شاعري

ساجن سونھن سرت

ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ محقق تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي جنھن ۾ وايون، غزل، نظم ۽ ھائيڪا شامل آھن. ابراھيم کرل لکي ٿو:
”تنوير جي “Vision” جو آخري استعارو “سرت“ آهي، سرت ساڃاهه، ڏاهپ، دانشمندي، غور، فڪر، سوچ، آگاهي، سڃاڻپ جهڙن لفظن کي پاڻ ۾ سمائي ٿي، تنوير جي سموري زندگي تحرڪ، جدوجهد، جاڳ، ويڙهه، مقصد تائين پهچڻ لاءِ سرگرم رهي، سنڌي ٻولي جي بچاءَ جي تحريڪ هجي يا ادارن جي اڏاوت، ٻولي ۽ ادب جي واڌ ويجهه، ون يونٽ خلاف عملي جدوجهد، تنوير هڪ سرگرم ڪارڪن طور ڪم ڪيو.“
Title Cover of book ساجن سونھن سرت

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گھر پاران ڪتاب ”ساجن سونهن سُرت“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ محقق تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي جنھن ۾ وايون، غزل، نظم ۽ ھائيڪا شامل آھن. ابراھيم کرل لکي ٿو:
”تنوير جي “Vision” جو آخري استعارو “سرت“ آهي، سرت ساڃاهه، ڏاهپ، دانشمندي، غور، فڪر، سوچ، آگاهي، سڃاڻپ جهڙن لفظن کي پاڻ ۾ سمائي ٿي، تنوير جي سموري زندگي تحرڪ، جدوجهد، جاڳ، ويڙهه، مقصد تائين پهچڻ لاءِ سرگرم رهي، سنڌي ٻولي جي بچاءَ جي تحريڪ هجي يا ادارن جي اڏاوت، ٻولي ۽ ادب جي واڌ ويجهه، ون يونٽ خلاف عملي جدوجهد، تنوير هڪ سرگرم ڪارڪن طور ڪم ڪيو.“
ھي ڪتاب روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران 1996ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندر نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]