ڪھاڻيون
جڏھن مان نہ ھوندس
”جڏهن مان نه هوندس“ ۾ گهڻو ڪري ون يونٽ جي دور جون ڪهاڻيون لکيل آهن، اهو دور جنهن ۾ سنڌ سياسي ۽ شعوري طور اڀري پئي هئي ۽ سياستدانن سان گڏ ليکڪ ۽ اديب به اڳئين مورچي تي موجود رهيا هئا. هي دور آمر فوجي جو دور هو جنهن ۾ سنڌ جي شناخت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. لڇمڻ ڪومل جي ديهانت کانپوء سندس پهرين جنم ڏينهن تي کيس ڀيٽا لاء ڪراچي ۾ ٿيندڙ هڪ پروگرام ۾ امر جليل اهو اقرار ڪيو ته ”جڏهن مان نه هوندس“ اصل ۾ لڇمڻ ڪومل جي هڪ ڊرامي جو نالو هيو جنهن کان متاثر ٿيس ۽ کيس چيم ته مان اهو نالو پنهنجي ڪهاڻي ۽ ڪتاب کي ڏيڻ ٿو چاهيان ۽ ايئن لڇمڻ ڪومل مرڪندي، خوش ٿيندي کيس اجازت ڏئي ڇڏي.
- 5.0/5.0
- 563
- 240
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، ناول نگار ۽ ڊراما نگار امر جليل جي ڪهاڻين جو ڪتاب ”جڏهن مان نه هوندس“ اوهان اڳيان پيش آهي.”جڏهن مان نه هوندس“ ۾ گهڻو ڪري ون يونٽ جي دور جون ڪهاڻيون لکيل آهن، اهو دور جنهن ۾ سنڌ سياسي ۽ شعوري طور اڀري پئي هئي ۽ سياستدانن سان گڏ ليکڪ ۽ اديب به اڳئين مورچي تي موجود رهيا هئا. هي دور آمر فوجي جو دور هو جنهن ۾ سنڌ جي شناخت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. لڇمڻ ڪومل جي ديهانت کانپوء سندس پهرين جنم ڏينهن تي کيس ڀيٽا لاء ڪراچي ۾ ٿيندڙ هڪ پروگرام ۾ امر جليل اهو اقرار ڪيو ته ”جڏهن مان نه هوندس“ اصل ۾ لڇمڻ ڪومل جي هڪ ڊرامي جو نالو هيو جنهن کان متاثر ٿيس ۽ کيس چيم ته مان اهو نالو پنهنجي ڪهاڻي ۽ ڪتاب کي ڏيڻ ٿو چاهيان ۽ ايئن لڇمڻ ڪومل مرڪندي، خوش ٿيندي کيس اجازت ڏئي ڇڏي.
هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1971ع ۾ ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ شايع ٿيو هو. ٽيون ايڊيشن 1991ع ۾ نيپ فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندر نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ امر جليل
- ڇپيو ويو 1991
- ڇپائيندڙ نيو فيلڊس پبليڪيشن
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 12/Nov/2020
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 240 ڀيرا