سنڌ سلامت پاران
تاريخ سان وڏي ويڌن ڪئي وئي آھي ۽ حڪمرانن يا طاتور ٽولن ھميشہ تاريخ کي پنھنجي لاءِ لکرايو آھي. ڊاڪٽر مبارڪ علي تاريخ کي درست نموني پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو آھي ۽ ھي ڪتاب بہ ان جو ھڪ مثال آھي. ڪتاب ۾ اھم موضوع شامل آھن جيئن سنڌ جي تاريخ ڪيئن لکڻ گھرجي؟ سنڌ جي تاريخ ڪيئن لکي وئي؟ سنڌ جي تاريخ جو پس منظر، سنڌ جي تاريخ تي غير ملڪي حملا آورن جا اثر، سنڌ جي تاريخ نويسي، شڪارپور ۽ حيدرآباد جا خاننہ بدوش واپاري ۽ سنڌ جو آواز.
سنڌ جي تاريخ تي ھي ڪتاب 2001ع ۾ فڪشن ھائوس، لاھور پاران ڇپايو ويو جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندر نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]