي کيس ڇڪي هيٺ ڪيو.ڄڻ ته ڪجهه رازدريءَ ۾ چوڻ ٿي چاهيائينس. خالقوءَ پنهنجو منهن ڪراڙي جي منهن ڀرسان ڪري ڇڏيو. نيٺ ڪراڙي ڪنبندڙ آواز ۾ ڳالهايو، ”مان بيشرم آهيان جو اڃان به پيو تڳان.“
خالقوءَ جي لونءَ لونءَ ڪانڊار جي وئي. چيائين، ”تو به ته پنهنجي ڌيءُ جو خون ڪري ڇڏيو.“
”هوءَ ڪاري هئي خالقو“ پوڙهي کيس رهڙيندي چيو، ”منهنجن پوڙهن هٿن مونسان دغاڪئي، نه ته جمال کي به ٿڏي تي ماري وجهان ها.“
خالقو ڪلهو ڇڏائي سنئون ٿي ويٺو. ڪراڙي چيس، ” مون کي جمال جو لاش آڻي ڏي، خالقو.“
خالقو کيس جواب نه ڏنو. سندس ڪلهي تي همدرديءَ وچان هٿ رکي، اڳتي وڌي ويو.
پوئين دڙي وٽ ڳوٺ جي مرشد سائين خالقوءَ کي ترسايو. چيائينس،
” اڙي اهو جمال مون سيد مان به نه مڙيو. منهنجو سمورو فصل ساڙائي ڇڏيائين.“
” دل نه لاهه سائين،“ خالقوءَ کيس دلداري ڏيندي چيو، ” جيستائين هن ڳوٺ جو ٻچو ٻچو جيئرو آهي، تنهنجي جهولي خالي نه ٿيندي.“
” مون کي دولت نه، جمال جو لاش گهرجي.“
” فڪر نه ڪر سائين.“ خالقوءَ وراڻيو، . مان جمال جو لاش آڻي تنهنجن قدمن ۾ اُڇليندس.“
مرشد گد گد ٿيو، چيائين ” ڀلي مون کان تعويذ تڙ به وٺي وڃ، فتح پائيندين.“
خالقوءَ وارڻيو، ” اڃان منهنجن ٻانهن ۾ جمال کي ڇلڻ جي طاقت آهي.“
خالقوءَ جو جواب ٻڌي ڳوٺاڻن جي پيرن هيٺان ڌرتي نڪري ويئي. ڪنهن صلاح ڏس، ” ڪفر ٿو بڪين خالقو تعويذ وٺي وڃ.“ ۽ جڏهن خالقو تير وانگر پيهه وٽان لنگهي ويو، تڏهن سندس ڪن تي ڪنهن عورت جو آواز پيو، ” بدزبان خالقو تعويذ وٺي وڃ، نه ته تون نه موٽندين.“
خالقوءَ پنهنجي گهوڙي جورخ روهڙيءَ ڏانهن ڪري ڇڏيو. ڪائنات جي اونده کان وڌيڪ ٻنهي جوانن جي دل ۾ نفرت ۽ حقارت جي اونده هئي. چپ ڏندن ۾ ڀڪوڙيل ۽ سڄي بدن جون مشڪون وٽجي سٽجي لوهه ٿي ويون هئن. اکيون دشمن جي وجهه ۾ کتل هئن. رفتار قائم رکڻ لاءِ گهوڙن کي اڙيون هڻي رهيا هئا. گهوڙن جون ناسون ڦونڊار جي ويون هيون . پنهنجي پويان سنبن سان مٽيءَ جا ڪڪر اُڏائيندا، سرڙاٽ ڪندا، منزلون ماريندا ويا. گهوڙا ائين ٿي آيا ڀانءِ وڄ جو چمڪاٽ هئا. ڄڻ ته انساني نفرت حيواني رڳن۾ به شامل ٿي رهي هئي.
جمال پنهنجي گهوڙي کي ٻٻرلوءِ وٽ ساهي پٽائي. گهوڙي سان گڏ پاڻ به سهڪي رهيو هو. پاڻ مسجد جي مٽ مان ٽين جو دٻو ڀري يڪ ساهي پي ويو. قميص جي ٻانهه سان وات اُگهي، شهپرن تي هٿ ڦيري گهوڙي کي ڪنڌ تي ٿڦڪي ڏنائين. سندس هٿ گهوڙي جي ڪنڌ مان ٽمندڙ پگهر ۾ آلو ٿي ويو. گهوڙو هڻڪيو. اونده ۾ منهن ورائي مالڪ کي ڳولڻ لڳو. جمال گهوڙي کي واڳ کان ورتو ۽ ڪسيءَ تي آڻي بيهاريائينس. گهوڙي پنهنجو وات ناسن سميت ڪسيءَ جي پاڻي ۾ وجهي ڇڏيو.
جمال ڪلهي تان رائيفل لاهي هٿ ۾ جهلي. آرس موڙي بدن جو ٿڪ ڀڳائين. رائيفل تي هٿ جي گرفت مضبوط ڪري ٻي هٿ جون آڱريون رائيفل جي ناليءَ تي ڦيرائڻ لڳو. هزارين خيال کن ۾ آيا ۽ سندس ذهن کي باهه ڏيندا هليا ويا. خالقوءَ کي گولين سان ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏڻ جو جذبو ٻين جذبن تي حاوي پئجي ويس. سندس آڱريون رائيفل جي ٽرگر تي رڪ وانگر ڄمي ويون، خالقوءَ جي تصوير تصور ۾ ظاهر ٿي بيٺس. سندس نگاهون تصور جي دائرن کي چنبڙي پيون. تڏهن اوچتو، جمال رائيفل جو رخ آسمان ڏانهن ڪيو ۽ پهرين آڱر کٻ کاڌل ٽرگر تي کپائي ڇڏيائين. سندس ڏوري جون مشڪون ٿڙڪڻ لڳيون، هڪ گولي زوڪاٽ ڪندي رائيفل جي ناليءَ مان نڪتي ۽ ڪڪرن جي ڪارن تهن مان پارهلي وئي. اونداهن وڻن تي ويٺل پکين ۾ ٽاڪوڙ پئجي ويو ۽ ڳوٺ جا ڪتا ڀونڪڻ لڳا. جمال ڇرڪيل گهوڙي تي لانگ وارئي ويٺو ۽ هوا وانگر ٻٻرلو کان ٻاهر هليو ويو. پٺيان، اونده ۾ ڪيتري دير تائين پکي وڻن جي ٽارين سان وچڙندا رهيا ۽ پرڙا ڦڙڪائيندا رهيا.
جمال اونده جا پاٽ ڦاڙيندو اڳتي ڌوڪيندو ويو. ڪروڌ ۾ سندس ڏند جڪڙجندا ويا. جيل جي ڀت وٽان ڦيرو کاڌائين ته سکر بيراج جي بتين جي روشني اکين ۾ اچي لڳس. گهوڙو ٿورو ڇرڪيو. ٽهيو. ڪچو ڇڏي پڪي سڙڪ تي چڙهي آيو. سنبن جي آواز تي ٻهراڙيءَ جاڪتا ڀونڪڻ لڳا.جيل جي در تي کونگهرا هڻندڙ سپاهي خبردار ٿي بيٺو. جمال لغام کي سٽ ڏيئي گهوڙي کي ڪچي ۾ لاهي ڇڏيو. بيراج جون بتيون کيس ويجهو پونديون پي ويون . بيراج ۽ روهڙي کان ايندڙ بند جي وچ ۾ هڪ سپاهي ڪرسيءَ جي ٽيڪ سان مٿو ٽيڪي ننڊ ۾ الوٽ پيو هو رائيفل سندس پاسي ۾ ڏامر جي رستي تي پئي هئي. بئراج روڊ وٽ ڪچو ختم ٿي ويو. جمال گهوڙي جي رفتارڍري ڪري ڇڏي ۽ روشنيءَ کان بچندو ، پاڇن ۾ لڪندو بئراج ڏانهن وڌڻ لڳو.
سنڌو درياهه بيراج جي درن سان لڙ ڪري رهيو هو. بيراج جي پهرين وراڪي وٽ جمال اوچتو ئي اوچتو گهوڙي کي اڙي وهائي ۽ تير وانگر سپاهيءَ وٽان لنگهي ويو. سپاهي ڇرڪ ڀري اٿي بيٺو جيستائين اکيون مهٽي رائيفل ۾ هٿ وڌائين، تيستائين جمال نارا ڪينال ٽپي بڙن جي گگهه اونده ۾ گم ٿي ويو.
سنڌوءَ جي پرئينءَ ڀر جيتوڻيڪ سکر جي بندر جون بتيون ٽمڪي رهيون هيون، روهڙيءَ جي رستي تي هيبتاڪ اونده هئي. ٻٻرلوءِ کان نڪرندي به جمال آسمان تي ڪارا ڪڪر ڏٺا هئا، پر اونده ايڏي نه هئي جوهٿ هٿ کي نه ڏسي سگهي. پر نم، بڙن ۽ پپرن جي گهاٽن وڻن هيٺان لنگهندي کيس سچ پچ اونده ۾ پنهنجو هٿ به ڏسڻ ۾ نه آيو سندس ساڄي هٿ تي قاضين ۽ قريشين جا باغ هئا جن ۾ بيٺل کجيون چٽڪٻرن ڪڪرن جي پس منظر ۾ راڪاسن وانگر واءُ ۾ ڄڻ وار کولي لڏي رهيون هيون. ڪنهن ڪنهن وقت رکي رکي ڪو ٽانڊاڻو ٽمڪيو ٿي ۽ وري ٻاٽ اونده ٽانڊاڻي جي جوت ڳڙڪائي پي ڇڏي.
جمال پنهنجي گهوڙي جي رفتار ڍري ڪري ڇڏي ايڏي اونده ۾ کيس پنهنجو ساهه ٻوساٽجندو محسوس ٿيو. هن پٺيءَ جو ڪنڊو سنئون ڪري ٻه چار اونها ساهه کنيا ائين ڪرڻ سان کيس جڪڙيل سيني ۾ سڪون محسوس ٿيو. سندس ذهن مان انيڪ خيالن جو نه کٽندڙ سلسلو ڦٽي نڪتو. ڳوٺاڻن جا جملا سندس دماغ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڙاڏا ڪرڻ لڳا ۽ پوءِ کيس خالقوءَ جو خيال آيو. ڪيئن هوندو؟ سوچيائين. کن ۾ هڪ قوي هيڪل جوان سندس نگاهن ۾ تري آيو. جمال پنهنجي رائيفل ۾ هٿ وڌو . خالقو قداور آهي، سندس سينو ويڪرو آهي، هن ڀڻڪيو، مان هڪ گوليءَ سان سندس دل چٽي کيس اُڦٽ ماري سگهان ٿو! پر ڇو؟ هن پاڻ کان پڇيو. ٻئي لمجي پاڻ کي پاڻ جواب ڏنائين، اسان سنڌي آهيون، صدين جا پلوءَ ڪندا آهيون. خالقوءَ جي پيءُ جي ڪڌن ڪرتوتن جي سزا خالقوءَ کي ڀوڳڻي پوندي“ هن سوچيو. خيالن ۾ ڳالهايائين ۽ ڳالهائيندو رهيو.
جڏهن وڻن جي اوٽ کان لينڊس ڊائون پل جون بتيون ظاهر ٿيون، تڏهن جمال پنهنجو رات جهڙو ڪارو گهوڙو هڪ وڏي بڙ جي اوٽ ۾ بيهارويو. سامهون. کانئس سڏ پنڌ تي سڪو ساڌ ٻيلو هو. جمال ڪجهه دير تائين ساهه روڪي سڪي ساڌ ٻيلي جي ڊٺل ڪوٺين ڏانهن چتائي ڏسندو رهيو. گگهه اونده ۾ کيس ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو. ڪجهه دير دم پچائي هو خالقوءَ جي سڏ جو انتظار ڪندو رهيو. سندس ڪن ڪنهن آواز لاءِ واجهائڻ لڳا. تڏهن اوچتو اونده ۾ ڪجهه سڪل پن کڙڪيا ۽ ڀري پيا.
جمال هڪدم پنهنجو هٿ رائيفل ۾ وجهندي چيو، ”خالقو مڙسن وانگر مقابلو ڪجانءِ.“
جواب جو انتظار ڪيائين. جواب نه مليس. سندس دل ۾ شڪ جا ڳيو. خالقوءَ کي هر هڪ وڻ جي اوٽ ۾ لڪل محسوس ڪيائين. سندس لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي. سڪل پنن جي ڀرڻ جو آواز ٻيهر سندس ڪن تي پيو. ڪنهن ڄڻ سنڀالي وک کنئي هئي. ” متان ڀاڙي ٿيو آهين، خالقو.“ هن رڙ ڪري چيو. کيس جواب نه مليو. سندس شڪ پختو ٿي ويو. دوکي جي پڪ ٿي ويس. سمجهيائين ته سامهون اچي مڙسن وانگر مقابلو ڪرڻ بدارن خالقو لڪي ڇپي مٿس وار ڪندو. بچاءَ لاءِ سامهون ويڪرو ٿڙ هوس، پر سندس پٺ خالي هئي. هر لمحي پٺيءَ ۾ خنجر لڳڻ جو احساس ويس ٿي وڌندو.
تڏهن، هن ساڌ ٻيلي جي ڊٺل ڪوٺين ۾ لڪي ويهڻ جو فيصلو ڪيو. گهوڙي جو منهن ساڌ ٻيلي ڏانهن ڪري، پير رڪيب ۾ پختا ڪري هن، چپن ۾ ڪجهه چيو ۽ پوءِ گهوڙي کي کپائي اڙي هنيائين. گهوڙي جا چارئي سنڀ ڌرتيءَ تان کڄي ويا. اک ڇنڀ ۾ گهوڙو سُڪي ساڌ ٻيلي جي ٻاهرين ڀت وٽ وڃي پهتو. ان کان اڳ جو جمال گهوڙي جي رفتار گهٽ ڪري، گهوڙي جون اڳيون ٽنگون ڪنهن شي سان وچڙيون. گهوڙي ٿاٻو کاڌو. جمال جا ٻئي پير رڪيب مان نڪري ويا. اڇل کائي ڀت جي ڀرسان وڃي ڪريو. ٻي لمحي گهوڙي ڪنڌ تي قلابازي کائي، جمال جي ڀرسان اچي ڦهڪو ڪيو.
جمال جي هٿ مان رائيفل ڇڏائجي وئي، ڪرڻ ڪري هڏ گڏ ساڻو ٿي پيس. ڪجهه دير هو اونده ۾ تارا ڦاڙي حيرت ۽ ڪاوڙ مان خالقوءَ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، پر کيس ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو. تڏهن، هن ٻئي ٺونٺيون ڌرتي ءَ تي رکي پاڻ کي مٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اوچتو هڪ وزني پير بوٽ سميت سندس سيني تي لڳو ۽ هو موٽي وڃي ڌرتيءَ سان لڳو. سور پچائي. هٿ وڌائي چيلهه سان ٻڌل خنجر ڪڍڻ چاهيائين. ان کان اڳ جو سندس هٿ خنجر تائين پهچي، کيس مغز تي بندوق جو ڪنداڪ لڳو ۽ سندس ٻئي ٻانهون تڪليف جي احساس ۾ مٽيءَ ۾ ڄمي ويون. هڪ سٽ سان سندس چيلهه مان خنجر نڪري ويو.
”مونسان ويسا گهاتي ڪئي اٿئي خالقو،“ جمال خارن مان چيو. جواب ۾ ڪنداڪ وات تي لڳس۽ سندس وات مان رت ريلا ڪري وهڻ لڳو.
مهارن ۽ چچريل چپن مان خون نڪرندو، واڇن وٽان وهندو، جمال جي ڪنڌ تي ڪرندو رهيو. سندس سڄو وات رت سان ڀرجي ويو. هن ڪنڌ ورائي رت جي گرڙي ڪئي.
قميص جي ٻانهن سان وات اُگهندي چيائين، ” مونکي سولائيءَ سان ماري نه سگهندين.“
کيس جواب نه مليو.
جمال پاسو ورائي مٽيءَ تي اونڌو ٿي سمهي پيو. ڪجهه دير ساهه پٽي، سموري طاقت ميڙي هٿ جي ترين تي پاڻ کي مٿي ڪيائين.
اوچتو زور سان کيس ڪک واري لت لڳي. هو درد ۾ ٻيڻو ٿي ويو. گوڏا وڃي ڇاتيءَ سان لڳس. اکين ۾ تر ورا نچڻ لڳس. ساهه سيني ۾ رهجي ويس. بدن ساڻو ٿيندو محسوس ڪيائين دماغ ڀنواٽيون کائڻ لڳس. ان عذاب ۾ فقط ايترو محسوس ڪيائين، ته سندس هٿ رسيءَ سان ڪشجي ويا ۽ کيس اُٿاري، هڪ ڪوٺيءَ جي در تائين آندو ويو. ڪوٺيءَ جي در جا طاق نڪتل هئا. در کي بند ڪرڻ لاءِ هڪ پراڻو صندل استعمال ڪيل هو. صندل کي سوري کيس ڪوٺيءَ ۾ اندرڌڪيو ويو.
در جي چانئٺ سان وچڙندو، هڪ انساني جسم تان ٿڙندو، جمال سڌو وڃي ڀت سان لڳو.
هڪ هلڪي دانهه اوندهه ۾ اُڀري ۽ خاموش ٿي وئي. ڀت کي ٽيڪ ڏيئي جمال ڪوٺيءَ جي ڇت ڏانهن ڏٺو. ڪوٺيءَ کي ڇت نه هئي. مٿان جبل جهڙا ڪارا ڪڪر آسمان کي چنبڙي پيا هئا. ڪڪرن تان نگاهون هٽائي. ڪوٺيءَ ۾ نهاريائين. اوندهه ۾ کيس ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو. تڏهن، اوچتو کيس ٻئي شخص جو خيال آيو جيڪو ڪوٺيءَ جي وچ ۾ فرش تي پيو هو ۽ جنهن سان وچڙندو پاڻ ڀت سان وڃي لڳو هو.
آهستي پڇيائين، ”ڪير آهين؟“
” تون ڪير آهين؟“ اجنبيءَ جواب بدران سوال ڪيو.
” مان واٽهڙو آهيان،“ جمال وراڻيو، ” ۽ تون؟“
” مان مسافر آهيان.“
ٻئي خاموش رهيا. ڪنهن به نه ڳالهايو. اوندهه ۾ جمال اُن شخص کي فرش تان اُٿندي محسوس ڪيو ۽ پوءِ اهو شخص ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو.
جمال جي رڳ رڳ ۾ خالقوءَ لاءِ نفرت ڊوڙي رهي هئي. حقارت جي شدت ڪري سندس لوندڙين مان پگهر وهي رهيو هو. سوچيائين، خالقوءَ کي وار جو وجهه نه ڏئي ها – اُتيئي وڻ جي اوٽ ۾ لڪل هجي ها. پر کيس اها خبر نه هئي ته معرڪي لاءِ مقابلو سڏائي خالقو اهڙي مڪار نموني کيس دو کو ڏيندو. هن پنهنجي ساءِ خيالن ۾ خالقوءَ جون ٻوٽيون چٻاڙڻ لاءِ ڏند ڪرٽيا.
” ۽ هو ڪير آهي؟“ اجنبيءَ جي آواز تي جمال جي سوچ ويچار جو سلسلو ٽٽي پيو.
” ڪير؟“
” جنهن اسان ٻنهي سان هيءَ جٺ ڪئي آهي.“
” الاءِ.“
”تون نٿو سڃاڻينس ڇا؟“
” نه.“ جمال وراڻيو، ” سڪي ساڌ ٻيلي وٽ ڌاڙا لڳندا رهندا آهن. هوندو ڪو ڌاڙيل.“
جمال آواز جي آڌار تي اجنبيءَ جي ڀر ۾ وڃي ويٺو. سندس هڏ هڏ سور ۾ چور هو. بدن مان ٽڙڪاٽ پي نڪتس. قميص جي ٻانهه سان چپن مان ٽمندڙ رت اُگهي ڇڏيائين. ويٺي ويٺي، پنهنجا زخم وساري، کيس اجنبيءَ تي رحم آيو. وڙهن شينهن لتاڙجن ٻوڙا – ويچارو مفت ۾ مارجي ويو! خالقوءَ جي ذلالت کي بيگناهه اجنبيءَ جي موجود گيءَ پختو ڪري ڇڏيو.
” اڌ رات جو ڪيڏانهن وڃي رهيو هئين؟“ اجنبيءَ کائنس پڇيو. جمال جي سيني ۾ دل بال وانگر اُڇل کاڌي. هو ان سوال لاءِ بلڪل تيار نه هو. ڳالهه ٺاهڻ لاءِ چيائين، ” بيدل سائينءَ جي در گاهه تي سلام ڀرڻ نڪتو هوس.“
” هن مهل؟“
” ڇو؟ سلام ڀرڻ لاءِ به وقت مقرر آهي ڇا؟“
اجنبي جواب ڏيئي نه سگهيو. جمال ورائي پڇس، ” ۽ تون اڌ رات جو ڪيڏانهن نڪتو هئين؟“
” مان سکر وڃي رهيو هوس.“
ڪوٺيءَ ۾ ماٺ مسلط ٿي ويئي. جمال جي دل ۾ شڪ جاڳيو ۽ سمهي پيو.
” چٿيل آهين؟“ اجنبي ‎ءَ جي آواز تي هن ڪن کڙا ڪيا،
” ڇا چيئه؟“
” ڏاڍو زخمي آهين ڇا؟“
” نه.“
” مون آواز ته ڏاڍا ٻڌا هئا.“
” چپن مان رت بند نٿو ٿئي.“ جمال وراڻيو.
” ڏسان.“ اجنبي جمال ڏانهن سري ويو. تڏهن ڪجهه سوچي هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيائين، ” اوندهه ۾ ڪيئن ڏسي سگهندس.“
” ڪُک ۾ چڀندڙ سور محسوس ڪري رهيو آهيان.ڏس. پاسري ڀڄي ته نه پئي آهي.“
” منهنجا ٻئي هٿ ٻڌل آهن.“ اجنبيءَ وراڻيو، ” منهنجا هٿ کول ته ڏسانءِ.“
” منهنجا هٿ به ٻڌل آهن. ڪيئن کوليانءِ.“
” ڏي ته اول مان تنهنجن ٻانهن تان رسي کوليان.“
جمال اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هڻي، پنهنجا ٻئي هٿ اجنبيءَ جي گوڏن تي رکيا. اجنبيءَ ٿوري ڪوشش سان جمال جي ٻانهن تان ڏندن سان رسي کولي ڇڏي.
جمال پنهنجيون ويڻيون مهٽيون. اوندهه ۾ پنهنجي محسن ڏانهن ڏسڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر کيس ڏسي نه سگهيو. آزاديءَ جي احساس ۾ سندس دل احسان جي جذبن سان ڀرجي وئي. ڪجهه دير خيالن ۾ غرق ٿي ويو. ٻانهون آجيون ٿيس ته ڄڻ ٻوساٽيل روح ۾ تاز گي موٽي آيس. زخمن جو عذاب کانئس وسري ويو. دل چاهيس ته هڪدم صندل پري ڪري، ٻاهر نڪري خالقوءَ جو مڻڪو ڀڃي ڇڏي. کيس پيٽ ۾ ايتريون ته لتون هڻي جو آنڊا پاسرين کان ٻاهر نڪري وڃنس.
” مونکي نه کوليندين؟“ اجنبيءَ سندس خيالن جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيو.
” ها ها، ڇو نه!“ جمال سمت ۾ ايندي وراڻيو ۽ جهٽ پٽ اجنبيءَ جي ٻانهن ۽ ويڻين تان رسي کولي ڇڏيائين.
اجنبي ‎ءَ پنهنجن ٻانهن کي هوا ۾ اُڇل ڏني. ٻانهون ڦيرائي، پٺيءَ جي ڪنڊي وٽ آڻي ڏورن کي سٽ ڏئي ٿڪ لاٿائين. سندس ٻانهن تان رسيون کوليندي جمال محسوس ڪري ورتو، ته اونداهي ڪوٺيءَ ۾ سندس ساٿي بيحد طاقتور ۽ سگهاروهو. کانئس رهيو نه ٿيو. اجنبيءَ کان پڇيائين، ” تو کي سولائي ءَ سان ته سو گهو ڪري نه سگهيو هوندو.“
اجنبيءَ کيس جواب نه ڏنو. سندس هٿ ڳولي، موڪري ريگمال جهڙي هٿ ۾ جهلي، پنهنجي ڪنڌ ۽ ڪياڙيءَ تي رکيائين. جمال کان ڇرڪ نڪري ويو. جمال جون آڱريون انچ کن اجنبيءَ جي ڪنڌ ۾ لهي ويون.
اجنبيءَ چيو، ” مان هن شخص جو خون ڪندس.“
جمال جي دل خوشيءَ سان ٽمٽار ٿي وئي. هڪدم وراڻيائين.
” مان به کيس قتل ڪري سندس لاش گهوڙي جي سنبن ۾ چچري ڇڏيندس.“
ٻنهي هڪ ٻئي کي اول ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. ڏسي نه سگهيا ته هڪ ٻئي جي وجود کي هٿ لائي محسوس ڪيائون. سندن هٿ پاڻ ۾ جڪڙجي ويا. جذبي ۽ خيال جي هڪ جهڙائيءَ کين پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو.
جمال اجنبي ءَ کان پڇيو، ” تنهنجو نالو ڇاهي؟“
اجنبي هٻڪيو. جواب ۾ ترسيو. نيٺ وراڻيائين، ” مان عالمو کوسو آهيان ۽ تون؟“
” مان ڪمال جکراڻي آهيان،“ جمال هڪدم وراڻيو.
” ڪک ڪيئن ٿو ڀانئين؟“
” سور آهي.“
” ڏسان، “ اجنبي ءَ جمال جي ڪک تي هٿ رکي، هلڪو زور ڏيندي چيو، ” ڪک ڀڳل ناهي.“
” پر سور ڏاڍو آهي.“
اجنبيءَ پنهنجي اجرڪ جمال جي چيلهه ۽ ڪک تي ويڙهندي چيو، ” توکي ذري گهٽ ماري وجهي ها ظالم.“
جمال وراڻيو، ” مان سولائيءَ سان مرڻ جو نه آهيان دوست.“
اجنبيءَ کي جمال جو جواب پسند آيو. سندس ڪک مهٽيندي پڇيائين، ” گهڻا ٻار اٿئي.“
” اڃا پر ڻيو نه آهيان.“
” پر ڻيو نه آهين!“
” نه.“
” ڇو؟“
” جنهن سان پرڻجڻ چاهيم ٿي سائي نه رهي ته پرڻجڻ ڇاجو.“ جمال جو آواز ڳورو ٿيندو ويو.
” ڪيئن.“
جمال ڳيت ڏيئي خشڪ نڙي آلي ڪئي. هڪ اونهو ساهه کڻي خاموش ٿي ويو. جيڪي چوڻو هوس، چئي نه سگهيو.
” ڇو، ڇا ٿيو؟“ اجنبي ءَ ورائي پڇيو.
تڏهن جمال وراڻيو، ” جنهن سان پرڻجان ها، تنهن کي ماري کوهه ۾ اُڇلائي ڇڏيائون.“
اجنبيءَ جي وات مان هلڪو آواز نڪتو، ” ڇو؟“
” هوءَ مونتي ساهه ڏيندي هئي،“ جمال جي آواز مان درد ٽمي نڪتو.
” مائٽن کان سڌو سنئون سڱ ڇڪائين ها.“
” ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين دوست.“ جمال ڀريل آواز ۾ ڳالهايو،
” ٻنهي خاندانن ۾ صدين کان نفاق هلندو اچي. اسين سنڌي صدين جا وير وٺندا آهيون. هڪ ٻئي کان پلوءُ ڪندا رهندا آهيون.“
”پلوءُ !“
” ها پلوءُ.“
۽ پوءِ پهر کن ٻئي ڀت سان مٿو لڳائي. اکيون بند ڪري، ڪجهه سوچيندا رهيا. ڪومشڪل مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. ماحول جي خاموشيءَ کي ڪنهن ڪنهن وقت بندر تان لنگهندڙ مال لاريون چيرينديون اڳتي وڌي ٿي ويون. يا رکي رکي ڪجهه سڪل پن هوا ۾ منتشر ٿي، کڙڪا ڪري، خاموش ٿي پئي ويا.
اجنبي ‎ءَ اکيون کولي آسمان ڏانهن ڏٺو. ڪڪر منتشرٿي رهيا هئا. هن هٿ وڌائي سٿر سان ٻڌل روالور کولي ورتو. اوندهه ۾ روالور تي آڱريون ڦيرائي، پوءِ جمال ڏانهن وڌايائين. تاريڪيءَ ۾ روالور جي نالي جمال جي سيني سان وڃِي لڳي.
جمال پنهنجي مٺ روالور جي ناليءَ ۾ وجهندي حيرت مان پڇيو، ”هي ڇاهي!“
” روالور.“
” سو ته مان به پيو محسوس ڪيان. پر تو ڪٿان آندو؟“
” منهنجي سٿر سان ٻڌل هو،“ اجنبيءَ وراڻيو، ” جنهن دشمن مونسان دوکو ڪيو آهي. تنهن جي سيني ۾ هن روالور جون اڌ ڊزن گوليون لاهي ڇڏيندس.“
جمال جي بدن مان سيسڙاٽ نڪري ويو. سندس مٺ روالور ۾ قابو ٿي وئي. سندس ذهن ۾ شڪ جا ڪرڻا روشن ٿي اُجهامندا ويا.
هو ويچارن ۾ ويڙهيل هو جواجنبيءَ چيس، ” تون منهنجي پٺيءَ تي پير رکي ڀت ٽپي ڀڄي وڃ.“
” ۽ تون؟“
” مون وٽ روالور آهي. مان جيستائين پنهنجي دشمن کي ماري مات نه ڪندس هتان نه ويندس.“
” مان به جيستائين سندس لاش گهوڙي جي سنبن ۾ نه لتاڙيندس هتان نه ويندس.“ جمال ڏند ڪرٽيندي ڳالهايو.
جمال چيو، ”صبح جواسان ٻئي گڏجي کيس قتل ڪري ڇڏينداسين.“
” ها هو اسان ٻنهي جو دشمن آهي.“ اجنبي ‎ءَ وراڻيو، ” تون روالور سنڀال“ منهنجي شايد اک لڳي وڃي.“
جمال اجنبيءَ کان روالور وٺي پنهنجي هٿ ۾ جهليو. ٻئي ڄڻا پير پٿاري، ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيا. ويٺي ويٺي صبح ٿي وين. پکي پرڙا هڻي آکيرن مان اُڏامي ويا.
۽ پوءِ جڏهن سج جا پهريان ڪرڻا کجين تي پيا، جمال اجنبيءَ کي ٻانهه کان وٺي ڌونڌاڙيندي چيو، ” صبح ٿي ويو. ان کان اڳ جو هو اندر اچي اسان ٻنهي کي ماري وجهي،اسان ئي ٻاهر نڪري کيس قتل ڪري ڇڏيون.“
ٻئي ڄڻا بيٺا. روشني ءَ ۾ پهريون دفعو هڪ ٻئي کي ڏسڻ کان پوءِ ٻنهي جي منهن تي مرڪ تري آئي. هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا رهيا.
” اونده اسان کي انڌو ڪري ڇڏيو هو.“ جمال چيو. اجنبيءَ ڪجهه چوڻ تي هو جو ٻاهر سڪل پنن ڀُرڻ جو آواز ٿيو. ٻئي ڄڻا ڀت سان لڳي، ساهه روڪي بيهي رهيا. جڏهن ڳپل وقت تائين ڪوٺيءَ جي در وٽان صندل سرڻ جو آواز نه آيو، تڏهن ٻئي ڄڻا پير پير ۾ کڻندا صندل وٽ اچي بيٺا.
اجنبيءَ چيو، ” مان صندل کي وٿ ڪندس. تون دشمن تي گوليون هلائيندو سڌو وڃي سنڌوءَ ۾ گت هڻجانءِ.“
” ۽ تون؟“
” مان باغن مان نڪري شاهه مقصود جي جبل وٽان ٿيندو اڳتي ڀڄي ويندس.“
” ۽ پوءِ“ جمال جي سوال تي اجنبيءَ ڏانهنس ڏٺو.
” زندگي رهي ته ڪٿي نه ڪٿي ضرور ملنداسين.“
جمال صندل ڏانهن منهن ڪري، روالور سڌو ڪري بيهي رهيو. اجنبي ءَ صندل سورڻ لاءِ پنهنجا هٿ صندل ۾ وڌا ۽ منهن ورائي جمال ڏانهن ڏٺو. ٻنهي جي دل ۾ پويون دفعو هڪ ٻي کي ڀاڪر پائڻ جي تمنا جاڳي اٿي.
اجنبيءَ صندل کي وٿ ڪئي. باغن ۾ اڃا پهريان ڪرڻا ڪريا هئا. هڪ راڪاس جيڏو پاڇو ڪوٺيءَ جي در ٻاهران سڪل پنن تي پيو هو. جمال پاڇو ڏسندي چيو، ” انسان آهي يا آفت.“
” اسان ٻئي دنيا جي هر آفت کان ڏاڍا آهيون،“ اجنبي ‎وراڻيو. اجنبيءَ وٿ ويڪري ڪري ڇڏي. ٻنهي جون نگاهون پاڇي تي کتل هيون.
جمال آهستي ءَ چيو، ” هيءُ پڪ خالقو آهي.“
” تون خالقوءَ کي ڪيئن سڃاڻين؟“ اجنبي ءَ جمال ڏانهن ڏسندي پڇيو.
” تر ۾ خالقوءَ کان سگهارو جوان ڪوبه ڪونهي.“
” نه نه. هيءُ پاڇو خالقوءَ جو ناهي،“ اجنبي ‎ءَ وراڻيو، ” هيءُ جمال آهي.“
” هي جمال جو پاڇو ناهي.“
” ڪيئن ٿو چوين؟“
جمال اجنبيءَ ڏانهن ڏٺو. صندل کي پٺي ڏيئي ڏانهس منهن ڪري بيٺو. روالور جو رخ اجنبيءَ ڏانهن هو. ٻئي هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي رهيا هئا.
جمال چيو، ” مان جمال آهيان.“
اجنبيءَ حيرت ۽ اچرج مان جمال ڏانهن چتائي ڏٺو. پوءِ اڇل ڏيئي صندل کي لت وهائي ڪڍيائين. صندل ڦهڪو ڪري سنئو ٿي پيو. اجنبي اک ڇنڀ ۾ صندل تي چڙهي بيٺو. چئني طرف نظرون ڦيرايائين. کيس ڪوبه شخص ڏسڻ ۾ نه آيو.
جمال به بل ڏيئي ڏسي پاڇي ڏانهن ڏٺو. ٻنهي کان هلڪو ٽهڪ نڪري ويو. ڪوٺيءَ جي در وٽ بڙ جو وڏو وڻ بيٺو هو، ۽ اُن جو پاڇو ڪوٺيءَ آڏو سُڪل پنن تي پئجي رهيو هو.
تڏهن، هٿ ۾ ورالور نچائيندي جمال چيو، ” نيٺ ڀڄي ويو بزدل خالقو.“
” نه،“ اجنبيءَ جمال ڏانهن ڏسندي چيو، ” مان آهيان خالقو.“
جمال کان ڇرڪ نڪري ويو. آڱريون روالور تي ڄمي ويس. اکين ڇنڀڻ ڇڏي ڏنس. خالقوءَ کي وارن کان پيرن تائين ڏسڻ کان پوءِ سندس نگاهون روالور تي کپي ويون. ڪجهه دير روالور ڏانهن ڏسي خالقوءَ ڏانهن چتائي ڏٺائين. من ئي من ۾ فيصلا ڪندو ۽ فيصلا رد ڪندو رهيو.
خالقو ٻئي هٿ چيلهه تي رکي ڏانهس ڏسي رهيو هو. اوچتو جمال ٻانهن ورائي ڦيرو کائي، سموري قوت سان روالور سنڌوءَ ڏانهن اُڇلايو.
روالور پپر ۽ املداس جي پنن سان وچڙندو، ٽارين مان پار ٿيندو ۽ ڪجهه املداس ڪيرائيندو سنڌوءَ جي هنج ۾ غرق ٿي ويو. خالقوءَ ۽ جمال سڪي ساڌ ٻيلي جي ٻاهرين ڀت ڏانهن ڏٺو، جتي نه سندن گهوڙا هئا ۽ نه رائيفلون.

**

سياح، گائيڊ ۽ ٽرانزسٽر

غير ملڪي سياح جي اکين ۾ اچرج تري آيو. هن منهن ورائي هر طرف ڏسڻ کان پوءِ مون کان پڇيو، ” گائيڊ.“
” يس سر.“
” توهان جي ملڪ جو هيءُ ڪهڙو حصو آهي؟“
” هيءُ اسان جي ملڪ جو سرسبز، آباد ۽ تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ علائقو آهي.“ کيس ٻڌايو، ” هتان جا ماڻهو مهمان نواز ۽ سٻاجها آهن.“
سياح جي منهن تي اچرج جا آثار ظاهر ٿيا. هن چيو، ” تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ مهمان نواز ۽ سٻاجهيون قومون هڪ ٻن صدين کان وڌيڪ پنهنجي وجود کي برقرار رکي نه سگهنديون آهن.“
” ڇو؟“ مون کانئس پڇيو.
” ڇو جو سٻاجهين ۽ مهمان نواز قومن وٽ اهڙا شاهينگ مهمان به اچي نازل ٿيندا آهن جيڪي سندن ونين ۽ ٻنين جا مالڪ ٿي ويهندا آهن.“ سياح وراڻيو. ”ڪمال آهي، هتان جا ماڻهو گذريل سٺ صدين کان هن ڌرتيءَ تي موجود آهن!“
” هتان جا ماڻهو سخت امن پسند به آهن. ڄورون پالڻ سندن عادت آهي“ ادب سان وراڻيم، ” هن علائقي ۾ ٻڪري شينهن جي ساهيڙي ۽ شينهن ڌوٻيءَ جي گڏهه جو دوست هوندو آهي.“
هڪ هنڌ سڙيل ڳريل مريضن جو ميڙ ڏسي سياح بيهي رهيو.
اسپتال جي لوهي در وٽ هڪ ڏنڊو مشٽنڊو چوڪيدار ڪاٺ جي اسٽول تي ويٺو هو ۽ نسوار جي دٻليءَ تي لڳل ٽڪ ۾ پنهنجو عڪس ڏسي، مُڇن کي مروٽي رهيو هو. جنهن مريض سندس تريءَ تي چار آنارکيا ٿي، تنهن کي لوهي در جي وٿ مان اسپتال ۾ اندر وڃڻ ٿي ڏنائين.
ماڻهن جو اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم ڏسي سياح ڏاڍو خوش ٿيو. کيس ٻڌايم، ” هن علائقي جي ماڻهن کي الله سائين صبر جي توفيق عطا ڪئي آهي.“
پڇيائين، ” هي سڀ هتي ڳاهٽ ڇو ٿيا آهن؟“
وراڻيم، ”هي اسان جي علائقي جي مشهور سئنيما - سول سئنيما آهي، جتي سالن کان فلم. ڊاڪٽر ۽ نرس هلي رهي آهي ۽ جنهن جو هر شو هائوس فل ويندو آهي.“
سياح ڏاڍو متاثر ٿيو. وڌي وڃي هڪ هڪ ماڻهوءَ جي منهن ۾ ڏٺائين. موٽي آيو. چهري تي اچرج جاآثار هئس.
” هتان جي ماڻهن کي اکيون آهن، پر ڏسي نٿا سگهن. زبان اٿن، پر ڳالهائي نٿا سگهن دماغ اٿن، پر سوچي نٿا سگهن“
سياح پڇيو، ” توهان جي ملڪ جو هيءُ ڪهڙو علائقو آهي؟ هن علائقي جو نالو ڇاهي؟“
وراڻيو، ” هن علائقي جو نالو مان پنهنجي زبان تي آڻي نٿو سگهان.“
” ڇو؟“
” ڇو جو مان مجبور آهيان.“
سياح پڇيو، ” تون ڪير آهين؟“
” مان گائيڊ آهيان، ۽ غير ملڪي سياحن کي پنهنجي ملڪ جو سير ڪيرائيندو آهيان.“
” سا ته مون کي خبر آهي ته تون گائيڊ آهين.“ سياح پڇيو، ” پر تنهنجو نالو ڇاهي؟“
وراڻيم، ” منهنجو نالو ٽرانزسٽر آهي، ۽ مان پگهار جي بيٽري سيل تي هلندو آهيان.“
پوءِ مون سياح کي ملڪ جي رهيل حصي جو به سير ڪرايو.

**

راهون جدا جدا

پريڊي اسٽريٽ ۽ ايلفيءَ جي چئو واٽي تي کتل سنگل ايلفيءَ طرف ڳاڙهو ٿي ويو.
ايلفيءَ تي ڊوڙندڙ ٽريفڪ بيهجي ويئي.
شام هئي.
شام جو ڪراچيءَ جي اڌ ٽريفڪ صدر ۾ هوندي آهي. جنهن رخ ڏانهن سنگل ڳاڙهو ٿيندو، ان طرف موٽرن، ٽيڪسين، آٽو رڪشائن ۽ اسڪوٽرن جو نه کٽندڙ سلسلو ڇپ ماري بيهي رهندو آهي. بيهڪ ۾ بيچيني هوندي آهي. سنگل سائو ٿيڻ شرط سمورو سلسلو چُرندو، ڪجهه ڪجهه اڳتي وڌندو ۽ ٻيهر سنگل ڳاڙهو ٿيندي ئي بيهي رهندو آهي.
ايلفيءَ تي ٽريفڪ جو سلسلو ترسي پيو هو. ڀانت ڀانت جي موٽرن ۾ اڇي مرسيڊيز ڪار به هئي،جنهن جي پوئين سيٽ تي هڪ چوويهن- پنجويهن سالن جي سانوري سهڻي عورت ويٺي هئي. ڪنڌ سيٽ جي ٽيڪ سان لڳائي ڇڏيو هئائين. ائين ئي، وقت ڪاٽڻ لاءِ دڪانن جا سائن بورڊ پڙهڻ لڳي، جيڪي اڳ ئي سندس ڏٺل وائٺل ۽ ڄاتل سڃاتل هئا. کيس خبر هئي ته ڪهڙي دڪاندار وٽ چالاڪ سيلزمين آهن. ڪهڙو دڪان جا اگهه مناسب ۽ ڪهڙي جا ڳاٽي ڀڳا آهن. ڪهڙي دڪان تي پاڪستاني ڪپڙي کي ولائتي ٺپو هڻي گراڪن کي ٺڳيو ويندو آهي. ڪهڙي دڪان تي سمگل ڪيل ڪا سميٽڪ، ڪراڪري ۽ سينگار جو سامان ملندو آهي. کيس صدر جي هڪ هڪ دڪان جي باري ۾ ايتريقدر مڪمل ڄاڻ هئي، جيتري ڪنهن قابل سرجن کي جسم جي عضوي عضوي ۽ رڳ رڳ جي خبر هوندي آهي.
سنڌي اک پري کان پڌري. منجهس رڪ کي ڇڪ ڪرڻ جي ڪشش هوندي آهي. هوءَ ماڻڪين کي ڦيرائيندي رهي ۽ دڪانن جا سائن بورڊ ۽ شوڪيس به ڏسندي رهي.
زبي جئيلرز.
نه. مون وٽ ڪافي زيور آهن. ڪافي ڇا، ضرورت کان به وڌيڪ آهن. اجهو گذريل مهيني ئي ته ربي جئيلز کان پکراج جو سيٽ ورتو اٿم. هڪ ٻن هنڌ پائي ويئي آهيان – هلندو اڃا ته پورو فيشن ۾ ئي نه آيو آهي! ارادو هوم ته نيلم جو سيٽ وٺان ها، پر هنن منع ڪري ڇڏي. چيائون ته نيلم تنهنجي لاءِ سٺو پٿر ناهي، توکي نه ڦرندو، اجايو پاڻ کي بيمار نه ڪري وجهين، پکراج جو سيٽ وٺ. ڪيترو نه منهنجو خيال رکندا آهن! ٻڌندي هيس ته دولتمند سنڌي عيش جا ڪوڏيا، بازاري عورتن جا قدردان ۽شراب جا شوقين هوندا آهن. غلط. ها، غلط ٻڌو هوم. هو اهڙا نه آهن. مون کي دل جي گهراين مان چاهيندا آهن. بيحد مصروف رهندا آهن. حڪومت جا ٺيڪا کڻندا آهن دير سان گهر ايندا، ٿڪل هوندا پر اهڙو پيار ڏيندا، ٻه ٻول ڳالهائيندا جو دل وڃي سندن قدمن ۾ ڪرندي آهي.
ايلفيءَ طرف سنگل سائو ٿيو. ان وقت شاهراه عراق کان هڪ آٽو رڪشا ڦيرو کائي آئي ۽ مرسيڊيز ڪار جي سامهون اچي رستو ورتائين. ڪار چُري نه سگهي سنگل ڳاڙهو ٿي ويو ۽ موٽر هٿ کن به وڌي نه سگهي. هوءَ سوناري ربي جئيلرز جي شوڪيس ڏانهن نهاريندي رهي.
ربي جئيلرز جي شوڪيس ۾ تاج رکيو آهي.
وٺان؟
نه. مان ڇو راڻين سان ريس ڪيان؟ پر هو ته مون کي راڻي سڏيندا آهن. چوندا آهن، ناز تون منهنجي گهر جي راڻي آهين. ڀل چون. راڻي چون يا مهاراڻي، مان تاج مٿي تي رکي پنهنجن وارن جي سيٽنگ خراب نه ڪنديس ڪيڏي محنت ۽ مشڪل سان اُڀا وار ٺهندا آهن! هڪ دفعي منهنجي وارن کي اُڀي نموني قابو ٿيل ڏسي هنن جي ٻن جاهل مائٽياڻين حيرت مان چيو هو، اڙي ڪنوار، وارن ۾ لوٽو لڪائي رکيو ٿئي ڇا! هونهه. بي عقل بيوقوف، جاهل ڳوٺاڻيون.
سنگل سائو ٿيو.
ڦيٿاڦرڻ لڳا. ٽريفڪ جو سلسلو ڪجهه اڳتي وڌي، سنگل ڳاڙهو ٿيڻ شرط بيهي رهيو.
” چيپ جان“ اسٽور ٻاهران فٽپاٿ تي هڪ ڏهن ٻارهن سالن جو ڪارو ميرو ۽ گدلو ڇوڪرو ٽانڊن تي پاپڙ پچائي رهيو هو. پاپڙ پچائيندو، سڳڙيءَ جي ڀرسان ٽوڪري ۾ رکندو پئي ويو. ڪيپيٽل سينيما واري گهٽيءَ مان ٻه چار نوجوان جن کي ڪراچي يونيورسٽي جا بليزرپيا هئا ۽ رانديگر پي ڏٺا، ڪيڪڙاٽيون ڪندا ٽرڙائي جي حد ٽپندا ، پاپڙن واري ڇو ڪري وٽ اچي بيٺا. منجهائن جيڪو وڌيڪ هلڪڙائي ڏيکاري رهيو هو، تنهن هٿ وڌائي هڪ پاپڙ کڻي ورتو ۽ چار ٽڪر ڪري دوستن ۾ وراهي ڇڏيائين. ٻئي نوجوان کيسي مان پنجويهه پئسن جو سڪو ڪڍي پاپڙن واري ڇوڪري جي ٽڪڻ تي رکيو ۽ چار پاپڙ کڻي کلندو، پنهنجي چالاڪيءَ تي خوش ٿيندو اڳتي هليو ويو. ساٿي ڪڍ لڳس. پاپڙ وارو ڇوڪرو پاپڙ پچائيندو رهيو.
هوءَ کيس موٽر جي دريءَ مان ڏسي رهي هئي. ڪهڙو نه ڪنو آهي هي ڇورو. ميرو، ڏامر جهڙو ڪارو. ماڻهو ڪيئن ٿا هن سڪل سڙيل کان پاپڙ وٺي کائين! مان ته جيڪر چکيانس به نه. بيماري ٿو وڪڻي. قوم جي صحت جو ستيا ناس ٿو ڪري. هن ڇوري جي پاپڙن جي خبر وزيرِ صحت کي ملڻ گهرجي. اسان پاڪستان ان لاءِ ته نه گهريو هو جو هڪ پاپڙن وارو پاڪستانين کي بيمار ڪندو رهي. پر پاپڙن پچڻ جي سوادي خوشبو! هو مون کي شڪارپور کان پاپڙ گهرائي ڏيندا آهن، چوندا آهن اسان جي شڪارپور ٽن شين کان دنيا ۾ مشهور آهي“ سُر هين جو آچار، ٺاڪرداس جي قلفي ۽ ڪورين جا پاپڙ. چوندا آهن، شڪارپوري کنڊ جا ٺهيل هوندا آهن، مٺائي جهڙا مٺا هوندا آهن. سچ چوندا آهن. پاڻ مون لاءِ مصري آهن.
ٽريفڪ ٻيهر چرڻ لڳي. ڪجهه تيزي سان وڌڻ لڳي. ڪيپيٽل سينيما جو ميٽني شو ختم ٿيو هو. هجوم فينٽومس فلم ڏسي نڪتو هو، تنهنڪري هر ڪو پراسرار نظر اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. فٽ پاٿ تي پيهه وڌي ويئي ته ماڻهو سڙڪ تي ڪاهي پيا. ڳتيل موٽرون آڏو ڦيرا ڏيندا، رستو لنگهي بوري بازار ڏانهن ويندا رهيا.
ڊرائيور بريڪ تي زور ڏنو. هوءَ سيٽ جي هنج مان اُڇل کائي اڳتي وڌي ٻيهر سيٽ جي ڪونئري ڪشن ۾ قابو ٿي ويئي. پٺيان ايندڙ موٽرن، ٽيڪسين ۽ آٽو رڪشائن جي راهه روڪجي ويئي.
هن ويٺي ويٺي محسوس ڪيو، ڄڻ ڪو کيس لاڳيتو گهوري رهيو هو. هن ڪنڌ ورائي دري کان ٻاهر ڏٺو. پاسي ۾ هڪ اڇي رنگ جي جيپ بيٺي هئي جنهن مان ڪجهه نج سنڌي قسم جا مرد کيس کائي ڇڏڻ وارين نگاهن سان چٽي رهيا هئا. سندن شهپر ذري گهٽ ڪنن جي پاپڙين يا وڇون جي پُڇ وانگر وٽ کائي پنبڻين سان ٿي لڳا.
هن سندن نگاهو ن پنهنجي بدن ۾ چڀنديون محسوس ڪيون، منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيائين پر تڏهن به چڀڪي جو احساس کيس محسوس ٿيندو رهيو. هن سامهون سنگل ڏانهن نهاريو.
سنگل سائو ٿيو. ڦيٿا ڦرڻ لڳا. اڇي جيپ سندس گاڏيءَ کان اڳ نڪري ويئي. هن ٿڌو ساهه کڻي جيپ جي نمبر پليٽ ڏانهن ڏٺو. جيپ تي سنڌ جي نمبر پليٽ لڳل هئي، جنهن تي ايم اين اي لکيل هو.
هونهه، اها به ڄڻ ڪالياقت ياقابليت آهي! ووٽ وٺن عوام کان ۽ چونڊجڻ کان پوءِ رعب رکن عوام تي. ۽ هي سنڌي نمائينده.! ون يونٽ جا ڀرجهليا، ايوبي آمريت جا گماشتاٰ! سڄي سڄي رات ڪن عيش. صبح جو اجلاس ۾ کائن جهوٽا! سنڌ جو نصيب ئي ستل آهي.
ان جيپ مان ڪيئن ته مُڇر مون کي گهوري رهيا هئا! ڄڻ سڄي عمر ۾ عورت ئي نه ڏٺي هئائون. بيشرم .پنهنجين عورتن کي ڦٽو ڪري فصلن جو پئسو کڻي ڪراچي اچن ۽ هر عورت کي تاڙيندا رهن. رڳو مُڇ تي زور. ٺلهي آڪڙ. منهنجون غير سنڌي ساهيڙيون ته مرڳو ٺٺوليون ڪنديون آهن“ چون، سنڌي مرد عورتن کي ائين گهوريندا آهن جيئن بکايل ڏاند وڏين وڏين اکين سان ڏاري ڏانهن ڏسندو آهي. پڇنديون آهن وڏيرا مُڇ تي طوطو ته نه ويهار يندا آهن. ٽريفڪ جڏهن تيزي سان هلڻ لڳي تڏهن به کيس جيپ وارن جي نظرن جو خيال ايندو رهيو. هن پاڻ کي پريشان ٿيندي محسوس ڪيو.
مڇن وارا ٺيڪ ماڻهو نه هوندا آهن. هنن جو به هڪ سنگتي مُڇو آهي. منهنجي شادي کان اڳ جو سگنتي اٿن. سڀني کان گهاٽو ۽ ويجهو سنگتي اٿن هر وقت مدد علي مدد علي ڪندا رهندا آهن. هو به مدد علي سان اڏن تي ويندا ۽ هوٽلن تان ڪيبري ڊانسر ڇوڪريون کڻي راتيون گذاريندا هوندا! نه . نه مون کي وهم ڪرڻ نه گهرجي. هو اهڙا ڇڙواڳ نه آهن. پر رات جو اڪثر ٻاهر ڇو رهندا آهن؟ ڪم گهڻو هوندو اٿن ته ٻاهر رهي پوندا آهن. ٺيڪي جو ڪم جلدي پورو ڪري انجنيئرن ۽ اووسيئرن کي حصو ڏيئي موڙي ڇڏائڻي هوندي اٿن. اهو ڪم سولو ته ڪونهي ! رات ٻاهر ته رهڻي ئي پوندي اٿن.
پريڊي اسٽريٽ ڏانهن ڪار ڦرندي کيس هلڪو لوڏو آيو ۽ سوچ جا سلسلا ٽٽي پيس. دل ۾ وهم جي ڇيت ۽ شڪ جو ڀڳل شيٽو چڀندو رهيس.
ڊرائيور احترام سان پڇيو، ” بيبي، گاڏي بيهاريان؟“
” هون! نه . ايلفيءَ تي موٽي هل“ هن جواب ڏنو ۽ جواب ڏيڻ کان پوءِ پنهنجي جواب تي سوچڻ لڳي.
وڪٽوريا روڊ تي صدر پوسٽ آفيس ٻاهران کيس ساڳي جيپ نظر آئي. ڪارين مڇن جا ڪارا عڪس سندس تصور کي ڪارو ڪرڻ لڳا. موٽر جڏهن پيراڊائيز سينيما وٽ پهتي تڏهن هن منهن وارئي پوئين شيشي مان جيپ ڏانهن ڏٺو.
بازاري عورتن جي تاڙ ۾آهن . وس پڄين ته جيڪر ملڪ جون سهڻيون عورتون کائي کپائي، ٻاهرين ملڪن جون عورتون در آمد (lmport) ڪن. پر سڀئي ته اهڙا نه هوندا. مدد علي به اهڙو بڇڙو نه هوندو. جيڪڏهن بداخلاق هجي ها ته هو هوند ساڻس دوستي نه رکن ها. مان به ڪهڙي نه بيوقوف آهيان. وهمي آهيان. شڪ ته عورت جي وجود لازمي حصو هوندا آهي پر منهنجو شڪ ته بلڪل بي بنياد آهي. ڀلا ائين ڪيئن ٿي ٿو سگهي جو هڪ مرد جيڪو پنهنجي گهر واري سان خوش هجي اهڙي خوشي جو هر هر اظهار ڪندو هجي، سو ڪنهن ڌاري عورت وٽ ڪيئن آسود گي محسوس ڪري سگهندو ! ته پوءِ ته پوءِ هي جو هر رات عصمتن جا سودا ۽ جسمن جا واپار هلندا آهن؟ ڇا سڀئي مرد پنهنجي پنهنجي گهر واريءَ مان بيزار هوندا ! نه نه مون کي اهڙيون اُگهاڙيون ڳالهيون سوچڻ نه گهرجن. ڇو نه سوچڻ گهرجن؟ مان پڙهيل آهيان. ڪراچي يونيورسٽي مان ايم اي ڪئي اٿم. سنڌ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترين پڙهيل عورتن مان هڪ آهيان. مان هر معاملي تي سوچينديس، ان جو مونکي حق آهي. مان ٻهراڙيءَ جي قديم، دقيانوسي ۽ جاهل عورت نه آهيان، جو هر آفت کي الاهي اُمر سمجهي شڪر ڪندي رهان. هي مون کي ڇا ٿيندو ٿو وڃي؟ مان ايتريقدر پريشان ڇو ٿي رهي آهيان؟
” بيبي گاڏي روڪيان؟ ڊرائيور جي آواز تي کانئس ڇرڪ نڪري ويو.
” ها. ها گاڏي روڪ،“ هن جواب سان پنهنجي پريشاني لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڪار فٽ پاٿ سان لڳي بيٺي. ڊرائيور پنهنجي سيٽ تان اُٿي آيو. موٽر جو پويون در کولي، ادب سان بيهي رهيو. هوءَ خاموش ويٺي رهي.
مون کي وڌيڪ سوچڻ نه گهرجي. اجايو بلڊ پريشر وڌي ويندو. مون وٽ ڇا نه آهي! دنيا جي هر خوشي مون وٽ موجود آهي. پوءِ ڇو پاڻ کي پريشان ڪري رهي آهيان؟ ڇو سوچي رهي آهيان؟ مان پاڻ ته نه سوچي رهي آهيان بلڪ سوچ جا سلسلا خود به خود، پنهنجو پاڻ بيپاڙيءَ وانگر پيدا ٿي رهيا آهن ۽ وڻ ويڙهيءَ وانگر مون سان وچڙي رهيا آهن. مون کي خيال مٽائڻ گهرجي.
ڄڻ ڪنهن ڪار جي سيٽ سان چنبڙائي ڇڏيو هوس. هوءَ سٽ ڏيئي اڳتي کسڪي آئي ۽ پوءِ ساڙهي سنڀاليندي موٽر مان ٻاهر نڪري فٽ پاٿ تي قدم رکيائين.
ڊرائيور آهستي در بند ڪري ڇڏيو. فٽ پاٿ تان لنگهندڙن جون نگاهون ڦري گهري مٿس ٿي پيون.
هوءَ ماحول کان بي نياز هئي. جيئن ساڙهي سنڀاليندي موٽر مان ٻاهر نڪتي تيئن سامهون” ڪتاب محل“ جا ٻه ڏاڪا چڙهي دڪان ۾ هلي ويئي.
جنهن وقت هوءَ دڪان ۾داخل ٿي تنهن وقت هڪ خوش پوش نوجوان دڪان مان ٻاهر نڪري رهيو هو. هن منهن ورائي ذري گهٽ اچرج سان اجنبيءَ ڏانهن ڏٺو. اجنبيءَ دڪان مان ٻاهر نڪري ڦري مٿس هڪ نگاهه وجهي، اڳتي هليو ويو.
ڪيترو نه هنن سان ملي رهيو هو! قداور، پورو پنو، بدن اڇو ڪڻڪ مائل رنگ ڪلين شيو سنهڙو ڊگهو نڪ وار جائيتا ۽ اکيون وڏيون! بيخيالي ءَ ۾ اوپري کي پنهنجو سمجهي سڏي ويهان ها۽ پوءِ پڇتايان ها. مون کي پنهنجن ڇڙواڳ خيالن تي ضابطورکڻ گهرجي.ڪٿي ڪا اڙٻنگائي نه ڪري ويهان.
خيالن کي جائيتو ڪرڻ لاءِ هوءَ ريڪ مان ڪتاب ڪڍندي، ورق اٿلائيندي، ڪائونٽر تي اُڇلائيندي ويئي. هوءَ هميشه ائين ئي ڪندي هئي ۽ آخر ۾ پنجاهه ياسئو جا ڪتاب کڻي ويندي هئي. هميشه جڏهن به ڪتاب ريڪ مان ڪڍي ڪائونٽر تي اڇلائيندي ويندي هئي، تڏهن ڪتاب جي مواد تي دڪاندار سان بحث ضرور ڪندي هئي.
پراڄ مان خاموش آهيان. مون کي ڳالهائڻ گهرجي. ڇا ڳالهائڻ گهرجي؟ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڳالهائڻ گهرجي. پر ڪهڙي موضوع تي ڳالهايان؟ ڪنهن به موضوع تي. ڪنهن به مسئلي تي.
” توهان وٽ Sixth sense تي ڪتاب آهي؟“ هن ڪتابن جا ورق ورائيندي دڪاندار کان پڇيو.
توهين ته هميشه ناول ۽ افسانن جا مجموعو پسند ڪنديون آهيون!“
” ڀلاتوهان ٻڌائي سگهندا ته Sixth sense۽ Intuition ۾ ڪهڙو فرق آهي. ٻئي لاشعور جي ساڳي پيداوار جا ٻه مختلف نالا ته نه آهن؟“
” جي!“ دڪاندار جا چپ ڌار ٿي ويا. حيرت اکين مان ليئا پائڻ لڳس.
”Telepathy جي باري ۾ توهان جو ڇاخيال آهي؟“ هن ٻيهر پڇيو. نگاهون مٿي ڪري دڪاندار ڏانهن ڏٺائين، جيڪو وائڙن وانگر ڏانهس ڏسي رهيو هو.
هن هڪدم پنهنجي غلطي محسوس ڪئي ۽ ڳالهه اڌ ۾ ختم ڪري ڇڏيائين. پشيمان ٿيڻ لڳي. پشيماني دور ڪرڻ لاءِ ڪجهه ٻيا ڪتاب ريڪ مان ڪڍي ڪائونٽر تي ڊهه ڪيائين. پوءِ پرس مان سئورپين جو نوٽ ڪڍي ڪائونٽرتي اُڇلائي دڪان مان ٻاهر نڪري ويئي.
دڪان جي در ٻاهران ڊرائيور بيٺو هو. اهو دستور هو.
هوءَ دڪان مان ڪتاب پسند ڪري ٻاهر ايندي هئي ۽ ڊرائيور ڪتاب کڻي موٽر ۾ آڻي رکندوهو.
دڪان مان ٻاهر ايندي ڊرائيور کي چيائين،” گاڏي سلڪ پئليس وٽ آڻي بيهار.“
۽ پوءِ پاڻ سلڪ پئليس ڏانهن وڌي ويئي.
مون کي دڪاندار سان اهڙي نموني ڳالهائڻ نه گهربو هو.
ڇاسوچيندو هوندو منهنجي باري ۾. مان ضرور پريشان آهيان. پر
پريشان ٿيڻ لاءِ جو خاص سبب به ته ڪونهي. ته پوءِ ڪنهن ڪنهن وقت انسان اوچتوئي اوچتو پريشان ڇو ٿيندو آهي! پريشان ٿيڻ لاءِ فقط سب جو هئڻ لازمي ناهي. پر مان، مان، ها منهنجي ذهن ۾ ۽ منهنجن خيالن تي مدد عليءَجي ڀيانڪ شخصيت جو بد روح ڇانئجي ويو آهي. مدد علي بڇڙو آهي ته پنهنجي لاءِ هوندو. هو اهڙا نه آهن جو مدد علي مُڇوءَ جي ڏسيل رستي تي اکيون پوري وڌي وڃن. اُف ڇا منجهان ڇا سوچي رهي آهيان! گهر موٽي وڃان؟ نه. گهر ۾ اڪيلائي ورائي ويندي. چئي ويا آهن دير سان موٽندا، ڪنهن انجنيئر کي ٺيڪو ڏيارڻ جي خوشيءَ ۾ ڪانٽينينٽل ۾ ڊنر ڏني اٿائون. الاءِ ڪڏهن موٽن. اهي مئا انجنيئر ٺيڪو ته ڏيندا آهن، پر ٺيڪي جي آمدنيءَ جو پنجهتر سيڪڙو پاڻ ۾ ناني ويڙهي ڪري ڇڏيندا آهن.ٺيڪيدارن کان ڊنرون کائيندا آهن. ڪيبري ڏسندا آهن، شراب ۽ ڪال گرل لاءِ فرمائشون ڪندا آهن ۽ مٿان هر هر احسان به جتائيندا آهن. اڄ رات به هڪ انجنيئر سان هوندا، جنهن کين سڙڪن ٺهرائڻ جو ٺيڪو وٺي ڏنو آهي. مدد علي به ساڻ ويو اٿن. مدد علي!مدد علي! مان مئي مدد علي مڇوءَ جو خيال دل مان ڪڍي ڇو نٿي سگهان! مان شايد ٿڪل آهيان. ها، بيحد ٿڪل آهيان. سلڪ پئليس مان ڪجهه ساڙيون وٺي گرانڊ ۾ وڃي ڪافي پيئنديس. ٿڪل آهيان، شايد تڏهن اجايا سجايا خيال پريشان ڪري رهيا آهن. هي سموري بيچيني ٿڪ سبب آهي، ٿڪ انسان جي عقل جو دشمن هوندو آهي.
سامهون ايندڙ ماڻهن ۾ هن هڪ شڪل کي ڄڻ سڃاتو.
ساڳئي نوجوان کي سامهون ايندي ڏٺائين، جنهن ڪتابن جي دڪان مان نڪرندي منهن ورائي ڏانهس ڏٺو هو ۽ جنهن جي شڪل سندس مڙس سان ملندڙ جلندڙ هئي. هو اڳ اڪيلو هو. هن دفعي هڪ چست ڪپڙن ۾ ڦاٿل ۽ ميڪ اپ سان ٿڦيل ڇوڪري ساڻس گڏهئي.
هيءَ ڇوڪري سندس زال ناهي. ڀيڻ به ناهيس. پر مون کي ڪهڙي خبر. مان نجومڻ نه آهيان. پوءِ ڇاهي، عورت ته آهيان. هڪ عورت ٻئي عورت کي هر رنگ روپ ۾ سڃاڻي وٺندي آهي. هيءَ ڇوڪري هن نوجوان جي زال ناهي. بوري بازار جي ڪنهن ڪنڊ تي، ياڪنهن هوٽل جي فيملي روم ۾ انتظار ڪندڙ ڇوڪري آهي. اک جي اشاري سان ڪڍ ايندڙ ڇوڪري آهي. مان جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هيس تڏهن اسان جي گفتگو جو مو ضوع اهڙين انتظار ڪڍندڙ ڇوڪرين تي اچي پورو ٿيندو هو. هيءَ ڇوڪري به ڪال گرل آهي - سڏ لاءِ منتظر ڇوڪري – هو به ائين ڪندا هو ندا. پر هو ته لڄارا آهن. عورتن سان لهه وچڙ ۾ ئي نه ايندا آهن. پر ڪهڙي خبر! مدد علي مُڇو ڪنهن هوٽل جي ڪيبري ڊانسر. ڪا ڪال گرل، ڪا انتظار ڪڍندڙ ڇوڪري ڪٿان هٿ ڪري آڻيندو هوندو. هو به ساڻن گڏ هوندا. اُف! اوه! اجايو پاڻ کي پريشان ڪري رهي آهيان. چري آهيان جو مٿن شڪ ڪري رهي آهيان. ۽ مدد علي! کوهه ۾ پئي مئو مُڇو. هو مدد علي جي ٽيڪرن تي ڪنهن به ڌاري ۽ اجنبي عورت کي ويجهو اچڻ نه ڏيندا. مان سندن اخلاق جي قائل آهيان. مان اکيون پوري سندن شرافت جو قسم کڻي سگهان ٿي.
هوءَ سلڪ پئليس ۾ لنگهي ويئي. ڪائونٽر جي پٺيان ويٺل سيٺ صاحب، جنهن جي منهن تي ڇهه انچ کن ڏاڙهي هئي ۽ مڇون غائب هيون ۽ جنهن جو وات ۽ چپ پان جي پڪ ۾ ڳاڙها هئا، اٿي بيٺو. ڪاروباري مُرڪ چپن تي تري آيس. واڇون ڪنن جي پاپڙين سان وڃي لڳس. دڪان جا ٻه ٽي سيلزمين، جن وٽ گراهڪ نه هئا، سي به اڳتي وڌي آيا. هوءَ ان دڪان جي اهم خريدار هئي. هڪ سيلزمين پلاسٽڪ سان واڻيل ڪرسي ڏانهس وڌائيندي کيس ويهڻ جي آڇ ڪئي. هن پرس ڪائونٽر تي اُڇلايو ۽ ڪرسي تي ويهي رهي.
سيٺ صاحب پاڻ وٽس وڌي آيو. نيٺ لکوي انداز ۾ اول کانئس طبيعت، سندس مڙس جي طبيعت ۽ موسم جو حال پڇيائين. پوءِ ملڪ جي سياست، سوشلزم ۽ مهانگائي جو رئڻو رنائين. آخر ۾ سيلزمين کي خاص قسم جون ساڙهيون آڻڻ لاءِ حڪم ڪيائين. سيلزمين ڪائونٽر تي ساڙهين جو انبار ڪري ڇڏيو.
” هيءَ هلڪي گلابي ساڙهي، خاص روايتي بنارسي ڪم تي ٺهيل آهي، لا جواب ۽ بيمثال آهي.“ مولانا سيٺ ڳالهائيندو رهيو،”عام رواجي عورتون ته هيءَ ساڙهي ڏسي بيهوش ٿي وينديون.“
پوءِ هو اميرن، وزيرن، صنعتڪارن وغيره جي عورتن، جن اها ساڙهي ورتي هئي، تن جا اهڙي نموني حوالا ڏيئي ويو جيئن هوٽل جو بيرو ڪورما، ڪوفتا، مٽن برياني، چڪن برياني، مغزپايا وغيره چئي ويندو آهي.
” هي رنگ مون کي پسند ناهي.“ هن نيٺ ڳالهايو.
سيٺ حيرت مان وراڻيو، ” توهين ته خاص ڪري هلڪا رنگ پسند ڪنديون آهيو. ڀلاهيءَ بسڪ ڪلر جي ساڙهي ڏسو.“
”نه اهو رنگ به ٺيڪ ناهي.“
” ته پوءِ ڪهڙو رنگ توهين پسند ڪنديون؟“ مولانا سيٺ پڇيو، ” توهين حڪم ڪريو. مون وٽ دنيا جي هر رنگ ۾ اعليٰ قسم جون ساڙهيون آهن.“
هوءَ منجهي پئي.
چيائين،” ڪجهه اهڙو رنگ هجي جيڪو تکو ناسي، ڳاڙهو ياڪرمچي يا، ڪاري رنگ سان ملندڙ جُلندڙ هجي.“
سيٺ عجب مان ڏانهس ڏٺو. اهڙي قسم جو رنگ هن پنجاهه سالن جي دڪانداريءَ ۾ به نه ڏٺو هو.
مون کي ڇا ٿي ويو آهي! ڪرمچي، ڪارو، ڳاڙهو، تکو ناسي! انهن رنگن جو ميل؟ اُف. هي مون کي ڇا ٿي ويو آهي. ڇا سوچيندو هوندو مولانا. ائين ته ناهي، ڪو لڪل غم جو پاڇو منهنجي پسند تي پئجي رهيو آهي. رنگن سان شخصيت جي نفسيات جو ڏس ملندو آهي. منهنجي لاشعور جي ڪنهن ڪنڊ ۾ شايد شڪ ۽ انتقام جا جذبا پاڻ ۾ گنڊجي رهيا آهن. مان فلسفو ڇو سوچي رهي آهيان! ڪا خاص ڳالهه ڪونهي. ڪجهه خاص به نه ٿيوآهي. شاديءَ جي هڪ سال جي عرصي ۾ ڪجهه به غير معمولي نه ٿيو آهي. بس ڪڏهن ڪڏهن رات جو دير سان يا ڪڏهن ڪڏهن نه ايندا آهن. پر اهو به تڏهن، جڏهن ڪم جو زور هوندو اٿن. پر مدد علي ڇو ساڻن پاڇي وانگر گڏ لڳو رهندو آهي. عمر ۾ به کانئن وڏو آهي. پڙهيل به ناهي. فقط زميندار آهي ته ڇا ٿيو؟ اها ڪا خوبي ته ناهي، رڳوقسمت جو چڪر آهي. پر سنڌي زميندارن جي باري ۾ ٻڌل ڪهاڻيون ڪوڙيون ناهن. شل نه رن رو ڳڙي ڏسن! ۽ مدد علي؟ ڪهڙي خبر، هو به لڪ ڇپ ۾ مدد عليءَ جي ڏسيل رستن تي هلندا هجن ديسي ڇوڪرين مان دل ڀرجي ويندي هوندن ته غير ملڪي ڇوڪرين کي هٿ ڪندا هوندا. شايد ڇوڪرين کي تحفا به وٺي ڏيندا اهوندا. ولايت ۾ ساڙهيءَ جو مان آهي.
”عابد صاحب جن ته نه آياهئا؟“ هن مولانا کان پڇيو.
” نه.“ مولانا عجب مان وراڻيو، ” هو ڪڏهن ڪڏهن توهان سان گڏ ايندا آهن. اڄ تائين اڪيلا نه آيا آهن؟“
” ويجهڙائي ۾ ڪا ساڙهي ته نه وٺي ويا آهن؟“ هن پڇڻ ڪاڻ پڇي ورتو، پر خود ئي پنهنجي سوال تي پريشان ٿيڻ لڳي.
” معاف ڪجو.“ مولانا سيٺ چيو، ” توهان جي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه؟“
” ها ها، ٺيڪ آهيان،“ هن پريشاني لڪائڻ چاهي پر اندر ۾ اُٿيل گهمسان کيس ورائيندو ويو.
” ڪوڪا ڪولا گهُر ايان؟“ مولانا سيٺ پڇيو.
” نه.“
” ڪافي؟“
” نه، مهرباني. “ هن پرس مان چيڪ بڪ ڪڍندي چيو، ” ڪيش ميمو ڏيو.“
” پر توهان ته اڃا ڪا ساڙهي ئي پسند نه ڪئي آهي.“
مولانا حيرت مان وراڻيو، ” ڪيش ميمو ڇا جو ڏيان؟“
هن ڪاوڙ مان چيڪ بڪ ڪائونٽر تي وهائي ڪڍيو. پوءِ تڙ تڪڙ ۾ جيڪي ٻه چار ساڙهيون هٿ لڳس ڊهه مان ڇڪي ٻاهي ڪڍيائين.
مولانا کيس ڏسندو به ويو ۽ ڪيش ميمو تي رقم به لکندو ويو. ان وچ ۾ هن چيڪ تي مولانا جو نالو ۽ پنهنجي صحيح ڪري ڇڏي. سيٺ ڪيش ميمو ڪتاب مان ڦاڙي آڏو آڻي رکيس. هن رقم ڏسي چيڪ ۾ داخل ڪئي ۽ چيڪ ڪڍي، ڪائونٽر تي اُڇلي، دڪان مان ٻاهر نڪري ويئي.
ڊرائيور عادت ۽ حڪم مطابق دڪان ۾ هليو ويو.
هن سامهون بيٺل ڪار جو در کولي، اندر ويهندي زور سان در ڦهڪائي ڇڏيو.
ڊرائيور دڪان مان ساڙهيون کڻي ٻاهر آيو ۽ موٽر جي اڳئين سيٽ تي رکي پاڻ پنهنجي سيٽ تي وڃي ويٺو ۽ گاڏي اسٽارٽ ڪري هلڻ لاءِ حڪم جو انتظار ڪرڻ لڳو.
ڪجهه دير تائين جڏهن کيس هلڻ جو حڪم نه مليو تڏهن آئيني مان پوئتي نهاريندي پڇيائين، ” بيبي هلان.“
هوءَ سيٽ جي ٽيڪ سان مٿولڳائي ويٺي هئي. اکيون هڪ جاءِ تي بلور وانگر بيجان ٿي ويون هئس.
ڊرائيور ٻيهر پڇيو، ” ڪيڏانهن هلان بيبي؟“
هن ڇرڪ ڀري وائڙي ٿي، هيڏانهن هوڏانهن نهاريو.
” گهر هلان بيبي؟“
” ها ها، گهر هل، “ هن جواب ڏنو ۽ وري سيٽ جي ٽيڪ سان مٿو لڳائي ڇڏيائين.
ڪار ايلفيءَ جي پيهه مان ٻاهر نڪري ويئي.
شڪ جو شيطان ڪهڙي ڪنڊ مان من جي مسجد ۾ گهڙي آيو آهي!کين جو خبر پوي مان مٿن شڪ ٿي ڪريان، ته ڪيڏو نه ڏک ٿئين جيڪر! نه نه. مون کي وهم دل مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. وهم دل مان ڪڍي ڇڏيان؟ها، وهم دل مان ڪڍي ڇڏيان. پر مدد عليءَ کي ڪيئن کانئن ڌار ڪريان؟ مدد علي سنڌي آهي. نج سنڌي زميندار آهي. سنڌين جي برتري ڌارين عورتن تي پيسو خرچ ڪرڻ ۽ کين حاصل ڪرڻ ۾هوندي آهي. بازاري عورتن تان لکين رپيا گهوري ڇڏڻ سنڌ جي تهذيب جو عظيم الشان ثبوت آهي. پر مان ته ٻهراڙيءَ جي اڻپڙهيل اٻوجهه عورت نه آهيان جومڙس جي ڪڌن ڪرتوتن جي خبر ٻڌي خوش ٿيان ۽ ساهڙين کي سندس سرتين جو تعداد ٻڌائي سندس مڙسي جا ڳڻ ڳايان. مان خود دار پڙهيل لکيل عورت آهيان. عورت لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو عذاب ڪونهي جو سندس مڙس ڪنهن ڌاري عورت ڏانهن اک کڻي ڏسي. مان کين ٻي عورت جي ٻانهن ۾ ڏسڻ کان اڳ خودڪشي ڪنديس مون کي آپگهات ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن کين ٻي عورت وٽ ڏٺو مان ڪيئن برداشت ڪري سگهنديس ته منهنجي هوندي سوندي منهنجو مڙس ڌارين عورتن وٽ آسود گي تلاش ڪندو رهي! مونکي مرڻو پوندو.
هارن جي آواز تي سندس اُڌمن جي اُڇل ڍري ٿي ويئي.
ڪارملير ناڪي وٽان سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي جي پهرين رستي ڏانهن ڊوڙڻ لڳي. رستي جي آخري وراڪي وٽ سندن بنگلو هو. سامهون کيس پنهنجو بنگلو نظر آيو.
بنگلي ٻاهران مدد علي جي جيپ بيٺي آهي. اُف مان مدد علي جي وجود کان ڪيتري نه نفرت ڪريان ٿي. وس پڄيم ته جيڪر ڪراچي اچڻ تي بندش وجهائي ڇڏيانس. پنهنجون زمينون نٿو سنڀالي! بس فصل لٿو مڙس موڙي کڻي ڀڳو. ڪراچيءَ ۾ پاڻ بازاري عورتن جي ڪڍ ۽ سندس عورتون هارين نارين جي حوالي. اسان کي ڄڻ خبر ئي ناهي ته عياش زميندارن جي غير موجود گيءَ ۾ سندن ڪوٽن ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪلور ٿيندا آهن. مئو مڇو بيشرم. هن ڊرائيور کي موٽر پاسي واري بنگلي وٽ بيهارڻ لاچيو. ڊرائيور ڊاڪٽر شيخ جي بنگلي وٽ موٽر بيهاري ڇڏي. هوءَ موٽر مان لهي آئي. ڊرائيور کي پنهنجي پوئتان اچڻ لاءِ اشارو ڪيائين. ڊرائيور سندس ڪڍ هلڻ لڳو.
پنهنجي بنگلي جو لوهي در لنگهي هوءَ گلن جي ٻارن وٽان ٿيندي ڇٻر تي پهتي. مالهيءَ ڦوهارو رکي کيس سلام ڪيو. هن جواب نه ڏنس. ڇٻر اڪري ٽيريس تي پهتي. ٽيريس وٽان کيس اوطاق جو در ۽ ٻه دريون بند نظر آيون. هن جو رت ٽهڪڻ لڳو. مغز جون رڳون ڌنوڻ لڳس، ڀانيائين ته پاڻ روڪي نه سگهندي. اڄ هن پڪ ڪارن روڳڙي آندي آهي اڄ مان سندن شرافت جو راز کولينديس. کين بڇڙو ڪنديس اهڙي تعدي ڪندي مان جو پڙهيل ڇوڪري سان شادي ڪرڻ جو سڄو مزو ملي ويندون.
ورانڊي ۾ سندن پراڻو نوڪر گلو بيٺو هو جيڪو سندس مڙس جو سڀ کان وفادار نوڪر سمجهيو ويندو هو. گلوءَ کيس ٽيريس تان ورانڊي ڏانهن ايندي ڏٺو. هو ٿٿان پٿان ٿيڻ لڳو. اوطاق ڏانهن ڀڄڻ تي هو جو هن دٻيل دٻيل رڙڪري کيس بيهاريو.
” بيبي توهين ايترو جلد موٽي آيون آهيو؟“ هن ششدر ٿيندي ڳالهايو.
” پنهنجي گهر ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ به وقت مقرر ڪرڻو پوندو ڇا؟“ هن رکائيءَ سان جواب ڏنو ” صاحب ڪٿي آهي؟“
” اوطاق ۾ ڪجهه ضروري نقشا تيار ڪري رهيا آهن.“
هن جواب ڏٺو، ” مان کين ٻڌايان ٿو ته توهين موٽي آيون آهيون.“
” ٻڌائڻ جي ڪابه ضرورت ڪونهي.“
” پر بيبي.“
” خاموش.“
” منهنجو عرض ته ٻڌو،“ هن وڏي واڪ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
” وات بند ڪر گلو.“ هن کيس ڇڙٻ ڏني، ” مان ايس. پي دلاور حسين جي ڌيءَ آهيان. کل لاهرائي ڇڏيندي مانءِ.“
هن ڊرائيور کي چيو، ” تون هن ڌوتي کي ڪنڌ کان جهلي ٻاهر وٺي وڃ.“
ڊرائيور حيرت مان حڪم جي پيروي ڪئي. گلوءَ ٻاهرين در وٽان به منهن ورائي کيس هٿ ٻڌا. هن کيس ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري ڇڏيو.
هوءَ ورانڊي جي ڀرسان سمهڻ وارن ٻن ڪمرن مان ٿيندي، ڊرائينگ روم ۾ پهتي. ڊرائينگ روم جو هڪ در اوطاق سان لاڳو هو. در اوطاق طرفان بندهو.
هوءَ پٻن تي هلندي در وٽ آئي. هڪ اک بند ڪري هڪ اک سان در جي طاق ۾ ڪا چير، ڪا سير، ڪا وٿ تلاش ڪرڻ لڳي. ٻنهي طاقن جي ٻيڪڙ وٽ سندس نگاهه هڪوار جيتري وٿ تي ڄمي ويئي.
وٿ مان اوطاق جو جيترو حصو نظر آيس تنهن م کيس ڪوبه شخص ڏسڻ ۾ نه آيو. هن چڱي طرح چتائي ڏٺو. ناڪام رهي. سامهون ڀت وٽ نقشن ٺاهڻ ۽ لکپڙهه ڪرڻ لاءِ وڏي ميز رکي هئي.
ميز تي نقشو وڇايل نه هو. ميز وٽ ڪوبه نه هو.
ميز تي پاڻي ءَ جي اڌ ڀريل جگ، ٻه گلاس، ڪجهه چينيءَ جون پليٽون ۽ مروڙيل سروڙيل سڻڀيون اخبارون ٽڙيون پکڙيون پيون هيون. خالي پليٽن ۾ چوسيل ۽ چٻاڙيل هڏا پيا هئا.
ميز هيٺان هن پنهنجي مڙس جو بوٽ ڏٺو بوٽ جي ڀرسان سليپر جو هڪ پادر اونڌو پيو هو. ميز جي ڀرسان ڪرسيءَ تي بلو ٽيٽران جي پتلون پيئي هئي.
منهنجو مغز ڀنواٽيون کائي رهيو آهي. ڊرائينگ روم جي هرڪا شي ڦيريون پائي رهي آهي. دل ڀڙڪندڙ باهه جو کورو ۽ روح ريگستان جي رڃ ۾ آهي. ڪرنگهي مان سور جون سٽون اُڀري رهيون آهن. اندر اوطاق ۾ ضرور ڪا عورت آهي! پر ڪٿي آهي؟ هتان ته نظر نٿي اچي. هتان ڪيئن نظر ايندي. پلنگ اوطاق جي پرئين ڪنڊ ۾ پيو آهي. هن وٿ مان نظر نه ايندو. ڏٺيئه نه چري ڀڳو نه تنهنجو ڀرم. نڪتو نه سچو تنهنجو وهم مرد حوسي جانور آهي ڪتو آهي. ڪميڻو آهي. مرد هڪ عورت سان ڪيئن نيبهه ڪندو! مرد فريبي آهي، دو کيباز ۽ مڪار آهي. مون کي مردن لاءِ نفرت آهي، بيپناهه ڌڪار آهي. عابد چوندو هو ناز خدا ٿو ڄاڻي تون منهنجي زندگي ۾ داخل ٿيل پهرين ۽ آخري عورت آهين. ناز، تو منهنجي ڇڙوڇڙ حياتي کي جائيتو ڪيو آهي، ٻيا مرد شادي کان پو پنهنجين زالن سان پيار نه ڪندا آهن فقط نڪاح جي ظاهري لڄ رکندا آهن- مان ناز توسان محبت ڪندو آهيان، تو کي چاهيندو آهيان، تو کي پيار ڪندو آهيان- بس خاموش ماضي جا پڙاڏا ڪوڙ جي ڌوڙ نه اُڏائين. منهنجن ڪنن تي تاڪيون چڙهنديون ٿيون وڃن. من ۾ مونجهه ۽ اندر ۾ آنڌ مانڌ محسوس ڪري رهي آهيان. هر طرف ٻوسٽ آهي. اوطاق ۾ ضرور ڪارن آهي. بازاري عورت آهي ڪال گرل آهي. اڄ مان عابد کي سڳ سوڌو جهلينديس- رن جي پاسي مان اُٿاري کڙو ڪنديس ڇا ٿو سمجهي مون کي! مان پرهيل ڳڙهيل ۽ حساس آهيان. هن عذاب تي مان طلاق کي ترجيح ڏينديس. منهنجي دل ڇو دفن ٿي رهي آهي؟ مون کي همت ڪرڻ گهرجي. اگهاڙين حقيقتن کي مڃڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. در کُڙڪايان؟ نه نه، ڪهڙو فائدو رن کي اوطاق جي اڳين در مان ڪڍي ڇڏيندو. ڇاڪريان؟ ڇا ڪريان! ڇا ڪريان.
هوءَ ڪتابن جي ڪٻٽ جو تالو لاهي آئي. اوطاق ۽ ڊرائينگ روم جي وچ واري در جو ڪڙو آهستي آهستي بندڪري ڪنبندڙ هٿن سان تالو لڳائي ڇڏيائين. پوءِ تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگهون کڻندي ڊرائينگ روم مان نڪري سمهڻ وارن ٻن ڪمرن مان ٿيندي ورانڊي ۾ اچي بيٺي.
ورانڊي جي سامهون اوطاق جو ٻاهريون در هو ۽ دريون بند هيون. هوءَ ورانڊي ۾ اچ وڃ ڪرڻ لڳي هٿن جون تريون مهٽڻ لڳي چپ چٻاڙڻ لڳي مٺيون ڀيڪوڙڻ لڳي. سندس ڳچيءَ جون رڳون اُڀري آيون. اکيون ڏرن ۾ پئجي ويس.
مان به ڏسنديس ته عابد ڪيئن ٿو پنهنجي دل گهريئي دوست ۽ رن کي وٺي اوطاق مان ٻاهر نڪري. سمجهيو هوندائين شاپنگ تي ويئي آهيان دير سان موٽنديس، عيش ڪري وٺون هونهه! رن سوڌو جڏهن اوطاق مان نڪري ندو، تڏهن مون سان اک ملائي سگهندو؟ ڏاڍي اشرافت ڏيکاريندو آهي! ڪوڙو فريبي.مدد علي مڇو جو مريد.
هوءَ ورانڊي ۾ وکون کڻندي رهي. ڪڏهن تڪڙيون، ڪڏهن ڍريون ڪنڌ ڪرنگهي جي سنوت ۾ شيڪجي ويو هوس. هلندي هلندي بيهي رهي. نظرون ورانڊي ۾ رکيل ڪونڊين تي ڄمائي ڇڏيائين. پوءِ هٿ وڌائي سورج مکيءَ جو گل ڇني آڱرين ۾ مهٽي ڇڏيائين.
ان وقت اوطاق جو در کليو. مدد علي مڇون وٽيندو ٻاهر آيو. هو وڃي پنهنجي جيپ ۾ ويٺو ۽ ڪيڏانهن هليو ويو مدد عليءَ جي سليپر جو چيڪاٽ ڪجهه دير تائين ماحول ۾ گونجندو رهيو. وس پڄيم ته جيڪر هن بيحيا کي سنگسار ڪرائي ڇڏيان. ڇا ٿو سمجهي مون کي؟ سمجهي ٿو ته منهنجي مڙس کي بدراهه ڪندو رهندو ۽ مان خاموش رهنديس! هر گز نه. منهنجي اندر ۾ علم آهي، علم نه فقط روشني آهي پر بغاوت جي باهه پڻ آهي. مان گهر جون ڪنگريون ڪيرائي ڇڏينديس ڀتيون ڀوري ڇڏينديس ڇت ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏينديس. مان هن گهر کي اٿينس جو آثار ڪري ڇڏينديس .
گهڙي کن کان پوءِ هن پنهنجي مڙس کي اوطاق مان ٻاهر ايندي ڏٺو.
هو اڪيلو هو. گڏ ڪابه عورت نه هئس. کيس بلو ٽيٽران جي پتلون ۽ اڇي قميص پهريل هئي. قميص جا سڀيئي بٽڻ کليل هئا. ٽاءِ ڪلهي تي رکي هئس.
هوءَ حيرت ۽ اچرج وچان اکيون ڦاڙي ڏانهس ڏسڻ لڳي.
هو کيس اجنبي ڏسڻ ۾ آيو. هميشه وانگر کڙو تڙو ۽ ڦڙت به نه هو. ٿڪل ٿڪل ٿي نظر آيو. سندس وار جيڪي برل ڪريم جي اشتهار واري وانگر چمڪڻا ۽ جائيتا هوندا هئا، وکريل هئا چهرو ڪومايل گلن وانگر ڦلڙو ٿي ويو هوس.
هن مڙس جي ڪومايل چهري تان نظرون هٽائي،آڱرين ۾ مهٽيل سورج مکي ڏانهن ڏٺو. مهٽيل گل تان نگاهون کڻي اوطاق جي کليل در ڏانهن ڏٺائين. اوطاق جي کليل در مان کيس ڪنڊ ۾ رکيل پلنگ نظر آيو.
پلنگ خالي هو.
پلنگ تي وڇايل چادر مروڙيل سروڙيل هئي. هوءَ پنهنجي جاءِ تي آزاديءَ جي مجسمي Statue of libertyوانگر پنڊ پهڻ ٿي ويئي.

**

عظمت جو ثبوت

هڪڙو ٿلهو شخص هڪڙي سنهڙي شخص کي پنهنجي عظمت ۽ برتريءَ جا دليل ڏيئي رهيو هو. ٿلهي جو نالو ڊبو هو ۽ سنهڙي جو سيپڪ.
ڊبو جڏهن سنهڙي سيپڪ کي پنهنجي عظمت ۽ برتريءَ جا دليل ڏيندي ڏيندي ٿڪجي پيو، تڏهن رڙ ڪري کانئس پڇيائين، ”ڇا تون اڃا به منهنجي عظمت کان انڪار ٿو ڪرين؟“
” ها.“
” تون باغي آهين.“ ٿلهي ڊبوءَ سنهڙي سيپڪ کي ڪنڌ کان جهلي هوا ۾ لٽڪائي ڇڏيو. پڇيائين، ” ڇاتون اڃا به منهنجي عظمت کان انڪار ٿو ڪرين؟“
”ها.“
” تون باغي آهين،“ ٿلهي شخص سنهڙي شخص کي ڌرتيءَ تي دسي مٿس پنهنجو ڇپ جهڙو پير رکي ڇڏيو. پڇيائينس،” ڇا تون اڃا به منهنجي عظمت کان انڪار ٿو ڪرين؟“
” ها.“
” تون باغي آهين.“ ڊبوءَ پنهنجو مترڪي جهڙو گوڏو سنهڙي جي سيني تي رکي، ٻنهي هٿن سان کيس گهٽو ڏنو. سنهڙي جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون. ڌوڏا نڪرڻ لڳس. ڄڀ وات مان ٻاهر ڇڪجي آيس.
جڏهن سنهڙو سيپڪ ذري گهٽ مرڻ تي هو، تڏهن ٿلهي کانئس پڇيو، ” ڇا تون اڃا به منهنجي عظمت کان انڪار ٿو ڪرين؟“
سنهڙي سيپڪ مرڻينگ آواز ۾ وراڻيو، ” نه.“
ڊبوءَ گُٽهي جي گرفت ڍري ڪندي سيپڪ کان پڇيو،
”مان عظيم آهيان؟“
” ها، تون عظيم آهين.“
” مان برتر به آهيان؟“
” ها تون برتر به آهين.“
” مان تنهنجو خير خواهه به آهيان؟“ ٿلهي پنهنجا هٿ سنهڙي جي ڪنڌ مان ڪڍندي پڇيو، ” ۽ تنهنجو هڏ ڏو کي به آهيان؟“
”ها، تون منهنجو خير خواهه آهين ۽ هڏ ڏوکي به آهين.“ سنهڙو آهستي آهستي اُٿي بيٺو.
”شاباس. تون وفادار شهري آهين،“ ڊبوءَ پنهنجي پاٺي جهڙي هٿ سان سيپڪ کي پٺيءَ تي قدر شناسي وچان ٿڦڪي ڏني. ٿڦڪي ءَ سبب سنهڙو سيپڪ پنهنجو پوپٽ جيترو بار سنڀالي نه سگهيو ۽منهن ڀر وڃي ڌرتيءَ سان لڳو .
ٿلهي کيس ڪن کان وٺي اُٿاريندي چيو، ” يار تون پيار جي ٿڦڪي سان به وڃيو پٽ پوين. ائين نه ڪندو ڪر. اجايو دنيا سمجهندي ته مان توتي ظلم ڪري رهيو آهيان . جيتوڻيڪ مان تنهنجو هڏ ڏو کي ۽ همدرد آهيان.“
سنهڙو پنهنجا ڪپڙا ڇنڊي پير پختا ڪري بيٺو ۽ پوءِ ٻنهي هٿن جون آڱريون وات ۾ وجهي واڇون ڇڪي ڪنن جي پاپڙين تائين چيري ڇڏيائين.
ٿلهي کانئس پڇيو،” اهو ڇا پيو ڪرين؟“
هن وراڻيو ‎، ” دنيا کي ڏيکاري رهيو آهيان ته مان بيحد خوش آهيان ۽ خوشي وچان منهنجون واڇون وڃي پاپڙين سان لڳيون آهن.“
” شاباس.“ ٿلهي ٿڦڪي ڏني ۽ چيو، هميشه پنهنجين واڇن کي ڇڪي ڪنن جي پاپڙين تائين پهچائيندو ڪر. دنيا سمجهندي تون کلي رهيو آهين ۽ مون منجهان خوش آهين.“
سنهڙي سيپڪ حڪم جي پيروي ڪئي.

**

لهندڙ سج، وڌندڙ پاڇا

ٻه منتظر نگاهون حڪيم جي تجربيڪار نگاهن سان وچڙي پيون. حڪيم غور سان رئيس کي تپاسي ڏٺو. جيڪي ڪجهه پرايو هئائين تنهنکي آزمايائين. رئيس جي نبض تان آڱريون هٽائيندي حڪيم مايوسيءَ مان ڪنڌ لوڏيو. رئيس جي منهن جو پنو لهي ويو.
ٻڏل آواز پڇيائين، ” حڪيم تر جيتري به اميد ناهي؟“
” نه،“
” ير ائين نه ڪر.“
” ٿورو گهڻو چاڙهو هجيئي ها ته وسان ڪين گهٽايان ها.“ رئيس بيچينيءَ مان هٿن جون تريون مهٽيندي وراڻيو،” مان سڄي دولت، ٻنيون ٻارا لٽائڻ لاءِ تيار آهيان.“
” جوڀن ۽ جواني خزان جا سڪل پن آهن، ڏينهون ڏينهن وڃن سڪندا، ڀرندا، ڀڄندا.“
” ڀلا ٻاهر وڃي علاج ڪرائي ڏسان؟ پيرس، لنڊن في الحال تون.........“
” سڀ اجايو آهي رئيس.“ حڪيم هڪدم جواب ڏنو،
” باهه ۾ ڀسم ٿيل وڻ ٻيهر ڪڏهن به ٻور نه جهليو آهي.“
” مان وڻ ناهيان ماڻهو آهيان. وڏو ماڻهو آهيان.“
خوب مزا ماڻيا اٿئي. عيش ڪيو اٿئي. جواني کي چوڙيو اٿئي. تنهنجو کوهه کٽي ويو رئيس،“ حڪيم ڪجهه گهڙين لاءِ ويچار ۾ ٽٻي هڻي خاموش ٿي ويو. پوءِ اچتو ڇرڪ ڀري چيائين، ” ۽ سچ پڇين ته ........“ حڪيم جملو پورو ڪري نه سگهيو ماٺ ۾ ٻڏي ويو. حڪيم ڪجهه گهڙيون رئيس جي اکين ۾ چتائي ڏٺو. ڪڇيائين ڪجهه به نه .
” چئه حڪيم، چئه.“
حڪيم ڳوري آواز ۾ چيو، ” تون جلد مري ويندين، رئيس.“ رئيس کي ڄڻ نانگ سنگهي ويو. وڇون جي ڏنگ جهڙيون مڇون ڦوسيءَ جي پڇ وانگر لٽڪي پيس.
”مان مري ويندس،“ رئيس چپن ۾ ڀڻڪيو.
” ها.“
” ايترو جلد!“
” سال ۾ ٽي سو پنجهٺ ڏينهن هوندا آهن.
تون پنهنجي زندگي جي پنجاهه سالن جي هڪ هڪ گهڙي ماڻيندو رهيو آهين.“
حڪيم جو جواب ٻڌي رئيس اونهي ماٺ ۾ غرق ٿي ويو. نگاهون پنهنجي ڪارن ٿلهن بيڊولن هٿن تي کپي ويس. آڱريون ۽ ننهن سگريٽ جي دونهي۾ دونهاٽجي هيڊاٿي ويا هئس. ڪجهه دير هٿن جي ترين ۾ تقدير جون ليڪون ڏسندو رهيو ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪنڌ مٿي ڪري نظرون حڪيم جي گنڀير چهري تي ڄمائي ڇڏيائين. حڪيم اکيون پوري ڪنهن گهري سوچ ۾ گم ٿي ويو هو.
رئيس ڄڻ کوهه مان ڳالهايو، ”مان مرڻ نٿو چاهيان“
حڪيم اکيون کولي رئيس ڏانهن ڏٺو.
رئيس پنهنجو جملو ورجايو، ” مان مرڻ نٿو چاهيان.“
” هر ڪنهن کي مرڻو آهي.“
” پر مان اڃان پنجاهه سالن جو مس ٿيو آهيان.“
حڪيم جي چپن تي پراسرار مرڪ تري آئي. وراڻيائين،
” تو پنجاهه سالن ۾ سو سالن جيڏو عيش ڪيو آهي“
” پر ، پر مان ته اڃان جوان آهيان. اخبارن وارا منهنجي نالي سان گڏ لفظ”نوجوان“ لکندا آهن.“
” تون انب جو کاڌل ٿڙ آهين ٻاهران ڀريل اندران خالي.“
” تون مونکي ڏڪائين ٿو.“ رئيس کي ٿوري ڪاوڙ لڳي.
” مان ڏڪايان ءِ نٿوايمان جي ڳالهه ٿو ٻڌايانءِ“ حڪيم هڪدم چيو.
” پر تو وٽ ته شينهن جا ڪشتا، فولاد جا ڪشتا آهن.“
” دوائن ۽ ڪُشتن جي به هڪ حد هوندي آهي، تنهن کان پوءَ سندن اثر بي اثر ٿي پوندوآهي“ حڪيم جواب ڏيئي اکيون بند ڪري ڇڏيون. رئيس ڪجهه دير خاموش ويٺو رهيو. ڪجهه سوچيندو رهيو. ڪڏهن حڪيم جي چهري کي چتائي پئي ڏٺائين ته ڪڏهن الماڙين ۾ رکيل دوائن، معجونن ۽ ڪشتن جي برنن کي ٿي گهوريائين. اکين ۾ رکي رکي جوت پئي جاڳيس ۽ ٻئي لمحي اُجهامي پئي ويس. اوچتو پنهنجي بدن کي ڌونڌاڙيائين. کنگهي نڙي صفا ڪيائين. کنگهڪار تي حڪيم اکيون کولي ڏانهس ڏٺو.
ٻئي ڄڻا ڪا گهڙي هڪ ٻئي جي اکين ۾ ڏسندا رهيا. رئيس ڪوٽ جي کيسي ۾ هٿ وجهندي چيو، ” مان تنهنجو مطلب سمجهي ويو آهيان، حڪيم موت جو ڀؤ ڏيئي مونکان ڏوڪڙ ٿو ڇڏائڻ چاهين. اچي وٺ کڻ ٻه هزار، ڏهه هزار. ڏسين ڇا ٿو؟ کڻ .“
رئيس ميز تي نوٽن جو ڍير ڪري ڇڏيو.
حڪيم ٻئي ٻانهون ميز تي رکي نوٽن جي ڍير کي ڏسڻ لڳو. پوءِ هڪ لمحي لاءِ سندس چپن تي مرڪ ڦهلجي، کن ۾ پگهر جي ويئي. نوٽن جي هڪ ٿهي هٿ ۾ کڻي، اُٿلائي پٿلائي ڏسڻ کان پوءِ ورائي ميز تي رکي ڇڏيائين.
رئيس کان رهيو نه ٿيو. حڪيم جو هٿ جهليندي چيائين،
” مونکي مايوس نه ڪر حڪيم. منهنجي رات اجائي نه ڪر.“
حڪيم ڀت وانگر خاموش رهيو.
حڪيم پنهنجو هٿ ڇڏائي، نوٽن جون ٿهيون رئيس ڏانهن ڌڪيندي چيو، ” مان تنهنجو دوست آهيان رئيس، مان تنهنجي ڀلائي چاهيان ٿو. منهنجي نيت تي شڪ ڪري تو منهنجي بيعز تي ڪئي آهي.“
” نه حڪيم نه. ائين ناهي.“ رئيس پنهنجا ٻئي هٿ حڪيم جي ساڄي هٿ تي رکندي چيو، ” تون ته پنهنجو يار آهين. حڪيم. ير ڪاوڙ نه ڪر، بس مونکي گوري ڏي“
حڪيم کيس جواب نه ڏنو.
” ناراض آهين ڇا، حڪيم.“
” تون سمجهين ڇو نه ٿو رئيس مان نه فقط حڪيم آهيان.
پر تنهنجو سنگتي به آهيان، گهڻگهرو آهيان“ حڪيم وراڻيو ،
” تنهنجي دل ڪمزور ٿي ويئي آهي. طاقت جي هڪ گوري، شراب جي هڪ بوتل ۽ هڪ جوان عورت، چند گهڙين ۾ تنهنجي اجل جو سبب ٿي پون ته شڪ ناهي.“
رئيس ڪرسي ءَ تان اُٿي ڀت ڏانهن منهن ڪري بيهي رهيو. حڪيم ميز تان نوٽن جون ٿهيون کڻي رئيس جي کيسن ۾ آڻي وڌيون. رئيس مايوس نگاهن سان حڪيم ڏانهن ڏٺو خشڪ چپن تي زبان ڦيريندي چيائين، ” ته مان جلد مري ويندس.“
” ها رئيس، تون جلد مري ويندس.“
رئيس جي دل ٻڏي ويئي. روح ڪنهن پاتار ۾ لهي ويس. جسم ڳورو ۽ نستو محسوس ڪيائين. حڪيم جي دواخاني مان نڪري ٻاهر اچي بيٺو. سامهون سندس چلڪندڙ موٽر بيٺي هئي. هن پاڻ ۾ وک وڌائڻ جي سگهه نه ساري ڄڻ ته ٽنگن مان ست نڪري ويو هوس. اندر ۾ ٻوسٽ محسوس ڪيائين. ساه منجهندو محسوس ٿيس. هن قميص جا ٻه بٽڻ کولي ڇڏيا. پر ائين ڪرڻ سان به کيس آرام نه آيو. مرڻ جي ڳالهه ٻڌڻ کان اڳ جو پاڻ کي چست ۽ چالاڪ پي محسوس ڪيائين. سا گهڙي خواب لڳس. ڀريل منهن جا مٽا پڪل کارڪ وانگر گهنججي ويس، اڳ جو ايندڙ ويندڙ عورت کي چوٽيءَ کان پيرن تائين جاچي ڏسندو هو، سا نظر بدلجي ويس. اداسي سندس اکين مان ليئا پائڻ لڳي.
دواخاني جي ٻاهران رئيس کي بيٺل ڏسي ڊرائيور موٽر ڦيرائي سندس آڏو آڻي بيهاري ۽ ادب سان پويون در کولي بيٺو. رئيس پنهنجو نستو جسم موٽر جي پوئين سيٽ تي ڇڏي ڏنو. ڊرائيور اچرج مان پنهنجي مالڪ جو ڪِرڙي جي پيٽ جهڙو زرد منهن لٿل ڪلها ۽ اُڀا ساه ڏسي پاسي ۾ بيٺل راڪاس جيڏي شخص ڏانهن نهاريو. هو اڳتي وڌي آيو ۽ موٽر جي دريءَ تي ٻانهون رکندي پڇيائين، ” رئيس خير ته آهي.“
”ها، مڙيئي خير آهي.“ رئيس جواب ڏيئي ڊرائيور سان مخاطب ٿيو، ” هل شيدي اوطاق تي هل.“
راڪاس جيڏو شخص، جنهن کي پٽاپٽي گوڏ ۽ بوسڪيءَ جو پهراڻ پاتل هو، تنهن پنهنجو منهن موٽر جي دريءَ مان اندر ڪندي چيو، ” سائين بلڪل نئين آهي.“
” مان گهر ويندس، پهلوان.“
”ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين سائين!“ پهلوان ڇرڪ ڀريندي چيو، ” رب جو قسم آ، اسان توهان وڊيرن لاءِ داڻا ڳولي کڻي ايندا آهيون. ڇا ياد ڪندين پهلوان کي وڊيرا سائين.“
” منهنجو وقت نه وڃائي.“
رئيس ڊرائيور کي موٽر هلائڻ لاءِ چيو پهلوان جون وايون بتال ٿي ويون. موٽر جي دريءَ مان ڪنڌ ڪڍندي چيائين، ” پرواه ناهي وڊيرا سائين. اڄ پهلوان کي نقصان سهي، پر ٻي دفعي حساب چڪتو ڪري وٺبو.“
” ترس شيدي“ رئيس ڊرائيور کي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو،
موٽر هڪ سٽ سان بيهي رهي. رئيس ڪوٽ جي کيسي مان نوٽن جي ٿهي ڪڍي موٽر جي دريءَ مان پهلوان ڏانهن وڌائيندي چيو، ” اچي وٺ، پهلوان.“
پهلوان ڊوڙي آيو ۽ ٻنهي هٿن ۾ نوٽن جي ٿهي وٺندي چيائين ، ” رب جو قسم آ، اڄ حاتم هجي ها ته جيڪر روئي پوي ها، وڊيرا سائين.“
رئيس چيو، ” هل شيدي، هل.“
شيدي موٽر اڳتي ڪاهي ويو. اسٽيشن روڊ پورو ڪري، گهنٽا گهر وٽان براج روڊ ڏانهن ڦرندي رئيس جي نگاه معصوم شاه جي مناري تي پيئي. وراڪي وٽ منارو سندس نگاهن کان اوجهل ٿي ويو. براج تي ماڻهن ٽانگن ۽ سائيڪلن جي پيهه هئي، شيديءَ موٽر جي رفتار ڍري ڪري ڇڏي. ٿاڻي وٽ جمعدار رئيس کي کڙڪيدار سلام ڪيو، جواب ۾ رئيس فقط پنهنجو ڪنڌ لو ڏيو. اڳ وانگر موٽر بيهاري کانئس حال احوال نه ورتائين، جمعدار حيرت مان موٽر کي ڏسندو رهيو. ڪجهه اڳتي هلي موٽر شڪارپور روڊ ڏانهن ڦري وئي. جڏهن متي مهر جي واڙي واري گهٽي آئي ته رئيس ڳاٽ ڪڍي اوڏانهن ڏٺو. ( عام رواجي ماڻهو، ۽ لوفر لفنگا بيراج روڊ کان چڪلي ۾ ويندا آهن . وڏا ماڻهو ڪامورا ۽ پڙهيل ڳڙهيل متي مهر جي واڙي واري گهٽيءَ مان لڪي لڪي، پاڇن ۾وڌندا، چڪلي ۾ داخل ٿيندا آهن)، رئيس وڏن ماڻهن سان گڏ چڪلي ۾ ويندو هو، پر جڏهن کان چونڊن ۾ بيهڻ جو ارادو ڪيو هئائين تڏهن رئيس نوٽن جو ڍير سندس قدمن ۾ اڇلائي ، کيسا ڇنڊي، ويندي ويندي در وٽان منهن ورائي چوندو هو،” اسان سان ڪير ڪلهو هڻي سگهندو بشيران. حڪم ڪر ته سڄي سنڌ تنهنجن قدمن تان قربان ڪري ڇڏيان“
بشيران فقط هڪ دلفريب مرڪ آڻي اٿي کڙي ٿيندي هئي. موٽر جڏهن متي مهر جي واڙي واري گهٽيءَ وٽان لنگهي، تڏهن رئيس کي بشيران ياد آئي. بي اختيار هڪ سرد آهه سندس چپن کي ڦڙڪائيندي هلي ويئي. سنڌن ۾ ٽڙڪاٽ محسوس ٿيس. ڏک، ارمان، بيڪسي، ۽ مجبوري سندس سموري وجود مان ليئا پائڻ لڳي. تصور ۾ قبر جي اونده ڏسي ورتائين. سڄي واٽ حڪيم جو جملو سندس ڪنن ۾ چڀندو رهيو سڪرات جو خوف ۽ قبر جي عذاب جون ٻڌل ڏند ڪٿائون کيس نيپوڙينديون رهيون.
رئيس جي خيالن جو سلسلو اوطاق وٽ ٽٽي پيو. موٽر بيهاري شيديءَ ادب سان در کوليو. رئيس آهستي آهستي وک کڻندو اوطاق ۾ داخل ٿيو. نوڪر چاڪر ادب سان اٿي بيٺا. رئيس سڌو وڃي کٽ تي ويٺو. ڪنهن ڏانهن اک کڻي نه ڏٺائين. سڀني اچرج مان هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو. سڀني جي اکين ۾ ساڳيو سوال هو، سڀ کان وڌيڪ حيرت آبپاشيءَ جي اوورسيئر حاڪم کي ٿي. هونءَ رئيس کيس ڏسندي ئي ٻانهون کولي ڀاڪر پائيندو هو. حاڪم پنهنجي جاءِ تان اٿي رئيس جي ڀر ۾ کٽ تي اچي ويٺو. رئيس جو لٿل منهن ۽ پريشان نگاهون ڏسندي پڇيائين، ” ڇورئيس خير ته آهي؟“
” ها، مڙيئي خير آهي.“
” وساميل ٿو ڏسجين.“
” ائين ئي.“
” چپ ڇو آهين.“
ڳالهه ٽارڻ لاءِ رئيس وراڻيو، ”مٿي ۾ سور آهي.“
” واه سائين واه. ايتري تي کڻي دل لاٿي اٿئي.“
” مان پريشان آهيان، حاڪم.“
” اهڙي خوشخبري ٿو ٻڌايانءِ رئيس جو منٽن ۾ سموري پريشاني ختم ٿي ويندءِ .“
”منهنجي پريشاني لهڻ جي ناهي.“
” خوشجبري به ڪا معمولي ڪونهي“ حاڪم چيو ” ٻڌنديئي جهمر هڻندين.“
رئيس هڪ تکي نظر حاڪم تي وڌي. حاڪم هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رئيس طرف جهڪي آيو. پوءِ رازداري ۾ چيائين ”اڄ بند کي ٽڪو ڏياري آيو آهيان. صبح تائين سڄو ڳوٺ ٻڏي ويندو. بند ٺهڻ ۾ لک کن ته ڪمائي وٺنداسين. ڪيئن!“
اوورسيئر ٽهڪ ڏيڻ لڳو. رئيس گهور ڪري ڏانهس نهاريو. نفرت وچان ذري گهٽ رڙ ڪندي چيائين ” سنگدل ،ڪمينا، دولت جي حوس ۾ غريبن کي بي گهر ڪري ڇڏيئه.“
” ڪانئين ڳالهه تي ڪونهي.“ حاڪم آرام سان وراڻيو ” پاڻ ته هميشه کان ائين ڪندا آهيون.“
” بيرحم. نڪري وڃ منهنجي اوطاق مان. مان تنهنجي شڪل ڏسڻ نٿو چاهيان.“
حاڪم رئيس کي چتائي ڏٺو. سمجهيائين رئيس ضرورت کان وڌيڪ پيتل هو تنهن ڪري اهڙيون واهيات ڳالهيون پئي ڪيائين.
هن وڌيڪ ڳالهائڻ مناسب نه سمجهيو ۽ دل ۾ دولت لاءِ گد گد ٿيندو اوطاق مان نڪري ويو.
حاڪم جي وڃڻ کان پوءِ رئيس کٽ تان اٿيو ۽ ٻئي هٿ ڪوٽ جي کيسن ۾ وجهي آهستي آهستي قدم کڻڻ لڳو. اونهي ويچار ۾ ڪنڌ جهڪي ويو هوس. پيشانيءَ تي فڪر جون ليڪون اڀري آيون هئس. قدم کڻندو اوطاق جي پرئين ڪنڊ ۾ ڪاٺ جي ڪٻٽ وٽ وڃي بيٺو. ڪا گهڙي ڪٻٽ کي ٽڪ ٻڌي ڏسندو رهيو. ڏسنديئي ڏسندي هڪ سٽ سان ڪٻٽ جو طاق کولي ڇڏيائين. ڪٻٽ ۾ ولائتي شراب جون بوتلون ۽ سگريٽن جا پاڪيٽ پيا هئا. رئيس جو بدن ڪنبڻ لڳو. اوچتو جذبن جي جنون ۾ بوتلون کڻندو دريءَ کان ٻاهر اڇلائيندو ويو. نوڪر چاڪر، راهڪ ڪڙمي اچرج مان ڏانهس نهارڻ لڳا. رئيس بنا ترسڻ جي بوتلون اڇلائيندو ويو. ڪجهه دير ۾ ساهه چڙهي آيس. سهڪڻ لڳو.
” منهنجي اوطاق ۾ حرام شي!“ سهڪندي چوڻ لڳو ” اڙي تماشو ٿا ڏسو! بيوقوف، گڏهه، جاهل. ڪڍو حرام شي منهنجي گهر مان. منهنجي قيامت ڪاري ٿا ڪريو.“
نوڪرن منٽن ۾ شراب جون بوتلون ۽ سگريٽن جا پاڪيٽ ٻاهر اڇلائي ڪٻٽ خالي ڪري ڇڏيو.
رئيس جو بدن پگهر جي ڀت ٿي ويو. پاڻ سنڀالي نه سگهيو ۽ ڦهڪو ڪري موڙي تي ويهي رهيو.
هڪ ڪارو قداور جوان، جنهن کي مٿي تي ڪاري ململ جي پڳ ۽ ڪلهي تي اجرڪ هو، رئيس جي سامهون اچي بيٺو.
”ڇو، خير ته آهي ريس؟“
رئيس ڏانهس ڌيان نه ڏنو.
هن ٻيهر ڳالهايو، ” آب حيات تي ڪاوڙ آهي ڇا، ريس.“
رئيس منهن مٿي ڪري مٿس هڪ ڪرڙي نگاهه وڌي. نفرت وچان سندس ڀروون پاڻ ۾ ڳتجي ويون.
” ٽري وڃ منهنجين نظرن کان.“
” تنهنجا گلام آهيون سائين.“ ڪاري جوان ادب سان چيو، گلام جي کتا هجي ته ماڦ ڪر ڀوتار.“
” دفعي ٿي. رهزن خوني.“
” تنهنجي اجهي ۾ آهيون سائين.“
”قاتل، خوني“ رئيس حقارت مان اکر اڪليندو رهيو ” ڌاڙيل بيدرد، توهان انسانن جو آرام لٽيندا رهيا آهيو،“
” تڏهن به تنهنهجا آهيون سائين. تنهنجي تڏي تي پيا آهيون. کُدا ٿو ڄاڻي جي تون اجهو نه ڏئين ته جيڪر پوليس اسان جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏي.“
” نه، نه. مان توهان کي سڃاڻڻ به نٿو چاهيان.“
” تنهنجي هڪ اشاري تي سکر شڪارپور جون سهڻيون ڇوڪريون کڻي آيا آهيون. تنهنجي چوڻ تي بيٺل فصل ساڙيندا آهيون. تنهنهجي حڪم تي الائي ڪيترن جا سر لاهيندا رهيا آهيون“ ڪارو جوان چوندو رهيو”اسان تنهنجا آهيون،“
” خاموش.“ رئيس ٻئي هٿ ڪنن تي رکي ڇڏيا، ” خاموش. هڪدم هتان هليا وڃو.“
ڪارو جوان رئيس کان ٻه چار قدم پري ٿي بيٺو. حيرت ۽ اچرج مان اکر نه ٿي اُڪليس. هونءَ رئيس ايندي ويندي سندس پٺي ٺپيندو رهندو هو. پوءِ تڏهن به همت ڪندي چيائين، ” ايندڙ چونڊن ۾ تنهنجو ڪم به ڪنداسين سائين.“
” باهه ڏيو چونڊن کي.“ رئيس رڙ ڪندي چيو.” مان انهن جهنجهٽن ۾ نه پوندس. دفعي ٿيو، ٽري وڃو. وڃي کڏ ۾پئو. هتان هليا وڃو. رهزن، خوني ڌاڙيل .“
ڪاري قدارو پنهنجن ساٿين ڏانهن ڏٺو. هو اٿي کڙا ٿيا. ڪاري جوان جون اکيون ٽانڊا ٿي ويون. رئيس جي منهن ۾ منهن وجهندي چيائين، ”تر۾ پاٿاريدارن جي کوٽ ڪونهي ميان. اسان کي ڪٿي نه ڪٿي اجهوملي ويندو، پر تنهنجو کير ڪونهي.“
رئيس ٽپ ڏيئي موڙي تان اُٿيو.
ڪارو جوان ڪلهي تي اجرڪ وجهي ساٿين سميت اوطاق مان هليو ويو.
رئيس موٽي اچي موڙي تي ويٺو. منهن مان پگهر ٽمي رهيو هوس اندر ۾ آنڌ مانڌ هئس. ڪڏهن ڪاڪ ٺهيس، ته ڪڏهن ڊهيس پئي. ڪجهه دير رکي منشيءَ کي وڏي واڪ سڏ ڪيائين. منشي سٿڻ جاور کنجندو رئيس جي اڳيان اچي بيٺو .
” ويهه رهه ۽ لک.“ رئيس چيو.
” پر شائين.“
” ڇاهي‎؟“
” شائين ڪاڳر قلم ته کرين اچان“
” جلد کڻي اچ. دير نه ڪر،“ رئيس ٿڌو ساهه کڻندي چيو،
” مون وٽ وقت ڪونهي.“
” بش، اجهو ٿو اچان.“
منشي ڪاغذ قلم کڻي آيو ۽ عينڪ جا شيشا اُگهي لکڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو.
” شائين، شالکان؟“
” وصيعت!“
” وشيت!“
” ها.“ رئيس وراڻيو، ” ۽ خيال سان لکندو وڃ.“
” هاجر شائين.“
” مان پنهنجي آمدني ۽ دولت چڱن ڪمن ۾ لڳائڻ چاهيان ٿو.“
” شائين لکان؟“
”ها منشي.“ رئيس خشڪ نڙيءَ سان چيو، ” هيٺين مسجد جي مرمت لاءِ ڏهه هزار رپيا.“
منشيءَ جي ڀروون کي ڇڪ آئي. عينڪ نڪ تان گهر ڪي ناسن وٽ اچي ڦهڪيس.
” پنجويهه هزار رپيا شڪارپور روڊتي مسافر خانو ٺهرائڻ لاءِ.“
منشيءَ ڳيت ڏيئي رئيس ڏانهن ڏٺو.
”پنجويهه هزار رپيا يتيمن جي تعليم ۽ اسڪالرن لاءَ .“
” شائين...........“ منشي ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪئي.
” تون ماٺ ڪري لک، منشي.“ رئيس سندس ڳالهه ڪپيندي چيو، ” ويهه هزار رپيا بيواه عورتن جي اجهي لاءِ.“
” شائين بشيران بيگم کي به ته جيورن جو انزام ڪيو اٿو.“
” مون وٽ حرام ڪاريءَ لاءِ دولت ڪونهي.“ رئيس ڪاوڙ ڪندي چيو، ” کڏ ۾ وڃي پوي بشيران بيگم“
” ها شائين، ٻيو.“
رئيس سوچ ۾ پئجي ويو. ڪجهه دير اکيون پوري ڪنهن مسئلي تي ويچار ڪندو رهيو. اکيون بند ئي هئس جو چيائين ” مان پڪو مسلمان آهيان.“
” شائين لکان“
” ها.“ رئيس اکيون کوليندي چيو، ” ۽ منهنجين اکين آڏو واڻين جي نشاني هر گز رهي نه سگهندي“
”شائين ڪهڙي نساني؟“
” بندر سان جيڪي چار بئنچون پيون آهن، سنگمر مر جون، سي لالا ڌرمداس جئسنگهاڻيءَ جون ٺهرايل آهن انهن کي پٽي درياهه ۾ اڇلايو ۽ ان جاءِ تي هڪ سهڻو ڦوهارو تيار ڪرايو رقم لک ڏهه هزار.“
” ۽ شائين اڄ رات جو اوطاق ۾ رڪش شرود جي محفل ٿيڻي آهي، تنهنجو شاٿيندو؟“
” رقص سرود بند. اوطاق ۾ واعظ ٿيندو.“
منشيءَ حيرت مان رئيس ڏانهن ڏٺو ۽ قلم هلائيندو رهيو. رئيس کي ويٺي ويٺي نئون خيال آيو.موڙي تان اُٿندي چيائين،” وڃ “ منهنجي لاءِ هوائي جهاز ۾ سيٽ بڪ ڪرائي اچ.“
شائين پيرش لاءِ .“
” جده لاءِ. مان حج تي ويندس.“
منشيءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. چپن ۾ ٽي دفعا سجان الله چئي ويو.
” اڙي ڀڻ ڀڻ ڇاجي لڳائي اٿئي، ٻاتا وڃ وڃي ٽڪيٽ بڪ ڪراِءِ.“
منشي ءَ هٻڪندي هٻڪندي چيو“ ” پر شائين بيلٽ ته نڪري ويا آهن. لشٽن تي نالا به لڳي ويا آهن.“
رئيس کٽ تي ويهي رهيو چيائين، ” هاڻي ڪوطريقو ڪونهي؟“
” هڪرو آهي.“
” ڪهڙو؟“
” جيڪڏهن ڪو سخش حج تي نه وڃي ته شندش ٽڪيٽ توهان کي ملي شگهندي. شا به ڪوسس شان.“
” اٿئي ڪواهڙو شخص نظر۾ .“
” ها شائين.“ منشيءَ رازداريءَ واري لهجي ۾ چيو ” پنهنجو ڌنو ڪرمي.“
ڌنو! اڙي واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي! سڏ ڪر ڌني کي.“
منشي ءَ ڌني کي سڏ ڪيو . ڌنو هٿ ٻڌي ادب سان رئيس جي سامهون اچي بيٺو.
رئيس چيو، ” ڌنا، هن دفعي تون حج تي نه ويندين .تنهنجي بدران مان ويندس.“
ڌني کي ڄڻ مغز ۾ بڙڇي لڳي. پيرن هيٺان ڌرتي نڪري ويس. آزي ڪندي چيائين ” سائين پائي پائي ميڙي هن ڏينهن جي سڌ ڪئي هئم.“
” ايندڙ سال حج تي تون نه ويندين، تنهنجي بدران مان ويندس.“
” اهڙو قهر ته نه ڪر سائين.“
” بڪ بڪ نه ڪر.“
” سائين مان ويندس.“ ڌنو روئي پيو، ” مان مسڪين آهيان منهنجي هڪ تمنا ته پوري ٿيڻ ڏيو.“
ڌنو رئيس جي قدمن ۾ ڪري پيو. رئيس پنهنجو پير پري ڪندي چيو، ” پري ٿيءُ نه ته لاهيان نه ڪياڙي ءَ واري لپاٽ .“
” لپاٽ هڻ ، پر حج تي وڃڻ ڏي.“
” اڙي تون هٺ تان نه لهندين.“ رئيس ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويو ” هڻ هن ڪاغذ ٿي آڱوٺو.“
” سائين مان نه هڻندس.“
” نه هڻندين“
” نه سائين؟“
” نه هڻندين؟ “ رئيس رڙ ڪندي چيو، ” اڙي وٺي اچو ڌني جي جوءِ کي ته سٿڻ ۾ ٻلي وجهانس.“
ڌني کان دانهن نڪري ويئي.زندگي ءَ جي وساريل سڄي نفرت اکين ۾ تري آيس. جده جو شهر سندس سيني ۾ سڙي خاڪ ٿي ويو. آڱوٺي کي مس لڳائي ڪاغذ تي هنيائين ۽ ڪنڌ جهڪائي اوطاق مان نڪري ويو ان وقت ڌني جي اکين ۾ لڙڪ نه هئا.
رئيس جي سيني ۾ ڪاوڙ جا شعلا ڀڙڪڻ لڳا. ڌني سندس حڪم نه ٽاريو هو پر تڏهن به ڌني جي رويي تي رئيس جي رڳ رڳ ۾ رت ٽهڪڻ لڳو ڪيئن! ڪيئن! ڪيئن هڪ معمولي ٽڪي جي ڪڙمي ‎ءَ مونسان ٽرٽر پئي ڪئي؟ رئيس کٽ تان اٿيو ۽ اوطاق جو غاليچو لتاڙيندو رهيو . اوچتو سندس نگاهه ڀت تي ٽنگيل ڪيلينڊر تي وڃي پيئي. هلندو اچي ڀت وٽ ڪيلينڊر جي سامهون بيٺو ڪيلينڊر تي تاج محل جي تصوير هئي.
سندس نگاهون ڪيلينڊر تي کپي ويون. ڪا گهڙي اک ڇنڀ بنا تاج محل جي تصوير ڏسندو رهيو . آهستي آهستي سندس چپ ڦڙڪيا. چيائين، ” منشي“
” جي شائين.“
” مسجد جي مرمت نه ٿيندي“
” هان!“
” مسافر خانو نه ٺهندو“
” هان! منشيءَ کان ذري گهٽ قلم ڇڏائجي ويو.
” يتيم ۽ بيواه وڃي کوه ۾ پون“
منشيءَ پنهنجي عينڪ نڪ تي کپائيندي رئيس ڏانهن ڏٺو. رئيس چوندو رهيو ”لالا ڌرمداس جون بئنچون ڀل بندر وٽ پيل هجن“
” ها شائين“
پوءِ ڪجهه دير اوطاق ۾ خاموشي طاري رهي. رئيس تاج محل جي تصوير کي جاچيندي چيو حج ڪري مان ڪربلا مولا جي زيارت تي ويندس“
” انساءِ الله “
” تيستائين تون ڪنهن سٺي ڪاريگر کان هڪ زبردست مقبري جو نقشو تيار ڪرائي وٺجاءِ “
” مقبرو!“
” ها.“ رئيس وراڻيو“ ” مان چاهيان ٿو ته مرڻ کان پوءِ مونکي ياد ڪيو وڃي. منهنجون ورسيون ملهايون وڃن. مان ڪو معمولي ماڻهو ته نه آهيان جو مرڻ کان پو گمنام رهان“
رئيس هٿ وڌائي ڀت تان ڪيلينڊر لاهي ورتو ۽ آڻي منشيءَ جي گوڏن تي رکيو. ڪيلينڊر جو تاج محل وارو ورق اُٿلي ويو ۽ منشيءَ جي نگاهن آڏو سانجهيءَ جو منظر هو لهندڙ سج ۽ کجين جا وڌندڙ پاڇا.

**

چرٻٽ ۽ قلفي

سڄي گهر ۾ مان سڀني کان ننڍو آهيان. هر ڪو سڏيم چرٻٽ. ائين به ڪونهي ته مان صفا ڪو ڀوڪ بصرياچڀڙ چريو آهيان. مان پنهنجي ساءِ ته سڀ ڪم نهايت خبرداري سان ڪندو آهيان پر منهنجي بدقسمتي چئبي جو ڪٿي نه ڪٿي ڪا نه ڪا غلطي ڪري ويهندو آهيان ۽ ان جو نتيجو ڀو ڳڻو پوندو اٿم. هڪڙي ڏينهن ائين ئي ٿيو هو. اسڪول ۾ ماستر صاحب ٻڌايو ته ماءُ جي پيرن هيٺان بهشت هوندو آهي. منهنجي سنگتيءَ ڦندڻ پنهنجي بينچ تان اٿندي چيو، ” پر، سائين مونکي ته ماءُ ئي ڪونهي. مان ننڍڙو هوس جو هوءَ مري ويئي هئي. منهنجو بهشت ڪٿي هوندو؟“
” پڻهين جي پيرن ۾“ سائين ءَ کي ڏاڍا خار لڳا. ” ڇورو ڪمبخت! ماڻس مري ويئي ٿس ته ان ۾ به ڄڻ منهنجو ڏوهه آهي“
قلندر پنهنجو سنهڙو هڏائون هٿ مٿي ڪيو ” شائين“
” چئه ، سائين ءَ جا ٻچا“
” شائين ، توهان چيو نه ته بهشت ماءُ جي پيرن هيٺان هوندوآهي.‎“
” اڙي هائو چيم. هڪ لک دفعا چيم ته ماءُ جي پيرن هيٺان بهشت هوندو آهي.،
” پر شائين“ منهنجي ماءُ جي پيرن هيٺان ته باٽا جو چمپل هوندو آهي“
ان ڏينهن اسانجي ماستر منهنجي دوست قلندر کي دل تي مار ڏني. ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيائينس. جڏهن خوب مار ڏيئي رهيس تڏهن قلندر کان پڇيائين، ” ڪيئن ماڻين جي پيرن هيٺان باٽا جو چميل آهي يا بهشت ؟“
قلندر ٻانهن سان گوبو اگهندي چيو، ” شائين، منهنجي ماءُ جي پيرن هيٺان ........ دو ......دو ......... دوزخ آهي.“
ان جواب تي قلندر کي اهڙي مار ملي، جهڙي کدو کٽيءَ پنهنجي گڏهه کي ڏني هئي، جنهن سندس گوڏ جو اڌ حصو چٻاڙي چٻاڙي اڳري ڇڏيو هو. ماستر صاحب قلندر کي ڪٽي ڪٽي ٿڪجي پيو. ساهي پٽي وري اچي ورايائينس. هڏ گڏ چٿي چور ڪري ڇڏيائينس. مولا بخش جي وسڪارن سان اسان جي يار کي بيحال ڪري ڇڏيائين. قلندر نيٺ ساڻو ٿي ڪري پيو. ماستر صاحب پنهنجي لٺ ( جنهن کي ٻه مٿا هئا) ميز تي رکي ٻانهون کنجي قلندر کي وارن کان وٺي ڌونڌاڙيندي پڇيو ، ” چئه ڙي چمپل جا پٽ، ماڻهين جي پيرن هيٺان بهشت آهي يا باٽا جو چمپل؟“
سڄي ڪلاس جا شاگرد پنهنجا پنهنجا ساهه روڪي، دل ئي دل ۾ ڪنبي رهيا هئا. ماستر صاحب جو سوال ٻڌي سڀني شاگردن جون نگاهون قلندر ڏانهن اٿيون. هن وراڻيو، ”شائين، برابر، منهنجي ماءُ جي پيرن هيٺان بهشت آهي.“
ماستر صاحب پنهنجي فتح تي ڏاڍو گُد گُد ٿيو. مولابخش خاني ۾ رکي ڇڏيائين. قلندر جي پٺي ٺپيندي چيائين، ”ٻچا، استاد جي مار سنوار، ۽ ڳالهه پٿر تي ليڪو هوندي آهي.“
”ها، شائين منهنجي ماءُ جي پيرن هيٺان بهشت آهي.“
قلندر موٽي اچي منهنجي ڀر ۾ ويٺو ۽ پوءِ گهڻي دير تائين نڪ ۾ آڱريون ڦيرائي گينگا ڪڍي بينچ کي ٿڦيندو رهيو. ماستر صاحب کان اک بچائي ڦندڻ کيس سٿر ۾ چنهنڊڙي وجهندي چيو، ”سيرو ٿو ڀُڃين ڇا؟“
”ها.“ هن ڀڳڙي جيڏو گينگو ڪڍندي وراڻيو، ”منهنجي ماءُ جي پيرن هيٺان بهشت آهي.“
ماءُ جو پير پري ڪونهي- بهشت ۾ منهنجي دلچسپي وڌي ويئي. رهيو نه ٿيو. اٿي بيٺس. سائينءَ اهڙي رڙ ڪئي، جهڙي ٽارزن مارا ماريءَ سان ڀرپور انگريزي فلمن ۾ ڪندو آهي، ”تو کي وري ڇا هي، بدبخت ڇورا؟“
هٿ مٿي ڪندي وراڻيم، ”سائين ڀلا بهشت ۾ قلفي ملندي.“
سائينءَ جواب نه ڏنو. ميز جو خانو کولي مولابخش ٻاهر ڪڍيائين. مون به الله جو نالو ورتو ۽ ٻئي هٿ سائينءَ جي سامهون جهلي بيٺس. سائين وڌي آيو ۽ اچي ڏنڊي سان ورايائين. ماستر صاحب جي مار کائيندي فيصلو ڪيم ته ڪجهه به ٿي پوي، پر مان بهشت ۾ نه ويندس. سائين جڏهن ٿڪجي پيو ۽ سهڪڻ لڳو، تڏهن چيائين، ”صوبيدار جو ڀاءُ ٿي پيو آهين، نه ته ماري ماري بڻ وڃائي ڇڏيانءِ ها.“
مان هٿ مهٽيندو، ٻانهن سان گوبو اگهندو، بينچ تي وڃي ويٺس. سائين ڀڻ ڀڻ ڪندو بورڊ ڏانهن وڌي ويو، ”پڙهڻ کان ته ڇوري کي ٻرو ٿو چڙهي. پٽ هليو آ بهشت ۾ قلفي کائڻ.“
مون کي پڻ احساس ٿيو ته ها ٻيلي، مان پڙهڻ ۾ جڏو آهيان، ڪچو ڏڏ آهيان. ادا شفارش نه ڪري ها ته هن سال ڇهون درجو ڪڏهن به پاس ڪري نه سگهان ها. سوچيم ته پڙهڻ سان دل لڳائيندس، ڪتابن ۾ دلچسپي وٺندس. سائينءَ بورڊ وٽ پهچندي چيو، ”اڙي لکو ڇورا... (جلدي ڪڍ ڪاپي، موڳا) واسڪو ڊيگاما.... پهريون شخص هو... (اڙي او موچيءَ جا پٽ، ٻاهر ڇا ٿو ڏسين؟) جنهن سامونڊي (لخ لعنت ٿي ڇورا حجم، ٻاهر پڻهين بيٺو آ؟) سامونڊي سفر ڪري... (او قلفيءَ جا، ٻاهر قلفيءَ واري کي ٿو ڏسين ڇا؟)... ۽...“
”نه سائين.“
”اڙي وري ڪوڙ.“
” نه سائين.“
” ٻاهر ڇا ٿو ڏسين؟“
”ڪجهه نه.“
”ڀلا ڪلاس ۾ ڌيان اٿئي؟“
”ها سائين.“
”ٻڌاءِ ته مان ڇا لکائي رهيو آهيان؟ پر خبردار جو ڪاپي ڏٺي اٿئي.“
”توهان گاما پهلوان جي تعريف لکائي رهيا آهيو.“
سائينءَ اتان ئي مون کي چاڪ اڇلائي هنيو ۽ پوءِ جنهن وقت پنهنجي ٻه مٿي لٺ کڻي مون ڏانهن وڌيو، تنهن وقت پٽيوالي رسيس جو گهنڊ وڄايو. موقعي جو فائدو وٺندي، مان تير وانگر دريءَ مان ٽپو ڏيئي ڀڄي ويس. پٺيان سائينءَ جي رڙ ٻڌم، ”اڙي جهليوس، پڪڙيوس. ڊوڙو، چرٻٽ کي ٽنگا ٽولي ڪري کڻي اچو ته کل لاهيانس.“
پر مون کان تکو فقط ڪتا ڊوڙي سگهندا آهن. ڇورا ڪيئن ٿي پڄي سگهيا! رڳو رڙيون ڪندا رهيا، ”پڪڙيو چرٻٽ کي، پڪڙيو چرٻٽ کي.“
اهڙي ئي نموني هڪ غلطي اڳ به ڪئي هيم، جنهنجي نتيجي ۾ منهنجي مٿان چرٻٽ نالو پئجي ويو.
ڳالهه هن ريت هئي، جو هڪڙي ڏينهن هڪ مائٽ اسان جي گهر آيو. پاڻ وڏو ماڻهو آهي، انڪري وڏن ماڻهن وانگر ٿلهو آهي. قداور ۽ ڏسڻ ۾ ڇسو آهي. مٿو سنڌين وانگر ويٺل اٿس. اکين جا تارا ڀورا ۽ چڌن جيان ٻاهر نڪتل اٿس. هو جنهن وقت ڊرائينگ روم ۾ آيو هو، مان تنهن وقت در جي پردي پويان لڪي لڪي قلفي چوسي رهيو هوس. قلفي کائڻ منهنجي عادت آهي. منهنجي اها عادت مائٽن کي پسند ناهي، پر پاڙيسرين کي آهي. مان پاڙيسرين جا ڪم ڪار ڪندو رهندو آهيان ۽ هو مون کي لڪي لڪي پنهنجي گهر ۾ قلفي کائڻ ڏيندا آهن. پاڙي وارن وٽ نه وڃان ته درن جي پردن پويان لڪي لڪي قلفي چوسيندو آهيان. ان ڏينهن به مان قلفي چوسي رهيو هوس، جو اسان جو مائٽ ڪمري ۾ داخل ٿيو. ڪو معمولي ماڻهو ڪونهي. لاهور ۾ وڏو آفيسر آهي. منهنجي ساڻس ڪا نه پوي. مون کي ان جو افسوس ناهي ته پاڻ هڪ ڪڇياڻيءَ سان ٻي شادي ڪيائين ۽ پهرين کي طلاق ڏيئي ڇڏيائين. افسوس ان ڳالهه جو اٿم ته سندس وڏو پٽ ڪريم، جيڪو پهرين زال مان اٿس، سو منهنجو هم ڪلاسي آهي ۽ مان کيس روز هڪ قلفي کارائيندو آهيان. ويچارو ڇا ڪري! پڻس پيسو ڏوڪڙ به موڪليس ڪو نه. ڏينهن جو پڙهندو آهي ۽ شام جو ڇولا وڪڻندو آهي. ماڻس رقون تي آر سان ڀرت ڪندي آهي. پر جڏهن کان نوڙين جهڙا نيلان جا روا آيا آهن، تڏهن کان ويچاريءَ جو روزگار تنگ آهي. غريب کي طلاق مليل آهي. مڙسهنس پنهنجن ڪڇي ساهرن کي قرآن تي لکي ڏنو هو ته نڪاح کان اڳ پهرين زال کي طلاق ڏيندو. مائٽ پڪو مسلمان آهي. قرآن تي لکيل ڳالهه پوري ڪري ڏيکاريائين. منهنجي دوست ڪريم جي ماءُ کي اسلام جي پيروي ڪندي ٺهه پهه طلاق ڏيئي ڇڏيائين. هڪ ڏينهن ڪريم کي قلفي کارائيندي، چيو هوم، ”پڻهين به عجيب ڪنجوس، مکي چوس مارواڙي آهي! توکي قلفي کائڻ لاءِ ٻه آنا به نه موڪليندو آهي؟“
”نه.“
”مکي چوس مارواڙي.“
”اون هون. ڪڇي ڪاٺياواڙي.“
”پڻهين ايڏا پيسا گڏ ڪري ڇا ڪندو؟“
”لاهور ۾ تاج محل ٺهرائيندو.“
”قلفي جو ڪارخانو نه کوليندو.“
”نه.“
مائٽ منهنجي دل تان لهي ويو.
پر ان ڏينهن کيس ڏسنديئي مون کي الاءِ ڇو بيحد کل آئي. ٽهڪ نڙيءَ ۾ ڪل ڪل ڪرڻ لڳا. کل روڪڻ لاءِ قلفي وات ۾ وجهي ماٺ ڪري بيهي رهيس. امان سندس آڌر ڀاءُ ڪرڻ آئي. چيائينس، ”ڪراچيءَ آئي هفتو ٿيو اٿو، ۽ اڄ ملڻ آيا آهيو.“
”تون به ته ڪو نه آئينءَ، ڀاڄائي.“
”مان آئي هيس ادا، پر توهان هر دفعي گهمڻ ڦرڻ ويا هئا.“
”سوچيو هيم ته توهان وٽ ضرور ايندس.“
”اسان غريبن کي ته صفا وساري ڇڏيو اٿوَ.“
”ائين ناهي ڀاڄائي. ٻئي موٽران کري پيون، سو اچان وري ڇا تي؟“
”کڻي ٽانگي تي اچو ها.“
مائٽ شڪارپوري آهي. ڄهنگهن کي چوي ڄنگهان، کٽن کي کٽان ۽ موٽرن کي موٽران. ان ڏينهن ڄاڻ پئي هئم ته هيٺين ۽ مٿين سنڌ ۾ ”ٽون ٽان“ جو فرق آهي. مائٽ کي ڳالهائڻ ۾ هٻڪ ڪونهي، پر لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪيس پئي، ”واهه ڀاڄائي، واهه مان جهڙو ڊائنامڪ ماڻهو- ٻه هزار رپيا – په – په – پگهار کڻندڙ، ڀلا ٽان – ٽان – ٽانگي تي چڙهي اچان ها، يا ڏان – ڏان- ڏاند گاڏيءَ تي اچان ها.“
ڳالهائڻ ۾ واڇ گودو ٿي هنيس ۽ رکي رکي واڇن وٽان گڦ پي نڪتس. پردي کي وٿ ڪري، ويجهڙائيءَ کان ڏٺومانس ته اسٽار سرڪس جي جاني مشڪري جهڙو نظر آيو. امان سان ڳالهائيندو، اسان ڀائرن جي باري ۾ پڇندو. جنهن پردي پويان مان لڪل هوس، تنهنجي اڳيان پردي ڏانهن پٺي ڪري بيهي رهيو. پڇيائين، ”تنهنجي ننڍي پٽ جو ڇا هي حال؟ اٿس ڪو چاڙهو- ٻاڙهو يا رڳو قلفي کائيندو آهي.“
”اڃا ٻار آهي ادا. الله چڱي ڪندس.“
”تو عادتان ئي خراب ڪري ڇڏيون اٿس.“
مون کي سخت ڪاوڙ آئي، هونهه، جاني مشڪرو، پاڻ کي سمجهي ڇا ٿو! وات مان قلفي ڪڍي، هٿ وڌائي سندس ڪوٽ جي کيسي ۾ وجهي ڇڏيم. ايتري ۾ منهنجا ٽيئي ڀائر احمد، شفيق ۽ انور ۽ ڀيڻ عذرا مهمان جي آجيان لاءِ اچي پهتا. مائٽ کي ڪونچ تي ويهاريائون. هن هٿ جي تريءَ سان ڪنڌ تان پگهر اگهندي چيو، ”اڄوڪي گرميءَ ماڻهن جون کلان بلان ئي ساڙي ڇڏيون آهن.“
رومال ڪڍڻ لاءِ مائٽ کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ پوءِ اوچتو، ڇرڪ ڀري هڪدم اٿي بيٺو. عذرا، امان ۽ منهنجا ٽيئي ڀائر به ساڻس گڏ اٿي بيٺا. مائٽ ڏڪندي ڏڪندي ٻيهر کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ اڌ ڳريل قلفي ٻاهر ڪڍيائين. قلفي ڏسي منهن تي مرڪ موٽي آيس. ٽهڪ ڏيندي چيائين،”هيءَ ڪم پڪ تنهنجي ننڍي پٽ جو آهي، لُچو.“
”ڏاڍو حرڪتي آهي، ادا.“
”تنهنجو ننڍو پٽ صفا چرٻٽ اٿئي، ڀاڄائي.“
تنهن ڏينهن کان مونتي چرٻٽ نالو پئجي ويو آهي.
بدقسمتيءَ سان سڀني ۾ ننڍو آهيان. انڪري منهنجي ڀيڻ عذرا ۽ ٽيئي ڀائر مونکي چرٻٽ سڏيندا آهن. دنيا ۾ ماڻهو چاهي ڪجهه به ٿي پوي، پر ننڍو ڀاءُ نه ٿئي. ننڍي ڀاءُ ٿيڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو جوڻ مٽائي گڏهه ٿي پوي. ان ڳالهه جو احساس مونکي ان ڏينهن ٿيو هو، جڏهن منهنجي وڏي ڀاءُ احمد مونکي پنجين رپئي جو نوٽ ڏيئي ڪپڙن آڻڻ لاءِ واشنگ واري ڏانهن روانو ڪيو هو. مان يڪ ساهي ڊوڙندو ويس ۽ ڪپڙا وٺي پڪ ساهيءَ واپس پئي آيس جو رستي ۾ قلفيءَ وارو ملي ٿو.
”ڇو سائين، اڄ قلفي نه کائيندين ڇا؟“
”نه، يار، تڪڙو آهيان.“
”پر اڄ قلفي به هاءِ ڪلاس اٿئي.“
”الا؟“
”مولا ٿو ڄاڻي. ريٻڙي ملائيءَ سان ڀريل آهي.“
ڪجهه سوچيم. قلفيءَ واري کي ڏٺم. سندس ڪاٺ جي پيتيءَ ڏانهن نهاريم جنهن ۾ قلفيون ٽنبيون پيون هيون. مونکي بيٺل ڏسي، قلفيءَ واري جهٽ پٽ قلفي ڪڍي مون ڏانهن وڌائي. اڇي اڇي قلفيءَ ۾ ساوا ساوا پستا ڏسي منهنجو وات پاڻي ٿيڻ لڳو، ٻارهن پيسا سندس گاڏي ۾ اڇلائي، کائنس قلفي وٺي وات۾ وڌم. آهه، واهه! سوچيم، ڊوڙندو وڃان. پر قلفي تمام لذيذ هئي ۽ قلفي ختم ڪرڻ کان اڳ گهر پهچڻ معنيٰ مولا بخش سان ملاقات ڪرڻ. خيال آيم ته جي اڄ ادا دير سان ٿاڻي پهتو ته چور ڀڄي ڪونه ويندا. اڄ جي قلفي واهه! خوش رهه، قلفيءَ وارا! تنهنجو گاڏو شل چالان کان بچندو رهي. هڪ دفعي ويچاري جو گاڏو چالان ٿيو هو تڏهن ڏهه رپيا ڏيئي گاڏو ڇڏايو هئائين. ان منحوس ڏينهن مونکي قلفي نصيب نه ٿي هئي ۽ مون پاڻ کي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ بدنصيب ٻار محسوس ڪيو هو. ان ڏينهن کان وٺي قلفيءَ وارو حد جي سپاهيءَ کي چار آنا روز ڏيندو آهي ۽ سندس ڇهن ڌيئرن ۽ چئن پٽن کي هڪ هڪ قلفي مفت کارائيندو آهي. پر قلفيءَ وارو به استاد آهي. مفت جي قلفين ۾ پستا باداميون نه وجهندو آهي.
مان پڙهڻ ۾ جيترو جڏو آهيان ، اوترو ئي قلفي کائڻ ۾ ڀڙ آهيان. هلڻ ۽ قلفي کائڻ جي اهڙي ته رفتار رکيم جو جڏهن گهر جي در وٽ پهتس، تڏهن قلفيءَ جو ذرڙو ڪاٺڙيءَ کي لڳل هو. آخري چڪ هڻي، ڪاٺڙي اڇلائي گهر ۾ داخل ٿيس. ادا احمد منهنجي انتظار ۾ پريڊ ڪري رهيو هو. مونکي ڏسنديئي گجيو، ”اڙي ايڏي دير؟ بلا ته نه کائي وئي هُيئه.“
”نه ادا. رستي تي ڀولڙيءَ جو تماشو پئي هليو ۽ -“
”صفا چرٻٽ آهين. اسان جو ڀاءُ اصل نٿو لڳين.“
ادا سٽ ڏيئي منهنجي ڪڇ مان ڪپڙن جو بنڊل ڪڍي اندرين ڪمري ڏانهن هليو ويو. مان رنڌڻي تائين مس پهتو هوندس جو ادا جي خوفناڪ رڙ ٻڌم، ”اڙي چرٻٽ، تنهنجو ستياناس ٿئي.“
اهڙي خوفناڪ رڙ اڳ فقط ٽارزن کان ٻڌي هئم. ادا جي يادگار رڙ گهر جي سڀني ڀاتين ٻڌي.
امان پڇيو، ”خير ته آهي؟ ڇا ڪيائين؟“
ڌوڙ پاتائين. اڙي هن چري چرٻٽ کي گهر مان ڪڍي ڇو نٿا ڇڏيو.“
”آخر ڪيائين ڇا؟“
”اچو، ڏسو.“
ادا ڪپڙن جي بنڊل تان پنهنجي يونيفارم جي قميص کڻي سڀني کي ڏيکاري. قميص تي قلفيءَ مان ڳڙيل کير جي ٽيپن جا داغ هئا. ٻيو ڪجهه به نه هو. مون ڏانهن قهري نظرن سان ڏسندي چيائين. ”منهنجو وس پڄي ته جيڪر کل لاهي ڇڏيانءِ.“
ادا جڏهن کان صوبيدار ٿيو آهي، تڏهن کان بيحد خوفناڪ ٿي پيو آهي. ماڻهو ته لڳيئي ڪونه. جهڙو گينڊو. پاڙي ۾ ٿرٿلو، مائٽن ۾ ٿرٿلو، هِت ٿرٿلو، هُت ٿرٿلو، ادا صوبيدار آهي، خبردار، ڪوبه گڙٻڙ نه ڪري! هڪ ڏينهن قلفيءَ واري کان ٻڌو هئم ته علاءُ الدين کي ڪيئن نه جادوءَ جو چراغ لڀي ويو هو ۽ پوءِ وٽس دولت جا انبار لڳي ويا هئا. صوبيداريءَ ۾ ادا کي به اهڙو ئي چراغ هٿ لڳي ويو آهي. هر مهيني ڪجهه نه ڪجهه ضرور آڻيندو آهي. ڪڏهن ريفريجريٽر، ڪڏهن ريڊيو گرام، ڪڏهن پيانو، ڪڏهن فرنيچر ۽ ڪڏهن چينيءَ جو سامان ۽ ڪپڙا. ادا ۾ هڪ ٻيو ڦيرو به آيو آهي. سندس رويو ۽ ڳالهائڻ جو لهجو هوبهو اسڪول جي ماسترن جهڙو سخت ٿي ويو آهي. قميص تي قلفيءَ جا ٻه چار داغ ڇالڳس، مڙس ڪپڙن مان نڪري ويو. گهوريندي چيائين، ”منهنجو وس پڄي ته جيڪر ڪچو چٻاڙي ڇڏيانءِ.“
مون ڀر ۾ بيٺل ڀيڻ کان پڇيو، ”ادا آدم خور به ٿي پيو آهي ڇا؟“
”بڪواس بند ڪر.“ اديءَ ڇڙٻ ڏني. ”بيوقوف، ڀوڪ، چرٻٽ.“
اسان جي هڪ ئي ڀيڻ آهي – عذرا. ٽن ڀائرن کان ننڍي ۽ مون کان وڏي آهي. امان جي لاڏلي آهي. امان سندس نالي ۾ پيسا گڏ ڪندي آهي. بابا پوليس ۾ انسپيڪٽر هو ۽ فرض پورائيءَ ۾ چورن هٿان مارجي ويو هو. امان سرڪاري انعام جي سڄي رقم عذرا جي نالي رکي ڇڏي. ادا احمد به جيڪي ڪجهه آڻيندو آهي، تنهن مان به قيمتي مال عذرا لاءِ رکندي ويندي آهي. مون امان کان هڪ ڏينهن پڇيو هو ته عذرا جي شاديءَ لاءِ ايڏا پيسا ۽ سامان سڙو ڇو ڪٺو ڪيو اٿئي؟ تڏهن امان وراڻيو هو، ”تون چرٻٽ آهين، توکي خبر ناهي. ڇوڪري جڏهن شاديءَ لائق ٿيندي آهي، تڏهن اهڙو وقت ايندو آهي، جنهن ۾ ڇوڪريءَ جا گڻ اوگڻ دولت جي ڪسوٽيءَ تي پرکيا ويندا آهن.“
گڻ او گڻ! امان ٺيڪ چيو هو. عذرا ڏانهن ڏٺم، جنهن جو نڪ ڦٿل انگور جهڙو، اکيون متيري جهڙيون، ڪن ٽڪاڻي جا ڏيئا ۽ ڏند مترڪي جهڙا آهن. سڄو ڏينهن ڊريسنگ ٽيبل سامهون سرخي پائوڊر ختم ڪندي رهندي آهي. هڪڙي ڏينهن پنهنجي ڪنهن ساهيڙيءَ سان راز جون ڳالهيون پئي ڪيائين. مان در جي پردي پويان لڪي قلفي چوسي رهيو هوس. عذرا چيو، ”سڌير هينڊسم آهي.“
”ڪهڙو سڌير؟“ مان پردي مان نڪري ٻنهي جي سامهون اچي بيٺس.
”وڃ، تنهنجو ڪم ناهي،“ عذرا چيو.
”نه نه، ٻڌاءِ ته ڪهڙو سڌير؟“
سندس ساهيڙيءَ ورائيو، ”پاڪستاني هيرو سڌير.“
”هون. سڌير ته خچر آهي، خچر.“ وراڻيم، ”سڌير کان وڌيڪ هينڊسم قلفيءَ واروآهي يا ٽارزن.“
ٻنهي خوب ٽهڪ ڏيئي مونکي ڦڪو ڪيو. عذرا جي ساهيڙيءَ، عذرا کي چيو، ”تنهنجو ڀاءُ انور به هينڊسم آهي.“
اها ڳالهه ٻڌي دل ۾ ڪتڪائي محسوس ڪئي هئم. انور کي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ سندس ڪمري ۾ ويس، پر هو پنهنجي ڪمري ۾ موجود نه هو. ضرور فلم ڏسڻ ويو هوندو! انور کي فلمن ڏسڻ جو بيحد شوق آهي. صبح جو ڪاليج ويندو آهي ۽ ڪاليج ۾ شاگردن جي مسئلن تي زوردار تقريرون ڪندو آهي. دوست کيس اسٽوڊنٽ ليڊر سڏيندا آهن. روز شام جو فلم ڏسندو آهي ۽ رات جو گهر ۾ ان فلم جا زور زور سان گانا ڳائيندو آهي. هن کي ٻي ڪنهن به ڪم سان دلچسپي ڪونهي. ڪڏهن ڪڏهن اخباري نمائندن جي موجودگيءَ ۾ شاگردن جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ بک هڙتال جو اعلان ڪندو آهي. اهڙي اعلان کانپوءِ اخبارن ۾ سندس فوٽا شايع ٿيندا آهن. تنهن رات هو نڙي ڦاڙي گانا ڳائيندو آهي. هڪ دفعي سچ پچ بک هڙتال ڪيائين. ڪاليج جي ورانڊي ۾ تڏو وڇائي پلٿي ماري ويهي رهيو. ڏينهن جو اخباري نمائندن کي بيان ڏيندو هو ۽ بک هڙتال جاري رکڻ جا اعلان ڪندو هو. روز منهنجا ڀائر، امان ۽ عذرا کيس ڏسڻ ۽ ملڻ ويندا هئا. مان شام جو ايٽي ڏڪر کيڏڻ کانپوءِ کيس ملڻ ويندو هوس. سندس صحت روزانو سڌرندي ويندي هئي. مون هڪ دفعي هڪ عدد روزو رکيو هو ته ذري گهٽ مرندي مرندي بچيو هوس. انور بک هڙتال ۾ ڏنڊو ٿيندو ويو هو. اڪيلائي ڏسي نهايت رازداريءَ سان ڳالهائيندو هو، ”يار چرٻٽ، اڄ ڪلهه قلفي کائڻ ڇڏي ڏني اٿئي ڇا؟“
”نه، اجهو هينئر ته کائي آيو آهيان. ڏاڍي مزيدار هئي.“
”ٻڌ.“ مون کي ڪن ۾ چوندو هو، ”جڏهن سڀ هليا وڃن. تڏهن منهنجي لاءِ هڪ قلفي ۽ چئين آئي جا پڪوڙا آڻجانءِ.“
”پر تو ته بک هڙتال ڪئي آهي.“
”تون نٿو سمجهين، تون چرٻٽ آهين. اها سڀ ليڊر ٿيڻ جي سياست آهي. ڏسجانءِ هڪ نه هڪ ڏينهن مان ضرور وزير ٿيندس.“
مونکي يقين آهي ته اسان جو ڀاءُ انور هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور وزير ٿيندو.
پر سڀني کان مختلف عادتن ۽ طبيعت جو منهنجو ڀاءُ شفيق آهي. احمد کان ننڍو ۽ اسان سڀني کان وڏو آهي. گهر ۾ سڀني تي، احمد کانسواءِ، هيڊ ماستر جهڙو رعب رکندو آهي. قد جو ڪمند ۽ جسم جو ڪانو آهي. منهن انب جي چوسيل ککڙيءَ جهڙو اٿس. مونکي اصل نه وڻي. هر آچر تي مونکي مار ڏيندو آهي. پنجين سال هڻي ماري بي. اي. ڪيائين. انجنيئر صاحب جي سفارش سان رينجر جي نوڪري ملي اٿس.
پهرين ڏينهن نوڪريءَ تان موٽيو هو ته مونکي ڇڙٻ ڏيندي چيو هئائين، ”چرٻٽ، خبردار جو قلفي کاڌي اٿئي. قلفي کائيندين ته گولي هڻدو مانءِ.“
شفيق جي حالت ڏسڻ وٽان هوندي آهي، جڏهن انجنيئر صاحب لاهور مان ٻارن جي پلٽڻ سميت ڪراچي گهمڻ ايندو آهي. انجنيئر صاحب جا ڪجهه ٻار دٻي جو کير پيئندا آهن، ڪجهه مون وانگر قلفي کائيندا آهن ۽ هڪ ڌيءَ ڪوڪاڪولا پيئندي اٿس. انجنيئر صاحب جي ڪوڪاڪولا ڌيءَ ڏسي اسان جو ڀاءُ شفيق دليپ ڪمار ٿي پوندو آهي. کيس کلائڻ لاءِ چرچا گهٻا ڪندو آهي. ٻارن جي رسالي مان لطيفا ياد ڪري کيس ٻڌائيندو آهي. جڏهن به انجنيئر صاحب جا ٻار اسان وٽ ايندا آهن، شفيق آفيس مان مٿي جي سور جو بهانو ڪري موڪل وٺي ايندو آهي ۽ گهر جي ڀاتين کي مٿي ۾ سور وجهندو آهي.
هڪ دفعي انور ۽ شفيق جي وچ ۾ ڪوڪا ڪولا تان ٿوري ڇڪتاڻ به ٿي هئي، پر امان ٻنهي کي پنهنجو فيصلو ٻڌايو هو ته، ”اول احمد پوءِ تون. هن دفعي انجنيئر صاحب ايندو ته مان کانئس احمد لاءِ سندس وڏي نينگر جو سڱ گهرنديس.“
ان رات شفيق دليپ ڪمار وانگر وار منهن ۾ وجهي، چپ لٽڪائي زبردست ڏک جو اظهار ڪيو هو ۽ انور نهايت غمگين فلمي گانا ڳايا هئا ۽ ٻئي ڏينهن اخباري نمائندن سامهون بک هڙتال جو اعلان ڪيو هئائين. ساڳي ڏينهن هڪ سپاهيءَ کان ٻڌم ته احمد ٿاڻي تي خوشيءَ وچان هڪ چور کي ايڏي ته مار ڏني، جو چور جا ٻه ڏند ڀڃي ڇڏيائين.
انور غمگين گانا ڳائڻ نه ڇڏيا هئا، شفيق جو لڙڪيل چپ پنهنجي جاءِ تي واپس نه آيو هو؛ احمد خوشيءَ وچان چورن کي مارڻ نه ڇڏيو هو جو اوچتو ئي اوچتو، بنا اطلاع ڏيڻ جي انجنيئر صاحب پنهنجي ڌڻ سميت اچي حاضر ٿيو. ڪوڪا ڪولا ساڻن گڏ نه هئي. انجنيئر صاحب اچڻ شرط امان کي چيو، ”ڀاڄائي، جلد ڪر، تيار ٿيءُ. بازار هلڻو آهي.“
”ڇو، خير ته آهي نه؟“
”ها ها، مڙيئي خير آ، بس شام واري گاڏيءَ ۾ موٽي وينداسين.“
”ايترو جلد؟“
”ها، ڀاڄائي، ڳالهه ئي ڪجهه اهڙي آهي.“
”آخر مان به ته ٻڌان؟“
”ڪڪيءَ جي سڱ جي ڳالهه چيف انجنيئر جي پٽ سان پڪي ڪري آيو آهيان. ايندڙ آچر تي شادي آهي ۽ توهان سڀني کي اسان سان هلڻو پوندو.“
امان پاڻ کي ڪونچ تي ڇڏي ڏنو اکيون پوري ليٽي پئي. انجنيئر صاحب ڏاڍيون رڙيون ڪيون، پر امان اک نه کولي. مان سڄو نظارو در جي پردي پويان لڪي ڏسي رهيو هوس. امان کي اهڙي حال ۾ ڏسي، قلفيءَ کي پويون چڪ پائي، ڪاٺڙي اڇلائي، پردي سان وات آگهي ٻاهر آيس. مون کي ڏسنديئي انجنيئر صاحب چيو، ”چرٻٽ وارو ڪر“ ڪنهن ڊاڪٽر کي وٺي اچ. ماڻهين کي گرمي لڳي آهي.“
مان ڊوڙندو، ٻه ٻه ڏاڪا لهندو رستي تي وڃي پهتس. سامهون قلفيءَ وارو بيٺو هو. کانئس ٻه قلفيون ورتم ۽ ڊوڙندو گهر موٽي آيس. هڪ قلفي آڻي امان جي وات تي رکيم. هن اکيون کوليون، هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين ۽ پوءِ آهستي آهستي قلفي چوسڻ لڳي.
”اڙي، هي ڇا!“ انجنيئر صاحب چيو، ”تون ته صفا چرٻٽ آهين. توکي ته اجايو موڪليم.“
پڇيومانس، ”مائٽ قلفي کائيندين؟“
هو اُلر ڪري آيو. مون ٺينگ ڏنو ۽ قلفي چوسيندو ٻاهر هليو ويس.

**

جلاوطن

ٿوهر جي ٽڙيل پکڙيل پاڇن ۾ هڪ ڏتڙيل حال شخص مٿي هيٺان ڀتر ڏيئي سمهيو پيو هو. ڪپڙا ليڙون ۽ وار وکريل هئس. منهن تي صدين جي ستم ظرفيءَ جا گهنج هئس.
ٿوري دير کانپوءِ کيس پنهنجي سيني تي ڪجهه چڀندو محسوس ٿيو.
هن اک کولي نهاريو.
خاڪي ڪپڙن سان هڪ ڪاموري قسم جو ڏنڊو مشٽنڊو مرد کيس بيد جي لڪڻ سان جاڳائي رهيو هو.
خاڪي ڪپڙن واري مرد چيو، ”اُٿو جي. ايڊي ننڊ ناڪر.“
ڏتڙيل شخص پڇيو، ”سمهڻ تي به بندش پئجي ويئي آهي ڇا؟“
”اُٿو جي، اُٿو.“ خاڪي ڪپڙن واري وٽيل سٽيل مرد ڳالهايو، ”ٿوهر جي ڇان ۾ به ڪو سُمدو آهي!“
هو اُٿي ويٺو. ليڙن سان انگ ڍڪيندي وراڻيائين، ”هتان جا وڻ وڍجي ويا آهن. هيءَ سنڌ آهي.“
”او ڇڊو جي.“ مرد رعبدار آواز ۾ چيو، ”اچو، جيپ کي ڌڪو ڊيو.“
هو اُٿي بيٺو. ليڙون لٽا ڇنڊي خاڪي ڪپڙن واري شخص جي ڪڍ هلندو، ڪچو ڇڏي ڏامر جي پڪي رستي تي اچي پهتو.
سڙڪ تي جيپ بيٺي هئي.
جيپ ۾ رنگا رنگي ڪپڙن ۽ خوشبوءَ سان ٻهڪندڙ عورتون ويٺيون هيون. خاڪي ڪپڙن واري مرد جيپ ۾ ويهندي ڏتڙيل شخص کي چيو، ”ها سائين، لگايو جي ڌڪو.“
هن جيپ کي ڌڪو ڏنو. جيپ جي بند مشين اُٺ جي اوڳر جهڙا آواز ڪري، گهرڙاٽ ڪري هلڻ شروع ڪيو.
خاڪي ڪپڙن واري مرد بريڪ تي پير رکي، جيپ بيهاريندي چيو، ”اسين ڀٽ شاهه ونجي رهيا آهيون. تون شاهه لطيف جو ميلو ڊسندين؟“
”مان ڀٽ شاهه کان جلاوطن ٿيل آهيان.“ هن نرڙ تان پگهر اُگهندي وراڻيو، ”مون کي ڀٽ شاهه تي پير پائڻ جي به اجازت ناهي.“
خاڪي ڪپڙن واري مرد کيس حيرت وچان وارن کان پيرن تائين جاچي ڏٺو. پڇيائين، ”تون ڪير آهين.“
”مان شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهيان.“ هن جواب ڏنو ۽ پوءِ ٿوهر جي ٽڙيل پکڙيل پاڇن ڏانهن هليو ويو.

**

شڪست

صبح جا يارهن ٿيا هئا.
بسنت هال ۾ پير رکڻ جي جاءِ نه هئي. سمورو هال عورتن، مردن ۽ ٻارن سان سٿيو پيو هو. جن کي اندر جاءِ نه ملي هئي، سي هال جي ٻاهران ورانڊي، ڏاڪڻ، اڱڻ ۽ اڱڻ جي ڀتين تي ويٺا ۽ بيٺا هئا. ڪجهه ماڻهو وڻن جي ٽارين تي چڙهي ويا هئا.
گذريل هڪ ڪلاڪ کان جيڪو جتي هو، اُتي پنڊ پهڻ ٿي ويو هو. ڪن جون اکيون اچرج ۾ ڇنڀڻ وساري ويٺيون هيون ۽ ڪن جون ڄاڙيون حيرت کان لٽڪي پيون هيون. ڪي وات ڦاڙي ۽ ڪي گاڏين هيٺان هٿ ڏيئي پروفيسر ڪريم جو اندر مان اُڀرندڙ آواز ۽ آواز ۾ سندس بين الاقوامي اڀياس ٻڌي رهيا هئا. سندس آواز اونهو، لفظ چٽا ۽ لهجو گنڀير هو. هو جملن جوڙڻ جو جادوگر هو.
پروفيسر ڪريم وچولي قد جو هو. سندس عمر چاليهه کن سال هئي. مٿي جا وار لوندڙين وٽان اڇا ٿي ويا هئس. سندس نڪ سنهو هو. نڪ جي مٿان نرڙ تي لاڳيتو سوچڻ سبب گُنڊ پئجي ويو هوس. سندس اکيون وڏيون، ذهين ۽ مقناطيسي ڪشش رکندڙ هيون. سندس منهن تي ميڪسم گورڪيءَ وانگر گهاٽيون ۽ واڇن وٽان وريل مُڇون هيون. رنگ سانورو هوس. بدن پورو پُنو ۽ هاٺي ويڪري هئس. لاڳيتو هڪ ڪلاڪ تائين ڳالهائڻ ڪري ٿڪل ٿڪل ٿي ڏٺو.
پروفيسر ڪريم هڪ هٿ مائيڪرو فون ۾ وجهندي ڪجهه اڳتي سُري آيو. ٿورڙو جهُڪي، نوڙي ڳوڙهي آواز ۾ چيائين، ”دوستو، انساني وهنوار جا قدر وقت جي کوري ۾ کامندي، پڄرندي ۽ سڙندي بدلجندا رهيا آهن. پر صدين گذرڻ کانپوءِ به، انسان ذات جي هڪ ٻئي ڏانهن نفرت ۽ حقارت، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جا بنيادي سبب ساڳيا رهيا آهن.“
هُن آواز روڪي، جملو اڻپورو ڇڏي، هڪ گهڙيءَ لاءِ ٻڌندڙن تي اُڏامندڙ نگاهه وجهي اکيون بند ڪري ڇڏيون.
آهستي آهستي اکيون کوليندي، هن چيو ”نئين منزل جا همسفر رفيقو، ساٿيو، ازل کان اڄ تائين نفرت جي واگهه نک مان ٽمي، ڌرتيءَ جي دامن کي داغدار ڪندڙ انساني رت، انصاف جي عدالت ۾ مذهبي جنون، نسلي برتري ۽ نظرياتي ڪشمڪش تي شاهدي ڏيڻ لاءِ آلو آهي ۽ قيامت تائين آلو رهندو.“
هڪ نگاهه بسنت هال جي گرڊرن تي وجهندي چيائين، ”ظلم هر دور ۾، هر حال ۾ ساڳيو رهيو آهي، فقط مظلوم بدلجي ويو آهي. زهر جو پيالو ساڳيو آهي، فقط سقراط بدلجي ويو آهي. صليب ساڳيو آهي، پر عيسيٰ بدلجي ويو آهي، ڪربلا جو ميدان ساڳيو آهي، پر حسين ابن علي بدلجي ويو آهي.“
ٻئي ٻانهون بلند ڪندي، جذباتي لهجي ۾ چيائين، ”انسانيت جا محافظو! اچو ته اڄ هٿ هٿ ۾ ملائي عالمي امن ۽ پيار کي پنهنجي دائري ۾ پناهه ڏيون. اچو ته اڄ اسين مظلوم ۽ ڏتڙيل حال انسان عهد ڪريون ته اسين هن ڌرتيءَ لاءِ نئون آدرش ٿينداسين. اسين مذهبي جنون، نسلي برتري جي احساس ۽ نظرياتي ڪشمڪش جي آدم خور آڏو هماليه وانگر اٽل ٿي بيهنداسين ۽ ڏتڙيل انسانيت جي حفاظت ڪنداسين.“
پروفيسر ڪريم ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.
سڄو هال تاڙين جي ڦهڪي سان ڦاٽڻ لڳو. جيڪي ڪرسين تي ويٺا هئا، سي اُٿي بيٺا. جيڪي ماڻهو ورانڊي ۽ ڏاڪڻ وٽ بيٺا هئا، سي هال ۾ ڌوڪڻ لڳا. وڻن ۽ ڀتين تان هر ڪو هيٺ لهڻ لڳو. ائين پي ڏٺو، ڄڻ ماڻهن جو سيلاب هو ۽ بند ڀڃي اندر هال ۾ ڪاهيندو پي آيو.
پروفيسر ڪريم ٽيبل تان پاڻيءَ جو گلاس کڻي ٻه ڍڪ مس ڀريا هوندا جو عقيدتمندن جو بي پناهه هجوم کيس وڪوڙي ويو. هن گلاس ٽيبل تي رکي ڇڏيو. ايڏي گوڙ گهمسان ۾ ڪوبه لفظ، ڪوبه جملو چٽو نه هو. آواز جو سمنڊ هو.
منتظمين جون وايون بتال ٿي ويون. هو هجوم کي پروفيسر ڪريم ڏانهن وڌڻ کان روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳا.
جلسي جو سيڪريٽري، پروفيسر ڪريم وٽ آيو. چيائين، ”سائين، پوئين در کان نڪري هلو.“
پروفيسر ڪريم اٿي بيٺو. اڃا اتيئي بيٺو هو، جو ڪجهه شاگرد پيهه کي چيريندا هئا، واٽ ڪندا وٽس اچي نڪتا. کين هٿن ۾ آٽو گراف بُڪ هئا. هر هڪ پنهنجو پنهنجو آٽو گراف بڪ اڳتي وڌائڻ لڳو. پروفيسر کانئن آٽو گراف بُڪ وٺي پنهنجي صحيحيءَ سان گڏ ڪهن عالم جو قول، ڪو بيت ۽ ڪا نصيحت لکي بُڪ موٽائيندو ويو. ائين ڪندي، ڪي چاليهه آٽو گراف بڪ صحيحي ڪري ويو. انتظاميه جو سيڪريٽري فڪرمند ٿيڻ لڳو. سوين ماڻهو ڪاغذ، نوٽ، نوٽبڪ، آٽو گراف بڪ ۽ جيڪا به لکڻ لائق ڪا شئي هٿ لڳن، کڻي، پروفيسر ڪريم کي وڪوڙي ويا.
سيڪريٽريءَ پروفيسر ڪريم کي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو، ”سائين، نڪري هلو، نه ته چيڀاٽجي وينداسين.“
پروفيسر ڪريم سيڪريٽريءَ ڏانهن ڏٺو ۽ ڪلها لوڏي ڪنڌ سان ماڻهن ڏانهن اشارو ڪيائين.
سيڪريٽري نوجوان هو ۽ هڪ مقامي ڪاليج ۾ ليڪچرار هو. جلسي جو انتظام ”ٿنڪرس فورم“ طرفان هن ئي ڪرايو هو. کيس خواب ۽ خيال ۾ به نه هو ته پروفيسر ڪريم ڪو ايتريقدر مقبول هوندو هو جو سندس تقرير ٻڌڻ ۽ کيس ڏسڻ جي شوق ۾ حيدرآباد جو سارو شهر اُٿلي پوندو. هن ساڳئي بسنت هال ۾ ملڪ جي مشهور مفڪرن کي خالي ڪرسيون ڏسي فڪر مند ٿيندي ڏٺو هو. هن هال ۾ وڏن وڏن عالمن جون تقريرون هلندي ٻڌندڙن کي اوٻاسيون ڏيندي ۽ هال مان کسڪندي ڏٺو هو. پنهنجي ان تجربي جي آڌار تي هن اڌو گابرو انتظام ڪيو هو. ٿنڪرس فورم جي ڪن ميمبرن کيس خبردار به ڪيو هو، پر هن سندس ڳالهه رد ڪندي کين چيو هو، ”ميان، پروفيسر ڪريم ڀل يورپ، مشرق بعيد ۽ وچ مشرق ۾ مشهور هجي، پر هتي خير ڪو سڃاڻيس. وڏي ڳالهه ته اڄ ڏهن سالن کانپوءِ پنهنجي وطن وريو آهي. ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو اچن ته شڪر ڪجو.“
پر اُن ڏينهن صبح جو جڏهن پروفيسر ڪريم کي عالمي امن تي ڳالهائڻ لاءِ حيدرآباد گهرايو ويو، تڏهن سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ سوين نه، پر هزارين شهري اڳواٽ بسنت هال ۾ پهچي ويا. سيڪريٽريءَ جي اک به تڏهن کُلي، جڏهن يونيورسٽيءَ ۽ ڪاليجن جي پروفيسرن، ليڪچرارن، عالمن، اديبن ۽ صحافين کي هال ۾ داخل ٿيندي ڏٺو. خلق ۾ وڏو تعداد شاگردن جو هو. سيڪريٽريءَ ڦڪائي لاهڻ لاءِ ٿنڪرس فورم جي ميمبرن کي چيو هو، ”يار، مون کي خبر نه هئي ته اڄوڪو نسل امن لاءِ ايترو آتو آهي!“
اڄوڪو نسل امن لاءِ ڪيتري قدر آتو آهي! اها خبر سيڪريٽريءَ کي تڏهن پيئي جڏهن پروفيسر ڪريم پنهنجي تقرير پوري ڪئي.
هڪڙي غيرملڪي اخباري نمائندي پنهنجي ڊڪٽافون جو مائيڪ پروفيسر ڪريم ڏانهن وڌائيندي سوال ڪيو، ”عالمي امن نظرياتي ڇڪتاڻ ۾ ڇيهون ڇيهون ٿي ويو آهي. پر اوهان نظرياتي ڪشمڪش سان گڏ مذهبي جنون ۽ نسلي امتياز جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪي امن لاءِ هاڃيڪار آهن. مهرباني ڪري وضاحت ڪندا.“
پروفيسر ڪريم بدران، سيڪريٽريءَ اخباري نمائندي کي جواب ڏنو، ”پروفيسر ڪريم شام جو پريس ڪانفرنس سڏائي آهي. هن وقت کانئن ڪجهه پڇڻ مناسب ناهي.“
”مان پروفيسر ڪريم کي يورپ کان وٺي رڪارڊ ڪري رهيو آهيان.“ اخباري نمائندي چيو، ”هن وقت دنيا ۾ فقط ٽي مفڪر آهن جيڪي هزارن جي هجوم ۾ به حواس قائم رکي اخباري نمائندن جي سوالن جا جواب ڏيندا آهن ۽ انهن مان هڪ پروفيسر ڪريم آهي.“
”جئڪ“ پروفيسر ڪريم غيرملڪي نمائندي کي چيو، ”تو مذهبي جنون ۽ نسلي امتياز جي باري ۾ پڇيو آهي نه؟“
”ها سائين.“
پروفيسر ڪريم جي چوگرد بيٺل ماڻهو خاموش ٿي ويا.
هن چيو، ”جئڪ، ابراهام لنڪن ۽ مهاتما گانڌي جيئرا آهن.“
”جيئرا آهن!“ اخباري نمائندي جئڪ کان ڇرڪ نڪري ويو.
”ها، جيئرا آهن.“ پروفيسر ڪريم وراڻيو، ”جڏهن کان کين شهيد ڪيو ويو آهي، تڏهن کان ٻئي ڄڻا انسانيت جي عدالت ۾ نسلي امتياز ۽ مذهبي وحشيپڻي تي شاهد ٿيا بيٺا آهن.“
”مارٽن لوٿرڪنگ جي باري ۾ توهان جو ڇاخيال آهي؟“
”هو دنيا جي عظيم انسانن منجهان هڪ آهي.“
”ڇا هو آمريڪا جي شيدين کي اڇي آدمشماريءَ خلاف نه پيو ڀڙڪائي؟“
”هرگز نه،“ پروفيسر ڪريم جي نرڙ تي گُنڊ ظاهر ٿي پيو. چيائين ”مارٽر لوٿر ڪنگ جي چوڻ موجب آمريڪا ۾ ڪارن ماڻهن جي اڇن ماڻهن خلاف جدوجهد نه آهي، بلڪه مظلوم جي ظلم خلاف، ڏتڙيل جي بي انصافيءَ خلاف ۽ روشنيءَ جي اوندهه خلاف جدوجهد آهي. پر تون ڏسندين جئڪ، ته مارٽن لوٿر ڪنگ کي حق جي راهه ۾ پنهنجي سِرَ جو نذرانو ڏيڻو پوندو.“
هڪڙي اردو روزاني اخبار جي نمائندي وچ مان پڇيو، ”ان لحاظ کان توهين سمجهو ٿا ته پاڪستان ڇُٽو پيو آهي.“
”نه.“
”ڪيئن.“
”1947 کان 1958 تائين، پاڪستان جا پهريان يارهن سال افراتفريءَ ۾ گذري ويا. 1958 کانپوءِ هتان جي عوام تي جيڪا فوجي ۽ ڪاموري آمريت مڙهي ويئي آهي، تنهن سندن حواس خطا ڪري ڇڏيا آهن. پاڪستان سنڌي، پنجابي، بنگالي، پٺاڻ ۽ مهاجر جي ڇڪتاڻ ۾ ولوڙجي ويندو.“
سيڪريٽريءَ چيو، ”سائين پيهه سوڙهي ٿيندي پيئي وڃي. خدارا نڪري هلو.“
”جئڪ.“ پروفيسر ڪريم چيو، ”پاڻ وڌيڪ شام جو ڳالهائينداسين.“
”شام جو مان نه اچي سگهندس.“ جئڪ چيو، ”اڄ شام جو مونکي ڪراچيءَ ۾ پريزيڊنٽ ايوب خان جي پريس ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻو آهي. توهين مهرباني ڪري منهنجي سوال جي پوئين حصي تي پنهنجو رايو ڏيو.“
”تنهنجي سوال جي پوئين حصي جي جواب ۾ دنيا جون اُهي جنگيون آهن، جيڪي مذهب جي نالي ۾ وڙهيون ويون آهن. يا اُهي ملڪ جيڪي مذهب جي نالي ۾ ٺاهيا ويا آهن، يا ورتا ويا آهن.“
”مثال طور؟“
”اسرائيل ۽-“ پروفيسر ڪريم هڪدم جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.
نوجوان سيڪريٽريءَ ٽيڏي اک سان سي – آءِ – ڊي وارن ڏانهن ڏٺو ۽ سندس ساهه وڃي پيرن ۾ پيو.
پروفيسر ڪريم ڊائس تان هيٺ لٿو. هال جي پوئين در وٽ ٻيهر ماڻهو کيس ورائي ويا. ٿنڪرس فورم جي ميمبرن کيس پنهنجي گهيري ۾ آڻي، ماڻهن کان بچائي ٻاهر آندو.
ڪار تائين پهچڻ کان اڳ هڪ نوجوان سندس سامهون اچي بيٺو. عقيدت جي شدت کان کيس ڳالهائڻ لاءِ لفظ نٿي مليا. هن هٻڪندي چيو، ”سائين مان فرينچ لٽريچر جو شاگرد آهيان.“
پروفيسر خوش ٿي ساڻس هٿ ملايو.
نوجوان چيو، ”سائين، اخبارن ۾ پڙهيو هيم ته البرڪاموءَ جي ايڪسيڊنٽ کان وٺي مرڻ گهڙيءَ تائين توهين وٽس هئا.“
پروفيسر ڪريم جي منهن تي ڏک جو پاڇولو تري آيو ۽ موٽي ويو.
”سائين“ نوجوان چيو، ”مان البرڪاموءَ جو مداح آهيان، يا کڻي ائين سمجهو ته مان ڪاموءَ جو عشق آهيان.“
سيڪريٽريءَ نوجوان کي چيو، ”پروفيسر ڪريم صاحب کي آرام جي سخت ضرورت آهي. کين شام جو پريس رپورٽرن سان ملڻو آهي ۽ ان کانپوءِ پڪي قلعي ۾ عام جلسي کي خطاب ڪرڻو اٿن.“
”مون کي بس هڪڙي ڳالهه پڇڻ ڏيو.“ نوجوان عرض ڪيو، ”سائين، البرڪامو مرڻ کان اڳ ڪجهه چيو هو.“
”ها.“ پروفيسر ڪريم ماڻهن جي وچ ۾ هوندي به پنهنجن خيالن ۾ گم ٿي ويو. چيائين، ”البرڪاموءَ مرڻ کان اڳ چيو هو، ته اڄوڪي انسان کي ٻٽي جنگ لڙڻي آهي. هڪ ظلم جي ظاهري قوتن سان ۽ ٻي پنهنجي اندر ۾ لڪل وحشي جذبن سان.“
”بس سائين، مهرباني،“ نوجوان، پروفيسر ڪريم جو هٿ پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ جهليو ۽ سندس اکيون ڀرجي آيون.
سيڪريٽري ۽ ٿنڪرس فورم جي ميمبرن دائرو ٺاهي پروفيسر ڪريم کي پيهه کان جدا ڪري ڇڏيو. هو آهستي آهستي موٽر ڏانهن وڌڻ لڳا. موٽر جي در وٽ ڪجهه ماڻهن کيس آٽو گراف بڪ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر انتظاميه جي ميمبرن کين روڪي ڇڏيو. هڪ ميمبر موٽر جو در کولي بيٺو. پروفيسر ڪريم موٽر ۾ وڃي ويٺو. ميمبر در بند ڪري ڇڏيو.
هڪ اٺن – ڏهن سالن جو ٻار گلدستو کڻي موٽر ڏانهن وڌندو پي آيو. ماڻهن کي ڌڪيندو، پيهه مان واٽون ڪندو، ڌڪا ڏيندو ۽ ڌڪا کائيندو هو موٽر وٽ اچي پهتو. اُن وقت موٽر آهستي آهستي چُرڻ شروع ڪيو. ٻار ڊُڪ پاتي. پير وچڙيس. ٿاٻو کائي سڙڪ تي ڪري پيو. گلدستو هٿن مان نڪري ويس. هن نماڻا نيڻ کڻي موٽر ڏانهن ڏٺو.
پروفيسر ڪريم منهن ورائي ٻارڙي ڏانهن ڏٺو ۽ ڊرائيور جي ڪلهي تي هٿ رکيو. ڊرائيور موٽر بيهاري ڇڏي.
هو موٽر مان لهي آيو. هن ٻار کي ٻانهن کان وٺي سڙڪ تان کڻي ورتو. ڪپڙا ڇنڊيندي، سندس نگاهه ٻار جي رهڙيل ٺونٺ تي پيئي جنهن مان رت ٽمي رهيو هو. هن هڪدم رومال ڪڍي ٻار جي زخم تي رکيو.
اهو سڀ اک ڇنڀ ۾ ٿي ويو. ٿنڪرس فورم جو سيڪريٽري ۽ ميمبر وائڙن وانگر پروفيسر ڪريم ڏانهن ڏسڻ لڳا. ايتري ۾ ڪجهه ٻيا ماڻهو به ميڙ ڪري بيٺا.
پروفيسر ڪريم ٻار جي نرڙ تان وار پري ڪري سندس منهن ۾ نهاريو. ڪجهه دير هو ٻار جي منهن ۾ ڏسندو رهيو. سندس گنڀير منهن مان کن پل لاءِ حيرت ليئو پائي ورتو. ٻار سڙڪ تان گلدستو کڻي ڏانهس وڌايو. هن گلدستو وٺندي ٻار کي وارن تي مِٺي ڏني ۽ موٽي وڃي موٽر ۾ ويٺو.
موٽر بسنت هال وٽان هلي جيستائين جنرل پوسٽ آفيس تائين پهتي، تيستائين هو ٻار ڏانهن ڏسندو رهيو.
سيڪريٽريءَ اهڙي نوع ۾ ڳالهايو، ڄڻ پروفيسر ڪريم جي معلومات ۾ واڌارو ڪرڻ پي چاهيو. چيائين، ”اهو ڇوڪرو پکراج جو پٽ آهي. حرامي ٻار آهي.“
پروفيسر ڪريم کيس جواب نه ڏنو.
موٽر جي پوئين سيٽ تي پروفيسر ڪريم ۽ ٿنڪرس فورم جو سيڪريٽري ويٺا هئا ۽ اڳينءَ تي ڊرائيور جي ڀرسان فورم جا ٻه ميمبر ويٺا هئا.
سيڪريٽريءَ چيو، ”پکراج حيدرآباد جي مشهور Prostitute آهي.“
هن رنڊيءَ بدران لفظ پراسٽيٽيوٽ استعمال ڪندي پنهنجي پَرَ ۾ لفظ جي زهر کي ڪيپسول ۾ وجهي ڇڏيو.
موٽر جي اڳين سيٽ تي ويٺل هڪ ميمبر منهن ورائيندي چيو، ”سائين، وڏا وڏا واپاري، زميندار ۽ سرڪاري آفيسر قدردان اٿس. سندس هڪ اشاري تي سرڪاري نظام جي ڪايا پلٽجي سگهي ٿي.“
پروفيسر ڪريم جي نڪ مٿان نرڙ تي گنڊ جو نشان ظاهر ٿي پيو.
سيڪريٽريءَ ڳالهه بدلائڻ لاءِ چيو، ”ارنيسٽ هيمنگوي جي مرڻ تي توهان جيڪو تبصرو ڪيو هو، سو پاڪستان جي گهڻن ئي عالمن کي پسند نه آيو.“
”۽ توهان کي؟“ پروفيسر ڪريم سيڪريٽريءَ ڏانهن ڏسڻ بنا پڇيو.
سيڪريٽريءَ جا حواس خطا ٿي ويا. سندس ٻنهي ساٿين اڳينءَ سيٽ تان منهن ورائي ڏانهس ڏٺو ۽ سندس بيڪسي ڏسي منهن ڦيرائي ويهي رهيا.
”هيمنگوي دنيا کي گهڻو ڪجهه ڏنو ۽ دنيا کان گهڻو ڪجهه ورتو.“ پروفيسر ڪريم چيو، ”هن ڀرپور زندگي گذاري. جڏهن پاڻ کي ڪارائتو نه ڀانئيائين، تڏهن خودڪشي ڪيائين. سندس اهو عمل عظيم هو. مان پاڪستاني عالمن ۽ مُلن کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجو رايو نه مٽائيندس.“
موٽر يونيورسٽيءَ وٽان ٿڌي سڙڪ ڏانهن ڦري ويئي. ٿنڪرس فورم جو سيڪريٽري سُسي ويو.
اڳينءَ سيٽ تان هڪڙي ميمبر منهن ورائيندي آهستي چيو، ”سائين، اجازت هجي ته ڪجهه پڇان؟“
پروفيسر ڪريم هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
ميمبر چيو، ”اوهان جي تقرير مان ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ اوهين مذهب جي خلاف آهيو؟“
”مان ڪير ٿيندو آهيان مذهب جي خلاف ٿيڻ وارو.“ پروفيسر ڪريم چيو، ”مذهب مان منهنجو مطلب فقط اسلام نه آهي. مذهب جي لفظي اصطلاح ۾ اسلام، هندو ڌرم، عيسائي، جين ۽ ٻيا مذهب اچي وڃن ٿا. جهڙيون حالتون رونما ٿي رهيون آهن، تنهن مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته مذهب هن صديءَ جي پڄاڻيءَ تائين، يا ايندڙ صديءَ جي شروعات ۾ پنهنجو موت پاڻ مري ويندو. مذهب جي جاءِ معاشي ۽ اقتصادي برابريءَ جون قوتون والارينديون.“
هوٽل انڊس تائين ڪنهن نه ڳالهايو.
موٽر هوٽل انڊس جي حد ۾ داخل ٿي ۽ در جي سامهون وڃي بيٺي.
پروفيسر ڪريم در کولي ٻاهر نڪري آيو. سيڪريٽري ۽ فورم جا ٻه ميمبر به موٽر مان لهي آيا. پروفيسر ڪريم ڪنڌ جهڪائي هوٽل جي ورانڊي ڏانهن هليو ويو. هو ٽيئي سندس پٺيان هلڻ لڳا.
پروفيسر ڪريم لاءِ ٻه ڪمرا مخصوص ڪرايا ويا هئا. هڪ سندس ذاتي استعمال لاءِ ۽ ٻيو ملاقاتين سان ملڻ لاءِ.
بيرو اڳواٽ ئي سندس ڪمري جو در کولي ادب سان بيٺو هو. هو چاريئي ڪمري ۾ داخل ٿيا. سيڪريٽريءَ پروفيسر ڪريم کي هڪ ڪارڊ ڏيندي چيو، ”هن تي شهر جا اهم ٽيليفون نمبر لکيل آهن. اسين به هر وقت حاضر آهيون.“
پروفيسر ڪريم آرام ڪرسيءَ تي ويهندي چيو، ”مان ڪجهه دير لاءِ بلڪل اڪيلو رهڻ چاهيان ٿو.“
سيڪريٽريءَ چيو، ”اسين هوٽل جي انتظاميه کي هدايت ڪري ڇڏيون ٿا ته اخباري نمائندن جي ڪانفرنس کان اڳ توهان کي تڪليف نه ڏين.“
”مهرباني.“ هن اکيون بند ڪري، مٿو ڪرسيءَ جي ٽيڪ سان لڳائي ڇڏيو.
هو ٽيئي ڪمري مان نڪري ويا. بيري آهستگيءَ سان در ٻيڪڙي ڇڏيو.
ٿنڪرس فورم جو سيڪريٽريءَ ۽ ٻه ميمبر رات جي جلسي لاءِ بندوبست ڪرائڻ ۽ جلسي ۾ انتظام رکائڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ڏانهن هليا ويا. ويندي ويندي هوٽل جي رسيپشنسٽ کي تاڪيد ڪري ويا ته شام واري پريس ڪانفرنس کان اڳ ڪنهن کي به پروفيسر ڪريم سان ملڻ نه ڏي.
رسيپشنسٽ ٽيليفون تي پروفيسر ڪريم کان پڇيو، ”سر، لنچ تيار آهي.“
ان هڪ جملي کان وڌيڪ هُن ڪجهه نه ڳالهايو. رسيور ٽيليفون تي رکندي بيري کي پاڻ ڏانهن اچڻ جو اشارو ڪيائين. بيرو ڊوڙندو آيو.
بيري کي چيائين، ”پروفيسر ڪريم لنچ نه کائيندا، فقط ڪافيءَ جو ڪوپ پيئندا.“
”يس سر“ بيرو هليو ويو.
پروفيسر ڪريم ڪافيءَ جا ٻه ڍُڪ ڀري، ڪوپ ٽيبل تي رکي، آرام ڪرسيءَ جي ٽيڪ سان مٿو لڳائي ڇڏيو. سندس منهن مان ٿڪ ظاهر ٿي رهيو هو. هن اکيون کولي، هٿ وڌائي ٽيبل تان ڪافيءَ جو ڪوپ کڻي ورتو ۽ سپ سپ ڪري ڪافي پيئڻ لڳو. ڪافي پيئندي، ٽيبل تي رکيل اخبارن جون اهم خبرون نظرن مان ڪڍندو ويو. ملڪ جون ذري گهٽ سموريون اخبارون سامهون رکيل هئس. سڀني اخبارن جون اهم خبرون پريزيڊنٽ فيلڊ مارشل ايوب خان جي باري ۾ هيون. پريزيڊنٽ ايوب خان وڻ پوکيو – پريزيڊنٽ ايوب خان هڪ هوٽل جو افتتاح ڪيو. پريزيڊنٽ فيلڊ مارشل ايوب خان بنيادي جمهوريت جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. پريزيڊنٽ ايوب جيڪي ڪينيڊيءَ کي هڪ گهوڙو تحفي طور ڏنو. پريزيڊنٽ ايوب – پريزيڊنٽ ايوب – پريزيڊنٽ ايوب ۽ پريزيڊنٽ ايوب.
هن خالي ڪوپ ٽيبل تي رکي، ڪال بيل وڄائي.
بيرو ادب سان ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ ٽيبل تان خالي ڪوپ کڻڻ لڳو.
پروفيسر ڪريم جهيڻي آواز ۾ ڳالهايو، ”هي اخبارون کڻي وڃ.“
بيري ٽيبل تان اخبارون کڻي ورتيون ۽ ڪمري مان نڪري ويو.
بيري جي وڃڻ کانپوءِ هو آرام ڪرسيءَ تان اُٿيو. ڪوٽ لاهي ڪليءَ تي ٽنگيائين. پاسي ۾ رکيل ڊريسنگ ٽيبل تان ڦڻي کڻي وارن کي جائيتو ڪيائين. ڦڻي رکندي، آئيني جي عڪس ۾ سندس اکيون اٽڪي پيون. پنهنجين اکين ۾ اکيون وڌائين ته ڪجهه دير تائين پنڊ پهڻ ٿي ويو. سندس دل تي ان ٻارڙي جي ياد تري آئي، جيڪو بسنت هال وٽ موٽر جي ٻاهران گلدستي سميت سڙڪ تي ڪري پيو هو. ٻارڙي جي منهانڊن ۾ کيس پنهنجا منهانڊا نظر آيا هئا. آئيني جي آڏو کيس پنهنجي ننڍپڻ جو خيال آيو. سوچيائين، جڏهن پاڻ اٺن – ڏهن سالن جو هوندو، تڏهن ضرور ان ٻار جهڙو هوندو.
آئيني وٽان هٽي ويو. پلنگ تي وڃي ليٽيو. ويهاڻي تي مٿو رکي اکيون بند ڪري ڇڏيائين. اکيون بند ڪيائين ته اکين آڏو بسنت هال جو نظارو تري آيس. ڪنن ۾ تاڙين جا آواز پڙاڏا ڪرڻ لڳس. تڏهن ازخود سندس آڱريون بند اکين جي پنبڻين سان وڃي لڳيون.
اکيون آليون هئس. بند اکين جي ڪُنڊن مان لڙڪ لڙي، ويهاڻي تي ڳڙي آيس. ايتري عزت ۽ ايتري ناموس هوندي به سندس اندر ۾ آنڌ مانڌ هئي. هڪ غم هو، غم جو احساس هو، جيڪو کوري وانگر سندس وجود ۾ کامي رهيو هو. جبل جيڏو بار ضمير جي مٿان اچي ڪريو هوس، جنهن جي ضرب ۾ هو روح تائين گهائل ٿي ويو هو. پنهنجي وجود ۾ کامندڙ کوري کي ٺارڻ لاءِ هن ڌرتيءَ جي ڪُنڊڪڙڇ ۾ ڌڪا کاڌا هئا. چٿيل چچريل ضمير تان ندامت جو بار لاهڻ لاءِ هزارين ڪتابن جي مطالعي جو بار کڻي ورتو هئائين. اندر واري انسان کي، جنهن کي پنهنجن هٿن سان سوريءَ تي لٽڪايو هئائين، تنهن کي سوريءَ تان لاهي ورتائين. کيس بچائي ورتائين، پر سندس خشڪ ۽ ڪومايل چپن کي مُرڪ موٽائي نه سگهيو. وطن وريو ته پاڻ سان عالمي شهرت کڻي آيو. نالو کڻي آيو، ناموس کڻي آيو؛ پر جنهن قلبي سڪون جي ڳولا ۾ نڪتو هو، سو نه آڻي سگهيو!
ٿڪل ذهن، سَنڌُ سنڌُ ساڻو – اک لڳي ويس.
اک کليس. واچ ۾ وقت ڏٺائين. شام جا پنج ٿيا هئا. ساڍي پنجين لڳي کيس اخباري نمائندن سان ملاقات ڪرڻي هئي. پلنگ تان اُٿي، ڪال بيل جي بٽڻ تي آڱر رکيائين. بيروڪمري ۾ داخل ٿيو. بيري کي چانهه آڻن جو چئي، غسلخاني ۾ هليو ويو.
غسلخاني مان نڪتو ته بيري اڳواٽ ئي چانهه جي ٽري ٽيبل تي آڻي رکي هئي. بيرو پرڀرو بيٺو هو. هٿ ۾ وزٽنگ ڪارڊ هئس.
”رک“ هن ڏانهس ڏسڻ کانسواءِ چيو.
بيرو وزٽنگ ڪارڊ ميز تي رکي هليو ويو.
ڪرسيءَ تي اچي ويٺو. چانهه جو ڪوپ ٺاهيندي وزٽنگ ڪارڊ ڏٺائين. ملڪي ۽ غيرملڪي اخبارن ۽ رسالن جي نمائندن جا ڪارڊ هئا.
واچ ۾ وقت ڏٺائين. سوا پنج ٿيا هئا. هن سپ سپ ڪري چانهه پي، خالي ڪوپ ٽيبل تي رکي ڇڏيو. ڪپڙا مٽائي ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ٿي بيٺو.
بيرو اندر آيو. ادب سان چيائين، ”سائين، پکراج اوهان سان ملڻ آئي آهي.“
پروفيسر بيري ڏانهن نهاريو.
بيري ادب سان چيو، ”شهر جي مشهور طوائف آهي، مون ته“
بيري پنهنجو جملو پورو نه ڪيو، پروفيسر ڪريم جي منهن تي گُنڊ ڏسي خاموش ٿي ويو.
پروفيسر واچ ۾ وقت ڏسندي چيو، ”چئينس، مون وٽ ملڻ لاءِ وقت ڪونهي.“
”مون ته اڳواٽ ئي چئي ڇڏيس.“ بيري وراڻيو، ”پر چوي ٿي فقط پنجن منٽن لاءِ ملندي.“
هن واچ ڏسندي پڇيو، ”ڪٿي آهي؟“
”ملاقاتي ڪمري ۾.“
”۽ اخباري نمائندا؟“
”اُهي هوٽل جي لائونچ ۾ ويٺا آهن.“
”تون هل.“ پروفيسر ڪريم چيو، ”هينئر پنج لڳي ويهه منٽ ٿيا آهن. مان پوري ساڍي پنجين لڳي لائونج ۾ ايندس.“
بيرو ڪمري جو در کولي بيٺو. پروفيسر ڪريم ڪمري مان نڪتو ۽ هن کانئس اڳ وڌي ملاقاتي ڪمري جو در کوليو. پروفيسر جڏهن اندر هليو ويو، تڏهن در بند ڪري ڇڏيائين.
ڪمري ۾ صوفا سيٽ جي ڪنڊ تي هڪ عورت پٺيري ويٺي هئي. سندس ڪلها گول ۽ ڀريل هئا. کيس گلابي رنگ جي ساڙهي پاتل هئي.
”ڌيءَ.“ پروفيسر ڪريم چيو، ”مون وٽ فقط ڏهه منٽ آهن.“
هوءَ پنهنجي جاءِ تان اُٿي بيٺي، پر منهن نه ورايائين.
پروفيسر ڪريم پنهنجو جملو ورجايو، ”مون وٽ فقط ڏهه منٽ آهن، ڌيءَ.“
”سر.“ هن ڪنبندڙ آواز ۾ هڪ لفظ چيو. ڦيرو کائي، گهورُ ڪري نماڻين نگاهن سان پروفيسر ڪريم ڏانهن ڏسڻ لڳي.
پروفيسر ڪريم جي منهن تي هيڊ هارجي ويئي. ماڻڪيون پٿر ٿي ويس. ڀروون پاڻ ۾ ڳتجي ويس. ٽنگن مان ست نڪري ويس. ڪرڻ تي هو، جو پاڻ سنڀالي صوفا تي ويهي رهيو. ٻنهي هٿن سان منهن لڪائي ڇڏيائين.
پکراج ميز تي رکيل جگ مان گلاس ۾ پاڻي پيٽي آئي.
”پيئو.“ هن آهستي چيو.
هن هٿن مان منهن ڪڍي پکراج ڏانهن ڏٺو. پکراج هر حسين طوائف کان وڌيڪ حسين هئي. پروفيسر ڪريم سندس هٿن مان گلاس وٺي، يڪ ساهي سمورو پاڻي پي ويو. ڪجهه سامت۾ آيو. ڳالهائڻ لاءِ چپ چوريائين، ته فقط ايترو چئي سگهيو، ”تون، نسيمه!“
”ها، سر.“ هن ادب سان وراڻيو، ”مان پکراج ٿي پيئي آهيان، سر.“
هو خاموش رهيو. ڳالهائڻ لاءِ لفظ ڳوليندو رهيو.
پکراج چيو، ”اوهان هڪڙي دفعي هيمليٽ ۾ روح جي تشريح ڪندي، جوُڻ مٽائڻ جو ذڪر ڪيو هو نه.“
پروفيسر ڪريم ڏانهس ڏٺو.
هن چيو، ”انسان فقط مرڻ کانپوءِ جوڻ نه مٽائيندو آهي، سر. ڪجهه انسان پنهنجي حياتيءَ ۾ جوڻ مٽائيندا آهن. جيئن مون.“
هو حيرت ۽ پيشمانيءَ مان ڏانهس نهاريندو رهيو.
”مان نسيمه مان پکراج ٿي پيئي آهيان،“ هن چيو.
پروفيسر ڪريم ڳوري آواز ۾ ڳالهايو، ”مان پاڻ کي معاف ڪري نه سگهيو آهيان، نسيمه.“
هن هڪدم وراڻيو، ”مان ماضيءَ جو داستان دهرائڻ نه آئي آهيان، سر.“
”مون توکي دوکو ڏنو آهي،“ پروفيسر ڪريم سندس ڳالهه ٻڌي اڻٻڌي ڪندي چيو، ”تنهنجو ڀرم ڀويو اٿم.“
پروفيسر ڪريم تعليم ۽ تحقيق جا تجربا حاصل ڪيا هئا، پر جيڪا سمجهه پکراج زماني جا ستم سهي حاصل ڪئي هئي، تنهن کيس ششدر ڪري ڇڏيو. هن ماٺيڻي آواز ۾ چيو، ”توهان کي بدنام نه ڪنديس، سر.“
پروفيسر ڪريم جو ڪنڌ جهڪي ويو. پنهنجي ساءِ، ڄڻ پاڻ سان ڳالهايائين، ”ضمير جو هڪ زخم ڀرڻ لاءِ مان ڌرتيءَ جي خاڪ اُڏائيندو رهيو آهيان. علم ۽ عالمن جي موجودگيءَ ۾ اندر جو چڀڪو وسارڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان. دل جي ميدان ۾ ملامت ۽ ندامت جي متضاد قوتن جي جنگ کان منهن موڙي عالمي امن لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو آهيان. پر مان به ڪيترو نه ڀورڙو آهيان. ضمير جو زخم به ڪڏهن ڀريو آهي!“
”پر مونکي توهان سان ڪابه شڪايت نه آهي.“ پکراج چٽي آواز ۾ آهستي چيو، ”فخر اٿم ته توهان جي شاگردياڻي رهي چڪي آهيان.“
عذاب ۽ پشيمانيءَ جو احساس پروفيسر ڪريم جي وجود مان ڪوڙهه وانگر ڦاٽي نڪتو. لفظ لفظ ڪوريندو، کيس چيريندو رهيو. چيائين، ”ڏهن سالن جو عرصو تمام طويل هوندو آهي، نسيم. پر اڄ جڏهن توکي ڏٺو اٿم، تڏهن ڏهن سالن جو عرصو ڏهن سيڪنڊن جي وڇوٽيءَ تي بيٺل ٿو ڀانئجي. انسان سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي زور تي خدا کي وڃي ڪلهو هڻندو، پر ويل وقت جي واڳ ورائي نه سگهندو. نسيمه، الا ته اُهو وقت ٻيهر موٽي اچي جڏهن مان ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ انگريزيءَ جو ليڪچرار هوس ۽ تون آنرس فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي هئينءَ. اها گهڙي موٽي اچي جڏهن جنسي حوس جي راڪاس مون کي ماري مات ڪيو هو ۽ مون تنهنجو ڀرم ڀوري ڇڏيو هو. الا! اهو وقت موٽي اچي. اهو راڪاس موٽي اچي ته مان کانئس پهرين شڪست جو بدلو وٺان. کيس نهوڙي ناس ڪيان.“
پروفيسر ڪريم جذبن جي واچوڙن ۾ وڪوڙجي ويو. ڪو واڍو هو، جو وڍيندو پي ويس. ڪو رازو هو، جو مٿان غمن جو ڪوٽ اڏيندو پي ويس. هُن اهڙي لهجي ۾ ڳالهايو جنهن مان صدين جي پڇتاءُ جو پڙاڏو پي آيو. چيائين، ”مان اُن ڏينهن کي ملامت ڪندو آهيان نسيمه، جڏهن تنهنجي اعتبار جو آئينو چور چور ڪيو هوم. جڏهن تنهنجو اعتماد حوس جي باهه۾ ڀسم ڪيو هوم.“
هو صوفا تان اُٿي ويو. ڀت ڏانهن منهن ڪري بيٺو. اُتان چيائين، ”مونکي تنهنجون اُهي وحشت ڀريل اکيون اڃا تائين ياد آهن نسيمه، جن سان تو گهائل ٿيڻ کانپوءِ مون ڏانهن ڏٺو هو.“
ڀت کي پٺي ڏيئي، پکراج ڏانهن منهن ڪندي چيائين، ”جڏهن اندر ۾ امن نه آهي، تڏهن مان ڪهڙي عالمي امن جي تلاش ۾ سر گردان رهيو آهيان! منهنجي پنهنجي وجود ۾ گهمسان آهي.“
پکراج شروع کان جيئن پلنگ وٽ بيٺي هئي، تيئن بيٺي رهي. پنهنجي واچ ۾ وقت ڏسندي چيائين، ”ڇهه ٿي رهيا آهن. مونکي مطلب جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. اخباري نمائندا اوهان جو انتظار ڪندا هوندا.“
پکراج جو آواز پروفيسر ڪريم جي ڪنن تائين ڄڻ پهچي نه سگهيو آهي. هو پکراج جي سامهون اچي بيٺو. پنهنجين اُداس ۽ اونهين اکين سان ڏانهنس نهاريندي چيائين، ”مان توسان شادي ڪندس، نسيمه.“
هوءَ کانئس وک کن پري ٿي ويئي. وڏي اعتماد سان وراڻيائين، ”اڄ توهين جنهن علم، عزت ۽ ناموس جا مالڪ آهيو، تنهن کي پنهنجي بڇڙي وجود سان داغدار نه ڪنديس.“
پکراج جو جملو ڀالو بڻجي روح مان پار ٿي ويس. ڦٿڪي پيو. چيائين، ”مون اُن وقت به پڇتائيندي چرين وانگر توکي ڳوليو هو، پر تون ٽٽل تاري وانگر الاءِ ڪهڙين اونداهين ۾ گم ٿي ويئي هئينءَ.“
”مونکي گم ٿيڻو پيو هو، سر.“ پکراج ٿڌو ساهه ڀريندي چيو، ”مون کي پنهنجي داغدار دامن کان وڌيڪ پنهنجي پيءُ ۽ خاندان جي عزت جي اونو هو.“ ڀريل آواز ۾ چيائين، ”اڄ مان هنن لاءِ مئل آهيان.“
”نسيمه.“ پروفيسر ڪريم چيو، ”تون جيئن آهين، جهڙي آهين، مان توسان شادي ڪندس.“
”وساري ڇو نه ٿا ڇڏيو ان گناهه کي جنهن جو ڪوبه شاهد نه آهي. نه نسيمه، نه نسيمه جي اندر واري عورت.“ ڏک وچان چيائين، ”مان پکراج آهيان.“
هو ٻئي واڪا ڪندڙ خاموشيءَ جي خلائن ۾ ٻن بيچين روحن وانگر هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي رهيا هئا.
خاموشي ٽوڙيندي پکراج چيو ”هڪ عرض کڻي آئي آهيان.“
جذبن جو طوفان آيو، لنگهي ويو. دل جي ڌرتي احساسن جي زلزلي ۾ ڪنبي، وري ڄمي ويئي. اُميدن جو بتڪدو گهڙي کن لاءِ آباد ٿي، برباد ٿي ويو.
پروفيسر ڪريم چيو، ”چئه.“
”اسد هينئر ڏهن سالن جو ٿيو آهي.“
”اسد؟“
”اسانجو اسد“ پکراج ڇت ڏانهن نهاريندي وراڻيو.
پروفيسر ڪريم حيرت ۽ شرمسار نگاهن سان ان عورت ڏانهن نهارڻ لڳو، جنهن سندس گناهه جي نشانيءَ کي پهرين پيار جو تحفو سمجهي سيني سان سانڍي رکيو هو.
”اسد کي پنهنجي ماحول کان ڌار ڪرڻ چاهيان ٿي.“ هن دردناڪ آواز ۾ چيو، ”کيس اسڪول ۾ داخلا به نٿي ملي.“
”ڇو؟“
”ڇو جو هڪ وئشيا جو پٽ آهي.“
”منهنجو به ته آهي،“ پروفيسر ڪريم چيو.
”هرگز نه.“ هن اعتراض ڪيو، ”اهو داغ اوهانجي ناموس تي لڳڻ نه ڏيندس.“
هو ٻئي هڪ ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا.
پکراج چيو، ”توهين کيس يتيم سمجهي پاڻ سان وٺي وڃو.“
پروفيسر ڪريم جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا. هن منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو.
”کيس پڙهڻ ۽ اسڪول وڃڻ جو ڏاڍو شوق آهي.“ پکراج چيو، ”ان واعدي تي توهان سان رهڻ تي راضي ڪيو ٿي مانس، ته توهين کيس پڙهائيندا.“
پروفيسر ڪريم آلين اکين سان پکراج ڏانهن ڏسڻ لڳو. پڇيائين، ”اسد ڪٿي آهي؟“
ٻاهر گاڏيءَ ۾ ويٺو آهي.“ پکراج وراڻيو، ”پر واعدو ڪريو ته زندگيءَ جي ڪنهن به دور ۾ کيس اصل حقيقت کان ڪڏهن به واقف نه ڪندا.“
”ڇو؟“
”ڇو جو کيس پيءُ جي نالي کان نفرت آهي.“ چيائين، ”پرائمري اسڪولن ۾ ٻار کيس چيڙائيندا رهيا آهن.“
پروفيسر ڪريم بيل وڄايو. بيرو ڪمري ۾ آيو. بيري کي چيائين، ”ٻاهر گاڏيءَ ۾ هڪ ٻار ويٺو آهي. هن کي وٺي اچ.“
بيرو هليو ويو. جيستائين اسد نه آيو، هو ٻئي خاموش رهيا ۽ هڪٻئي ڏانهن ڏسندا رهيا.
بيرو اسد کي در وٽ ڇڏي ويو.
پروفيسر ڪريم اسد ڏانهن نهاريو. گهڙي کن لاءِ سندس نگاهن آڏو بسنت هال جي ٻاهران اسد جو ڪرڻ ۽ ڪري اُٿڻ وارو منظر اُڀري آيو. زماني جي نفرت سندس منهن مان معصوميت ڦري ورتي هئي. هو هوبهو پروفيسر ڪريم جهڙو هو، فقط اکيون ۽ وار ماءُ وانگر ڪڪا هئس. پروفيسر ڪريم جي دل ۾ پيار جو قدرتي جذبو جاڳي اُٿيو. کيس سيني سان لڳائي، پنهنجي ڀرسان ويهاري ڇڏيائين. ڏٺائين، ته اکين مان اُداسي پي بکيس. ٻانهن ورائي کيس پاڻ سان چهٽائيندي چيائين، ”اڃان پيار جو سج نه اُڀريو آهي، پٽ. پر، يقين ڄاڻ ته صبح جو سوجهرو پري ناهي.“
پروفيسر ڪريم جو جملو اسد لاءِ بيمعنيٰ هو. هن ڏانهس نهاريو. کيس ٻانهه تي رهڙ مٿان رومال ٻڌل هو.
پکراج وڌي اچي صوفه وٽ بيٺي. اسد کي مٿي تي مٺي ڏيئي، ٻانهن ۾ ڀيڪوڙيء ڇڏيائين. ڪجهه دير تائين کيس پاڻ کان ڌار نه ڪيائين. جڏهن لڙڪ لڪائي ڇڏيائين، تڏهن کيس ٻانهن مان ڪڍيائين. ڀريل آواز ۾ چيائين، ”اسد کي پنهنجو ڪري توهان انسانيت جو ثبوت ڏنو آهي. مون کي اجازت ڏيو. خدا حافظ.“
اکين وسڻ جا ويس ڪَيسَ. ممتا جا موتي ڪارن ڪڪرن وانگر ڇپرن ۾ ڇُلي آيس. چپ ڀيڪوڙي ڪمري جي در تائين هلي ويئي. جڏهن در جي هٿيئي ۾ مٺ وڌائين، تڏهن اسد صوفه تان اٿي، ڊوڙ پائي ماءُ جي سيني ۾ وڃي منهن لڪايو ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳو، ”امان، مان جڏهن پڙهي رهندس تڏهن تو وٽ موٽي ايندس.“
پروفيسر ڪريم صوفه تان اُٿي ماءُ ۽ پٽ وٽ وڃي بيٺو. اسد کي وارن تي هٿ ڦيرائيندي چيائين، ”اسين ٻئي موٽي اينداسين، اسد، منهنجا پٽ – ان ڏينهن هيءَ دنيا نئين نور سان منور هوندي.“
پکراج در کولي ٻاهر هلي ويئي.
پروفيسر ڪريم اسد کي وٺي پنهنجي ڪمري ۾ آيو. کيس پلنگ تي ويهاري، پاڻ منهن ڌوئڻ لاءِ غسلخاني ڏانهن هليو ويو. ٻاهر نڪتو ته بيرو ڪمري ۾ بيٺو هو.
”ڇو،“ هن ٽوال سان منهن اُگهندي کانئس پڇيو.
”سائين.“ بيري ادب سان جواب ڏنو، ”سائين، اخباري نمائندا اعتراض ڪري هليا ويا آهن.“
پروفيسر ڪريم ٽيليفون تي رسيپشنسٽ سان ڳالهايو ۽ کيس ملاقاتي ڪمري ۾ اچڻ لاءِ چيو.
اسد کي پنهنجي ڪمري ۾ ڇڏي هو ملاقاتي ڪمري ۾ آيو. رسيپشنسٽ اڳواٽ موجود هو.
”ڇا ٿيو؟“ پروفيسر ڪريم کانئس پڇيو، ”هو ڇو هليا ويا؟“
”چيائون ته توهان هڪ طوائف کي مٿن ترجيح ڏني آهي.“
پروفيسر ڪريم کيس ڪو جواب نه ڏنو.
”هڪ ڪلاڪ ڏهه منٽ انتظار ڪرڻ کانپوءِ هو احتجاج طور هليا ويا.“
پروفيسر ڪريم سوچ ۾ٻڏي ويو. چيائين، ”چڱو ٿيو جو هليا ويا. مان ڪجهه به ڳالهائڻ لاءِ ذهني طرح تيار نه آهيان.“
رسيپشنسٽ ادب سان بيٺو رهيو.
پروفيسر ڪريم پنهنجي ڪمري ڏانهن ويندي کيس چيو، ”مان جلسي کان اڳ ڪنهن سان به نه ملندس. تون ٿنڪرس فورم جي سيڪريٽريءَ کي فون ڪري گهرائي وٺ. مون کي ساڻس ڳالهائڻو آهي.“
پروفيسر ڪريم ڪمري ۾ موٽي آيو. اسد پلنگ تي ننڊ پيو هو، پيرن ۾ بوٽ هوس ۽ سندس پير لٽڪي رهيا هئا. هن بوٽ لاهي، سندس ٽنگون مٿي ڪري، مٿانئس بلانڪيٽ وجهي ڇڏيو. پاڻ آرام ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. آرام نه آيس ته اُٿيو. خطن لکڻ جو پيڊ کڻي، اڌ ڪلاڪ ۾ ٽي – چار مختصر خط لکي لفافن ۾ وجهي ڇڏيائين.
ان وقت رات جا اٺ ٿيا هئا. کيس ساڍي اٺين لڳي قلعي ۾ عام جلسي کي خطاب ڪرڻو هو ۽ کيس مٿي ۾ هلڪو هلڪو سور محسوس ٿي رهيو هو.
اوچتو سندس ڪمري جو در کليو ۽ ٿنڪرس فورم جو سيڪريٽري سهڪندو اندر آيو. ويڙهيل سيڙهيل ڪاغذ کوليندي چيائين، ”سائين، غضب ٿي ويو.“
پروفيسر ڪريم جواب ڏيڻ بدران هٿ لکيل پوسٽر پڙهڻ لڳو، جنهن ۾ مٿس هڪ طوائف سان هڪ ڪلاڪ تائين هوٽل جي ڪمري ۾ عيش ڪرڻ جو الزام لڳايل هو.
”اها ڳالهه باهه وانگر ماڻهن ۾ پکڙجي ويئي آهي،“ سيڪريٽريءَ چيو، ”ماڻهن جلسي جي پنڊال کي باهه ڏيئي مٿس گند جا ڊهه اُڇلائي ڇڏيا آهن.“
پروفيسر ڪريم فڪرمند ٿي اسد ڏانهن نهاريو.
سيڪريٽريءَ اسد ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هجوم هيڏانهن اچي رهيو آهي. هن کي هتي ڏسي توهان ٻنهي کي ماري وجهندا.“
”ڇو، هن کي ڇاهي.“ هن اسد جي وارن تي هٿ ڦيرائيندي پڇيو، ”ڇا هيءُ دنيا جي ٻين ٻارن جهڙو ناهي؟“
”هيءُ حرامي ٻار آهي. هن جي پيءُ جو ڪو پتو ڪونهي.“ سيڪريٽريءَ چيو، ”توهين دير نه ڪريو، هجوم جي اچڻ کان اڳ هتان هليا وڃو.“
پروفيسر ڪريم سيڪريٽريءَ جي منهن ۾ نهاريندي چيو، ”دنيا جي ڪيترن انسانن کي پڪ آهي ته جنهن کي هو پنهنجو پيءُ سمجهن ٿا، سو حقيقت ۾ سندن پيءُ آهي به، يا نه.“
”اهي ڳالهيون اجايون آهن. حرامي ٻار بهرحال حرامي آهي.“ سيڪريٽريءَ واچ ڏسندي چيو، ”وقت نه وڃايو. مون توهان لاءِ ٽيڪسي آندي آهي. هجوم جي پهچڻ کان اڳ هتان هليا وڃو. ڪوٽڙيءَ تان ڪانه ڪا ريل ملي ويندو.“
پروفيسر ڪريم اسد کي ننڊ مان جاڳايو. هو اکيون مهٽيندو پلنگ تي ويهي رهيو. کيس پنهنجي آڱر هٿ ۾ ڏيندي چيائين، ”هل پٽ.“
”ڪيڏانهن؟“ اسد حيرت مان پڇيو.
”جتي انصاف روايتن جو غلام نه هوندو“ پروفيسر کيس پلنگ تان اُٿاريندي چيو.
۽ پوءِ جڏهن ريل جي ٿرڊ ڪلاس گاڏي جي ڪنڊ ۾ ويهي پروفيسر ڪريم ۽ ننڍڙو اسد ڪنهن نامعلوم منزل ڏانهن وڃي رهيا هئا، تڏهن هر طرف هيبتناڪ اوندهه ڇانئجي ويئي هئي.
پروفيسر ڪريم جي پريشان ذهن ۾ پکراج جو جملو کاٽ هڻندو رهيو ته ”اسد کي پيءُ جي نالي کان به نفرت آهي. اسد کي پيءُ جي نالي کان به نفرت آهي.“هن ٻانهن ورائي اسد کي اهڙي نموني پاڻ سان چهٽائي ويهاريو ڄڻ ته اسد کي ڪو کانئس ڇني ڌار ڪري رهيو هو. اسد منهن مٿي ڪري ڏانهس ڏٺو.
هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي ٻنهي دريءَ کان ٻاهر اوندهه جي پولار ۾ نهاريو.
ريل رڙيون ڪندي، گجندي ۽ گوڙ ڪندي اوندهه جو درياهه جهاڳيندي پئي ويئي.

**

پل صراط

منهنجي زال يعني گهر واري، گذريل آچر ڏينهن صبح جو عادت جي خلاف سوير ننڊ مان اُٿي ويٺي. هونءَ هر آچر تي هوءَ دير سان ننڊ مان اُٿندي آهي. ننڊ نه هوندي اٿس، پر تڏهن به دت هنيو سمهي پئي هوندي اهي. آچر ڏينهن ٻارن جا اسڪول بند هوندا آهن. مونکي به پوسٽ آفيس وڃي لفافن ۽ ڪارڊن تي ٺپا هڻڻا نه پوندا آهن. تنهنڪري آچر ڏينهن صبح جو منهنجي گهرواريءَ کي اَسُر ويل اُٿي ڪڙڪ چانهه ۽ سڪل مانيءَ واري صحت – بخش نيرن تيار ڪرڻي نه پوندي آهي. آچر ڏينهن اسانجا ٻار ڍَوَ تي ننڊ ڪندا آهن. ٻار ماءُ سميت قطار ۾ قديم ۽ ٽُڪيل گلم تي تيل لڳل ميرن ويهاڻن تي ٿڪل مٿا رکي ننڊ ۾ الوٽ پيا هوندا آهن. گهر ۾ ماٺ هوندي آهي. مان جاڳندو رهندو آهيان. جاڳندو ان لاءِ آهيان ته جيئن منهنجا ٻار ننڊ ڪري سگهن.
گذريل آچر ڏينهن صبح جو جنهن وقت منهنجي گهر واري عادت خلاف جلدي ننڊ مان اُٿي کڙي ٿي، تنهن وقت مان هڪ روزاني اخبار ۾ ”مغز ڦاڙ“ معمو حل ڪرڻ ۽ هڪ لک رپيا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس ۽ خيالن ئي خيالن ۾ هوائي قلعا نه، پر هڪ هوائي ڪچو گهر، تن ڍڪڻ جيترو ڪپڙو ۽ ٻه ويلا ماني حاصل ڪرڻ جا هوائي خواب ڏسي رهيو هوس.
”مغز ڦاڙ“ معمي ۾ ڪل اَٺ خال وارا اڻپورا جملا ڏنل هئا. هر هڪ اڻپوري جملي جي پڇاڙيءَ ۾ ٽي لفظ لکيل هئا، جن مان هڪ لفظ خال ۾ وجهي جملو پورو ڪرڻو هو. جنهن وقت منهنجي گهر واري ننڊ مان سجاڳ ٿي، تنهن وقت مان ”مغز ڦاڙ“ معمي جو جملو نمبر ٽيون پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس. ٽيون اڻپورو جملو هن ريت هو.
عورت..... آهي. (رحمت، زحمت، رغبت.)
لفظ رغبت جي معنيٰ منهنجي لاءِ آلجبرا هئي. جنهن وقت رحمت ۽ زحمت جي باطني ۽ ظاهري معنيٰ تي ويچار ڪري رهيو هوس، تنهن وقت منهنجي گهرواري ننڊ مان سجاڳ ٿي. ويچار ويچارو دماغ مان نڪري ويو.
مون اخبار جي ”مغز ڦاڙ“ معمي تان نظرون هٽائي گهر واريءَ ڏانهن ڏٺو. هوءَ اُداس نگاهن سان ٽُڪيل گلم تي ستل ستن ٻارن ڏانهن ڏسي رهي هئي. (مونکي الله جي ڏني مان چار پٽ ۽ ٽي ڌيئر آهن. هڪ ٻار پنڌ ۾ آهي- ماشاءَ الله).
منهنجي گهرواريءَ ڳرا ڇپر مٿي ڪري مونڏانهن نهاريو. مونڏانهن ڏسي، وري ٻارن ۾ اکيون کپائي ڇڏيائين. سوچيم، ٻارن جي پلٽڻ پريشان ڪيو اٿس، تنهن ڪري سندس پريشاني دور ڪرڻ لاءِ چيم، ”ان ۾ منهنجو تر جيترو به ڏوهه ناهي مولائڻ!“ اُڀ ڏانهن آڱر اُڀي ڪندي چيم، ”هو سڄو ڪم آسمان واري جو اٿئي. منهنجي ڪهڙي مجال آهي جو انسان پيدا ڪري سگهان. مان ته هڪ عاجز بندو گندو آهيان، الله سائينءَ جو موسٽ اوبيڊئنٽ سرونٽ آهيان.“
هن جواب نه ڏنو. تيل ۾ ڀَتُ ٿيل ويهاڻو ڀت سان کپائي، ويهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ويٺي. سندس غمگين چهرو وڌيڪ اُداس ٿي ويو. ٻارن مان اک ئي نه پي ڪڍيائين. کيس دلداري ڏيڻ لاءِ چيم، ”فڪر نه، ڪر مولائڻ! هر انسان پنهنجي نصيب جو داڻو پائي کائيندو آهي. هنن لاءِ به ڪنهن نه ڪنهن راشن شاپ تي ان جو داڻو ضرور موجود هوندو، جنهن تي سندس نالي جو ٺپو لڳل هوندو.“
هن کن لاءِ ڇپر کڻي مونڏانهن ڏٺو ۽ ٻيهر اکيون ٻارن ۾ اٽڪائي ڇڏيائين. کيس قائل ڪرڻ لاءِ ته اسانجي ستن ٻارن مان هر هڪ ڪنهن خاص مقصد لاءِ دنيا ۾ آيو آهي، چيم، ”مولائڻ، هيءَ دورنگي دنيا اکين وارن لاءِ عبرتڪدو آهي. هر انسان هتي قدرت جا ڪرشما ڏسڻ آيو آهي. اسانجا ٻار به قادر جي قدرت جا ڪرشما ڏسڻ آيا آهن، جهڙوڪ: ڌرتيءَ مان سلو ڦٽڻ، مينهن وسڻ، چنڊ تارن جو چمڪڻ وغيره. ڏس نه، ڪهڙي نه حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي ته درياهه وهي ٿو، آهي نه ڪمال جهڙي ڳالهه! مار، درياهه وهي ٿو، اُف!“ ڳالهه کي اڌ ۾ روڪي، اک ٽيٽ ڪري گهرواريءَ ڏانهن ڏٺم. هوءَ ڪنهن بيڪار ٺپي وانگر خاموش ويٺي هئي. سندس دل وڏي ڪرڻ لاءِ چيم، ”هي اسانجا ٻار، يعني ڪنڊو، پتاشو، انب وغيره هڪ نه هڪ ڏينهن وڏا ٿيندا. ڪڻڪ جو فصل ڏسي حيران ٿيندا. درياهه کي وهندو ڏسي کين ڏندين آڱريون پئجي وينديون. هڪدم سجدي ۾ ڪري پوندا. اهوئي سندس پيدا ٿيڻ ۽ دنيا دورنگيءَ ۾ اچڻ جو مقصد آهي.“
ڏٺم، ان سموري ڪٿا جو مٿس ڪوبه اثر نه ٿيو. هوءَ ٻارن کي ڏسندي رهي. سندس ساهه جي هلڻ جي رفتار تيز ٿي ويئي. تڏهن هڪ خيال بيرنگ خط وانگر اڳيان اچي بيٺو. پڇيومانس، ”سچ ٻڌاءِ مولائڻ، پيڪا ته نه ياد آيا اٿئي؟“
هن جواب نه ڏنو.
”اٽو ته نه کٽو آهي؟“
”تون ته اصل کان موڳو مٽر آهين.“ هوءَ هڪدم اُٿلي پيئي. روئڻهارڪي ٿي ويئي.
مون کي موڳو مٽر سڏيائين، پرمون کي حيرت نه ٿي. اهو جملو گهڻو اڳ جڏهن پهريون دفعو سندس واتان ٻڌو هوم، تڏهن مون کان ڇرڪ نڪري ويو هو. اُنهن ڏينهن ۾ اسان ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد ۾ اچي رهيا هئاسين. جيستائين رئيس ربڏني ميتڙي (اهو ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو ناهي، اسان جي اباڻي ڳوٺ جو نالو آهي) ۾ رهندا هئاسين، منهنجي گهر واري مون کي ”انب جا پيءُ“ ڪري ڪوٺيندي هئي. مون سان اک ملائي نه سگهندي هئي. اُنهن ئي ڏينهن ۾ مون ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ پوءِ جڏهن حيدرآباد جي هڪ پوسٽ آفيس ۾ لفافن ۽ ڪارڊن تي ٺپا هڻڻ جهڙي اهم ۽ عاليشان نوڪري ملي ويئي، تڏهن اسان ڳوٺ رئيس ربڏني ميتڙي مان ٽپڙ سهيڙي، اچي حيدرآباد جا وڻ وسايا. (اهو فقط محاورو آهي، شهر جا وڻ وسائڻ منسپالٽي جو ڪم آهي). ٺپا هڻندي ڪجهه عرصو گذريو هوندو، جو هڪڙي ڏينهن منهنجي گهرواريءَ چيو هو، ”آئون توکي هينئر انب جا پيءُ ڪري نه ڪوٺينديس.“ سبب پڇڻ تي ٻڌايائين، ”انب به ڪو نالو آهي! پاڙي جا ٻار انب کي چيڙائن ٿا. تنهن ڪري مون انب جو نالو درپن ڪمار رکيو آهي. منهنجي لاءِ ڄڻ ڪچي گهر جي ڇت اڏامي ويئي. چيو هوم، ”ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين مولائڻ. انب ۾ ڪهڙو عيب آهي. منهنجو پنهنجو نالو واڱڻ آهي. بابا جو نالو ليمون آهي. گهر واريءَ مون کي سمجهايو هو، ”هينئر اسين شهر ۾ ٿا رهون. شهري ٿي رهڻو پوندو يا شهر نيڪالي ملندي. مون به پنهنجو نالو مٽائي ڇڏيو آهي.“ مون کي روئڻ آيو. هن ٻڌايو، ”مون پنهنجا ٻه نالا رکيا آهن. هڪ افشان ۽ٻيو صبيحه خانم. تون مون کي افشي سڏيندو ڪر. مان ان انڪشاف تي بيهوش ٿي ڪرڻ تي هوس، جو هن ٻڌايو هو، ”تنهنجو نالو به هينئر واڱڻ ناهي. مون هڪ اڙدو ناول ۾ هيري جو نالو ارسلان پڙهيو آهي. مون کي ڏاڍو وڻيو آهي اڄ کان تون ارسلان آهين.“ کانئس پڇيو هيم ته، ”ارسلان صاحب غازي صلاح الدين ايوبيءَ جو بورچي ته نه هو؟“ تڏهن هن پهريون دفعو مون کي چيو هو، ”تون ته صفا ڪو موڳو مٽر آهين.“
ان ڳالهه کي چار – پنج سال گذري ويا آهن. ان عرصي ۾ مان ٺپا هڻندو رهيو آهيان ۽ منهنجي زال عرف افشي ٻار ڄڻيندي رهي آهي. ان دوران هن ٽي سو پنجونجاهه اُڙدو – پنجابي فلمون ڏٺيون آهن ۽ پيسو روز تي ملندڙ ٻارهن سو ٻٽيهه مسواڙي ناول ۽ افسانن جا مجموعا پڙهيا آهن. سندس خرچ پکو پورو ڪرڻ لاءِ مان ٽپال مان رسالا ۽ ڪتاب پار ڪندو آهيان ۽ ڇوٽڪي گهٽيءَ جي ڪٻاڙين کي ٻڌي ليکي وڪڻي ايندو آهيان. هوءَ روزانو ٻه رومانٽڪ ناول پڙهندي آهي ۽ رومانٽڪ خواب ڏسندي آهي.
گذريل آچر تي جڏهن منهنجي گهرواريءَ ڪاوڙ مان چيو، ”تون ته صفا ڪو موڳو مٽر آهين.“ تڏهن هڪدم مون کي ياد آيو ته مولائڻ ضرور ڪو غريب خواب (عجيب نه، ڇو جو امير ماڻهو عجيب خواب ڏسندا آهن. غريب ماڻهو فقط غريب خواب ڏسندا آهن) ڏٺو آهي. پڪ ڪرڻ خاطر کانئس پڇيم، ”مولائڻ خواب ته نه ڏٺو اٿئي.“
هن ڪنڌ ڌوڻي ها ڪئي ۽ پوءِ اڌ رئو ويڙهي سيڙهي وات تي رکي روئي پيئي. هڪدم سمجهي ورتم ته افشي، عرف صبيحه خانم، يعني منهنجي زال اڄ ضرور ڪو الف ليليٰ يا سيف الملوڪ ڇاپ خواب ڏٺو آهي.
سندس پاسي ۾ وڃي ويٺس. پرچائيندي پڇيو مانس، ”ڪهڙي قسم جو خواب ڏٺو اٿئي. خوفناڪ، پراسرار يا ڀوائتو.“
جواب جي بدران سندس اوڇنگارن جو آواز ٻڌم.
پڇيومانس، ”ڪوه ڪاف جو جن ته نه ڏٺو اٿئي؟“
وراڻيائين، ”نه.“
”راڪاس؟“
”نه.“
”سامري جادو گر؟“
”نه.“
”راوڻ؟“
”اون – هون.“
”راڪيٽ؟“
جواب نه مليو.
”نيپام بم؟“
جواب نه مليو.
”ايٽم بم – هيڊروجن بم؟“
جواب نه مليو.
”موشي دايان؟“
جواب مليو. چيائين، ”مان ته اصل کان چوندي آهيان ته تون صفا موڳو مٽر آهيان.“
”ته پوءِ کڻي ٻڌاءِ ته خواب ۾ ڇا ڏٺو اٿئي.“
ٻه – چار سڏڪا ڀري، سنگهه ڪڍي، وڏو ساهه کڻي چيائين، ”اڄ آئون.... آئون....“
”آئون آئون نه ڪر. ڳالهه ڪر.“
”اڄ خواب ۾ ساڳيو بزرگ ڏٺو اٿم، جيڪو گذريل سال به هڪ دفعو خواب ۾ آيو هو.“
بزرگ! ڪهڙو بزرگ ؟“
”جنهن جي مٿي ۽ مڇن جا وار اڇا پشم جهڙا ۽ ڀروون به اڇيون هونديون آهن.“
”اوهه! تون ته اجائي پريشان ٿي آهين.“
”اجائي پريشان ٿي آهيان؟“
”ها.“ کيس سمجهايم، ”اهو اڇين ڀروون، پنبڻن ۽ پشم جهڙن وارن وارو ٻڍو وڏو ڦڏيباز اٿئي. تون کيس نٿي سڃاڻين.“
”تون ته ڄڻ سڃاڻينس ٿو.“
”ڇو نه اهو ٻڍو بزرگ وغيره ناهي، اهو مشڪرو ڪرستانن جو سانتاڪلاز اٿئي.“
منهنجي گهر واري ڪاوڙجي ويئي. چيائين، ”اخبر اٿئي، موڳا مٽر. اڄ هن ڳالهايو به هو.“
”ڳالهايو هو!“
”ها.“
”ڇا ڳالهايائين؟ منهنجو مطلب آهي، ڇا چيائين؟“
افشان عرف صبيحه خانم، يعني منهنجي گهر واريءَ جواب ڏيڻ بدران اڌ رئي جو ويڙهوٽو وات ۾ وجهي سڏڪن ۽ اوڇنگارون ۾ اچي ڇٽڪي. مون کيس ڪجهه دير تائين روئڻ ڏنو. پنج منٽ کن روئڻ کانپوءِ، ٿڌو ساهه کڻي روئڻ بند ڪري ڇڏيائين.
”ها، شاباش.“ کيس آٿت ڏنم، ”ٻڌاءِ ڪُراڙي ڇا چيو؟“
”چيائين.“ هن ڳالهايو، ”چيائين، اي خدا جي نيڪ بندي، الله جي راهه ۾ پنهنجي سڀ کان پياري شيءَ قربان ڪر.“
”ان ۾ روئڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي.“
هن ٻيهر روئڻ شروع ڪيو. سندس روئڻ ۽ هنجون هارڻ جو سلسلو جاري هيو، جو اسان جو ننڍو پٽ پتاشو ۽ پياري ڌيءَ گدامڙي جاڳي پيا. ٻئي ٻار ماءُ کي روئيندي ڏسي روئڻ لڳا. مون کين سرچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٻئي ٻار سخت ڪاوڙجي ويا. پتاشي پنهنجي ننڍڙي مُڪ اولاريندي چيو، ”تو امان کي ماليو آهي.“
کين عرض ڪيم، ”اڙي بابا، مون نه ماريو اٿس. توهين خدا جي واسطي سمهي پئو. اڄ آچر آهي.“
”نه نه. تو امان کي ماليو آهي.“
منهنجي گهرواريءَ پتاشي کي ساڄي ۽ گدامڙيءَ کي کاٻي گوڏي تي ويهاري ڇڏيو. ٻئي ٻار ماءُ سان چنبڙي، خونخوار نظرن سان موڏانهن ڏسڻ لڳا. مون هٿ جوڙي ٻنهي کان معافي ورتي. هنن معاف نه ڪيو. پتاشي ڄڀ ڏيکاري منهنجا چٻرا ڪڍيا.
”ٻڌاءِ نه موڳا مٽر.“ افشيءَ چيو، ”ٻڌاءِ ته، مان پنهنجي ڪهڙي شيءَ قربان ڪيان؟“
”لنواءِ مولائڻ.“
”لنوايان؟“ هن ڌوڏا ڦوٽاري چيو، ”لنوايان؟ هان! الله جي راهه ۾ پنهنجي پياري شيءَ قربان نه ڪيان! تون ڪافر آهين، انشاءَ الله دوزخ ۾ ويندين.“
”دوزخ ۾ ويندس جو آسمان تي به ڄڻ انڌير آهي.“ وراڻيم، ”هڪ دفعو رڳو ”مغز ڦاڙ“ معمي جو صحيح حل نڪرڻ ڏي. پوءِ ويٺي تماشا ڏسجانءِ.“ هڪ مسيت ٺاهرائيندس، ٻه حج ڪندس ۽ پنجن فقيرن کي هڪ ويلو ماني کارائيندس. پوءِ ڪيئن ۽ ڇو دوزخ ۾ ويندس.“
”تون نه فقط موڳو مٽر آهين، پر شيخ چلي به آهين.“ هن چيو، ”تون مونکي ٻڌاءِ ته مان پنهنجي ڪهڙي پياري شيءَ قربان ڪيان؟“
اسان ٻئي سوچڻ لڳاسين.
مونکي پنهنجي زال جون ٻه چار شيون سجهي آيون، جيڪي کيس جان کان پياريون هيون. کيس صلاح ڏنم، ”هو جيڪو شيفون جو ڪرمچي رئو اٿئي نه، اڙي پامڪ وارو، اهو توکي ڏاڍو پيارو آهي. الله جي راهه ۾ قربان ڪري ڇڏ.“
افشان، عرف صبيحه خانم، يعني منهنجي گهرواريءَ ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان مونڏانهن نهاريو. سمجهيم، کيس ٻي ڪا شي رئي کان به وڌيڪ پياري آهي. گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ مونکي ڪپڙن سبڻ جي مشين جو خيال آيو، جيڪا اسان قسطن تي ورتي هئي. ان مشين جو نالو ”سنگيت“ هو ۽ منجهانئس اٽي پيهڻ جي مشين جهڙوآواز ايندو هو (هينئر اُن مشين مان ريل گاڏيءَ جي انجڻ جهڙو آواز ايندوآهي.) اها مشين منهنجي گهرواريءَ کي ساهه کان پياري هئي.
هڪدم خوش ٿيندي چيم، ”مولائڻ، ڪپڙن سبڻ جي مشين ”سنگيت“ الله جي راهه ۾ قربان ڪري ڇڏ. ان مان ٻه فائدا ٿيندا.“
هن ڀروون ڳتي مون ڏانهن ڏٺو. مان ڳالهائيندو رهيس. ”ٻه فائدا هن ريت ٿيندا. اول ته تون پنهنجي سڀ کان پياري شي الله جي راهه ۾ قربان ڪندينءِ. ٻيو ته مشين جي قربانيءَ کانپوءِ اوڙي پاڙي جا ڪن ٺري پوندا.“
منهنجي گهرواريءَ ساڙ کائيندي چيو، ”مان ته اصل کان چوندي آهيان، تون صفا موڳو مٽر آهين.“
پتاشو ۽ گدامڙي تاڙيون وڄائي کلڻ لڳا.
منهنجي گهرواريءَ چيو، ”ڪڏهن ڪنهن رَوَن ۽ مشينن جي به قرباني ڏني آهي؟“
”مولائڻ!“ منهنجي نڙي خشڪ ٿي ويئي، پڇيم، ”ڪُهڻ ٻُهڻ جي ڳالهه آهي ڇا؟“
”ٻيو نه ته مغز ڦاڙ معمو حل ڪرڻ جي ڳالهه آهي.“ هن وات چٻو ڪندي چيو.
هوءَ ۽ مان سوچڻ لڳاسين.
گدامڙيءَ پتاشي کي پير ۾ چهنڊڙي وڌي. پتاشو وات ڦاڙي روئڻ لڳو. منهنجي گهرواريءَ جون ڳتيل ڀروون هڪ ٻئي کان ڌار ٿي ويون. سوچ ۾ چنجهيون ٿيل اکيون ويڪريون ٿي ويس. هلند ‎ڙ ساهه جو سلسلو ڪجهه تيز ٿي ويس. پنهنجون اکيون گدامڙيءَ تي کپائي ڇڏيائين. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي گدامڙيءَ کي ڀاڪر پائي روئڻ لڳي. پتاشي پنهنجو روئڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ حيرت وچان ماءَ جي منهن ۾ ڏسڻ لڳو.
گهرواريءَ کان پڇيم، ”ڇو، ڇا ٿيو مولائڻ.“
هن جواب نه ڏنو، گدامڙيءَ کي ڀاڪر ۾ ڀيڪوڙي ڇڏيائين.
”روئين ڇو پئي؟“
هن روئڻهارڪي آواز ۾ چيو، ”مونکي گدامڙي سڀني کان وڌيڪ پياري آهي.“
”ڇا!“
”ها.“
”ته تون گدامڙيءَ کي ڪُهي ڇڏيندينءِ؟“
”ها.“
”ائين وري ڪيئن ٿيندو؟“
”ڇو نه ٿيندو.“ هن وراڻيو، ”حضرت ابراهيم به ته حضرت اسماعيل کي الله جي راهه ۾ قربان ڪرڻ نڪتو هو.“
”پر حضرت ابراهيم ته دنبو ڪٺو هو.“
”ها، پر ڪُهڻ ته اسماعيل کي ويو هو نه.“
کيس سمجهائڻ لاءِ چيم ”حضرت ابراهيم ۽ اسماعيل جي قصي جي ياد تازي رکڻ لاءِ اسان جانورن جي قرباني ڏيندا آهيون. تون وري گدامڙيءَ جي قرباني ڪيئن ڏيندينءَ؟“
”منهنجو ايمان خراب نه ڪر.“ هن دڙڪو ڏيندي چيو، ”مونکي بزرگ فرشتي حڪم ڏنو آهي، ته الله جي راهه ۾ سڀ کان پياري شيءَ قربان ڪيان.“
ٽن سالن جو پتاشو ۽ چئن سالن جي گدامڙي اسان جي بحث کان بي نياز، هڪ ٻئي کي چيڙائي رهيا هئا. مون کي ستن ئي ٻارن مان گدامڙي وڌيڪ وڻندي آهي. گهر واريءَکي پتاشو وڻندو آهي.
کيس چيم، ”منهنجي ڳالهه ته ٻڌ مولائڻ.“
”نه، نه.“ هن هڪدم چيو، ”منهنجو ايمان خراب نه ڪر.“
”پر.....“
”بس.“ هن ڇت ڏانهن ڏسندي، فيصلو ڪندي چيو، ”مان گدامڙيءَ کي الله جي راهه ۾ قربان ڪنديس.“ پوءِ گنڀير لهجي ۾ چيائين، ”آسمان مان ٻڪري لهي آئي، ته پوءِ گدامڙيءَ کي ڇڏي ٻڪري ڪهنديس.“
مون وڏي واڪ چيو، ”پر توکي گدامڙي پياري ناهي.“
”آهي.“
”ناهي.“
”آهي.“
”ناهي، ناهي، ناهي.“ مون گدامڙي سندس هنج مان کڻي پنهنجي گوڏي تي ويهاري ڇڏي. گدامڙي منهنجي گوڏي تي چڙهي بيٺي ۽ مون کي ڪن ۾ چڪ پاتائين. ڪن ڇڏائي گهرواريءَ کي چيم، ”گدامڙي ويچاري ته توکي ڄائي ڄم کان نه وڻندي آهي.“
هن اکيون ڦوٽاريندي وراڻيو، ٻيو نه ته تون وڻندو آهين.“
”شڪر ٿو ڪيان جو نٿو وڻانءِ، نه ته جيڪر مونکي ته راتو واهه ننڊ ۾ ئي ڪُهي ڇڏين ها.“ چيم، ”توکي ته سڀني ٻارن ۾ پتاشو وڻندو آهي. ويچاري گدامڙيءَ جي ڪڍ ڇو پيئي آهين.“
منهنجي گهرواريءَ جو وات حيرت وچان ڦاٽي ويو. اکيون پتاشي تي کپائي ڇڏيائين. پتاشو ٽپ ڏيئي ماءُ جي هنج مان لهي منهنجي سامهون اچي بيٺو. ٽنگ ڊگهي ڪري پير جي آڱوٺي سان گدامڙيءَ کي ڀيڏيءَ ۾ چهنڊڙي وجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ٻيا ٻار ننڊ ۾ هئا. وچ ۾ اسانجو ڪاڻو پٽ راڻو سمهيو پيو هو ۽ ننڊ ۾ مُرڪي رهيو هو؛ شايد ڪو خواب ڏسي رهيو هو.
افشان، عرف صبيحه خانم يعني منهنجي گهرواريءَ جي منهن تي انيڪ ليڪا اُڀري آيا. ليڪا گهنجن ۾ بدلجندا ويا. ان وقت سندس منهن بند گوبيءَ جهڙو ٿي ويو. اکيون مئل ڏنڀري جي اکين وانگر گول ۽ بينور ٿي ويس. مان سندس حالت ڏسي ڏڪي ويس.
کيس دلداري ڏيندي چيم، ”مونکي مٿي ۾ هڪ اٽڪل آئي آهي.“
هن مئل اکين سان مونڏانهن ڏٺو. کيس صلاح ڏنم. ”اهو ضروري ناهي ته تون کک فرشتي جي چوڻ تي پنهنجو جاني پٽ پتاشو قربان ڪري ڇڏين.“
هوءَ خاموش ويٺي رهي. نڪ جون ناسون ڦنڊي ويون هئس. کيس ٻڌايم، ”جيئن اڄ ڪلهه جو دستور آهي، اسان کي به ائين ڪرڻ گهرجي.“
آهه ڀريندي پڇيائين، ”ڪهڙو دستور؟“
”غور سان ٻڌ.“ کيس سمجهايم، ”اڄ ڪلهه جو انسان الله جي راهه ۾ ڦاٽل ڪپڙو، کوٽو پيسو ۽ پاروٿي ماني خيرات ڪندو آهي. تون به .....“ جملو پورو ڪري نه سگهيم. منهنجيون اکيون ڪاڻي پٽ راڻي تي کپي ويون، جيڪو ٻارن جي وچ ۾ سمهيو پيو هو ۽ ننڊ ۾ کلي رهيو هو.
”ڇو، ماٺ ٿي وئين.“ منهنجي گهرواريءَ پتاشي کي پيار ڪندي چيو، ”ڳالهاءِ نه.“
آهستي، رازداريءَ سان چيم، ”تون به الله جي راهه ۾ ڪاڻو پٽ راڻو قربان ڪري ڇڏ.“
اها ڳالهه ڪرڻ کانپوءِ مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو. دل ڀرجي آئي. ”مغز ڦاڙ“ معمي جو خيال ميڄالي مان نڪري ويو. پوءِ جڏهن گهرواريءَ ڏانهن ڏٺم، تڏهن هوءَ بند گوبيءَ جهڙي نه، پر ڳاڙهي ٽماٽي جهڙي نظر آئي. پتاشي کي مٺيون ڏيئي ڏيئي روئاري ڇڏيائين. پتاشي جي ٻاگهن تي راڻو جاڳي پيو. جاڳڻ شرط خواب ٽُٽي پيس ۽ چپن تان مرڪ غائب ٿي ويس. هڪ اک ٽمڪائي مون ڏانهن ڏٺائين ۽ پوءِ ٽپ ڏيئي مونکي اچي چنبڙيو. راڻي جي عمر ڇهه سال کن هئي. کيس اک ۾ ايٽي لڳي هئي ۽ کاٻي اک وڃائي ويٺو هو. مون راڻي کي ٻانهن ۾ ڀيڪوڙي پيار ڪيو. دل چاهيو ته کيس سيني ۾ لڪائي ڇڏيان.
مونکي رکي رکي پنهنجي بيوقوفيءَ تي جک پي آيا ته آخر ڇو مولائڻ کي اهڙي اونڌي صلاح ڏنم، جنهن جي عذاب ۾ خود مونکي پڇتائڻو پوندو.
مون ڪاوڙ منجهان پنهنجي گهرواريءَ ڏانهن نهاريو. منجهين اکين ۾ نفرت تري آئي. اُن وقت مونکي اُهي سموريون چوڻيون ياد آيون جيڪي عورتن جي خلاف هيون، جهڙوڪ: عورت تون گوگائي مرچ آهين – عورت تون ڪوئنين جي گوري آهين – ٿري ناٽ جي گولي آهين – عورت تون ون – يونٽ آهين – تون هيءَ آهين، هوءَ آهين، وغيره.
مون کان برداشت ٿي نه سگهيو. ذري گهٽ رڙ ڪيم، ”هرگز نه. مان راڻي کي قربان ٿيڻ نه ڏيندس.“
”ڇا ٿو چوين، واڱڻ.“ گهرواريءَ قهري نگاهن سان مونڏانهن ڏسندي چيو، ”مٿو ته نه ڦري ويو اٿئي.“
”مٿو جائيتو آهي.“ وڏي واڪ چيم، ”پر ڪن کولي ٻڌي ڇڏ. مان تنهنجي ميالخوليا تي پنهنجو راڻو پٽ قربان ٿيڻ نه ڏيندس.“
”تون فرشتي جي خواب کي ماليخوليا ٿو سڏين!“ هن ٻانهون لوڏيندي چيو، ”تون ڪافر ٿي ويو آهين. ٽپال مان ترقي پسندن جا رسالا چورائي پڙهندو آهين، ملحد ٿي ويو آهين.“
”جيڪي سمجهين.“ وراڻيم، ”پر پنهنجو راڻو قربان نه ڪندس.“
”تون الله جي حڪم جي انحرافي ڪرڻ ٿو چاهين!“ هن اورتي ايندي پڇيو.
”الله جو عورتن ۾ اعتبار ڪونهي.“ مون مولائڻ کي چيو، ”اهو ناممڪن آهي جو آسماني فرشتو ڪنهن عورت ڏانهن الله جو حڪم کڻي اچي.“
”ته مان ڪوڙ ٿي ڳالهايان؟“
”تون ڪوڙ ٿي ڳالهائين يا سچ، ان سان منهنجو واسطو ڪونهي.“ کيس هيسائڻ لاءِ چيم، ”هڪ لک چوويهه هزار نبين مان هڪ نبي به مؤنث نه هو. سڀئي مذڪر هئا. سمجهيئه.“
هوءَ سچ پچ هيسجي ويئي. مون ڳنڍ پختي ڪندي چيو، ”اسانجي ڪنهن ٻار جي قربانيءَ جو جيڪڏهن آسماني حڪم اچي ها، ته اُهو سڌوسنئون مون وٽ اچي ها.“
”ڪهڙي خبر فرشتو ڀلجي پيو هجي؟“
”فرشتا سرڪاري شاهد ناهن جو ڀلجي پَون.“
ڪجهه دير تائين افشان، عرف صبيحه خانم، يعني منهنجي گهرواريءَ نه ڳالهايو. چپ چٻاڙيندي رهي. ننهن سان ويڻيون ۽ ٻانهون کنهندي رهي.
نيٺ ڳالهايائين، ”منهنجي دل چئي ۾ ناهي. آخر ڪجهه نه ڪجهه ته کڻي قربان ڪيون.“
”ٺيڪ آهي.“ وراڻيم، ”ڪو جانور کڻي ٿا الله جي راهه ۾ قربان ڪيون.“
”پوءِ سوچين ڇا ٿو!“ هن خوش ٿيندي چيو، ”اڄ آچر آهي. واندو آهين. ڏسي وائسي ڪو جانور وٺي اچ.“
”حاضر.“
بچيل سچيل پونجي ميڙي سيڙي مٺ ۾ ڪيم. ڳڻيم ته مون کان دانهن نڪري ويئي، ”اڙي هنن پئسن مان ته سيهڙ به نه ملندو.“
منهنجي گهرواري سخت ايماني جوش ۾ هئي. ٻارن جا ڀانڊارا ڀڃي، ڏوڪڙ کڻي آئي. ٽين جي پيتيءَ مان به بچت ڪڍي آئي. سمورا پئسا ڳڻي، مايوسيءَ مان ڪنڌ لوڏيندي چيم، ”مولائڻ هنن پئسن مان ٻڪر ته نه ملندو، پر ٻڪر جو پٽ ڇيلو ضرور ملي ويندو.“
هوءَ پيسن جي ڳولا ۾ آثار قديمه جي ماهر وانگر جنبجي ويئي. پراڻن وهاڻن جون ڇَوون پٽي، ڇڪي لاهي ورتائين. سوڙن جي تهن مان نوٽ ڪڍي آئي. فرش جي هڪ لڏندڙ سِر ٻاهر ڪڍي، ڏوڪڙ کڻي آئي. مونکي سخت حيرت ٿي.
پيسا ڳڻي، خوش ٿي کيس ٻڌايم، ”هنن پئسن مان هڪ ٻڪر ملي ويندو.“
جڏهن ٻاهر وڃڻ لڳس، تڏهن چيائين، ”ٻڪر ڪو چنگيرڙو آڻجانءِ؛ متان پاڻ جهڙو آڻين.“
ان وقت تائين سڀيئي ٻار جاڳي پيا هئا. منهنجي کنڊي پٽ ڪنڊي پنهنجي وات ۾ آڱر وجهندي پڇيو، ”بابا، الله جي راهه ۾ جانور ڇو قربان ڪبا آهن؟“
”ماٺ ڪري ويهه،“ ماڻس مٿي تي چماٽ وهائي ڪڍيس.
”ڇو ماٺ ڪري ويهان،“ ڪنڊو ڪاوڙجي ويو. ”ها بابا، ٻڌاءِ نه. الله جي راهه ۾ جانور ڇو قربان ڪبا آهن.“
سندس معلومات ۾ واڌارو ڪرڻ لاءِ کيس ٻڌايم، ”ان لاءِ، ته جيئن جانور تي سوار ٿي قيامت ڏينهن پل صراط پار ڪجي.“
”پل صراط وار کان سنهڙي ۽ ترار کان تيز هوندي ۽ قيامت جي ڏينهن ظاهر ٿيندي.“ مون ٻارن کي ٻڌايو، ”ان ڏينهن سج جو ٻرندڙ گولو ڌرتيءَ کان هڪ ڪاني جيترو پري هوندو. پل صراط جي هيٺان سمنڊ ٽهڪندو.“
ٻارن جو ساهه نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو. ڪنڊو پنهنجو کنڊو وات کولي روئڻ لڳو. ”بابا، مون کي ڀؤ ٿو ٿئي.“
”گهٻراءِ نه، منهنجا کنڊا پٽ. مان توکي پاڻ سان پل صراط پار ڪرائيندس.“
”پر پاڻ ٻئي هڪ ٻڪر تي ڪيئن ويهي سگهنداسين بابا.“
مان سوچ ۾ پئجي ويس.
پتاشي چيو، ”مان امان شان لنگهندش. بابا ڪنو آهي.“ هو ماءُ سان چنبڙِي پيو.
منهنجو وڏو پٽ انب، جنهن جو مٿو هنداڻي جيڏو آهي، تنهن مٿي تي هٿ ڦيرائيندي چيو، ”ڳالهه مڙيئي ڀوائتي آهي، بابا، مون کي به پاڻ سان پل صراط پار ڪرائجانءِ.“
مون سوچيو، هيءُ دوربه پل صراط جي سفر کان گهٽ خطرناڪ ناهي. قيامت ۾ هڪ خدا کي منهن ڏيڻو پوندو، پر اَڄ، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ خدا آهي. جيئن هن دور ۾ اسين سڀ ڀاتي هر گهڙي گڏ آهيون؛ هر گهڙي موت جي منهن ۾ آهيون، تيئن قيامت جي ڏينهن به گڏ رهنداسين. پل صراط جي سفر ۾ به ساڻ هونداسين.
مون گهرواريءَ کي چيو، ”اسان کي ڪو وڏو جانور قربان ڪرڻ گهرجي، جيئن تون، مان ۽ ٻارن جي پلٽڻ گڏجي ۽ مٿس ويهي، سولائيءَ سان پل صراط پار ڪري سگهون.“
کنڊي چيو، ”بابا، هاٿي قربان ڪر.“
”بس ڪر، موئا ڀوڪ،“ ماءُ جي ڇڙٻ کائي ڪنڊو خاموش ٿي ويو.
افشي، يعني منهنجي گهر واري ۽ مان جانورن جي باري ۾ سوچڻ لڳاسين. سيهڙ کان وٺي اُٺ تائين، هر ڪو حلال جانور اسان جي خيال ۾ آيو ۽ قيمت آڏو گم ٿي ويو.
آخر مولائڻ چيو، ”ڳئون ئي کڻي وٺي اچ.“
”ڳئون وٺڻ جيترا پئسا مون عمر ۾ نه ڏٺا آهن.“
”مون وٽ ڪجهه زيور آهن.“
”آهستي چئه. چورن کي غلط فهميءَ ۾ نه وجهي ڇڏين.“ سڙٻاٽن ۾ چيم، ”تو وٽ آهيئي ڇا! هڪ ڦلي، هڪ ڪنگڻي ۽ هڪ منڊي.“
”تون کڻي ته وڃ.“ هوءَ لامارا ڏيندي اندرين ڪوٺيءَ ڏانهن ويئي ۽ اُڏامندي موٽي آئي.
”اچي وٺ.“ هن رومال ۾ ويڙهيل زيور ڏيندي چيو، ”هاڻي وڃ.“
رومال ۾ ويڙهيل زيور چور کيسي ۾ لڪائي ڇڏيم.
ٻار ڏاڍي حيرت ۽ دلچسپيءَ سان اسانجي گفتگو ٻڌي رهيا هئا. مان جڏهن گهر کان ٻاهر نڪري رهيو هوس، تڏهن انب چيو، ”بابا موٽر وٺي اچجانءِ. اسان سڀئي ان ۾ چڙهي پل صراط تان لنگهنداسين ۽ ڄام شورو به گهمنداسين.“
زيور سنڀاليندو، مان صراف بازار آيس. ٻن – چئن سونارن مونکي شڪي نگاهن سان ڏٺو ۽ پوليس وارن جهڙا سوال پڇيائون، جهڙوڪ: ڪير آهين، ڪٿان آيو آهين، ڇا ڪندو آهين ۽ هي زيور ڪنهن جا آهن، وغيره.
کين ٻڌايم، ”مان واڱڻ ٽپالي، ولد ليمون خاصخيلي آهيان، ۽ پوسٽ آفيس ۾ لفافن تي ٺپا هڻندو آهيان. منهنجي زال مونکي ارسلان سڏيندي آهي. مان ٽنڊي ٺوڙهي مان آيو آهيان، جتي ڪوبه ٺوڙهو نظر نه ايندو آهي ۽ هي زيور منهنجي زال جا آهن.“
”چوريءَ جا ته ناهن؟“
”چوريءَ جا هجن ها ته توهان وانگر جيڪر ڪو دڪان دڙو نه کولي ويهان ها.“
هڪڙي ٿلهي سوناري جنهن کي ٻنهي هٿن ۾ اَٺ منڊيون، ويڻيءَ ۾ سوني زنجيري هئي ۽ جنهن جا اڳيان ڇهه ڏند به سونا هئا، مون کان پڇيو، ”تون مولانا ڀاشانيءَ جو ڇاڙتو ته ناهين.“
”مان آڪاش وانيءَ تان سنڌي پروگرام ٻڌندو آهيان.“ يڪدم وراڻيم.
”تون ڪريڪ مالوم ٿئين ٿو.“ سوناري هٿ وڌائيندي چيو، ”هي وٺ هڪ سؤني پنتري روپيا. جيور ڇڏي ني تون رڦوچڪر ٿي وڃ. پوليس کي پاڻ کوش ڪري ڇڏينداسين.“
”پوليس! ڇا جي پوليس؟“
”سياڻو نه ٿا مائي باپ.“ هن کلندي چيو، ”پاڻ چوري جو مال هڪ نجر ۾ ڀاپي وٺندا آهيون. پيسا وٺي گم ٿي وڃ.“
پيسا وٺي کيسي ۾ وڌم ۽ پوءِ پوليس کان لڪندو ڇپندو ”ٻڪري پڙي“ جو رخ ڪيم. رستي تان هلندي ائين پي محسوس ڪيم، ڄڻ پل صراط تان پي لنگهيم. ڀتين جا پاسا وٺندو ۽ وڻن هيٺان لنگهندو پڙيءَ تي پهتس، جتي جانور اسان وانگر خاموش بيٺا هئا ۽ سڀني جا ڪنڌ جهڪيل هئا.
منهنجي کيسي ۾ ڪل رقم هڪ سؤ پنجاسي رپيا هئي. انهن پئسن مان مونکي هڪ مضبوط جانور خريد ڪرڻو هو، جيڪو اسان جي ڪٽنب جو بار سهي سگهي ۽ سلامتيءَ سان پل صراط پار ڪرائي سگهي. ٻڪرن تي منهنجي اک نه ٻڏي. هڪ ڏاند جهڙي سنڌي ڳنوار کان هڪ ڳئونءَ جي قيمت پڇيم. هن مون کي وارن کان پيرن تائين جاچي ڏٺو. پوءِ نفرت وچان چيائين، ”اي هل هل. پڻهين به ڪڏهن ڳئون ڏٺي آهي.“
عرض ڪيومانس، ”ناراض نه ٿيءُ، سنڌڙيءَ جا سرتاج. مون کي رڳو هن ڳئونءَ جي قيمت ٻڌاءِ.“
هن لاپرواهيءَ سان ٻن – چئن ڍڳين ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هيءَ پنج سؤ، هوءَ ست سؤ، هوءَ سوا ست سؤ، هوءَ اَٺ سؤ ۽ هوءَ ٻارهن سؤ-“
مون سندس وات تي هٿ رکي ڇڏيو، ”بس بس. مون توبهه ڪئي.“
هن مون کي ڌڪو ڏيندي چيو، ”ٽَر ُ ڙي ڀيڻيان ڀونتري. تون ڇا ڳئون وٺندين! تون وڃي ڀولو وٺ.“
ڏاند جهڙي شخص اول مونکي ذهني ۽ پوءِ جسماني ڌڪو ڏنو. حواس ۽ اندرين کي جائيتو ڪرڻ لاءِ هڪ پٺاڻ جي ٻاڪڙا هوٽل تي وڃي ويٺس.
مون پٺاڻ کان چئنڪ ورتي ۽ ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئڻ لڳس ۽ پنهنجي حال ۽ مستقبل جي باري ۾ سوچڻ لڳس. سوچيم، جيڪڏهن حالتون اِهي آهن، ته پوءِ قيامت جي ڏينهن به موٽرن وارا پل صراط تي اسان کان اڳ نڪري ويندا. مرضي پوندن ته پل صراط تان لنگهڻ بدران، پل صراط جي مٿان هوائي جهازن ۾ اڏامي ويندا. ٽهڪندڙ سمنڊ ۾ بيدا اوٻاريندا ۽ ترار جهڙي تيز پل صراط سان ڊبل روٽين جا سلائيس ڪپيندا. مان فڪر ۾ پئجي ويس ته مان، منهنجي مولائڻ گهرواريء ۽ اسان جا ٻار پل صراط ڪيئن پار ڪنداسين!
”ڇو اُستاد، فڪرن ۾ پئجي ويو آهين.“ پٺاڻ هوٽل واري جي ٿري ڇوڪري منهنجي هٿ مان خالي ڪوپ وٺندي پڇيو، ”پيسن ڏيڻ بنا ڀڄي ويندين ڇا؟“
مون هن کي همدرد ڄاتو ۽ پوءِ کيس سڄي ماجرا ٻڌايم، ۽ آخر ۾ کيس اهو به ٻڌايم ته مان جيڪڏهن ماڻهو نه، پر ٻڪر هجان ها ته والله دنيا ۾ وڌيڪ قدر ٿئيم ها. هن افسوس جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي واقفيت به ڪرائي. هن مُڇ تي هٿ ڦيرائيندي چيو، ”توکي اهڙو پهلوان ٻڪر ٿو وٺي ڏيان، جيڪو ريس جي گهوڙي وانگر ڊوڙندو پل صراط پار ڪري وٺندو.“
مسڪين مون کي پڙيءَ جي وچ ۾ وڃي بيهاريو. هڪ ٻڪر ڏانهن اشارو ڪندي چيائين، ”ڪيئن ٿو ڀانئين. سستو ملي ويندوءِ.“
مون ٻڪر ڏانهن ڏٺو، جيڪو ڪنهن ناڪام عاشق وانگر اُداس بيٺو هو. ٻوٿ وڃي ڌرتيءَ سان لڳو هوس. مسڪين کي چيم، ”يار هي ٻڪر رومانٽڪ آهي، تنهنڪري منهنجي ننڍڙي پٽ پتاشي جو به بار سهي نه سگهندو.“
مسڪين ڪم جو ماڻهو هو. هن چيو، ”هينئن ڪر يار. توهان گهڻا ڀاتي آهيو؟“
”نَوَ.“
”نوَ ڇيلا وٺي وڃ.“
”ڇيلو پل صراط تان ڪيرائي ماريندو.“
”يار تون به بلڪل ٺپو آهين.“ مسڪين چيو، ”تون نَوَ ڇيلا وٺي وڃ. کين خوب کارائي پيئاري متارو ڪرين. جڏهن هوبهوُ ٻڪر جهڙا نظر اچن، تڏهن الله جو نالو وٺي ڪاتيءَ سان ڪم لاهي ڇڏجانءِ.“
”فائدو.“
”واهه يار واهه. اڙي ميان، هڪ هڪ ڀاتي پنهنجي پنهنجي ٻڪر تي ويهي پل صراط پار ڪندو.“
”ته تنهنجي صلاح آهي ته اسين قافلو ڪري پل صراط پار ڪيون؟“
”ها.“ مسڪين چيو، ”اچ ته توکي ڇيلن جي سڀ کان وڏي واپاريءَ پي – پي دهلي والا وٽ ٿو وٺي هلان.“
”تنهنجو مالڪ توکي تانگهيندو هوندو.“
”اُن جي پرواهه نه ڪر. پاڻيهي منهن ڏيندومانس. پنهنجو سنڌي ڀاءُ آهين. اول تنهنجي مدد ڪندس.“ مسڪين چيو، ”اچ ته پي – پي دهلي والا ڏانهن هلون. پري ناهي. اچ.“
پي – پي دهلي والا جو وات پان جي پڪن سان ڀريل هو. چپ واڇن تائين ڳاڙها هئس. قميص جو آڳو ٿُڪن ۾ چٽيل هوس. هو اڌڙ عمر جو هو ۽ مڇن ڏاڙهيءَ کان آجو هو. هن پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو، ”مان دهلي ۾ هاٿي وڪڻندو هوس، هتي يعني پاڪستان ۾ ڇيلا وڪڻندو آهيان.“
هُن جو قدخطن سان ڀريل هڪ ڳوڻ جيترو مس هو. اکيون شيريون ۽ چنجهيون هئس. هن پاڪستان تي افسوس ڪندي چيو، ”هاءِ هاءِ. قسمت اهڙو ڦيرو کاڌو آهي جو تاج محل جو مالڪ تلڪ چاڙهيءَ جي فٽ پاٿ تي سمهندوآهي.“
”تاج محل جو مالڪ!“
”ها ها تاج محل جو مالڪ تلڪ چاڙهيءَ جي فٽ پاٿ تي سمهندو آهي.“ هن پنهنجي ڳالهه تي زور ڏيندي چيو، ”هن جو نالو شاهجهان آهي.“
مون ساڻس همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هو خوش ٿيو. چيائين، ”پنهنجي مرضيءَ سان ڇيلا پسند ڪر. مسڪين جو دوست آهين، تنهنڪري توسان رعايت ڪندس.“
مون ڪارا، ڪٻرا، اڇا ۽ ميرانجهڙي رنگ جا نَوَ ننڍڙا ڇيلا ڇڪي پرڀرو ڪري بيهاريا.
پي – پي دهلي والا مسڪين ڏانهن ڏٺو. پوءِ ڇيلن ڏانهن ڏسندي چيائين، ”کڻي وڃ. ويهين ويهين رپئي.“
”يعني!“ مون کي رڙ نڪري ويئي.
”يعني نَوَ ڇيلا هڪ سو اسي رپين ۾ کڻي وڃ.“
”يار پي – پي دهلي والا ائين نه ڪر. منهنجي حال تي رحم ڪر.“ مون کيس عرض ڪيو، ”ڀائي، مان واپارنه ڪندس. هي ڇيلا جڏهن ٻڪر ٿيندا تڏهن انهن کي الله جي راهه ۾ قربان ڪندس ۽ اهڙيءَ طرح ٻارن سميت پل صراط پار ڪندس.“
”مان دهليءَ ۾ هاٿي وڪڻندو هوس.“ هن نرڙ ۾ گهنج وجهندي چيو، ”مان ڇيلن جي هڪ قيمت ٻڌائيندو آهيان ۽ ان ۾ وڪڻندو آهيان.“
منهنجي کيسي ۾ هڪ سو پنجاسي رپيا هئا. سوچيم ته جيڪڏهن ڇيلا نه ورتم ته سڄي عمر ۾ هڪ ڳئون به وٺي نه سگهندس. جيئن ته پل صراط ضرور پار ڪرڻي آهي، تنهنڪري ڇيلا به ضرور وٺڻ گهرجن. مون پي –پي دهلي والا کي چيو، ”مان ڇيلا وٺندس.“
هن رڙ ڪري هڪ گڏهه گاڏيءَ واري کي سڏڪيو. گڏهه گاڏيءَ واري ڇيلن کي ڪنن کان وٺي گاڏيءَ ۾ ويهاريو مون هڪ سو اسي رپيا پي – پي دهلي والا کي ڏنا. هن پيسا کيسي ۾ وجهندي چيو، ”هاءِ ڙي قسمت. دهليءَ ۾ هاٿي وڪڻندو هوس، هتي ڇيلا ٿو وڪڻان.“
پوءِ جڏهن گڏهه گاڏي هلڻ لڳي، تڏهن مسڪين چيو، ”گڏهه گاڏيءَ واري کي پنجن رپين کان مٿي هڪ پائي به نه ڏجانءِ. سمجهيئهِ.“
”پنج رپيا!“
”ها ها، فقط پنج رپيا.“
گڏهه گاڏي سڙڪن تي ڊوڙڻ لڳي. مون کي اوچتو خيال آيو ته گڏهه گاڏيءَ واري کي پنج رپيا ڏيڻ کانپوءِ اسان وٽ ٽڪو به نه بچندو ۽ پهرين تاريخ ۾ اڃا ٻارهن ڏينهن پيا آهن. گهر ۾ اٽو به نه آهي. ڪنڊي کي چمپل گهرجي. پتاشي کي وڏي کنگهه آهي. کيس دوا گهرجي. مون کي ”مغز ڦاڙ“ معمي جا ٻن روپين ۾ ٽي حل موڪلڻا آهن، پرنه موڪلي سگهندس.
”ڀائو.“ گڏهه گاڏيءَ واري ڳالهايو، ”ڇيلن لاءِ لوسڻ نه وٺندين.“
”لوسڻ؟“
”ها، ٻيو نه ته ڇيلا ماني کائيندا،“ هن کلندي وراڻيو.
”يار گڏهه گاڏيءَ وارا، اهو بدبخت لوسڻ ڪيتري جو وٺڻو پوندو.“
”بس اهوئي ڪو رپئي – ڏيڍ کن جو روز کائيندا. اڃا ننڍڙا آهن نه.“
”۽ جڏهن وڏا ٿيندا؟“ ڏڪندي ڏڪندي پڇيم.
”تڏهن ٻين – اڍائي رپين جو لوسڻ روز کائيندا.“
”يار گڏهه گاڏيءَ وارا.“ مون آهستي چيو، ”منهنجي پگهار ذري گهٽ اڍائي رپيا روز آهي. ڇيلا ٻين – اڍائي رپين جو لوسڻ کائيندا ته پوءِ منهنجا ٻار ڇا کائيندا.“
”تنهنجا ٻار به لوسڻ کائيندا،“ گڏهه گاڏيءَ واري وراڻيو ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
مون محسوس ڪيو، ڄڻ مان پل صراط تان پنڌ ڪري رهيو هوس، جنهن جي هيٺان ٽهڪندڙ سمنڊ هو ۽ مٿان باهه ڇڏيندڙ سج.

**

ساجن منهنجو دوست

ساجن سينٽر جيل ۾ سزا ڪاٽي رهيو آهي.
پڙهيل ڪڙهيل ڪونهي. سياسي قيدي به ناهي. تنهنڪري کيس سخت پورهئي سان سزا مليل آهي.
روز صبح جو سليماني چانهه ۽ ڊبل روٽيءَ جو سڪل ٽوسٽ کارائي، کيس ٻين قيدين سميت جيل پويان نيشنل روڊ جا پٿر ڪُٽڻ لاءِ وٺي ويندا آهن.
سڀيئي قيدي رستي تي وڇايل پٿر ڪُٽيندا آهن. لوهي مار تولن سان وڏا وڏا پهڻ ڪُٽي ننڍيون ننڍيون پٿريون ڪري ڇڏيندا آهن. نه ڳالهائن، نه ٻولهائن. کين فقط پنهنجي ڪم سان ڪم هوندو آهي. هر طرف کان سپاهين جون تيز ۽ ڪرڙيون نگاهون کين گهورينديون رهنديون آهن. صبح جو سندن هٿ ۽ هٿوڙا هوريان هوريان هلندا آهن. پر پوءِ، جڏهن منجهند جو جلائيندڙ سج چوٽ چڙهندو آهي ۽ ڌرتي تپي تندوُر ٿيندي آهي، تڏهن سندن چوٽن جي رفتار تيز ٿي ويندي آهي ۽ اُهي سخت ۽ ڪٺور پٿر جيڪي صبح جي ٿاڌل ۾ آسانيءَ سان ٽوڙي نه سگهندا آهن، پل ۾ پرزا ڪري ڇڏيندا آهن.
انسان مشينون آهن. پگهر سندن ڪلن جو تيل آهي. جڏهن به پگهر سندن عضوي عضوي مان ريلا ڪري وهندو آهي ۽ جڏهن سندن جسم تپي لوهه ٿي ويندا آهن، تڏهن ڪارا ڪارا ٽاڪرو پٿر به قيدين جي چوٽن ۾ چٿجي چور ٿي ويندا آهن. لاڳيتي پهڻ – ڪشي ڪندي ڪڏهن ڪڏهن ڪو قيدي پنهنجي زبون زندگيءَ کي گار به ڏيئي وٺندو آهي.
پر ساجن خاموش رهندو آهي. مارتول هن لاءِ اجنبي ناهي. هت اچڻ کان اڳ به هن جي هٿ ۾ هٿوڙو هوندو هو ۽ هو اڪثر هڪ ئي ڌڪ سان موٽرن، لارين ۽ ٽرڪن جا ڪٽ کاڌل بمپر سڌا ڪري ڇڏيندو هو.
ساجن چاڪيواڙي جي پويان هڪ گيراج ۾ ڪلينر هو. سندس وجود سڙيل موبل آئل، گندي پيٽرول ۽ ڄڙهه مليل گريس ۾ گم ٿي ويو هو. هن پنهنجي ماضيءَ جي باري ۾ نه ڪڏهن سوچيو، ۽ نه ئي ڪڏهن کيس پنهنجي مستقبل جي چنتا ٿي هئي. هوش سنڀاليندي هن پاڻ کي پراڻين لارين، موٽرن ۽ بسن جي هيٺان ليٽيل لڌو هو. پنهنجي زندگيءَ جو راند ڪرڻ وارو زمانو موٽرن جامڊگارڊ چمڪائيندي گذاريو هئائين. صبح کان سانجهيءَ تائين موٽرن جي مر لاهڻ جي عيوض کيس سٺ رپيا ماهوار ملندا هئا.
سٺ روپين مان ٽيهه روپيا ٻاڪڙي واري ملباريءَ کي ڏيندو هو ۽ باقي پئسن مان عيش ڪندو هو. سندس عيش جي ”مينو“ ۾ پَنَ جون ٻيڙيون، چرس ۽ ڪڏهن ڪڏهن ”ڪنتري“ شامل هوندا هئا. ڪو روڪ ٽوڪ ڪندو هوس ته ٻئي ٻانهون هوا ۾ ڦهلائي چوندو هو، ”اڙي يار، پاڻ موالي ته عيش ڪندا آهيون عيش. نه ڪنهن جي چوري، نه سينه زوري، اُڏايون ٿا پنهنجي مزوري. لڳي دم – مِٽي غم.“
۽ جنهن ڏينهن ٺري جي هڪ بوتل ڳڙڪائي ويندو هو، تنهن ڏينهن سندس سوچ سمجهه جي ڪلن تان ڪٽ لهڻ لڳندي هئي. ان رات اڪيلن رستن تان ڳائيندو ايندو هو، ”لڳي دم، مٽي غم – لڳي دم، مٽي غم.“ چرس ڀريل سگريٽ جا ڪش سندس ذهن کي هلڪو ڪندا رهندا هئا ۽ پوءِ گيراج جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪنهن بس جي پراڻي سيٽ تي کيس ننڊ کڻي ويندي هئي.
جيستائين کائي پي موج ۾ نه ايندو هو، تيستائين خاموش رهندو هو. کيس نه ٻين سان ۽ نه ئي ڪا پاڻ سان دلچسپي هئي. مهيني ۾ هڪ دفعو غليظ ڪپڙا مٽيندو هو ۽ ٻه دفعا ميونسپل نل تي وهنجندو هو. هڪ دفعي ڪنهن سماجي ڪارڪن معاشري جي گندي تصوير ڇڪڻ لاءِ گتي ۾ پنهنجي ڪئميرا استعمال ڪئي هئي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هڪ تصوير ڪنهن اخبار ۾ نڪتي. تصوير ۾ ڏيکاريل هو ته ملڪ جا نوجوان ڪيئن نه پنهنجي زندگيءَ سان خطرناڪ راند ڪن ٿا. (ليک ۾ اهو لکيل نه هو ته سياستدان به ملڪ جي نوجوانن سان خطرناڪ راند کيڏندا آهن.) مراد ڪاسائيءَ ساجن کي اها تصوير ڏيکاريندي پڇيو هو، ”هن کي سڃاڻين!“
”ڪو مردود آهي، يار هڻيس گولي.“ ساجن لاپرواهيءَ سان وراڻيو هو.
”اڙي ڀاڙيا تون آهين.“ مراد ڪاسائيءَ کيس ٻڌايو هو. ساجن کي پنهنجي شڪل به چڱيءَ طرح ياد نه هئي. ڪڏهن ڪڏهن لاپرواهيءَ سان پاڻ کي لال خان پان واري جي آئيني ۾ ڏسي وٺندو هو.
لاپرواهي ساجن جي زندگيءَ ۾ شامل هئي. ايتريقدر جي ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن گيراج ۾ مستري رمضان جي ڪوٺيءَ مان سازن جو آواز ۽ ڇير جو ڇمڪو ايندو هو، تڏهن به هو ڪا دلچسپي محسوس نه ڪندو هو. هن ڪڏهن به پنهنجي مالڪ مستري رمضان کان اهو نه پڇيو هو ته رات جو گيراج ۾ طبلا ڇو وڄندا آهن؟ ڊانس ماستر شيام سندر ڇوڪريون ڇو وٺي ايندو آهي؟ ڇوڪريون سڄي سڄي رات گيراج ۾ رهي ڇو پونديون آهن؟
هن ڪجهه نه پڇيو، ڪجهه نه سوچيو. جيڪو نه پڇي ۽ نه سوچي تنهن کي هر ڪو پسند ڪندو آهي. ان ڪري ساجن کي به مستري رمضان بيحد پسند ڪندو هو ۽ کيس گيراج ۾ رهڻ جي موڪل ڏني هئائين.
مکڙيون مهٽجنديون رهيون. گل ڪومائجندا رهيا. رات جي تاريڪيءَ ۾ انسانيت جو خون ٿيندو رهيو، پر ساجن ڪڏهن به پنهنجي دل ۾ چهنڊڙي محسوس نه ڪئي. هن پاڻ سان گڏ دنيا کي به ڀلائي ڇڏيو هو. هڪ دفعي ڪنهن عيسائيءَ مشنريءَ جي فادر کيس زوريءَ ڪرستان ڪرڻ لاءِ کانئس پڇيو هو، ”تون مسلمان آهين؟“
”نه.“
”هندو آهين؟“
”نه.“
”ڪير آهين؟“
”مان ساجن ڪلينر آهيان.“
فادر خار وچان ساجن کي گهوريندو هڪ طرف هليو ويو هو.
دين ڌرم جي باري ۾ به ساجن ڪجهه نه سوچيو. ها، هو ڪڏهن ڪڏهن مسجد جي مُلان جي ٻانگ جو ۽ مهاديو مندر مان گهنڊن جو آواز ٻڌندو هو، پر کيس ٻنهي مان مزو نه ايندو هو. هن ملان کي گُتي ۾لڪي لڪي شراب پيئندي ڏٺو هو ۽ ٻانڀڻ کي ڇُپي ڇُپي گوشت کائيندي ڏٺو هئائين. ساجن کي مراد ڪاسائيءَ جو جملو ياد هو ته ”اڙي مولائي، هيءَ سڄي دنيا دوکو آهي. فقط صبح جو سائين سچ آهي.“ دين ڌرم سڀ ڌوڙ آهي.“
۽ ساجن روز صبح جو گانجي جو دم هڻي، کنگهندي کنگهندي چوندو هو،
”آ صبح جا سائين ٻيڙي ٻني لائين،
جيڪي پيئن سي جيئن، نه ته پري ٿي بيهن،
آ صبح جا سائين.“
۽ هڪ صبح جو جڏهن سائينءَ کي سڏ ڪري ساجن ٻيڙي ٻني لاهي رهيو هو، تڏهن هن مستري رمضان جي ڪوٺيءَ مان هڪ ڇوڪريءَ کي ٿڙندڙ قدمن سان ٻاهر نڪرندي ڏٺو. شيڊ جي ميرانجهڙيءَ روشنيءَ ۾ هن ڏٺو ته ڇوڪريءَ جا وار منجهيل هئا ۽ اکين جي چوگرد ٿَڪ ۽ اوجاڳي جا گهرا نشان هئس. ڇوڪريءَ بس جو سهارو وٺندي، گيراج تي هڪ نظر وڌي. ساجن جي پاسي ۾ سينور لڳل گگهي ۽ جست جو ميرو ۽ مروڙيل گلاس ڏسي وک وڌايائين. قدم وچڙي پيس. موٽر جي ٽائر تان ٿاٻو کاڌائين ۽ ٻئي لمحي دونهاٽيل ڪاري فرش تي ڦهڪو ڪري ڪري پيئي. ساجن کي ڪاوڙ لڳي ته ڇوڪريءَ سندس سمورو سرور ڪافور ڪري ڇڏيو هو. هو بيدليءَ سان ڇوڪريءَ کي سهارو ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڪنڊ مان اُٿيو ۽ پوءِ لاپرواهيءَ سان ڇوڪريءَ کي ٻانهن کان ڇڪي اُٿاريندي پڇيائين، ”ڇا گهر جيئي ؟“
”منهنجي ٻانهه ته ڇڏ.“ ڇوڪريءَ ٻانهه ڇڏائيندي چيو، ”منهنجي قميص تي پنهنجي ميري هٿ جا داغ ڪري ڇڏيندين.“
”تنهنجي ڪپڙن تي هن ڌرتيءَ جا به ته داغ آهن.“
”ڀل هجن. اسان جي قسمت ئي داغدار آهي.“
”اُڃايل آهين؟“
”ها، مان اُڃايل آهيان،“ ڇوڪريءَ پنهنجن خشڪ چپن تي زبان ڦيريندي چيو.
ساجن کيس گلاس ڀري ڏنو ۽ هوءَ يڪ ساهي سمورو پاڻي پي ويئي. پوءِ وڌيڪ پاڻي پيئڻ لاءِ گُگهيءَ جي پاسي ۾ ويهي رهي. مٺ مان مروٽيل نوٽ ڌرتيءَ تي رکي پاڻي پيئڻ لڳي. ساجن سندس سامهون اچي ويٺو. مروٽيل نوٽ کڻندي پڇيائين، ”ڇا هي؟“
ڇوڪريءَ جهٽ ڏيئي مروٽيل نوٽ ساجن جي چپٽيءَ مان ڦري ورتو. وراڻيائين، ”هي ڏهين رپئي جو نوٽ آهي. منهنجو آهي. انسانيت جي قيمت آهي.“
”تنهنجو نالو انسانيت آهي؟“
”بلڪل ٻُڌو آهين،“ ڇوڪريءَ ويران ٽهڪ ڏنو.
”نه. مان ٻڌونه آهيان. منهنجو نالو ساجن آهي.“
”ساجن!“
”ها، منهنجو نالو ساجن ڪلينر آهي.“
”عجيب نالو اٿئي!“ ڇوڪريءَرئي جي ڪنڊ ۾ نوٽ ٻڌندي چيو، ضرور تنهنجي پيءُ رکيو هوندو.“
اهو نالو مراد ڪاسائيءَ رکيو آهي.“ هن جواب ڏنو، ”منهنجو ڪوبه پيءُ ڪونهي.“
”تنهنجو ڪو به پيءُ ڪونهي؟“
”مون کي ته ياد ناهي.“
۽ اوچتو اُداسين جا بادل اُڀرندا آيا. ڇوڪري اُٻاڻڪي ٿي ويئي. هن جي اندر ۾ پڙاڏو گونجيو، ته ڇا مان به هڪ ڏينهن ڪنهن اهڙي ساجن کي جنم ڏينديس جنهن جو ڪوبه پيءُ نه هوندو ۽ جيڪو ڪنهن گدلي گيراج ۾ ڪلينر ٿي سڄي دنيا کان لاپرواهه ٿي ويندو؟
ساجن ٽهڪ ڏيڻ لڳو.
اوچتو ڇوڪريءَ سوال ڪيو. ”تنهنجي ماءُڪٿي آهي؟“
”هوءَ ڪمبخت به مري ويئي.“
”مري ويئي!“
”ها، مري ويئي، اسان سڀ مري وينداسين. تون، مان مسجد جو مُلو، مندر جو ٻائو، ڪرستان فادر ۽ منهنجي ماءُ. اسان سڀ مري ويندا آهيون.“
”ڇا ٿيس؟“
”الاءِ. بس هڪ ڏينهن فٽ پاٿ تي مري ويئي. مان اُن وقت تمام ننڍو هوس،“ ساجن جواب ڏنو.
خوف، هراس ۽ ڊپ جي جذبن ڇوڪريءَ جي تن بدن مان سيسڙاٽ ڪڍي سندس حواسن کي لوڏي ڇڏيو. هن پاڻ کي ڪنهن فٽ پاٿ تي دم ٽوڙيندي ڏٺو . کيس پنهنجي نڙيءَ ۾ ڪنڊا چڀندا محسوس ٿيا؛ ساهه ڦڦڙن ۾ ڦاسندو محسوس ٿيو ۽ سندس زبان خشڪ ٿيندي ويئي. هوءَ پنهنجي حسرتناڪ موت جي تصور تي اُداس ٿي ويئي. نڙيءَ ۾ موت جي تلخي محسوس ٿيس ۽ پوءِ گلاس جو بچيل پاڻي ڳيت ڏيئي پي ويئي. گلاس گُگهيءَ تي رکندي چيائين، ”مون کي ٽئڪسي ته آڻي ڏي. مان ٿڪل آهيان ساجن.“
۽ پوءِ جڏهن ساجن ٽئڪسي آڻي گيراج جي ٻاهران بيهاري تڏهن ڇوڪريءَ کيس دعا ڏني، ”خدا تنهنجو ڀلو ڪندو ساجن.“ ساجن آسمان ڏانهن ڏسي کلي پيو.
”ڇو ٿو کلين؟ ڇوڪريءَ ٽئڪسيءَ ۾ ويهندي پڇيو. ساجن جواب نه ڏنس، پر ٻيو به هڪ ٽهڪ ڏنائين. کيسي مان پن جي ٻيڙيءَ ڪڍي، دکائي، ڪش هڻي، دونهون آسمان ڏانهن ڇڏيندو اندر گيراج ۾ موٽي ويو.
ٻئي ڏينهن سانجهيءَ ڌاري ساجن پيرو مواليءَ کان چرس وٺڻ لاءِ گيراج کان ٻاهر نڪتو. در وٽ کيس ڪالهوڪي ڇوڪري ملي ويئي. ساجن کي ڏسي بيهي رهي. ساجن پڇيس، ”تون روز نچڻ ايندي آهين؟“
”نه. استاد شام سندر کان ڊانس سکڻ ايندي آهيان.“
”سڄي رات!“
”بلڪل ٻُڌو آهين ساجن.“ ڇوڪريءَ طنز ڀريل لهجي ۾ چيو، ”استاد شيام سندر ۽ مستري رمضان سڄي رات مفلسيءَ کي پيسي تي نچائيندا آهن.“
ڇوڪريءَ جو جملو ساجن جي سمجهه ۾ نه آيو ۽ هو ڪياڙي کنهندو مواليءَ جي اڏي ڏانهن هليو ويو.
ڀيرو مواليءَ جي اڏي تي جانو مڪرانيءَ ساجن کي خوب شراب پيئاريو. مفت جو مال قاضيءَ کي جلال! ساجن ڍوَ تي پيتو. ڪنتريءَ جي ڪڙاڻ جڏهن سندس وات کي زهر ڪري ڇڏيو، تڏهن هو ٽيبل کي لت هڻي گُتي کان ٻاهر نڪري آيو. هن قدمن کي هوا ۾ ٿڙندي محسوس ڪيو. دل ۾ رستي تي ليٽي پوڻ جي تمنا جاڳي اٿيس، پر هلندو رهيو. ٿاٻو آيس ته فٽ پاٿ تي اجايو ويهي پيسا ڳولهڻ لڳو. هلندي هلندي جڏهن اليڪٽرڪ پول سامهون آيس ته ان کي خوب گاريون ڏنائين. چنڊ بادلن ۾ لڪي ويو ته پٿر کڻي آسمان ڏانهن اڇلايائين. گيراج ۾ پهتو ته پاڻ کي بس جي پراڻي سيٽ تي اُڇلائي ڇڏيائين . ٻئي ٻانهون ڪنڌ هيٺان ڏيئي، ٽنگ ٽنگ تي رکي اکيون پوري ڇڏيائين. اوچتو پير ۾ خارش ٿيڻ لڳس. هٿ وڌايائين ته وڃي لانگ بوٽ ۾ پيس ۽ پوءِ ٽنگ مٿي ڪري، پراڻي ڇڳل لانگ بوٽ کي کڙيءَ کان ڇڪي لاهي ڦٽو ڪيائين. ان وقت سندس ڪن تي ڪنهن عورت جي آزي نيزاريءَ جو آواز پيو. ڄڻ ته رحم لاءِ پڪاري رهي هئي. هن محسوس ڪيو ته آواز مستري رمضان جي ڪوٺيءَ مان اچي رهيو هو. هن اُٿڻ چاهيو، پر گهيرٽ آيس ۽ جهٽ ۾ کيس ننڊ کڻي ويئي.
گهڻن ڏينهن تائين ساجن وري اُن ڇوڪريءَ کي نه ڏٺو. هڪڙي ڏينهن سج لهڻ مهل، هن ڪوٺيءَ مان مستري جو آوازٻڌو. ڪاوڙيل هو. ”جيستائين نوري نه ايندي، مان هڪ پائي به نه ڏيندس.“
”هوءَ اچڻ جهڙي ناهي اَبا،“ ساجن ڪمزور آواز ٻڌو. ان وقت هو مارتول سان رنگ تي ٽائر چاڙهي رهيو هو.
”اچڻ جهڙي ناهي ته پيسا به ناهن.“
”مستري ڪجهه ته خيال ڪر.“ ڪمزور آواز چيو، ”اڃا تائين تو هن کي فلمن ۾ ڪم به نه وٺي ڏنو آهي ۽ ڃها تائين کيس....“
”ان لاءِ کيس پيسا به ملندا آهن. خدا جي نالي ته نه ايندي آهي.“
”پر اُن رات توهان ٻنهي....“
”پيسا به ته ڊبل ڏناسونس.“
ان وقت ساجن لوهي رنگ تي ٽرئڪٽر جو زبردست ٽائر چاڙهي ڇڏيو.
ڪوٺيءَ مان مستري رمضان جو آواز آيو، ”ٻين کي ويهه ڏيون تنهنجي ڌيءَ کي ٽيهه. شراب به انگريزي استعمال ڪندا آهيون. کيس ڪباب ۽ چاپون به ٻڪريءَ جي گوشت جون کارائيندا آهيون. سودو فائديمند اٿئي پوڙهي.“
ساجن جون نگاهون وزني مارتول تي کپي ويون. مستري رمضان جا جملا سندس دماغ کي ڪنهن غيبي مترڪي سان ڪُٽڻ لڳا. هن پنهنجي دماغ کي، دماغ جي ويچارن کي چٿجندي محسوس ڪيو. احساس ٿيس ڄڻ ته مغز جون رڳون ڇڄي پيون هيس. سمجهيائين ته رت ريلا ڪري سندس منهن ڌوئي ڇڏيو هو. سندس اندر ۾ وڍ پوڻ لڳا. روح جي نفرت مٺين ۾ ڀيڪوڙ جي ويس. انسان جي قيمت فقط ٽيهه رپيا! جسم کي پائمال ڪرڻ جي قيمت ٽيهه رپيا! جيڪي نادان هڏ کي مڏ تي رکي اميدن جي جوٺي آس تي جيئندا آهن، تن جي قيمت فقط ٽيهه رپيا! ساجن سستائيءَ تي ٽهڪ ڏيڻ لڳو. عورت جي جسم ۽ ڪڻڪ جي هڪ مڻ جي ساڳي قيمت! هو ديوانن وانگر کلڻ لڳو. انسان جي عقل تي، انسان جي اخلاق تي ۽ انسان جي وحشي جذبن تي.
تڏهن مستري رمضان ۽ استاد شيام سندر ساجن جي ٽهڪن جو آواز ٻڌي پنهنجي ڪمري مان نڪري آيا. ساجن گهور ڪري ٻنهي ڏانهن نهاريو. لوهه جي وزني هٿوڙي تي سندس گرفت مضبوط ٿيندي ويئي. هن حقارت مان ٻنهي ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ سڄي قوت سان هٿوڙو اڇلائي گگهيءَ کي هنيائين. ٺڪر جي گگهي چوُر چوُر ٿي ويئي ۽ پاڻي سڻڀي فرش تي زمين جي انڊلٺ ٺاهي بيهي رهيو.
”ڪمبخت وڌيڪ پي ويو آهي،“ شيام سندر چيو.
مستري رمضان ڏند ڪرٽيندو ساجن ڏانهن وڌي آيو. کيس زوردار چماٽ وهائيندي چيائين، ”ساجن، ڄٽ جا پٽ. سوئر جا ڦر، حرامي، مغز خراب ٿيو اٿئي ڇا!“
ٽهڪ بادلن جي گجگوڙ وانگر گجي خاموش ٿي ويا. دل جي دنيا تي سارنگ وسڪارو ڪيو ۽ ساجن ٻنهي هٿن ۾ منهن لڪائي سيٽ تي اونڌي منهن ڪري پيو.
ان رات هن مستري رمضان جي چماٽ وسارڻ لاءِ خوب شراب پيتو، ڪنتري ۽ ٺرو. جڏهن سندس کيسا بلڪل خالي ٿي ويا. تڏهن هن جانو مڪرانيءَ کي ڪنڌ کان وٺندي چيو، ”اڙي جانوءَ جا ٻچا، پيسا ڪڍ.“
”پيسا الله ڏيندءِ.“
”الله ويٺو آهي مسيت ۾، هي گتو آهي پيسا ڪڍ.“
جوئا ڪندين؟“
”ها.“
”اچي هي رپيو وٺ، اُڌارو. مراد ڪاسائيءَ جي اوطاق تي جوئا هليئي پيئي.“
مراد ڪاسائيءَ جي اوطاق تي جوئا هلي رهي هئي. ساجن سڀني کي ڦري ورتو ۽ پيسا کڻي گتي ۾ موٽي آيو. ٽيبل تي پير پٿاري، ديسي شراب جي گلابي بوتل سوڍا ۾ ملائي پي ويو. ٺرو ۽ ڪنتري پيئڻ کانپوءِ هن پنهنجي ڳل تي مستري رمضان جي چماٽ جو درد محسوس ڪيو. بي خياليءَ ۾ هن پنهنجون ٺريل آڱريون پنهنجي جلندڙ ڳل تي رکيون ۽ اوچتو سندس بدن مان سيسڙاٽ نڪري ويو. هن رڙ ڪري پيروءَ کان هڪ ٻي بوتل گهري. بي بوتل جو شراب هن گلاس ۾ نه پيٽيو، پر ٻُڪ ۾ وجهي پنهنجي جلندڙ ڳل ۽ پيشانيءَ تي ڇنڊا هڻڻ لڳو. بوتل ۾ باقي بچيل ٺرو پنهنجي مٿي تي پيٽي ڇڏيائين. ساجن جي ان حرڪت تي گتي ۾ ويٺل گراهڪن کي کل آئي. ڪي ته کلي کلي اونڌا ٿي پيا ۽ ڪن ٽهڪڙن ۾ چيو.
”خلاص.“
”کلاس.“
”ڦنيس.“
”آئوٽ.“
هن پيروءَ مواليءَکي ڪائونٽر تي بل ڏيئي باقي پيسا ڳڻيا. وٽس ڏهين ڏهين جا ٽي نوٽ هئا! پيروءَ کان وقت پڇيائين. رات جا ساڍا ٻارهن ٿيا هئا. هن ڀڻڪيو، ”نوري آئي هوندي.“
”ڪير نوري؟“
”مستري رمضان جي معشوق.“
”تنهن ۾ تنهنجو ڇاهي؟“
”اڙي سڙيل ڪاربيٽر، ان بلبل جي قيمت آهي ٽيهه روپيا.“
”هان؟“
”ها ۽ اڄ رات مان.“ ساجن کي هڏڪي آئي، ”مان نوريءَ کي مستري رمضان جي ڪوٺيءَ ۾ وڃڻ نه ڏيندس.“
”ڇو؟“
”شُش! ڪو ٻڌي نه وٺي.“ ساجن چپن تي آڱر رکي چوڻ لڳو، .خبر اٿئي مترڪا، نوري منهنجي – منهنجي – ڀيڻ آهي.“
پيروءَ ان ڳالهه تي زوردار ٽهڪ ڏيندي چيو، ”وارو ڪر اڙي ساجن، تنهنجي ڀيڻ مستري رمضان جي ڪڇ ۾ هوندي.“
پيروءَ جو جملو ساجن جي دل ۾ بڙڇي ٿي لڳو. هن جون نگاهون ڀت ڀت سان ٽڪرائڻ لڳيون. تڏهن اوچتو هن جي نظر ڪنهن قومي ليڊر جي تصوير تي ڄمي ويئي. ساجن زوم مان بوتل ليڊر جي تصوير کي اُڇلائي هنئين ۽ پوءِ ٻئي ٻانهون اُڀيون ڪري ڀت وٽ بيهي رهيو. گراهڪن ٽهڪ ڏيندي چيو.
”ڦنيس .“
”کلاس.“
”سالو آئوٽ آهي، ڪُرو.“
ساجن ٻئي مٺيون ڀيڪوڙي ڀت تي وهائي ڪڍيون ۽ چيائين، ”مان کلاس نه آهيان، ڦنيس نه آهيان. مان کتم نه آهيان.“
پيرو موالي ڪائونٽر تان اُٿي آيو ۽ ساجن کي ڪنڌ کان وٺي لت هڻي گتي مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين. ساجن ٿاٻڙندو، اليڪٽرڪ پول سان وچڙندو اڳتي نڪري ويو. هن پنهنجي سيني ۾ جوالا جلندي محسوس ڪئي. ڪنهن آتش فشان پهاڙ جو لاؤو سندس سموري وجود کي جلائڻ لڳو. آڳ جا شعلا سندس اندر کي لهسائڻ لڳا.
ساجن کي سُڌ هئي ته ڪٽ کاڌل لوهه جي ڪٽ لاهڻ لاءِ لوهه کي وزني مارتول سان ڪٽڻو پوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته سخت زنگ آلود نٽبولٽ به مترڪي جي هڪ ڌڪ سان ڍرا ٿي ويندا آهن ۽ اڄ مستري رمضان جي زوردار چماٽ هن جي ذهن جي، ذهن جي شعور جي، سوچ ويچار ۽ بي حس احساس جي ڪٽ لاهي ڇڏي. هن جو ضمير ۽ ضمير جي غيرت بيچين ٿي جاڳي اٿي. بغاوت جي باهه اندر ۾ ڀڙڪي اُٿيس. هن پنهنجي دل ۾ مستري رمضان ۽ استاد شيام سندر خلاف نفرت جا لکين جذبا محسوس ڪيا. جيتوڻيڪ ٿڌي رات هير ۾ ٺري ويئي هئي، پر تڏهن به هن جو بدن – باطن ۽ ظاهر، تندور وانگر تپي ويو هو؛ کوري وانگر کامي رهيو هو. هن ٿڙندڙ ٻرانگهن ۾ گهوماٽيل دماغ سان رمضان ۽ شيام کي مترڪن سان چٿي چٿي ماري ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. هن ٻنهي کي ۽ ٻنهي جي دولت کي شڪست ڏيڻ ٿي چاهي. هن کيسي مان ڏهين ڏهين جا ٽي نوٽ ڪڍي مٺ ۾ ڀيڪوڙيا. ائين ڪرڻ سان هن مستري رمضان ۽ استاد شيام سندر جو ساهه پنهنجي سٺ ۾ ڀيڪوڙجندو محسوس ڪيو. خوشيءَ جو احساس ٽهڪن جي صورت وٺي رات جي خاموشيءَ ۾ گونجندو رهيو.
”هو هو ها! اڄ رات مان مستري رمضان کي مات ڪندس“ ۽ پوءِ اوچتو سندس لهجو غمگين ٿي ويو. هن جي خوشي ڪافور ٿي ويئي. ڏندن ۾ چپ چٻاڙيندي چيائين. ”اڄ رات منهنجي ڀيڻ مستري رمضان جي دولت ٿي نه نچندي. اڄ رات منهنجي ڀيڻ استاد شيام سندر جي ڪڇ ۾ نه سمهندي. غريبي عورت کي نچڻ تي مجبور نه ڪندي.“
ساجن پراڻي لانگ بوٽ جي لت سان گيراج جو دروازو کولي ڇڏيو. هو ڪوٺيءَ جي بند دروازي ٻاهران اچي بيٺو ۽ پوءِ رڙ ڪري چيائين، ”اڙي مستري رمضان، دئوس ٻاهر نڪري اچ. مان تنهنجو ۽ تنهنجي دولت جو دشمن آهيان. مان نوريءَ جو ڀاءُ آهيان. اچي، کڻ هي ٽيهه رپيا ۽ نوريءَ کي ٻاهر موڪل.“ ڪوٺيءَ جو در کليو. هڪ صوبيدار ۽ ٻه پوليس وارا ٻاهر نڪري آيا. ساجن اهڙي واقعي لاءِ تيار نه هو. هو پنهنجي جاءِ تي پنڊ پهڻ ٿي ويو. ساجن جون نگاهون ڪوٺيءَ جي در ڏانهن اُٿيون ته اتيئي ڄمي ويون. مستري رمضان جي هڪ هٿ ۾ شراب جو گلاس ۽ ٻيو هٿ هڪ نيم ننگي عورت جي چيلهه ۾ هوس. هوءَ نوري نه هئي. سندس چپن ۾ سگريٽ هو. هن در جي چائنٺ تي قدم رکندي چيو، ”مان توکي ڇڏايان ها ساجن. پر نه. تو سوچڻ ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي. اهڙا ماڻهو اسان کي پسند ناهن.“
پوءِ صوبيدار ڏانهن منهن ڪري چيائين، ”هي ئي اٿوَ ساجن، جنهن مراد ڪاسائيءَ جي اوطاق تي جوئا ڪئي ۽ جنهن جي تلاش ۾ توهان هتي آيا آهيو ۽ موقعي تي آيا آهيو.“
سپاهين ساجن کي هٿڪڙيون هنيون. ساجن خاموش رهيو. هن احتجاج نه ڪيو. آه به نه ڪيائين. فقط ويران نگاهن سان مستري رمضان کي ڏسندو رهيو. مستري سگريٽ جو دونهون ڇوڪريءَ جي منهن ۾ ڇڏيندي چيو، ”هيءَ نوري ناهي، ساجن. پر ٻي ڪا نوري آهي. تو جهڙا سر ڦريا، ديوانا، ڪيترين نورين کي بچائي سگهندا؟“
مستري رمضان ٽهڪ ڏنو ۽ سٽ ڏيئي ڇوڪريءَ کي سيني سان لڳائي ڪوٺيءَ جو در ٻيڪڙي ڇڏيو.
ساجن سينٽرل جيل ۾ سزا ڪاٽي رهيو آهي. روز صبح جو سليماني چانهه ۽ ڊبل روٽيءَ جو سڪل ٽڪر کارائي، کيس ٻين قيدين سميت جيل پويان نيشنل روڊ جا پٿر ٽُڪڻ لاءِ وڍي ويندا آهن.

**

جڏهن مان نه هوندس

[b] پڄاڻي:
[/b]ڦاسي گهاٽ جي ڪال ڪوٺڙيءَ جو لوهي در کليو. جيلر اندر آيو. مون گوڏن مان منهن ڪڍي ڏانهس نهاريو.
جيلر چيو، ”اڳاڻو هڪ بيحد ضعيف ۽ ڪراڙيء عورت آئي هئي. مان سمجهان ٿو. هوءَ تنهنجي ماءُ هئي. تنهنجي لاءِ هيءُ ڪاغذ ڏيئي ويئي آهي.“
جيلر ڪاغذ منهنجي هٿ ۾ ڏنو.
مون ڪاغذ کوليو. لکيل هو، ”گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا – ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن واهي رڻ جا.“
جيلر کان پڇيم، ”اڄوڪو ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو آخري ڏينهن آهي نه.“
وراڻيائين، ”اڄ اڌ رات کان پوءِ ڪنهن به وقت توکي ڦاهي ڏيئي ڇڏيندا.“
”مان پنهنجي حياتيءَ جون آخري گهڙيون لکندي گذارڻ چاهيان ٿو.“ پڇيو مانس، ”مونکي لکڻ جي اجازت آهي؟“
”ها،“ جيلر جواب ڏنو، ”پر اعتراض جوڳي تحرير جي نه.“
جيلر مونکي لکڻ جي اجازت ڏيئي هليو ويو. مون سوچيو، پکيءَ وانگر اُڏامي ويندڙ ۽ درياهه وانگر وهندڙ وقت کي مان روڪي نه سگهندس. پوئين پهر تائين ساهه جي سلسلي جو حساب رکي نه سگهندس. انت ڏانهن آخري سفر منهنجي ساهه جي هڪ هڪ ساعت محدود ڪري ڇڏي آهي. دم ٽوڙيندڙ ساعتن ۾ مان پنهنجي مڪمل آتم ڪهاڻي لکي نه سگهندس. مان فقط آتم ڪهاڻيءَ کي پڄاڻيءَ تائين پهچائڻ جي هڪ ڪهاڻي لکندس.

[b]پڄاڻيءَ جي ڪهاڻي:
[/b]ڪمري جي در کي وٿي ٿي. مون منهن ورائي نه ڏٺو. سوچيم، ”ڪيري هومز“ هوٽل جو ڇوڪرو هوندو ۽ چانهه جي ٽِري رکي هليو ويندو.
مون لاهور ۾ بيڊن روڊ جي لبرٽي بلڊنگ جي ٻي ماڙ تي فليٽ نمبر اٺين ۾ اچي پناهه ورتي هئي. لبرٽي بلڊنگ جي سامهون ”ڪيري هومز“ هوٽل هئي جنهن جو ڇوڪرو رانجهو صبح جو سويل منهنجي لاءِ چانهه ۽ تازي اخبار کڻي ايندو هو. مان پنهنجي فليٽ جو در اسرُ ويل کولي ڇڏيندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندوهو جو بي اطميناني ۽ پريشانيءَ سبب رات جي ڪنهن پهر اک کلي ويندي هئي ۽ مان قديم پلنگ تان اُٿي، ٻاهريون در کولي، موٽي اچي ڪنڌ هيٺان ٻانهون ڏيئي ليٽي پوندو هوس. ڪڏهن ڪا گهڙي اهڙي به ايندي هئي جو ننڊ کڻي ويندي هئي؛ نه ته اڪثر اڻٽيهين اونداهيءَ جهڙي رات ۾ اکيون وجهي ڇڏيندو هوس، تانجو اچي پرهه ڦٽندي هئي ۽ سج جا پهريان ڪرڻا پڙدن مان ڇڻندا ڪمري ۾ ڪاهي پوندا هئا. ٿوري دير کانپوءِ رانجهو چانهه ۽ اخبار کڻي ايندو هو ۽ چانهه جي ٽِري رکي پٻن تي هلندو هليو ويندو هو.
در جو طاق چيچاٽ ڪري کُلي پيو. مون منهن ورائي نه ڏٺو.
اُها اجگر جهڙي رات مون ڪمري جي اونده سان اکيون اٽڪائي گذاري ڇڏي هئي. طرحين طرحين جا خيال ۽ وهم ذهن کي وڪوڙيندا ۽ پيڙيندا رهيا هئا. پاسا ورائيندي سَنڌُ سَنڌُ ساڻو ٿي پيو هو. اڌ رات ويل در جو ڪڙو لاهي ڇڏيو هوم. جنهن وقت در کي چيچات سان وٿي ٿي، تنهن وقت منهنجو منهن ڀت ڏانهن هو. سڄو بدن سور کان ڇڄي رهيو هو. مٿو ڳورو ۽ ڇپرن ۾ چڀڪو محسوس ڪري رهيو هوس. جڏهن ڪجهه دير تائين چانهه جي ٽري رکڻ جو آواز نه آيو، تڏهن نه چاهيندي به منهن ورائي ڏٺم.
زهره پلنگ جي پاٽيءَ وٽ بيٺي هئي. وهنتل هئي. اُماوس جي رات جهڙا ڪارا وار ڪلهن تي پيا هئس. بدن تي سونهري ڪنيءَ وارو ڪرمچي گائون ڍڪيل هوس. پيرن ۾ ٻن پٽين وارو رٻڙ جو اڇو چمپل هوس، جنهن تان پاڻيءَ جي آلاڻ نه لٿي هئي. ان وقت جيتوڻيڪ اندر ۾ آنڌ ماند ۽ حواسن تي ٻوجهه پي محسوس ڪيم، پر تنهن هوندي به زهره کي ماڪ ڀنل رابيل جهڙي محسوس ڪيم.
هن پنهنجو نرم، نازڪ ۽ برف جهڙو سرد هٿ منهنجي سڙندڙ نرڙ تي رکيو. مون سندس وڏين ۽ گهاٽين پنبڻين سان ڍڪيل ڪارين ڪجلين اکين ۾ نهاريو. مونکي اُهي لفظ ۽ جملا نٿا سجهن جن سان زهره جي بيپناهه حسن کي ڪاغذ تي اُتاري سگهان. هوءَ هر مرد جي تصور ۾ ديرو ڪيل ڪنهن به حسين عورت کان وڌيڪ حسين ۽ مشرقي سونهن سوڀيا جو جيئرو جاڳندو مثال هئي. مون پنهنجي اڻٿائينڪي زندگيءَ ۾ زهره کان وڌيڪ سهڻي ۽ شانائتي عورت نه ڏٺي آهي.
منهنجي نرڙ تي هٿ رکندي پڇيائين، ”ڪيئن آهين؟“
”ويهي رهه. بيٺي ڇو آهين؟“ ڀت ڏانهن کسڪي ويم. هوءَ پلنگ جي پاٽيءَ تي ويهي رهي.
منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ کڻندي پڇيائين، ”ٺيڪ آهين نه.“
”ها. ٺيڪ آهيان.“
هن پنهنجين آڱرين سان منهنجا وار جائيتا ڪندي چيو، ”اڄ وري اوجاڳو ڪيو اٿئي. هان نه؟“
کيس جواب نه ڏنم.
وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي پڇيائين، ”تون ڪنهن ڪنهن وقت سمهي ڇو نه سگهندو آهين؟“
وراڻيم، ”چوندا آهن، ماڻهو جڏهن موت کي ويجهو هوندو آهي، تڏهن سمهي نه سگهندو آهي.“
”ڏس! وري ڪڍيئه نه بد وائي وات مان.“
منهنجن خشڪ چپن تي مُرڪ تي آئي.
”ٻڌاءِ نه؟“ پڇيائين، ”تون ڪنهن ڪنهن وقت ڇو نه سمهي سگهندو آهين.“
”ڪنهن ڪنهن مهل منهنجين اکين کان سمهڻ وسري ويندو آهي.“
”سمهڻ وسري ويندو آهي!“
”ها زهره. ۽ پوءِ راڪاس جهڙي رات منهنجي مات ٿي پوندي آهي.“
”پر تنهنجين اکين کان سمهڻ ڇو وسري ويندو آهي. تون سمهي ڇو نه سگهندو آهين،“ هوءَ بيچين ٿي پيئي. منهنجو هٿ ٻنهي هٿن ۾ قابو ڪندي پڇيائين، ”اهو ڪهڙوفڪر آهي، ڪهڙو غم آهي جيڪو توکي سمهڻ نه ٿو ڏئي.“
”ڪوبه نه.“ منهن ٻئي پاسي ڪندي چيم، ”ڪوبه نه.“
”ڳالهه ٻڌ.“ زهره مونکي ڪلهي کان وٺي پاڻ ڏانهن ڪندي چيو، ”گذريل هڪ مهيني جي ملاقات ۾ مان سمجهي نه سگهي آهيان، ته آخر اُهو ڪهڙو غم آهي جيڪو توکي اندر ئي اندر کائيندو رهي ٿو. تون ٻڌائين ڇو نه ٿو؟“
مون زهره جي شفاف ڪارين ڪجلين اکين ۾ نهاريو. دل چاهيو ته ٻڌائي ڇڏيانس ته جڏهن اندر اُتاولو هوندو آهي، تڏهن ننڊ نيڻن کي تياڳ ڏيندي آهي. اسين مڱ ٿر جي ملڪ سنڌ ديس جا واسي ائين ئي ويراڳ جي ورونهن هوندا آهيون. دل گهريو ته کيس پنهنجي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيان. کانئس ڪجهه نه لڪايان. کيس ٻڌائي ڇڏيان ته مان لاکي ڦلاڻيءَ ۽ هيمون ڪالاڻيءَ جو ٻيو جنم آهيان.
”تون ٻڌائين ڇو نٿو.“ زهره ٻيهر پڇيو، ”آخر اُهو ڪهڙو غم آهي جيڪو توکي اندر ئي اندر کائيندو رهي ٿو؟“
آهه منهنجي ساهه سان وچڙي پيئي. فقط ايترو چئي سگهيم، ”مون کي ڪوبه غم نه آهي، زهره.“
”ته پوءِ بيچين ڇو رهندو آهين؟“ هن مونکي ٻارن وانگر سمجهائيندي چيو، ”ڏس؛ پنهنجي مونجهاري جو ذڪر جڏهن ٻين سان ڪبو آهي نه، تڏهن دل تان ٻوجهه لهي ويندو آهي.“
ان وقت ”ڪيري هومز“ هوٽل جو ڇوڪرو رانجهو چانهه جي ٽري ۽ اخبار کڻي آيو. ٽري ٽيبل تي رکندي چيائين، ”چَوَن ٿا ته رات ذوالفقار علي ڀٽي کي گرفتار ڪيو اٿائون.“
چيومانس، ”تون ڊوڙ پائي هڪ ٻي چانهه به کڻي اچ.“
”نه نه،“ زهره جي سڏ تي رانجهو بيهي رهيو. زهره چيو، ”مان پنهنجي فليٽ مان چانهه ٿي گهرائي وٺان.“
”مونکي خبر آهي ته تنهنجي بورچياڻي چانهه سٺي ٺاهيندي آهي. پر هن وقت تون منهنجي فليٽ ۾ آهين.“مون رانجهي کي چيو، ”وڃ. ڊوڙ پائي هڪ چانهه کڻي اچ.“
زهره آرام ڪرسي ڇڪي پلنگ جي پاسي ۾ ويهي رهي. کاڏيءَ هيٺان هٿ ڏيئي هوءَ ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي.
پڇيو مانس، ”ڇا پيئي ڏسين؟“
چيائين، ”تون منهنجي لاءِ ڳجهارت ٿي پيو آهين ۽ - ۽-.“ هن جملو پورو نه ڪيو. خاموش ٿي ويئي.
”چئه زهره.“
”۽، ۽ هڪڙي ڏينهن.“
”زهره!“
”۽ هڪڙي ڏينهن؛ جيئن اجنبين وانگر آيو آهين، تيئن اجنبين وانگر هليو ويندين.“
”زهره.“ مان سٽ ڏيئي ويهي رهيس. ڪرسيءَ جي ٻانهن تان زهره جو هٿ کڻي پنهنجن هٿن ۾ جهليم. چيم، ”ڪيئن ٿي چوين ته مان توکي ٻڌائڻ کانسواءِ هليو ويندس. مان.“ آواز اوپرولڳم. جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنم.
هن منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو. اکيون بند ڪري ڇڏيائين. پوءِ پاڻ سنڀالي، ٿڌو ساهه کڻي چيائين، ”تنهنجي اچڻ کانپوءِ ڀانيان ٿي، دل ۾ ڄڻ اڳ جهڙي اڪيلائي نه رهي آهي.“
”وقت وفا ڪئي جيڪڏهن، مان پنهنجي زندگيءَ سان تنهنجين اڪيلاين کي خريد ڪندس.“ آهستي چيم، ”بس، وقت وفا ڪئي جيڪڏهن.“
هن منهنجين اکين ۾ اکيون وجهي ڇڏيون. ڄڻ منهنجي اندر جو ٽوهه پي ورتائين. چيائين، ”ته پوءِ مون کان لڪائين ڇو ٿو؟“
”ڇا.“
”پنهنجو غم – پنهنجي پريشاني.“
مان خاموش رهيس.
پڇيائين، ”پيسن جي تنگي ته نه اٿئي.“
”نه.“
حجاب ته نٿو ڪرين؟“
”مان لکنو جو نه آهيان.“
هن ٽهڪ ڏنو. پوءِ گنڀير ٿيندي چيائين، .خانيوال کان منهنجو مني آرڊر آيو آهي. ڪجهه پيسا ڏيانءِ؟“
”نه“ وراڻيم، ”ڪيري هومز“ جو بل لاهڻ جيترا پيسا ۽ ڪجهه بچت اڃا مون وٽ آهي. ضرورت پئي ته تنهنجي قرض ۾ مبتلا ٿيندس.“
چيائين، ”ڪيري هومز“ جو سمورو بل مون ڏيئي ڇڏيو آهي.“
”ڏيئي ڇڏيئه!“
”ها.“
”توکي ائين ڪرڻ نه گهربو هو، زهره.“
”ڇو؟“
مان کيس جواب ڏيئي نه سگهيس.
گهڙي کن خيالن ۾ گم رهڻ کانپوءِ عجيب سوال پڇيائين، ”تون ڪنهن سان محبت ته نه ڪندو آهين؟“
مون سندس اکين ۾ نهاريو. چيم، ”ها.“
”ته پوءِ شايد سڄي سڄي رات ان عورت جي ياد ۾ جاڳندو آهين.“
”ڪنهن حد تائين.“
”هوءَ به توسان محبت ڪندي آهي؟“
”چئي نٿو سگهان.“
”هوءَ ڪنهن ٻئي مرد سان محبت ڪندي آهي؟“
”شايد.“
”اهو ته ڪو جواب ڪونهي.“ زهره چيو، ”پر مرد کي ڪڏهن به ڪنهن اهڙي عورت سان محبت ڪرڻ نه گهرجي، جيڪا ٻئي ڪنهن مرد سان محبت ڪندي هجي.“
”مان به دراصل ان خيال جو آهيان، زهره.“ وراڻيم، ”پر دل کي جيڪڏهن عقل هجي ها ته پوءِ محبت پرڏيهي واپار ٿي پوي ها.“
زهره جي گلابي چپن تي مُرڪ ليئو پائي ورتو. پڇيائين، ”ڀلا ٻڌاءِ ته اُها عورت ڪٿي آهي.“
دل ۾ آيو ته ٻڌايانس ته اُها عورت تون آهين زهره؛ تون – جيڪا منهنجي ساهه وانگر مونکي ويجهو هوندي به مون کان پري آهين، منهنجي ٿي نه سگهي آهين. اُها عورت تون آهين زهره، جنهن سان حالتن جي اهڙي وراڪي تي مليو آهيان جتي منهنجي پنهنجي زندگي پنهنجي نه رهي آهي. اُها عورت تون آهين زهره، جنهن جي دل ۾ ڪنهن ٻئي مرد جي ياد منهنجي پيار تي پابندي وجهي ڇڏي آهي.
دل جو چيو زبان تي نه آيو. فقط ايترو چيم، ”اهو پڇي ڇا ڪندينءِ.“
هڪدم پڇيائين، ”ڇا مان ايترو حق به نٿي رکان.“
”نه نه، ائين ناهي.“ هٻڪندي چيم، ”ڳالهه هن ريت آهي.
ته، ته.“ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو. جملو پورو ڪري نه سگهيم، اڌ ۾ ڇڏي ڏنم.
چيائين، ”مون کان لڪائين ٿو.“
منهنجي چپن تي سياري جي شام جهڙي اُداس، مُرڪ ليئو پائي ورتو. پاڻ کي عجيب ڪشمڪش ۾ جڪڙيل محسوس ڪيم. گذريل چئن – پنجن هفتن جي ملاقات ۾ زهره سان اندر جو حال اوري نه سگهيو هوم. کيس پنهنجو همدرد محسوس ڪرڻ کانپوءِ به پنهنجي آتمڪٿا ٻڌائي نه سگهيو هوم. شروعات ۾ زهره کي سليس سنڌي ڳالهائيندي ۽ پنهنجي ويجهو ٿيندي ڏسي مان اول ڇرڪيو هوس ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن کانئس پڇيو هوم، ”پنجابڻ آهين نه؟“ جواب ڏنو هئائين، ”هڏ، چم، ماس سميت پنجابڻ آهيان.“ تڏهن کانئس ورائي پڇيو هوم، ”ته پوءِ سنڌي ڳالهائڻ ڪٿان سکي آهين؟“ ٻڌايو هئائين، تنهنجي سنڌ جو چپو چپو ڏٺو اٿم. ورهين جا ورهيه اُتي رهي آهيان. منهنجن مائٽن کي انگريزن طرفان سانگهڙ ۾ زمينون مليل آهن.“ ڪٽ کائيندي پنهنجي ساءِ چيو هوم، ”سانگهڙ – انگريز سامراجين جي سرڪش حرن جي لاشن تي اڏيل پنهنجن وفادار خادمن ۽ غلامن لاءِ جاگير!“ مون سمجهيو هو زهره منهنجو گفتو ٻڌي مونکان نفرت ڪندي. پر هن ساڳي نوعءَ ۾ مونکان پڇيو هو، ”تون ڪير آهين. لاهور ۾ ڇا ڪرڻ آيو آهين.“ مون فقط ايترو وراڻيو هو، ”پڪ ڄاڻ ته فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي هردلعزيز حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ نه آيو آهيان.“ هن کلي ڏنو هو. هن اڪثر ورجائي ورجائي مونکان منهنجي باري ۾ پڇيو هو ۽ مون هر دفعي کيس ٽاري ڇڏيو هو.
منڪر هوندي به اهو اعتبار ڪري ويٺو هوس ته لوح محفوظ جي ليڪ جي ڪا ويڪ هئي، جنهن حياتي هڪ محورتي آڻي بيهاري ڇڏي هئي. مان زهره سان اهو اظهار ڪندي ڪندي رهجي ويو هوس ته زهره هيءُ جو مونکي وطن ۾بي وطن ٿيڻو پيو آهي، ۽ هيءُ جو مونکي سنڌ جا ڇانورا ڇڏي پنجاب جي چناب جو پاڻي پيئڻو پيو آهي، سو سڀ بيمعنيٰ نه آهي. شايد تنهنجي منهنجي زندگيءَ جا دائرا ازل جي اوٽ ۾ هڪ ٻئي سان جڪڙجي ويا آهن. جيڪي ڪجهه توسان وهيو واپريو آهي ۽ جيڪي ڪجهه مون سان ٿي گذريو آهي ۽ گذري رهيو آهي، سو فقط ان لاءِ ٿيو آهي ته جيئن پاڻ ٻيئي زندگيءَ ۽ موت جي اکٻوٽ ۾ ڪجهه دير لاءِ ملي، هڪ ٻئي کي ڄاڻي سڃاڻي هميشھ لاءِ ڌار ٿي وڃون. پر مان، جنم جنم جو سودائي، زهره سان اندر جو حال اوري نه سگهيو هوم. کيس دل چيري ڏيکاري نه سگهيو هوم.
”ڪهڙن پورن ۾ پئجي ويو آهين؟“ زهره جو آواز ڪن پيو. خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. پڇيائين، ”ڇا پيو سوچين؟“
وراڻيم، ”منهنجي حصي ۾ وهمن جي دنيا آئي آهي زهره.“
چيائين، ”جنهن ڇوڪريءَ کي چاهين ٿو، تنهن کي به پنهنجن وهمن سان پريشان ڪندو هوندين.“
مون اکيون بند ڪري ڇڏيون. اُتاولي اندر کي آٿت نه آيو. تڏهن چيم، ”مان جنهن ڇوڪريءَ کي روح جي گهراين مان چاهيندو آهيان، تنهن ڇوڪريءَ جي دل ۾ ڪنهن ٻئي مرد جي ياد جون سرحدون نڪتل آهن. مان کيس ويجهو هوندي به هن لاءِ اوپرو آهيان، اجنبي آهيان. هوءَ منهنجن وهمن کان آزاد آهي.“
زهره اک ڇنڀڻ بنا مون ڏانهن ڏسندي رهي. حيرت ڪارين ڪجلين اکين مان ليئا پائڻ لڳس.
آهستي چيم، ”مان هڪ نه هڪ ڏينهن کانئس پري هليو ويندس؛ مرندو مري ويندس، پر سندس دل جا درواز منهنجي محبت لاءِ بند رهندا.“
ان وقت رانجهو چانهه کڻي آيو. اکين ۾ چمڪو هوس. چانهه جي ٽري رکندي چيائين، ”افواهه ناهي. اصل سچي ڳالهه آهي. ذوالفقار علي ڀٽي کي رات گرفتار ڪيو اٿائون.“
زهره ٽري مان هڪدم اخبار کڻي ورتي. مون کانئس اخبار وٺندي چيو، ”جيڪڏهن اها خبر سچي آهي، ته پوءِ ان اخبار ۾ هرگز نه هوندي. اڄ ڪلهه جون اخبارون پڪوڙن جي پُڙن ۽ مسافريءَ ۾ بوٽ ويڙهڻ جي ڪم اينديون آهن.“ رانجهي کي چيم، ”تون وڃ رانجها، وڃي موج ڪر.“
رانجهو هليو ويو.
زهره چانهه ٺاهيندي پڇيو، ”هينئر ڇا ٿيندو.“
”جيڪي ٿيندو آيو آهي.“
”ڇا ٿيندو آيو آهي؟“
”سرڪش سرويچ ڌرتيءَ کي رت جو ريج ڏيندا.“
”ڀٽي لاءِ؟“
”نه. آزاديءَ لاءِ.“ مون بالڪونيءَ کان ٻاهر پولار ۾ نهاريندي جهونگاريو:
”سنڌ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نمايان،
مٽي ماٿي لايان،
ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين توکي چشمن چايان،
گيت به مون ٽ تنهنجا ماتا، بيت به تنهنجا ڀايان،
سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نمايان،
مٽي ماٿي لايان.“
پڇيائين، ”پنهنجي ساءِ ڇا پيو ڳالهائين.“
ورائي پڇيو مانس، ”ڪڏهن ولر کان وڇڙيل ڪا ڪونج ڏٺي اٿئي.“
ڪجهه حيرت وچان جواب ڏنائين، ”نه.“
”ڪڏهن وياڪل وَنين کي پنهنجن وڻجارن لاءِ درياهه تي اَکا پائيندي ۽ چوواٽن تي ڏيئا ٻاريندي ڏٺو اٿئي؟“
انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيائين.
تڏهن چيومانس، ”ڀلا رت جي درياهه جو ڪڏهن تصور ڪيو اٿئي؟“
”نه.“ زهر ه عجب مان ڪنڌ لوڏيو.
”تون بيحد حسين آهين، زهره،“ پولار تان نظرون کڻي زهره ڏانهن ڏٺم. چيم، ”تون بيحد حسين آهين، تنهن ڪري اهي ڳالهيون تنهنجي سمجهه کان ٻاهر آهن.“
لڄ کان منهن وَنَ وَنَ ڪرڻ لڳس. ڏاڍي پياري نموني ۾ چيائين، ”الاءِ ڇا پيو چوين.“
چيومانس، ”مونکي چانهه ڏي.“
مونکي چانهه جو ڪوپ ڏنائين. مان پلنگ جي پٺ سان ٽيڪ ڏيئي ويٺس. هوءَ ڪرسيءَ تان اُٿي ويئي. ڪليءَ تان ٽوال لاهي آئي ۽ منهنجي هنج ۾ وڇائي ڇڏيائين. پوءِ پنهنجو ڪوپ کڻي آرام ڪرسيءَ تي ويهي رهي.
چانهه جي سپ ڀري ڏانهس ڏٺم. هوءَ مون ڏانهن نهاري رهي هئي. چيم، ”تنهنجي اِن برتاءَ مونکي غلطفهميءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي.“
اُس جي تڙڪيءَ جهڙي مُرڪ چپن تائين اچي موٽي ويس. هرڻيءَ جي اکين جهڙيون اکيون ڇُلڪندڙ ڪٽورا ٿي پيس. آرام ڪرسيءَ تان اُٿي بالڪونيءَ تائين هلي ويئي. ليئو پائي موٽي آئي. سپ ڀري، دردناڪ لهجي ۾ ڳالهايائين، ”اڳاڻو ڇا چيو هيئه، ته جنهن عورت کي چاهيندو آهين، تنهن عورت جي دل ۾.“ هن جملو پورو نه ڪيو.
مون جملو پورو ڪيو، ”تنهن عورت جي دل ۾ ڪنهن ٻئي مرد جي ياد جون سرحدون نڪتل آهن.“ چيم، ”۽ مان جلاوطن اُنهن سرحدن کي پار ڪري سندس دل جي وسعتن ۾ محبت جي سياسي پناهه وٺي نه سگهيو آهيان.“
نه ڳالهه سمجهيائين ۽ نه ئي جملي جي تهه تائين پهچي سگهي. غم جون ريکائون پيشانيءَ تي چهٽيل رهيس. جذبن جي اُٿل ۾ چيائين، ”عورت وفا نڀائي ته هڪ مرد کي چاهي. ڪامڻي ٿئي ته جڳ کي هرکائي.“
مونکي پڪ ٿي ويئي ته مقدر جي مايوسين جو اڻڪٿ حصو منهنجي جهول ۾ اچي ڪريو آهي. تاريخ جي هي دور ۾ مان محرومين جو قافلو کڻي درد جي صحرا ۾ ڀٽڪندو رهيوآهيان. وطن ۽ عورت جو پيار منهنجي لاءِ رُڃ آهي.
مُنهن مٿي ڪندي چيائين، ”مون خالد کي دل جي بيپناهه شدت سان چاهيو هو.“
اسان جون نگاهون گهڙي پل لاءِ ڌار ٿي ويون. چانهه جي سپ سپ ڀريندي رهي. ڪوپ فرش تي رکي. ڪرسيءَ جي ٽيڪ سان مٿو لڳائي ڇڏيائين. پوءِ اُداس لهجي ۾ چيائين، ”پر خالد جي دل ۾ فقط منهنجي لاءِ پيار نه هو. هن جو پيار وراهيل هو.“
”ڪنهن ٻي عورت کي چاهيندو هو؟“
”نه.“
”ته پوءِ؟“
”هن کي پنهنجي وطن سان بيپناهه محبت هئي.“
”تاريخ وطن پرستن جو عبرتڪدو آهي.“ اندر اُٿلي پيو چيو، ”پر جابر جي انڌير نگريءَ ۾ وطن پرستن کي غدار سڏيو ۽ سمجهيو ويندو آهي.“
منهنجو جملو زهره لاءِ ڄڻ پاڻيءَ تي ليڪو هو. چيائين، ”منهنجو خالد پاڪستان آرميءَ ۾ فوج جو سڀ کان ننڍو ڪئپٽن هو. بي – آر- بي نهر وٽ هندستاني فوجن سان وڙهندي جڏهن شهيد ٿيو، تڏهن سندس عمر پورا پنجويهه سال به نه هئي.“
خالد جي باري ۾ ڳالهائيندي هوءَ اپسرائن جهڙي پراسرار نظر اچڻ لڳي. سندس آواز ڄڻ غفائن مان ايندڙ پڙلاءُ هو. چيائين، ”جڏهن هندستاني فوجون لاهور ڏانهن پيشقدمي ڪري رهيون هيون، تڏهن منهنجو خالد بي – آر – بي نهر ٽپي، هڪ ڀت جي اوٽ وٺي اسٽين گن تاڻي بيهي رهيو هو. هن اڪيلي سر ٽن ڪلاڪن تائين سڄي سموري ڪمپنيءَ کي هڪ وک وڌڻ نه ڏنو.“
زهره ڳالهه روڪي، چتائي منهنجي منهن ۾ ڏٺو. ڄڻ پنهنجي ڳالهه جو ردعمل منهنجي منهن ۾ پي ڳوليائين. مان ڏانهس ڏسندو رهيس.
ساڳي نوعءَ ۾ چيائين، ”۽ پوءِ جڏهن خالد وٽان گولين جو ذخيرو ختم ٿي ويو، تڏهن هو ڀت جي اوٽ مان نڪري، اسٽين گن اُبتي ڪري، ڪنداڪ سان هندستاني سپاهين تي وڃي ٽُٽو. ٻن کي اڦٽ ماري وڌائين.“
جملو نه روڪي ها ته جيڪر روئي پوي ها. ٿڌو ساهه کڻي، آواز جائيتو ڪندي چيائين. ”پوءِ جڏهن منهنجو خالد وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويو، تڏهن سندس جسم تي بي انداز زخم هئا. هندستاني دستي سندس لاش کي گارڊ آف آنر ڏنو هو.“
جيئن جيئن خالد جي ياد سندس وجود تي ڇانئجندي ويئي، هوءَ وڌيڪ باوقار، شانائتي ۽ عظيم ٿيندي ويئي. سندس حسن غمناڪ ٿي بيپناهه ٿي ويو. ڇپر آلا ٿي جُهڪي پيس. نگاهون بالڪونيءَ کان ٻاهر نيري آسمان تي کپائي ڇڏيائين.
پلنگ تان اُٿندي چيم، ”منهنجو وس پڄي ته جيڪر تنهنجو غم وراهي وٺان زهره.“
”منهنجا ڪيترا غم وراهي وٺندين.“ زهره ڪنبندڙ آواز ۾ ڳالهايو، ”منهنجيءَ حياتيءَ جو پل پل غم آهي.“
سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيم، ”اڳاڻو چيو هوم ته زهره، جيڪڏهن وقت وفا ڪئي ته پوءِ مان تنهنجن غمن جو پنهنجي زندگيءَ سان سودو ڪندس. بس، وقت وفا ڪئي جيڪڏهن.“
هن منهن مٿي ڪري مون ڏانهن ڏٺو. اسين ڪجهه دير تائين هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا رهياسين.
ڪرسيءَ تان اُٿندي چيائين، ”اڄ شام توکي بي – آر بي نهر وٽ اُهو هنڌ ڏيکارڻ هلندي مانءِ جتي منهنجو خالد شهيد ٿيو هو.“
اندر ۾ اونده جو احساس ٿيم. چيم، ”۽ اُتان موٽندي شاليمار هلنداسين.“
هن ڪجهه حيرت مان ڏانهن ڏٺو. پڇيائين، ”اوچتو شاليمار جو خيال ڪيئن آيئه؟“
”تو ئي ته ڪالهه ٻڌايو هو ته اڄ شاليمار ۾ بجليءَ جي بلبن سان چراغان ڪندا.“
”ها. اڄ رات شاليمار ۾ مغلن جي ياد تازي ڪئي ويندي. اڄ ڇنڇر آهي. نه“
”اڄ ڇنڇر آهي!“
”ها، اڄ ڇنڇرآهي.“ زهره پڇيو ”پر تو اچرج ڇو کاڌو.“
”اتفاق هوندو.“
”تون لڪائين ٿو.“
”تقين ڪر. ڪجهه به ڪونهي زهره.“
”مان نه مڃينديس.“ هن ضد ڪيو، ”ڇنڇر جو لفظ ٻڌي تو تعجب کاڌو هو.“
”هڪ بيوقوف جوتشيءَجي ڳالهه دل تي تري آئي هئي.“ پنهنجي وهم تي کلندي چيم، ”جوتش جي حساب موجب مونکي ڇنڇر رات مرڻو آهي.“
”ڇنڇر رات!“
”ها، ڇنڇر رات.“
”پر-“
”ڪابه ڇنڇر رات. اهو ضروري ناهي ته اُها ڇنڇر رات،جنهن رات مون کي مرڻو آهي، سا اڄوڪي ڇنڇر رات هجي.“
زهره پريشان ٿيندي چيو، ”چرچا ته نٿو ڪرين.“
”جيستائين ڇنڇر رات مرندس نه، تيستائين مان پاڻ جوتشيءَ جي اڳڪٿي کي چرچو سمجهندس،“ مون زهره ڏانهن ڏسندي وراڻيو.
”ته پوءِ – ته پوءِ.“
مونکي کل آئي. چيم، ۽ خبر اٿئي زهره! جوتشي صاحب چيو هو مونکي عام رواجي موت نه ايندو. مان رائيفل جي گولين سان ماريو ويندس، يا ڦاهيءَ چڙهندس.“
زهره جي منهن تي هيڊ هارجي ويئي. چيائين، ”تون پنهنجي ماءُ ڏانهن ۽ پنهنجي سنڌ ديس موٽي ڇو نٿو وڃين. هتي ڇا ڪرڻ آيو آهين.“
ڪوڙو ڦوڙو آواز ڳورو ڪندي چيم، ”مان فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي هر دل عزيز حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ آيو آهيان.“
زهره جي چپن تي مرڪ نه آئي. هن گنڀير لهجي ۾ چيو ”نه نه. اڄ پاڻ ڪيڏانهن به نه هلنداسين.“
”مان اڄ بي- آر- بي نهر وٽ اهو هنڌ ضرور ڏسندس جتي خالد شهيد ٿيو هو.“ چيم، ”۽ اُتان موٽندي شاليمار هلنداسين.“
”منهنجي دل نٿي مڃي،“ زهره چيو.
”دل جي ڳالهين ۾ نه ايندي ڪر، زهره. دل انسان کي برغلائڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪندي آهي.“ سندس منهن تان وار پري ڪندي چيم، ”اڄ شاليمار ضرور هلنداسين. جڏهن اندر ۾ اونده جو احساس وڌي ويندو آهي، تڏهن ٻاهريون روشنيون اکين کي ڀانءِ پونديون آهن.“
هن جواب نه ڏنو.
مون ٻوسٽ محسوس ڪندي ڳالهايو، ”اڄ منهنجي اندر ۾ اوندهه آهي- گُگهه اونده آهي. پاڻ شاليمار ضرور هلنداسين. تاريخ جي تهن مان شايد ڪو ترورو راهه روشن ڪري ڇڏي.“
زهره جون اکيون رڻ ۾ رُليل اُڃ کان آتي هرڻيءَ جي اکين وانگر وياڪل ٿي ويون. هوءَ جتي جوانيءَ ۾ مڙس جي جدائيءَ جو جوڳ سهي ويئي هئي، پنهنجو هيڏو سارو غم برداشت ڪري ويئي هئي، منهنجو غم ڏسي بيچين ٿي پيئي. زيان سان جيتوڻيڪ ڪجهه نه ڪڇيائين، پر مون سندس نگاهن ۾ پنهنجي غم جو اولڙو ڏسي ورتو. اِهو شايد ان ڪري ٿي رهيو هو، جو هن اڻسڌي طرح منهنجين مجبورين ۽ مايوسين ۾ اضافو ڪيو هو. سندس قرب مونکي برغلائيندو هو ۽ اهوئي سبب هو جو رت جي راند ۾ زهره کي مسافر وانگر ملي، ورهين جي وصال جو فريب کائي ويٺو هوس.
هوءَ منهنجي اڳيان هٽي ويئي. چيائين، ”مان به عجيب بيوقوف عورت آهيان. پنهنجا ڏک سور اوري توکي اُداس ڪري ڇڏيم.“
”مان ڏکن جي ڏيهه جو واسي آهيان.“ ورائيم، ”سک ملندا ته مري ويندس.“
ٿورو مرڪي چيائين، ”تون چريو آهين.“
”چرين جي چاهت ۾ جنون هوندو آهي.“ چيم، ”اسين جنهن کي چاهيون تنهن لاءِ ڦتڪي ڄاڻون، ڀٽڪي ڄاڻون، مري مات ٿيڻ ڄاڻون. اسان سنڌين جي محبت ۽ نفرت جو ڪو انت ڪونهي.“
ڪمري مان ٻاهر وڃڻ لاءِ در تائين هلي ويئي. در وٽان منهن ورائي چيائين، ”سيالڪوٽ کان منهنجو مامون آيو آهي. مان ٿوري دير کانپوءِ ملڻ لاءِ هلي وينديس. تون منجهند جو ڪٿي هوندين؟“
”لاهورجي رستن تي رلندو رهندس، ٻيو ڪٿي هوندس.“ وراڻيم، ”هتي منهنجو ڪير آهي.“
ٻاهر وڃڻ کان اڳ چيائين، ”ڪوشش ڪنديس ته منجهند جي ماني موٽي اچي توسان کاوان. پر جي نه اچي سگهان ته انتظار نه ڪجانءِ. سمجهيئه.“
ٻاهر هلي ويئي. پڙدو لڏندو رهيو. هوءَ بيٺي پير موٽي آئي. چيائين، ”ڳالهه ٻُڌ. متان ان ڏينهن وانگر بک تي ويٺو رهين.“
هوءَ وڃڻ لڳي.
کيس سڏ ڪيم، ”زهره.“
”چئه.“
”زهره.“ ڪجهه چئي نه سگهيم.
”ڇو. ڪا خاص ڳالهه آهي.“
”زهره ڀايان ٿو اڄ هنن ڀتين۾ منهنجو ساهه نڪري ويندو.“
”چريو ته نه ٿيو آهين!“
مون منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو. زهره چيو، ”مان نٿي وڃان.“
”تون وڃ.“
”مون کي ڇنڇر جي ڳالهه وهم ڏيئي ڇڏيو آهي.“ چيائين، ”مان نه وينديس.“
”تنهنجو مامون آيو آهي. تون وڃ.“ چيم، ”مان به ڪجهه دير کانپوءِ هتان هليو ويندس.“
”ڪيڏانهن ويندين؟ ڪٿي هوندين؟“ بيڪل ٿي پڇيائين، ”مون کي ڪٿي ملندين.“
کن لاءِ سوچي وراڻيم، ”مان ”بيٽربڪس“ تي تنهنجو انتظار ڪندس. ٻين ۽ ٽين لڳي جي وچ ۾.“
”بيٽربڪس“ الفلاح بلڊنگ ۾ آهي نه.“
”ها.“
”مان ضرور اينديس.“زهره چيو، ”پوءِ منجهند جي ماني ”انڊس“ تي کائينداسين.“
”ٺيڪ آهي.“
”مان وڃان؟“ هن پڇيو.
مان ڪجهه دير تائين ڏانهس ڏسندو رهيس. پوءِ آهستي چيم، ”تون وڃ، زهره.“
زهره هلي ويئي، پر منهنجي لاءِ وهمن ۽ سنسن جو سنسار ڇڏي ويئي. ڪا رمز دل کي ريجهائي نه سگهي. تقدير تدبير کان نابري واري بيٺي. حالتون ڪوريئڙي جي ڄار وانگر مون کي سوگهو ڪنديون ويون. زندگيءَ جي چوواٽي تي زهره جو ملڻ بي معنيٰ محسوس ٿيڻ لڳو.
”ڪيري هومز“ هوٽل جو ڇوڪرو رانجهو چانهه جا ٿانو کڻڻ آيو. ڏاڍي رازداريءَ واري نوءَ ۾ خوشيءَ وچان ٻڌايائين، ”شاگردن جلوس ڪڍيو آهي. جلوس يونيورسٽيءَ کان ٽولٽن مارڪيٽ ڏانهن وڌي رهيو آهي.“
رانجهو منهنجي ڳالهائڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ گوڙ جو ۽ نعرن جو اڻچٽو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هو ڊوڙ پائي بالڪونيءَ ڏانهن هليو ويو. بالڪونيءَ مان ڳاٽ ڪڍي، هيڏانهن هوڏانهن ڏسي موٽي آيو. چانهه جا خالي ٿانوَ کڻندي چيائين، ”هيٺ ماڻهو گڏ ٿي رهيا آهن. شايد ڇوڪرن جو جلوس پهچڻ وارو آهي.“
مون کي خاموش ڏسي رانجهو مايوس ٿيو. ويندي ويندي چيائين، ”سائين، اڄ جلوس ڏسڻ وٽان هوندو!“
جنهن ڏينهن مان حيدرآباد مان لاهور لاءِ فرار ٿي رهيو هوس، تنهن ڏينهن سنڌي اديبن ۽ شاعرن ٻوسٽ ۽ پابندين خلاف آواز اُٿارڻ لاءِ جلوس ڪڍيو هو. لوڊنگ ٽرڪ، جنهن ۾ مان پوليس ۽ سي- آءِ – ڊي کان لڪي ڇپي رٿيل پروگرام موجب لاهور روانو ٿي رهيو هوس، سا ٽرڪ حيدر چوڪ گاڏي کاتي وٽ پاسو وٺي بيهي رهي هئي. مون سامان تان تالپتري مٿي ڪري ٻاهر نهاريو هو. سامهون اورينٽ هوٽل وٽان جلوس لنگهي رهيو هو. سرويچن جي هٿن ۾ ”پلي ڪارڊ“ هئا، جن تي مختلف نعرا لکيل هئا. جيئن جيئن جلوس ٽرڪ کي ويجهو آيو هو، تيئن تيئن منهنجيون اکيون لڙڪن سان ٽمٽار ٿي ويون هيون. دل چاهيو هو ٽرڪ مان ٽپو ڏيئي نڪري وڃان ۽ جن جو آهيان ۽ جن لاءِ آهيان، تن ويڙهيچن سان وڃي ملان. پوءِ ڀل ته مري مات ٿيان. هوش تڏهن آيو هوم جڏهن ٽرڪ جي لالي ڪلينر چيو هو، ”او خانه خراب، پاڻ سان گڏ اسان کي به مارائيندين. لڪي ويهه.“ مان تالپتريءَ جي هيٺان سامان وٽ ويهي رهيو هوس. ٽرڪ شهر مان نڪري ويئي هئي. هالا وٽ يوسف مليو هو. سمورو بندوبست هن ئي ڪيو هو. مون کي چاٻي ڏيندي چيو هئائين، ”بيڊن روڊ تي لبرٽي بلڊنگ جي ٻي ماڙ تي فليٽ نمبر اٺين جي چاٻي اٿئي. جيڪڏهن خبرداريءَ سان رهندين ۽ پنهنجي باري ۾ ڪنهن کي ڪجهه نه ٻڌائيندين ته بلڪل محفوظ هوندين. جيئن ئي توکي جينيوا پهچائڻ جو بندوبست ٿي ويندو، مان هڪدم لاهور هليو ايندس.“
گوڙ ۽ نعرن جو آواز ڪن تي پيم. خيالن جي ڄار مان نڪري آيم. ٻالڪونيءَ ۾ اچي بيٺس. مال روڊ ۽ بيڊن روڊ جي چوواٽي تي گورنمينٽ ڪاليج، ميو ڪاليج، اسلاميه ڪاليج ۽ پنجاب يونيورسٽيءَ جا بليزر پاتل شاگرد بيٺا هئا. هو ڇڙوڇڙ ٽولن ۾ بيٺا هئا ۽آمريت ۽ ايوب خان خلاف نعرا هڻي رهيا هئا. سخت جوش۽ جنون ۾ هئا. سندن ٽولا رستي روڪ ڪري بيهي رهيا. مال روڊ جي آمد و رفت بلڪل بند ٿي ويئي. بيڊن روڊ تي تماشائين جو هجوم وڌندو ويو. هجوم ۾ سرگوشيون ۽ سُس پُس ٿيڻ لڳي، هر هڪ شخص جي نگاهه مال روڊ تي بيٺل شاگردن تي هئي. ماحول ڇڪ – تاڻ ۾ وٺبو ويو. مون محسوس ڪيو، ڄڻ انساني آتش فشان ڦاٽڻ تي هو. ڌرتيءَ جي هنج ۾ ڪو زبردست زلزلو پاسا ورائي رهيو هو.
تڏهن اوچتو مونکي زهره جو خيال آيو. سوچيم، هن هل هنگامي ۾ کيس ٻاهر وڃڻ نه گهرجي. هڪدم بالڪونيءَ مان هٽي، ٻاهر اچي، زهره جي فليٽ جو در کڙڪايم. زهره جو فليٽ منهنجي فليٽ جي بلڪل سامهون هو. هوءَ اُتي هڪ ڪراڙي بورچياڻيءَ سان اڪيلي سر رهندي هئي.
ڪجهه دير تائين جڏهن در نه کليو، تڏهن ٻيهر در کڙڪايم. در زهره جي بورچياڻيءَ کوليو. عادت موجب مون کي دعائون ڏنائين. کانئس پڇيم، ”زهره ڪٿي آهي.“
چيائين، ”سيالڪوٽ مان مامون آيو اٿس. کيس ملڻ ويئي آهي.“
”هلي ويئي!“ مون پنهنجي ساءِ چيو.
پڇيائين، ”ڇو؟ نه وڃي ها ڇا.“
وراڻيم، ”مان سمجهان ٿو لاهور ۾ فساد ٿيڻ وارو آهي.“
ڪراڙيءَ جي ڄاڙي لٽڪي پيئي. منهن جا گهنج چٽا ٿي پيس.
مان پنهنجي ڪمري تي موٽي آيس. رکي رکي زهره جو خيال ذهن کي پريشان ڪرڻ لڳو. سوچيم، هيٺ لهي وڃان، کيس ڳوليان. تلاش ڪريان. پر ڪٿي! ممڪن آهي انارڪليءَ ڏانهن هلي ويئي هجي! زهره جي غلطيءَ جو پورو پورو احساس تڏهن ٿيم جڏهن مال روڊ تان ايندڙ آوازن جو زور وڌي ويو.
هڪدم ڪپڙا مٽائي ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار ٿي جيئن منهن ورايم ته مون کان ذري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو.
يوسف بيٺو هو. سڄو، وارن کان پيرن تائين مٽيءَ ۾ اٽيو پيو هو. ڪجهه دير تائين هڪ ٻئي کي ٻانهن ۾ جڪڙي ڇڏيوسين. بيتاب ٿي پڇيومانس، ”مون کي جينيوا لاءِ ڪڏهن روانو ٿيڻو آهي، يوسف.“
منهنجين ٻانهن مان نڪرندي چيائين، ”پروگرام ۾ ٿوري ڦيرگهير ٿي آهي.“
هن جي ڏاڙهي وڌيل هئي. اکيون ڏرا ڏيئي ويون هئس. هالا وٽ جڏهن مون کي بيڊن روڊ جي فليٽ جون چاٻيون ڏنيون هئائين، تڏهن کڙو تڙو هو. مهيني – سوا کانپوءِ ڏٺومانس ته ورهين جو جهونو نظر آيو.
”پروگرام ۾ ٿوري ڦير گهير ٿي آهي.“ سگريٽ دکائي، دونهون ڦڦڙن ۾ لاهي، موٽائي ٻاهر ڪڍيائين. پوءِ چيائين، ”تون جينيوا نه ويندين.“
”ڇو،“ مون سخت حيرت وچان پڇيو.
”تنهنجي باري ۾ آر- سي- ڊي ملڪن جي انٽيليجنس کي هتان جي پوليس چڱي طرح آگاهه ڪيو آهي.“ يوسف چيو، ”تنهنجو يورپ تائين پيڇو ڪيو ويندو.“
منهنجي دل ڀڄي پيئي.
يوسف چيو، ”تنهنجي بدران رشيد بخاري جينيوا ويندو.“
منهنجي منهن مان شايد ملولائي ظاهر ٿي پيئي هئي، جو يوسف چيو، ”دل نه لاهه. تحريڪ جو ڪم آهي. ان کي پنهنجو ماڻهو هر حال ۾ اقوام متحده جي انساني حقن واري ڏينهن جي اجلاس کان اڳ جينيوا پهچائڻو آهي.“ پوءِ نرڙ ۾ گُنڊ پئجي ويس. چيائين. ”تون پاڪستان جي سرحد ٽپڻ شرط مارجي وڃين ها. تون پاڻ سمجهي سگهين ٿو ته اسان جي آواز جو ۽ نمائندي جو انساني حقن واري اجلاس لاءِ جينيوا ۾ پهچڻ ڪيترو نه ضروري آهي. جيستائين اسين دنيا جو ڌيان سنڌين سان ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافين ڏانهن نه ڇڪائينداسين تيستائين انڌير جي گهاڻي ۾ پيڙجندا رهنداسين.“
اُميدن جو آسمان ڀڄي ڀُري ڪري پيو. سنڌ جو آواز اقوام متحده جي اعوان تائين پهچائڻ جوخواب ٽٽي پيو. پر پوءِ دل کي اهو چئي سرچايم، ته جيڪڏهن مان نٿو وڃان ته منهنجي بدران ٻيو ڪو وڃي رهيو آهي. شخص کان وڌيڪ تحريڪ اهم آهي. سوچيم، رشيد ڪيڏو نه خوشنصيب آهي جو سنڌ جي تاريخ ۾ بلڪل نئين باب جو اضافو ڪري پاڻ کي هميشھ لاءِ غيرفاني ڪري رهيو آهي.
مون يوسف کان پڇيو، ”سنگتي ساٿي ڪيئن آهن.“
وراڻيائين، ”سڀني يارن سر سان ڪفن ٻڌو آهي ۽ پنهنجو صليب پنهنجن ڪلهن تي کڻي ظلم سان جنگ جوٽڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري پيا آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه ته يارن سنڌ جي نئين نسل کي غفلت جي ننڊمان جاڳائي وڌو آهي.“
يوسف ڳالهائيندي ڳالهائيندي اوچتو خاموش ٿي ويو. مون ڏانهن چتائي ڏسڻ لڳو. پڇيومانس، ”ائين ڇو ٿو ڏسين.“
”چيائين،”تون موت جي منهن ۾ آهين.“
وراڻيم، ”ڪا نئين ڳالهه ڪر.“
”سڄي پاڪستان جي پوليس ۽ انٽيليجنس کي تنهنجي باري ۾ سختيءَ سان خبردار ڪيو ويو آهي. توکي اقوام متحده تائين پهچڻ کان روڪڻ لاءِ کين وڏا اختيار ڏنا ويا آهن. ممڪن آهي، توکي ڏسڻ شرط شوٽ ڪري ڇڏين.“ يوسف مون ڏانهن وڌي آيو. چيائين، ”اسين ان تعاقب جو پورو پورو فائدو وٺنداسين. ڊڪٽيٽر جي سموري مشينري تنهنجي تلاش ۾ سرگردان هوندي ۽ ان وچ ۾ رشيد بخاري سرحد پار ڪري جينيوا ڏانهن هليو ويندو.“
چيم، ”مون کي خوشي آهي ته مان جيڪڏهن سڌي طرح نه، ته گهٽ ۾ گهٽ اڻسڌي طرح ته سنڌ جي ڪم اچي رهيو آهيان.“
يوسف چيو، ”هر هڪ صالح سپوت کي سڌي طرح، يا اڻسڌيءَ طرح سنڌ جي ڪم اچڻو آهي.“
پڇيومانس، ”في الحال مون کي ڇا ڪرڻو آهي.“
”توکي هر حال ۾ سرحد پار ڪري هتان ڀڄي وڃڻو آهي.“ چيائين، ”هتان هڪدم هليو وڃ. پاڪستان جي چپي چپي تي تنهنجي لاءِ موت آهي.“
مان سوچ ۾ پئجي ويس. دل اُڌمن جي ڪُن ۾ ولوڙجي ويئي. ڏک وچان چيم، ”مان ڪهڙو نه بدنصيب آهيان، يوسف. اڄ جڏهن سنڌ سڏ ڪيو آهي ۽ سر ڏيئي سرخرو ٿيڻ جو وقت آيو آهي، مان سڏ ورائڻ بدران وطن کان ڀڳو ٿو وڃان.“
يوسف مون کي ڪلهن کان وٺندي چيو، ”آمريت جو قلعو ڪيرائڻ ڪو سولو ڪم نه آهي. ڪجهه دوستن کي سنڌ جي مفاد لاءِ جلاوطن ٿي ڪم ڪرڻو پوندو.“
مان ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. يوسف منهنجي پاسي ۾ اچي بيٺو. منهنجي ڪلهي تي هٿ رکندي چيائين، ”توکي ضرور ڏک ٿيو هوندو؛ پر اسان کي پنهنجو ماڻهو انساني حقن واري اجلاس ۾ ضرور پهچائڻو آهي.“
يوسف منهنجي پاسي مان هٽي ويو. ڪمري جي وچ ۾ وڃي بيٺو. مون ڏانهن پٺ هئس. ڳالهايائين، ”اسين انساني حقن جي اداري آڏو ايوب آمر جي حڪومت جو ڍينگو ڍيري ڪنداسين. ڪشميرين ۽ فلسطينين جي حقن لاءِ هاءِ گهوڙا ڪندڙ نوڪرشاهي حڪومت جو ٻهروپ جڳ کي ڏيکارينداسين. اسين دنيا کي ٻڌائينداسين ته هي اٿوَ ڪوڙ جا ڪوٽ کڻي دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ وارا سنگدل، جيڪي پاڻ کي سڄي زمين جي مظلومن جا همدرد سڏائين ٿا، پر جن ظالمن ۽ قاتلن جي قيدخانن ۾ سنڌي قوم سڪرات ۾ سڏڪي رهي آهي. موجوده حالتن ۾ سنڌي قوم جو نئون نسل پنهنجن وڏن جي فيصلي جو پابند نه رهندو.“
اوچتو ٻاهران ايندڙ گوڙ جو آواز وڌي ويو. آوازن سان گڏ ٽيئر گئس جي گولن هلڻ جو آواز آيو. مان بالڪونيءَ ڏانهن وڌي ويس. يوسف هڪدم مونکي ٻانهن ۾ هٿ وجهي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. چيائين، ”بيوقوف نه ٿيءُ. سي- آءِ- ڊي ۽ پوليس جا ماڻهو تنهنجي ڳولا ۾ لاهور پهچي ويا آهن.“
”پر تو ته چيو هو هيءُ فليٽ بلڪل محفوظ آهي.“ يوسف ڏانهن ڏسندي چيم.
”آمر جي عمارت ۾ شگاف پيو آهي. هن ڪامورڪي لوڌ وطن پرستن جي ڳولا ۾ ڇڏي ڏني آهي.“ يوسف واچ ۾ وقت ڏسندي چيو، ”دير نه ڪر. هَلُ. مان سبزي منڊيءَ وٽ هڪ لوڊنگ ٽرڪ واري کي اڌ ڪلاڪ لاءِ بيهاري آيو آهيان. هو توکي پشاور کان پاڪستان جي سرحد ٽپائي ڇڏيندو.“
مان بالڪونيءَ جي در جي چوڪاٺ وٽ بيهي رهيس. دل ۽ دماغ پاڻ ۾ وچڙي پيا. ڇهين حس ذهن کي موت جي پڪ ڏياري ڇڏي. دل مبهم خيالن جي سوريءَ تي لٽڪي پيئي. پريشانين جو اکٽ سلسلو بيچين روح جي تهن ۾ لهي ويو. دل چاهيو ته ٻين ماڙ تان ٽپو ڏيئي، هڪ پل ۾ سڀني عذابن جو انت آڻي ڇڏيان. جيڪا ڪهاڻي عبرتناڪ پڇاڙيءَ ڏانهن وڌي رهي آهي، تنهن جو انجام اکين سان ڏسڻ کان اڳ اکيون پوري ڇڏيان.
”هڪ هڪ گهڙي تنهنجي لاءِ موت برابر آهي.“ يوسف چيو، ”جلد ڪر. هل.“
”يوسف.“ مون ڀريل آواز ۾ چيو، ”يوسف مون موت کي ايتري ويجهڙائيءَ کان ڏٺو آهي، جو هينئر موت ۽ موت جوتصور منهنجي لاءِ اجنبي نه رهيو آهي.“
”ڳالهه ٻڌ.“ يوسف پنهنجي مٺ منهنجي ٻانهن ۾ قابو ڪندي چيو، ”هن شهر لاهور ۾ هڪ قلعو آهي، جتي قيدين کي اهڙا اهڙا جسماني عذاب ڏيندا آهن جن جو مثال انسان ذات جي تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي.“
”مون کي خبر آهي، يوسف.“ مون آهستي وراڻيو، ”تون فڪر نه ڪر. هليو وڃ. ڀل ته تاريخ جي هن خوني دور ۾ ستم ۽ صبر جو معرڪو ماضيءَ جي ڪنهن ڪهاڻيءَ کي جيئرو ڪري ڇڏي. تون هليو وڃ يوسف.“
”بيوقوف نه ٿيءُ.“
”تون هليو وڃ، يوسف.“
اوچتو مال روڊ تي ماڻهن ۾ ٽاڪوڙ پئجي ويو. آواز آسمان تائين پهچي ويو. هجوم جي ڀاڄ جو گوڙ ماحول ۾ واڄٽ ڪرڻ لڳو. ٽيئر گيس شيل هڪٻئي جي ڪڍ هلڻ لڳا.
يوسف چيو، ”فساد جو پورو فائدو کڻ. ڀڄي وڃ.“
چيم، ”اڄوڪي رات مان لاهور ۾ رهندس. سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان.“
يوسف حيرت مان مون ڏانهن ڏٺو. چيائين، ”تنهنجي ڪا ڪل ٿڙيل ته ناهي؟ اڙي تون رات جي ڳالهه ٿو ڪرين! هن شهر ۾ رهندين ته شام تائين مارجي ويندين.“
”مان حياتيءَ جي جنهن دؤر مان گذري رهيو آهيان. يوسف، تنهن ۾ مون زندگيءَ ۽ موت جي اکٻوٽ ڏٺي آهي.“ ڪوٽ پائيندي چيم، ”مان نه مرندس.“
پڇيائين، ”ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“
کيس جواب نه ڏنم.
ورائي پڇيائين، ”عورت جو چڪر ته ناهي.“
مان خاموش رهيس.
چيائين، ”الاءِ ڇو دنيا جا سڀئي وطن پرست رومانٽڪ هوندا آهن.“
”ڇو جو ڌرتي ۽ عورت ۾ بنيادي مشابهت آهي.“
”ڪهڙي؟“
وراڻيم، ”ڌرتي ۽ عورت ۾ بنيادي مشابهت اها آهي، جو ٻيئي پنهنجن سرويچن جي رت جو سيندور سينڌ ۾ وجهي قيامت تائين سندن شهادت جي ياد تازي رکنديون آهن.“
يوسف منهنجي سامهون اچي بيٺو. چيائين، ”مان توکي ٻاهر وڃڻ نه ڏيندس.“
”مان موٽي ايندس يوسف.“
”تون مري ويندين.“
”مان نه مرندس.“
”تون مري ويندين. مونکي پڪ آهي، اڄ تون مري ويندين.“
”يوسف.“ مون کيس پنهنجي اڳيان هٽائيندي چيو، ”هڪڙي جوتشيءَ مون کي ٻڌايو هو ته مان ڇنڇر ڏينهن مرندس ۽ اڄ ڇنڇر آهي.“
يوسف ڪجهه ڪاوڙ منجهان چيو، ”شايد جوتشيءَ جو چيو سچ ٿي پوي.“
”مون کي جوتش آزمائڻ ڏي يوسف.“ ٻاهرين در ڏانهن ويندي چيم، ”اڄوڪي رات بچي ويس ته سڀاڻي پاڻهيئي جلاوطن ٿي ويندس.“
لبرٽي بلڊنگ جي ڏاڪڻ لهندي محسوس ڪيم ته مان زندگيءَ ۾ ٻيهر وري ڪڏهن سنڌ جا ڇانورا ڏسي نه سگهندس. الاءِ ڪيئن اهو خيال دل ۾ جاڳي اُٿيو ته انقلابي تحريڪن جا پهريان جلاوطن جيئري وطن نه ورندا آهن. سوچيم، ته اڄ رات کانپوءِ مان نه فقط وطن کان وڇڙي ويندس، پر پنهنجي پهرين محبت جو لاش پنهنجن ڪلهن تي کڻي پرديس ۾ ڀٽڪندو رهندس. منهنجي زندگيءَ جو باقي حصو روپوش رهندي گذري ويندو. وطن ورڻ جو انتظار وقت جي کوري ۾ کامندي رک ٿي ويندو. پڪ ٿي ويم ته مان حياتيءَ جي هن دور ۾ وطن ۽ عورت جو پيار وڃائي ويهندس. اندر مان آهه اُڀري – نه نه، مان نيپولين نه آهيان.
بيڊن روڊ ماڻهن سان سٿيو پيو هو. مان پيهه مان واٽون ڪندو، ڌڪبو ۽ ڌڪيندو مال روڊ تائين هليو آيس. پوليس وارن شاگردن کي ٽولٽن مارڪيٽ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو هو. ٽولٽن مارڪيٽ جي پسگردائيءَ ۾ شاگردن گهٽين ۽ گهٽن تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ اتان پوليس تي پٿر اڇلائي رهيا هئا. پوليس وارن ٽرڪن جي پوئتان پناهه ورتي هئي، جتان شاگردن تي ٽيئر گيس جا گولا هلائي رهيا هئا. ڪجهه شاگرد آلين ڳوڻين ۾ ٽيئر گيس جا گولا جهٽيندا، اک ڇنڀ ۾پوليس تي ورائي رهيا هئا. سڄو ماحول جيتوڻيڪ دونهاٽيل هو ۽ هرڪو اکين مان وهندڙ پاڻي اُگهي رهيو هو، پر تنهن هوندي به هزارين ماڻهو مال روڊ ۽ بيڊن روڊ جي چوواٽي تان پوليس ۽ شاگردن جي ويڙهه ڏسي رهيا هئا.
مان هوٽل انڊس ڏانهن هليو آيس. ان طرف هجوم ڇڊو هو. انڊس جي ڪنڊ ۾ ويهي گرم گرم ڪافي نڙيءَ ۾ لاٿم. ڦڦڙن ۾ ڄڻ ساهه پيو. تڏهن محسوس ڪيم ته ٻاهر سيءُ ڪجهه سرس هو. ڪافيءَ جو ٻيو ڪوپ پيئڻ کانپوءِ لڱن مان سيسڙاٽ ڍرو ٿيو.
ذهن گوڙ ۽ گهمسان، ٺڪاون ۽ آوازن کان جڏهن آجو ٿيو تڏهن اندر اُٿلي پيو. خيالن ۽ وهمن جا سلسلا وير وانگر منهنجي وجود کي ورائيندا ويا. هيڪلائي بنواس محسوس ٿيڻ لڳي. رام ۽ سيتا جي ياد دل تي تري آئي. سوچيم، زندگيءَ ۾ ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه وڃائڻو به پوندو آهي. ها، مان به وڃائي رهيو آهيان پنهنجي امڙ، وطن ۽ زهره جو قرب. پر سڀ ڪجهه وڃائڻ کانپوءِ مونکي ڇا ملندو! وطن جي آزادي! ڇا ان مبهم تمنا جي تڪميل منهنجي مختصر حياتيءَ ۾ ممڪن آهي؟ ماضيءَ جي ڌنڌلڪن مان پڙلاءُ ٻڌم ته انقلابي تحريڪن جي شروعات ڪندڙ، قهر جي ڪوٽ جي فقط هڪ سر سوري سگهندا آهن. هو جدوجهد جي ابتدا ڪندا آهن. انتها ايندڙ نسل جي انقلابين جي ڪاڪڙي ڪندي آهي. اُن نسل جا جوڌا قهر جا ڪوٽ ڪيرائي اسان جي تمنائن جي تڪميل ڪندا آهن. پر تڏهن اسين نه هوندا آهيون. اسين ڪنهن کي ياد نه هوندا آهيون. اسين تاريخن جا صفحا نه والاريندا آهيون. جنهن وقت ايندڙ نسل اسان جي خوابن جي تعبير پوري ڪندو آهي، تنهن وقت اسين بنا ڪتبي واري قبر ۾ مٽيءَ جي تهن هيٺان دفن هوندا آهيون.
خيالن جي راڪاس کان جند ڇڏائڻ لاءِ اخبارن جا صفحا اُٿلائڻ لڳس جن ۾ خبرون گهٽ ۽ اشتهار وڌيڪ هئا. سموريون اخبارون ملڪ جي امن- امان، ڏهن سالن جي بيمثال ترقيءَ ۽ فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي اعليٰ انتظام، حڪمت ۽ شخصيت جي خبرن سان ڀريو پيون هيون. مون هڪ هڪ اخبار جي هڪ هڪ ڪالم ۾ ورائي ورائي سنڌ جون خبرون ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اخبارون پريزيڊنٽ فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي شان ۾ بنيادي جمهوريتن جي عوامي نمائندن طرفان جاري ڪيل حمد و ثنا سان ڀريون پيون هيون. ملڪ جي سياسي هلچل جي باري ۾ هڪ به خبر شايع ٿيل نه هئي.
مان جنهن وقت جينيوا وڃڻ لاءِ سنڌ مان فرار ٿي رهيو هوس، تنهن وقت سنڌ جي ڌرتي ٻرندڙ جبل وانگر ٻري رهي هئي. ٻوسٽ جي ڪارن ڪڪرن ۾ بغاوت جي کنوڻ کنوي رهي هئي. موهن جي دڙي جي تاريخ پاسا ورائي رهي هئي. سنڌي قوم سر جو سانگو لاهي ظالم ۽ جابر آڏو سينو ساهي بيٺي هئي. گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ احتجاج جو جهنڊوجهولي رهيو هو. ماحول اهڙو هو، ڄڻ اياز جي هڪ سٽ جي تشريح ڪري رهيو هو. ”مون ڇرڪي پنهنجو پاند ڏٺو، رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي.“ آسمان مان آواز پي آيو. انقلاب، انقلاب، انقلاب. سنڌ ڇڏڻ کان اڳ مان پوليس ۽ سي-آءِ- ڊي کان لڪي ڇپي پويون دفعو امڙ سان ملڻ لاءِ گهر ويو هوس. امڙ جا پير چمندي چيو هوم،”امڙ مان سنڌ ديس جي آهن جو آواز انساني حقن جي اداري تائين پهچائڻ لاءِ جينيوا وڃي رهيو آهيان. شايد هميشھ لاءِ وڃي رهيو آهيان. پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيان يا ناڪام، پر هيءَ حڪومت مون کي ٻيهر ڪڏهن به پاڪستان جي ڌرتيءَ تي پير پائڻ نه ڏيندي. منهنجي مٺڙي ماءُ، اڄ پويون دفعو مون کي مٺي ڏيئي سيني سان لڳاءِ. مان تنهنجي ٿڃ ۽ سنڌوءَ جو پاڻي قيامت ڏينهن بخشائڻ لاءِ جلاوطن ٿي رهيو آهيان.“ امڙ مونکي مٺي ڏيئي سيني سان لڳايو هو. سندس اکيون آليون نه ٿيون هيون. پاڻ کان جدا ڪندي مون کي دعائون ڏنيون هئائين، پر خدا حافظ نه چيو هئائين. خدا حافظ چوڻ بدران چيو هئائين: ”گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئن ٿورا ڏينهڙا. ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن واهي رڻ جا.“
بيري جي آواز تي خيالن جا ڀٽڪندڙ سلسلا ماضيءَ جي ڌنڌ مان موٽي آيا. بيري ادب سان چيو، ”مال روڊ تي گڙٻڙ وڌي ويئي آهي. اسين هوتل بند پيا ڪريون.“
بل ڏيئي ”انڊس“ مان ٻاهر نڪري آيس. وقت ڏٺم. منجهند جو هڪ ٿي رهيو هو. اُس ۽ ماڻهن جي پيهه سبب سيءُ گهٽ ٿي ويو هو. ٽيئر گئس جو دونهون اکين ۾ چڀڻ لڳو. مون رمال ڪڍي اکين تي رکيو. ٽولٽن مارڪيٽ وٽ پوليس ۽ شاگردن جي ويڙهه هلي رهي هئي. ٽيئر گيس جي گولن جا ٺڪاءَ ٿي رهيا هئا. شاگردن جي پٿربازيءَ سان گهرن، دڪانن، موٽرن ۽ بسن جا شيشا چور ٿي رهيا هئا.
مال روڊ جا دڪان ذري گهٽ بند هئا. ڪن دڪانن جا اڌ طاق کليل هئا، جن مان دڪانن جا سيلز مين ڳاٽ ڪڍي ٽولٽن مارڪيٽ ڏانهن نهاري رهيا هئا.
مان الفلاح بلڊنگ ڏانهن هلڻ لڳس. ماڻهن جي ڪُلهي گس هجوم ۾ هڪ مان ئي هوس جنهن جي پٺ ٽولٽن مارڪيٽ ڏانهن هئي ۽ انسانن جو سمنڊ جهاڳيندو الفلاح بلڊنگ ڏانهن وڌندو پي ويس. ”ڪشمير شال هائوس“ کان ”ليڊيز ڪارنر“ تائين رنگا رنگي ڪپڙن واريون پنجابي ڇوڪريون ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي بيٺيون هيون ۽ نعرا هڻي رهيون هيون. سندن هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جن تي مختلف نعرا لکيل هئا. ان هنڌ ماڻهن جي پيهه گهڻي هئي.
الفلاح بلڊنگ تي پوليس جو زبردست پهرو هو. لوهي ٽوپلن وارا سپاهي هٿن ۾ سنگينون لڳل رائيفلون جهلي بيٺا هئا ۽ خونخوار نظرن سان راهگيرن ڏانهن ڏسي رهيا هئا.
”الفلاح“ ڏانهن وڌندي مان هڪ پل لاءِ بيٺس. رائيفلون ۽ رائيفلن ۾ لڳل سنگينون ڏسي پنهنجي بدن ۾ سيسڙاٽ محسوس ڪيم. ائين پئي ڀانيم، ڄڻ ته منهنجي جسم ۽ رائيفلن ۽ سنگينن جي وچ ۾ ڪو نظر نه ايندڙ سنٻڌ هو، لاڳاپو هو، تعلق هو.
”ڇا پيو ڪرين؟“ هڪ صوبيدار سخت کهري آواز ۾ پڇيو.
مون ڏانهس ڏسندي فقط هڪ لفظ چيو، ”جي.“
”هتي ڇو بيٺو آهين؟“
”ڇو؟“
”منهنجي سوال جو جواب ڏي. هتي ڇو بيٺو آهين؟“
”بيٽر بڪس ڏانهن وڃڻو اٿم.“
”اهو (گار) بيٽربُڪس وري ڇا هي؟“
مون بيٽر بڪس ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هو جيڪو ڪنڊ وارو ڪتابن جو دڪان آهي نه، تنهن جو نالو بيٽربڪس آهي.“
صوبيدار مونکي هٿ لائي ڦوليو. جڏهن پڪ ٿي ويس ته منهنجي وَرَ ۾ ائٽم بم لڪل نه هو، تڏهن مونکي دڪان ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏنائين.
زهره اڳواٽ دڪان تي بيٺي هئي. مون کي ڏسڻ شرط مون تائين هلي آئي. فڪرمند پي ڏٺي. پڇيائين، ”صوبيدار توکي ڇو روڪيو هو.“
”منهنجو انٽرويو پي ورتائين.“ وراڻيم، ”پاڪستان تي خدا جي فضل و ڪرم سان اهو دور به اچڻ وارو آهي، جڏهن پوليس وارا پنهنجي مرضيءَ ۽ سهولت مطابق اسان کي جيئري رهڻ جي ڏوهه ۾ چالان ڪندا.“
زهره چيو، ”ماحول خراب آهي. شهر ۾ بلوو ٿيڻ وارو آهي.“
”وراڻيم، ”خوشيءَ جي ڳالهه آهي.“
”خوشيءَ جي ڳالهه آهي!“ هن حيرت مان پڇيو، ”تون
عجيب ماڻهو آهين! توکي ڀؤُ نٿو ٿئي؟“
”ڇا جو؟“
”بلوي جو.“
”بلوو مون مولائيءَ کي ڇا ڪندو. منهنجي ڪهڙي مل يا ڪارخانو آهي جيڪو سڙي ويندو.“
”پر، تڏهن به.“
”ڪٿي تون ڪنهن مل جي مالڪياڻي ته ناهين!“
زهره جي منهن مان پريشاني ظاهر ٿيڻ لڳي. چيائين، ”هل. فليٽ تي موٽي ٿا هلون.“
”نه زهره.“ وراڻيم، ”اڄ فليٽ تي نه هلنداسين. اڄ بي- آر- بي نهر وٽ اُها جاءِ ڏسنداسين جتي تنهنجو خالد شهيد ٿيو هو.“
زهره مون کي عجيب نظرن سان ڏٺو. اڳ ڪڏهن به مون کي اهڙين نگاهن سان نه ڏٺو هئائين. انهن نگاهن ۾ مون کي ايتري ته پنهنجائپ محسوس ٿي جو فيصلو ڪري ڇڏيم ته اڄ ڪجهه به ٿي پوي، زهره کي ٻڌائيندس، ته زهره جيڪڏهن تون شهيد ڪئپٽن جي زال آهين، ته مان به وطن پرست آهيان. وطن پرست جي محبت جي دنيا جي ڪابه محبت مقابلو ڪري نٿي سگهي. مون ٻيهر زهره ڏانهن ڏٺو. نگاهن ۾ پيار هوس، خوف هوس. چيائين، ”سڀاڻي هلنداسين.“
”سڀاڻي!“ منهنجي آواز ۾ يا لهجي ۾ الاءِ ڇا هو جو زهره ڇرڪ ڀري مون ڏانهن ڏٺو.
دل ۾ آيو ته چوانس، چري تون ڪهڙي ”سڀاڻي“ جي ڳالهه ٿي ڪرين. منهنجي لاءِ هن ملڪ ۾ ”سڀاڻي“ ڪڏهن نه ايندي، اڄوڪي شام هن ملڪ ۾ منهنجي آخري شام آهي. مان سڀاڻي کان اڳ توکان هميشھ لاءِ وڇڙي ويندس ۽ زهره جڏهن مان نه هوندس تڏهن منهنجي ياد تنهنجي دل مان دنيا جي هر مرد جي ياد کي تڙي ڪڍندي. اسان سنڌين جي محبت ۽ نفرت جو ڪو انت ڪونهي. پر گونگي دل جي ڳالهه زبان تائين نه آئي. فقط ايترو چيم، ”سڀاڻي جي ڳالهه نه ڪر زهره. جيڪي ٿيڻو آهي، ڀَلُ ته اڄ ٿي وڃي.“
زهره چيو، ”مون کي خبر آهي، تون ضدي آهين. تون نه مڃيندين.“
غم اکين مان ليئا پائڻ لڳس. ڪلهن تان ڪشميري شال کسڪي ويس. دڪان کان ٻاهر ڏسڻ لڳي.
اسين دڪان مان نڪري آياسين. ”الفلاح“ تي پهرو ڏيندڙ سپاهين منهن ورائي اسان ڏانهن ڏٺو. پريان صوبيدار بيد جو لڪڻ پنهنجي ڪلف لڳل پتلون سان هڻندي کنگهڪار ڪئي. زهره پڇيو، ”اسان جي ملڪ مان پوليس کي ختم ڪيو وڃي ته جيڪر ڇا ٿي پوي.“
”ڇا وري ڇا!“ مون صوبيدار ڏانهن ڏسندي چيو، ”چوريون، خون، ڌاڙا، بدمعاشيون جيڪر هڪدم ختم ٿي وڃن.“
زهره جي چپن تي مرڪ تري آئي. اسين الفلاح جي حدن مان نڪري وياسين. ٻئي ڪجهه دير خاموش هلندا رهياسين.
زهره چيو، ”لڪشمي چوڪ وٽان ٽيڪسي ملي ويندي.“
”ٽانگي ۾ هلنداسين، زهره.“ وراڻيم، ”ڀل ته اڄ وقت جون محدود گهڙيون اينگهجي وڃن.“
”ڇو اينگهجي وڃن؟“ زهره منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺو.
چيم، ”دل چاهي ٿي ته زندگيءَ جي هلندڙ هڪ هڪ ساعت صدي ٿي پوي ۽ اها ساعت تنهنجي ويجهو گذاري ڇڏيان ۽ پوءِ جڏهن هتان هليو وڃان، تڏهن پاڻ سان اهو وهم کڻي وڃان ته تون مون سان آهين، مون وٽ آهين.“
زهره هلندي هلندي بيهي رهي. پاسي مان ڦري منهنجي سامهون اچي بيٺي. پڇيائين، ”ڪٿي تون مونسان محبت ته نٿو ڪرين.“
مون کي پنهنجي مرڪ جي ڪوڙاڻ محسوس ٿي. چيم، ”لڪشمي چوڪ وٽان ٽانگو ملي ويندو.“
چيائين، ”منهنجي ڳالهه نه لنواءِ.“
”ڪهڙي ڳالهه.“
”اهائي ته ڪٿي تون مونسان محبت ته نٿو ڪرين.“
”مان فقط ايترو ڄاڻان ٿو.“ وراڻيم، ”ته مان جنهن عورت سان محبت ڪندو آهيان، تنهن عورت جي دل ۾ ڪنهن ٻئي مرد جي ياد جون سرحدون نڪتل آهن.“
ائين منهن ڦيرايائين ڄڻ مون کان منهن تي اُسري آيل تاثر پي لڪايائين. مون کان وک کن اڳڀرو ٿي هلڻ لڳي.
لڪشمي چوڪ وٽ فساد جا آثار نه هئا. ٽانگو ڪري بي- آر- بي نهر ڏانهن روانا ٿياسين. ڳپل وقت ٻئي خاموش ويٺا هئاسين. زهره کي چيم، ”ڪجهه ڳالهاءِ نه زهره.“
ٿڌو ساهه کڻي چيائين، ”ڇا ڳالهايان.“
چيم، ”اهو به مونکي ٻڌائڻو پوندو ڇا؟“
پوءِ، جڏهن ڳالهائڻ لاءِ ڪنهن ڳالهه جو منڍ نه مليس، تڏهن پڇيائين، ”ماني کاڌي اٿئي.“
”اڄ اجاين ڳالهين ۾ وقت نه وڃائينداسين.“ ورائيم، ”اڄ اچ ته اهڙيون ڳالهيون ڪريون زهره، جيڪي آئنده زندگيءَ ۾ نه تون وساري سگهين ۽ نه مان.“
غور سان مونڏانهن ڏسندي چيائين، ”اڄ تون اُهو ناهين جيڪو روز هوندو آهين.“
مونکي کل آئي. پڇيومانس، ”اڄ منهنجي مٿي تي سڱ نڪري آيا آهن ڇا؟“
”چرچي ۾ ڳالهه نه ٽار.“
”ڇا جي ڳالهه.“
”هاڻي ايڏو ڀورڙو به ناهين.“
”ته سچ پچ ٻڌايانءِ؟“
”جي مرضي پويئي ته.“
”ته ٻڌ.“ مون آواز ڳورو ڪندي چيو، ”عزيز هم وطنو، ايوب خان جي جاءِ تي مان اسلامي جمهوريه پاڪستان جو صدر ٿيڻ وارو آهيان.“
”هونهه.“ زهره خفي ٿي ويئي. چيائين، ”مان به ڪا صفا بيوقوف آهيان. ڀلا مون کي ڪهڙو حق ٿو پڄي جو تو کان تنهنجين ذاتي ڳالهين جي باري ۾ ڪجهه پڇان!“
”زهره.“ مون سندس اُداس اکين ۾ ڏسندي چيو، ”دنيا ۾ فقط ٻه عورتون آهن جن کان مان ڪجهه لڪائي نه سگهندو آهيان. انهن مان هڪ تون آهين ۽ ٻي منهنجي ماءُ.“
”اجايون ڳالهيون نه ڪر.“ پڇيائين، ”جڏهن کان لاهور آيو آهين، تڏهن کان ڪڏهن ڀلجي به پنهنجي ماءُ کي خط لکيو اٿئي.“
”مون ضرورت محسوس نه ڪئي.“
”تون ڪهڙي قسم جو پٽ آهين. ماءُ کي خط لکڻ لاءِ به ضرورت محسوس ڪبي آهي!“
مون پنهنجي اندر ۾ آنڌ مانڌ محسوس ڪئي. چيم، ”امڙ مون کي هلڻ وقت خدا حافظ نه چيو هو، زهره.“
”خدا حافظ نه چيو هئائين توکي!“ حيرت مان پڇيائين.
وراڻيم، ”خدا حافظ کان ڪجهه وڌيڪ چيو هئائين.“
پڇيائين، ”خدا حافظ کان وڌيڪ هڪ ماءُ پنهنجي پٽ کي ٻيو ڇا چئي سگهندي. جنگ تي موڪلڻ مهل به ماءُ پنهنجي پٽ کي خدا حافظ چوندي آهي.“
کيس ٻڌايم، ”پر سرڪش سنڌين جون مائرون موڪلائڻ مهل ”خدا حافظ“ چوڻ کي بزدليءَ جي علامت سمجهنديون آهن.“
پڇيائين . ”ته پوءِ سنڌي مائرون پنهنجن پٽن کي الوداع ڪيئن ڪنديون آهن.“
جواب ڏنم، ”الوداع ڪرڻ مهل سنڌي مائرون پنهنجي پٽن کي چونديون آهن: گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا – ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن واهي رڻ جا.“
”مان پنهنجي ڪند ذهن سان توکي ڪڏهن به سمجهي نه سگهنديس.“ هن جهيڻي آواز ۾ چيو، ”تون ڪير آهين. لاهور ۾ ڇا ڪرڻ آيو آهين! مان توکي سمجهي نه سگهنديس.“
”ڇا ڪندينءَ مونکي سمجهي.“ آواز ۾ درد جو احساس ٿيم. چيم، ”سمجهجانءِ، زندگيءَ جي سفر ۾ هڪ مسافر ساهي پٽڻ لاءِ ترسيو هو، هليو ويو.“
”مون کي خبر آهي.“ زهره جي لهجي ۾ لوڇ هئي. چيائين، ”مون کي خبر آهي ته هڪ ڏينهن تون هليو ويندين.“
دل جهلي، منهن ٻئي پاسي ڪندي چيم، ”منهنجي وڃڻ جي ويل اچي ويئي آهي، زهره.“
زهره ڦتڪي، ڦيرو کائي، مون کي ڪلهي کان وٺي منهنجو منهن پاڻ ڏانهن ڪري ڇڏيو. پتليون پٿر ٿي ويس. خالي نگاهن سان مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. مون محسوس ڪيو، جيڪڏهن اسين ٽانگي ۾ نه هجون ها، اڪيلا هجون ها، هوءَ مون کي ڀاڪر ۾ ڀري روئي پوي ها. ضبط ڪندي غمناڪ لهجي ۾ فقط ايترو چيائين، ”تون هليو ويندين.“
سندس ان هڪ جملي ۾ سڄي دنيا جو درد هو، ڏک هو. اهو هڪ جملو سندس صدمي جو شاهد هو. اُن وقت مان اهو سمجهي نه سگهيس ته شهيد مڙس جي ياد جو مندر من ۾ کڻي هلڻ واري عورت منهنجي لاءِ ايتريقدر بيچين ڇو ٿي پيئي! مون اوپري، اجنبي شخص لاءِ ان حد تائين بيڪل ڇو ٿي پيئي جو مان گهڙي کن لاءِ اهو سوچڻ تي مجبور ٿي پيس ته ڄڻ سندس من ۾ خالد جي ياد جو مندر مسمار ٿي ويو. هڪ لحظي لاءِ وهم ورائي ويو، ته اُهي سرحدون جن کي مان اُڪري نه سگهيو هوس، آخري ملاقات ۾ پار ڪري زهره جي هيڪلي دل ۾د اخل ٿي ويو هوس. پر غلط فهمي يا خوشفهميءَ وارو پل اک ڇنڀ ۾ گذري ويو.
آهستي چيم، ”مون کي پنهنجي خالد جون ڳالهيون ٻڌاءِ.“
”ڇاٻڌايانءِ.“
”خالد جي حب الوطنيءَ جي باري ۾ ٻڌاءِ.“
”هو وطن لاءِ مرڻ کي موت جي معراج سمجهندو هو.“
”ٺيڪ سمجهندو هو تنهنجو خالد.“ وراڻيم، ”پر زهره، ڪجهه انسان وطن لاءِ اهڙي نموني سر جو نذرانو ڏيندا آهن، جو سندن موت معراج کان مٿي ٿي ويندو آهي.“
زهره ڪجهه حيرت ۽ ڪجهه اُداسائيءَ واري نگاهه سان مون ڏانهن ڏٺو. ڄڻ منهنجي ڳالهه تي يقين نه پئي آيس. فقط ايترو چيائين، ”ائين وري ڪيئن هوندو.“
چيم، ”اُهي ڌرتيءَ جا لال يونيفارم نه پائيندا آهن. هر مهيني پگهار نه وٺندا آهن. سندن ياد ۾ سيمنٽ جا سهڻا يادگار کڙا نه ڪيا ويندا آهن. هُو جڏهن ڌرتي ماءُ جو سڏ ٿيندو اٿن، تڏهن سر جو صدقو ڏيئي حب الوطنيءَ جي تاريخ پنهنجي رت سان لکي ڇڏيندا آهن.“
زهره ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. مون ڏانهن ائين ڏسڻ لڳي. ڄڻ مون کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.
ٽانگو شهر کان پري نڪري آيو هو. رستي جي ٻنهي پاسن کان ٿوهر هئا. ٿوهرن کان پَر َ ڀرتو زمين جي مٿاڇري تي ساوڪ جي سائي چادر وڇايل هئي.
ٽانگي واري ٻيڙي دکائي ڪش هنيو. هو ويڪري هاٺيءَ وارو ڪراڙو قداور مڙس هو. جهاڪن جو هريل هو. ٽانگو جهاڪن ۾ جهڄڻ لڳو ۽ هو سلطان باهوءَ جو ڪلام آهستي آهستي جهونگارڻ لڳو:
”دردمندان ديان آهين ڪولون پهاڙ پٿر دي جهڙدي هو،
دردمندان ديان آهين ڪولون ڀَج ناگ زمين وچ وڙدي هو
دردمندان ديان آهين ڪولون آسمانون تاري جهڙدي هو،
دردمندان ديان آهين ڪولون ”باهو“ عاشق مول نه ڊردي هو.“
زهره ۽ مون هڪٻئي ڏانهن ڏسي ورتو.
جهاڪن ۾ جهڄندي ٽانگي وارو جهونگاريندو رهيو. ”درد اندر دا اندر ساڍي، باهر ڪران تان گهائل هو، حال اَ ساڍا اوه ڪينو، ين، جانن، جو دنيا تي مائل هو، بحر سمندر عشقي والا، هردم هندا جائل هو، پهچ حضور اسان نه ”باهو“ اسان نام تيري، تي مائل هو.“
مون زهره ڏانهن ڏٺو. هوءَ ڪنهن ڪشمڪش ۾ پئجي ويئي هئي. اکيون ٽانگي جي ڦرندڙ ڦيٿي تي کپائي ڇڏيون هئائين. هٿن جون آڱريون هڪٻئي ۾ وچڙيل هئس. ڪشميري شال سُرڪندي، لهي اچي هنج ۾ پيئي هئس. پوءِ جڏهن ٽانگو بي- آر- بي نهر وٽ اچي بيٺو، تڏهن به هوءَ خيالن جي ڪاڪ مان نڪري نه سگهي. سمت ۾ نه آئي. من جڏهن شال هنج مان کڻي سندس ڪلهن تي ويڙهي، تڏهن هن هلڪڙو ڇرڪ ڀريو. هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، اکيون ڇنڀي ورتائين. پوءِ ٽانگي مان لهندي جڏهن پير پائدان تي رکيائين، تڏهن پير ڪنبي ويس. ٽانگي جي ڍمڻ ۾ مٺ وڌائين، ته مٺ پئجي نه سگهيس.
سر گوشيءَ ۾ کيس سڏيم، ”زهره.“
هن منهن هيٺ ڪري ڇڏيو. ڪنڌ جهڪائي ڇڏيائين. ڪُلهن جي ڪنبڻ مان سمجهيم ته هوءَ اندر ئي اندر ويرون وڍجي رهي هئي. اڌمن کي ٻاهر اچڻ کان روڪي رهي هئي.
کيس ٻيهر آهستي سڏيم، ”زهره.“
هن منهن مٿي نه ڪيو ۽ پوءِ الاءِ ڪيئن لفظن کي ڪنبندڙ چپن تائين آندائين. چيائين، ”هتي، اصل هن جاءِ تي منهنجي خالد هندستاني فوج جي هڪ ڪمپنيءَ کي ٽن ڪلاڪن تائين اڪيلي سر روڪي ڇڏيو هو.“
مان ٽانگي مان لهي، ٻئي پاسي کان ڦري زهره جي ڀرسان اچي بيٺس. هن جو هڪ پير پائدان تي هو ۽ ٻيو ٽانگي جي هودي ۾. ڪنڌ مٿي نه ڪيائين. شايد مون کان لڙڪ لڪائي رهي هئي.
مون ٽانگي واري کي چيو، ”واپس هل.“
”ترس“ زهره هڪدم چيو. رئي جي پلاند سان اکيون اُگهي ٽانگي مان لهي آئي. نوڙي ڌرتيءَ تان مٽيءَ جي چپٽي ڀري پنهنجي سينڌ ۾ وڌائين ۽ پوءِ، جيئن بند ڀڄي پون ۽ ساوڻيءَ جو سنڌو ملڪ کي جل ٿل ڪري ڇڏي، تيئن زهره جي برداشت جو بند ڀڄي پيو. هوءَ رئي ۾ منهن لڪائي، اوڇنگارون ڏيئي روئي پيئي.
”زهره.“ مان ڪجهه چئي نه سگهيم. کيس آٿت ڏيڻ لاءِ مون وٽ لفظ نه هئا. کيس هنجون هاريندي ڏسي سوچيم، هيءَ عورت نڪاح جي ٻن ٻولن ۾ ٻڌل نه آهي. هن عورت کي پنهنجي شهيد مڙس سان عشق آهي. مان ستن جنمن ۾ به خالد جي ياد زهره جي دل مان تڙي نه سگهندس.
سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيم، ”زهره، دل جي درد لاءِ اکيون آب حيات بخشي سگهن ها، ته جيڪر دنيا مان غم موڪلائي وڃي ها. نه روءُ زهره، نه روءُ.“
ٽانگي وارو ٽانگو ڇڏي، ٻيڙي ڇڪيندو ڪنڊين ڏانهن هليو ويو.
زهره پنهنجو منهن منهنجي سيني ۾ لڪائي ڇڏيو. سندس روڪيل روڪيل سڏڪا منهنجي روح مان پار ٿيندا ويا.
چيم، ”زهره، پنهنجي ڏک جو ڏونگر مون کي ڏيئي ڇڏ. اڄ رات کان منهنجي زندگيءَ جو جيڪو سفر شروع ٿيندو، تنهن ۾ اهو ڏونگر مان ڏيهان ڏيهه کڻي گهمندين.“
هوءَ مون کان پري ٿي بيٺي. آلين اکين سان مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. ڪجهه نه چيائين. رئي جي ڪنڊ سان اکيون اُگهي ٽانگي ۾ چڙهي ويٺي. مان ڀرسان وڃي ويٺو مانس.
ٽانگي وارو ڪنڊين وٽان موٽي آيو. پڇيائين، ”ڪيڏانهن هلان.“
”چيم، ”بيڊن روڊ.“
”زهره ڀريل آواز ۾ پڇيو، ”ڇو.“
”تون ذهني طرح پريشان آهين.“ وراڻيم، ”منهنجو خيال آهي. پاڻ فليٽ تي موٽي هلون.“
ٿڌو ساهه کڻي پڇيائين ”۽ پوءِ.“
جواب ڏيڻ کان اڳ ڏانهس ڏٺم، ”۽ پوءِ مان هليو ويندس.“
جيئن ڪنڍي ڪليءَ ۾ اٽڪي پوي ۽ بيان کان ٻاهر ايذاءُ ڏئي، تيئن ڪو لفظ زهره جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو. لُڇي هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين. پوءِ ڀريل آواز ۾ ڳالهايائين، ”ڇا اهو ممڪن ناهي ته شاليمار کان ٿيندا هلون.“
ڳجهارت جي ڳنڍ ۾ پيچ پئجي ويو. مقدر جو مام عميق ٿي ويو. سوچيم، اڄ دل جو غوراب غلطفهميءَ جي ڪُنَ ۾ غرق ٿي ويندو. دل کي سمجهايم ته جنهن عورت کي صبح شام خالد جي وائي وات آهي، سان مون سان هرگز محبت ڪري نه سگهندي. هينئر، هن وقت جيڪي ڪجهه رونما ٿي رهيو آهي، سو نظر جو دوکو آهي. سرت سمجهه جو فريب آهي. اهو عذاب فقط منهنجي نصيب جي ڪُتبي تي لکجي ويو آهي ته مان حياتيءَ جي آخري دور ۾ ڪنهن اهڙي عورت سان محبت ڪيان جنهن جي دل ۾ منهنجي لاءِ جاءِ نه آهي.
مون کي خاموش ڏسي، زهره بيحد اُداس لهجي ۾ چيو، ”الفلاح وٽ چيو هوءِ نه، ته اڄ جيڪر زندگيءَ جي هڪ هڪ ساعت صدي ٿي پوي.“
”ها، چيو هوم. پر ان وقت اهو نه سوچيو هوم، ته اسان جهڙن انسانن جي صدي ڪڏهن ڪڏهن ساعت به ٿي پوندي آهي.“ ٽانگي واري کي چيم، ”شاليمار هل.“
بي- آر- بي کان موٽندي سج لهي ويو. سانجهي آئي. آسمان مان اونده ڇڻندي آئي. سيءُ وڌڻ لڳو. زهره پاڻ کي چڱي طرح شال ۾ ويڙهي ڇڏيو. سڙڪ جي ڪناري کان بيٺل بجليءَ جي ٿنڀن ۾ بلب ٻري پيا.
زندگيءَ جو رشتو جڏهن ڇڄي ڌار ٿيڻ تي هوندو آهي، تڏهن لفظ ۽ جملا اظهار جي قوت وڃائي بيمعنيٰ ۽ بيسود ٿي پوندا آهن. اُهي انسان، جيڪي هميشھ لاءِ هڪ ٻئي کان ڌار ٿيڻ لاءِ مهلت جا مهمان هوندا آهن، سي خاموش رهندي به پاڻ ۾ ڳالهائي وٺندا آهن. شاليمار تائين زهره ۽ مون زبان مان اکر نه اُڪليو.
شاليمار جي وڻن، ٻوٽن ۽ ڇٻر تي رنگارنگي بلب جهرمر ڪري رهيا هئا. باغ ۾ ماڻهو تمام گهٽ هئا. شايد شهر ۾ فساد سبب پنهنجي پنهنجي وٿاڻ وڃي ٿانئينڪا ٿيا هئا. ايڪڙ – ٻيڪڙ جوڙي کانسواءِ سمورو باغ ويران هو، جنهن ۾ زهره ۽ مان ٻن بيچين روحن وانگر ماٺ ۽ سانت ۾ ڳاڙهين سرن جي فرش تي هلي رهيا هئاسين. اُن وقت محسوس ڪيم ته اهو ضروري ناهي ته جڏهن اندر ۾ اونده هوندي آهي، تڏهن ستن سجن جي روشني به تاريڪيءَ جي احساس کي ختم ڪري نه سگهندي آهي.
زهره پڇيو، ”صبح مون سان وڃڻ جو ذڪر ڇو نه ڪيو هوءِ.“
”صبح ويل مون کي به خبر نه هئي ته اوچتو وڃڻو پوندوم.“
”وري ڪڏهن لاهور ايندين؟“
”ٻئي جنم ۾“
”ٻئي جنم ۾ اعتبار اٿئي ڇا؟
”ها.“ وراڻيم، ”پر ٻئي جنم ۾ مان جلد ايندس. ان کان اڳ جو ڪو ڪئپٽن يا ميجر تنهنجي دل ۾ منهنجي پيار تي پابندي وجهي ڇڏي، مان توکي حاصل ڪندس.“
ڪجهه هٻڪندي پڇيائين، ”سنڌ ڏانهن ويندين.“
”نه.“
”ته پوءِ؟“
”مونکي خبر ناهي.“
هوءَ چبوتري جي پاسي ۾ رکيل بينچ تي ويهي رهي. مان وڃي ڀر ۾ ويٺو مانس. گوڏن تي ٻانهون رکي ڇٻر جي روشنين ڏانهن ڏسڻ لڳي. پڇيومانس، ”ڇا پيئي سوچين؟“
ڪنڌ مٿي ڪرڻ بنا ڳالهايائين، ”وقت پر ڪري اڏامندو ٿو وڃي.“
مان خاموش رهيس.
پڇيائين، ”خط لکندين.“
”چاهيندي به نه لکي سگهندس“ آهستي وراڻيم.
بينچ جي پٺيءَ سان ٽيڪ ڏيئي ويٺي. هن ڪنهن حد تائين پاڻ سنڀالي ورتو هو. مون ڏانهن ڏسندي پڇيائين، ”مون کي ياد ڪندين.“
”اهو پڇي ڇا ڪندينءَ.“ وراڻيم، ”پڇ ته توکي ڪڏهن وساري به سگهندس.“
”مون ۾ ڇا رکيو آهي جو مون کي وساري نه سگهندين.“
هوءَ بينچ تان اُٿي ويئي. ڳاڙهين سرن جي فرش تي اڳڀرو هلي ويئي.
”ترس زهره.“
هوءَ پٺيري بيهي رهي. سندس پٺيان وڃي بيٺم. چيم، ”ان کان اڳ جو مان هميشھ لاءِ هتان هليو وڃان، مان اهو اظهار ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته تون منهنجي پهرين ۽ آخري محبت آهين.“
”نه نه.“ زهره هڪدم منهن ورايو. چيائين، ”توکي مون سان محبت ڪرڻ نه گهرجي.“
”اهو منهنجي وس ۾ ناهي.“ چيم، ”اهو ڄاڻندي به، ته توکي پنهنجي شهيد مڙس جي ياد سان بيپناهه پيار آهي، مون توسان محبت ڪئي آهي، زهره.“
”مان جو چوانءِ ٿي توکي مون سان محبت ڪرڻ نه گهرجي.“
”مان پنهنجي اڻميي پيار جي عيوض توکان ڪنهن به قسم جي طمع نٿو رکان.“
”پر“ هوءَ هڪٻئي پيئي چيائين، ”منهنجو مطلب آهي، مان تنهنجي محبت جي قابل ناهيان.“
”يا تون مونکي محبت جي لائق نٿي سمجهين،“ هڪدم چيم.
”نه نه. ائين ناهي.“ هوءَ چپ ٿي ويئي.
مون سندس پريشان اکين ۾ ڏسندي چيو، ”مان اڌ رات ڌاري هميشھ لاءِ هتان هليو ويندس. وڃڻ کان اڳ فقط ايترو پڇڻ گهران ٿو ته جنهن عورت کي مان عبادت جي حد تائين چاهيندو رهيو آهيان، تنهن عورت جي دل ۾ منهنجي محبت ٻئي مرد جي ياد کي ميساري سگهي آهي يا نه.“
مون زهره جا چپ ڪنبندي ڏٺا. چيائين، ”خبر اٿئي مان ڪير آهيان؟“
”مان فقط ايترو ڄاڻان ٿو زهره،“ وراڻيم، ”جهڙي محبت مون توسان ڪئي آهي، تهڙي محبت اڄ تائين دنيا جي ڪنهن به مرد ڪنهن عورت سان نه ڪئي هوندي.“
چپن تي زهريلي مرڪ ۽ اکين ۾ غم تري آيس. چيائين، ”مون سان محبت نه ڪر.“
چيم، ”دنيا جي ڪابه طاقت مون کان محبت جو حق کسي نٿي سگهي.“
صنوبر جي ٿڙ سان ٻڌل ٽيوب لائيٽ جي روشنيءَ ۾ زهره جون اکيون لڙڪن سان ٽمٽار ٿيندي ڏٺم. پوءِ ڌڏندڙ ۽ ڪنبندڙ آواز ۾، ڀڳل ٽٽل لهجي ۾. جنهن ۾ صدين جي ستم جو سماع هو، چيائين، ”مان وئشيا آهيان.“
مون کي پنهنجن ڪنن تي اعتبار نه آيو.
زهره جون اکيون ملهار ٿي پيون. چيائين، ”مان توکي دوکي ۾ رکڻ نٿي چاهيان. مان فاحشه آهيان. ”ڪال گرل“ آهيان.
شاليمار جا جهرمر ڪندڙ بلب ٿوري دير لاءِ منهنجين نگاهن ۾ وسامي ويا. هيبتناڪ اونده وايومنڊل کي اڳري ويئي.
تڏهن زهره جو آواز ٻڌم، ”مون کي معاف ڪر. مون توکي دوکي ۾ رکيو هو. منهنجا اهڙا ڀاڳ ڪٿي جو ڪنهن شهيد ڪئپٽن جي زال سڏائي سگهان.“
وايومنڊل اونده جي ڪُن مان نڪري آيو. رنگا رنگي بلبن جي روشنيءَ ۾ زهره جي پنبڻين تي لڙڪن جا موتي چمڪندي ڏٺم. سندس هٿ ۾ هٿ ڏيندي چيم، ”ڪجهه انسان پنهنجي وجود ۾ خواهشن ۽ تمنائن جو قبرستان کڻي گهمندا آهن ۽ ڪجهه انسان انهن خواهشن ۽ تمنائن جي رڃ پٺيان ڊوڙندي رڻ ۾ رُلي ويندا آهن. ڪن انسانن جا خواب خسيس ۽ سطحي هوندا آهن ۽ ڪي تو وانگر هڪ آدرش جي تڪميل لاءِ زندهه رهي زندگيءَ جو زهر پيئندا آهن.“
زهره ڏک وچان چيو، ”مان فقط ايترو ڄاڻان ٿي، ته مان ڌڪارڻ لائق آهيان.“
”مون توکي تنهنجي ماضي، حال ۽ مستقبل سميت چاهيو آهي.“ وراڻيم، ”تون جيئن آهين، جهڙي آهين، منهنجي محبت جو مرڪز آهين.“
مون کان اڳڀرو هلندي پڇيائين، ”تون ڪهڙي قسم جو مرد آهين! مونکي ڌڪارين ڇو نٿو. مونکان نفرت ڇو نٿو ڪرين؟“
جواب ڏنم،”اسين سنڌ ملڪ جا ماڻهو عورت ۽ ڌرتيءَ جي عزت ڪندا آهيون.“
زهره حوض جي ڦوهارن وٽان ڦري باره دريءَ ڏانهن هلي ويئي. مان پريان کيس ڏسندو رهيس. هوءَ چيڙهه جي ڀرسان ٽڪوما جي گلن وٽ بيهي رهي. ٽڪوما جي ٽارين ۾ اڇا- ساوا ننڍڙا بلب ٻري رهيا هئا. هن چيڙهه جي ٿر سان ٽيڪ ڏيئي، روشنين کان منهن موڙي، اوندهه ڏانهن رخ ڪري ڇڏيو. وڌي وڃي سندس ڪلهي تي هٿ رکيم. سرگوشيءَ ۾ چيم، ”زهره.“
هوءَ چيڙهه جي ٿڙ وانگر ساڪت هئي.
”زهره“ مون ٻيهر آهستي کي سڏ ڪيو.
هن اوندهه مان وراڻيو، ”مان توکي پنهنجو مڪروهه منهن ڏيکارڻ جهڙي ناهيان.“
”تون منهنجي لاءِ ساڳي زهره آهين.“ سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيم، ”تون منهنجي لاءِ ساڳي زهره آهين، ڪنهن شهيد ڪئپٽن جي زال.“
زهره اوندهه ۾ اکيون وجهي ڀڳل ٽٽل لهجي ۾، جنهن ۾ بيپناهه ايذاءُ جو احساس هو، درد هو، چيو، ”مون کان هميشھ نفرت ڪئي ويئي آهي. منهنجي جسم کي ته چاهيو ويو آهي، پر ڪنهن به منهنجيءَ دل جي اڪيلاين ۾ داخل ٿي مونکي محبت نه ڏني آهي.“
”مون کي به انهن مان هڪ ٿي سمجهين؟“
”مان تنهنجي ڳالهه ته نٿي ڪريان.“
”تون پنهنجي ڳالهه پوري ڪر زهره.“
”منهنجو مطلب آهي.“
”هٻڪُ نه. يقين ڪر، مان پنهنجي اڻميي پيار جي عيوض توکان ڪنهن به قسم جي طمع نٿو رکان.“ مون ڏک وچان چيو، ”مان ته ڪجهه گهڙين جو مهمان آهيان. ٿوري دير کانپوءِ هميشھ لاءِ هليو ويندس.“
”تون عجيب انسان آهين.“ زهره وچڙيل لهجي ۾ ڳالهايو. چيائين، ”سڀ ڪجهه ڄاڻندي به مون کي چاهين ٿو.“
وراڻيم، ”مون ڏيتي ليتي نه ڪئي آهي، زهره. مون محبت ڪئي آهي.“
”پر ڇو؟“ هن سخت ڪشمڪش مان پڇيو، تو مون سان محبت ڇو ڪئي آهي.“
”تنهنجو سوال بلڪل بي معنيٰ آهي.“ چيم، ”اهڙو سوال مون کان وري ڪڏهن به نه پڇجانءِ.“ مون کي لهجي جي ڪوڙاڻ جو احساس ٿيو.
زهره جي منهن مان تعجب ظاهر ٿيو. ڏک جو ڏيک گهڙي پل لاءِ اکين جي حيرت ۾ گم ٿي ويس. چتائي مون ڏانهن ڏٺائين. پوءِ آهستي، پر چٽي آواز ۾ پڇيائين، ”تون ڪير آهين؟“
مون کيس جواب نه ڏنو.
هن ٻيهر پڇيو، ”تون ڪير آهين.“
مان تڏهن به خاموش رهيس.
”توکي ٻڌائڻو پوندو،“ هوءَ بيچين ٿي پيئي. چيائين، ”ٻڌائين ڇو نٿو، ته تون ڪير آهين.“
مون سندس سوال نظرانداز ڪري ڇڏيو. ورائي پڇيومانس، ”مون سان موت جي سفر تي هلندينءَ، زهره.“

[b]پڄاڻيءَ جي شروعات:
[/b]زهره منهنجين ٻانهن ۾ هئي. ٽپهريءَ جو سج آسمان مان باهه ڇڏي رهيو هو. رت وهي وڃڻ سبب زهره جو منهن هيڊ جهڙو ٿي ويو هو. اکيون ڏرا ڏيئي ويون هئس. چپ اُڃ کان سُڪي ٺوٺ ٿي ڏري پيا هئس. بدن ست ڇڏيندو پي ويس.
رائيفل جي گولي کيس ساڄي ٽنگ جي سٿر ۾ لڳي هئي. سٿر جو هڏو چٿجي چور ٿي ويو هئس. ٽنگ مشڪن جي تندن ۾ لٽڪي رهي هئس. مان کيس ترائيءَ مان کڻي، پٿرن تان ٿڙندو ٿاٻڙندو جبل جي ڳپل چاڙهي چڙهي آيو هوس.
ترائيءَ جي پرئين پاسي کان رينجرس ۽ سرحدي فوج جا گهوڙيسوار مٽيءَ جو طوفان اڏائيندا پي آيا.
اڌ چاڙهي چڙهڻ کانپوءِ منهنجو پنهنجو ساهه چڙهي آيو. هڪ ڇپ جي ڇانوَ ۾ ساهي پٽڻ لاءِ ترسيم. زهره کي پنهنجي سهاري ٽيڪ ڏيئي ويهاريم. سندس ساهه جو سلسلو وچڙي رهيو هو. منهن منهنجي ڪلهي تي رکي اکيون بند ڪري ڇڏيائين.
مون ٻانهن ورائي سندس منهن پنهنجي سيني ۾ لڪائي ڇڏيو. چيم، ”تو منهنجي لاءِ ڪيترو نه ڀوڳيو آهي، زهره.“
جهيڻي آواز ۾ وراڻيائين، ”مان خوش آهيان. بيحد خوش آهيان.“
کيس ڳراٽڙيءَ ۾ ڪنڊي چيم، ”مون کي معاف ڪر.“
ڪجهه دير تائين جڏهن کيس پاڻ کان پري نه ڪيم، تڏهن نٻل آواز ۾ پڇيائين، ”روئين ته نه ٿو.“
ڏک جي زهر جو ڍُڪ ڀريندي چيم، ”جبل جي چوٽيءَ وٽ اڇو پٿر ڏسين ٿي. زهره. ان پٿر کانپوءِ پاڪستان جي سرحد ختم ٿي ويندي.“
تمام ڪمزور آواز ۾ چيائين، ”مون کي ڪجهه ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.“
مون چپ ڀيڪوڙي اکيون بند ڪري ڇڏيون.
آهستي پڇيائين، ”سنڌ جون سهاڳڻيون پنهنجن ورن کان موڪلائڻ مهل ڇا چونديون آهن.“
منهنجي هانءَ ۾ هٿ پيو . اندر مان درياهه اُڇل کائي اکين تائين هليو آيو، پر پنبڻين جو بند ڀڃي نه سگهيو.
ڇڄندڙ آواز ۾ چيائين، ”ٻڌاءِ نه.“
”منهنجي سنڌ سنڌ مان ٻٻر جي ٽاري ڦٽي نڪتي. دل جهلي چيم، ”سنڌي سهاڳڻيون به ورن کان موڪلائڻ مهل، سنڌي مائرن وانگر چونديون آهن.“ جملو پورو ڪري نه سگهيم.
”ڇا چونديون آهن؟“
”چونديون آهن: گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا -ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن واهي رڻ جا.“
اُجهامندڙ اکيون کولي ڪجهه دير تائين مون ڏانهن ڏسندي رهي. پوءِ نٻل آواز ۾ چيائين، ”منهنجي هڪڙي ڳالهه مڃيندين.“
هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم.
”رينجرس تنهنجي تلاش ۾ آهن.“ جهيڻي جهڄندڙ آواز ۾ چيائين، تون سرحد ٽپي هليو وڃ.“
”نه نه، هرگز نه.“ مون کيس ڀاڪر ۾ ڀري ڀنل پنبڻيون سندس وکريل وارن سان لڳائي ڇڏيون.
منهنجي ڀاڪر ۾ ئي هئي جو ساهه جو گهائل پکي پرڙا هڻڻ لڳس. اُجهاميل اکين ۾ زندگيءَ جو ساڻو ساڻو سج وسامڻ لڳس. پوءِ ٻڏندڙ آواز ۾ لفظ لفظ ڪري جهونگاريائين، ”گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا- ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن واهي رڻ جا.“
”زهره.“ منهنجو سڏ ستن آسمانن تائين پهتو هوندو، پر منهنجي زهره تائين نه پهتو اندر اڌ ٿي پيو.دل جي دنيا رت جي سمنڊ ۾ لڙهي ويئي.
رينجرس ۽ سرحدي فوج جا گهوڙيسوار جبل جهاڳيندا آيا؛ رائيفلون ۽ اسٽين گن تاڻي، گهيرو ٺاهي، اسان ڏانهن وڌڻ لڳا. تڏهن، مان زهره جو لاش ٻانهن ۾ کڻي اٿي بيٺس.

**